سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات شاهه محمد ديدڙ

صفحو :4

 

قصو دلو ۽ طالب

 

1. اول صفت ڪر الله جي، سدائين ساراه،

بيچون آهي بي مثل، جو خَالق، خلقُ الله،

ڪُن منجهون قادر ڪئي، باريءَ سڀ بناه،

ماڻهو، جِنّ، مَلَڪَ ٿيا، مهر منور ماه،

ديوَ، پَريون، داور ڪيون، هزده الف(1) ارواح،

سڀ ڪنهن تي سائينءَ جي، سدا نظر نگاه،

صاحب، صفت جو ڌڻي، باري بي پرواه،

تنهن جي سنجهه صباح، ڪر تعريف طلب سان.

 

2. حمد، هزار حڪيم جا، لطف لکين احسان،

جنهن مُڪو مير محمدﷺ، ڪارڻي، ضعيفن ضمان،

اُجرو عالم کي ڪيو، سرور، تنهن سلطان،

اوڀاري اسلام کي، ڪُٺائين ڪفران،

نازل نبيءَ ڄام تي، قادر ڪيو قرآن،

اِنَّ هذا لَفي الصحف اولاولى(2)، ٻڌ شرف تَنهنجا شان،

پڙهن تنهين کي پرت مون، ادب سان انسان،

وَما اَرسَلناڪ، اِلا رحمة اللعالمين(3)، فرمايو فُرقان،

لاتقنطوا مِن الرّحمة الله(1)، ٿيا دلاسا درمان،

وَلسوفَ يُعطِيڪَ ربڪ فترضى(2)، ٿيا آجا سڀ عصيان(3

دلداريون، داور مُڪيون، سرور ڏي سلطان،

ايڏا رحم ڪيا رحمان، مٿَون محمد مصطفى.

 

3. پر سُونهن سرور ڄام سان، چيدا چارئي يار،

اول امير ابي بڪر، جو آءِ صديق سچار،

جرات جو جابر عمر، جنهن ڀڳا ڪوٽ ڪفار،

سخاوت عثمان جي، شجاعت شهوار،

اَسَدُ الله علي هو، جنهن ڪپيا زور زنار(4

چارئي حضرت جي اڳيان، ها مجلس منجهه مڻيار،

آمر تي اِستاد ها، تَحتا ترت تيار،

سونهارا سردار، ها پيارا، پاڪ نبيءَ جا.

 

4. جگر گوش، جان بند ها، عجب امير امام،

نور منجهون، نادر ٿيا، پيدا وير وريام،

خاصا، خُلد نشين ٿيا، پيش پيغمبر ڄام،

اعلى، شاه حَسن هو، تقوى ساڻ تمام،

حضرت مير حسين تي، ٿيا آگي جا انعام،

خالص دوست خدا جا، ها اُجارا اسلام،

محبت تن مدام، سدا سيني، ساهه کي.

 

5. نِسوري، مان نُور ٿيا، چاچا مرسل مير،

ڪامل قُوّت اڳرا، نِرمل نيڪ نظير،

حضرت حمزي جي رهي، اندر منجهه اُڪير،

افضل، شاهه عباس هو، مشعل، ماه، منبر،

لک اصحاب نبيءَ جا، ها پيارا پاڪ پذير،

رهن راتو ڏينهن کي، وٽ ڪامل قرب ڪبير،

سڪ سڄڻ جي ساهه کي، آه سونچو منجهه سرير،

اهڙا شاهه امير، هِن داڙو دلگيرن جا.

 

6. مدد تن جي مان وٺي، ڪيان حقيقت حال،

مَرُ، ٻُڌن ماڻهو معتبر، رکي خوش خيال،

مَرُ جان دعائون، دوست ڪن، شوق منجهارون شال،

عقل آهر پانهنجي، اوريم هي احوال:

ترت اچي تڪليف سان، ڪيو سڄڻ ماڻهوءَ سوال،

”دِلي ۽ طالب“ جو، ڪر قصو ڪل ڪمال،

اُٿي الله آسري، ڪيم دل کي دُرسُ دلال،

مَرُ، مَلَڪَن منجهه مقال، ٿئي شاهه محمد شعر جي.

 

7. مولي سندي ملڪ ۾، هو عاشق اداسي،

ملڻ ڪارڻ محب جي، هو پلپل پياسي،

عجيبن جي اندر ۾، هِي اُن کي اوڪاسي(1

نينگر، نئين هڪ ناز سان، هي خوب پري خاصي،

سِڪي تنهن جي سوز ۾، سوريل سنياسي،

ڪين مليو ٿي محب سان، هو عاشق اداسي،

ديدون، دلبر يار سان، ويس ڦهڪجي ڦاسي،

اُهو عاشق اَرداسي(1)، وڃي چاري بيٺو چاهه(2) تي.

 

8. سڄڻ ڏٺائين سامهان، ايندا تِتِ انوار،

خوش ٿيو منجهه خمار جي، جڏهن دوست ڏٺائين دلدار،

سرخرو، سَر حال ٿيو، پسي دلبر جا ديدار،

نار(3)، کنيا ٿي ناز مَون، قدم، ڪَبَڪ(4) رفتار،

موَر، مِرگهَه، مفتون ٿيا پسي هلڻ جي ڍار،

وَرَ، واسينگن جان وجهي، جي وري اُکيلي وار،

آهو، اُفتادا(5) ٿيا، پسي کـــٖـيپ خمار،

سِرِ گهڙو، سينهون مٿي، کنيو ڪُونج ڪنوار،

عبرت ۾ عاشق ٿيو، تنهن نيڻين هاريا نار،

جڏهن گهايل، گهڙي کي ڏٺو، سِر سڄڻن جي سوار،

تڏهن پهريون گهڙي کون پڇو، تنهن سوال ڀري سڏڪار،

عمر گذاريم عشق ۾، ساري سڀ ڄمار،

ماندو، منهن ڏسڻ لئي، آهيان اڪيچار،

فدا، جانِ جهان ڪيان، جي محب ملن منٺار،

سڄڻ، مٿو صد بار، سِر کي صدقي گهوريان.

 

9. ڪر سچي هن ڳالهه جي، تو ڪيو ڪهڙو ڪم؟

سِر چڙهئين سڄڻن جي، ٻَڌي بکيڙو بم،

عمر وئي افسوس ۾، گذاريندي غم،

محبت مجني جان ڇڏيو، سوز سڪائي چم،

عيش دنيا جا عشرتان، ٿيون طلب انهيءَ سان تَمَ،

حال اچي همزار ٿيو، اندر عشق اَلمُ،

سڪ جو، منهنجي ساه کي، خالُ نه پوي خم،

دِلا، هڻ نه دَمُ، لهه سڄڻ جي سِر تان.

 

10. بَمُ جهلي، برسر چڙهئين، هوتن جي هاڻي،

پَسُ تون قيمت پانهنجي، جو ايڏو اُڀاڻي(1

ڀَڄي، شل ڀورا ٿئين، کوري ۾ کاڻي،

ٺَهڪي، شل ٺِڪريون ٿئين، موج نه هيءَ ماڻي،

گَندٖي تنهن گِلال(2) کي، ڪيان گُم، اندر گهاڻي(3

وڃي پُڇ، بها بازار ۾، تون ڪيئن وڪاڻي؟

وڪامي وهندو(4) وڃين، پيسي تي پاڻهي،

توڙي ڪڍ ئي گل گِلالُ، ته به ڏيئي آني تي آڻي!

هستي ڇڏ، هوش رک، لهي پؤ پاڻهي،

ڀورا، بي فرمان ٿئين، ڄاڻ نٿو ڄاڻي!

انهي ٽيڳر سان ٽاڻي(1)، متان منهن وارا جهلين!

 

11. سڄڻن، ٿي نه سامهون، رهه ادب منجهه، اديب،

غيرت توکي گم ڪندي، سندِي هوت حبيب،

ڀانڊا، ڀؤ نٿو رکين، غافل، ڇو نه غريب؟

ڪِرين متان، ڪنڌڙو ڀڄئي، ٿين ڀورا بدنصيب،

ڪوڙا، ڪم ڪچا ڪرين، هڻين ڪلهو ساڻ قريب،

توڙي پڇندين لک طبيب، ته به ڳنڍي ڳنڍيندءِ ڪو نه ڪو.

 

12. بَمُ ڇڏي، ڀَؤ رکج، هردم ٿي هوشيار،

ڪاهل، ڪم فهمي ڪَيئي، ڌيان دِلا ڪو ڌار،

مُلڪن ۾ مشهور ٿي، هيءَ گِلا جي گفتار،

صلح نه ڪيئي سهڻيءَ سان، جا ٻوڙيئي اندر ٻارِ(2

سڏيندي ساهڙ کي، وئي نيڻين وهائيندي نار،

اڃا ڪندءِ رب قهار، مقابلو محشر ۾.

 

13. سالڪ، هن سوال جو، ٻڌ جواب جڙي(3):

منهن تي آڇ نه مهڻا، ميان وڃ مڙي،

ساهڙ ۽ سهڻي جي هئي، محبت گڏ مڙهي(4

ويندي هئي وِيرن مَون، ڪري ڪاهه کڙي(1

موجان تنهن مهراڻ جون، ٿي سگهيس ڪين پڙي(2

ملندي هئي ميهر کي، وڃي جوءِ جڙي،

ڏسي، قضا جي قلم جي، ائين نوڪ اُڙهي(3

رات انهيءَ سان راهه ۾، آئي مُنڌَ مڙي،

بيگاني(4) سان ڀر ۾، کُپي ويس کڙي(5

وَهوچي جي وه تي(6)، وئي ٻاهڙ وٽ ٻڙي(7

گهڙي، گهمرن وچ ۾، ڪري هُوڙه هڙي(8

ڦٽي فلق فراق جي، ويس ٽڳا(9) سڀ ٽڙي،

ٻڏي وئي ٻار ۾، چَڙهي ڪين چُڙهي،

وئي لهرن منجهه لڙهي، ٿي غرق غيرت سان.

 

14. ڪچا، تو مَون ڪين ٿيو، انهي مٽيءَ جو مولو(10

لهه سگهو، لُڙُ لاهه تون، ڀڃ اهو ڀولو،

لاهي ڇڏي لِڱن تَون، اهو چريائيءَ چولو،

ڪر سچي، هن ڳالهه جي، جو روح وڌءِ رولو،

تڙ، تڪبر تن مَون، اهو ابليسي اولو،

ٿي گولن جو گولو، گهار غريبت سان لهي.

 

15. طالب ڇڏ، تڪڙ کي، ٻڌ سوال سندو جواب،

بس ڪري هيءَ بات سُڻ، بحر برهه جو باب:

ڪرين گلائون غير جون، تو طرحين وڌو تاب،

الغيبة اشد من الزّنا(1)، ٿيندءِ آگي ڏانہ عذاب،

ڳجهون دل جون ڳالهڙيون، ٻڌ شائق، شرح شتاب،

ڇا ۾ ڪثر، ڪمال تون جو رکين حرف حساب(2

خاڪ، هوا مَون خلقئين، ٻي آتش، تو ۾ آب،

بَرَ جنهين تي بانورئين، دَرس ڪرين دولاب،

بَها بَعيون(3) ڇو ڪري، آڻين هيٺ عتاب،

ٿيندين موڳا مهڻي هاب،

جڏهن سچي ڪندس سڀ حال جي.

 

16. عاشق، هن احوال جي، سُڻ گويا هيءَ گفتار،

جنهن سان پهتس پِرَ کي، انهيءَ انداز اَپار،

پهريون ئي پريت مَون، جڏهن ڪئي ڪَٿَ ڪنڀار،

تڏهن کڻي ڪوڏر سان، بيٺو الله هار،

گِل گُڏي گِلال تنهن، ڪيو کوڙ کنڌار(4

ٺهوڙي(1) ٺَپڻيءَ سان، تنهن ماري ڪيو مسمار(2

پَڻي(3) ڪيائين پلڪ ۾، محڪم ڏيئي مار،

ڀڳائين ڀترن کي، ڍوئي ڪيائين ڌار،

جسم منجهارون اِسم کي، تنهن ترت گڏيو تڪرار،

چلهو ڪيائين چاهه مان، چوطرف چوڌار،

گڏيائين ٿي گِل کي، ڪُٽي ڪَٽُ ڪنڀار،

لِووڙيائين لِڏِ کي، آڻي اڪيچار،

ساڪِرِ(4)، سفالن(5) جِي، وڌي تنهن ويتار،

هستيءَ جو سڀ حال ويو، ٿي عاجزي اظهار،

ڏوراپو، هن ڏک جو، مون ڪين  چيو ڪنهن پار،

صبر، سيني ۾ ڌري، ڪيم اهنج سَڀو اختيار،

”انّ الله مع الصابرين“(6)، ڪيم آيت تي اعتبار،

من سائين رب ستار، ڪري آجو ايذائن کون.

 

17. بعد تنهين، هن باب جي، بنايو هي حال،

چلهي کي چوطرف جان، تنهن پختو ڪيو پيمال،

آڻي اُلٽايئين اُتي، جوش منجهون جَر جال،

وهايائين وِيرِ جان، آب اُتِس الحال،

ڳاري، ڳوهي ڇڏيو، تنهن پاڻيءَ سان پيمال،

ماريائين مٽيءَ کي، ڪري زبون زوال،

ڀري، تنهن ڀرپور ڪيو، هڪ گهنٽي منجهه گِلال،

اُٿيو الله آهر ڪري، پيس خاطر اندر خيال،

تنهن کڻي ڪوڏر قهر سان، پٽيو تا پاتال(1

اُڇلائي ايذاءَ سان، تنهن حالون ڪيو بي حال،

لتاڙيائين، لتن سان، منجهون قهر ڪمال،

ماري، تنهن محزون(2) ڪيو، تنهن موٽي موم مثال،

ڪڇان ته ڪوڙو ٿيان، مشڪل  ٿيو محال،

مِٺو ڀانيم ماٺ کي، توڙي اهڙو ٿيم حال،

”فَاصبِر صَبراً جَمِيلا“(3) هي حڪم مڃيم هر حال،

تنهن جي بعد بحال، کڻي پرتون پِنوڙا ڪيا.

 

18. پهريون پِنوڙو کڻي، تنهن چاڙهيو جان سِر چَڪَ(4

لٺ کڻي لهرو ڏنو، تنهن ڦيريو مثل فلڪ،

هٿ گڏي حڪمت سندا، جوڙ ڪئي تنهن جڪ(5

صورت منهن جي سال(6) ڪئي، پوري منجهه پلڪ،

کڻي ڇيڻيون(7) ڇوهه مان، تنهن ڪوريو پاڙون پڪ،

رکيائين رٿ سان ڪري، تنهن ڍولئي ڏيئي ڍڪ،

اُن ڏينهن آَڊوکو ڪري، ترت ڪيائين تڪ(1

ٻئي ڏينهن ٻيهر ڀڳا، تنهن شِرڪ اندر جا شڪ،

ٺپڻيءَ سان ٺاهي هنيا، تنهن دردن منجهون ڌڪ،

برابر تنهن بعد ٿيس، مون لڳا اهڙا لڪ(2

ڪڇيم ڪنهن سان ڪينڪي، ڪري برائي بڪ،

مزو ڀانيم ماٺ مون، پيس چپ ڪري پائي چڪ،

”و الله يُحب الصابرين“(3)، هيئن هاديءَ چيو حق،

نرتون وٺي نڪ، گذاريو مون غم ۾.

 

19. گذاري هن غم کي، جڏهن سڪي ٿيس صاف،

مون چيو: مُون تَون ٿيا، اهنج مڙيئي معاف،

گُڙي(4) هنيم گُلالَ سان، لائي چِٽن جي لاف،

تنهن جوڙي چيو جواب ۾، عارف باالطاف،

اڃا مشقت ٿي اچئي، قوي، چُون ڪهقاف،

فاليضکو اقليلا و ليبکو اڪثيراً(5)، چيو، مولـٖـي منجهه مصحاف(6

ٻوڙا، ٻڌ تون ڪن سان، هي اشارو اشراف،

تنهين پوءِ انصاف، آ دِلا تنهنجي سِرَ جو.

20. سُسِي ٿيس صبر ۾، وقت انهيءَ وهلور،

اٿي مليائين ميٽ کي، دم ۾ بادستور،

ٿڦيندو ٿانون کي وڃي ڌريندو دور،

مليائين مون کي گهڻو، تنهن محض نه ڇڏيو مور،

آڻي رکيائين اُس تي، وري سنڀالي سور،

سُڪي تت سارو رهيس، مغز ڦريو مخمور،

گُل ڪڍي گَمَ سان، تنهن ڪيو زيب ظهور،

چِٽ ڏسي چهرو ٿيس، مغز ڦريو مخمور،

دڙڪو تت ديدڙ چوي، ڏنو ڪنڀار ڪلور،

سرهو ٿيءُ نه ساهه ۾، ڪر ماتم کي منظور،

سبزي، سِر سُوريءَ چڙهه، ميان، مثل منصور،

دڙڪي تنهن دهشت ۾، ويس ڪنبي منجهه قصور،

’الست من الحڪم‘(1) ڪيم سيني منجهه صبور،

رضا تي راضي ٿيس، مرضيءَ تي مشڪور،

’و توا صو بالحق و تواصو بالصبر‘(2)، چيو غافر رب غفور،

توڙي بار پوي ڀرپور، ته به سور نه سلان ساهه جو.

 

21. اٿيو الاّهَرَ ڪري، ٻڌي قصد ڪمر،

ناطق نهائينءَ(3) کي، ڪيو صاف سڌر،

ميڙي ڇيڻا مال جا، تت آندا ان اَسپر،

لهه لئي لوچيندو وتي، منجهون ڪست ڪنڀر،

آڻي انهيءَ ماڳ تي، ڪيو ڪاريگر ڪهڄر(1

ٿاڦان(2)، ٿهرائي رکيون، تنهن پهريون پاسي ڀر،

برابر ڀانڊن کي، سٿيو تت سوجهر(3

مون کي انهيءَ ماڳ ۾، تنهن وڌو نئي ويتر،

وجهي لوڙهو وجد جو، تنهن بند ڪيو برابر،

ڦوڪي باهه فراق جي، ويو دَٻـٖـي سڀئي در،

آرانبي آتش جي، دور ڪيو ڌمچر،

آئي جمال انهيءَ ۾، ساڙيس سوز سقر،

چاهي ۾ چوطرف جان، متو ڌم ڌچر،

هوش اتي حيران ٿيو، هيءَ خالق آ خبر،

پڄلجي انهيءَ پور ۾، ويو آتش منجهه اندر،

ٽي راتيون ٽي ڏينهن هو، غمن ساڻ گذر،

عاشق انهيءَ احوال جو، ڇا درد لکان دفتر،

رچي تنهن هنڌ راس ٿيس، سنگتين منجهان سر،

نڪتس لعلون لعل ٿي، اُجرائيءَ احمر(4

صبر جو سائينءَ ڏنو، اڄ نفعو خوب نشر،

”الصبر مفتاح الفرح“(5)، هي دوست چيو دلبر،

عاشق انهيءَ پر، ٿي سٺم جفائون جسم تي.

22. جڏهن صادق ٿيس صبر تي، رضا منجهه رحمان،

امداديون آگـٖـي ڪيون، سائينءَ اڄ سبحان،

پير ڀري پرينءَ اچي، کنيو مَون کي خان،

ڦوڪي تنهن فساد مون، دَستِ ڪيو دل جان،

گهڻائي گِلال کي، دُرسُ ڏنائون دان،

وٺي ڪري وٽ پانهنجي، دردن ڪيا درمان،

دَستين ڌوتائون اچي، شرف وڏي سان شان،

اُماهيائون(1) آب سان، تن ايڏا ڪيا احسان،

سينگاري سِر تي کنيو، محبن ڏيئي مان،

قادر جي قدرت کي ڪمي آهي ڪانه،

لک ڀيرا لطفن تون، ڪوڙين ٿيا قربان،

”انّ مع العسر يُسرا“(2)، ٻڌ فائق جو فرمان،

عاشق امانت ڪري، ڏس دل ۾ رکي ڌيان،

ادا، انهيءَ ڳالهه تي، اورين ڇو ارمان؟

سِر چڙهڻ سڄڻ جي، آ نهايت نقصان،

تون ناحق ٿئين نادان، پرينءَ تان پاڻهي کنيو.

 

23. مغز نه هڻ، ماٺ ڪري، تون سِر چڙهين سڄڻن!،

هي ٻڌ حرف، حريف تون، جي چيا داناوَن،

هيٺانهين تن هوتن سان، ڪئي اڪثر عارفن،

نياز ڪري نوڙت سان، وڌا مزا محبن،

خس خجالت خوار ڪيو، آءٌ هزيمت(1) هلڪن(2

ڏس جواهر جوان تون، توڙي ڪوڙيون لک لهن،

ٿا تَرو وٺن تار ۾، ترهي جان نه تَرن،

هلڪائي ڇڏ هورڙا، ٿيءُ ڳورو منجهه ڳُڻن،

سامهون سڄڻ سان، آ ڪم فهمي ڪوڙن،

سرڪشون سائِنِ سان، ڪڏهن ڪين ڪجن،

لهي پَو، لُڙ لاهِ تون، ڪڍ مستي منجهون من،

توڙي لائق(3) لک ڏين، تان ڀي ڪجي ادب انهن جو.

 

24. بس ڪري ٻڌ بات، دِلا، دل نه وڌاءِ تون،

بِرُ ٿي(4)، بَمَ گهڻا هڻين، وري وڃائين وات،

جهليئي آتش ظاهري، ٻي خواري خرابات،

ڪچو آهين ڪين ٿئين، تو حل نه ڪئي حاجات،

ٻڌ انصاف اسان جا، هاڻي حڪايات،

آگـٖـي عنايت ڪري، ڪنهن پَر ڏنم ڏات،

ٻيهر ٻولي ڪين ڪر، تون طرح اُنهن سان تات،

جڏهن ظاهر ڪندس ذات، تڏهن دِلا لهندين دم ۾.

 

25. اول ۾ آگـٖـي ڪيو، جڏهن خلقت سندو خيال،

قادر ”ڪُن فَيَڪُون“ سان، ڪيو جوڙي جڳ بحال،

اڏيائين آسمان کي، بي ستون برحال،

فرمايو فائق اُتي، ظاهر ذوالجلال،

”انّا عرضنا الا مانت علي السماوات والارض“(1)، ايڏو عِزّ ٿيم اقبال،

امانت انسان تي، آگي ڪئي انزال،

مولى مَلڪَن کي چيو، ريءَ فرصت في الحال،

مٽيءَ مَون موجود ڪيو، جوڙي جسم جمال،

آتش، آب، هواءِ کي، گڏيو مثل گِلال،

فرشتي کي ”فاسجدوا“(2) فائق، چيو في الحال،

سجدا، سِرنائي ڪيا، مَلَڪَن ٻُڌي مقال،

مُنڪر تت ملعون ٿيو، ويس تباهيءَ سان تال،

”و نفخت من رّوحي“(3)، سندم ٿيم بخت بحال،

برسر بار بره جو، پيم جهُلي سِر جُوال،

ٻَري آتش عشق جي، اندر ۾ الحال،

تون ”ڇهين ڏينهن“ واسطي ڪُرڪين ڪوه ڪُلال؟

محنت جي موڳا، گِلا سر گِلال؟

 

26. دِلي اُتي دهلجي، ڪئي با ادب سان بس،

وهمن ويڙهيو، تنهن کي، ڪيو بُرائيءَ بيڪس،

گم ٿي غيرت ۾ ويو، ٿيس اڳيون چوڻ عبث،

ترت مَون طالب کي، تنهن جوڙي ڪئي جس،

اُتائين ادب سان، توءِ سچ چيو، شابس!

آءٌ بيڪارو، بيوس، تون طالب آهين طلب سان.

 

27. بس ڪئي دِلي بات کون، ويو سُهمجي(1) سارو،

هنيو طالب عشق جي، نَرَ اُتي نعرو،

لٿو لُڙُ تن جو، خفو کاپارو(2

شاهه محمد شوق مون، ويا وڄائي وارو،

هاڻي مزو آٿِي ماٺ جو، مڙني موچارو،

ياد ڪر يزدان کي، ويهه مَ ويسارو،

سخت ٻُجهي سڪرات جو، ٿو هاڙهو(3) هاڪارو،

ڪَرها(4) نيندءِ ڪاڪ تي، ترت کِڙئي(5) تارو،

قبر ۾ ڪاڙهو ٻجهي، ٿو اونده اونڌارو،

ڪلمون ڪرارو، پڙهه ته ڇُٽين پاپ کون.

لا الہ الا الله محمد رسول الله صلي الله عليہ وسلم.


(1) هزده الف= ارڙهن هزار يعني جملي مخلوقات.

(2)  ان..... اوليٰ= تحقيق هي حقيقتون اڳين صحيفن ۾ هيون. (حضرت ابراهيم عه  ۽ حضرت موسيٰ عه جي صحيفن ۾).

(3) و............. رحمة اللعالمين= اي رسول، توکي مون جهانن لاءِ رحمت ڪري موڪليو آهي.

(1) لاتقنطوا.... الله= خدا جي رحمت کان نااميد نه ٿيو.

(2)  وَلسوف......... فترضيٰ= جلد ئي تنهنجو ربّ توکي عطا ڪندو، پوءِ تون خوش ٿيندين.

(3) عصيان= گناهه، ڏوهه.

(4) زنار= جڻيو. جنهن ڪپيا زور زنار= حضرت علي سائينءَ سڀني زنارين جا زور ڪپي ڇڏيا.

(1) اوڪاسي= سڪ.

(1) ارداسي= عرض ڪرڻ وارو.

(2)  چاهه= کوهه.

(3) نار= عورت.

(4) ڪبڪ= ڊيل.

(5)  آهو فتادا ٿيا= هرڻ (محبوب جي اکين کي ڏسي) پريشان ٿيا.

(1) اُڀاڻي= اُڌاڻي، وڌي وئين.

(2)  گلال= ڪنڀر.

(3) گهاڻي= گهاڻو، چيچڙو.

(4) وهندو= وَهلو، تڪڙ، جلد.

(1) ٽيڳر سان ٽاڻي= آڪڙ شاڪڙ سان، ٽانءِ ٽانءِ سان.

(2)  پار= پاڻي.

(3) جڙي= ٺيڪ.

(4) مڙهي= موڙي، ٻڌل.

(1) کڙي= کڙي ڪرڻ= تڪڙو وڃڻ، سَٽ سَٽ ڪري وڃڻ.

(2)  پڙي= پُڇي.

(3) اڙهي= وهي.

(4) بيگاني= ڌارئي.

(5) کپي ويس کڙي= (ڪچي جي دلي کي ڏسي) طاق لڳي ويس.

(6) وهوچي جي وه تي= واهوچي واه جي وهڪري تي. ’واهوچا‘ ذات آهي، جنهن تان واه تي نالو پيل آهي. اهو واه، شاعر جي گهرن ڀرسان آهي.

(7)  ٻاهڙ وٽ ٻڙي= ٻائڙ ٻوڙ پاڻي سببان، اُتي ٻڏي وئي.

(8) هوڙه هڙي= هوڙائي، تڪڙ.

(9) ٽڳا= واسطا.

(10)  مولو= مٽيءَ جو چاڻو.

(1) الغيبة..... الزنا= گلا، زنا کان به سخت (خراب) آهي.

(2)  رکين حرف حساب= مياردار يا حرفي ڪرين.

(3) بعيون= اگهه.

(4) کنڌار= ڍڳ، ڍير.

(1) ٺهوڙي= ٺپي.

(2) مسمار= ناس. پائمال.

(3) پڻي= مٽي، دَز.

(4) ساڪر= پور.

(5)  سفالن= ٺڪرن، ٽانون.

(6) انّ الله مع الصابرين= تحقيق الله صبر وارن سان آهي.

(1) تا پاتال= تري تائين.

(2)  محزون= غمگين.

(3) فاصبر صبراً جميلا= پوءِ صبر ڪر، صبر سهڻو.

(4) چڪ= ڪنڀر جو اوزار.

(5)  جوڙجڪ= ٺاهه ٺوهه.

(6) سال= سالم.

(7)  ڇيڻي= ڌاڳو، جو ڪنڀر ٻانهن ۾ ٻڌندو آهي ۽ جڏهن چڪ تي ٿانو جي جوڙجڪ پوري ڪندو آهي، تڏهن ٻانهن واري ڌاڳي کي، ڇڪ جي ڦيري سان ٿانو جي پاڙ ۾ وڪڙ ڏيئي، ٿانوَ کي ڪپي، چڪ کان الڳ ڪري، هيٺ لاهيندو آهي.

(1) تڪ= تور تڪ، صلاح.

(2)  لڪ لڳڻ= تڪليفون برداشت ڪرڻ.

(3) والله....... الصابرين= الله تعاليٰ محبت ٿو ڪري صابرن سان.

(4) گڙي= گوڙ ڪري، آواز ڪري.

(5)  فاليضحدوا.... ڪثيرا= پوءِ گهرجي ته کِلن ٿورو ۽ روئن گهڻو.

(6) مصحاف= مصف، قرآن شريف.

(1) الست من الحڪم= ماٺ، حڪم مان آهي.

(2)  وتوا..... بالصبر= اُهي پاڻ ۾ وصيت ڪن ٿا حق جي ۽ پاڻ ۾ وصيت ڪن ٿا صبر جي.

(3) نهائين= آوي.

(1) ڪهڄر= ڪکن جي ميڙ سيڙ.

(2)  ٿاڦان= مٽيءَ جون پڪل پاٽان يا ٽڪر جي نهائينءَ جي دونهين کي ٻاهر نڪرڻ کان مٿان رکندا آهن ته جيئن رَڇَ چڱيءَ طرح پچن.

(3) سوجهمر= سياڻو، سگهڙ.

(4) اجرائيءَ احمر= احمر کان اجرو يعني لعلون لعل ٿي نڪتل.

(5)  الصبر مفتاح الفرح= صبر، فرحت جي ڪنجي آهي.

(1) اماهيائون= ڪوري ٿانوَ کي پهريون ڀيرو پاڻيءَ سان صاف ڪيائون.

(2)  ان مع العسرير= تحقيق ڏکن سان گڏ سک آهن.

(1) هزيمت= ڀاڄ، شڪست.

(2) هلڪن= ٽرڙن، ٽڙڪائن.

(3) لائق= تعظيمون.

(4) بر ٿي= مڇرجي، ڇرڄي.

(1) اناعرضنا..... والارض= بيشڪ اسان پيش ڪئي امانت آسمانن ۽ زمينن لاءِ. (پوءِ انڪار ڪيائون ان جي کڻڻ کان، پوءِ انسان ان کي کنيو. بيشڪ هو ظالم ۽ جاهل آهي).

(2)  فاسجدوا= پوءِ هنن سجدو ڪيو.

(3) ونفخت من روحي= ۽ ڦوڪيو مون، پنهنجي روح مان.

(1) سهمجي= ڊڄي.

(2)  خفو کاپارو= ڏَچو.

(3) هاڙهو= جبل جو نالو، مجازاً تڪليف.

(4) ڪرها= اٺ مجازاً ملائڪ.

(5)  کڙئي= اڀرئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org