سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات شاهه محمد ديدڙ

صفحو :15

 

 

(6) صلوات تو سر سيدا

1- هردم چوان، هر آن(1) ۾،

هر لحَظ، هر اِمڪان(2) ۾،

ڇا وسنَو(3)، ڇا وَيران ۾،

جو فرض ڦئي فُرقان ۾،

صلواة تو سِر، سَيّدا،

صلي الله عليہ وسلم.

 

 

2- جِن، بَشر، هَزده هَزار جِي،

ڇا مَلَخ(4)، مور(5) و مارَ(6) جي،

ڇا بَر، بَحر ذَخّار(7) جي،

هر ڪانِ(8) ۽ ڪُهسار جِي،

صلواة تو سِر، سَيّدا،

صلي الله عليہ وسلم.

 

 

3- تون، زيب آنءِ زمين جو،

مالڪ، مَڪان، مَڪين(9) جو،

تون شاهُ، تَخت نِگين(10) جو،

هي وِردُ، روُح آمين(11) جو،

صلواة تو سِر، سَيّدا،

صلي الله عليہ وسلم.

 

 

4- تو کَون خوشي آ خلق کي،

تو فَرّ(1) بخشيو فلڪ کي،

پارس، رَسين هر پَلڪ کي،

هَديو(2) مليو هر مَلڪ کي،

صلواة تو سِر، سَيّدا،

صلي الله عليہ وسلم.

 

 

5- چَئي جان فدا جِبرئيل ٿي،

مَون مِهر مِيڪائيل ٿي،

سان عشق اِسرافيل ٿي،

عِجزون پڙهي عِزريل ٿي،

صلواة تو سِر، سَيّدا،

صلي الله عليہ وسلم(3).

 

 

6- چئي رَعد(4)، لُومائيل ٿي،

دل ساڻُ، دَر دائيل ٿي،

شوڪت مَون، شَمّائيل ٿي،

مَون طَلب، طَرطائيل(5) ٿي،

صلواة تو سِر، سَيّدا،

صلي الله عليہ وسلم.

 

 

7- چئي نَسر- طائِر(6) ناز مَون،

پَروين(7)، پُر آوازَ مَون،

مِيزان(8)، نِوڙت نِياز مَون،

پَروين، پُر آوازَ مَون،

صلواة تو سِر، سَيّدا،

صلي الله عليہ وسلم.

 

 

8- ڪن، ڪُرمشون(1) قَمَريۡن(2) ٿا،

عاجز اُڀي اِثنَيۡن(3) ٿا،

في الوقت(4)، في المَلوَيۡن(5) ٿا،

دَم دَم، پڙهن دِن رَين(6) ٿا،

صلواة تو سِر، سَيّدا،

صلي الله عليہ وسلم.

 

 

9- نُہۡ فَلڪ(7)، هر هڪ حور جي،

هر سَلڪ، مَحل، قُصور جي،

رِضوان، روضي نُور جي،

شافع شراب طَهور جي،

صلواة تو سِر، سَيّدا،

صلي الله عليہ وسلم.

 

 

10- مالڪ، جھنم نار جي،

آعراف(8)، هَر آنهارَ(9) جي،

طُوبيٰ ۾ هر آشجارَ(10) جي،

هر باغ، هر دربان جي،

صلواة تو سِر، سَيّدا،

صلي الله عليہ وسلم.

11- هر تخت، هر غِلمان جي،

هر باب، هر دربان جي،

هر ماڳ، هر اِمڪان جي،

هر بحَرَ بي پايان جي،

صلواة تو سِر، سَيّدا،

صلي الله عليہ وسلم(1).

 

 

12- آدم، حَوا، هابِيل جي،

شَہۡ شيث، اسماعيل جي،

اِدريس، اِسرائيل(2) جي،

خود نُوح، خاص خَليل جي،

صلواة تو سِر، سَيّدا،

صلي الله عليہ وسلم.

13- مُوسيٰ، هميشہ هُودَ جي،

صالح نبي، داؤد جي،

يعقوب، صاحبِ جوُدَ(3) جي،

يوُشح، مِٺـٖـي مقصود جي،

صلواة تو سِر، سَيّدا،

صلي الله عليہ وسلم.

 

 

14- ذَوالکِفل(4)، زَڪريا سندي،

هاروُن ۽ عيسيٰ سندي،

يُوسف، يَسع، يَحيٰ سندي،

هاروُن ۽ عيسيٰ سندي،

صلواة تو سِر، سَيّدا،

صلي الله عليہ وسلم.

 

 

15- شہ لُوط، سُليمان جي،

اِلياس شہ عِرفان جي(5)،

خود خِضر ۽ لُقمان جي،

يوُنس مُعليٰ شان جي،

صلواة تو سِر، سَيّدا،

صلي الله عليہ وسلم.

 

 

16- چئي دانيال، دلير ٿـٖـي،

اِسحاق ۽ عُزّيۡرَ ٿـٖـي،

جَرجِيس، ذَڪّي زُبير ٿـٖـي،

شُعۡيب، شَعيا شيـٖـر ٿـي،

صلواة تو سِر، سَيّدا،

صلي الله عليہ وسلم.

 

 

17- هر شهر، هر هڪ محل جي،

هر ذات هر هڪ آهل جي،

هر نيڪ هر هڪ سَهل جي،

مِڙني مَزو، هر مَهل جي(1)،

صلواة تو سِر، سَيّدا،

صلي الله عليہ وسلم.

 

 

18- عَرب و عَجم(2)، ايران جي،

ڪابل ۽ ڪوهستان جي،

طائِف، جِدي، تُوران جي،

مَسقط، مُبئي، مَڪران جي،

صلواة تو سِر، سَيّدا،

صلي الله عليہ وسلم.

 

 

19- بَلخ و بُخارا، چين جي،

قَنڌار، قُسطۡنطِين جي،

آفغان، ۽ اِسپين جي،

يُورپ(3)، يَمن، پَشين(4) جي،

صلواة تو سِر، سَيّدا،

صلي الله عليہ وسلم.

 

 

20- صديق صاحِب غارِ جي،

فاروُق دُرّي دارَ(5) جي،

عُثمان، سِپہ سالارَ جي،

شہ دُلدُل هَسوارَ جي،

صلواة تو سِر، سَيّدا،

صلي الله عليہ وسلم.

 

 

21- شہ حَسَن، خاص الخاص جي،

هادي حُسين، آساس(1) جي،

عَمّاه، خَيرالنّاس جي،

حَمزي، سچي عَبّاس جي،

صلواة تو سِر، سَيّدا،

صلي الله عليہ وسلم.

 

 

22- سَعدو، سَعيد، زُبير جي،

طَلحة، تَڳاهَر وير جي،

شہ عبدالرحمان، بَشير جي،

عُبّيد، سالڪ شيرَ جي،

صلواة تو سِر، سَيّدا،

صلي الله عليہ وسلم.

 

 

23- اصحاب، هر اِجلالَ(2) جي،

سَلمان، صاحِب حال جي،

بانگي بَشيرَ، بِلال جي،

آوۡتاد، هر آبۡدالَ جي،

صلواة تو سِر، سَيّدا،

صلي الله عليہ وسلم.

 

 

24- هر عمر، جيڪو دم هجي،

تنهنجي ثَنا سان، تَم(3) هجي،

هي، مون ڪميني ڪم هجي،

مَجروح کي، مَرهم هجي،

صلواة تو سِر، سَيّدا،

صلي الله عليہ وسلم.

 

 

25- سنگت کي، امن امان ڏي،

مُرسَل، مداحيءَ مان ڏي،

دلبند، دُهرا دان ڏي،

فرزند فيض رَسان ڏي،

صلواة تو سِر، سَيّدا،

صلي الله عليہ وسلم.

 

 

26- شہ شاه مُحّمد شاد ڪيو،

هيءَ، مُون عطا امداد ڪيو،

عالم، سندم اولاد ڪيو،

اسلام تي اِستادُ(1) ڪيو،

صلواة تو سِر، سَيّدا،

صلي الله عليہ وسلم.

 

 

27- مَن، ڏَنهن پَليتن، پاڪ ٿئي(2)،

دل، چاڪ ٿي، سا چاق ٿئي،

هر باڪ کَون، بي باڪ ٿئي،

هي وردُ، هَردم واڪ ٿئي،

صلواة تو سِر، سَيّدا،

صلي الله عليہ وسلم.

 

 

28- مُرسل، مَدحَ مَقبول ڪر،

ماري عَدو، مَعزوُل ڪر،

مَعزول کي، مَقتُول ڪر،

مَنُ، پاڻ ڏي مشغول ڪر،

صلواة تو سِر، سَيّدا،

صلي الله عليہ وسلم.

 

 

29- دلدار، دنيا، دين ڏي(3)،

ٻي ڪاڻ، ڪنهن جي ڪين ڏي،

دل، مونجھ، مشڪل ۾ نه ڏي،

امدادُ مَر، مَرهين ڏي،

صلواة تو سِر، سَيّدا،

صلي الله عليہ وسلم.

 

 

30- ڍَڪ عيب، شافع، شان سان،

دارين، امن امان سان،

ٿئي عاقبت، آسان سان،

ڪلمون ڪَهان ايمان سان،

صلواة تو سِر، سَيّدا،

صلي الله عليہ وسلم.

لا الہ الا الله محمد رسول الله

صلي الله عليہ و آلہ و اصحابہ اَجمعين.

 

(7) مدح مستغات

 

1- اِسم ٿي احمدا، الله جو،

داد ڪر، بَهرِ خدا(1) بي واه جو،

دَرَ ڇڏي ٻيا، دَرُ وتم درگاه جو،

اِلتجا ٻڌ، عرض ڏاتر ڏاهَه(2) جو،

رس رسول الله مشفق، مُستغاث(3)،

آلغِياث والغِياث والغِياث!

 

2- بيڪسي، بدڪار پِيَڙي پيش جا،

درد مئون دانهون ڪري دل ريش(4) جا،

جي ڪمينيءَ فعل ڪيا ڪم بيش(5) جا،

معاف ڪر يا دلربا، دُرويش جا،

رس رسول الله مشفق، مُستغاث،

آلغِياث والغِياث والغِياث!

 

3- زندگاني صرف لَهو ولَعب(6) ۾،

وئي خِجل(7) ٿي واءِ(8)! خوردن(9) خواب ۾،

هيءَ اجائي وثي عمر آسباب ۾،

مَن فِتان خيزان زِ رَنج وتاب(1) ۾،

رس، رسول الله مشفق، مستغاث،

الغياث و الغياث و لغياث!

 

4- سڏڪيون سُڏڪا ڀري پروش پِني،

لاڳ(2) جي لالچ ڌريون، دامن ڳِنهي،

ٿئي نوازش، قرب جي ڪوجھي ڪني،

هيءَ عطا امداد ڪر ڇوري ڇِني،

رس، رسول الله مشفق، مستغاث،

الغياث و الغياث و لغياث!

 

5- مَنگتو، مادح پرين، پرتو آٿي،      واءِ!

وَهمن ۾ ولهو(3) ورتو آٿي،

داد لئي دانهين آيو، تو در آٿي،

منجھ سخا ثاني نڪو سرتو(4) آٿي،

رس، رسول الله مشفق، مستغفاث،

الغياث و الغياث و الغياث!

 

6- عمر عصيانن(5) اندر، افراد(6) وئي،

زندگاني بر غلط برباد وئي،

هَي! عمارت عمر(1) بي بُنياد وئي،

ڇا چوان فرياد بر فرياد(2) وئي،

رس، رسول الله مشفق، مستغفاث،

الغياث و الغياث و الغياث!

 

7- گَر گُنهه منهنجا گھڻا، ڪالعدم(3) ڪر،

حال هيڻيءَ جو ڏسي، ڪو ڪرم ڪر،

سنگ دل کي بانوازش نَرم ڪر،

شاهه، شاهن جا شفيع تون شرم ڏر،

رس، رسول الله مشفق، مستغفاث،

الغياث و الغياث و الغياث!

 

8- حال سرگَردان(4) يا سردار ڏِس،

غم گِردان دل بارُ ڪئي، غمخوار ڏس،

من يَتيِمۡ(5)، يا يتيمن يارَ ڏِس،

دوست دلگيرن سندا دلدار، ڏس(6)،

رس، رسول الله مشفق، مستغفاث،

الغياث و الغياث و الغياث!

 

 

9- تون وسيلو واهروُ، وَر(1) ويـٖـر(2) ٿي(3)،

ننگُّ توتي يا شهنشہ شير ٿي،

عرض ۾ عاجز آڀو، پر پيـٖـر(4) ٿي،

هر عدوۡ(5)في تَحت قدمِڪ(6)، زير(7) ٿي،

رس، رسول الله مشفق، مستغفاث،

الغياث و الغياث و الغياث!

 

10- نفس ناقص جي شرارت شور ڪيو،

قلب کي ڪِرتن(8) ڪچائن(9) ڪور(10) ڪيو،

ذلّتن، مون سان جفا ۽ جور ڪيو،

بي قوي بيدل، زِقُوّت(11) زور ڪيو،

رس، رسول الله مشفق، مستغفاث،

الغياث و الغياث و الغياث!

 

11- هر زمان هر جابجا، بَد قوم کَون،

جنهن رنڊايو آ، صلواة وصوم(1) کَون،

وقت زايع ويا، زِغفلت نوَم(2) کون،

دل ڪَنبي، ٿڙڪي، خشر جي يوم(3) کون،

رس، رسول الله مشفق، مستغفاث،

الغياث و الغياث و الغياث!

 

12- درد جُرمن(4)، دل ڪئي درماندگي(5)،

وئي تِلاوت(6) ۽ وظائف(7)، خواندگي(8)،

تنهن سبب خاطر (9)زِ(10) خون افشاندگي(11)،

بدڪمن ڪئي منجھ بدن بنشاندگي(12)،

رس، رسول الله مشفق، مستغاث،

الغياث و الغياث و الغياث!

 

13- دلبرا، ديدار لئي دل درد ناڪ،

نت سِڪي سائل هجر ۾ ٿيو هلاڪ،

ڪارِ دَرسن يا نبي حق نُور پاڪ،

مَرچمي خادم، سندءِ قدمين خاڪ،

رس، رسول الله مشفق، مستغاث،

الغياث و الغياث و الغياث!

 

14- جي سڏي مادح، ڪرين قدمين وٽ،

تان ڪرين، نئون نئون ثنا نعلين(1) وٽ،

حضرتا! حاضر هجان حَسنۡين(2) وٽ،

دم پُڄن، منهنجا هلي، حَرمين(3) وٽ،

رس، رسول الله مشفق، مستغاث،

الغياث و الغياث و الغياث!

 

 

15- درد جو داروُ دوا، تنهنجو پَسڻ،

مرض جي معجون ٿَم تنهنجو هَسڻ،

مَرهمان مشتاق جون، تنهنجو وسڻ،

لوه کي پارس ڪري، تنهنجو گسڻ،

رس، رسول الله مشفق، مستغاث،

الغياث و الغياث و الغياث!

 

16- مون ڪمينيءَ، سڀ ڪچون ڪيون ڪِرتُون(4)،

ڪين سالم سَيّدا، ٿَم، سِيرتُون(1)،

ميٽِ، يا مرسل مُحّمد مير تون،

پاڪ ڪر، پيغمبرن جا پِيرَ تون،

رس، رسول الله مشفق، مستغاث،

الغياث و الغياث و الغياث!

 

17- هز حيلو هَي! نه ڄاڻي هاج ڪا،

گنج پِنهان، مَئون، اچي ڏي آجڪا(2)،

سام پَئيءَ(3) جي سار لهه، سرتاج ڪا،

يا نبي، ٻانهيءَ مَٿون ڪر ٻاجھ ڪا،

رس، رسول الله مشفق، مستغاث

الغياث و الغياث و الغياث!

 

18- انورا، ٻُڌ اِلتجا، اِرشادُ ڪر،

احمدا، عاصيءَ مٿئون امداد ڪر،

پُشت(4) قائم(5)، ۽ قَوي بُنياد ڪر،

نيڪُ صالح يا نبي، اولاد ڪر،

رس، رسول الله مشفق، مستغاث،

الغياث و الغياث و الغياث!

 

19- شرم جي لڄ شاه، شاهن جا رکين،

رزق پنهان، پاڪ ڏي ڪامل، ڪکين(1)،

فيض مندر فرزندُ، ڏيکاريو اکئين،

تان ڀلي ڪن عبرتون عالم لکين،

رس، رسول الله مشفق، مستغاث،

الغياث و الغياث و الغياث!

 

20- شہ شريعت جا، شريعت سان جيار،

تَن طريقت تي قوي، ڪامل اُڀار،

منجھ مُعارف آنت مُوتواقبل(2) مار،

حق حقيقت جو ادا، ڪر دار ڪا،

رس، رسول الله مشفق، مستغاث،

الغياث و الغياث و الغياث!

 

21- ڪين عالم نيڪ، نَحو و صَرف ۾،

جو ادا آداب ڪيان، هر حرف ۾،

ٿم تَڳا(3)، توشو(4)، تڪيو(5) تو طرف ۾،

شاد ڪندو شاهه مُحّمد شرف ۾،

رس، رسول الله مشفق، مستغاث،

الغياث و الغياث و الغياث!

 

22- وقت آخر جي وسيلا تون ورين،

گورَ(1) محشر ۾ سَڀا سَگھ ٿو سَرين،

سام تي سڪرات ۾، هٿڙا ڌرين،

سر زبان جاري، مٿون ڪلمون ڪرين،

لااله الّا الله محمد رسول الله

صّلي الله عليہ والہ. و اصحابہ اجمعين.


(1) هرآن = هر گهڙي.

(2)  امڪان ۾ = هر حالت ۾.

(3)  وسنو = وسندي، آبادي.

(4)  ملخ = ماڪڙ.

(5)  مور = ڪول، ماڪوڙي.

(6)  مار = نانگ.

(7)  بحر ذهار = ڇوليون ماريندڙ سمنڊ، اٿهه سمنڊ.

(8)  ڪان = کاڻ.

(9) مڪين = رهندڙ.

(10)  نگين = مهر، تون تخت نگين = نبوت جي مهر جي تخت جو تون سردار (بادشاهه) آهين.

(11)  روح امين = روح الامين = حضرت جبرئيل عليه السلام.

(1)  فر = دبدبو، مرتبو.

(2)  هديو = تحفو (دين ۽ اسلام جو).

(3)  سڀني معزز ملائڪن، سڪ ۽ عشق سان ۽ عاجزيءَ سان صلوات ٿي چئي.

(4) رعد = گجگوڙ، گاج.

(5) لومائيل، دردائيل، شمائيل ۽ طرطائيل فرشتن جا نالا آهن.

(6) نسر طائر = عقاب مثل تارن جو ميڙ.

(7) پروين = ڪَتي

 (8)  ميزان = تارازيءَ، آسماني ستون برج.

(1)  ڪرشمو = ڪرنشيون، آداب.

(2)  قمرين = سج ۽ چنڊ

(3) اثنين = ٻئي، (چنڊ ۽ سج)

(4) في الوقت = ساڳئي وقت، اڀرڻ وقت.

(5) في الملوين = رات ڏينهن ۾.

(6)  دين رين = ڏينهن رات.

(7) نہ فلڪ = نو آسمان، نو آسمان، هر هڪ حور، هر ملڪ، جو بهشت جي هر محلي جو پاسبان آهي، خواه فرشته رضوان، خواه حوض ڪوثر وارو فرشتو، سي سڀ توتي صلوات پڙهن ٿا.

(8) اعراف = بهشت ۽ دوزخ جي وچ واري جاءِ جو نالو.

(9) انهار = نهرون، واحد ”نهر“.

(10) اشجار = وڻ واحد ”شجر“ دوزخن جي فرشتن جي سردار مالڪ فرشتي جي ، عالم برزخ جي اعراف ڀاڱي جي ۽ سڀني بهشتي نهر، عرس عظيم جي طوبيٰ وڻن جي ۽ سڀني بهشتي باغن جي توتي صلوات آهي.

(1) بهشتي تخت، خواه بهشتي علام ڇوڪرن، توڙي بهشتي دربانن جي، خواه اتي جي امڪاني حالتن جي، يعني ساري رمز الاهيءَ جي بي پايان هڪمت جي توتي صلوات آهي.

(2) اسرائيل = حضرت يعقوب ء جو اصلوڪو نالو.

(3) صاحب جو = سخا جو صاهب، سخي.

(4) ذوالڪفل = زور وارو.

(5) الياس شهه طرفان = الياس عارف يا الله جي.

(1) مڙني .... جي = مڙني کي هر وقت هڪ لطف ٿي آيو جو صلوات ٿي پڙهيائون.

(2)  عجم = عربستان کان سواءِ ٻيو ملڪ،

(3) پورب = اوڀر، ضد ”پڇم“.

(4)  پشين = پڇم، اولهه.

(5)  فاروق دري دار = حضرت عمر فاروق دره وارو، حضرت عمر رضه جا درا يا چابڪن جي سزا مشهور آهي.

(1)  اساس = بنيادي

(2)  اجلال = مرتبو.

(3) تم = تمام، پورو.

(1) استاد = محڪم، قائم.

(2) من.... ٿئي = پليت خيالن کان سندم من پاڪ ٿئي، گناهن کان ڦارون ٿيل دل، سا صحتياب ٿئي، هر خوف کان دل بي خوف ٿئي ۽ مون کي هي ورد برزبان ٿئي.

(3) دنيا دين ڏي = دنيا ۽ دين ڏي يعني دارين جي سعادت نصيب ڪر،

(1) بهر خدا = خدا جي واسطي

(2)  ڏاهه = گولي، نوڪر،

(3)  مستغاث = جنهن کان مدد گهربل هجي.

(4) دل ريش = دل ڦٽيل،

(5) ڪم بيش = گهٽ وڌ.

(6) لهو و لعب = راند رودن.

(7) خجل = شرمنده.

(8) واءِ = افسوس.

(9)  خوردن = کائڻ

(1)  من فتان ..... تاب ۾ = رنج ۽ مصيبت ۾، ڪڏهن ڪِران ٿو ته ڪڏهن اٿان ٿو،

(2)  لاڳ = ڏاڻ، انعام.

(3)  ولهو = سڃو

(4) سرتو = هڪ جيڏو، برابر.

(5)  عصيانن = گناهن.

(6) افراد = اجائي.

(1)  عمارت عمر = حياتيءَ جي جڳهه.

(2)  فرياد بر فرياد = دانهن تي دانهن.

(3) ڪالعدم = عدم مثل.

(4) سرگردان = پريشان

(5) من يتيم = مان يتيم آهيان.

(6) يا يتيمن يار ڏس = اي يتيمن جا يا ڏس.

(1)  وير = مهل

(2) وَرُ ويرَ ٿي = موٽڻ جي مهل ٿي، مدد جو وقت ٿي.

(3) برپير = پير تي، پير پير تي.

(4) عدو = دشمن

(5)  تحت = هيٺان

(6) قدمڪ = تنهنجا قدم، عدو، قدمڪ = دشمن تنهنجي قدمن هيٺان هجي.

(7)  زير = هيٺ.

(8)  ڪرتن = ڪمن.

(9)  ڪرتن ڪچائن = ڪچن ڪمن، گناهه وارن ڪمن.

(10) ڪور = انڌو.

(11)  ر قوت = طاقت کان.

(1) صلواة و صوم = نمازون 7 روزا.

(2) نوم = ننڊ.

(3) يوم = ڏينهن

(4) جرمن = گناهن.

(5) درماندگي = پريشان

(6)  تلاوت = قرآن شريف پڙهڻ

(7) وظائف = ورد، واحد ”وظيفہ“

(8) خواندگي = پڙهڻ.

(9) خاطر = دل

(10)  ز = کان

(11) خون افشاندگي = رت ڳاڙڻ، خوني ڳوڙها ڳاڙن.

(12) بنشاندگي = ويهڪ

(1)  نعلين = جتي.

(2)  حسنين = امام حسن ۽ امام حسين عليه السلام.

(3)  حرمين = ٻه گهر (ڪعبو ۽ روضو رسول صلعم).

(4) ڪيرتون = ڳالهيون، ڪم.

(1)  سيرتون = عادتون

(2)  آجڪا = کاڌو

(3) سام پئي = اجهي هيٺ آيل.

(4) پشت = پٺي، پٺ

(5) پشت قائم = پٺ قائم ڪر، اولاد ڏي.

(1)  ڪکين = پنهنجن ڪکن، پنهنجي جهوپڙيءَ اندر.

(2) انت موتواقبل = موتواقبل ان تموتوا = مرو، مرڻ کان اڳي مرو.

(3) تڳا = آسرو

(4) توشو = ثمر.

(5) تڪيو = وهاڻو، ٽيڪ.

(1) گور = قبر،

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org