سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات شاهه محمد ديدڙ

صفحو :10

 

داستان ٽيون

(مدح_حليو مبارڪ)

1_ سهسين ثنا ستار جي،

غالب، غني، غفار جي،

جامع جليل، جبار جي،

حّنان، هزده هزار(1) جي،

جوڙي بنا جنسار جي،

تنهنجي، سدا تعريف ڪر.

 

 

2_ رب بي مثل بيچون آ،

بيشڪ احد، بي گون(2) آ،

جنهن قول، ڪن فيڪون(3) آ،

دل جو فڪر، هت دون(4) آ،

اونهو عجائب، اون(5) آ،

ناقص عقل جي هت نظر،

 

 

3_ جنهن ڪيو پرين پيدا ڀلو،

ڀلڪار(6) کون آ، ڀرجهلو،

واهر پرين، ويرن(7) ولو(8) ،

بُوجِهل خارج کي کلو،

ٺڳ ٿيو، ٺِڪر، ٺوليو ٺلو(9)،

منڪر نه جنهن سمجهو مگر.

 

 

4_اسلام ۾ عجمي، عرب،

ٿيا ترڪ، طوسي، مون طرب(10)،

زنگي(1)، غزا(2) مان منجهه غرب(3)،

سڀ زير زانو، ڪيا(4) ضرب(5)،

هندي، حڪم سان ڪن حرب(6)،

رومن ڪشي(7) قابو ڪمر.

 

 

5_ يمني، يقينن ٿي لڙيا،

عدني، نه ڪجهه اوري اڙيا،

ڪفار، بصرن ٿي ڪڙيا(8)،

چيني، دگا(9) ڪيون ٿي دڙيا(10)،

هئا مسقطي، چغدا چڙيا،

افغان، ايراني اگر.

 

 

6_ آ صدق(11) ڪيون سر کي سٽن،

ڪوپا ڪلهن کون ڪنڌ ڪپن،

ڪنهن دم نه مانجهي منهن مٽن،

جنگ(12) جنگ ۾ جانيون ڦٽن،

سي، مر طهورا(13) چش چٽن،

حوران، وڳا زربفت، زر.

 

 

7_ هر جا حڪم حضرت هليو،

مرسلﷺ مِٺو،مربي ملهيو(14)،

ويو ڪفر، جذبي سان جليو،

ديني پڙهو چلتو چليو(1)،

سڀ ملڪ اسلامن مليو،

هوڪا گهميا ٿي هر شهر.

 

 

8_ لک معجزا، تنهن جا مڃان،

سرور، صغيري هو اڃا،

ڪوڙين(2) قطب، خالص ڪڃان(3)،

محبوب، بت خانا ڀڃان،

سيد مٿون، صدقي وڃان،

ڪامل مٿون ڪئي ڇان ڪڪر.

 

 

9_ ڪيا نان، سهسين نياز ٿي،

روئي، نخل ڪيا راز ٿي،

ڪئي ڳالهه ڳيري باز ٿي،

آهوءَ، ڪيا اعجزز ٿي،

اٺ جا ٻڌي آواز ٿي،

ڪاهي مٿس ويو مفتخر(4).

 

 

10_ ختم الرسل، جاڪون(5) ٿيون،

جو جهان، باڪون(6) ٿيو،

چنڊ، چيرجي ڦاڪون ٿيون،

روشن تهين لاڪون(7) ٿيون،

ڏس، تاب ۾ تاڪون(8) ٿيو،

جان ڪيو شفيع، شق القمر،

 

 

11_ آدم، ڪيا تنهنجا ادب،

موسى، مٿس آندا عجب،

لک لوط لکيس ٿي لقب،

هارون، هو حامل حطب(9)،

سرور سچي سان ٿيا سبب،

خالق، چيس خير البشر،

12_ عيسى، فدا اقدام تي،

يحيى، اڀو احڪام تي،

مفتون يوسف، مام تي،

شمعون، شائق نام تي،

خود خضر، گاهيو گام(1) تي،

الياس، تنهنجو آب ور(2).

 

 

13_ واهر گهري ابليس ٿي،

رحمت، ڪرايس ريس ٿي،

جوڙي جتي، جرجيس ٿي،

تنهنجي ثنا ڪئي سربسر،

 

 

14_ حليو، حبيبن جو چوان،

چئي، پاڪ پورن ۾ پوان،

ڪيان درد، دل کون سڀ دوان(3)،

دم دم، مزا ماڻيان نوجوان،

ڇا سرو، مٽ قد جي سنوان؟

شمشاد ٿيو، شائق شجر.

 

 

15_ اسمر(4) بياض(5) اللون (6)تن،

رنگ محب، گندم گون(7) ون،

خوبي پسي سج ٿي نسن(8)،

لک ڪُرمِشون قمرين(9) ڪن،

عنبر عرق، سردار جن،

ڇا مُشڪ مٽ، پِرجي پگهر؟

 

 

 

16_ لڪ لمعة الجبهة لقب(1)،

منهن محب جو علوّم عجب،

چمڪي بدر ڪيو يا ادب،

لک شمس، شرمائيا شهب(2)،

ٿيا برق، بجلي ڪالحطب(3)،

ڪيا خاڪ، نرمل جي نظر(4)،

 

 

17_ پڙهه مجتمع الّلحيہ(5) حرف،

سُرهي، سونهاريءَ(6) جا شرف،

هئي چاپوين(7)، چهري طرف،

ساري عمر جي، سڀ صرف،

توحيد ۾، تم(8) ڪيان تلف،

پوري نه ٿئي عشر العشر(9).

 

 

18_ پرين، پريا(10) سورهن چون،

ظاهر اُتا(11)، سترهن سون،

هيءَ راءِ، عالم ٿا رون(12)،

سُڻندي، سُڌيون(13) پوريون پون،

مون کي انهن ڍايو ڍون،

بيشڪ، ڇٽي ٿيس بي خطر.

 

 

 

19_ باعشق آقن الانق(1) سل(2)،

دندان، دلبر جا فصل(3)،

وٿ(4) سا هئا، ڪين بلڪ بل،

ڪُنگرن(5) مثل، گردون محل،

کلندي پسائي شاه شل،

سو درج(6) معنى جو دهر(7).

 

 

20- معني مفاتيح اللسان(8)،

ڪامل، ڪشادي هئي زبان،

بيشڪ فصلحت جو بيان،

شيرين سُخن، فرحت فشان،

دائود جو ٻُوٽيو دهان(9)،

گفتي نه مٽ، شهد  وشڪر.

 

 

21_ آءُ ٻڌ ازج الحاجبين(10)،

جاڙا، ڀرون جانب جبين،

مت(11)، ڪهڪشان(12) خنجر، ڪبين(13)،

ماچين، موهيس چين چين،

ڀيرو ڏٺي، جيڪر جنهين،

کولي پڇو تنهن کون خبر.

 

 

 

22_وه قام القامة(1) هو قد،

سهڻو، سنئون قد هو، به حد،

توڙي هجن ٻيا، سرور صد،

آڏو عجيبن، روپ رد،

شمشاد ٿيو بيڪار  بد،

طوبى پسي شرميو، شجر.

 

 

23_ وه، آسود العينين(2) ها،

ڳوڙها، ننگيءَ جا نين ها،

ريءَ ڪجل، ڪارا عين ها،

سي دُرس گڏ، دِن رَين(3) ها،

اثنين حق، قمرين ها،

ڪجلا قريبن جا ڪڪر.

 

 

24_ هٿ جون تريون، هوتن طويل،

جانب سنديون جوڙيون جليل،

مرسلﷺ مِٺو ڪوجهن ڪفيل،

دلدار، دلگيرن دليل،

جنهن جي هٿون، آجا عليل،

ياوُر يتيمن، واه ور.

 

 

25_ انور انامل(4)، هيون رقيق(5)،

جي آڱريون، رهبر رفيق،

سهڻيون، سنيون، سنهڙيون،صديق،

نهريون بهشتي، با طريق،

جن، آب ٿي آندو عميق،

هي معجزو مرسل مشر،

 

 

 

26_ سهڻو، سخي سردار هو،

في بدن ليس الشعار هو(1)،

وارث، نه جسمي وار هو،

خط(2) ريءَ، نه مون منٺار هو،

جو ناف(3)، سو نروار هو،

سُرّة الى و من الصّدر(4).

 

 

27_ ريءَ پاڇوين، پر، پاڪ هو،

جبريل، بافتراڪ(5) هو،

سِر، شاه، ڇٽ لولاڪ هو،

خادم، زمين افلاڪ هو،

خود عرش، پيرن خاڪ هو،

شاهد، نبوت تي شجر(6).

 

 

28_ منهن، محب جي، ويٺي نه مک،

ڪنهن سان مَٽي، انور نه اک،

جوٺن، سوين ڪيا جِهل جک،

لاهيا قريبن، ڪنهن نه ڪک،

توڙي اچن پيا بار لک،

تان ڀي، نه ڏاتر، ڪيو ڏمر.

 

 

29_ اربع، عجيبن يار چَو،

رحمت، مٿن صدبار چَو،

صديق کي، سردار جو،

شامل ڀلو، باغار چَو،

اڪبر لقب دلدار چَو،

باصِدق دل جان بُوبڪر،

 

 

30_ فاروق، فڪراتون نيون،

جانب پسي، دم دم جيون،

سورہ مٿون صدقي ٿيون،

پيرن پڻي، سرمون ڪيون،

ڏسندي، ٺري منهنجو هنيون،

جيءَ جو سڄڻ جانب جگر.

 

 

31_ عثمان ۾، آسان(1) اٿون،

لک فيض هن، هادي ٿئون،

ڇٽ، ڇانو  ڇورن جي مٿون،

وسواس، خطرو ڪو نه ٿئون.

ورثو، سڀئي سرسان وٿون،

گهوريان زمين، زن، ٻار، زر،

 

 

32_ مولى عليءَ جو، مان ٿيو،

شير خدا، تنهن شان ٿيو،

قاتل، قلعي ڪفران ٿيو،

داڙو(2)، اڙين درمان(3) ٿيو،

مانجهي محب مرادن ٿيو،

صف ۾ هنيا، نيزا ٿي نر.

 

 

33_ ڪر تون، امامن جي مدح،

مون تي ڪندا، مشفق، مره(4)،

چيٺيا(5)، جني جگري جرح(6)،

هاديءَ حسن، ڪئي دل فرح،

شہ ڪربلا جو، چو شرح،

اسمش، حسين خوب تر.

 

 

34_ بنت النبي(7)، چو فاطمہ،

شيطان جي حق، شاتمہ(8)،

ڪردار، قابل، ڪاتمہ(9)،

هئي منجهه آوامر(10) آتمہ(11)،

آ، حرز(1) حصن الحاتمہ(2)،

خيرالنساءَ(3)، صائم دهر(4).

35_ چاچا چڱا، سرور سچي،

تن سام پيل بيشڪ بچي،

رمزان پسي، عاشق، رچي(5)،

ميٽيان وهم، حمزو اچي،

عباس ڪر، مون سر ڪچي،

ڪئي ٻاجهه سان ننگن نظر.

 

 

36_ اصحاب، عينن سان پسان،

شل روبرو تن جي رسان،

ڪٽ قلب جون ڪورن ڪسان،

ويجهو وڃي، سانئن وسان،

اميد، پوري ٿئي اسان،

هُئان، ’شاه محمد‘ شرف ور.

 

 

37_ پورو، همد حليو ٺهيو،

مون ڏيب(6) اڄ، ڍو تي ڊهيو،

غم، وهم رتي نا رهيو،

جو، مون ارادو ٿي پهيو(7)،

ٿيو سچ، جنهين، ڪلمون ڪهيو،

تنهن کي نه ساڙيندي سقر(8)،

لا الہ الا الله محمد رسول الله

صلي الله عليہ وآلہٖ، واصحابہٖ

وسلم.


(1)  هزده هزار = ارڙهن هزار مجازا سارو عالم.

(2)  بي گون = بي رنگ، بي انت.

(3)  ڪن فيڪون = ٿي پئو ٿي پيو.

(4)  دون = گهٽ.

(5)  اون = تمام عميق، اونهو.

(6)  ڀلڪار = ڀلڪر، ڏهڪار، سختي، تنگي.

(7)  ويرن = دشمنن.

(8)  ولو (7)، ورو، موٽو، اچو.

(9)  ٺوليو ٺلو = ٺلهو، سکڻو، خالي.

(10)  طرب = خوشي.

(1) زنگي = شيدي، حبشي.

(2)  غزا = دين جي جنگ.

(3)  غرب = مغرب.

(4)  زير زانو ڪيا = گوڏي هيٺ ڪيا يعني مغلوب ڪيا.

(5) ضرب = ڌڪه

(6) حرب = جنگ

(7) ڪشي = ڪمر ڪشي = مڪمل تياري ڪئي.

(8)  بصرن ٿي ڪڙيا = بصرن جيان پئي ٻڙڪيا يا ڪڙهيا.

(9)  دگا = زور، اختيار.

(10) دڙيا = دنگيا.

(11)  اصدق = سچو

(12)  جنگ = مانجهي، مرد

(13)  طهورا = بهشت جو پاڪ شراب.

(14) ملهيو = موکيو، ملهايو.

(1) چلتو چليو = رواج هليو، هت شاعر چوي ٿو ته اڄ جتي ڪٿي اسلام جو پڙهو گهميو آهي.

(2) ڪوڙين = ڪروڙين.

(3)  ڪڃان = ڪن.

(4) نانگ، کجي، ڳيريءَ ۽ باز، هرڻي ۽ اٺ جي معجزن جو ذڪر ڪيل آهن.

(5) جاڪون = جنهن وقت کان

(6)  باڪون = باڪ کان، ڀو کان

(7)  لاڪون = کان وٺي

(8) تاڪون = تنهن وقت کان وٺي

(9) حامل حطب = ڪاٺيون کڻندڙ، مزور

(1) گاهيون گام تي = نقش قدم تي هليو،

(2)  آب ور = پاڻي ڀرو، پخالي.

(3)  دوان = روان، پري ڀڄن

(4) اسمر = گندم گون، ڪڻڪ رنگو.

(5) بياض = سفيد، اڇو،

(6) اللون = رنگ، اسمر بياض اللون، = سفيد گندم گون، سفيدي مائل ڪڻڪ رنگو

(7). گندم گون = ڪڻڪ ورنو گون = رنگ ، ورن

(8) نصن = ڊنو

(9).قمرين = سج ۽ چنڊ

(1) لڪ لمعة الجبهة لقب = تنهنجو لقب، چمڪندڙ پيشاني آهي.

(2)  شهب = تارا.

(3)  ڪالحطب = ڪاٺين وانگر يعني سڙي خاڪ ٿيڻ.

(4)  ٿيا برق.... نظر = جيئن باهه ڪاٺين کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي آهي، تيئن محبوب جي نوراني نظر به بجليءَ کي بيهاري ڇڏيو،

(5) مجتمع اللحيہ = گهاٽي ڀريل ڏاڙهي.

(6) سونهاري = سونهن واري، جا منهن کي سونهن ڏئي، ڏاڙهي.

(7)  چاپوين = ڀريل ۽ سهڻي سونهاري.

(8)  تم = تمام، سڀ.

(9)  عشرت العشر = سوين پتي، توحيد... عشر العشر = جيڪڏهن ساري عمر تنهنجي تعريف ڪريان ته به سوين پتي به پوري ڪري نه سگهندس

(10)  پريا = اڇا وار.

(11)  اتا = چيا.

(12)  رون = روايت ڪن.

(13)  سڌيون = خبرون.

(1) اقن لائق = حد درجي جا چمڪندڙ

(2) سل = ٻڌاءِ،

(3) فصل = جدا، الڳ.

(4) وٿ = وٿي، وٿ سان هئا. وٿيرڪا (ڏند) هئا.

(5)  ڪنگرن = برجن.

(6) درج= دٻلو.

(7) دهر = دنيا.

(8) معنيٰ مفاتيع اللسان = زبان معنيٰ جي ڪنجي آهي يعني فصح زبان.

(9)  دائود جو ٻوٽيو دهان = حضرت دائود عليہ السلام جو وات (محبوب جي سهڻي گفتار ٻڌي)، ٻوٽجي ويو حصرت دائود عليہ السلام خوش الحان هو.

(10)  حاجبين = ٻئي ڀرون، ازج الحاجبين = جاڙا ڀرون.

(11)  مٽ = برابر.

(12)  ڪهڪشان = آسمان جو روشن گس يا پٽو.

(13)  ڪبين = ڪجي نه.

(1) تام القامہ = پوري قدر وارو، ڊولائتو.

(2)  اسود العينين = ڪاريون اکيون.

(3)    دن ريت = ڏينهن رات، هت شاعر اکين جي ”ڪاراڻ“ کي .رات“ ۽ ”اڇاڻ“ کي ڏينهن ٿو سڏي. چوي ٿو ته، ”گويا ڏينهن ۽ رات گڏ هئا.“

(4)   انامل =  آڱريون.

(5)  رقيق = نازڪ، باريڪ سنهيون، هِت مهبوب جي معجزه ڏانهن اشارو ڪيل آهي. سندن آڱرين مان بي انداز پاڻي وهيو هو.

(1)  في البدن ليس الشعر هو= بدن تي وار ڪو نه هو.

(2)  خط = ليڪو (وارن جو سيني کان دن تائين).

(3) ناف = ناڀ.

(4) دن سرة اليٰ و من الصدر = دن کان سيني تائين ۽ سيني کان دل تائين (ليڪو هو).

(5)  بافتراڪ = ڪنجڪي، گهوڙي سان گڏ ڊوڙندو هلندڙ.

(6)  شاهد نبوت تي شجر = وڻ به نبوت جي شاهدي ڏني.

(1)  آسان = آسون، اميدون.

(2) داڙو = شفيع، ڇڏائيندڙ.

(3)  درمان = علاج

(4) مره= بخشش

(5) چيٺيا = ڇٽايا.

(6) جرح = ڦٽ، زخم،

(7) بنت النبي = نبيءَ جي ڌيءَ

(8) شاتمہ = ملامت ڪندڙ.

(9) ڪاتمہ = راز لڪائيندڙ

(10) اوامر = حڪم.

(11) آتمہ = حصو وٺندڙ هت نبيءَ جي نياڻيءَ جي ساراهه ڪيلآهي ته هوءَ شيطان کي ملامت ڪندڙ هئي، رازدار هئي، جيڪي ڪرن وارا ڪم هئا، تن ۾ سرگرم حصو وٺندڙ هئي.

(1) حرز = پناهه بچاءِ جو هنڌ، سلامتيءَ جي جاءِ،

(2)  حصن الحاتمہ = مضبوط قلعو،

(3)  خيرالنساءِ = سڀني عورتن ۾ ڀلي.

(4)  صائم دهر (صائم الدهر) = هميشہ روزائت

(5)  رچي = رڱجي، مڪمل تيار ٿئي.

(6)  ڏيب = ڏاج، بخشش، انعام.

(7) پهيو = خيال ڪيو، ويچاريو.

(8)  سقر = دوزخ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org