سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات شاهه محمد ديدڙ

صفحو :17

 

 

(10) مدح مرشد

1- اول صفت الله سندي، آن سَهۡس ڀَتين(5) ساراهيان ڇو نه؟

مالڪ مَلڪن، فَلڪن جو، تنهن خالق ڪي خود خواهيان(6) ڇو نه؟

مُرسل، تنهنجو مير مُحمّد، تنهن در ڪاهيون ڪاهيان ڇو نه؟

شاه، شفيع، شهنشہ، شافع، تنهن وٽ لَڏُ(1) کي لاهيان ڇو نه؟

نائب تنهن جو نادر(2)، ننگي(3)، خادم تَنهنجو آهيان ڇو نه؟

شمس، شعاع شريعت جو، شہ دوست، ٻُجھي درٻيلي ۾،

وارث، ويرُ، وَسيلو واهر، حامي آ، هر ويلـٖـي ۾.

 

2- مهدي، مرشد، مصـٖـلي مالڪ، مۡسنَد وارو مير مُدامُ،

فائق، فيض ڏئي سر فلڪن، ملڪن کي نت عارف عام،

مير مُغان، مَيخان مٿِي، نت جال(4) پياري جانب، جام،

ملڪ مطيع، امير آمرَ ۾، سنڌُ، سري(5) ڪيو وٽس سلام،

خلق، اڳيانئس خادم ساري، اقرب ملڪ(6) چمن آقدام،

شمس، شعاع شريعت جو، شہ دوست، ٻُجھي درٻيلي ۾،

وارث، ويرُ، وَسيلو واهر، حامي آ، هر ويلـٖـي ۾.

 

3- تحت ثريٰ تا عرش مٿي، شہ طَبلُ(7) وڄايو شاهيءَ جو،

خسرو(8)، خاقان(9)، قيصر(10)، هر هڪ، تابع تاج ڪُلاهيءَ(11) جو،

جِّن پَريون، ڪل آدم خادم، مُرشد، مرغ و ماهيءَ(1) جو،

جـٖـي صَنعان(2)، حِّلاج(3) هجن، اڄ سمجھن سِرُ(4) اِلاهيءَ جو،

جي برصيـٖـصا حاضر هو، تان غرق نه ٿيوَ، گُمراهيءَ جو،

شمس، شعاع شريعت جو، شہ دوست، ٻُجھي درٻيلي ۾،

وارث، ويرُ، وَسيلو واهر، حامي آ، هر ويلـٖـي ۾.

 

4- ثاني ساڻس بشر نه ڀانيان، قطب(5) ڪرامت ۾ ڪو اڄ،

ڪونه سجھي، مٽ مرشد مَهدي وَلي، ولايت ۾ ڪو اڄ،

حِلم، حَياءُ ڪريم طبع جو، بَحرُ هدايت ۾ ڪو اڄ،

جھڙو صابر، تَهڙُس ڪونهي، نيٺ نهايت ۾ ڪو اڄ،

خوش روُ(6)، خوش دل، جوڙ(7) نه جھڙس، مُورُ(8) جماعت ۾ ڪو اڄ،

شمس، شعاع شريعت جو، شہ دوست، ٻُجھي درٻيلي ۾،

وارث، ويرُ، وَسيلو واهر، حامي آ، هر ويلي ۾.

 

5- حسن، هڻي حيران ڪيا، قربان ٻئي قمرين(9) مٿس،

نوڪر مثل، نثارن گھورن، دعائن جون، دن رين(10) مٿس،

ديني قوت، عشق اِلاهي، اِمدادي اثنين مٿس،

هردم اٿس حضور حبيبي، راضي رب رَبۡلين(1) مٿس،

حاضر يار، صحاب، سڄڻ تي، هر ويلي حَسنَيۡن مٿس،

شمس، شعاع شريعت جو، شہ دوست، ٻُجھي درٻيلي ۾،

وارث، ويرُ، ولهن جي واهر، حامي آ، هر ويلـٖـي ۾.

 

6- جسم ۾ عارف، قسم ۾ عارف، اِسم ۾ عارف، آه عجيب،

تَن جو تَرحۡم(2)، من جو مَرهۡم، اصلي آرحۡم حُسن حبيب،

دل جو داروُ، دل جي فرحت، دل جي طاقت، آه طبيب،

آڻ سُونهَن جو واه وسيلو، بَد بَختن جو نيڪ نصيب،

جيءُ نِچ ڄائو، جيءَ جياپو، قُرب قَرارو قُطب قَريب،

شمس، شعاع شريعت جو، شہ دوست، ٻُجھي درٻيلي ۾،

وارث، ويرُ، ولهن جي واهر، حامي آ، هر ويلـٖـي ۾.

 

7- مرشد، ماه مڪمل مُربي، شمس، شرع جو سونهن سراج(3)،

پَرتو ٿي پينام، پيارا، مُضطر(4)، مُذنب(5) هي محتاج،

لاهه قريشي، لطفاً لائق، هن اُفتادي(6) جا احتياج،

سائل جا سڀ ڪاج سنوارج، حَل سَڀا ٿئي هادي، هاج(7)،

تو در پيش پيو ٿي پاڄي(1)، سامَ سڃاڻج، يا سرتاج،

شمس، شعاع شريعت جو، شہ، دوست ٻُجھي درٻيلي ۾،

وارث، ويرُ، ولهن جي واهر، حامي آ، هر ويلـٖـي ۾.

 

8- خادم کي خوشنود، خوشيءَ سان، خُورّم ۽ خوش خُوءِ (2)ڪيو،

مغز، معطر(3) معنيٰ سان ٿئي، خيال اندر خوش روُءِ ڪيو،

ذاتي ذڪر، لطيفو هر هڪ، ”يا هُو“ مُوءِ(4) به مُوءِ ڪيو،

اِسمي ٿئي آلاپ(5) اندر، جُنبان(6) جَرس(7) در جُوءِ ڪيو،

ذاتي دَم ريءَ، دمُ نا گذري، رمز ڀريو رخ روُءِ ڪيو،

شمس، شعاع شريعت جو، شہ، دوست ٻُجھي درٻيلي ۾،

وارث، ويرُ، ولهن جي واهر، حامي آ، هر ويلـٖـي ۾.

 

9- طالب کي تلقين مهل، جان ذڪر پڙهايو ذاتي جو،

وقت انهيءَ، ٿي واصل پاتي، ڇاتيءَ ۾ جنهن جھاتي(8) جو،

ساڻ نقي نيشان ڪري، سو سالڪ، سَيرُ صفاتي جو،

عدم لنگھي ڪالعدم(9)، قدم سان، عاشق ٿئي اثباتي جو،

اهڙي بخشش، بيشڪ تو جا، ڄام ازل کَون ڄاتي جو،

شمس، شعاع شريعت جو، شہ، دوست ٻُجھي درٻيلي ۾،

وارث، ويرُ، ولهن جي واهر، حامي آ، هر ويلـٖـي ۾.

 

10- مون سان مَهرَ، مشرف معنيٰ، ڪرڪا صدقو سائن(1) جو،

تو وٽ چَندين(2) نَحسَ(3) نوازيا، بيشڪ بَهراپائِن جو،

فيض ڀريا فرزند وٺي ڏي، پارس، دل پرڀائڻ(4) جو،

حُرمت(5) مَيل ڌڻين(6) جي، مرشد، روضي، جامـٖـي(7)، جائن جو،

توتي راضُ حقيقي رايو، اصلي دوست، دمائن(8) جو،

شمس، شعاع شريعت جو، شہ، دوست ٻُجھي درٻيلي ۾،

وارث، ويرُ، ولهن جي واهر، حامي آ، هر ويلـٖـي ۾.

 

 

11- گنج گرامي گلشن مَون گل، فَرّخ ڏي فرزند وٺي،

سعد، سڳورا، صابر، سالڪ، پارس ڏي پيوند(9) وٺي،

ثابت، صالح، مشفق موليٰ! دوُلہ، ڏي دلبند وٺي،

دَرگہ داوُر ڏَنہُ، ڏي داتا! فاضل بن فرزند وٺي،

آيُس تو در آس رکي، آءٌ سائينءَ جو سوگند(1) وٺي،

شمس، شعاع شريعت جو، شہ، دوست ٻُجھي دريلي ۾،

وارث، ويرُ، ولهن جي واهر، حامي آ، هر ويلي ۾.

 

12- دان(2) اِنهيءَ ۾ دير نه داتا! تِر جي طالب ڪانه سهـٖـي،

مَرجان مادح مير! اوهان جي، در تان دُهرا(3) دان لهـٖـي،

من مشتاق مدام ملڻ لئي، تَن هت توريءَ تان نه رهـٖـي،

تانگھ، نه ٿي تِر تِرسڻ ڏئي، هر عَين آبُر نِيسان(4) وَهـٖـي،

قسمت ڪار، پَسان پِرَ، توکي، عارف ڪيو احسان آهي،

شمس، شعاع شريعت جو، شہ، دوست ٻُجھي درٻيلي ۾،

وارث، ويرُ، ولهن جي واهر، حامي آ، هر ويلي ۾.

 

13- ڪرم ڪيو ڪردار قريشي، ڪِهتر هيءَ ڪجھ ڄاڻي ڪين،

ڏوه ڏسي، ٿيان لَڄڻ لَڄي، پر هٿ اچي ٿو هاڻي ڪين،

ويهي ڪُل وقت وڃايم، سو ٿيم واڪ صَبحاڻـٖـي ڪين،

شاه، ڪيم شيطان صحيح، سو روزُ نه ٿس جو، راڻي(5) ڪين(6)،

رستي راس(7) مَٿئون سو آحمق، اڄ سوڌو ٿو آڻي ڪين،

شمس، شعاع شريعت جو، شہ، دوست ٻُجھي دريلي ۾،

وارث، ويرُ، ولهن جي  واهر، حامي آ، هر ويلي ۾.

 

14- پروش ٿئي تان پار لنگھان، هن لَهرن، گھُمرن، گھيرن کَون،

ويرِ(1) ڏسي، دل وير(2) ڏڪي، يا پيرَ، نه بس ڪر ڀيرن(3) کَون،

شرمُ پَسي شيطان شڪي ٿئي، منهنجن ڏوهن ميـٖـرن کَون،

لَرزي جان جَناب! سڄي ٿي، ٿڙڪي سَر تان پيرن کَون،

حُرمت مير محمّد، مهدي ڄام، بَچائج ڄيـٖـرن(4) کَون،

شمس، شعاع شريعت جو، شہ دوست، ٻُجھي درٻيلي ۾،

وارث، ويرُ، ولهن جي واهر، حامي آ، هر ويلي ۾.

 

15- ڏوه ڏسان تان ڏيل(5) ڏڪي، پر توهه(6) سوا ٻي تاري(7) ڪانه،

مون کون نفس ڪمينـٖـي ڪنهن دم، نيڪي ڪجھ ڀِي ڪاري(8) ڪانه،

بخش ڪيو تان بخشش ٿئي، مون ٽيڪ سجھي ٻي ٽاري(9) ڪانه،

جي ڪيم پيش پرين، سڀ آيم، عُمر پَيم سُڌ ساري ڪانه،

عِجزَ سوا نا واهه وسيلو، واهه اصل مون واري ڪانه،

شمس، شعاع شريعت جو، شہ، دوست ٻُجھي درٻيلي ۾،

وارث، ويرُ، ولهن جي واهر، حامي آ، هر ويلي ۾.

 

16- رزق، رَسد(1) ريءَ رَنج مشقّت، روزُ مَره رب ڏانهن رَسي،

بي محتاج ميسر مطلب، وَيران دل هيءَ واه وسي،

ڪنهن در ڪان ڪڏهن نه ڪڍائج، پيرَ، مَ مادح آهنج پَسي،

خاني ۾ خوش حال خوشيءَ سان، با سنگت هر حال هَسي(2)،

دشمن دوُن(3) دورنگو(4) دوُرئون(5)، نَحس(6) نِدورو نورُ نَسي(7)،

شمس، شعاع شريعت جو، شہ، دوست ٻُجھي درٻيلي ۾،

وارث، ويرُ، ولهن جي واهر، حامي آ، هر ويلي ۾.

 

17- ڄام، ڄمار جيان آن جيڪا، عشق سچو اسلام هجي،

ذڪر سندو هي حرف زبان تي، دل کي خيال نه خام هجي،

برسر دين نَبُوّت نَبوّي، آسايَش آرام هجي،

جھِلُ، جھَالت سنگت کَون، دل دوُر محض مدام هجي،

صرف حياتي، ساڻ سچائي، ديني طلب تمام هجي،

شمس، شعاع شريعت جو، شہ، دوست ٻُجھي درٻيلي ۾،

وارث، ويرُ، وَسيلو واهر، حامي آ، هر ويلي ۾.

 

18- مير، ڪيو مقبول مدح سڀ، سارو عرض سواليءَ جو،

ڪر ممنون، مَشرف، مرشد، حُرمت همت عاليءَ جو،

صدقو مير مُحمّد جعفر(1)، ۽ ميان عبدالواليءَ(2) جو،

فاضل الله جي حرمت، جو آ قطب ڪماليءَ جو،

شاهه، محابـٖـي شهزادن جي، ڪر پُر پاند پخاليءَ جو،

شمس، شعاع شريعت جو، شہ، دوست ٻُجھي درٻيلي ۾،

وارث، ويرُ، ولهن جي واهر، حامي آ، هر ويلي ۾.

 

19- شجر و شاهه مُغان جو شاهي، آب جَد(3) خاص الخاص مَنجھئون،

اصلي قطب، قُريشي ڪامل، صاحب سَعد وِقاص(4) منجھئون،

هو دلدار دَبيرُ(5) نبيءَ جو، عاشق دل اخلاص منجھئون،

عادل، عدل عدالت تي هو، واقف قضا قِصاص منجھئون،

هي گل گلشن سَۡروُ گِرامي، گوهر گنج غواص(6) منجھئون،

شمس، شعاع شريعت جو، شہ، دوست ٻُجھي درٻيلي ۾،

وارث، ويرُ، ولهن جي واهر، حامي آ، هر ويلي ۾.

 

20- اهڙو ماهُ مڪمل مُربي، داڙوُ(7) دنيا دين سندو،

شاهه، طريقي مَسند وارو، تخت و تاج نگين(8) سندو،

فلڪ سندس فرمان مڃي، ٿئي شمس نه جوڙ جَبين(1) سندو،

خُلد نشين، حضور حبيبي، اعليٰ نَسبُ، امين سندو،

عرش مٿي امڪان سندس، ٿيو ظاهر زيب زمين سندو،

شمس، شعاع شريعت جو، شہ، دوست ٻُجھي درٻيلي ۾،

وارث، ويرُ، ولهن جي  واهر، حامي آ، هر ويلي ۾.

 

21- ساڻ يُمُن(2)، يَزدان امن ۾، گلشن هئي(3) گلزار سندس،

باد خِزان جو باڪُ(4) نه جنهنکي، سَر نوَ(5) سبز بهار سندس،

ايزَدۡ(6) پاڻ آرائين(7) تَنهنجو، سرور سعيـٖـي دار(8) سندس،

ڪونه وَسو (9)تِر وارُ تنهين کي، باري بارش بار سندس،

نَو نَو غُنچه نهال صنوبر، خِضري بخت ڄمار سندس،

شمس، شعاع شريعت جو، شہ، دوست ٻُجھي دريلي ۾،

وارث، ويرُ، ولهن جي واهر، حامي آ، هر ويلي ۾.

 

22- شل درگاهه مبارڪ روشن، قيامت تڪ آباد هجي،

شهر مشرف شاهنشہ جو، درٻيلو دل شاد هجي،

جاتـٖـي خادم هاديءَ جو، سو آسودو اُستاد هجي،

شاهه مُحّمد، شال هميشہ، عارف جو اِرشاد هجي،

هر دوجھان ۾ هاديءَ تي، شہ عشق سندو امداد هجي،

شمس، شعاع شريعت جو، شہ، دوست ٻُجھي درٻيلي ۾،

وارث، ويرُ، ولهن جي واهر، حامي آ، هر ويلي ۾.

 

23- پُني مَداح مُصّمم(1) ٿي، مشهور مُغان مقبول اُتي،

شال ڪندو شاباس شهنشاهه، مان(2) مادح مسئول(3) اُتي،

ساڻ عطا اِرشاد الَہۡ لڳ، ڪندم پاڻ قبول اُتي،

مُنصف شعر مُصنّف جا، ٿي ڏسندا شان نُزول اُتي،

پڙهه ڪلمون تان پار لنگھين، ٿيو راس ڪريم رَسوُل اُتي.

لا الہ الا الله مُحمدُ الرسول الله

صلي الله عليہ و آلہ و صحبہ وسلم.


(5) ڀتين = نمونين، طرحين.

(6) خواهيان = چاهيان.

(1)  لڏ = لڏو، ٻوجهو، سامان.

(2)  نادر = بي مثال، ناياب.

(3)  ننگي = ننگ پال، لڄ رکندڙ.

(4)  جال = آل جال، گهڻا.

(5)  سري = سرو، سنڌ جو اتريون هصو.

(6) اقرب ملڪ = ويجها (خدا وٽ). ملائڪ: حضرت جبرئيل عه 2- حضرت ميڪائيل عه 3- حضرت اسرافيل عه 4- حضرت عزرائيل عه.

(7)  طبل = نقارو.

(8) خسرو = ايران جو بادشاهه.

(9) خاقان = چين جو بادشاهه

(10) قيصر = روم جو بادشاهه

(11) تاج ڪلاهي = بادشاهي ٽوپي.

(1)  ماهي = مڇي.

(2) صنعان = مشهور بزرگ، جو پوءِ بت پرست ٿيو ۽ بعد م سنئين پير تي آيو.

(3) حلاج = شيخ حسين منصور حلاج، جنهن انا الحق جو نعرو هنيو.

(4) سر = ڳجهه راز.

(5) قطب = ولي جو لقب.

(6) خوش رو = چڱي منهن وارو، سهڻو.

(7) جوڙ = برابر، سٽ.

(8) مور = هرگز، اصلي، پٽيءَ.

(9)  قمرين = سج ۽ چنڊ.

(10) دن رين = ڏينهن رات.

(1)  ربلين = رات ڏينهن جو رب.

(2) ترحم = رحم وارو.

(3) سراج = ڏيو.

(4) مضطرب = پريشان

(5) مذنب = گنهگار، ”قريشي“ اشارو مرشد ڏي، ڇاڪاڻ ته قريشي خاندان مان آهن.

(6)  افتادي = ڪريل.

(7)  هاج = ڪم.

(1)  پاڄي = نوڪر.

(2) خوش خوءِ = سٺي عادت، سهڻي عادت.

(3) معطر = خوشبو ۾ ڀريل.

(4) موءِ = وار.

(5) آلاپ = آواز.

(6) جئبان = جنبش ۾، لڏندڙ.

(7) جرس = گهڙيال

(8) جهاتي = ليئو.

(9) ڪالعدم = مثل عدم، ناس.

(1)  سائن = سائين، مرشد.

(2)  چندين = ڪيترائي.

(3) نحس = نڀاڳا،

(4) پرڀائن = خوش ڪن.

(5) حرمت = مهابي، صدقي.

(6) ميل ڌڻي = ميل شريف جا بزرگ.

(7) جامي = جامو، چولو (بزرگن جو).

(8) دمائن = دمائي بزرگن.

(9) پيوند = ڳنڍ.

(1) سوگند = قسم.

(2)  دان = ڏاڻ، سخا.

(3) دهرا = ٻيڻا، ٻٽا.

(4)  ابرنيسان = بهار جي مند وارو ڪڪر.

(5)  راڻي = گمراه ڪري.

(6) سو روز... ڪين = اهو ڏينهن خالي نه آهي، جنهن ڏينهن شيطان گمراه نٿو ڪري.

(7)  راس = راست، ٺيڪ ٺيڪ، سڌي.

(1)  وير = لهر، ڇولي، موج.

(2) وير = بهادر.

(3)  ڀيرن = گهمرن، يادگيري.

(4) ڄيرن = ڄيرا، باهيون، اشارو دوزخ جي باهه ڏانهن.

(5)  ڏيل = جسم، بدن.

(6) توه = مهرباني.

(7) تاري = آسرو.

(8) ڪاري = ڪرائي.

(9) ٽيڪ ٽاري = اجهو آسرو.

(1)  رسد = چوڻو، کاڌو.

(2)  هسي = کلي، خوش گذاري.

(3) دون = ڪمينون، نيج،

(4) دورنگو= ٺڳ

(5) دورئون = پري کون.

(6) نحس = نڀاڳو، چنڊو

(7) نسي = ڊڄي، پڄي.

(1)  محمد جعفر = مخدوم محمد جعفر درٻيلائي

(2) ميان عبدالوالي = مخدوم ميان عبدالوالي درٻيلائي.

(3)  اب جد = ٻيءُ ڏاڏو.

(4)  سعد وقاص = سعد بن ابي وقاص، هڪ اصحاب جو نالو، جنهن ايران جي ”جنگ قادسيه“ ۾ فتح حاصل ڪئي هئي، هو وڏو بهادر شخص هو، درٻيلي جا مخدوم به انهيءَ خاندان سان آهن.

(5) دبير = منشي.

(6) غواص = ٽوٻو، ٽوٻير.

(7)  داڙو = دارو، علاج.

(8) نگين = مهر.

(1)  جبين = پيشاني.

(2)  يمن = برڪت، خوبي.

(3) هئي = هجي.

(4) باڪ = خوف، ڏر،

(5) سونو = نئين سر.

(6) ايزد = الله تعاليٰ

(7) ارائين = مالهي.

(8) سعيي دار = پاڇو ڪندر.

(9) وسو = ڀؤ ڀولو.

(1) مصمم = پختي، پڪي، مضبوط.

(2) مان = شال.

(3) مسئول = سوال ڪيل، سوالي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org