سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات شاهه محمد ديدڙ

صفحو :14

 

 

(5) يا حبيب الالہ

1- سُڻ سردار، سڏ سقيم سندا،

ميٽي عصيان، ڪيوم معاف مندا(5)،

ڪِذب(1)، ڪيم ڪيترا، گناه گندا،

نڪي عصيان(2) ڏين، سهو(3) سندا،

ريءَ تو، قرب، ڪرم ڪير ڪندا؟

ماڙ(4)، مرسل، اچي ڪيو مهدي،

يا حبيب الالہ، خُذ بيدي،

مالعجزي، سواڪ مُستندي(5).

 

2- وَرُ(6)، واهر(7)، وريام(8)، وارث وير،

مصطفيٰ، مجتبي، محمّد مير،

آه آرواح کي، اُداس، اُڪير،

لڳ ديدار، ماهَ مهر منير،

من مشتاق، دل رهي دلگير،

آءٌ ويران ۾، ٿئي وسندي،

يا حبيب الالہ، خُذ بيدي،

مالعجزي، سواڪ مُستندي.

 

3- هِت، عاشق اُڃا آٿي، ارحم(9)،

عرب کي ڇڏ، عجيب، آءٌ عجم،

برد(1)، يمنيءَ(2) جو، خواب، ڪارختم،

اڄ، اُمت جو، حال ڏس، اڪرم،

خلق، نيون خلق(3) مون، خبيث، خصم(4)،

ياوري(5) ڪَر، يضل من يهدي(6)،

يا حبيب الالہ، خُذ بيدي،

مالعجزي، سواڪ مُستندي.

 

4- هيئن اُتو(7)، آمنت، سندن اُمي(8)،

ٿي ڪري حمل(9) جي، حڪايت هي،

ڄام، سنجريو(10) جڏهن، جياپو جي،

آيا هر ماهَ ۾، نظام نبي،

ڏني آدم، خبر سچار، صفي(11)،

ڄمندءِ ڄام، صاحب سندي(12)،

يا حبيب الالہ، خُذ بيدي،

مالعجزي، سواڪ مُستندي.

 

5- جيءُ ڄائين، سڄڻ، سدوري وار،

جيءُ آئين، آڌور، تو اُڌار(1)،

نُور تُنهنجي، نبي ڪيا نروار،

آئي، گل ڦل، گلاب ڪيو گلزار،

مُلڪ، سرسبز، شهر باغ بهار،

جھنگ جھر، ٿر، وهي نعيم ندي(2)،

يا حبيب الالہ، خُذ بيدي،

مالعجزي، سواڪ مُستندي.

 

 

6- ڄام، جنهن ڏينهن، تون هئين ڄائو،

ڪوٽ، ڪسريٰ(3) جو، زلزلي آيو،

هو، حليمان(4) جي، سِر ذمي، سعيو،

مهند(5) ڪيو، مهد(6) ۾ تنهن، سهرايو(7)،

جاني، جبريل، درگھت(8)، دايو،

رازُ، سيد، سدا اُٺئي، صمدي(1)،

يا حبيب الالہ، خُذ بيدي،

مالعجزي، سواڪ مُستندي.

 

7- مُرڪ، شہ جـٖـي، سُئي لڌي، شب ۾،

ڪيئن، هرڻيءَ تي، هوت ويو هب ۾،

کوهه کاري مزو لڌو، لب ۾،

تو ڪيو، ڪامل، قمر، ٻه اڌ اُڀ ۾،

اُٺ، آزاد ويو، سِڌو سڀ ۾،

مُعجزا، مدح کون، بِلا عددي،

يا حبيب الالہ، خُذ بيدي،

مالعجزي، سواڪ مُستندي(2).

 

 

8- ڪونه پاڇو، پرين، جو هو ظاهر،

ها، محب، هر ڪنهين جي، من ماهر،

درد، دارو، طبيب تن طاهر،

ڪين، ڪنهن تي، قريب، ٿيا قاهر(3)،

سي، سڙي مئا، جني، چيو ساحر(1)،

جاءِ، في النار(2)، تن، ٺلهن ٺهندي(3)،

يا حبيب الالہ، خُذ بيدي،

مالعجزي، سواڪ مُستندي.

 

 

9- چار، چيدا چڱا، چڱي جا چار،

سِر، صديق تون، صدق، صدبار،

گھورَ، گھوريان ٻَچا، مٿانئس ٻارَ،

پيءُ ڏاڏو، آدا، آما، ڇا عار؟(4)

مڙئي، محبوب تون، وٿون، واپار،

گھورَ، گھوري سگھان، سريءَ سرندي(5)،

يا حبيب الالہ، خُذ بيدي،

مالعجزي، سواڪ مُستندي.

 

10- آءِ عادل عمر، جو دل کي، دام،

دين داڙو(6)، اُجارُ(7)، منجھ اسلام،

ڪفر، ڪوپي، ڪڍيو، ننگي نطام،

جُنگ، جابر، جنگي، خاص خرام،

ڪير هڻندو، حبيب سان ٻيو، هام(1)،

هفت ڪشور(2)، قريب کون، ڪنبندي،

يا حبيب الالہ، خُذ بيدي،

مالعجزي، سواڪ مُستندي.

 

11- آءِ عثمان، ذڪي ذُوالنورين(3)،

حِلم، هادي، حياءُ منجھ حرمين(4)،

ڪونه اهڙو سخي، منجھ ثقلين،

غرب(5) ۾ منجھ، غنا(6)، وسيعُ يدين(7)،

ڪيان فدا، جان، مٿون ڀلي، بالعين(8)،

آهل، اولاد، والِدو، وَلدي؛

يا حبيب الالہ، خُذ بيدي،

مالعجزي، سواڪ مُستندي.

 

12- شَہ نجف، آ شجاع، شيرُ، علي،

شَہ مردان، جناب، جاه جلي(9)،

نِزدِ محبوب، ويرُ، واه ولي،

ڪيو، ڪفارن کي قتل، هوت هلي،

ايڏي برڪت، ڀلــٖـي سان، بخش ڀلي،

چيو فَتّاح، جنهنکي فوق يَدي(1)،

يا حبيب الالہ، خُذ بيدي،

مالعجزي، سواڪ مُستندي.

 

13- چار چِيدا، فَياَض، فيض فُزوُن(2)،

هُن ٻن کي، سليم، سيِن سَلُون،

هُن ٻن کي، نِگين، سونهن نُون،

بَحر بَرڪات، بِيرَ(3) بات بُروُن(4)،

رهنما، رَه رَفيق، راه نَمون،

راحم و، رهبر و، اِليٰ رشدي،

يا حبيب الالہ، خُذ بيدي،

مالعجزي، سواڪ مُستندي.

 

14- هِن(5) حسنين لئي، جگر کي جَڪ(6)،

شوق، جَن جي، شُبُہ، وڃايم شَڪ،

حب، حضرات جي، حُزن(7) ڪيا حَڪ(8)،

ڪين، ڀاڄي ڇڏن، پرين، ڏَنهن پَڪ،

محب، مادح کي، سڀ لنگھائين لڪ،

ماڙ، منهنجي، اچي ڪندا، مددي،

يا حبيب الالہ، خُذ بيدي،

مالعجزي، سواڪ مُستندي.

 

15- خاص خاتون جو، شرف، شان لقب،

شال، آرقامُ(1) ٿِئيم، عِز، ادب،

راز، جنهن ۾، سَڀو رکايو رب(2)،

آءِ، آحۡمَد آمين، جنهن جو آب،

ننگ، سائڻ مٿون، اسان جو سڀ،

ڪندين، بن عَبدُ(3)، عَبدَ کي ابدي(4)،

يا حبيب الالہ، خُذ بيدي،

مالعجزي، سواڪ مُستندي.

 

16- شال چاچا، محب ڏسي مرندس،

سِرُ حمزي، عباس تَون، سَرندس،

گھورَ گھورئي سوا، نه تِر ٽَرندس،

چُمي چرنَين(5) سان، چَپيـٖـن، ٺرندس،

دم هن کَون، نه ويل پو ورندس،

ڪندا ڪَشتي، ڪريم ساڻ ڪنڌي،

يا حبيب الالہ، خُذ بيدي،

مالعجزي، سواڪ مُستندي.

 

17- عِّز، اصحاب شرف ڪيڏي شان(1)،

مير محفل نشين، مونِس(2) مان(3)،

جيءَ جياپا، جگر جيارن جان،

تَن، آسودگي، آمين، امان،

سِرُ صدقي، مٿن هي جانِ جھان،

پُشت، پاکَر(4)، پناه(5)، تَن پُڄندي،

يا حبيب الالہ، خُذ بيدي،

مالعجزي، سواڪ مُستندي.

 

18- آهيان عاجز، عَجيب تو آهِر(6)،

پُڄ، توريءَ پِدر، نه ڪو مادر،

ڏي پَلؤ، پڪ، جا چڱي چادر،

تون آن هر ملڪ جو، ننگي نادر،

ڪر، پاپي پَڻي(7)، هڻي پادر،

دَس، دشمن، ديوُث، زور ضدي،

يا حبيب الالہ، خُذ بيدي،

مالعجزي، سواڪ مُستندي.

 

19- مَرض ماري مَلول ڪيس ماندي،

عمر اهڙيءَ طرح اٿم آندي،

ڪر تَن جا طبيب جِند واندي،

خوش خُورم، ڪيو چِٽو چاندي(1)،

شاه محمّد، ڪريم، تون ڪانڌي(2)،

ڏي، بشارت(3) سندي سچا، سَندَي(4)،

يا حبيب الالہ، خُذ بيدي،

مالعجزي، سواڪ مُستندي.

 

20- جوجيان دم، هجي شرع سان، شاهه،

امن، ايمان ڏئيم، پاڪ پناه،

وقت سڪرات، ويرَ توريءَ واه،

ڪانا سيّد، سُجھي رَمڻ جي راه،

ساڻ ڪلمي، پرين، پُڄاءِ پَساه،

پَڙهان آشهَدُ(5)، هلاءِ تون، هلندي(6)،

يا حبيب الالہ، خُذ بيدي،

مالعجزي، سواڪ مُستندي.

لا الہ الا الله مُحمّد الرسول الله،

صلي الله عليہ و آلہ وصحبہ وسلم.


(5)  مندا = مندايون، بڇڙايون.

(1)  ڪذب = ڪوڙ.

(2) عصيان = گناهه.

(3)  سهو = خطا.

(4)  مساڙ = مهربانيءَ.

(5) يا حبيب ..... = مستندي = اي الله جا پيارا، سندم هٿ وٺ، جو تو بنا استدعا جو ٻيو هٿيو ڪونه اٿم.

(6) ور = موٽ.

(7)  واهر = مدد.

(8) وريام = پهلوان.

(9)  ارحم = زور رحم ڪندڙ، گهڻو ٻاجهارو.

(1)  برد = چادر

(2)  برديمني = برديماني، يمن جي چادر، حضور جن کي يمني چادر جو ڪفن ڏنو ويو هو، هت شاعر عرض ٿو ڪري ته اهو خواب ختم ڪري، اچي امت جو حال ڏسو.

(3)  خلق = لڇڻ، گڻ

(4) خبيث خصم = بڇڙو دشمن، يعني شيطان.

(5) ياوري = مدد.

(6) يضل من يهدي = يضل من يهدي اليٰ الله = جيڪو خدائي راه وٺندو، تنهن کي آءُ گهمراهه ڪندس (شيطان جو وعده ٿيل).

(7)  اتو = چيو.

(8) امي = ماءُ

(9) حمل = پيٽ.

(10) سنجريو = جڙيو، ٺهيو.

(11) صفي = آدم صفي الله.

(12) صاحب سندي = سند وارو صاحب، يعني سلطان الانبياء.

(1) جيءُ آئين.... آڌار = جيڪي ادور (بي واها) اهن، سي تنهنجي ئي آڌار آهن.

(2)  نعيم ندي = نعمتي ندي، برڪت ڀري ندي.

(3) ڪسريٰ جو ڪوٽ = نوشيروان جو ڪوٽ حصور جن نوشيروان جي زماني ۾ پيدا ٿيا هئا. ڄمڻ شرط ڪسريٰ جي ڪوٽ جا ڪي ڪنگرا ڪري پيا هئا.

(4)  حليمان = دائيءَ جو نالو، جنهن حضور جن کي نپايو هو.

(5)  مهند = اڳ ۾، پهريائين.

(6)  مهد = پينگهو،

(7) سهرايو = ساراهيو.

(8)  در گهت = تنهنجي درگاهه

(1)  صمدي = بي نياز، صمد = خدا جو نالو.

(2)  هتي شاعر حضور جن جا معجزا بيان ڪيا آهن. سئيءَ وارو، رات جي وقت ام المومينين بيبي صاحبه هٿان سئي ڪري پيئي. پر لهي نه سگها. حضور جن ان جاءِ تي مرڪيا ته ڏندن مبارڪ جي تجلي تي ظاهر ٿي. هرڻيءَ وارو: هرڻيءَ، ماريءَ جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاٿي هئي ته حضور جن اتان لانگهائو ٿيا. هرڻيءَ جي ٻاڏائڻ تي کيس ڇوڙي ڇڏيائون. جا ڳالهه ماريءَ کي نه وڻي ۽ حصور جن سان گستاخ پيو، مگر جڏهن هرڻي موٽي آئي. تڏهن ماري پشيمان ٿيو ۽ آخر مسلمان ٿيو. کاري کوه کي مٺي ڪرڻ وارو معجزو ”شق القمر“ وارو معجزو. اٺ وارو معجزو بلاعددي = بيشمار، بي انداز.

(3) قاهر = قهر ڪندڙ.

(1) ساحر = جادوگر.

(2) في النار = دوزخ جي باه ۾.

(3) ٺلهن ٺهندي = سڃڻن سکن جي ٺهندي.

(4)  عارف = لڄ. اشارو ”زال“ ڏانهن.

(5) سري سرندي = سرنديءَ آهر، پڄنديءَ اهر.

(6) دين داڙو = دين جو قائم ڪندڙ.

(7) اجار = اجاريندڙ.

(1) هام = ٻٽاڪ، ڊاڙ.

(2)  ”هفت ڪشور“ مان مراد سڄي دنيا.

(3) ذي النورين = لقب حضرت عثمان غني جو، ڇاڪاڻ ته پيغمبرﷺ جون ٻه نياڻيون سندس نڪاح ۾ آيون.

(4)  حرمين = ٻئي حرم، ٻئي گهر، ٻئي زالون.

(5)  غرب = معرب، اولهه

(6) غنا = شاهوڪار.

(7) وسيع يدين = ويڪري هٿ، کليل هٿ، مجازا سخي.

(8) بالعين = اکين سان يعني خوشيءَ سان.

(9) جاه جلي = جلالت واري مرتبي وارو.

(1) فوق يدي = منهنجي هٿ مٿان، تنهنجي مٿان منهنجو هٿ آهي.

(2) فزون = زياده، وڌيڪ.

(3)  ببر = کوة

(4) باب برون = ڳالهه يا بيان کان ٻاهر.

(5) هن = آهن.

(6) جڪ = ڏند ڀيڙ وارو غصو.

(7) حزن = غم.

(8)  حڪ = ڇليا، لاٿا.

(1) ارقام = لکيو، نصيب.

(2) اب = ابو، پيءُ.

(3) بن عبد = ٻانهي جو ٻار.

(4) ابدي = هميشه

(5) چرنين = ٻئي چرن، ٻئي پير.

(1)  عز..... شان = اصحابي عزت ۽ شرف جو ڇا نه شان آهي.

(2) مونس = حال ڀائي،

(3) مير... مان = هو حضور جن جي مجلس جا مير هئا. ۽ شانائتا حال ڀائي.

(4) پاکر = خلعت، سروپاء ، بخشش، شاعر چوي ٿو ته : ”اصحاب جي دست رسي، مون لاءِ پشت پناهه ۽ پاکر جي برابر آهي.“

(5)  پشت پناهه = وسيلو واه.

(6) آهر = آهار، آڌار.

(7) پڻي = دز، مٽي.

(1)  ڪيو چٽو چاندي = چند چاندي ڪيو، اجاري چانديءَ جيان جرڪايو،

(2)  ڪانڌي = ڪلهي ڪَانڌي. مددگار.

(3) بشارت = خوشخبري.

(4)  ڌي.... سندي = اي سند وارا، مون کي تون (بخشش جي) خوشخبري ڏي.

(5)  اشهد = شهادت جو ڪملون، اشد ان لاالہ الا الله و اشهد ان محمد عبدة و رسولہ = آءٌ شاهدي ٿو ڏيان ته الله هڪڙو ئي آهي ۽ محمدﷺ سندس ٻانهو ۽ رسول آهي.

(6) هلاءِ تون هلندي = تون پنهنجيءَ هلندي سان هلاءِ يعني ڪنهن جو محتاج نه ڪر، پر پنهنجي پيرين سيرين ئي هجان ته قبر ڏانهن هلائي ڇڏ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org