سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات شاهه محمد ديدڙ

صفحو :10

 

داستان ٻيو

(معجزه- هرڻي)

 

1_ سهسين صفت صاحب سندي، آگو، اُچو(1)، اعلى ، عظيم،

بي مثل، بي چون، بي ولد، ڪل مٿون قادر، ڪريم،

تَنهنجي عنايت جو اجهو، آهي اسان عاصين عميم(2

رحمان، رب اللعالمين، رازق، ڌڻي، راحم، رحيم،

بي انتها(3) تنهين جو بيان، ڪل کون سندس قدرت، قديم،

صانع سندي، صنعت پسي، لافهم ٿيا(4) تنهن ۾ فهيم(5

وه، نبي نرمل نسورو، پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

2_ نُور مَون نِرمل(6) ٿيو، پيدا پرين، سرور سڌير(7

آڌار آڙين، اولو اجهو، ٿوڻي ٿڪن، مرسل منير،

ڏڍ ڏڏن(8)، رهبر، رڏن(9)، ڪيو ملڪ جي مالڪ مشير،

سو، نوازيندڙ نڌر، احمدي ڪري اُچا اسير،

مشفق مزاحم(1)، مجتبى، پروراڳيون پارس پذير(2

هيڻن، مٿي هٿ هاشمي، راحم رکي، اوکي امير،

وهَ، نبي، نرمل نسورو، پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

3_ مرسل ڪيا لک معجزا، خاتم نبي خير البشر،

ڇا چئي، مان ڇا چوان، آهن گهڻا ملڪين مَشر(3

اشهد(4) اشاري سال قمر، لاهيو(5) ننگيءَ ناطق نشر،

حوران، مَلڪ حاضر همہ، ديوو پري، جنّ وبشر،

سارهه عمر ساري ڪيان، اتمم(6) نه ٿئي عشر العشر(7

اُمّتِي آجا ڪندو، حضرت هدى يوم الحشر(8

وَه، نبي نرمل نسورو، پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

4_ وهَ چڱا، چيدا چڱي جا، چار گوهر، چار يار،

هڪ سچو صديق اڪبر، هم نشين، هم يار غار(9

ٻيو عُمرَ، عادل، عدالت جو دلاور(1)، دستِ يار(2

زِور، ذي النّورين(3) کي، پلپل ڪيان پم تون پڪار،

لاَ فَتى اِلا علي، لاَ سَيف، اِلا ذُوالفِقار(4

چارئي قلعا، فولاد جا، چوگرد هِن ڪامل، ڪنِار،

وَه، نبي نرمل نسورو، پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

5_ آهي ڪشش، ڪمذات(5) کي، هر وقت حُب حسنين جي،

لُنوَ لُنوَ، اندر لوري لڳي، اعلى اُڪنڍَ(6) اَثنين(7) جي،

تن، دلبرن سان، دل هئي، سرور سچي ثقلين(8) جي،

من، ملن مون سان پرين، ٿو دعا بِنان دن رين(9) جي،

چاچا سندس، تن جي چمان، آءٌ شل رَئِي رجلين(10) جي،

سِڪندي صحابن ڏي ڏسي، نت نت نظر عينين جي،

وَه، نبي، نرمل نسورو، پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

6_ هاڻي حڪايت ٿو ڪيان، منجهه معجزن مشهور آ،

تنهن جي طوالت، طول جو مون کي نه ڪجهه مقدور(1) آ،

آهر عقل ۽ عشق جي، جيڪي بدن ڀرپور آ،

سو سلان سڪ مون سڀو، جنهن جي سلئي، دک دور آ،

تَرحَم(2)، سنديءَ تعريف ۾، مَلڪو(3) اکر(4) معذور(5) آ،

مادح(6) محمد مير وٽ توڙي مَٺو، منظور آ،

وَه، نبي، نرمل نسورو، پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

7_ سو سڄڻ، ڪنهن سَيَر سانگي، هوت ويو حَبَ ڏي هلي،

هو، مُجَرد(7) مجتبى، وارث وِلهَن(8) واهَر وَلي،

ساڻس نڪو صديق هو، فاروق ۽ عثمان علي،

تنها(9) تعجب  ۾  ڪيو  ٿي،  مير  مرسل  مُنجَلي(10

گهٽ گهٽ گهميو ٿي، گهوٽ سو، جانب ڪيو جلوا جلي،

باريءَ(1) خبر باطن(2) سندي، تنهن کي سڀڪا سَلي(3

وَه، نبي، نرمل نسورو، پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

8_ هلندي حبيبن، جان ڪيو، ڪامل گذر ڪنهن ڪوهه سان،

ريهون ٻڌي راحم سچو، رهبر، رَميو(4) تنهن روهه سان،

حضرت، ڏٺي هرڻي اتي، آهون ڪندي انبوهه سان(5

ڦاٿل اندر ڦاهي هئي، ڪنهن ڊول(6)، ڏاڍي ڊوهه سان،

ٿي سڏيائين، سيدا، ٿيءُ ڀرجهلو، بي ڏوهه سان،

آءُ،  اچي آزاد ڪر، پنهنجي توقع، توهه سان،

وَه، نبي، نرمل نسورو، پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

9_ نرمل وٽس نزديڪ ويو، شافع، شفاعت جو ڌڻي،

ڪامل، عنايت جا قدم، خيرالبشر، تنهن ڏي کڻي،

هي هَي، ڪري هرڻيءَ چيو، حضرت وڌم هيبت هڻي،

دانهون، ڪيان ٿي دام ۾، آجي نه ٿَم، عضوي آڻي(7

ماريءَ جي ڊپ پئي آهيان، ڦاٽي هِنيون، ڦَرڪي ڦَڻي(8

وَه، نبي، نرمل نسورو، پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

10_ دلبر آڙائي دام سان، خوني سُتو آ خواب ۾،

تنهن کي نِهوڙي نَوم(1) وئي، غفلت، هنيس گِرداب(2) ۾،

جاڳيو جڏهن، جاني، اِهو، تابش، تڪڙ ۽ تاب ۾،

ڪامل ڪهي قطرا ڪندو، بيحد ڊڄان، هن باب ۾،

توڏي ڏسي، تڪڙيون تڏهن، ڪيم عاجزيون آداب ۾،

رَس، رسُول اللهِ تون، پيس دام(3) جي دولاب(4) ۾،

وَه، نبي، نرمل نسورو، پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

11_ مَهل تنهن، مُرسَل چيس، موٽي هَمہ حالات چَو،

ڪيئن قضا آندءِ اتي، ڪهڙي هنر حاجات چَو،

ڪل قِصي جي ڪيفيت، آهُو(5) سَڀا اثبات(6) چَو،

ابتدا تا انتها(7) جو ڪُل قِصو، ڪلمات چَو،

سر بَسرَ، سارو بيان، بيشڪ نه ترسي تات چَو،

ترس(8) تِر جو ڪين ڪر، بي بِيمُ(9) ٿي هيءَ بات چَو،

وَه، نبي نرمل نسورو، پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا، مجرم شديد.

 

12_ حال هيئن هرڻيءَ چيو، روئي رسول الله کي،

يا نبي نور الهُدى، تو تَون، صدق ڪيان ساهه کي،

جاني چِنُم(1) ٿي جهنگ ۾، مون گڏ ٻچن سان گاهه کي،

چيچٽ(2) ڪيون، چوگرد ٿي، چنبڙيا بُبَن مون چاهه(3) کي،

کير پي، خوشنود ٿيا، آرام ٿين ارواح کي،

سي ڇڏي ننڊ ۾ هليس، ورتم رَميِ، هن راهه کي،

وه، نبي نرمل نسورو، پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

13_ لئي پيڻ پائي هليس، دانہ، رکي دل ۾ ڌيان،

خوض مون، ٿي خيز(4) ڪيم(5)، خوشنود ٿي راهه روان،

ڪل اها هئي ڪانه ڪا، ٿي دشت(6) ۾ دوڙيس دوان،

دلبر، اچي پيس دام ۾، ناگہَ(7) نَبي، نُور العيان(8

ڦٿڪيس گهڻو، پر ڦند سان، محفوظ ٿيس، تنهنجي ميان(9

عاجز، اَپر(1) اُڇلان ڏنم، طاقت وَئي، ٿيس ناتوان(2

وه، نبي نرمل نسورو، پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

14_ مُرسل، ڪڍي مون کي ڇڏيو، دلبر اچي هن دام مون،

تان وڃان هيڪر وري، احمد، ڪريو انعام مون،

ٻَٺڙا، ٻڪارون پيا ڪندا، اٿندا جڏهن آرام مون،

تَن جي طلب، پوري ڪري، ايندس وري وريام(3) مون،

هو، جي ڇڏيم هُت هيکلا، سَرور نه ڇڏجو سام(4) مون(5

پرتا(6)، پيغمبر، تو اٿي(7)، لائق نه لوڌِج لامَ(8) مون(9

وَه، نبي نرمل نسورو، پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

15_ ويل تنهن وارث، ولي، ڇوڙي اُها هرڻي ڇڏي،

مرسل محمدﷺ ڪارڻي، واهر ڪيس وائي وڏي،

دوڙي وئي سا دشت ۾، جا هئي ڪئي، جهوري جڏي،

ٻاڪار، ٻٺڙن کي ڪري، گوندر منجهون، نيئي گڏي،

سڏ ڪيون، ٻچن کي ٻاجهه مون، هَي هَي چيو هرڻيءَ تڏي(1

پِي، سگها پرشڪم(2) ٿيو، اڳتي نه ملندو ڪي ڪڏي(3

وَه، نبي نرمل نسورو، پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

16_ منهنجي عمر، اڄ ڏينهن، ٿي پوري سڀا، ڪنهن پلڪ ۾،

نڪري جسم کون جان وئي، هاڻي اچي ٿي حلق(4) ۾(5

ويهي ويچارا ٿي روئو، ڦاٽي ڦوڙائي فلڪ ۾،

ماريءَ جي، مُنهن پئي آهيان، جيئن نظر، موتيءَ ملڪ(6) ۾،

ضامن نبي، ظاهر ڏنم، جو آءِ خاصو خلق ۾،

آڻي اُهو، آمت ڪندو، سڀ زير دامن(7) دلق(8) ۾،

وَه، نبي نرمل نسورو، پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

17. ٻٺڙا ٻُڌي تُنهنجي خبر، افسوس ڪن ارمان ۾،

اي  امان توکون سوا، ٿيو زلزلو جند جان ۾،

ڪير لهندو ڪَل اچي؟ هن بر سُڃي بي بان ۾،

هَي مئاسي هت آسي، هن سوز جي سامان ۾،

هَل، هلون تنهن هوت ڏي، واڪا ڪيون ويران ۾،

مَن ڇڏائي مير، سو ماريءَ وٽون ميدان ۾،

وه نبي، نرمل نسورو، پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا، مجرم شديد.

 

18_ مرسل، مُدت تنهن ماڳ تي، ويهي رهيو هو، سو وريام،

ماري، اٿيو جان مهل(1) تنهن دوڙيو، شتابي، طرف دام،

تنهن هنڌ نه هرڻيءَ کي ڏسي، خارج، اَلايا حرف خام،

ويٺو ڏسي، تنهن وير کي، ترتون پڇو، تڪڙو تمام،

ڪير آن، ڪاڏنهن اچين، سَل تون، شهر پنهنجو مقام،

ڇو ڇڏيئي هرڻي ڪڍي، ڪر تون نشر، نروار نام(2

وَه نبي، نرمل نسورو، پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

19_ مُرسل محمّد، ڪارڻي، جوڙي ڏنس جانيءَ جواب،

آهيان نبي، الله جو، مون تي لٿو ڪلمو ڪتاب،

نالو محمّد عاربي، مسڪن(3) مڪي جو ماهتاب،

عُلوّ(4) ڪندڙ، اسلام ۾، ڪل ڪفر کي ڪندڙ ڪذاب،

تحقيق هرڻي، مون ڪڍي، بيحد، بلاشڪ بي حساب،

ايندي اِجها، موٽي سگهو، ٿيءُ ڪين خطرن ۾ خراب،

وَه نبي، نرمل نسورو، پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

20_ مهل تنهن، ماريءَ چيو، مون کي نه ڪا، پت ٿي پوي،

دام مون جا، دَور وئي، تنهن جو اچڻ ڪهڙو چوي؟

ڪارڻ دفعي، هن دشت جي، تجويز ڪيو ٿا، ڇو توي؟

منجهه، مڪر جي مشتهر(1)، استاد آهيو ڪي آوي!

ڪيئن هلي هرڻي ڏسون، جا نياز، نرمش سان نوي،

تنهنجي نبوت جي خبر، پاڻهي اجها جهٽ ٿي پوي،

وَه نبي، نرمل نسورو، پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

21_ ناگہ نظر نِرمل ڪئي، پارس پِرين تنهن پار ڏي،

هوت، هرڻي کي ڏٺو، ايندو تنهين گهٽ گهار ڏي،

ٻٺڙا(2) ٻه، پُٺ لايون اچي، سرور سچي سردار ڏي،

پيرن مٿي ڪنڌڙو رکي، نِوڙي پِرين پيزار(3) ڏي،

ٻاجهارڙا ٻٺڙا ٿيا، بيٺا ڏسن، ڏاتار ڏي،

ڪُرمشون، ڪوڪٽ ڪيون، دوڙيو وڃن دلدار ڏي،

وَه نبي، نرمل نسورو، پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

22_ ٿا رُوَنِ ريهون ڪيون، ٿيا ماءُ جي ماتام ۾،

سڏ ڪيون سردارن کي، ڪن عاجزيون اعلام(1) ۾،

يا نبي، نوري الهدى، سرور اَما ٿي سام(2) ۾،

تون بچائين توه سان، دانهون ڪندڙ هئي دام ۾،

هاڻي، هٿون تنهنجي شفا، نِرمل لِڪون ٿا نام ۾،

آزاد ڪيو، يا احمدﷺ، اميد ٿون انعام ۾،

وه نبي، نرمل نسورو، پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

23_ تن کي، تسلي هيءَ ڏني، مرسل مڪي جي مير ڄام

خوش رهو، خوشنود ٿيو، تِر جو ترس ڪيو نا تمام،

اول آسي سِر ٿا ڏيون، ڪارڻ خدا، بيشڪ بنام،

ماريءَ وٽون، مادر اوهان، آزاد ڪيون ڏيئي انجام،

هوندي، هميشہ هرمهل، شامل شبان تا صبح شام،

ائين اتو، احمدﷺ، اَجهي، خير الورى(3)، خير الڪلام(4

وه نبي، نرمل نسورو، پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

24_ مهل تنهن، ماريءَ جي دل ۾، خاص پيو ايهو خيال،

ڪو نه مون آدم ڏٺو، مرسل محمدﷺ جي مثال،

ڪيئن جناوَر(1) جهنگ جا، تنهن سان ڪهن ٿا قيل قال،

هتون جا هرڻي وئي، موٽڻ تنهين جو هو، محال،

سا وري آئي ٻچن سان، حيف منهنجي آه حال،

ظلم آ، تنهن کي ذبح ڪيان(2)، هيءَ نه مون کي آ حلال،

وه نبي، نرمل نسورو، پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

25_ پيش پيو، قدمين ڪِري، روئي رسول الله جي،

ڪيائين ادب سان عاجزي، آڏو احمد شاهه جي،

حضرت، ڇڏيم هرڻي اها، جا ماڙ(3) پئي تو ماه جي،

مَرُ، وڃي ٻٺڙا وٺي، جي ٿا رڙن، سِر راه جي،

ساڙيون، وجهن ٿا سوز ۾، احمدﷺ، ڪَرن ٿا آه جي،

نرمل نوازيا تو نبي، نيندا سلامت ساه جي،

وه نبي، نرمل نسورو، پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

26- معاف مون تون ڪر مديون، جي مون ڪهيا، ڪوجها ڪلام،

آهيان ڪمين، ڪوڙو، ڪچو، خارج گهڻو، دل سخت، خام،

ڪفر ۾، ڪلي عمر، گذري محمد مير، ڄام،

آڻ تون اسلام تي، وارث وسيلو ٿي وريام،

بت ڀڃي پورا ڪيان، مرسل رهان مسجد مدام،

مڃ اهو مرسل عرض ڪُل جا اجها عربي امام،

وَه نبي، نرمل نسورو، پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

27_ وقت تنهن وارث وِلهن(1)، هرڻي اُها آزاد ڪئي،

سوڌِي ٻچن سردار کون، ٿي شرف جي، منجهه شاد(2) وئي،

بر(3) ڏي ڀڳي، ٿي بادِ(4) جان، اجي اها ارشاد ڪئي،

وئي وري ٻٺڙا وٺي، سيد سڳوري، سعد ڪئي،

جا هُئي غم ۾ گهڻو، عربيءَ اها آباد ڪئي،

ايڏو اجهو، ايڏو نبي، ڪل تون مدي، جنهن ها نه ڪئي(5

وه نبي، نرمل نسورو، پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

28_ مرسل اهو ماري ڪيو، موٽي تنهين دم مسلمين،

ٿيو سڳورو سڀ پرين(6)، عربيءَ ڏنس اسلام دين،

ويو گڏيو تنهن گهوٽ سان، مومن ٿيو، مسجد نشين،

عالم، پسي ڪن عبرتون، تنهنجو جسم جلوو، جبين،

ٿي نسورو نور ويو، منجهه قرب ٿيو ڪامل قرين(7

ايڏو شرف شافع ڏنس، عربي اَجهي، احمد امين،

وَه نبي، نرمل نسورو، پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

29_ وَه نبي، وه نورَ نرمل، وه عَلَم(1) اسلام ۾،

وه شفيع، وه شان آءِ، مرسل محمد ڄام ۾،

شاهه محمدُ، شوق مون، سيد سنديءَ پوَ سام ۾،

تان شفاعت جو ڌڻي لهندءِ اچي ڪَل قيام ۾

 

30_ يا نبي نور الهُديٰ، سرور سدا در تون پنان،

محتاج مرسل ڪين ڪر، اي دوست، در پنهنجي بنان،

خوش گذاريان خير سان، جي ڏاڻ تو، ڏاتر ڏنا،

معافي مدايون مون ڪرين، توڙي عمل ڪوجها ڪِنان،

ٽوڙيٖ ٽَڳا شر نفس جا، نرمل نبي، ڇوڙي ڇِنان،

سرورَ، مهل سڪرات جي، ڪلمون پڙهي، دامن ڳِنهان،

وه نبي، نرمل نسورو، پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا، مجرم شديد.


(1) اچو= اوچو، اتاهون، بلند مربي وارو.

(2)  عميم= تمام گهڻو.

(3) بي انتها= بي پايان، بي انت.

(4) لافهم ٿيا= سمجهڻ ۾ عاجز ٿيا.

(5)  فهيم= دانا.

(6) نرمل= پاڪ. اشارو آنحضرت صلعم ڏانهن.

(7)  سڌير= خبردار.

(8) ڏڏن= ڪَچن، خامن مجزاً گنهگار.

(9) رڏن= اٻوجهن، سادن.

(1) مزاحم= مقابلي ڪندڙ (روڪيندڙ) بهادر.

(2)  مشفق مزاحم..... پذير= هو بر گزيده ۽ مشڪلات ۾ همدرد آهي ۽ پروردگار جي اڳيان قبول پيل پارس پهڻ آهي يعني شافع آهي.

(3) مشر= مشهور.

(4) اشهد= اشهد آڱر.

(5)  لاهيو= لاٿو.

(6) اتمم= ٺيڪ ٺيڪ، ڪامل تر، پوريءَ طرح.

(7)  عشر العشر= ڏهين پتي.

(8) يوم الحشر= قيامت جو ڏينهن.

(9) يار غار= حضرت ابوبڪر رضه جن پيغمبر صلعم سان، حرا جي غار ۾ حاضر هئا.

(1) دلاور= پهلوان.

(2)  دست يار= مددگار، ٻانهن ٻيلي.

(3) ’ذي النورين‘= حضرت عثمان رضه جن کي، حضور جن ٻه نياڻيون هڪ ٻئي پٺيان ڏنيون هيون، تنهن ڪري کين ’ذي النورين‘ چوندا آهن.

(4) لافتيٰ... ذوالفقار= ناهي ڪو بهادر مگر علي رضه، ناهي ڪا ترار مگر ذوالفقار.

(5)  ڪمذات= گهٽ ذات. اشارو شاعر جو پاڻ ڏانهن.

(6) اڪنڊ= سڪ، اڪير.

(7)  اثنين= ٻئي.

(8) ثقلين= ٻئي جهان.

(9) دن رين= ڏينهن رات.

(10)  رجلين= ٻئي پير.

(1) مقدور= قدرت، امڪاني طاقت، قوت.

(2)  ترحم= ٻاجهه ڀريو.

(3) ملڪو= ذهني قوت.

(4) ملڪو اکر= ذهن جي اکر جي يعني شاعرانه گويائي.

(5)  معذور= لاچار، بيوس.

(6) مادح= ثنا گو.

(7)  مجرد= تنها، اڪيلو.

(8) ولهن= سُڃن، سکڻن.

(9) تنها= اڪيلو.

(10)  منجلي= روشن، ظاهر، ٻاهر نڪتل (گهر يا وطن کان)

(1) باري= باري تعاليٰ.

(2)  باطون= باطن، ڳجهه.

(3) سلي= سليل، خبر پيل.

(4) رسيو= هليو.

(5)  انبوهه سان= وڏي واڪي.

(6) ڊول= حرفت، اٽڪل.

(7)  آڻي= جُزَ، چِپڙ، ذري.

(8) ڦرڪي ڦڻي= دل جي ڦَڻِي ڏڪي ٿي يعني دل ۾ تمام گهڻو لرزو آهي.

(1) نوم= ننڊ.

(2) گرداب= ڪُنُ. هت معنيٰ گَهِرۡي ننڊ.

(3) دام= ڦاهي، ڪوڙڪي.

(4) دولاب= ٺڳي.

(5)  آهو= هرڻي.

(6) اثبات= چٽو.

(7)  ابتدا تا انتها= اول کان آخر تائين.

(8) ترس= ڊپ.

(9) بي بيم= بي خوف.

(1) چنم= چريم، کاڌم.

(2)  چيچٽ= ڪيڪٽ، دانهون.

(3) چاهه= شوق.

(4) خيز= ٽپِو، ٺينگ.

(5) خوض مون ٿي خيز ڪيم= خوشيءَ مان ٺينگ ٽِپا ٿي ڏنم.

(6) دشت= ميدان.

(7) ناگهه= ناگاهه، اوچتو.

(8) نورالعيان= ظاهر نور.

(9) ميان= ۾، وچ ۾. ڦٿڪيس... ميان= آءٌ ڪوڙڪيءَ سان گهڻي قدر ڦٿڪ سٿڪ ڪيم، پر ان ۾ قابو ٿي ويس.

(1) اپر= اپار، بيشمار.

(2)  ناتوان= ڪمزور.

(3) وريام= پهلوان، وير.

(4) سام= اجهو، پناهه.

(5)  سرور نه ڇڏ جو سام جون= اي سرور، منهنجي ضامن گيري ڦِٽي نه ڪجو.

(6) پرتا= پرتل، سپرد ڪيل.

(7)  پرتا.... اٿي= اي پيغمبر (منهنجا ٻٺڙا) توکي پرتل آهن.

(8) لام= ٽاري.

(9) لام مون= ٽاريءَ مون، پناهه مون.

(1) تڏي= تڏهن، تنهن وقت.

(2)  پرشڪم= پيٽ ڀريل.

(3) ڪڏي= ڪڏهن.

(4) حلق= نِڙي.

(5)  جان ٿي حلق ۾= لُڪيءَ ۾ ساهه اچي ٿيو آهي.

(6) موتيءَ ملڪ= ملڪ الموت.

(7)  زير دامن= پلاند هيٺ، امن ۾.

(8) دلق= گودڙي.

(1) جان مهل= ڪنهن مهل.

(2)  ڪر تون نشر نروار نام= پنهنجو نالو واضح ڪر.

(3) مسڪن= رهندڙ.

(4) علو= بلندي، وڏائي، ڪذاب ڪوڙو.

(1) مشتهر= شهرت ڪيل، مشهور.

(2)  ٻٺڙا= بچڙا.

(3) پيزار= جُتي.

(1) اعلام= ظاهر ظهور، وڏي واڪي، پڌري پٽ.

(2) سام= اجهو، پناهه.

(3) خيرالوري= خلق ۾ سڀ کان چڱو.

(4) خيرالڪلام= سڀ کان چڱو ڳالهائيندڙ.

(1) جناور= جانور.

(2)  ذبح ڪيان= حلال ڪيان.

(3) ماڙ= ڀلائي، مهرباني.

(1) ولهن= سکڻن، سڃن.

(2)  شاد= خوش.

(3) بر= ميدان، برپٽ.

(4) باد= هوا.

(5)  ماد ڪئي= مات ڪئي يعني لاهي ڇڏي.

(6) پرين= طرحين، نمونين. سڀ پرين= هر طرح، هر طرف کان.

(7)  قرين= ساٿي، دوست.

(1) علم= جهنڊو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org