سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات شاهه محمد ديدڙ

صفحو :7

 

يارهين رات

 

يارهينءَ رات يتيم وٽ،

آيو عمر، منجهه محل،

ڪاهي ويو ڪامڻ ڏي،

ڪري ٻانهن اڇل(1

اَچي ڄام اَلائيو،

منجهون رقص رجل(2

مانڏي مارو ماڙ ڏنہُ،

ڪاهي آيو ڪل،

توڏي مارن موڪليا،

لک سلامن، دَل،

ڏنائون موڪل،

اچي ويهه کلي، چڙهه کٽ تي.


 

 

جواب

 

چي: عمر، اهڙيون ڳالهيون،

ڪوه ڪرين ٿو ڪن،

ڪوڙيون ٻولج ڪين ڪي،

مور نه لڳيون من،

اڄ مارن ۾ ماتم ٿيو،

جيئري وڇڙيس جن

رويون روئندا واٽ تي،

ترت وڃايون تن،

ڪهڙي سڌ سانگين کي،

ڪيئن سلام منجن(1

مان هت، قابو قيد ۾،

هو هت، ماڙَ وَسن،

ٻيون ڳالهيون سڀ ٻَن،

موڪل ڏي، ته ملير وڃان.


 

 

ٻارهين رات

 

ٻارهينءَ رات ٻڌائيا،

عمر، هي احوال:

موڪل مارن ڏي چوين،

حيف اَٿي هن حال،

مهري، منهنجي ماڙُين ڏي،

تو ڪُند(2) ڏٺو ناڪال؟

بي ريشي(3)، بدذات جو،

شرم نه وڃي شال،

ٻڪرارڻ، هن ٻول تي،

ٿيندءِ زورِ زوال،

نه ته مڃي حق حلال،

اچي ويهه کلي، چڙهه کٽ تي.


 

 

جواب

 

موٽي اُتس مارئي،

سِرُ نائي ۽ سيس(4

عمر، پرائيءَ ٻانهن تي،

ڪيڏا ڪرين ڪيس؟

سا، رُني رنگ محل ۾،

پَسي هيبت هيس(5

اسين اَجڙوال(6)، تون،

پنهنجي راڄ رئيس،

ڪنديس ڪين قبول مان،

تنهنجو جوڙ، نه جيس(1

مت وَديءَ مرجان جي،

جو احمق هو ابليس،

خاوند چئي خبيث(2

تو شاه وڃايو شان کي!

 

تيرهين رات

 

تيرهينءَ رات تمام ٿيو،

جهڳڙو ڏاڍو جنگ،

لنگهي آيو لَڪ کون،

تُرت اَلائي(3) تنگ،

اڄ آيس مان، مارئي،

کڻي تيغ تفنگ،

جي نه مڃيندينءَ مارئي،

نار، نه پيوءِ ننگ،

ڪُهي، ڪامڻ قطرا،

آڌ ڪندوسانءِ آنگ،

نه ته لائي نيهن نسنگ(4

اچي ويهه کلي، چڙهه کٽ تي.


 

 

جواب

چي: عمر، حاضر آهيان،

پاندُ ڳچيءَ پايان،

کوڙي هڻ خنجر کي،

ٿي ساه سسي نايان(5

هڻ، جيئڻ کون جندڙي،

ٿي صوبا، سهسايان،

مري هن ماڙيءَس ۾،

شل مارو ملهايان،

پت سان پيڪن جو قرب،

ڪيئن لوئي لڄايان؟

شرم نه وڃايان،

ساه وڃي، صدقي ٿيو!

 


 

 

چوڏهين رات

 

چوڏهينءَ رات چيو اچي،

عمر، آڻي آب،

مان ڀي توتي مارئي،

طرحين آندو تاب،

وس کون، بي وس آهيان،

آندو عشق، عذاب،

هن، تنهنجي تصوير تي،

ڪُسي ٿيس  ڪباب،

جي ماريان، ته مري وڃان،

ٿيندو ملڪ خراب،

نالي نانءِ ڌڻيءَ جي،

هاڻي لاه حجاب،

سوڍي کَٽ ثواب،

اچي ويهه کِلي، چڙهه کٽ تي.


 

جواب

 

عمر، اسم الله جو،

بي ڏوهين تي بار،

ساڙ نه ويٺو سومرا،

مان، بندياڻي بيڪار،

ٻي ڀي مورت ملڪ ۾،

مون نه هڪڙيءَ مار(1

خان، خيانت ڪا نه ڪن،

جي، شام رکن سردار،

آزين ۽ آهن جو،

ترس نه پِيُئي تڪرار،

رازق رکڻهار،

سوڙه نه ڪر، ميان سومرا!


 

 

پندرهين رات

 

پندرهينءَ رات پهراڻيون،

کڻي آيو خان،

جورا، اطلس جا اچا،

ٻيا ٿوڪ(2) زريءَ جا ٿان،

تو ڏي آندم مارئي،

شرف وڏي سان شان،

لاه لوئي لاک جي،

ڍڪ، لهي ارمان،

مورت، موٽائي ڪين ڏي،

مارئي، تون هي مان،

اڃا اِن کون اڳتي،

دهرا ملندءِ دان،

منڌ، پري مهمان،

اچي ويهه کِلي، چڙهه کٽ تي.


 

جواب

 

چي: عمر اهڙا ڪپڙا،

مون ڪڏهن هنڊايا(1) ڪين،

لوئي لعل لڱن تي،

آءِ اباڻي امين،

ڪڏهن لاهيان ڪين ڪي،

ٻولي منهنجي ڪين،

آءِ اطلس کون اُجري،

جا، مارو ڪن مسڪين،

عمر، هيءَ آئينَ(2

ڪنهين(3) حاڪم ڪا نه ڪئي.

 

سورهين رات

 

سورهينءَ رات سنگهار وٽ،

موٽي آيو مير،

کڻي خاص خونچا،

طعام عجيب ڪثير،

ميوا، مغزاتون گهڻا،

ٻيا آما، آنب، انجير،

حلوا، هرقسم جا،

شيرين شاه پذير،

مورت مُنڌ مارئي،

شهد، شڪر ۽ شير،

ماڻا، محض ڦٽا ڪري،

اوڳي، ڇڏي اُڪير،

ثابت رهي سير،

اچي ويهه کِلي، چڙهه کٽ تي.


 

جواب

چي: آما(4)، کائينديس ڪين ڪي،

اُٺن(5) ري عامان(6

جامان(1) لوئي(2) لاک جي،

سي جوڙُ نه ڏين(3) جامان(4

طعامان(5)، تنهنجا تلخ(6) هي،

تِرُ نه کان تان مان(7

ڪامان(8) هڻ نه قهر مان،

ڏوهه ڪهي ڪامان(9

سامان(10)، ڊوهه(11) نه سومرا،

سوڙهه(12) نه ڪرسان، مان(13

هي مارن   ٿيون   مامان(14

جي ڏيندا ماما(15)   ملير   ۾.

 

سترهين رات

 

سترهينءَ رات سردار ڪيون،

مايون، دايون ميڙ،

اچي ويٺيون اوڏڙيون،

تن ويهي، ٻڌي ويڙهه،

منڏ، مٺي تون مير کي،

فڪل وجهي ناڦيڙ،

موڪل ڏيندءِ مير ڪيئن،

تون وڃي ڇيڙ،

عمر، مير امير کون،

چري لڳئي ٿي چيڙ،

نيڻين ننڊ اُکيڙو،

اچي ويهه کِلي، چڙهه چٽ تي.

 

جواب

مايون ميڙ ڇو ڪيو،

ٿيون دايون، هڻو دام،

رکو هٿ هنيانءَ تي،

ٿَوَ ڄايون پنهنجون ڄم،

کائي رشوت رئيس کون،

کنيو صلح جي سَمَ(1

اوهان نبيريا اڳهين،

ريءَ قريبن ڪم؟

ويٺيون هَڻو وچ تي،

ٻي ناحق جا بم!

مون کي گهايو غم،

اوهين ڏيو پنهنجون ڄايون ڄام کي.


 


(1) ڪري ٻانهن اڇل= ٻانهن لوڏي.

(2)  رقص رجل= بکيڙو.

(1) منجن= موڪلن.

(2) ڪند= موڳي.

(3) بي ريشي= بي ڏاڙهي، عورت.

(4) سيس= سر.

(5) هيس= هيسڻ، ڊيڄارڻ.

(6) اجڙوال= ٻڪراڙ.

(1) جوڙجيس= مٽ ثساني.

(2)  چئي خبيث= (مرجان) جي چوڻ تي.

(3) الائي= ڳالهائي.

(4) نسنگ= ظاهر.

(5)  نايان= نمايان.

(1) ٻي..... مار= مان هڪڙيءَ تي مار نه آهي، ٻيون به گهڻيون آهن.

(2)  ٿوڪ= چيز، شيءِ وٿ.

(1) هنڊايا= چوڙيا، ماڻيا.

(2) آڻين= دستور، قاعدو.  

(3) ڪنهين= ڪنهن به نه.

 

(4) آما= انب.

(5)  اُٺن= مينهن جي وسڪارن.

(6) عامان= عام. پنهنجي مارن (عامن) کان سواءِ ۽ اٺي تي ٿيل ڦلن ڦولن کان سواءِ، ٻيو ڪجهه به نه کائينديس.

(1) جامان= جا+مان، مان جا.

(2)  جامان لوئي= جا منهنجي لوئي.

(3) جوڙ ڏين= ٺهن جڙن.

(4) جامان= پوشاڪون.

(5)  طعامان= طعام.

(6) تلخ= ڪوڙا.

(7)  تان مان= ته مان، مان ته.

(8) ڪامان= لڪڻ، چهبڪ.

(9) ڪا مان= مان ڪا.

(10)  ڏوهه ڪهي ڪامان= ڪهڙي ڏوهه، ڪا (خطا) مان (ڪئي آهي). مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جو ڪامان ٿو هڻين.

(11) سامان= سام پيل، پناهه ۾ آيل.

(12) ڊوهه= ڇڪ.

(13) سوڙهه= سختي.

(14) سامان= مان سان.

(15) ماما= ماءُ جا ڀائر.

(1) سم= بار. ٺيڪو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org