سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات شاهه محمد ديدڙ

صفحو :25

داستان پنجون

(چوڏهين صديءَ جو)

بسم الله الرحمان الرحيم

1. ڪر تون ثناءِ سائين،

تان خير، پاند پائين(1

مُرتد(2) کي منهن نه لائي،

جو دم جيان پيو جائين،

مُرسل مَداح، مَرُ(3) چو،

ڏس، چوڏهينءَ جو چرچو،

 

لَڄ شرم، لوڪ خرچو.

 

 

 

 

 

 

2. انوَرُ، امين، اهڙو،

ساڻس، نه جوڙ جهڙو،

ڪونهي ڪفيل(4) تهڙو،

وسواسُ، وَهمُ ڪهڙو؟

صَلوا عَليہِ وَر چو(5

ڏس، چوڏهينءَ جو چرچو،

 

لَڄ شرم، لوڪ خرچو.

 

 

 

 

 

 

3. ڏس، ظلم ڪيو زماني،

پَهرو(6) آ، پور بَهاني(7

بَد رنگ، بَد تَراني،

خانِي، رهي نه خاني(8

سڀڪو لُچن سان سرچو(1

ڏس، چوڏهينءَ جو چرچو،

 

لَڄ شرم، لوڪ خرچو.

 

 

 

 

 

 

4. هَرڪو فَساد وارو،

ويو صُلح جو ستارو،

ڏنگُ ڏانءُ(2)، ٻيو ڏيکارو،

خَناس(3)، ڪَن خَسارو(4

ويئي پِرت، مُلڪ پَرچو(5

ڏس، چوڏهينءَ جو چرچو،

 

لَڄ شرم، لوڪ خرچو.

 

 

 

 

 

 

5. سختي لڳي، صَديءَ جي،

ڪُوڙن، ڪَمر بَديءَ جي

وئي ٻاجههَ، اڄ ٻَڌِيءَ جي،

ساڃَهه، اَما اديءَ جي

نانگـٖـي(6)، لهن نه ساري،

ڪياناٽ، ڏس نَصاري،

 

خارج خِجل خَساري.

 

 

 

 

 

 

6. اندوهه(7) ڪيو، اصيلن(8

شادي(9) بَڻي، بَخيلن،

ويڙهيو مُلڪ، وڪيلن،

ڏس،  دوُن(10) مَنجهه   دليلن،

پاپِي، رسيا پَساري(1

ڪيا ناٽ، ڏس نَصاري،

 

خارج خِجل خَساري.

 

 

 

 

 

 

7. عَملن اسان جي، آندا،

لَنڊن جا لوڪ خواندا(2

فاسد(3)، فِرنگ(4) ڦاندا(5

موڳن، ڪيا ملڪ ماندا،

مَنجهه حَرڪتڻ، هَچاري(6

ڪيا ناٽ، ڏس نَصاري،

 

خارج خِجل خَساري.

 

 

 

 

 

 

8. بَد رنگ، ڀُوچ ڀاڳيا(7

ناهل(8)، نَجَس(9)، نِڀاڳا،

هن سُورَ(10)، سُوڌُ ساڳا(11

لُنبن سان، تَن جا لاڳا،

ڪُلفَتَ وڌي ڪَساري،

ڪيا ناٽ، ڏس، نَصاري.

 

خارج خِجل خَساري.

 

 

 

 

 

 

9. مُسلم، بَڻيا مجوسي(12

پائي    لِباسِ،    لُوسي(13

ديني عَدوُ(1)، دَيوثي(2

نانگن جي حَق(3)، نَحُوسي(4

آڻي وڌي، اساري(5

ڪيا ناٽ، ڏس نَصاري،

 

خارج خِجل خَساري.

 

 

 

 

 

 

10. پهريون، پُوليس کاتو،

خارج، خبيث پاتو،

اشراف ڪن اوراتو(6

هي، عام ڪين ڄاتو،

خانو سڀن کَري ٿو،

ڪا، دام هيئن ڌري ٿو،

 

قابُو خَلق ڪري ٿو.

 

 

 

 

 

 

11. نائڪ(7)، سُوار، تَن ۾،

کوٽا، خُوار تَن ۾،

فِتنا هزار تَن ۾،

اونڌا اپار تَن ۾،

سڀ روڪڙو گهري ٿو،

ڪا، دام هِيئن ڌري ٿو،

 

قابو خلق ڪري ٿو.

 

 

 

 

 

 

12. ٻولي سِکي، ٿيا ٻانهان،

ڄاڻن، وڏا ٿيا خانا،

کُههِ، خارجن خزانا،

ڏوهٽاڻ هِي، هُو نانا،

ٿُڪ، مُور مال تَن جي،

مُنهن پَئون نه شال، تن جي،

 

ٻَر ٻَر افعال تن جي.

 

13. پَتلُون، ڪوٽ پائن،

انگريزُ، پاڻ چائن(1

عزت، اِها ٿا ڀانئن،

پيءُ، پاڻ تي سڏائن،

هَي! حيف حال تَن جي،

مُنهن پَئون نه شال تن جي،

 

ٻَر ٻَر افعال تن جي.

 

 

 

 

 

 

14. ڪُلهيـٖـن، ننگا(2) بَڻن ٿا،

ڪُونڊيون(3)، سُڃا کڻن ٿا،

آئين(4) ڏي، تَڻن ٿا(5

ڪنهنکي نه ڪجهه وڻن ٿا،

چُوتيا ڪيا، چال تن جي،

مُنهن پَئون نه شال، تن جي،

 

ٻَر ٻَر افعال تن جي.

 

 

 

 

 

 

15. ڏس، مُنصفيُون ڪمائن،

چالان هت چَلائن،

پنهنجا حڪم هَلائن،

قَيدي سوين جهَلائن(6

سرور، تَنين کي ساڙين،

تون، هن چڪڻ مون چاڙهين(7

 

شل عيب نا اُگهاڙين.

 

 

 

 

 

 

16. هندوُ، حرام ڀائي،

تن جي وڃاءِ وائي،

ويا، کوٽ ساڻ کائي،

قادر، ڪڍين ڪائي(8

پيـٖـريـٖـن وڃن اُگهاڙين،

تون، هن چڪي مون چاڙهين،

 

شل، عيب نا اُگھاڙين.

 

 

 

 

 

 

17. شَہ، شاهه مُحمّد شافي،

تون ڪَر، مُدامُ معافي،

نرمل ننگي نافي،

تنهنجو ڪلام ڪافي،

ڪلمُون، ڪريم پاڙهين،

تون، هن چڪڻ مون چاڙهين،

 

شل، عيب نا اُگهاڙين.

 

 

 

 

 

لاالہ الاالله مُحمدُ الرسول الله

صلي الله عليہ وآلـٖـہ واصحابـٖـہ وسلم.


(1) پاند پائين= پلاند ۾ وجهين يعني حاصل ڪرين.

(2)  مرتد= بي دين، ڪافر.

(3) مر= ڀلي، سدا.

(4) ڪفيل= ضامن.

(5)  ور چو= ورائي چئو، وري وري چئو.

(6) پهرو= چونڪي.

(7) پهرو آ پر بهاني= چونڪيءَ جو به هڪ بهانو آهي، مطلب ته پهرو به نالي ماتر آهي.

(8) خاني رهي نه خاني= خاندانن ۾ خانداني نه رهي آهي.

(1) سرچو= ريڌو، راضي ٿيو.

(2)  ڏنگ ڏانءُ= ڌنگي ڏانءُ يا ڏنگي روش.

(3) خناس= شيطان.

(4) خسارو= نقصان.

(5) ويئي..... پرچو= محبت جو پرچو ملڪ مان هليو ويو.

(6) نانگي= نانگا، ننگا، اگهاڙا. شاعر جو رخ نصاري جي عرياني پوشاڪ ڏانهن آهي.

(7)  اندوهه= غم، ڏک.

(8) اصيلن= شريفن، بڻيادن. ضد ’رذيل‘.

(9) شادي= خوشي.

(10)  دون= ڪمينو، نيچ.

(1) پساري= ڏوجهري.

(2)  خواندا= پڙهيل.

(3) فاسد= فسادي.

(4) فرنگ= انگريز.

(5)  ڦاندا= ڦندي ماڻهو، ڦندي باز.

(6) هچاري= ظالم، پاپي.

(7)  ڀوچ ڀاڳا= بڇڙا، بدبخت.

(8) ناهل= نااهل، نالائق.

(9) نجس= پليد، گندو.

(10)  سور= سوئر، خنزير.

(11) سوڌ ساڳا= سوڌ پود ساڳيا (سوئر آهن).

(12) مجوسي= اُتش پرست، ڪافر.

(13) لوسي لباس= اشارو فرنگين جي اُگهاڙي پوشاڪ ڏانهن.

(1) عدو= دشمن.

(2) ديوثي= ديوث، بي غيرت.

(3) نانگن جي حق= نانگن جي باري ۾ يعني انگريزن لاءِ.

(4) نحوسي= نڀاڳائي، بدبختي.

(5)  اساري= ري سار، غافل.

(6) اوراتو= روڄ راڙو، غم.

(7)  نائڪ= خبر رسان، حوالدار، دربان.

(1) چائن= چوائن، سڏائن.

(2) ڪلهين ننگا= ڪلهين اگهاڙا. اشارو ’لباس‘ ڏانهن.

(3) ڪونڊيون= اُکريون اشارو ’ٽوپلن‘ ڏانهن.

(4) آئين= دستور، قاعدو.

(5)  تڻن ٿا= تاڻن ٿا، هلن ٿا. آئين ڏي تڻن ٿا= انگريزي قاعدي کي اهميت ڏين ٿا.

(6) ڏس...... جهلائن= ڏس ته ڪهڙا فيصلا ٿا ڏين. ماڻهن کي ڪورٽ ۾ چالان ڪن ٿا. ڪورٽن ۾ پنهنجا حڪم هلائين ٿا. سون کي قيد ڏيو ڇڏين.

(7) چڪڻ مان چاڙهين= مصيبت مان پار ڪرين.

(8) ڪائي= ٽَٽِي، جنازو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org