سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات شاهه محمد ديدڙ

صفحو :20

 

 (5)

بسم الله الرحمان الرحيم

الف، اَڄ کِيانتَل(1)، وڃ،

ڪانگَل آزي منهنجي مَڃ،

توکي، ڪالهه رَنۡڊايو ڪڃ(2

ڀيـٖـرو ڪين، پِريَنَ ڏنهن ڀَڃ،

اُڏي، آچ ڪا خبر آڻ،

تا، ٿئي منهنجي رُوح رِهاڻ.

 

بي، تون، ٻُڌ بِرهَ جي بات،

هِيئن تون لئنج، لالن، لاتِ:

روئي، ڪالهه لنگھايم لاتِ،

وائي، جانب جي ٿَمۡ وات،

ڪج ڪا، منهنجي وَٽ وَراڻِ،

تا، ٿِئـٖـي منهنجي رُوح رِهاڻ.

 

تي، تون کِيانتَل، ٻولِج کُلي،

حالُ حقيقت، قاصد، ڪُليّ،

هيءَ جا ٻانهي، تو آڻ مُليّ،

رويُون، راه ڏسي، هت رُلي،

هيئن چئج، تون منهنجي ڪاڻ،

تا، ٿـٖـئي منهنجي رُوح رِهاڻ.

 

ثي، تون ثابت، کٽ ثواب،

لاهِ عُشاقَن، سِرّ عَذابُ،

وڃج، شائق ڪاڻ، شِتابُ(1

رويُون، اَکيـٖـئن اوتِج آب.

آڻِج، ساجَن پنهنجي ساڻُ،

تا، ٿئي منهنجي روح رهاڻ.

 

جِيم، جدائيءَ، ڳاريم جان،

هَي هَي، هِت گھمان حيران،

ڪانگل، ڪُلَئِي ڪج بيان،

مَٿو، پيرن تي ڌَرۡ جانِ،

پوءِ پرين مَنۡ، پڇن پاڻ،

تا، ٿئي منهنجي رُوح رِهاڻ.

 

حي، حق ڄاڻي، هيئن وڃيج،

ويجھو، جانِبَ وِهيج،

ڌوُڻا، ڌِڪا سِرّ سَهيج،

آڳي، مُورئون ڪين اُڏيج،

منهنجو مطلب، توڙ رَساڻِ،

تا، ٿئي منهنجي رُوح رِهاڻ.

خي، تون کِيانتَل، لڳ خداءِ،

وڃ سڄڻ ڏي، وک وڌاءِ،

مَنَ ۾ محبت، مَچُ مَچاءِ،

منهنجون آزيون، سڀ ٻُڌاءِ،

ڪانگل وڃ قريبن ڪول(1

ٻولي، ٻانَهَپ واري ٻول.

 

دال، دلاسا، پِرين پارون(2

جانِب، آءٌ وٺي تون جارون(3

سورن، مفت ڏنيون ٿَم مارون،

چئج، سڄڻ، تا لڌيون سارون،

آڏو، هيءَ ڪتابت(4) کول،

ٻولي، ٻانَهَپ واري ٻول.

 

ذال، ذڪر ڪر، ڪانگل، هيءُ،

کِيانتَل، قاصد منهنجو ٿيءُ،

چئج، سڄڻ کي ڳالهيون هيءُ،

جانِبَ، جوش جلايو جيءُ،

رَمز هڻي، پوءِ هيئن نا رول،

ٻولي، ٻانهَپ واري ٻول.

ري، مان راهُ، نهاريان روئي،

جانِب، منهنجو آهي جوئي،

سوچي(1)، يار سڃاتم سوئي،

اُڏي ڪانگل، ڪر ڪم ڪوئي،

وڃ تون، جانِب منهنجو ڳول،

ٻولي، ٻانَهَپ واري ٻول.

 

زي، پُڌ زاري، عشق اوراڻو(2

وڃج، اولهه طرف اُڏاڻو،

ڪج، ڪلهوڙن(3) وٽ نا ٿاڻو،

ڪي ڪجھ، پَر تـٖـي ڪج پڇاڻو،

ڦيريدارن جان، نَئِي ڦول،

ٻولي، ٻانَهَپ واري ٻول.

 

سين، سڄڻ سان، ملين جڏهين،

رويون روئج، تون ڀِي تڏهين،

هيئن نا گھرجي، جانب، هڏهين(4

ملندين، مشتاقن کي ڪڏهين؟

جھوري جيءُ، وڌو ٿي جھول(5

ٻولي، ٻانَهَپ واري ٻول.

شين، متان تون، شڪ ڪرين،

متان واٽون، موٽَ وَرين،

گھوريون هـٖـي سر، وڃج گھرين(1

ڪاهيون ڪاهِج، توڙي مرين،

ڪاهـٖـي آڏو، وڃج ڪَنڌِي(2

سار، لهي آءٌ ساجن سندي.

 

صواد، صلاح، اها وٺ هاڻي،

ڪانگل، جي تون منهنجو ڄاڻي،

چئج، سڄڻ کي جواني ماڻي،

پِرين، حال نه پُڇُوَ پاڻي!(3)

ڪانه ڪئي مون، توسان مندي(4

سار، لهي آءٌ ساجن سندي.

 

ضواد، ضرور، نه اُڏج اڳي،

توڙي، لَکُ لٺن جو لڳي،

ملندءِ مورُ، جواب نه ڀڳي،

چئج، سڄڻ کي، ويٺين ٺڳي،

آهيان، تولَئـٖـي آسروَندِي(5

سارَ، لهي آءٌ ساجن سندي.

طوي، سان طلب تماميءَ تارَ،

نايُون ڪنڌ، وهائج نارَ،

پڇندءِ، پروش ساڻ پچارَ،

رويون، گوشـٖـي ڪج گفتار،

ٻانهون، ساڻ ادب جي ٻنڌي،

سارَ، لهي آءٌ ساجن سندي.

 

ظوي، ڪج ظاهر، منهنجو حال،

پِرين، عاشق ٿيو پيمال،

هَي هَي! هيڻو ٿيو ٿيس حال،

مشڪل، جالڻ ٿيس محال،

جنهن کي، ٻاڻُ(1) هنيو تو ٻنڌي،

سارَ، لهي آءٌ ساجن سندي.

 

عين، عنايت ساڻ، سڏيندءِ،

گوشـٖـي نـٖـيئِي، گڏ گڏيندءِ،

پڇي خبران، آڄ آڏيندءِ،

ورندي لکي، پوءِ ڇڏيندءِ،

آءٌ، کڻي سا کيانتل، کنڌي(2

سارَ، لهي آءٌ ساجن سندي.

 

غين، غمن ۾، ڪيو ماندو،

تنهن کي واليءَ، ڪيو اڄ واندو،

ڪانگل، اڄ سَنيهو آندو،

لٿو سورن، ساهِ سِياندو(1).

پهتو، پِريَنۡ جو پروانو(2

ليکيان، دم دم لطف ربانو.

 

في، سان فهم(3)، لفافو پٽـٖـي،

پڙهيم پِرتَؤن(4)، سانگو سَٽـٖـي(5

مطلب تنهنجو جھٽ پٽ جھٽي(6

سور سيني تون، ڪوري ڪٽي،

تن ڪيو، تنهن تازو توانو،

ليکيان، دم دم لطف ربانو.

 

قاف، لکيو اڄ، قرب قراري(7

جانب منهنجي، جيءَ جياري،

ويٺا آهيون، ڪين وساري،

ساه گھڻو ٿو، توکي ساري،

هن مضمون، ڪيو مردانو،

ليکيان، دم دم لطف ربانو.

ڪاف، پڙهي ڪيم، جان خط پورو،

آب اُجھايو، کاميل(1) کورو،

ڏک ڪري، ٿيو ٽنگين ٽورو(2

نَچان پائي نينهن جو نُورو(3

مليم، درد سندو درمانو(4

ليکيان، دم دم لطف ربانو.

 

لام، لکيو هو، لالن مان ڏي،

ڪين اسين ٿيون عاشق، ڪاڏي(5

لُچَ اُڌا(6) هِن، جاڏي ڪاڏي،

ڪين مٽيو ٿئون، خيال اوهان ڏي،

متان، موگا، ٿين مستانو،

ليکيان، دم دم لطف ربانو.

 

ميم، ڪئي مون، جا منهن موڙ(7

ڪين ڪنداسين، تائين توڙ،

کوَننسُن کَر، چوڌاري کوڙ،

لٿي توتان، سختي، سوڙ،

ڪيو ٿَئون، لُچن لاءِ بهانو(1

ليکيان دم دم لطف ربانو.

 

نون، نِگھ ڪيم، جان خط سارو،

ڄاتم، بخت ورايم وارو،

بَرسر جانب، ڪيو ٿَم بارو(2

مرسل، موڳن جو منهن ڪارو،

ڪر تون مير، مڪي جا ڄام،

سيّد، آهيون تنهنجي سام.

 

واو، تنهين کي، وجھ زنجير،

مولي جا، مختار وزير،

آڻـٖـي احمد، ڪراسير،

بَدوُ، ڀاڙي، جـٖـي بي پير،

ڪر تنين کي، تون قتلعام،

سيّد، آهيون تنهنجي سام.

 

هي، حال ٻُڌج، ڪن ڏيئي،

رَڪ(3)، رقيب، تڙي ڪڍ ٻيئي،

جانب جيءَ جا، آهن جيئي(1

سيّد، ميــلين ساڳا سيـٖـئي،

ڏي ڪو، مون کي عشق آرام،

سيّد آهيون تنهنجي سام.

 

لام، لطف سان، ڪڍ مون لوڏي(2

اکيون، تُرت نهارن توڏي،

گھران جيڪي، سيد، سو ڏي،

دلبر دوست هجن گڏ گوڏي،

ڇڏ کپائـٖـي، خارج خام،

سيد، آهيون تنهنجي سام.

 

الف، اُميدون، مهنجي مَن،

ساه سڪي ٿو، ڪارڻ تن،

مَن مُون محب، پرين پرچن،

شاهه محمد جيئري جَن،

مون کي ڪيو آ، مست مُدام،

سيّد، آهيون تنهنجي سام.

 

يي، يڪ عرض ڪيان ٿو هاڻي،

مرسل، منهنجو تون ڪن آڻي،

جيئري، جانب وٽ رساڻي،

حضرت، هادي وقت هَلاڻي،

ڪندو ڪلمون، باه حرام،

سيد، آهيون تنهنجي سام.

لا الہ الا الله مُحمّد الرسول الله

صلي الله عليہ وآلہ و اصحابہٖ وسلم.

 

 

(6)

بسم الله الرحمان الرحيم

الف، اُٿي تون، چرخو چور،

آڌي رات، آلَہ سان اور،

تُرت، طَلب جي تَسبيح سور،

نفس، ٿيو ٿِي ظالم، زور،

ڪُوڙا ڪانه لهين ٿو ڪَّلّ،

هي جڳ جانِي، ٿِي چَل پل.

 

بي، بندا، ڪر غفلت ڦِٽي،

ماڳُ، اصل کَون تنهنجو مِٽي(1

حرص هَوا جي، گھُم نا گھِٽي،

جَشم، چِتائي، کڻ تون چِٽي(2

ايندءُ موت ادا، اڄ ڪل،

هي جڳ جاني، ٿي چل پل.

تي، تون، پنهنجو پاڻ سڃاڻ،

مانجھاندي جو، آن مِهماڻ،

هي نه، وهڻ جو، ڄاڻ وٿاڻ،

ڀائر، سوَٽ، نه هلندءِ ساڻ،

اهڙي اوکي، موت مهل،

هي جڳ جاني، ٿي چل پل.

 

ثي، تون، ثابت سندرو ٻَنڌ،

هي نه، رهڻ جو هرگز هنڌ،

سامي(1) سوڙهي، سُڃ جو پَنڌ،

لاه، اڄ ئي اهڙو آنڌُ،

هستيءَ(2)، دوس(3)، دسايا دل(4

هي جڳ جاني، ٿي چل پل.

 

جيم، جھان، ڇڏيندين نيٺ،

آخر، ويندين ڌرتيءَ هيٺ،

جن سان تُنهنجي، ڏاڍي ڏيٺ،

چَلندي مهل، نه ڪندءِ چيٺ(5

هلندءِ ساٿي، نيڪ عمل،

هي جڳ جاني، ٿي چل پل.

حي، حق، مرڻ مناسب هت،

ڀَڃ، دَئيءَ(1) جي دانہه(2)، ڀت،

ٿانهَر(3) واري، ٻَڌ نا ٿِت(4

ذاتي ذوق، چکائج چت،

ٻيا ٿي ڪوڙا، خام خَلل،

هي جڳ جاني، ٿي چل پل.

 

خي، خائف ٿي، خوف وڃاءِ(5

من کي ’موتواقبل‘(6) مڃاءِ،

آدم واري، ڀِت(7) ڀَڃاءِ(8

خيال خدائي، خاص ڪماءِ،

لاه، لڪڻ جي، غافل، گِندي،

رند، پَروُڙج رستو رندي.

 

دال، دوئيءَ جو، وجھ نا دام(9

ڄاڻج، خيال اِهو ٿي خام،

خَلَقُ الادَم(1) جو، اِعلام(2

ساڳي صورت، ساڳو نام،

ناهن سِرائي، ناهين، سِندي،

رند، پروڙج رستو رندي.

 

ذال، ذڪر ڪج، دم دم ذاتي،

چَپ، چَپن ۾ چُپ چُپاتي(3

آدم مَون لنگھ، ٿي اثباتي،

پاڻ سڃاڻج، پائي جھاتي،

هرگز مُغُل، نه آهين هندي،

رند، پروڙج رستو رندي.

 

ري، راسخ(4) ٿي، راز پَڇاڻ،

رمز، اِنهيءَ کي، روح رساڻ،

محبت جي، منجھ موجان ماڻ،

ڪوه ڪڍين ٿو ڪنهنجي ڪاڻ؟

بات اِها ٿي واڦ(5) نه ونڌي(6

رند، پروڙج رستو رندي.

 

زي، زمانو، ظالم، زنگي(1

دم دم تَنهنجي، ڳالهه دوُرنگي(2

ڪڏهن سڃائي، ڪڏهن ڪلنگي(3

ڪنهن دم روُمي(4)، ڪڏهن فرنگي(5

سڀ ڪنهن، نحس دنيا هيءَ، نندي(6

رند، پروڙج رستو رندي.

 

سين، سدا ره، سالم صاف،

هڻ نه ڪنهين سان، لاف گُزاف(7

هستيءَ جو، ٿي خيال، خلافَ،

هَر سان، اُلفت ڪر، الطاف،

دل ڪر، ذوق اِنهيءَ سان زندي(8

رند، پروڙج رستو رندي.

 

شين، شريعت سان، کڻ پيرُ،

وک وک تي، تون فڪر نه ڦيـٖـر،

ڪاڏنهن آئين، آهين ڪير؟

ٿيندين نيٺ، مٽيءَ جو ڍير،

لڏڻو ٿي، تان هاڻي لڏ،

جاءِ اڳي ٿي، سا نئين اڏ.

 

صواد، صلاح ڪري ڏس، سائين،

هوڏَنهُن، حضرت آدم تائين،

ڪنهن نه ٻڌي، هن جڳ تي ڪائين(1

موڳا تون ٿو محل اَڏائين،

کُهه وجھ(2)، ڳالهيون سڀ هي کَڏ،

جاءِ اڳي ٿي، سا نئين اڏ.

 

ضواد، ضرور آ هِتئون هلڻو،

ساڻ مٽيءَ جي، رَل مَل رَلڻو(3

پَوندءِ سور، سَيو هُت سلڻو(4

مُوروُن(5) مَلڪ، نه ڏيندءِ الڻو(6

گوشِ، اِهي گُفتارون گڏ،

جاءِ اڳي ٿي، سا نئين اڏ.

طوئي، طَبل(1)، وڄي نت نعرو،

موت سندو آ، ملڪين مارو،

ڄاڻ ولها(2)، سِر تنهنجي وارو،

سمهندي ڏينهن، سڌانُئي(3) سارو،

اهڙي غفلت، لاهي ڇڏ،

جاءِ اڳي ٿي، سا نئين اڏ.

 

ظوئي، ظالم ٿِي، نفس نِدورو،

سو تون ڀانئج، ڪين سَدورو،

تنهن سان ويهي، ڪرنه وندورو(4

هَي هَي، هلدءِ هتون هندورو،

جند ڇڏائڻ، پوندءِ هڏ،

جاءِ اڳي ٿي، سا نئين اڏ.

 

عين، عقل سان، پَٽ تون عين(5

نفس، نجس(6) کي هڻ نَعلين(7

هڻ نه سڃن جان ٻئي در سَين(8

اجل(1) اچي ٿو، نوٽ(2) نه نَين(3

تنهن سان، ڏيندين ڪهڙي تَڏ(4

جاءِ اڳي ٿي، سا نئين اڏ.

 

غين، غريبت ساڻ گذار،

سخت ڌڻيءَ جي آ، سرڪار،

آخر هلبو، تنهن دربار،

هي نه اجل جو وقت وسار،

هلندين هاڻي، جان(5) تون هيل(6

پنهنجو پاڻ، سنڀال سويل.

 

في، فاني، هي ماڳ مڪان،

اڳ(7) جو سعيو ڪج، سامان،

ملڪ الموت، سُڄي(8) مِهمان،

تو سِر سُوار، مثل سَرواڻ(9

آڪڙ   دارُ،   نه   ٿِيءُ   اڻگيـٖـل(10

پنهنجو پاڻ، سنڀال سويل.

 

قاف، قَبر جي آ، ڀُل ڀيڙ(1

ڏاڍو ڀَو، ڀُلڪار(2) ڀَڪيڙَ(3

ٿيندءِ هڏ، پَڻي(4) منجھ پيڙ(5

چرندي، ڪانه ڇڏيندءِ چِيڙ(6

ووءِ ووءِ، ڪندين تون، تنهن ويل،

پنهنجو پاڻ، سنڀال سويل.

 

ڪاف، ڪنبي(7) کڻ قدم، قهر کون،

پل پل سان ڊڄ، پوئين پهر کون(8

سُرڪ، اجل جي، تلخ زهر کون،

خائف ٿي، تان لنگھين، لهر کون،

چُست، عبادت جي ٻَڌ، چيل،

پنهنجو پاڻ، سنڀال، سويل.

 

لام، لطف سان، لنگھندين لوڏا،

پُسندءِ پير، نه ڏکندءِ ڏوڏا(1

گوهر، کوڙ شرع تي گوڏا(2

عمل عجائب(3)، ايندءِ اوڏا(4

ٿيندين سست، جھليندين سيـٖـل(5

پنهنجو پاڻ، سنڀال سويل.

 

ميم، مناسب، هي ٿي ماڳ،

سَنجھي سَنبري، ٿيءُ سجاڳ،

تان نه ڏسين تون، ڏينهن ڏهاڳ،

صاف صفا ره، ساڻ سهاڳ،

جاهل سان تون، ٻَڌ نا ٻيل(6

پنهنجو پاڻ، سنڀال سويل.

 

نون، نگاه نه ڪنهن ڏي ڪر،

وڃ نا، داتا ريءَ ٻئي در،

دل جي آس، ڌڻيءَ تي ڌر،

گھوٽ، گذارج پنهنجي گھر،

محبت جي، منجھ موجان ماڻ،

ڪامل ڪڍ نا ڪنهن جي ڪاڻ.

 

واو، وسيلا، ٻيا وجھ ٻَن،

ڪوڙيون ڳالهيون، ڪر نا ڪن،

مَحبت جي، رک مستي مَن،

جيئري، جِيءُ جيارو جَن،

روئي، تن سان ڪر، روح رهاڻ،

ڪامل، ڪڍ نا ڪنهنجي ڪاڻ.

 

هي، هَر مَظهر ۾، ڏس حق،

شاهه محمّد، ٽوڙي شڪ،

ڏک ڏسي تُون، ڏر نا ڏڪ،

پنڌ، ڪندو وڃ، ٿِڙ(1) نا ٿَڪ(2

خارج خطرا، خام نه آڻ،

ڪامل، ڪڍ نا ڪنهنجي ڪاڻ.

 

لام، لطيفن(3) جا در کول،

ذاتي اِسم، الہ سان ٻول،

سيني ۾ ٿي ساجن ڳول،

جھاتي پائي، ڇاتي ڦول،

رمز رُبوبي(1)، پرت پڇاڻ،

ڪامل، ڪڍ نا ڪنهنجي ڪاڻ.

 

الف، اِهو ٿي، رستو راه،

دم دم سان، پَڙه اِسم اللهُ،

وُجدُ ڪري، ڏس وحدت واه،

پاڻُ وڃائي، ٿيءُ پَساه،

سالڪ ٿي، هي راز پڇاڻ،

ڪامل، ڪڍ نا ڪنهنجي ڪاڻ.

 

يي، يَڪ يارُ، سڃاڻ صحيح،

ويهي ڪين، وڃاءِ وَهي،

خيال خدائي، رس رهي(2

پَڙه تون ڪلمو، ڪوڏ(3) ڪهي،

جُرم صَغيرا، ڪَبيرار ڄاڻ(4

ڪامل، ڪڍ نا ڪنهنجي ڪاڻ.

لا الہَ اللهُ مُحمدُ الّرسُول اللهِ

صّلي الله عليہ و آلہٖ وسلم.


(1) کيانتل= کينءَ (خبر) جي خبر آڻيندڙ، قاصد، ڪانگل.

(2) ڪڃ= ڪنهن.

(1) وڃج.... شتاب= تون شائق جي واسطي تڪڙو وڃ.

(1) ڪول= ويجهو، ڀرسان.

(2) پارون= پارکون، طرف کون.

(3) جارون= جارَ مون، شوق مان.

(4) ڪتابت= خط.

(1) سوچي= سوجهي، ڄاڻي سڃاڻي.

(2)  اوراڻو= اوسَر، دل جي پڪار.

(3) ڪلهوڙن= ڪلهوڙن جو ڳوٺ، شاعر جي ڳوٺ جي اولهه ۾ آهي.

(4) هڏهين= هرگز، پٽيءَ، اصلي.

(5)  جهول= پوڻو، ڪمزور.

(1) گهرين= گهرن ڏي.

(2) ڪنڌي= ڪنڌ تي، گهر جي ٻاهرين وَٽ، ڪنارو.

(3) پاڻي= پاڻهي.

(4) مندي= کوٽائي.

(5)  آسروندي= آسائتي.

(1) ٻاڻُ= تير، ڪانءُ.

(2) کنڌي= پيغامي ڪهاوت جا جلا.

(1) سياندو سيانٽو= انتظار.

(2) پروانو= خط.

(3) فهم= ڌيان، سمجهه.

(4) پرتون= پرت مان، سڪ مان.

(5) سانگو سٽي= سانگو ڇڏي. ساه تان آه کنيم. مطلب جهٽ پٽ.

(6) جهٽي= مطلب هڪدم سمجهي.

(7)  قرب قراري= قرب جي وعدي واري.

(1) کاميل= سڙهيل، ٻَريل.

(2) ٽنگين ٽورو= ٽنگن کان جڏو.

(3) نورو= پيرن جو زيور. ڏک ڪري..... نورو= ڏکن ج ڪري، اڳ ٽنگن کان ٽورو (جڏو) ٿي پيو هوس، ليڪن (هينئر خط اچڻ تي) نينهن جا نورا پائي، نچان ٿو يعني انتهائي درجي جي خوشي ڪيان ٿو.

(4) درمانو= علاج.

(5) ڪين..... ڪاڏي= اي عاشق، اسان ڪاڏي به ڪين آهيون يعني اسان کي اها ئي محبت آهي.

(6) اڌا= وڌيا.

(7) منهن موڙ= بي رخي، مٽ ڦوڪ، پاسيرائي.

(1) بهانو= بندوبست، تجويز، علاج، حيلو.

(2) ڪيو ٿم بارو= بارو ڪيو ٿم، ٿورو يا احسان ڪيو ٿم.

(3) رڪ= سخت، خبيث.

(1) جيئي= جي به، جيڪي به.

(2) لطف.... لوڏي= پنهنجي مهرباني سان (جهان جي ڌٻڻ مان) لوڏي ڪڍ.

(1) مٽي= قبر.

(2)  چشم چتائي... چٽي= پنهنجي اک پٽي، خبرداريءَ سان هل.

(1) سامي= قبر جي ڪوٺي.

(2)  هستي= خودي، هٺ.

(3) دوس= دوست.

(4) دل= گهڻا.

(5)  چيٽ= سنڀال، خدمت چاڪري.

(1) دئي= دوئي، ٻيائي، غير.

(2)  دانهه= سياڻا.

(3) ٿانهر= ٺهر، ٿڌائي، هڪ هنڌ واري وهڪ.

(4) ٿت= ٿيت، ٻول، انجام. ٿانهر واري ٿت ٻڌڻ= ٿڌائي ڪري وهڻ.

(5) خائف.... وڃاءِ= اي ڊيڄو، تون جيئري مري وڃڻ جو خوف نه ڪر.

(6) موتواقبل= موتواقبل ان تموتوا= مرڻ کان اڳي مرو.

(7) ڀت= ديوار، پردو، ويري.

(8) آدم واري ڀت ڀڃاءِ= تون آدم واري زميني وجود کي (ڪنهن ڪامل مرشد کان) ڀڃاءِ. شاعر جو خيال آهي ته جيستائين مرشد ڪامل جي مطرڪي سان ڀت (زميني وجود) نه ڀڃائبي، تيستائين الاهي وصال مشڪل آهي.

(9) دام= ڄار، ڦاهي.

(1) خلق الادم= خلق الادم عليٰ فطرتہ= آدم کي پنهنجي فطرت موافق خلقيو اٿم.

(2) اعلام= پڙهو، منادي.

(3) چپ چپاتي= چپ چاپ ۾، ميٺ ماٺ ۾.

(4) راسخ= پڪو، مضبوط. هت شاعر ’راسخ‘ کي ’راسخ الاعتقاد‘ جي فهم ۾ ڪم آڻي ٿو.

(5) واڦ= ٻاڦ.

(6) واڦ...... ونڌي= نه اجايو واڦ ۽ نه اجايو ونڌ ڪر.

(1) زنگي= زنگ وارو، ڪٽ وارو يعني فسادي، اندر ڪارو.

(2)  دورنگي= ٻيائي واري، ڪوڙي.

(3) ڪلنگي= ڇٽ، تاج.

(4) رومي= روم جي شهنشاهت ڏانهن اشارو.

(5) فرنگي= انگريز.

(6) سڀ ڪنهن..... نندي= سڀ ڪنهن هن نحس دنيا کي ننديو آهي.

(7)  لاف گزاف= ڊاڙ ڊش، ٻٽاڪ سٽاڪ، بيهودي بڪواس.

(8) زندي= زنده.

(1) ڪائين= ڪانبو. ڪائين ٻڌڻ= ڪانبو ٻڌن، ڀروسو ڪرڻ.

(2) کهه وجهه= کڏ وجهه، ٻَن ڏي.

(3) رل مل رلڻو= رلي ملي ملڻو، باقاعدي (مٽيءَ سان) مٽي ٿيڻو.

(4) سلڻو= سچي ڪرڻي.

(5) مورون= هرگز، اصلي، پٽيءَ.

(6) الڻو= مُڪري وڃڻ، ’الڻ‘ ضد ’سلڻ‘.

(1) طبل= دهل.

(2)  ولها= سکڻا، سڃا.

(3) سڌاڻئي= گذاريهءِ. لنگهايهءِ.

(4) وندورو= وندر، روح رهاڻ.

(5) عين= اک

(6) نجس= پليد.

(7)  نعلين= پادر.

(8) سين= صدا، آواز.

(1) اجل= موت.

(2)  نوٽ= ٻوٽ.

(3) نوٽ نه نين= اکيون نه ٻوٽ يعني بي حيا ۽ بي پرواهه نه ٿي.

(4) تڏ= ضد، هوڏ.

(5) جان= يا.

(6) هيل= هن سال.

(7)  اڳ= آخرت.

(8) سڄي= سجهي.

(9) سروان= سروڻ، اوٺي.

(10) اڻگيل= ڪج بحث، هٺ ڌرمي، بي چيو، گردن فراز.

(1) ڀل ڀيڙ= ڀلڪار ۽ سوڙهه.

(2) ڀلڪار= ڏهڪار، ڀؤ، خوف.

(3) ڀڪيڙ= ڀِڪوڙ، پڪڙ، گرفت.

(4) پڻي= دز، مٽي، خاڪ.

(5) پيڙ= پيڙا، تڪليف.

(6) چيڙه= چيز، ثابت ذرو. چرندي.... چيڙه= تنهنجي (بدن مان) ڪابه چيز، سالم حالت ۾ نه ڇڏيندا.

(7) ڪنبي= ڊڄي.

(8) پوئين پهر کون= سڪرات واري وقت کون.

(1) ڏوڏا= سنڌ، مجازاً عضوا.

(2) کوڙ شرع تي گوڏا= شريعت تي محڪم ٿي.

(3) عجائب= نيڪ.

(4) ايندءِ اوڏا= توکي ويجهو ايندا يعني تنهنجي مدد ڪندا.

(5) سيل= سيلهه، ٻاٻرا ڪنڊا.

(6) ٻيل= ٻيلهه، گڏ. ٻڌ نه ٻيل= ٻيلهه نه ٻڌ، دوستي نه رک.

(1) ٿڙ= ٿڙڪ، ٿيڙو.

(2) ٿڙ نا ٿڪ= تون نه ٿڪ ۽ نه (هيڏانهن هوڏانهن) ٿڙڪ.

(3) لطيفن= لطيفه، سٺي چيز، خوبي، خداشناسيءَ جا اهڃاڻ. مرشد ڪامل پنهنجي نوراني توجه سان مريد جي دل جا لطيفا کوليندڙ آهي.

(1) ربوبي= خدا واري. رمز ربوبي= الاهي رمز.

(2)  خيال خدائي رس رهي= خدائي خيال ساڻ شامل رهي.

(3) ڪوڏ= خوشي.

(4) جرم..... ڄاڻ= پنهنجا صغيرا گناه به ڪبيرا ڪري ڄاڻ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org