سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات شاهه محمد ديدڙ

صفحو :22

 

(8)

بسم الله الرحمان الرحيم

الف، اَلہ جي نانءِ آمين،

هي ڏس هيڻو حال، حزين(1

جَلوو جسم پَساءِ، جَبين(2

غور اچي ڪر ڪو، غمگين،

حاضر غوث مُحي الدين،

حاصل ڪر دنيا ۽ دين.

 

بي، بلاشڪ تو سَربارُ،

ڪل پيرن جو، تون پَڳدار،

مَهدي، مُرشد مَنصبدار(3

سڀ سرتاجين، تُون سردار،

حاضر غوث مُحي الدين،

حاصل ڪر دنيا ۽ دين.

 

تي، تون توشو(4) تَر(5) تحقيق،

شفقت وارو شاهُ شفيق،

آبرُ سخا جو، بَحرُ عميق،

شمس شريعت، قمر طريق،

حاضر غوث مُحي الدين،

حاصل ڪر دنيا ۽ دين.

 

ثي، ثابت، سَر تُنهنجي تاج،

ماڻهو، مَلڪ، فَلڪ محتاج،

خاقان، خُسرو زير خِراج،

تُنهنجو آمرُ ڪڍن احتياج،

حاضر غوث مُحي الدين،

حاصل ڪر دنيا ۽ دين.

 

جيم، جَهانُ سڄو ٿيو ڏاني،

هادي، مُرشد مُحب حقاني،

ڪونه سخا مَٽ، تنهنجو ثاني،

تو سَر سونهي، تاج شهاني،

حاضر غوث مُحي الدين،

حاصل ڪر دنيا ۽ دين.

 

حي، آ، تنهنجو حڪم حَلب(1) ۾،

سنڌُ، سَري(2) ۽ عجم(3) عرب ۾،

ڏَکڻ، اُتر ۽ شَرق(1) غَرب(2) ۾،

زَد(3) ڪيا تو، زِير ضرب(4) ۾،

حاضر غوث مُحي الدين،

حاصل ڪر دنيا ۽ دين.

 

خي، خدا جو تون محبُوب،

موليٰ، پورو ڪيئي مطلوب،

مير، مُعارف جا مَرغوب،

ماري موذي، ڪر مَغلوب،

حاضر غوث مُحي الدين،

حاصل ڪر دنيا ۽ دين.

 

دال، دَم دَم توڏي ڪاڍو(5

مَن ۾ محبت جو مَچ ڏاڍو،

بِره ڪيو آ بيخُود ڀانڊو(6

ڳُڻن ڀريا(7)، هي ڳُڻ(8) تو ڳانڍو(9

حاضر غوث مُحي الدين،

حاصل ڪر دنيا ۽ دين.

 

ري، رحم جون ڪر نگاهون،

دان ڏياريو ڪو درگاهون،

وير، ڇڏيون مون توريءَ واهون،

تو در منهنجون ڪامل ڪاهون،

حاضر غوث مُحي الدين،

حاصل ڪر دنيا ۽ دين.

 

زي، زاري ٻُڌ، سور سندي،

بيڪس بي دل، آه بندي،

درد ڪئي دل دردمندي،

آجي ڪر، هيءَ آسروَندي(1

حاضر غوث مُحي الدين،

حاصل ڪر دنيا ۽ دين.

 

سين، سدا چو توکي سڏي،

تنهن دم پهچو، تنهن جي تڏي،

واڪا ڪيا مون مون ويلـٖـي وڏي،

دشمن کي ڇَڏ، ٿيڙي(2) ٿڏي(3

حاضر غوث مُحي الدين،

حاصل ڪر دنيا ۽ دين.

 

شين، شهنشہ، موٽج شير،

رس، رِڪـٖـيبيـٖـن پائي پير(1

دانهن ٻڏي، ڪر دم نا دير،

گھرجين مون وٽ، تون هن وير،

حاضر غوث محُي الدين،

حاصل ڪر دنيا ۽ دين.

 

صواد، صبر، سُک، سِڪ نِيمَ ساري،

هوت، هنجون هِت هَي ڪيو هاري،

مَل(2) جدائيءَ جو، مَلهه ماري،

ور وسيلا، واڳان واري،

حاضر غوث مُحي الدين،

حاصل ڪر دنيا ۽ دين.

 

ضواد، ضَرور اٿم، دل توڏي،

هڪلـٖـي بيٺس هيـٖـڏي هوڏي،

درد، وڌو ٿم لِڱ لِڱ لوڏي،

گولي گھوٽ، گڏي ڪر گوڏي،

حاضر غوث مُحي الدين،

حاصل ڪر دنيا ۽ دين.

 

طوئي، طعم ٿم طلب تمام،

مُحب، ملڻ جي مير، مُدامُ،

ڪر اچڻ جا تون انجام،

لالن، لاري آءٌ لَغام،

حاضر غوث مُحي الدين،

حاصل ڪر دنيا ۽ دين.

 

ظوئي، ظالم هن نفس نِهوڙيو،

ول جان دشمن، جسم وڪوڙيو،

محلو مُرتد(1) جيءَ ۾ جوڙيو،

خارج جي سَر، کَنّا(2) کوڙيو،

حاضر غوث مُحي الدين،

حاصل ڪر دنيا ۽ دين.

 

عين، عنايب سان اچ اوري،

سَهس(3) سَڳا، مان بيٺس سوري(4

ڏيهه، ڏٺا، مون ڏاڍا ڏوري،

مُشڪل حَل نه ٿيندم توري،

حاضر غوث مُحي الدين،

حاصل ڪر دنيا ۽ دين.

 

غين، غُمازيءَ(1) کي ڪَر گارُ(2

ماري مُرتد کي ڪو مارُ(3

خاوند، ڪر خَنّاس(4) خُوارُ،

لاهِ اسان جي دل تَون بارُ،

حاضر غوث مُحي الدين،

حاصل ڪر دنيا ۽ دين،

 

في، ٿو فَلڪ وجھي دل ڦيري،

ڪڍ وَڍيل کي منجھئون ويڙهي،

نِنڌڪ نِرمل، آڻ نه نيڙي(5

ٽـٖـيڙ(6) پوي مَرۡ، ٽنگون ٽـٖـيڙي،

حاضر غوث مُحي الدين،

حاصل ڪر دنيا ۽ دين.

 

قاف، قبول اِها ڪَر آه،

هادي، مُرشد، شاهنشاه،

پاڙئون پَٽ، لُچي جا لاه(1

مرشد، مَهدي لڳ الله،

حاضر غوث مُحي الدين،

حاصل ڪر دنيا ۽ دين.

 

ڪاف، ڪُتي کي پري هٽاءِ،

بينگُ(2)، بَهڻ کون گھُٽي گھٽاءِ،

مِيران، تَنهنجو ماڳُ مَٽاءِ،

پاپيءَ جي تون پاڙ پٽاءِ،

حاضر غوث مُحي الدين،

حاصل ڪر دنيا ۽ دين.

 

لام، لُچـٖـي کي لوڌ لَنگھاءِ،

سُوريءَ تي سِر، ٽيـٖـڙ ٽنگاءِ،

ويريءَ تنهنجو جسم وَنگاءِ،

سُوئر سَڙئـٖـي کي سگھو سَنگھاءِ(3

حاضر غوث مُحي الدين،

حاصل ڪر دنيا ۽ دين.

 

ميم، مَداحيءَ جي سِر موٽ،

ڪج ورڻ جي، گوهر گھوٽ،

ماڙِ(1) مُريدن، رُڪ جا ڪوٽ(2

تُنهنجي گھرجي اولو اوٽ(3

حاضر غوث مُحي الدين،

حاصل ڪر دنيا ۽ دين.

 

نون، نبيءَ جي نانءِ وريـٖـج،

گام(4) گِرامي، بَخت ڀريـٖـج،

دانهن ٻُڌي ڪو داد ڪريج،

ڍول، ڍليءَ(5) جا ڍڪڻ(6)، ڍريج(7

حاضر غوث مُحي الدين،

حاصل ڪر دنيا ۽ دين.

 

واؤ، وسيلو مون تو وَرۡدو(8

بيشڪ آهيان تُنهنجو بَردو(9

جانب  جوڙ  جُتيءَ  جو  گردو(1

پورهيت جو ڍڪ پيران، پرَدو،

حاضر غوث مُحي الدين،

حاصل ڪر دنيا ۽ دين.

 

هــٖـي، هاڻي ٻُڌ، حال هلي،

اي شَہ اڪمل، واه وَلي،

تون آن خاوند خَفي جلي،

آل نبيءَ جا جگر عَلي،

حاضر غوث مُحي الدين،

حاصل ڪر دنيا ۽ دين.

 

الف، اوهان جي در جو ٻانهون،

مَنگـٖـي پَروَش جو پروانو،

شاه محمّد، ڏاج(2) ڏَهانون(3

اَڏ(4) خدا لڳ، منهنجو خانو،

حاضر غوث مُحي الدين،

حاصل ڪر دنيا ۽ دين.

 

لام، لَنگھـٖـي جي پروَش پير،

ڪج حمايت ميران مير،

دَهلي، لهرن کون دل ڌير(1

پار لنگھائج سختي سيرَ،

حاضر غوث مُحي الدين،

حاصل ڪر دنيا ۽ دين.

 

يي، يُمُنۡ(2) سان ڏي اولادُ،

خانو خاوند ڪر آباد،

وقت نَزع(3) اچ، ڏي اِمدادُ،

آشهَد ڪَلمي جو اِرشاد،

حاضر غوث مُحي الدين،

حاصل ڪر دنيا ۽ دين.

لا الہ الا الله مُحّمدُ الرسول الله

صلي الله عليہ و آلـٖـہٖ

و اصحابـٖـہ وسلم


(1) حزين= غمگين.

(2) جبين= پيشاني.

(3) منصبدار= وڏي رتبي وارو.

(4) توشو= ثمر.

(5)  تر= تازو، سَڄَرُ.

(1) حلب= شام ملڪ ۾ هڪڙو شهر.

(2) سري= سنڌ جي اترئين ڀاڱي سڱر، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي ضلعن کي ”سرو“ چئبو آهي.

(3) عجم= عرب کان سواءِ باقي ٻيو ملڪ.

(1) شرق= مشرق، اوڀر.

(2) غرب= مغرب، اولهه.

(3) زد= ماريل، هنيل.

(4) ضرب= ڌڪ، وار.

(5)  ڪاڍو= ڇڪ، ڪشش.

(6) ڀانڊو= بدن، قالب.

(7)  ڳڻن ڀريا= ٻهڳڻ.

(8) ڳڻ= قرب.

(9) ڳانڍو= ڳانڍاپو.

(1) آسروندي= آسائتي.

(2)  ٿيڙي= پاسيرو ڪري.

(3) ٿڏي= روڪي ڇڏ.

(1) رس رڪيبن پائي پير= رڪيبن ۾ پير پائي يعني گهوڙي تي چڙهي (جلدي اچي پهچ.

(2)  مل= بهادر، پهلوان.

(1) مُرتد= اسلام کان ڦريل، بي دين، ڪافر.

(2) کنا= ڏڦا، ڀالا، ترار.

(3) سهس= هزارين.

(4) سڳا سورڻ= ڪوشش ڪرڻ.

(1) غمازي= غمزه هڻندڙ، اک جي اشاري بازي ڪندڙ.

(2) گار= گم.

(3) مار= نانگ.

(4) خناس= شيطان.

(5)  نيڙي= نزديڪ.

(6) ٽيڙ= لُچ.

(1) لاه= ڇاٽو هنيل، پاڙ، کُت.

(2) بينگ= (بلوچي زبان) ڪتو..

(3) سنگهاءِ= ڊيڄار.

(1) ماڙ= مهرباني، مدد.

(2) ماڙ مريدن.... ڪوٽ= اي رڪ جا ڪوٽ، مريدن جي مدد ڪر.

(3) اولو اوٽ= اوڍر، پناه.

(4) گام= وک، قدم. گرامي وک= قيمتي وک، برڪت ڀري وک، سدورا پير.

(5) ڍلي= عيبدار، گنهگار.

(6) ڍڪڻ= پن پردو، اجهو آسرو.

(7) ڍريج= تون ڍر، تون اچ. ڍول..... ڍريج= اي منهنجا ڍڪڻ ڍول، تون مون ڏي وک وراءِ.

(8) وردو= ورتو، وٺتو.

(9) بردو= غلام، نوڪر.

(1) گردو= مٽي، ڌوڙ، دز. جانب..... گردو= اي جانب، مان تنهنجي جتيءَ جي دز برابر آهيان يعني مان تنهنجي پيرن جي پڻي آهي.

(2) ڏاج= ڏاڻ، انعام، بخشش.

(3) ڏهانون= ڏهوڻو.

(4) اڏ= ٺاهه، قائم ڪر.

(1) دل ڌير= اي دل جي ڌير، اي دل جا ڏڍ. دهلي..... ڌير= اي دل جي ڌير، لهرن کان ڊني آهيان.

(2) يمن= مبارڪ، خوبي.

(3) نزع= سڪرات.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org