سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات شاهه محمد ديدڙ

صفحو :24

 

(10)

بسم الله الرحمان الرحيم

الف، آوي جيڪر جانِي، مَهه رخ ميڏان مُحب حَقاني،

گھوران تَنهن تون جِندُ جُواني، قدم قدم تون ٿي قرباني،

گھور ڪَران سِر گھوري، گھوري، جيڪر آوي جانب اوري.

 

بي، هَڻ باهه فراقان ٻالِي، چولي(2) چِڻنگَ پئي مَچ واليِ،

ساڙي آتش ڄيري ڄالِي(1)، ڪِيتا محبت مَست مَوالي،

بِرهه ڪيتا تَنُ ڀوري ڀوري، جيڪر آوي جانب اوري.

تي، تُهيندي سڪ سدائِي، ساڙيا سينا جِسم جُدائي،

ٿاهر لائِي يار ٿَڌائي، ڪَڏان مِسلمِ مَيڪوُن جائِي(2

ٿِيسِن رَب دي ٿوري ٿوري، جيڪر آوي جانب اوري.

ثي، سِڪ ثابت جنهندي سينـٖـي، غَم وچ جان جُثا غَمگيني،

محب ڏٺي ٿئي ماهه مهيني، آسِم(3) قُرب سُڃاڻ قَريني،

ڦول سُڻاوين ڏک دي ڦوري ڦوري، جيڪر آوي جانب اوري.

جيم، جنهين لئي ڪانگ اُڏائين، ٻانڀڻ پوٿيدار پُڇائين،

ڪَڏان ملسم ساجن سائين، پِنان در در وڃ دُعائين،

آکيان آب وهايم ڍوري ڍوري، جيڪر آوي جانب اوري.

حي، حُسن هار هنجون ڳل پوئي، چشمان چِڪ وهايم چوئي،

ڏُکان ڏيل اندر جَنڊُ جھوئـٖـي، پَسين پِڻڪيان ڪاسـٖـي ٽوئـٖـي،

ڏُک دا جالَڻ جھوري جھوري، جيڪر آوي جانب اوري.

خي، هُڻ خيالُ تَمامِي رهندا، ڏيکان جانب ڪُون گَڏ ٻَهندا،

سِينا، ساعت ڌار نه سَهندا، ڏيل ڏکان وچ ڳَلدا ڳَهندا،

ڪِيتا جنهندي عشق اُداسي، محب مِٺا شل وهندي(4) آسِي.

دال، ميڏي دل ڪردي دانهان، دم دم نيڻ نهارن راهان،

هَي هَي عشق ڪرايم آهان، جنهندي ٻاڻ(1) ٻڌايم ٻانهان،

فند اُهين وچ دلڙي ڦاسي، محب مٺا شل وهندي آسِي.

ذال، ذڪرُ مَين ظاهُر ڪيتا، هوش عقلُ لُٽ پياري نِيتا،

غم دا چاڪُ(2) نه سُهڻل سيتا(3)، آڻ دکايا عشق پَليتا،

واس اُنهين وچ دلڙي واسي، محب مٺا شل وهندي آسي.

ري، هُڻ روح ٿيا بـٖـي وَسي، چکيس عشق والي چَت چسّي،

دل دٻاڪر دلبر کَسّي، گھَتيُس ريهه ريجھا وَه رَسّي،

ڪِيتا پلپل پار پياسي، محب مٺا شل وهندي آسي.

زي، مَين زاري ڪر ڪر ٿَڪي، تُرت نهاري تاري تَڪي،

وَل سگھا ڏي فرحت ڦَڪّي، ڍوليا، آوين مُنهن نه ڍڪي،

باس تيڏي مَين دلبر باسي، محب مٺا شل وهندي آسي.

سين، سڄڻ دا قاصدُ آيا، آيا نِچ، ڀلي ڪر ڄايا،

آوڻ دا تنهن حال سُڻايا، سُوران سُڻ، سِگھا موڪلايا،

عشق ڪرائي دل آرداسي، محب مٺا شل وهندي آسي.

شين، ڪران مَين لَک شُڪراني، غم ٿئي راتو واهه رواني،

وڄي شادي شادماني، ڏک لٿي ٿئي سک ڏُهاني،

ويک آسانُون خَر کَلـٖـي کاسِي، محب مٺا شل وهندي آسي.

صواد، صَنم اڄ سائين آندا، وَهم ڪَنُون ٿيا عاشق واندا،

مَحبت جنهنڪون ڪيتا ماندا، سو سُڻ رات ڏيهان ڳُڻ ڳاندا،

لَڳِي شاهِي آءِ شمَالـٖـي، لَک الۡحَمدَ لَکين شڪراني.

ضواد، ڏٺي ٿئي ڏينهن گھڻيري، سو رَب آندا طالِع ميري،

دلبر يار ٻيٺا گھَت ديري، صدقي ساهُه ڪران سوَ ڀيري،

هردم حمد ڪران يَزداني، لک الحمد لکين شڪراني.

طوي، طلب تَن تنهن ڏَينهُن تانگھي، مُتم(1) ڪاغذ قاصد ڪانگي،

سو رب آندا ميڏي سانگي، سڙسن دُز مُنافَق دانگي(2

تيز جِنهان پَئي ماري طعني، لک الحمد لکين شڪراني.

ظوي، مَين ڏِٺّا پاڪ ظُهوُرا، هويا مقصد دل دا پُورا،

ڏِتا جانب جامُ طَهُورا، پيتُم پَلَٽ عجب وچ طُورا،

محب مليوسيـٖـن وچ ميخاني، لک الحمد لکين شڪراني.

عين، عنايت ڪِيتِي سائين، گھُليان(3) خيرسَلا(4) ديان وائين(5

ڏيوان جُوڙ اکيـٖـن وچ جائِين، لکين ٿوري تِنهندي ڀائين،

اڏن وچ اندر آشيانـٖـي(6)، لک الحمد لکين شڪراني.

غين، غَمان وچون دلڙي ڇُٽي، وَت وداع دي واڳ ٽُٽي،

حسرت والِي حالت ڇُٽي، دوست مِليوسـٖـي جنهن دل لُٽِي،

آها جو اندر جسماني، لک الحمد لکين شڪراني.

فـٖـي، جو دلبر دي دل ڦيـٖـڙي، گھَتي جُوٽا جھڳڙي جھيڙي،

او رب آڻ نه ميڏي نيـٖـڙي(1)، والِي تڙيس وچون ويڙهي،

سو، مَرُ منافق مُنهن تي جھَلي، ڪُتـٖـي خارج دي سِر کلّي.

قاف، پَوس سر ڪُوڪ قهر دا، آسِس ڪڙڪ سَويل سَحر دا،

پِنـٖـي در در شُوم شهر دا، چکيس چُوچا ذوق زهر دا،

ويـٖـسِي تَحت الثرائي دي تَلي، ڪُتي خارج دي سِر کَلي.

ڪاف، ڪميني ڪوُن رَب روليا، جوٺي جَنهن وچون آهس اوليا(2

ڳَهلا مولُ نه لَڀسِي ڳوليا، مِليا مَہ رُخ جانب ڍوليا،

سِڪ جنهنيدي پوکيم سَلي، ڪتي خارج دي سر کلي.

لام، لڳا هُڻ نينهن نغارا، هادي ٿيوين عشق سونهارا،

يار مليا، ٿيا سَعہ ستارا، کاڌا دشمن داغ دوبارا،

ڳَهلا ويکان ڪڏهن نه ڳلـٖـي، ڪتي خارج دي سر کلي.

ميم، مَيڏا ٿيا حضرت هادي، آيا شاهه هوئي گھر شادي،

مُنهِن محبوب ٻيـٖـٺا گھَت گادي، هوئي نال رُلئي دي تعدي،

ڪانه حَرامي دي هُڻ هَلي، ڪتي خارج دي سر کلي.

نون، نظارا نُور حَقاني، دوست دکايم اڄ دل جاني،

شمس نه تنهن دي صوت ثاني، ڪوڙيـٖـن قَمر ٿَئي قُرباني،

رخ تون جانب پردا چايا، ڪِيتم لک الحمد خدايا.

واءُ، وسيلا والِي جوڙيا، مَہ رخ مَيڏي ڇوڙيا،

يار صَحن تي خيما کوڙيا، رَڪ رقيب ڪُتا ٿيا ڪوڙهيا،

ساجن سَڏُ ڪر ڪول ٻِلهايا، ڪيتم لک الحمد خدايا.

هي، هُڻ حَمدُ ڪَران هَر ويلـٖـي، دوست مليوسيـٖـن وچ درٻيلي،

هرَ طالب نُون مَطلب ميلي، بَحر هِدايت پلٽـٖـي پَهلـٖـي،

نبـٖـي رب هادي نال مِلايا، ڪيتم لک الحمد خدايا.

لام، لطيفي خالص کلي، هُل هُٻڪار عطر دي هُلـٖـي،

مِلي مفت عجب آڻ مُلـٖـي، سر تي بار حُسن دي هُلي،

سُور سَڀو دک دوُر سِڌايا، ڪيتم لک الحمد خدايا.

الف، الف اُميدان دل ديان پُنيان، اکيان شاد رهيان جي رُنيان،

جھوري وچ ٿِيان جو جھُنيان(1)، دشمن مَلّ کَڙي مُنهن ڪُنيان(2

شاهه محمد شاهه پهرايا، ڪيتم لک الحمد خدايا.

يي، يَڪ يارُ مِليا مَهتابي، کُليا غُنچا گُل گُلابي،

مَن تَن مِلي مطلب يابِي، شہ مرسل دي شوق شتابي،

ڪَلمان ڪوڏئون(3) پاڪ پڙهايا، ڪيتم لک الحمد خدايا.

لا الہ الا الله مُحمّدُ الّرسُول الله

صلّي الله عليہ وآلہ وسلم.

 

(11)

بسم الله الرحمان الرحيم

الف، آ آلَہۡ دي نامُ تي،

مَين مُضطر(1) سائل سامُ تي،

اِنہِ بيڪس، بي آرام تي،

ڪر ڪرم ننگي، ناڪام تي،

رس حضرت، ويک حقير ڪُون،

آ، ڪر آزاد اَسيرُ(2) ڪُون.

 

بي،  بَندا هان تَئُن شاهه دا،

تُون ڀَرجھلا، مَين بيواه دا،

ٿي رهبر، مين بي راهُ دا،

تَڙ درد دُکايل ڏاهُه(3) دا،

رس حضرت، ويک حقير ڪون،

آ، ڪر آزاد اسير ڪون.

 

تي، تارِ(4) وچُون ڪڍ، تارني(5

آ پارِ لنگھا، درٻارني،

ڪر پار، مديني پارني(6

جا ڌار(1)، تنهن ڪون ڌار(2)ني(3)

رس حضرت، ويک حقير  ڪون،

آ، ڪر آزاد اسير ڪون.

 

ثي، ثابت هان سَگ(4) توڙ(5) دا(6

ڪر درد دفع رنج روڙ(7) دا،

هِم وقت سچا ايـٖـہِ سوڙه(8) دا،

ٿي  نافِع(9)،   مين   ناجوڙ(10)   دا،

رس حضرت، ويک حقير  ڪون،

آ، ڪر آزاد اسير ڪون.

 

جيم، جان   جُثا   جَنجال   چُـــون(11

ڪڍ  مرض   محال    ملال(12) چُون،

ڪر   آجا،  ڪُل  اعلال(13)  چون،

ڏي بَهرا، نُورُ جمال چُون،

رس حضرت، ويک حقير ڪون،

آ، ڪر آزاد اسير ڪون.

 

حي، حال حَقيرُ هَميشُ دا،

آ، درد وِڃا دل ريـٖـش(1) دا،

ڪر داروُ(2)، مين درويش دا،

هان پاڄي(3) پورهيت پيش دا(4

رس حضرت، ويک حقير ڪون،

آ، ڪر آزاد اسير ڪون.

 

خي، خاص خُدا لَڳ آپ آ،

ڪر وڇڙي دا ميلاپ آ،

سُڻ عاجُز دي آلاپ آ،

ڌو(5) پارس، مَيڏي پاپ آ،

رس حضرت، ويک حقير ڪون،

آ، ڪر آزاد اسير ڪون.

 

دال، درد مَيڏي، سڀ دور ڪر،

مَن نال شِفا مَعمُور ڪر،

وچ محبت دي مَخمُور ڪر،

يا مير مَدح منظور ڪر،

رس حضرت، ويک حقير ڪون،

آ، ڪر آزاد اسير ڪون.

 

ذال، ذوق مَيڏي ديان زاريان،

سُڻ سَيّد سائين، ساريان،

مين درد وڇوڙي ماريان،

گھت گھوٽ، نه ايڏيان گھاريان(1

رس حضرت، ويک حقير ڪون،

آ، ڪر آزاد اسير ڪون.

 

ري، روُحُ نَهين آرامُ دا،

هَي عاشق تَيڏي نام دا،

تون مير مُحمّد ڄام دا،

سِر بارُ اُٺالُوَ عام دا،

رس حضرت، ويک حقير ڪون،

آ، ڪر آزاد اسير ڪون.

 

زي، زنگ(2) ڳِڌي دل زور هي،

ٿيا قلب ڪَسان(1) گھِٽ ڪور(2) هي،

ڳَل نفس ڏُلئي(3) ڏورُ(4) هي،

نِت چائُو(5) لَڙدا، چورُ هي.

رس حضرت، ويک حقير ڪون،

آ، ڪر آزاد اسير ڪون.

 

سين، سائل مئن حاجات دا،

هان هردم تنهن حضرات دا،

ڪر پورا ڪمذات دا،

ڏي ڏيوا گھر ظلمات(6) دا،

رس حضرت، ويک حقير ڪون،

آ، ڪر آزاد اسير ڪون.

 

شين، شاهه تيڏي در سُواليان،

توڙي عَمَلين، ڪوجھي ڪاليان،

ڪر پروش شاهه، پَخاليان،

مئن بِيکَ(7) پِسر(8) دي واليان،

رس حضرت، ويک حقير ڪون،

آ، ڪر آزاد اسير ڪون.

 

صواد، صاحب تون هَر سَيرُ دا،

مَينُون بخش پِسر ڪو خير دا،

ڏي لاڳُ(1) لنگھي ڪون شعر دا،

ڪر داد، نهين ڪم دير دا،

رس حضرت، ويک حقير ڪون،

آ، ڪر آزاد اسير ڪون.

 

ضواد، ضامن مَيڏا زور تون،

ڏي پاند پسر في الفور(2) تون،

مين تَنها(3)، ڏي اور(4) تون،

ڪر روشن، خانا(5)ڪور(6) تون،

رس حضرت، ويک حقير ڪون،

آ، ڪر آزاد اسير ڪون.

 

طوئي، طَلب تَمامي تارُ(7) هـٖـي،

نِت نَينان چاڙهيا نارُ(1) هـٖـي،

سر بارش ڏاڍا بارُ هـٖـي،

تيڏي درسن دي درڪار هـٖـي،

رس حضرت، ويک حقير ڪون،

آ، ڪر آزاد اسير ڪون.

 

ظوئي، ظُلم جُدائي جالُڻان(2

ول(3) نام خُدا مُڙ(4) ڀالُڻان(5

هَئي ناقص دا نَنگُ پالُڻان،

وچ ڳالُ(6) اندر دي ڳالَڻان(7

رس حضرت، ويک حقير ڪون،

آ، ڪر آزاد اسير ڪون.

 

عين، عشق تيڏي دي آڳُ(8) هـٖـي،

نِت پوندي دم دم جاڳ هـٖـي،

هـٖـي حمد اِهو مين ڀاڳ هـٖـي،

مَين نالائق دا لاڳُ هـٖـي،

رس حضرت، ويک حقير ڪون،

آ، ڪر آزاد اسير ڪون.

 

غين، غرض ڪڍان نه غَنِّي دا،

ڪر سائل آپ سَخِّي دا،

مَن مائِل(1) صَحب(2) جَميعُ دا،

ڪر زائر(3) روضي رَفيعُ دا،

رس حضرت، ويک حقير ڪون،

آ، ڪر آزاد اسير ڪون.

 

فـٖـي، فَند دنيا دي ڦير چُون،

ڪڍ گردش گھُمري گھير چون،

هِم لاعن(4) پَڪڙيا پيـٖـر چون،

ڪر واندا(5) تنهن دي ويـٖـر(6) چون،

رس حضرت، ويک حقير ڪون،

آ، ڪر آزاد اسير ڪون.

 

قاف، قلب، شمع دي ماند(7) ڪر،

مَيڏا روشن چِهرا چاند ڪر،

وچ پَروش دي پُر پاند ڪر،

دُز(1) نفس بَدوُ(2) ڪُون باند(3) ڪر،

رس حضرت، ويک حقير ڪون،

آ، ڪر آزاد اسير ڪون.

 

ڪاف، ڪنهن در دي نا ڪاڻ(4) ڏي،

مَينون هر شي، ٻيـٖـٺي(5) آڻ ڏي،

اَن اَرزان(6) ڪر، ريءَ ماڻ(7) ڏي،

جيڪي طلبان آپ، اُماڻ ڏي(8

رس حضرت، ويک حقير ڪون،

آ، ڪر آزاد اسير ڪون.

 

لام، لائق لَڄ دي لاجُ(9) رک،

جا ٻاجھ صُباحين، آج رک،

سر شاهه توَڪل تاج رک،

نا هاجُ اندر محتاج رک،

رس حضرت، ويک حقير ڪون،

آ، ڪر آزاد اسير ڪون.

 

ميم، محبت وچ مَسروُر(1) ڪر،

در دين دنيا مَخمُور ڪر،

سَڏ پَروش وچ پُرنُور ڪر،

يا ميرَ، مدَح منظور ڪر،

رس حضرت، ويک حقير ڪون،

آ، ڪر آزاد اسير ڪون.

 

نون، نِرمل(2) تَيڏي نازُ تي،

هان بي پروا، پرواز تي،

نان غرض هُما، شَهباز تي،

آ، رس محمُود اياز تي،

رس حضرت، ويک حقير ڪون،

آ، ڪر آزاد اسير ڪون.

 

واؤ، واهر(3) تَيڏي نالُ(4) مَين،

هَر جا لَهان اِقبال مين،

لَک عِز آتي اجلالُ(1) مين،

ايہِ ڀانوان(2) تَيڏي ڀالُ(3) مين،

رس حضرت، ويک حقير ڪون،

آ، ڪر آزاد اسير ڪون.

 

هي، هردم رک هر آنُ(4) وچ،

شَہ شاهه مُحمّد شان وچ،

ڍڪ آڻ امنُ امانُ وچ،

ڪر دير نه داتا، دان وچ،

رس حضرت، ويک حقير ڪون،

آ، ڪر آزاد اسير ڪون.

 

لام، لُطفئون مَدح قبول ڪر،

در دين دنيا حُصول ڪر،

سِر رحمت راز نُزوُل ڪر،

مين وڇڙئي نال وصُول ڪر،

رس حضرت، ويک حقير ڪون،

آ، ڪر آزاد اسير ڪون.

 

الف، آ، شَريعت شوق ڏي،

ڳَل طلب طَريقت طَوق ڏي،

مَئي جام مُعارف موڪ(1) ڏي،

در حال حقيقت ذوق ڏي،

رس حضرت، ويک حقير ڪون،

آ، ڪر آزاد اسير ڪون.

 

يي، يَمن مَنگان(2) سَڪرات وچ،

درگور(3)، پُڇا ظُلمات وچ،

ڏي عَفُو(4) چِٺي عَرصات(5) وچ،

هووي ڪَلمان وائِي وات وچ.

لااله الاّ الله محمد رسول الله

صلّي الله عليہ والہ،

واصحابہ اجمعين.


(2)  چولي= چولي ۾.

(1) ساڙي آتش ڄيري ڄالي= باهه جي ڄر ساڙي ٿي.

(2) ڪڏان..... جائي= سچ پچ ته ڪڏهن ته ملندو يعني ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن محب ضرور ملندو.

(3) آسم= مون ڏانهن ايندو.

(4) وهندي= جلدي.

(1) ٻاڻ= تير (عشق جو).

(2) چاڪ= چهڪ، چير.

(3) سيتا= سيتو، سيبيو، ٽوپيو.

(1) مُتم= مون موڪليو.

(2)  دانگي= دانگوڙو، مُنهن ڪار، ڪار مُنهين.

(3) گهليان= لڳيان.

(4) خيرسلا= خير سلامتي.

(5) وائين= هوائون.

(6) آشياني= آشيانو، جاءِ.

(1) نيڙي= نزديڪ، ويجهو.

(2) اوليا= اوليو= اوتڙ ڪيو، تڙيو.

(1) جُهنيان= جهنيون، جهونيون، جهڪيون.

(2) دشمن....... ڪنيان= دشمن، ڪاريون ڪُنيون، مُنهن سان مَلي بيهي رهيا.

(3) ڪوڏئون= ڪوڏ مان، شوق مان.

(1) مُضطر= پريشان.

(2) اسير= قيدي.

(3) ڏاهه= نوڪر.

(4) تار= تار پاڻي، اونهو پاني.

(5) تار ني= تاري ني، تاري ڪڍ.

(6) ڪر پار........ ني= پار ڪري، مديني طرف پهچاءِ.

(1) ڌار= الڳ.

(2) ڌار= پنهنجو ڪر.

(3) ڌارني= وڃي ڌار، پنهنجو ڪر.

(4) سگ= ڪتو.

(5)  توڙ= پڇاڙي.

(6) توڙدا= پڇاڙي تائين.

(7) روڙ= راڙو.

(8) سوڙهه= سختي.

(9) نافع= نفعو پهچائيندڙ.

(10) ناجوڙ= نه ٺهندڙ، نالائق.

(11) چون= وچون، کان، مان.

(12) ملال= ڏک.

(13) اعلال= ڪمزوري، بيماري.

(1) دل ريش= دل ڦٽيل.

(2)  دارو= ٻُڪي، علاج.

(3) پاڄي= نوڪر.

(4) پيش دا= اڳي جو.

(5)  ڌو= صفا ڪر.

(1) گهاريان= ويڇو، ناغو.

(2) زنگ= ڪَٽ.

(1) ڪسان= ڪسون، ڪٽ.

(2) ڪور= انڌو.

(3) ڏلئي= ڏُليل، رُليل.

(4) ڏور= واڳ، رسي.

(5)  چائو= کنيو وتندڙ، تپائيندڙ، جيڪو هميشه پويان پيرو کنيو وتي.

(6) ظلمات= اوندهه.

(7)  بيک= دان، خيرات.

(8) پسر= پٽ، فرزند، ٻيٽو.

(1) لاڳ= ڏاڻ، انعام.

(2) في الفور= فوراً، جلدي.

(3) تنها= اڪيلو.

(4) اور= ٻيو.

(5)  خانا= خانه. گهر.

(6) خاناڪور= انڌو گهر يعني اونداهو گهر. (پٽ کانسواءِ).

(7) تار= ڀريل، گهڻي.

(1) نارُ= ايٽ، چرخو.

(2) جالڻان= گذارڻو.

(3) ول= ور، موٽ.

(4) مڙ= مڙي، لڙي، ليئو پائي.

(5) ڀالڻان= ڏسجو، پسجو. ول.... ڀالڻان= خدا جي نالي موٽ ۽ اچي ڏس.

(6) ڳال= ڳارُ، ڳڻتي، غم.

(7) ڳالڻان= ڳار جو، لاهي ڇڏجو.

(8) آڳ= آگ، باهه.

(1) مائل= لاڙو رکندڙ.

(2)  صحب= يار، دوست.

(3) زائر= زيارتي، زيارت ڪندڙ، جاٽي.

(4) لاعن= پِٽئي، لعنتي، شيطان.

(5) واندا= پالهو، آجو.

(6) وير= دشمني.

(7) ماند= وانگر.

(1) دُز= دزد، چور.

(2)  بدو= بڇڙو.

(3) باند= بند.

(4) ڪاڻ= محتاجي.

(5) ٻيٺي= ويٺي، گهر ويٺي.

(6) ارزان= سستو، سهانگو.

(7)  ريءَ ماڻ= ماڻ کانسواءِ، اڻ ميو، تمام گهڻو.

(8) اماڻ ڏي= موڪلي ڏي.

(9) لاج= لڄ.

(1) مُسرور= خوش.

(2)  نرمل= پاڪ.

(3) واهر= مدد.

(4) نال= ساڻ.

(1) اجلال= بزرگي.

(2) ڀانوان= سمجهان.

(3) ڀال= مهرباني.

(4) آن= گهڙي، وقت.

(1) موڪ= جهجهو، گهڻو.

(2) منگان= گهران.

(3) درگور= قبر ۾.

(4) عفو= معافي.

(5) عرصات= قيامت.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org