سيڪشن: لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب:

صفحو:6 

داستان ٻئو

 

1

صُوفِيءَ سَيرُ سڀَنِ ۾، جِئَن رَڳُنِ ۾ ساهُ

سا نه ڪَري ڳالَهَڙِي، جا پَرُوڙِي پَساهَ

آهِسُ اِيءُ گُناهُ، جِئَن ڪا ڪَري پَڌَرِي. [35]

سمجهاڻي: صوفيءَ جو سير هر هنڌ ۽ هر جاءِ تي ائين آهي جيئن انساني بدن ۾ رڳن ۾ ساهه گشت ڪري ٿو (هن جو سير غير معمولي آهي) . هن کي (اهڙي سير ۾) جيڪا خبر پوي ٿي سا ڪڏهن به کولي ٻڌائڻ هن لاءِ گناهه آهي!

[صوفيءَ جي سير جي باري ۾ مثنويءَ ۾ گهڻو ڪجهه چيو ويو آهي، هڪ هنڌ چوي ٿو:

سير جان بيچون بود در دور دير

جسم ما از جان بيا موزيد سير

سير جان هرکس نُبيند جان من

ليک سير جسم باشد برعلن

(دفتر سوم ب 1981_ 82)

معنيٰ: روحاني سير جي حالت بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي. بلڪ اسان جو جسم به روح کان سير ڪرڻ سکيو آهي. اي پيارا، روحاني سير کي هر شخص محسوس نٿو ڪري سگهي، البت جسماني سير ظاهر ظهور نظر اچي ٿو.]

٢

صُوفِي سالِمُ سي وِئا جي اَڪثِرَ سِين اَڏِيارَ

بازِي بازِندَنِ کي آهي اَويسارَ

پِريان سِين پَهڪارَ، رِنديءَ رَساڻِي ڪِئا. [36]

سمجهاڻي: اهي صوفي (سالڪ) سلامتيءَ سان وڃي منزل تي پهتا جن گهڻن (غير) جي ياريءَ کان پاسو ڪيو. عشق جي اها راند کين نيبهه هجي جنهن کي هو ڪڏهن به (تر جيترو) وسارڻ لاءِ تيار ناهن. انهيءَ مستي ۽ اڻهوند واري تمنا ئي کين محبوب جي حاضريءَ ۾ پهچائي ڇڏيو.

3

صُوفِي چائين سَڌ ڪَرين، صُوفيءَ ايءَ نه صَلاحَ

ڪاٽي وِجُهه ڪُلاهَ، هَڻُ اُڇَلي آڳِ ۾. [37]

سمجهاڻي: تون پاڻ کي صوفي ٿو چورائين ۽ وري (نفساني) خواهشون به ويٺو ڪرين. صوفيءَ لاءِ ائين ڪرڻ هرگز مناسب ناهي. بلڪ تون (سچي صوفي ٿيڻ خاطر) اها نمائشي ڊگهي ٽوپي (توڻي چوغو) ٽڪر ٽڪر ڪري ڦٽو ڪر ۽ ان کي باهه ۾ اڇلائي ساڙي ڇڏ (ظاهري ڏيک ويک ۽ لباس کي ترڪ ڪر).

[مثنويءَ ۾ پڻ اهڙن صوفين جي باري ۾ هن طرح چيو ويو آهي.

صوفييم وخرقها  انداختيم،

باز نستانيم چون در باختيم.

        (دفتر پنجم ب 1008)

معنيٰ: اسان صوفي آهيون ۽ اسان پنهنجا (وجود وارا ظاهري لباس) لاهي ڦٽو ڪيا آهن ۽ وري اهي واپس نه وٺنداسون جڏهن هڪ ڀيرو اڇلي چڪا آهيون.]

4

ڪُلاهَ رَکين ڪَنڌَ تي، ته صُوفِي سالِمُ ٿِيءُ

وِهَ وَٽِي هَٿِ ڪَري، پُرُ پِيالو پِيءُ

هَنڌُ تَنِي جو هِيءُ، جَنِي حاصُلُ ڪِئو حالَ کي.  [38]

سمجهاڻي: جيڪڏهن تون پنهنجي مٿي تي صوفين واري ڊگهي چهنب واري ٽوپي پائڻ گهرين ٿو ته پوءِ سچو (صحيح سالم) صوفي ٿي ڏيکار. زهر (ڪوڙاڻ) واري وٽي شوق مان هٿ ڪري پورو پيالو پيءُ (صبر ڪر ۽ پاڻ کي مار). هيءُ جهان ئي انهن سالڪن لاءِ اهڙو ماڳ آهي جيڪي حال جي (اعليٰ روحاني) منزل ماڻين ٿا.

[صوفين جي لباس جي باري ۾ رومي هن راءِ جو آهي:

هست صوفي آنکه شد صفوت طلب،

نه لباس صوف و خياطي و دب.

(دفتر پنجم، ب- 363)

معنيٰ: صوفي اهو آهي، جيڪو صفائي يعني پاڪائي ۽ پرهيزگاريءَ جو طالب آهي. صوفي اهو ناهي جيڪو کهرو لباس پائي ٿو يا چتين سان ڪپڙو سبي پاڻ کي ڍڪي ٿو.]

5

”صُوفِي لا ڪُوفِي“ ڪونه ڀانئيسِ ڪيرُ

مَنجهائِين مَنجِهه وِڙهي، پَڌَرِ ناهِسِ پيرُ

جَنِي ساڻُسِ ويرُ، ٿِيي تَنِي جو واهَرُو. [39]

سمجهاڻي: صوفي هر قسم جي فرقي بازي ۽ لڳ لاڳاپن کان آجو آهي ۽ کيس ڪوبه پنهنجو واسطيدار ڪري ڪونه ٿو سمجهي. هن جي سموري ويڙهاند پنهنجي نفس (پاڻپڻي ۽ هستيءَ جي گمان) سان آهي، جنهن جو ٻاهر ڪوبه نشان ظاهر نظر نٿو اچي. اهو ئي سبب آهي جو جيڪي سندس دشمن آهن تن سان به (وقت اچڻ تي) وڃي مددگار ٿئي ٿو. (هو هر وقت بلند اخلاقيءَ جو مظاهرو ڪري ٿو)

[’صوفي‘ ۽ ’ڪوفي‘ لفظن جو اجتماع مثنويءَ جي هيٺين بيت ۾ ملي ٿو ۽ ’لاڪوفي‘ جي اصطلاح مان اهو ئي مطلب نڪري ٿو

گفت قاضي بسي تهي رو صوفي

خالي از فطنت چو کاف کوفي

(دفتر ششم ب 1650)

معنيٰ: قاضيءَ چيو تون ڏاڍو خشڪ ۽ بددماغ صوفي آهين. تون ڪوفيءَ جي ڪاف وانگر سمجهه کان بلڪل خالي آهين.

مولانا روميءَ جي پيشرو حڪيم سنائي جنهن جا ڪيترا شعر مثنويءَ ۾ حوالي طور آندل آهن، جو هڪ شعر هن ريت آهي:

آيت  کرد  کوفي  از   صوفي،

عشق ورائي قريشي و کوفي.

معنيٰ: هڪڙي صوفيءَ کان ڪوفي جي رهاڪو اها ڳالهه ٻڌي ته عشق قريشي ۽ ڪوفين جي وس کان ٻاهر آهي.

ليڪن تصوف  جي تاريخ ۾ جنهن شخص کي سڀ کان پهرين صوفي جي لقب سان ياد ڪيو وڃي ٿو، اهو ’ابو هاشم‘ هو، جنهن جو تعلق ڪوفي جي شهر سان هو.]

6

ڏِنِي ڏُکويا، اَڻَ ڏِنِي راضِي رَهيا

صُوفِي تي ٿِيا، جِئن ڪِينِ کَنيائُون پاڻَ سِين. [40]

سمجهاڻي: هو (سچا صوفي) سک ۽ سهنج (مال ملڪيت) ڪري پاڻ ڏک ۾ پيا گذارين، پر فقيري ۽ غريبيءَ ۾ هو مطمئن ۽ خوش رهن ٿا. هو انهيءَ ڪري ته سچا ۽ صحيح صوفي ٿيا (اهو درجو ماڻيائون) جڏهن هنن پاڻ سان نيستي ۽ نفيءَ جو سامان کنيو.

7

حاصُلُ جان نه حالُ، صُوفِي جِمَ سَڏائِيين

ڪونهي تَنِي قالُ، وَٿُون جَنِ وِڃائِيُون. [41]

سمجهاڻي: جيستائين تون (سلوڪ جي راهه ۾) حال واريءَ منزل تي نه پهتو آهين، تيستائين پاڻ کي صوفي متان سڏائين. اهڙن صوفين وٽ ڪابه ظاهري يا زباني ڳالهه ڪانهي، جيڪي دنيا جي هر شيءِ تان هٿ کڻي چڪا آهن. (هو نفي سان آشنا آهن)

8

وَٿُون جَنِ وِڃائِيُون، صُوفِي سالِمُ سي

هاڻي تَنِي کي، ڏوريان ڏوريي نه لَهان. [42]

سمجهاڻي: جن کان پنهنجون سڀ (دنياوي) شيون گم ٿي ويون (هو اهڙيءَ حالت کي پهتا جو سندن سڀ ظاهري لڳ لاڳاپا ختم ٿي ويا)، اهي ئي سچا ۽ صحيح (صاحب صحو) صوفي آهن. اهڙا صوفي ڳولڻ سان به نٿا لڀن.

9

تَعظِيمان تَرَڪُ ٿِئا، واکاڻان وِئا

وَڃِي تِتِ پِئا، جِتِ نِهايَتَ ناهِ ڪا. [43]

سمجهاڻي: اهي (سالڪ) ظاهري تعظيم ۽ تعريف کان الڳ ٿي چڪا آهن، (اهڙين ڳالهين کان پاسي آهن) يا هنن کي اهڙو اونو هرگز ڪونهي ته ڪو سندن ساراهه ڪري. هو ته اهڙي اعليٰ منزل تي وڃي پهتا آهن جنهن جي ڪا حد ڪانهي.

10

ظاهِرَ ۾ ظانِي، فِڪرَ مَنجِهه فَنا ٿِئا

تَنِي کي تَعلِيمَ جِي ڪُڙِهه اَندَرِ ڪانِي

حَرَفُ حَقانِي، دَورُ ڪِئائُون دِلِ ۾. [44]

سمجهاڻي: اهي سالڪ ظاهري طور (ٻين کي) شڪ ۽ گمان ۾ نظر اچن ٿا، پر حقيقت ۾ هو غور ۽ فڪر ۾ محو آهن. هنن کي اندر ئي اندر ۾ توحيد واري حقيقي ڄاڻ جي گهڻي اون ۽ اڻ تڻ آهي. هو (ازل ۾) حق تعاليٰ سان ڪيل قول کي پاڙڻ خاطر ان کي دل ۾ هر وقت پيا دهرائن ۽ ياد ڪن (ته جيئن ان ۾ کانئن ڪا گهٽتائي نه ٿئي).

[مثنوي روميءَ ۾ ظن ۽ گمان کي سخت لفظن ۾ نندڻ جو ذڪر هن ريت ملي ٿو:

ظانين بالله ظن السوءِ را

گر نبرم سر، بود عين خطا

(دفتر اول ب 3038)

معنيٰ: جيڪو سِر خدا جي باري ۾ بدگماني ڪري ٿو، اهڙو سر نه ڪپڻ وڏي غلطي آهي.]

11

اَڻَ ڪِي عَيان نه ٿِيي، ڪِي پَرُوڙي ڪونَ

سَچي جِهڙِي سونَ، مُنہِ نه پيئي ماڙُهوئين.  [45]

سمجهاڻي: (حقيقت بابت) اڻ چيل ڳالهه ته ڪڏهن به پڌري ڪانه ٿي ٿئي، ان جي باري ۾ ڪا خبر نٿي پوي. پر (عجب ان ۾ آهي جو) ڪيل ڳالهه يعني جيڪي ڪجهه ماڻهو پاڻ ڪري ٿو، اها به سمجهي ڪونه ٿو سگهي. اهو ئي سبب آهي جو اها سون جهڙي سچي ۽ کري ڳالهه عام ماڻهو ڪونه ٿا سڃاڻن ۽ سمجهن.

[مثنويءَ ۾ اها ڳالهه سمجهائيندي چوي ٿو:

آن حقيقت کان بود عين و عيان،

هيچ تاويلي نگنجد درميان.

(دفتر دوم، ب- 3228)

معنيٰ: اها حقيقت بلڪل واضح ۽ ظاهر آهي ۽ هن جي باري ۾ ٻي ڪنهن تاويل يا سمجهاڻيءَ جي ضرورت ناهي.]

12

عِلَتِيءَ آرامُ، پَسِي عِلَتَ آئِيو

حُسُنُ جو حَقَ جو، خامِي ڀانئِي خامُ

اَچِي ٿِئَا اِسلامُ، ڪُفرُ ڪافِرُ پاڻ ۾. [46]

سمجهاڻي: جيڪو پاڻ ڪنهن عادت ۾ مبتلا آهي، اهو انهيءَ عادت جي پوري ٿيڻ سان ئي آرام ۽ سڪون حاصل ڪري ٿو. اهوئي سبب آهي جو جيڪو پاڻ ناقص آهي، سو ذات حق جي حسن کي به ناقص سمجهي ٿو (جيستائين ڪامل جي نظر سان نوازجي). انهيءَ ڪري اهڙو ناقص، جيڪو حق جو انڪاري آهي، اهو پاڻ کي حق تي ۽ صحيح سمجهي ٿو (هن کي غلط شيءِ به صحيح لڳي ٿي)

[هن بيت جو مرڪزي خيال مثنويءَ تان ورتل آهي، جتي مولانا رومي وري ’ڪامل‘ يا عارف جو تصور پيش ڪري ٿو، ته هو ناقص شيءِ  ۾ به ڪمال کي ڏسي ٿو:

هرچه  گيرد  علتي علت شود

کفر گيرد  کاملي  ملت  شود

           (فتر اول، ب-1613)

معنيٰ: جيڪو بيمار آهي ۽ ان حالت ۾ جيڪا شيءِ کائيندو، ته اهو بيمار ئي رهندو. پر جيڪو ڪامل آهي اهو خطرناڪ صورتحال (ڪفر) ۾ به  صحيح سالم (ايمان وارو) رهي ٿو.]

13

مَحرُومَ ئِي مَرِي وئا، ماهِرَ ٿِي نه مُئِا

چِڙيءَ جِئَن چُهُنجَ هَڻي لَڏيائُون لُئا

حُبابَ  ئِي  هُئا،  اِنهِين  وادِيءَ  وِچَ ۾. [47]

سمجهاڻي: اهي (ٿوري ڄاڻ وارا) بي نصيب ۽ نامراد ٿي مري ويا ۽ (معرفت وارن وٽ وڃي) ڪا اهليت (ڪاميابي) حاصل نه ڪيائون. جهرڪيءَ جهڙي ننڍڙي پکيءَ وانگر (کائي پي) هر هر چهنب هڻي هن جهان مان ائين لڏي هليا ويا. اهي پاڻيءَ جي مٿان جر ڦوٽي وانگر پنهنجي حياتي پل ۾ پوري ڪري گم ٿي ويا.

14

مَرَڻا اَڳي جي مُئا، سي مَرِي ٿِيَنِ نه ماتُ

هُوندا سي حَياتُ، جِيَڻان اَڳي جي جِيَا. [48]

سمجهاڻي: جيڪي (عارف) هن ظاهري زندگيءَ واري موت کان اڳ ۾ مري ويا (پنهنجي حرص ۽ هوا کي فنا ڪيائون)، سي ڪڏهن به مري ختم ٿيڻ وارا نه آهن. بلڪ اهي ئي سدا حيات يعني هميشه زنده رهڻ وارا آهن جيڪي هن ظاهري جيئڻ کان اڳ جيئن ٿا (هميشه حق جي يادگيريءَ ۾ سجاڳ رهن ٿا)

[صوفي ’مرڻ کان اڳ مرڻ‘ جو مطلب ’نفساني خواهشن جو خاتمو‘ وٺن ٿا. جنهن لاءِ هو حديث ’موتوا قبل ان تموتوا‘-  مرو ان کان اڳ جو توهان کي موت اچي- مان دليل پيش ڪن ٿا. مثنويءَ ۾ هن ڳالهه کي گهڻن طريقن سان زور ڏيئي سمجهايو ويو آهي. جيئن هڪ هنڌ چوي ٿو:

مرده گردم، خويش بسپارم به آب

مرگ پيش از مرگ، امنست از عذاب

مرگ پيش از مرگ، امنست اي فتيٰ

اين چنين فرمود ما را مصطفيٰ

(دفتر چهارم ب 2271_72)

معنيٰ: هن (مڇيءَ) دل ۾ چيو ته مان پاڻ کي مئل سمجهي پاڻيءَ جي حوالي ڪريان ٿي ڇو ته موت کان اڳ مرڻ عذاب کان بچائي ٿو. اي نوجوان، ياد رک مرڻ کان اڳ مرڻ ۾ سلامتي آهي. حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ به ائين فرمايو آهي:

’جيئڻ کان اڳ جيئڻ‘ يا سدا حيات هجڻ جي باري ۾ رومي چوي ٿو ته اهو انهن کي نصيب ٿيندو جيڪي اهڙن عارفن جي صحبت اختيار ڪن ٿا. چوي ٿو:

اي خنک آن مرد کز خود رسته شد

در وجود زندهء اي پيوسته شد

(دفتر اول 11535)

معنيٰ: اهو شخص بخت وارو آهي جيڪو خوديءَ جي بند مان آزاد ٿيو ۽ ڪنهن آزاد شخص (الله جي دوست) سان وابسته ٿي ويو.]

15

جِيَڻان اڳي جي جِيا، جُڳَ جُڳَ سي جِيَنِ

موٽِي ڪِينَ مَرَنِ، مَرَڻان اَڳي جي مُئا. [49]

سمجهاڻي: جيڪي (سالڪ) ظاهري زندگيءَ ۾ هر لمحي کان اڳ حق کي ياد ڪري جيئن ٿا، سي هميشه لاءِ حيات آهن. ائين جيڪي ظاهري موت کان اڳ پنهنجي هستيءَ کي فنا ڪري ڇڏين ٿا، سي وري موت ڪونه ڏسندا (اهي سدا حيات آهن)

[هن بيت ۾ عارفن جي عدم واريءَ حالت ڏانهن اشارو آهي، جنهن جو تصور مثنويءَ جي ڪيترن ئي بيتن ۾ ملي ٿو ته اها عارفن ۽ سالڪن جي اصلي حالت آهي. گويا جڏهن هو ظاهري صفات مان نڪري ذات جي جهان ۾ پهچن ٿا. مثنويءَ جي هيٺين بيتن ۾ ان طرف اشارو آهي:

پيش ازين تن عمرها بگذاشتند،

پيشتر از کِشت بر برداشتند.

پيش از نقش جان پذرفته اند،

پيشتر از بحر دُرها سفته اند.

(دفتر دوم، 169 ۽ 70)

معنيٰ: هو ظاهري جسمن کان اڳ ڪيتريون عمريون گذاري چڪا آهن ۽هنن (دنيا ۾) فصل پوکڻ کان اڳ فصل کڻي ورتو آهي. هو ظاهري صورت کان اڳ روح واري حالت ۾ هئا، تڏهن هو (صفاتي) سمنڊ ۾ لهڻ کان اڳ (الاهي عنايتن جا) موتي لهي چڪا هئا.

ٻئي هنڌ اهڙن عارفن لاءِ رومي چوي ٿو:

سر بر آوردند باز از نيستي

که ببين مارا، اگر اکمه نيستي

تابداني در عدم خورشيد هاست

و آنچ اينجا آفتاب آنجا سهاست.

(دفتر پنجم ب 1016_17)

معنيٰ: اهي (عارف) وري فنا جي حالت ۾ ڪنڌ مٿي کڻي چون ٿا ته اسان کي ڏس جيڪڏهن تون انڌو ناهين. تون سمجهي ڇڏ ته عدم (اصلي جهان) ۾ ڪيترا سج آهن جن جي مقابلي ۾ هي سج هڪ ننڍڙي تاري مثل آهي.]

16

طالِبُ قَصَرُ، سُونہَ سَرُ، اِيءَ رومِيءَ جِي رُوءِ

جَنِي ڏِٺِي جُوءِ، تَنِي ڪُڇئو ڪِينڪِين. [50]

سمجهاڻي: حق جو طالب هڪ محل (ماڙيءَ) وانگر آهي يا هڪ وڏي سهڻي چشمي مثال آهي. روميءَ جو فڪر يا سمجهاڻي اها آهي ته جن اهو هنڌ ۽ لقاءُ ڏٺو (خبر پئي)، ته پوءِ اهي هميشه ماٺ ۾ رهيا. (اهي ٻي ڪا ڳالهه ڪري نه سگهيا.)

[هن ۽ ايندڙ پنجن بيتن ۾ دنيا جي عظيم صوفي شاعر مولانا جلال الدين روميءَ جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته هو طالب کي قصر يا محل ڪوٺي ٿو ۽ هن کي سونهن يا حسن جو سرچشمو چوي ٿو. روميءَ کان اڳ جنيد بغدادي پڻ طالب جي هر منزل کي قصر سان تشبيهه ڏني آهي. مثنويءَ ۾ طالب يا سالڪ کي قصر ڪوٺڻ جي حوالي سان هي شعر ملن ٿا:

چون بدانستيم ما کين تن نه ايم،

از وراي تن بيزدان مي زئيم.

اي خنک آن راکه ذات خود شناخت،

اندر امن سرمدي قصري بساخت.

(دفتر پنجم ب 340_41)

معنيٰ: هاڻي اسان کي خبر پيئي ته اسان صرف هي ظاهري جسم نه آهيون، بلڪ ان ظاهري جسم کان علاوه اسان خدا جي ڪري زنده آهيون. انهيءَ ڪري اهو وڏي بخت وارو آهي جنهن پاڻ کي سڃاتو ۽ هميشه امن ۽ سلامتيءَ وارو محل پاڻ لاءِ حاصل ڪيو.

اهڙيءَ طرح ’سر‘ لفظ جيڪو فارسيءَ جو آهي، روميءَ جو پسنديده اصطلاح آهي ۽ ڪيترين ئي معنائن ۾ استعمال ڪري ٿو. هڪ هنڌ چوي ٿو:

عاشقي گرزين سرو گرزان سرست

عاقبت ما را بدان سر رهبر ست

(دفتر اول ب 111)

معنيٰ: عاشقي هن طرف جي هجي يا هُن طرف جي، پر آخرڪار انهيءَ اصل (خدا جي ذات) ڏانهن رهبري ڪندڙ آهي.]

17

طالِبُ قَصَرُ، سُونہَ سَرُ، اَندَرِ رُومِي راءِ

جَنِي ڏِ‎‎ٺِي جاءِ، تَنِي ڪُڇيو ڪِينڪِين. [51]

سمجهاڻي: حق جو طالب پاڻ محل آهي ۽ پاڻ ئي سونهن جو سرچشمو آهي. مولانا روميءَ جو اهو ئي معنيٰ خيز رايو آهي. جن اها منزل ماڻي آهي (جيڪي ان هنڌ پهتا آهن)، تن پوءِ هن باري ۾ ڪا ڳالهه نه ڪئي آهي.

[ڪن شارحن موجب هنن ڇهن بيتن ۾ مثنوي روميءَ جي ان آکاڻيءَ ڏانهن اشارو آهي جنهن ۾ چيني ۽ رومي مصورن جي نقاشيءَ جي مقابلي جو ذڪر آهي. تاريخي طور چينين جي نقاشي مشهور آهي. هڪڙو محل هنن جي حوالي ڪيو ويو جنهن جي ديوار تي هنن خوبصورت نقش چٽيا. رومين کي سامهون ديوار تي نقش ٺاهڻ لاءِ چيو ويو، پر هنن ڪو نقش نه ٺاهيو صرف ان ديوار کي صاف ۽ آئيني وانگر اڇو اجرو ڪري چمڪائي ڇڏيو. آخر مقابلي جي ڏينهن جڏهن بادشاهه آيو ۽ جڏهن اهو پردو هٽيو ته رومين جي ديوار تي چينين جي ٺاهيل تصويرن جو پوندڙ عڪس وڌيڪ خوبصورت معلوم ٿيو ۽ هنن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو. ان پس منظر ۾ رومي چوي ٿو:

روميان آن صوفيا نند اي پدر

بي زتکرار و کتاب و بي هنر

ليک صيقل کرده اند، آن سينها

پاک از آز و حرص و بخل و کينها

آن صفاي آينه، وصف  دلست

صورت بي منتها را قابلست.

(دفتر اول، ب- 3483)

معنيٰ: اي بابا، اهي رومي اصلي صوفي آهن جيڪي بنا پڙهڻ پڙهائڻ ۽ سکڻ جي اهل آهن. هنن رڳو پنهنجي دلين کي هر قسم جي بخل ۽ ڪيني کان صاف ۽ اڇو اجرو ڪيو. هنن جون دليون آئيني وانگر صاف آهن جيڪي لامحدود صورت (خدا) جا عڪس ڏيکارڻ جي قابل آهن.] (ڏسو لطائف لطيفي: مير عبدالحسين سانگي، ص- 125)

18

طالِبُ قَصَرُ، سُونہَ سَرُ، ايءَ رُومِيءَ جو آهي

تاڙِي جي لاهي، ته مَنجِيهن مُشاهِدو ٿِيي. [52]

سمجهاڻي: حق جو طالب هڪ محل آهي ۽ (مطلق جمال) سراسر سونهن آهي. مولانا روميءَ جي چوڻ مطابق اهي جيڪڏهن پنهنجو ظاهري (وجود وارو) پڙدو هٽائين ته اتي ئي الاهي ديدار جو جلوو پسي سگهن ٿا.

19

طالِبُ قَصَرُ، سُونہَ سَرُ، ايءَ رُومِيءَ جِي رِهاڻُ

پِهرِين وِڃائِڻُ پاڻُ، پَسَڻُ پوءِ پِرينءَ کي. [53]

سمجهاڻي:  طالب محل جيان آهي ۽ حسن (ازلي) جو منڍ (سر چشمو) آهي. روميءَ جو اهوئي دلپسند نظريو آهي. (هو وڌيڪ چوي ٿو ته) پهرين پاڻ کي فنا ڪجي ته پوءِ محبوب جو ديدار حاصل ٿيندو. (پاڻ کي فنا ڪرڻ سان ئي محبوب جو ديدار حاصل ٿي سگهندو)

[مثنويءَ ۾ هڪ هنڌ طالب جي ظاهري جسم کي قصر سان هن ريت تشبيهه ڏني ويئي آهي:

قصر چيزَي نيست ويران کن بدن

گنج در ويراني ست اي مير من

(دفتر ششم ب 3422)

معنيٰ: اهي محل ماڙيون ڇا ٿيندا آهن؟ تون پنهنجي ان جسم کي فنا ڪر. اي منهنجا سهڻا، خزانو ويرانيءَ ۾ لڀندو آهي!]

20

طالِبُ قَصَرُ، سُونہَ سَرُ، ايءَ رُومِيءَ جِي راحَتَ

جَنِي ڏِ‎ٺي سَٿَ، تَنِي ڪُڇِئو ڪِينڪِين. [54]

سمجهاڻي: حق جو طالب هڪ محل مثل آهي ۽ سونهن جي چشمي (آئيني) وانگر آهي. روميءَ وٽ اها ئي اطمينان واري ڳالهه آهي. جن طالبن کي اها محفل ۽ مجلس نصيب ٿي، تن پوءِ هنن ان راز بابت ڪجهه به ظاهر نه ڪيو (هو هميشه خاموش رهيا)

21

طالِبُ قَصَرُ، سُونہَ سَرُ، ايءَ رُومِيءَ جِي اوطاقَ

پَچِين دَرِ فِراقَ، ته مَنجهِين مشاهدو ماڻِين. [55]

سمجهاڻي: حق جو طالب ماڙي يا محل مثل آهي ۽ سونهن جي شاهي تلاءُ وانگر آهي. روميءَ جي محفل ۾ اهائي هلندڙ ڳالهه آهي. جيڪڏهن تون درد فراق ۾ پچي راس ٿئين ته جيڪر توکي پنهنجي اندر ۾ ئي الاهي ديدار جو جلوو نصيب ٿي وڃي.

[مثنويءَ جي شروعات بانسريءَ جي حوالي سان ٿئي ٿي، جنهن کي مولانا رومي روح جي جدائيءَ جو آواز يا فراق جي دانهن سمجهي ٿو. روميءَ جي فڪر جو وڏي ۾ وڏو حوالو يا ماحصل اهو ئي آهي، تڏهن ته چوي ٿو:

ليک داند هرکه او را منظر ست

کاين فغان اين سري هم زآن سر ست.

(دفتر ششم، ب- 2005)

معنيٰ: پر جيڪي اکين وارا آهن (جن کي اها سمجهه ملي آهي) اهي سمجهن ٿا ته بانسريءَ جي هن منهن مان جيڪو آواز نڪري رهيو آهي، اهو اصل منهن منجهان آهي.]

22

ڪَر طَريقَتَ تَڪِيو، شَرِيعَتَ سُڃاڻِ

هِنيون حَقِيقَتَ هيرِ تُون، ماڳُ مَعرفَتَ ڄاڻِ

هُوئِجِ ثابُوتِيءَ ساڻِ، ته پُسَڻَ کان پالهو رَهِين. [56]

سمجهاڻي: بيشڪ تون طريقت (سلوڪ جي راهه) تي اعتماد ۽ ڀروسو ڪري هلندو رهه، پر (ان سان گڏ) شريعت (ظاهري اصولن جي پيروي) جي ساڃهه پيدا ڪر. تون پنهنجي دل ۽ قلب کي هر وقت حقيقت (مالڪ حقيقيءَ) سان همراز ڪري معرفت (ذات الاهي جي اندر ۾ ڄاڻ) کي پنهنجي منزل مقصود بناءِ. تون هن ڏسيل راهه تي ثابت قدم رهه ته گناهن ۾ غرق ٿيڻ کان بچي وڃين.

[مثنوي روميءَ جي پنجين دفتر جي شروعات ۾ شريعت، طريقت ۽ حقيقت جي سمجهاڻي هن ريت ڏني وئي آهي.

شريعت همچو شمع است،  ره مي نمايد و بي آنک شمع به دست آوري راه رفته نشود، وچون در ره آمدي آن رفتن تو طريقتست، وچون رسيدي بمقصود آن حقيقتست.

معنيٰ: شريعت شمع وانگر آهي جنهن جي روشني واٽ ڏيکاري ٿي ۽ شمع کان سواءِ واٽ جي خبر نه پوندي. پر جڏهن تو ان راهه تي هلڻ شروع ڪيو ته اها طريقت آهي ۽ جڏهن منزل تي پهتين ته اها حقيقت آهي؟

ان ڪري چيو اٿن: ’لو ظهرت الحقايق بطلت الشرايع‘  جيڪڏهن حقيقت ظاهر هجي ها ته شريعت باطل يا اجائي ٿي پوي ها.]

23

پاڻُ پَردو پاڻَ کي، سُڻِي ڪَرِ سَنڀالَ

وِچان جو وِصالَ، سو تان هُئَڻُ ’هِنَ‘ جو. [57]

سمجهاڻي:  (اي طالب)، تنهنجو پنهنجي وجود کي ڀانئڻ وارو خيال ئي تنهنجي ذاتي حقيقت جي آڏو اصلي حجاب يا پردو آهي. اها ڳالهه چڱيءَ طرح سمجهه ۽ خبردار ٿيءُ!

محبوب (حقيقي) ۽ تنهنجي وچ ۾ جيڪا رنڊڪ يا رڪاوٽ آهي، سو تنهنجي پنهنجي وجود (هستيءَ) وارو خيال ۽ وهم آهي.

[مثنويءَ ۾ اهو خيال هن ريت ملي ٿو:

چون ز خود رستي همه حق گشته،

رفت ظلمت نُور مطلق گشته.

(دفتر دوم، ب- 1320)

معنيٰ: جڏهن تون ’پاڻ‘ واري گمان کان نجات وارو ٿئين ته گويا حق وارو ٿي وئين. اونداهي ختم ٿي وئي ۽ تون روشني ئي روشني بنجي وئين.]

24

پاڻُ پَردو پاڻ کي، طالِبَ سُڻِجُ تون

نَڪا هان نه هون، پَردا سَڀِ پاسي ٿِئا. [58]

سمجهاڻي: اي طالب (راه سلوڪ جا پانڌيئڙا)، تنهنجي ’هستي‘ ۽ پاڻ کي ڀانئڻ وارو وهم ئي تنهنجي ۽ تنهنجي ذاتي حقيقت جي آڏو هڪ حجاب آهي. تون اها ڳالهه غور ڪري سمجهه!

جڏهن تنهنجي اندر ۾ ڪنهن به قسم جو گمان (هينئن يا هونئن) نه رهندو ته پاڻهي سڀ پردا هٽي ويندا (۽ حقيقت کلي پوندي)

وائي

سَڀَڪا پِريان ڪوُن پُوڄي

نِيہُ نيڻين، ڳُڻُ ڳالهِيين

جا چِتايَمِ چِتَ ۾، سَڄَڻُ سا ٿو ٻُجهي

لاتِ  جا  لَطيفَ  جِي،  سَڏُ  تَنهِين  جو  سُڄي.  [59]

سمجهاڻي: هن جهان جي هر شيءِ يا هر ذرو پنهنجي محبوب جي تلاش ۾ آهي. (جيڪو عاشق آهي، اهو ضرور پنهنجي محبوب جي پرستش ڪري ٿو). اهڙي عاشق جي اکين ۾ سڪ ۽ سوز صاف نظر پيو اچي، پر سندس پرينءَ واري پچار ۾ سچائي ۽ ثابت قدمي پڻ آهي.

مان پنهنجي دل ۾ جيڪو خيال ڪريان ٿو، اهو پيارو پرين ان کان واقف آهي. عبداللطيف جي هن درد واري دانهن جو ٻڌندڙ به اهوئي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org