سيڪشن: لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب:

صفحو:27 

 

سُر ڏهر

 

داستان پهريون

1

اَللهُ جِئَن نالوءِ، تِئَن مُون وَڏو آسَرو

خالِقَ تُنهِنجِيءَ کانڌَ جو پَرو پاندُ نه ڪوءِ

نالو رَبَ سَندوءِ، رَهيو آهي رُوحَ ۾. [1038]

سمجهاڻي: اي الله سائين، جيڏو تنهنجو نالو (مٺو ۽ پيارو) آهي تيڏو مون کي تو ۾ وڏو آسرو ۽ اميد آهي. اي مالڪ سائين، تنهنجي برداشت ۽ بردباريءَ جو ڪو انت ۽ پڄاڻي ڪانهي (اها اڻ کٽ آهي). اي منهنجا رب، منهنجي اندر ۾ تنهنجو نانءُ ئي وڃي باقي بچيو آهي (آءٌ تنهنجي آسري تي پيو تڳان ۽ هلان)

[مثنوي روميءَ ۾ مناجات جا هيٺيان شعر ڏسڻ وٽان آهن:

اي خدا، فرياد ازين فرياد خواه

داد خواهم ني ز کس زين داد خواهه

(دفتر اول ب 2195)

معنيٰ: اي خدا، مون مجبور ۽ مصيبت زده جي دانهن ٻڌ. منهنجي داد رسي ڪر، ٻيو ڪير به منهنجي داد رسي ڪرڻ وارو ڪونهي.

ٻئي شعر ۾ وري هيئن آهي:

داد خود ازکس  نيابد جز مگر،

زانکه او از من بمن نزديک تر.

          (دفتر اول، ب- 2196)

معنيٰ: مون کي اهو داد ٻئي ڪنهن کان نه ملندو. صرف توکان ملندو ڇو ته تون مون کي (روح) کان وڌيڪ ويجهو آهين.

2

مِٺو جِئَن نالوءِ، تِئَنِ مُون وَڏو آسَرو

صاحِبَ تُنهِنجيءَ سَگههَ جو پَرو پاندُ نه ڪوءِ

ڪو دَرُ ناهِ جِهوءِ، مُون ٻِئا دَرَ گهَڻو نِهارِئا. [1039]

سمجهاڻي:  (اي سٻاجها سائين) جيترو تنهنجو نالو پيارو ۽ سٻاجهو آهي، اوترو مون کي گهڻو آسرو ۽ اميد آهي. اي مالڪ، تنهنجي طاقت ۽ قدرت جو ڪو ڇيهه يا ڪا حد ڪانهي (اي مالڪ). مون ٻيا سڀيئي در ڀيٽيا آهن، مگر بيشڪ تنهنجي دروازي جهڙو (رحمت ۽ ٻاجهه ڀريو) ٻيو ڪوبه دروازو ڪونهي.

[رومي خدا جي رحمت جي واکاڻ ڪندي هڪ هنڌ هي انداز اختيار ڪيو آهي:

آنکه بدهد بي اميد و سودها،
آن خدايست و خدايست و خدا،
کو غني است و جز جمله فقير،
که فقيري بي عوض گويد که، گير؟

(دفتر سوم، 3352 ۽ 54)

معنيٰ: اهو مالڪ جيڪو بغير غرض ۽ اُميد جي سڀ ڪجهه ڏئي ٿو، سو ئي خدا آهي، اهوئي خدا آهي، بيشڪ اهو ئي خدا آهي. صرف اهو ئي غني آهي، باقي ٻيا سڀ محتاج آهن. ڇا ڪو محتاج عوض کان سواءِ ڪا شيءِ ڏئي سگهي ٿو ته وٺ؟]

3

جيڏو تُنهِنجو نان، ٻاجَهه پِه اوڏِيائِي مَنگان

ري ٿَنڀين ري ٿُوڻِيين، تُون ڇَپَرُ تُون ڇان

ڪُڄَاڙو ڪَهان، توکي مَعَلُمَ سَڀَڪا. [1040]

سمجهاڻي:  (اي منهنجا ربّ) جيڏو (اعليٰ ۽ عظيم) تنهنجو نالو آهي، آءٌ توکان مهرباني ۽ نوازش به اوتري (بيحد ۽ بي حساب) گهران ٿو. بيشڪ تون ئي بنا ڪنهن ٿنڀ ٿُوڻيءَ جي (سواءِ ڪنهن ٽيڪ ۽ جَهل جي) وڏي ۾ وڏو اجهو ۽ ڇانو آهين. مان تنهنجي ڪهڙي تعريف (حمد) ڪريان، جو اها سڀ (صرف) توکي معلوم آهي. (تون ئي پنهنجي ثنا کي پاڻ ڄاڻين ۽ سمجهين ٿو.)

[مثنوي روميءَ ۾ حمد و ثنا ڪيترن ئي طريقن سان بيان ٿيل آهي.

اي خدا اي قادر بي چون و چند،

از تو پيدا شد چنين قصر بلند.

(دفتر اول، ب- 1880)

معنيٰ: اي مالڪ سائين، تنهنجي قدرت ڪيئن توکان پاڪ آهي. (ان تي صرف تون ئي قادر آهين) تو ئي هي وڏي ۾ وڏو محل ۽ (آسمان جيڪو ڇت وانگر آهي) پيدا ڪيو آهي.

ساڳئي هنڌ ٻيو بيت هن ريت آهي جيڪو وچينءَ سٽ سان گهڻو ملي ٿو.

سقف گردون کو چنين دايم بود،
نه از طناب و اُستني قائم بود.

    (دفتر سوم، ب-5)

معنيٰ: آسمان جي بلند ڇت هميشه کان ائين آهي، جيڪا رسن ۽ ٿنڀن کان سواءِ قائم يا بيٺل آهي (اها سڀ تنهنجي قدرت آهي).

بيت جي آخري سٽ لاءِ مثنويءَ جو هيءُ  شعر ڏسو:

کاي کمينه بخششت  ملک  جهان،

من چگويم؟ چون تو ميداني نِهان.

     (دفتر اول، ب-58)

معنيٰ: اي مالڪ هيءَ دنيا جي بادشاهي تنهنجي معمولي بخشش آهي، مان ڇا چئي ڇا چوان، تون سمورو ڳجهه ڄاڻين ٿو.]

4

سَتُرُ ڪَرِ سَتارَ، آءٌ اُگهاڙِي آهِيَان

ڍَڪِين ڍَڪَڻَهارَ، ڏيئِي پاندُ پَناهَ جو. [1041]

سمجهاڻي: اي ڍَڪ ڍڪيندڙ، تون مون کي ڍڪ، آءٌ بغير پوش ۽ ڍَڪ جي آهيان. اي عيبن کي هميشه ڍڪڻ وارا (پرده پوشي ڪرڻ وارا) تون ئي پنهنجي نوازش سان مون کي (گناهن کان) بچاءِ ۽ مون کي پناهه ڏي.

[مثنوي روميءَ ۾ ان سان ملندڙ هيءُ شعر ڏسو:

پرده اي ستار از  ما  برمگير

باش اندر امتحان ما مجير

          (دفتر اول ب 3293)

معنيٰ: اي ڍڪڻ وارا، تون اسان جا ڍڪ نه اگهاڙ، تون ڏکيءَ مهل ۾ اسان جو پردو پناهه بنجي وڃ.]

5

مَ ڪَرِ ڍولَ ڍِلو، ناتو نِماڻِيءَ سِين

ڪونهي ڪَمِيڻيءَ جو بِگَرِ تو بِلو

تُنهنجو نانءُ نِلو، وَٺيو ويٺِي آهِيان. [1042]

سمجهاڻي: اي پيارا مالڪ سائين، هن عاجز عورت سان پنهنجي لاڳاپي ۾ ڪمي نه ڪريو. هن بيوس ۽ هيڻيءَ عورت جو توهان کان بغير ٻيو ڪو حيلو وسيلو يا اوهي واهي (سنڀاليندڙ) ڪونهي. آءٌ رڳو تنهنجو ئي نالو وٺيو پيئي ٿي جيئان. (آءٌ تنهنجي ئي آسري تي زنده آهيان).

[روميءَ ان حقيقت کي ٻئي انداز ۾ بيان ڪيو آهي:

منگر اندر ما مکن در ما نظر

اندر اکرام و سخائي خود نگر

(دفتر اول ب 209)

معنيٰ: اسان کي نه ڏس، اسان جي عيبن کي نه ڏس، تون پنهنجي ڪرم ۽ سخا کي ڏس.]

6

وَڏِي سَگههَ سَندياءِ، ٻاجهُنِ ڀَريو آهِيين

مُون تان مِهِرِ مَ لاهِ، آئُون تُنهنجِي آهِيَان. [1043]

سمجهاڻي: اي مالڪ سائين، تون وڏيءَ طاقت وارو آهين ۽ تون ئي رحم ڪندڙ آهين. اي سٻاجها سائين، مون تان پنهنجي رحمت جو هٿ نه لاهجانءِ، آءٌ تنهنجي آسري تي آهيان (آءٌ فقط تنهنجي آهيان).

7

مِروُن ڪِينَ وَلَنِ، پَکِي ڪَنِ نه پورِهئو

جان تُون ڏِيندڙُ تَنِ، تان آسَ اَسانهِين نه لَهي. [1044]

سمجهاڻي: جهنگ جا جانور (اناج اپائڻ لاءِ) زمين جي کيڙي يا گُڏ ڪونه ٿا ڪن (پنهنجي گذران لاءِ ڪا پوک نه پوکين) ۽ نه وري پکي پکڻ روزي لاءِ محنت ڪن ٿا. بيشڪ تون انهن کي به روزي ڏيندڙ آهين، تنهن ڪري اسان تو مان ڪيئن نااُميد ٿي سگهون ٿا (اسان کي به تون ئي رزق ڏيندين.)

[مثنويءَ ۾ اهو خيال ڏاڍي دلچسپ انداز ۾ ملي ٿو:

دام و دد جمله شد اکال رزق،

ني پي کسب اند وني حمال رزق،

جمله را رزق روزي مي دهد،

قسمت هر يک به پيشش مي نهد.

(دفتر سوم، ب 2390 ۽ 91)

معنيٰ: پکي پکڻ توڻي ٻيا جهنگلي جانور سڀ رزق کائن ٿا، پر اهي ڪڏهن به ڪمائي ڪري ڍوئي کڻي آڻي ڪجهه به نٿا رکن. سڀني کي روزي ڏيڻ وارو روزي رسائي  ٿو ۽ هر ڪنهن کي پيٽ ڀرڻ لاءِ ملي وڃي ٿو.]

8

مُسَنِ مُنہَ سَنَرا، کَرِيا گهَڻو کِلَنِ

سي تان وِسرِيَنِ، آيا جَنِ ڪَمَنِ لَئي. [1045]

سمجهاڻي: هڪڙا (وڏيءَ عمر وارا) بي فڪرا ٿي پنهنجا منهن خوامخواهه ملوڪ ڪيو پيا گهمن، ٻيا جيڪي اڻ سڌريل ۽ اڻ گهڙيل آهن، سي گهڻو ۽ اجايو سجايو پيا کلن. دراصل اهي ٻيئي جنهن مقصد ۽ مطلب خاطر هتي آيا هئا، سو وساري ويهي رهيا آهن.

[مُسن عربي لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي پوڙهو يا وڏي عمر وارو. مثنويءَ ۾ هڪ پوڙهي عورت پنهنجي منهن کي هار سينگار ڪري جوان ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، تنهن لاءِ رومي چوي ٿو:

چون مُسن گشت و درين ره نيست مرد،

تو بنـﮧ نامش عجوز سال خورد.

(دفتر ششم، 1244)

معنيٰ: جڏهن ڪوبه ماڻهو وڏي عمر جو ٿي وڃي ۽ حق جي راهه تي مردن وانگر نه هلي ته ان تي عمر رسيده پوڙهيءَ (بيڪار) جو نالو رکي ڇڏ.]

9

اَڏئو اَڏيندين ڪيتَرو، ڪَلَرَ کاڌِي ڀِتِ

تُون نه هُوندين هِتِ، ڪَهَڳَلَ ڪَريين ڪَنِ کي. [1046]

سمجهاڻي: تون ڪلر جي کاڌل (ڀت جي پاڙ کي) ڪيترو وري وري ٺاهيندين (پشتي هڻندين) تون هِتي رهڻ وارو ئي نه آهين، پوءِ اها گاري سان لنب (مضبوط اڏاوت) ڇا لاءِ ٿو ڪرين.

[’ڪهگل‘ فارسي لفظ آهي، جيڪو سنڌيءَ ۾ عمارتن اڏيندڙ ڪاريگرن وٽ مستعمل آهي. رومي ساڳيو لفظ استعمال ڪندي هڪ ٻيو سبق ڏنو آهي:

رو تو کهگل ساز بهر سقف خان،

سقف گردون را ز کهگل پاک دان.

(دفتر دوم، ب- 1847)

معنيٰ: تون وڃي محنت ڪري گهرجي ڇت لاءِ گارو تيار ڪر. ڇو ته صرف آسمان جي ڇت ئي ان گاري کان پاڪ آهي.]

10

ڊِگهي اَڏِ مَ مَنَهِين، پَکو اَڏِ مَ لانڍَ

لَڏِئو تَنِ  وِرانڍَ،  جَنِ  صبَاحَڻِي اَڏِيو. [1047]

سمجهاڻي: تون پنهنجي لاءِ وڏو ڊگهو مَنهَنُ يا لانڍ (جاءِ  يا گهر) نه ٺاهه (اهو  سڀ اجايو آهي). (توکي خبر آهي ته) جن صبح جو اڏاوت ڪئي، تن کي وچينءَ جي وقت (پوئين پهر شام جو) اتان لڏڻو پيو (هو هڪڙو سڄو ڏينهن به رهڻ ۾ ڪامياب نه ٿيا).

11

ڪَڏِهن مَڙههُ مُقامَ ۾، ڪڏهن ڳاڙهو گهوٽُ

سَندو وارِيءَ ڪوٽَ، اَڏِئو اَڏيندين ڪيتِرو. [1048]

سمجهاڻي:  (اي انسان) ڪڏهن اهو وقت اچي پهچي ٿو جو مرڻ کان پوءِ تنهنجي جسم کي پورڻ لاءِ قبرستان کڻي وڃن ٿا ۽ ڪڏهن وري تون ڳاڙهو وڳو پائي سينگارجي گهوٽ بنجي ويهين ٿو. پر اهو سمورو لقاءُ ريتيءَ جي ديوار وانگر آهي جيڪا ڪڏهن به اڏجي قائم رهي نٿي سگهي. (هي جهان فنا جو مقام آهي، هتي هر شيءِ فنا ٿي ويندي).

12

ويئي ’ڪالَهه‘ هَٿا، سا ’ڪالَهه‘ نه اِيندي ڪَڏهين

ڪالهُوڻِيءَ ڪالها، پِئو وِچُ وَرِهَنِ کي. [1049]

سمجهاڻي: جيڪا ’ڪالهه‘ گذري ويئي سا وري ڪڏهن موٽي نه ايندي (گذريل ڏينهن موٽڻ وارو ناهي). ’ڪالهه‘ واري ’ڪالهه‘ کان وٺي (اڄ تائين جيڪو صبحاڻي وري ڪالهه ٿي ويندو) ائين ورهين جا ورهيه گذري ٿا وڃن.

[مثنوي روميءَ ۾ ان ڳالهه کي هن ريت ورجايو ويو آهي:

هين مگو فردا که فردا ها گذشت،

 تا بکلي نگزرد ايام کشت.

(دفتر سوم، ب-1269)

معنيٰ: خبردار، ’صبحاڻي‘ نه چئو، ڪيترا ’صبحاڻي‘ گذري ويا، ڇو ته ائين ڪندي پوک پوکڻ جو وقت بلڪل گذري نه وڃي.]

13

صاحِبَ تُنهِنجي صاحِبِي عَجَبَ جِهڙي آهِ

وَڏِي سَگهَه سَندياءِ، پاڻَ وَهِيڻُو آهِيين. [1050]

سمجهاڻي: اي جڳ جهان جا مالڪ، (ڪائنات جا خالق) تنهنجي قدرت (حاڪميت) ڏاڍي حيرت ۾ وجهندڙ آهي. تون تمام وڏي طاقت جو مالڪ آهين. تنهنجي طاقت تنهنجي پنهنجي ذاتي آهي (تون جيڪو چاهين سو ڪري سگهين ٿو، تون ئي هر شيءِ تي قادر آهين).

[رومي قدرت جي اهڙي ڪاريگريءَ کي ناقابل بيان عجائبات طور هينئن بيان ڪري ٿو:

در صفت  نايد  عجائبهائي آن،

تو درين ظلمت چهء درامتحان.

               (دفتر سوم، ب-58)

معنيٰ: هن مالڪ جا عجائبات بيان نٿا ڪري سگهجن. تون ان اونداهيءَ جهڙي آزمائش ۾ پاڻ کي ڇو وڌو آهي.]

14

صاحِبَ تُنهِنجِي صاحبِي عَجَبُ ڏِٺي سُون

پَنَ ٻوڙِينِ پاتارَ ۾ پَهَڻَ تارِين تُون

جي گهَرِ اَچِين مُون، ته ميريائي مانُ لهان. [1051]

سمجهاڻي: اي جڳ جهان جا مالڪ، تنهنجي قدرت حيران ڪندڙ آهي. تون ڪک پن (جيڪي هلڪا آهن، پاڻيءَ ۾ ترڻ کپن) پاڻيءَ جي تري ۾ ٻوڙي ڇڏين ٿو، پر پهڻن ۽ پٿرن (جيڪي ڳرا آهن ۽ ٻُڏڻ گهرجن) کي پاڻيءَ ۾ (تيز پاڻيءَ ۾ پٿر لڙهندا ويندا آهن) تارين ٿو. جيڪڏهن تون مون تي پنهنجي نوازش ڪرين ته جيڪر آءٌ گنهگار به عزت وارو ٿي وڃان.

[مثنوي روميءَ ۾ پڻ قدرت جو اهو ڪرشمو هن طرح بيان ٿيل آهي:

آب کاهي را ز هامون مي برد،

آب کوهي را عجب چون مي برد.

(دفتر اول ب 1186)

معنيٰ: پاڻي ڪک پن کي جهنگل مان لوڙهي وڃي ٿو. تعجب آهي ته پاڻي پٿرن کي ڪيئن پاڻ سان کڻي وڃي ٿو!

شاهه جي بيت ۾ توڙي مثنويءَ جي شعر ۾ لفظ ’عجب‘ مشترڪ آهي.]

15

جِتي ٿِيندا پَڌِرا وَعدا ۽ وَعِيدَ

سُڻِجُ سَڏَ سَعِيدَ، لِلهِ لَڳِ لَطِيفُ چَئي. [1052]

سمجهاڻي:  (قيامت جي ڏينهن) جڏهن چڱن عملن جي بدلي ملڻ ۽ برن ڪمن جي سزا ملڻ جي گهڙي اچي ظاهر ٿيندي، تڏهن اي سعادت بخشيندڙ (اي الله جا پيارا رسول) تون منهنجي الله جي واسطي پرگهور لهجانءِ!

[قيامت ۾ رسول الله صلي الله عليه وسلم جي شفاعت کي مثنويءَ ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي بيان ڪيو ويو آهي. هڪ هنڌ چوي ٿو:

چون بيارايند روز حشر تخت،

خود شفيع ما تو ئي آن روز سخت.

(دفتر سوم، ب- 1780)

معنيٰ: جڏهن قيامت جي ڏينهن حساب ڪتاب لاءِ تخت وڇايو ويندو ته اي محبوب انهيءَ ڪٺن ڏهاڙي تون ئي اسان جو شفاعت ڪندڙ آهين.]

16

سُتَا اُٿِي جاڳُ، نِنڊَر نه ڪِجي ايتَرِي

سُلطانِي سُهاڳُ، نِنڊُرون ڪَندي نه ٿِيي. [1053]

سمجهاڻي: اي ستل (غافل) اٿي سجاڳ (خبردار) ٿيءُ، ايتري ننڊ (غفلت) نه

ڪجي. بيشڪ بادشاهي يا بلند بخت ننڊ ڪرڻ سان حاصل ڪونه ٿيندو. (سڀ ڪجهه محنت ۽ جدوجهد سان ئي ملي ٿو)

17

ڪِين سُمُهه ڪين جاڳُ، نِنڊَر نه ڪِجي ايتَرِي

اِيءُ مانجهاندي جو ماڳُ، جو تو ساڻيهُه ڀانئِيو. [1054]

سمجهاڻي:  (اي انسان) تون ڀلي ڪجهه وقت ننڊ ڪر، پر ڪجهه وقت سجاڳ ضرور رهه. (ياد رک) گهڻي ننڊ هرگز نه ڪجي. هيءَ (دنيا جو جهان) ٿوري دير رهڻ واسطي آهي، پر تو ان کي هميشه رهڻ جو هنڌ (دائمي وطن) سمجهيو آهي. (اها تنهنجي وڏي ناداني آهي.)

18

هِي تان ٿورَڙِيُون، جي تو ڀورا ڀانئِيُون

راتِيُون ٻِيون گهَڻِيُون، جي تو اِينديُون هيڪَلي. [1055]

سمجهاڻي: اي نادان انسان، هن جهان ۾ رهڻ جو عرصو (ڏينهن ۽ راتيون) جن کي تو گهڻو سمجهيو آهي، تمام ٿورڙو آهي. انهيءَ کان وڌيڪ عرصو يا گهڻيون راتيون اڳتي اينديون، جيڪي توکي اڪيلي سر (قبر ۾) ڪاٽڻيون پونديون.

19

سُتي نه سَرَندياءِ، ڪَرِ پَچَارَ پِرِينءَ جِي

وِهامِي وِيندياءِ، گهَڻا هَڻَندين هَٿَڙا. [1056]

سمجهاڻي: توکي سمهڻ (غفلت) مان ڪجهه حاصل نه ٿيندو. تون اٿي پنهنجي سپرينءَ کي ياد ڪر. تنهنجا اهي (جوانيءَ جا) ڏهاڙا ائين گذري ويندا، پوءِ تون پشيمان ٿيندين! (پر تڏهن توکي ڪجهه حاصل نه ٿيندو.)

20

جاڳَڻَ مَنجهان جَسُ، آهي اَللهَ جَنِ کي

لاهي جو لَطِيفُ چَئي مَٿان قَلَبُ ڪَسُ

وَرَنہَ ڪِجاهُ وَسُ، صُبُحَ ساڻُ سَيدُ چَئي. [1057]

سمجهاڻي: الله سائينءَ جي عبادت (ذڪر فڪر جي شغل) ۾ سڄي رات سجاڳ رهڻ وارن کي شاباس آهي. اهو جاڳڻ ئي آهي جيڪو سندن دلين تان ڪَٽ کي لاهي صاف ۽ اجرو ڪري ٿو. اي سهڻا سورهيه جوان، پنهنجي ڌڻيءَ کي صبح جو سوير ئي راضي ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪر ۽ ان ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪجانءِ.

وائي

مُون ۾ عَيبَ اَپارَ، يا سَتار!

آءٌ جا طامِعِ تُنهنجِي آهِيَان

هِڪُ وِڃايَمِ ويسَري، ڄاڻِي سَڀِ ڄَمارَ

’اَمُر‘ اوڏي نه وَڃان، ’نَهي‘ ڪِيَس نِڪارَ

هِنَ مُنهنجي حالَ جي، توکي سُڌَ سَتارَ

جيڪِين وَهي وُجُود ۾، سو ڄاڻِين ڄاڻَڻهارَ. [1058]

سمجهاڻي: اي منهنجن عيبن کي ڍڪڻ وارا، مون ۾ اڻ کٽ اوڻايون آهن، پر مان تنهنجي طلبگار آهيان، مان تنهنجي سڪايل آهيان. مان ڄاڻي ٻجهي پنهنجي سموري عمر غفلت ۾ گذاري ڇڏي آهي. مان اهي ڪم (امر) جن جي ڪرڻ جو حڪم ٿيل آهي، ويجهي نه ويس ۽ جن جي نه ڪرڻ جو حڪم آهي، انهن کان رڪجي نه سگهيس. اي عيبن کي نه ڦولهڻ وارا، منهنجي انهيءَ حالت جي توکي چڱيءَ طرح خبر آهي. منهنجي اندر توڻي تن بدن ۾ جيڪي ڪجهه وهي واپري ٿو (مان جنهن ۾ ڦاٿل آهيان)، اي جڳ جهان جا ڄاڻندڙ، تون اهو سڀ ڪجهه ڄاڻين ٿو (بس تون ئي مون کي ڍڪيندين پناهه ڏيندين)

[مثنوي روميءَ ۾ ’امر‘ ۽ ’نهي‘ جي باري ۾ هن ريت چيل آهي:

ني قبول انديش ني  رد  اي  غلام،

’امر‘  را  و  ’نهي’  را  مي  بين مدام.

  (دفتر ششم، ب- 1479)

معنيٰ: اي جوان (تون پنهنجن عملن بابت) نه قبوليت جو فڪر ڪر ۽ نه رد ٿيڻ جو خوف ڪر. تون صرف ’امر‘ ۽ ’نهي‘ تي هميشه پابند رهه.]

 

داستان ٻئو

 

1

ڪَرِ ڪي ڳالَهڙِيُون، ڪَنڊا ڍورَ- ڌَڻِين جِيُون

ڪِئَن سي راتَڙِيُون، ڪَنہِ پَرِ ڏِينهَن گُذارِيين. [1059]

سمجهاڻي: اي (آڳاٽي وقت جا بيٺل جهونا) ڪنڊا، تون پاڻ وٽان وهندڙ (پٽيهل) درياءَ جي ڍوري جا سندن مالڪن سميت ڪي پراڻا قصا ۽ خبرون ٻڌاءِ، بلڪ ڍوري جي ڌڻين جي ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ تون ڪيئن پيو پنهنجيون راتيون ۽ پنهنجا ڏينهن گذارين! (اهو سمورو احوال سُڻاءِ!)

2

ڪَر ڪا ويهِي ڳالِ، ڪَنڊا ڍورَ- ڌَڻين جي

اَڄُ پُڻ ڪِهِڙي حالِ، ڪَنہِ پَرِ ڏِينهَن گُذارِيين. [1060]

سمجهاڻي: اي ڪنڊي جا وڻ، تون ڍوري جي انهن پراڻن مالڪن جي سموري سربستي ڪهاڻي بيان ڪر (پنهنجي اوج واري زماني جي ڳالهه ڪر) اهو ٻڌاءِ ته اڄ ڪلهه تنهنجو ڪهڙو حال آهي ۽ تنهنجو وقت ڪيئن ٿو گذري؟

3

ڪَنڊا تو وَٽاءِ، سَچُ ڪِ سيڻَن لَڏِئو

مَڃرُ تو مَٿاءِ، ڇَڻئو پوءِ ڇُڳا ڪِئو. [1061]

سمجهاڻي: اي ڪنڊي جا وڻ، سچ ٻڌاءِ ته تو وٽان تنهنجن پيارن سڄڻن اهو هنڌ ڪڏهن ڇڏيو يا اتان ڪڏهن لڏي هليا ويا. ڇو ته تنهنجو سڱر (گؤَنچ ۽ ٻُور)، ڇڳن جا ڇُڳا (ڳوڙهن جي ڳڙڻ جيان) ڇڻي هيٺ پٽ تي ڍير ٿيندا پيا وڃن. (گويا ڪنڊي جو وڻ سڄڻن جي ياد ۾ ڳوڙها پيو ڳاڙي.)

4

ڪَنڊا ڪُڄاڙِئا، اُڀو آهين ريلَ ۾

پِرِينِ  پُڄاڻِئا،  سُڪِي  بانگهو  نه  ٿِئين! [1062]

سمجهاڻي: اي ڪنڊي جا وڻ، تون (سڄڻن کان پوءِ) هيڏي ساري (درياءَ جي ڇڏيل) پٽ ۾ اڪيلو ڪيئن بيٺو آهين. تون (عجب آهي ته) سڄڻن کي ياد ڪري سُڪي ڇو  نه ويو آهين؟

5

جان تو هُئَڙو سُورُ، ڪَنڊا ڍورَ- ڌَڻِين جو

مَٿي لامُنِ ٻُورُ، هُوندَ نه چاڙهِيُئِي هيتَرو. [1063]

سمجهاڻي: اي ڪنڊي جا وڻ، جيڪڏهن توکي ڍوري جي مالڪن (جن جو تو مٿان گذران هو) جي جدائيءَ جو ڏک هجي ها ته جيڪر تنهنجي ٽارين جي مٿان ايڏو گهاٽو ۽ گهڻو ٻور نه لڳي ها. (ڇو ته اها تنهنجي خوش رهڻ جي نشاني آهي.)

6

جان تو هُئَڙو وَڍُ، ڪَنڊا ڍورَ- ڌَڻِينِ جو

پاڻان ڏيئِي ڏَڍُ، مورِي مَڃَرُ نه ڪَرِين. [1064]

سمجهاڻي: اي ڪنڊي جا وڻ، جيڪڏهن توکي اصلي مالڪن جو گهڻو ڏک هجي ها، ته جيڪر پاڻ کي ويندڙن سان همدردي ڪري نه وڌيڪ ڦُٽين ها ۽ نه ئي ٻور ڪرين ها!

7

جي تو هُئَڙو گَها، ڪَنڊا ڍورَ- ڌَڻِينِ جو

هُوندَ نه تو ڪِئا، مورِي مَڃَر ٽارِيين. [1065]

سمجهاڻي: اي ڪنڊا، جيڪڏهن توکي انهن ڌڻين ۽ مالڪن جي وڇوڙي جو ڪو گهاءُ يا ڦٽ هجي ها ته هوند نه وڌيڪ ڦٽين ها ۽ نه ٻور ڪرين ها.

8

ڪَنڊا تُون ڪيڏو، جَڏِ ڀَريوئِي ڍورُ وَهي

جَسوڌَڻَ جيڏو، تو ڪو ڏِٺو پَيڙو. [1066]

سمجهاڻي: اي ڪنڊا، ٻڌاءِ ته سهي تون ڪيڏو وڏو هئين، جڏهن هي ڍورو ڀرجي ٿي وُڙهو! ڇا توکي ياد آهي ته تو ڪو جسوڌڻ جهڙو پيارو پهلوان ڏٺو!

9

جَڏِهن ڍَاڳِي ڍورُ، ٻَئِي وَهَنِ ٻَليارَ ۾

تَڏِهن تازِيين طورُ، هُئو جَسوڌَڻَ سِين. [1067]

سمجهاڻي:  (اي ڪنڊا! توکي خبر آهي ته) جڏهن ڍاڳي ۽ ڍوري ٻنهي ۾ ڀرپور پاڻي وهندو هو ۽ اهي ٻئي ٻلهيار ۾ ڇوڙ ڪندا هئا، انهيءَ زماني ۾ جسوڌڻ (جي هاڪ ۽ هلندي هئي) ۽ وٽس ڀلا تازي (عربي) گهوڙا ۽ وهٽ هئا.

10

ڍورُ نه اڳِينءَ ڍارَ، مَهَندِ مَلاحَنِ لَکِئو

موڙي چاڙِهِئا مَڪُرا، پَسِي پاڻِيءَ پارَ

جَسوڌَڻَ جيها يَارَ، پِئَڙا وِيرَ وِماسَ ۾. [1068]

سمجهاڻي:  (درياءَ جي) پاڻيءَ جي وهڪري ۾ اڳيون ساڳيو زور ڪونه هو. ملاحن کي اڳ ۾ ئي اها خبر پئجي ويئي ۽ هو سمجهي ويا، انهيءَ ڪري هنن پاڻيءَ جا پويان پير ڏسي  پنهنجن ٻيڙن جا منهن ٻئي طرف ڦيرائي ڇڏيا. اهو ئي سبب آهي جو جسوڌڻ جهڙا جوڌا ۽ مانجهي مڙس ڳڻتين ۾ پئجي ويا.

11

پَٽيهَلَ تو ۾ پُورُ، اَڳِيُون ناهي آبَ جو

سُڪِنہِ ڪِهَڙي سُورِ، پِيَهءِ وارِي وِچَ ۾. [1069]

سمجهاڻي: اي پٽيهل (درياءَ جو وڏو وهڪرو جيڪو بدين طرف وهندو هو) تو ۾ پاڻيءَ جو اڳيون زور شور نه رهيو آهي. توکي ڪهڙو سور يا تڪليف پهتي آهي جو تون سُڪي خشڪ ٿي ويو آهين ۽ تنهنجي وچ ۾ واري پيئي ڏسجي (تنهنجو پيٽ واريءَ سان ڀرجي ويو آهي)

12

سَچُ ڪِ سُڪو ڍورُ، ڪَنڌيءَ اَڪَ ڦُلارِئا

جُنگَنِ ڇَڏِيو جورُ، سَرُ سُڪو سُونگِي گَيا. [1070]

سمجهاڻي: سچي ڳالهه اها آهي ته درياءَ جو وهڪرو سُڪي ويو. ان جي ڪپرن سان جتي ڪٿي اڪ وڌي وڏا ٿيا ۽ ڦلاريا بيٺا آهن. (سُڃ ٿي ويئي) مطلب ته درياءَ جي انهن وڏن ڦاٽن مان پاڻيءَ وارو زور نڪري ويو جنهن جي ڪري ڍورو به سڪي ويو ۽ مڇي به ختم ٿي ويئي ۽ ان ڪري محصول (سرڪاري اوڳاڙي) وٺڻ وارا به هليا ويا.

13

سانگِينَ سُڪو گاهُ، ڪَنڌِيين اَڪَ ڦُلارِئا

مِهراڻي وَٽاهُ، رويو راڄُ رَضا گهُري. [1071]

سمجهاڻي: درياءَ جي ننڍن واهڙن مان پاڻي ختم ٿي ويو ته گاهه به سُڪي ويو ۽ ڀرپاسن تي جتي ڪٿي اَڪ وڏا ٿي ڦُلارجي ويا. (جانورن جو گاهه ۽ چارو ختم ٿي ويو). انهيءَ ڪري درياءَ سان لاڳو مال جي چرڻ واري جوءِ (مهراڻي) مان لڏڻ لاءِ اتان جا ماڻهو پنهنجي سردار کان موڪل پيا گهرن!

14

سُڪِي ڍورُ ڊَهِيُون ٿِئو، ڪَنڌيءَ ڏنو ڪائو

پاڻِي پَٽِيهَلَ ۾ اڳيون نه آئو

ماڙُهنِ ميڙائو، ڪَنِي ڪَنِي ڀيڻِيين. [1072]

سمجهاڻي: درياءَ جو وڏو وهڪرو سُڪڻ لڳو ۽ تري ۾ ڪٿي ڪٿي پاڻيءَ جا دُٻا دُٻا ۽ ترايون رهجي ويون. ڪنارن ۽ ڪپن تان به پاڻي لاٿ کاڌي ۽ هٽي ويو. مطلب ته پٽيهل جي ڍوري (نهر) ۾ اهو ساڳيو ججهو پاڻي وري نه آيو. اهو ئي سبب آهي جو ڪٿي ڪٿي يا پري ڪن هنڌن تي مس ڪو ماڻهن جو ميڙ ڏسڻ ۾ اچي ٿو (ڇو ته گهڻا ماڻهو لڏي ويا ۽ پنهنجا ماڳ مڪان ڇڏي ويا).

15

سُڪِي ڍورُ ڊَهِيُون ٿِئو، ڪَنڌيءَ ڏِنِي ڪَرَ

جَنِ جي پاڳُنِ پَرَ، سي پِئا وِيرَ وِماسَ ۾. [1073]

سمجهاڻي: پاڻيءَ جو اهو وهندڙ ڍورو سُڪي دُٻا دُٻا ٿي ويو. ڪناري لڳ پاڻي لهي

هيٺ تري ۾ وڃي بيٺو. اُهي مانجهي مرد يا چڱا مڙس، جيڪي پَٽڪن کي وڏا ور ڏيئي طُرا ڪڍي ٻَڌندا هئا، سي (انهيءَ تباهي ۽ برباديءَ سبب) ڳڻتيءَ ۽ پريشانيءَ ۾ پئجي ويا.

 

وائي

جان تُون وَڃي ڪيچِ ڪَهِي،

ڏيجِ پاراڀَا پِرِينءَ کي

ڏُکُ مُنهِنجي ڏِيلَ ۾، سَگهان ڪِينَ سَهي

آءٌ ڦوڙائي مارِئي، مُنهنجا واقِفَ وِئا وَهِي

ڀينَرَ هِنَ ڀَنڀورَ ۾، ساريان ڪو نه سَهي

مون مُئيءَ مَٿان ڪيتَرا وِئَڙا ڪانگَ لَئِي. [1074]

سمجهاڻي:  (اي ادا پانڌي) جڏهن تون وڃي ڪيچ پهچين ته منهنجا هي پيغام ۽ نياپا منهنجي پرينءَ تائين پهچائج. منهنجي اندر ۾ ڏاڍو ڏک ۽ سور آهي جيڪو آءٌ برداشت ڪري نٿي سگهان. مون کي جدائيءَ ۽ فراق جي درد ماري وڌو آهي ۽ منهنجا سڃاڻو ۽ واقف انهيءَ واٽ سان اڳتي نڪري ويا. اي ڀينر، آءٌ ڀنڀور ۾ پنهنجو ڪو خيرخواهه ڪونه ٿي ڏسان. (منهنجي واٽ ۾ اها حالت آهي جو) مون کي مُئل سمجهي ڪيترا ڪانگ مون مٿان ڪان ڪان جي ٻولي ڪري هليا ويا.

 

داستان ٽئو

 

1

لاکا لَڄَ سَندِياءِ، اوڏِ اَگَلي آهِيَان

پَکا سي پَرِتاءِ، جي اَجهي تُنهِنجي اَڏِيا. [1075]

سمجهاڻي: اي لاکا (ڄام)، آءٌ تنهنجي لڄ عزت آهيان، جيتوڻيڪ آءٌ ميري (مٽيءَ سان ڀريل) اوڏڻ آهيان. (مان اوڏ قوم مان آهيان جيڪي سڄو ڏينهن آلي مٽي کڻن ۽ ان سان ڀتيون ۽ گهر ٺاهن). منهنجن مائٽن وارا پکا تنهنجي حوالي آهن (ڪکن ڪانن جا ٺهيل گهرڙا آهن)، جيڪي هنن تنهنجي آسري تي اڏيا آهن.

2

اَڏِئو جو اوڏَنِ، سو ڍِنگُرُ ڍِلو مَ ٿِئي

جَنہِ ڀَرِ ويهِي ڪَنِ، ليکو لاکي ڄامَ سين. [1076]

سمجهاڻي: اوڏن ويچارن جيڪي ڪچا گهرڙا ۽ جهوپا ٺاهيا آهن، اُهي جهوپا شل ڊهڻ يا پٽ تي ڪرڻ کان بچيل رهن. اُنهن جي ڀرسان توڻي اڱڻ ۾ (کلئي ميدان تي) هو لاکي سردار سان ويهي حال اورين ٿا (لاکو ڄام سندن خبرچار لهي ٿو).

3

لاکي لَڄَ کَنئِي، اَسان اوڏڻِيَنِ جي

ڪَندو  ڪانه  ٻِئِي،  اَڳُ  وِسُوڙَلَ  آهِيان. [1077]

سمجهاڻي: لاکي اسان سڀني اوڏ ذات وارين جي لڄ ۽ پت (عزت ۽ ناموس) جو ذمو کنيو آهي. هو اسان سان ٻي ڪا روش يا ويساهه گهاتي نه ڪندو (هن مان اسان کي چڱائيءَ جي اميد آهي).

4

اوڏڻ اوڏي آءُ، توکي لاکي ڪوٺئو

سندو مٽيءَ مامرو لٿو تو مٿاءُ

توتي  ريڌو راءُ، نه ته راڻيون گهڻيون راڄ ۾.  [1078]

سمجهاڻي: اي اوڏڻ (اوڏ ذات جي عورت) توکي لاکي سردار مهربان ٿي پاڻ وٽ سڏايو آهي (توکي مان ڏيئي پنهنجو ڪيو اٿس). هن کان پوءِ تنهنجي مٿان مٽيءَ کي ڳوهڻ ۽ ڍوئڻ يعني اوڏڪي ڪم جو بار لهي چڪو آهي. هونئن راڄ ۾ ٻيون به ڪيتريون سوڀيا ۽ سونهن واريون عورتون هيون، پر سردار تو مٿان راضي ٿيو آهي (توکي پسند ڪيو اٿس).

5

لاکا لَکَ هُئا، ڦُلاڻِيءَ ڦيرُ ٻِئو

آجا اوڏَ ٿِئا، پَلَئِه لَڳِي جِنہِ جي. [1079]

سمجهاڻي: اي اوڏڻ (اوڏ ذات جي عورت) توکي لاکي سردار مهربان ٿي پاڻ وٽ سڏايو آهي (توکي مان ڏيئي پنهنجو ڪيو اٿس). هن کان پوءِ تنهنجي مٿان مٽيءَ کي ڳوهڻ ۽ ڍوئڻ يعني اوڏڪي ڪم جو بار لهي چڪو آهي. هونئن راڄ ۾ ٻيون به ڪيتريون سوڀيا ۽ سونهن واريون عورتون هيون، پر سردار تو مٿان راضي ٿيو آهي (توکي پسند ڪيو اٿس).

6

جي تون اوڏَ طَلَبِئِين، تِئان هِت نه ڪو

وِئا لاکي لوءِ، سَنجهي نَهِي ٽَنگڙَا. [1080]

سمجهاڻي: جن اوڏن جي تون پڇا پيو ڪرين يا کين ڳولين پيو، تن مان هاڻي هتي ڪو به نه رهيو آهي. اهي سڀ جو سڀ سانجهيءَ سويل لاکي سردار جي ماڳ ڏانهن پنهنجا سڀ سامان سڙا نوڙين ۽ رسين سان ٻڌي وڃي چڪا آهن.

7

ڇِنَلَ ڇَڄَ هَٿَنِ ۾، ڪُلَهنِ ڪوڏارا

پورِهيي ڪارَڻِ پيٽَ جي اُٿِينِ سَوَارا

اوڏَ  پِه  ويچَارَا،  لاکا  وَڃنِ  لَڏِيو. [1081]

سمجهاڻي: انهن اوڏن جي هٿن ۾ مٽي کڻڻ واسطي (لئي جي سنهين ڪاٺين مان ٺهيل) پراڻا ٽوڪرا آهن ۽ سندن ڪلهن تي ڊگهن مُنهن واريون ڪوڏاريون آهن. هو صبح جو سوير اٿي پيٽ پالڻ لاءِ ڪم تي روانا ٿين ٿا. پر اي لاکا، اهي نماڻا اوڏ تنهنجي راڄ مان ائين لڏيندا پيا وڃن.

8

اَڏي اَڏي اوڏَ، ڇَڏي وِئا ڀيڻِيُون

ڪانڀايُون ۽ ڪوڏَ، پِئا آهِينِ پَٽَ ۾. [1082]

سمجهاڻي: اوڏ مٽيءَ جون ديوارون ٺاهي اهي هنڌ ڇڏي وري ٻئي هنڌ هليا ويا. ليڪن اهي کڏون ۽ ڪانڀون (وڏيون کڏون يا چُرون) جيڪي مٽي کوٽڻ سببان ٿيون، سي اتي جو اتي ڇڏي پاڻ لڏي هليا ويا. (اوڏن لاءِ سنڌيءَ ۾ مشهور چوڻي آهي ’اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ!‘)

9

وِڙِهي ويلَ سَڀَڪَهِين لاکو لوءِ بَلوءِ

ڪَرَڳَلُ ڪَندو ڪَڇَڙي پِرِهَ ڦُٽيان پوءِ

حَيفُ تَنِي کي هوءِ، جَنِ اَڻَ- سَنڀُوڙي آئِيو. [1083]

سمجهاڻي: لاکو (جيڪو اصل ۾ ڄام هو پر پوءِ ڪڇ جي راءِ سان اختلاف سبب ڌاڙيوال ٿيو) هر ڳوٺ ۽ وستيءَ ۾ هر وقت پيو هل هنگامو ڪري. هو پوري ڪڇ ملڪ ۾ صبح جو سوير ڪٿي نه ڪٿي پيو ڦرلٽ جي ڪاروائي ڪري. (ان جي باوجود) انهن تي افسوس آهي (جن اڳ نه سنڀاليو) ۽ هو سنڀريل ۽ تيار نه هئڻ واريءَ حالت ۾ اچي مٿانئن ڪڙڪيو.

10

ڀُڄان ڀُلِي پيرُ، وِڌو راءَ رِڪابَ ۾

ڪَڇِ رَهندو ڪيرُ، لاکو لوڙائُنِ سِين. [1084]

سمجهاڻي: لاکو ڀُڄ (ڪڇ جي شهر) مان ڪاوڙجي گهوڙيءَ جي رڪيب ۾ پير وجهي سوار ٿيو آهي (الائجي ڪٿي وڃي ڦُرڪندو؟). ڪڇ ملڪ ۾ ڪير رهندو، جيڪڏهن لاکي جون (اهڙي قسم جون) قهري ڪاروايون هلنديون رهيون.

11

ٺان ٺوڪِينِ پَلاڻَ، سَدا هَڻَنِ کَرکَرا

لاکي لوڙائُنِ جا اهڙائِي اُهِڃاڻَ

ڏيئِي تَنگنِ تاڻَ، ڪُوڪَ ڪارِيندا ڪَڇَڙي. [1085]

سمجهاڻي: هو گهوڙن جا پلاڻ (زينون) ڇڪي پيا ٻڌن ۽ گهوڙن کي کرکرا هڻي سنڀرن پيا. لاکي جهڙن ڦورن ڌاڙيلن جا اهي ئي پار پتا آهن. هو گهوڙن جا تنگ ڪشي (گهوڙن تي چڙهي) جڏهن حملو ڪندا ته ڪڇ ۾ هرطرف دانهون ڪوڪون ۽ ڪهرام مچي ويندو.

12

لاکو لُوڻي آئِيو، هَٻي پيئي هاڪَ

پائُرَ ڪانه پَڇُڙي، ڏُونگَرِ پيئي ڏاڪَ

اُٺِيُون ۽ عِراقَ، گَڏيا تان گهَڻَئِي ٿِيا. [1086]

سمجهاڻي: لاکو جڏهن لوڻيءَ واري شهر  ۾  اچي  پهتو  ته  هَٻي  جبل  تائين  سندس هراس پئجي ويو. پائر جي پوري ايراضيءَ ۾ لاکي جي ڊپ کان سڀ جانور (مال مويشي) هيڏي هوڏي ٿي ويا ۽ جبل ۾ پڻ وڏو خوف ۽ ڏهڪاءُ ڦهلجي ويو. آخر عربي (تکن ۽ تيز) گهوڙن سان اچي اُٺين جي وڳن کي وڪوڙي سمورو مال متاع ڪاهي هليا ويا (لاکو ۽ سندس لوڙائو ساٿي پنهنجا گهوڙا ڀڄائي اچي اُٺين جي وڳ کي پهتا ۽ انهن کي گهيري وڪوڙي ڪاهي ويا. ن. ب)

13

جهُريي ڏيئِي جهوڪَ، ٻَنِيَان ٻَهَرِ مَ نِڪَرو

لُوڻي مٿان لوڪَ، لاکي ڪَئِين لَڏائِيا. [1087]

سمجهاڻي:  (لاکي کان بچڻ لاءِ) جهُريي جبل ۾ (لوڻيءَ کان جهريو ٻارهن ڪوهه آهي) رهڻ جو (پناهه خاطر) پڪو بندوبست ڪريو ۽ ٻنيءَ جي ايراضيءَ کان ٻاهر نه وڃو. ڇو ته لوڻي ۾ لاکي ڪيتريون ئي ڦرون ۽ راتاها هڻي ڪيترائي راڄ ڪنبائي ۽ لڏائي ڇڏيا آهن.

14

لاکو نه لاهي، هَني مَٿان هَٿَڙا

گهُونيرِيان گهيرُ ڪَري اُڀوئِي آهي

وَڃئو سي ڪاهي، خاصِيُون جي کَنگهارَ جِيُون. [1088]

سمجهاڻي: لاکو پنهنجا هٿ گهوڙيءَ جي هني تان کڻي ئي ڪونه ٿو (هو گهوڙيءَ تان لهي ئي ڪونه ٿو) هو گهِنرَي جي وستيءَ کي هر وقت گهيرو ڪيو بيٺو آهي ۽ اتان راءِ کنگهار (ڪڇ جي راجا، جنهن سان سندس اڻبڻت هئي) جون ڀليون مينهيون ڪاهي ٿو وڃي.

15

لاکو لَکيءَ تي چَڙهي، لَکِي لاکي هيٺِ

سونَهَريُون سَرَ ڪِئو، ڀِيڙِيو ٻَڌي بيٺِ

ڪندو ڏَمَرُ ڏيٺِ، صُباحَ ساڻُ سَڀَڪَهِين. [1089]

سمجهاڻي: لاکو پنهنجي لاکيڻي (لکن جي ملهه واري يا جيڪا لک لهي) گهوڙيءَ تي وڏي شان مان سان سوار ٿي هليو. هو سونن ڳنن واريون تکيون تيز تلوارون چيلهه مٿان سندرن سان سوگهيون ٻڌي روانو ٿيو. هو صبحاڻي صبح جو جتي به ڦرلٽ ڪندو ته وڏو گهمسان ۽ هاڃو ڪري ڇڏيندو.

16

لاکو لَکِيءَ تي چَڙهِيو، لَکِي لاکي ساڻُ

چارِي چاڙهي آئِيو، واسي راتِ وَٿاڻُ

جاڙيجو زِيانُ، ڪيڏو ڪَري وِئو ڪَڇَ سِين. [1090]

سمجهاڻي: لاکو لکيءَ تي چڙهيو پيو هلي يعني ’لکي‘ گهوڙي سدائين هن جي سواريءَ هيٺ آهي. هو رات جو وڃي خبر رکي آيو ۽ چوپائي مال جي وٿاڻن جي چوڪسي ڪري آيو (ته ڪنهن جو سٺو مال ڪٿي بيٺل آهي). جاڙيجن سمن (جي ڪڇ جا حاڪم هئا ۽ جن سان لاکي جي اڻبڻت هئي) جي ڪري هو ڪڇ وارن ماڻهن جو ڪيڏو وڏو نقصان ڪري ويو.

17

لاکا لَکَ سُڄَنِ، ڦُلاڻِيءَ ڦيرُ ٻِئو

جِنہِ ڀَرِ راڻا راڄِيا، ڪوٽَنِ ڌَڻِي ڪَنبَنِ

تِنہِ جو جاڙيجَنِ، سُتي سَئُنڪو نه لَهي. [1091]

سمجهاڻي: لاکي نالي سان ٻيا به ڪيترائي هوندا، پر ڦُلاڻيءَ (لاکو پٽ ڦُل جو) جو نمونو انوکو آهي. هن کان ننڍا وڏا راڻا ۽ راجا ته ٺهيو پر ڪوٽن ۽ قلعن جا مالڪ به ڪنبن ٿا. ڪڇ جي جاڙيجن حاڪمن مٿان سندس ايڏو ڏهڪاءُ آهي جو هو ننڊ ۾ به ڇرڪ پيا ڀرين (ننڊ ۾ به هنن جو خوف نٿو لهي)

18

راءَ سِين رُٺا جي، تَنِ جاڙيجَنِ جاڙَ ڪِي

ڪِيئن ماڻِيندا سي، چوڏَهن چارو ڪَڇَڙو. [1092]

سمجهاڻي: جيڪي لاکي جهڙي راءُ (زورآور ۽ ڏاڍي مڙس) سان ڪاوڙيا (هن کي پنهنجو نه ڪيائون) تن جاڙيجن (ڪڇ ڀڄ جي حاڪم راءِ کنگهار جاڙيجي ۽ ان جي خاندان) وڏي غلطي ڪئي. اهڙيءَ حالت ۾ هو ڪڇ جي انهن چوڏهن چاري (گاهه) وارن ماڳن کي ڪيئن ڪتب آڻيندا جتي مالوند ماڻهو وڃي پنهنجو مال چارين. (چوڏهن ڀاڱن وارو ڪڇ ملڪ 1. ٻني، 2. پڇم، 3. کريڙ، 4. لوڍاڻي، 5. پراٿر يا واگهيلاڻ، 6. واڳڙ، 7. پاور يا پائل، 8. ماڪ، 9. ابڙاسو کرڙو، 10. ڪنڊ، 11. چيٽاڻو، 21. ڪنٺي، 13. انجار، 14. منرو، جتي چوڏهن ئي طرفن مال چري يا جتي مال جي لاءِ چوڏهن چارا آهن. ن . ب)

19

جاڳو جاڙيجا، سَما سُکِ مَ سُمَهو

پَسو آن پَارا، لاکو ٿو لوڙيُون ڪَري. [1093]

سمجهاڻي: جاڙيجا، اوهين خبردار ٿيو ۽ سما (جاڙيجا به اصل ۾ سما آهن) اوهين پڻ ڪڏهن بي اونا ٿي ننڊ نه ڪجو. اوهان جي طرف توڻي ڀرپاسي لاکو پيو ٿو ڦرلٽ ڪري ۽ مال ڪاهي، چوپائي مال جا ڌاڙا هڻي (وڳن جا وڳ هڻي ٿو وڃي).

20

اُڀِي ڍِنگَرَ ڍارَ، ريٻارِڻِ روئي رَڙي

وَڃنِ اَڄُ وَڳَ هَنيو، سُئَمِ جي سُوارَ

ڪاڇي ٻِنهِي ڪِنارَ، ڌاڪو هِنِ جو دِسيين. [1094]

سمجهاڻي:  (هيسيل) ريٻارڻ عورت پَٽِيل لوڙهي کي ڏسي ڀرسان بيٺي پيئي روئي رڙي ۽ دانهون ڪري ته آخر اڄ اهي ڦورو مال زوري ڪاهيو پيا وڃن، جن لاءِ ٻڌو هئم ته هو (اٺن  ۽ گهوڙن تي) چڙهي ائين پيا ڪن. اهي ساڳيا ڦورو هئا جن جو ڪاڇي جي ٻنهي طرفن ته ڇا بلڪ چؤطرف ڊپ ۽ ڏهڪاءُ هو.

21

رَڙي ريٻارِڻ روءِ، واڙي پايو وَڇَڙا

کَرا ويڻ کَنگهارَ کي، چينچَلَ اُڀِي چوءِ

واڙي وَڇُ نه پوءِ، لاکو لوڙائُنِ سِين. [1095]

سمجهاڻي: ريٻارڻ مال جي ڦرن کي واڙي ۾ بند ڪري بي خوف ٿي راءُ کي منهن سامهون بيٺي سڌيون پيئي (مُهايون پئي هڻي) ٻڌائي ته جيڪڏهن لاکي جون اهي ڦريون ۽ ڏاڍايون جاري رهيون ته اسان جي واڙي ۾ مال جو هڪڙو ننڍو ڦر به ڪونه بچندو!

(ٻي معنيٰ: اي راءُ، هاڻي واڙي ۾ وڇڙا پون ئي ڪين ٿا. ڇاڪاڻ جو لاکو پنهنجي لوڙائن سين پيو مال ڦري ۽ ڪاهي. واڙي ۾ وڇڙا تڏهن پوندا جڏهن مال جهنگ مان چري موٽي ڀاڻ تي ايندو ۽ ڏهائي ٿيندي. پر مال لاکو ڪاهيو ٿو وڃي، سو وڇڙا واڙن کان ٻاهر پيا گهمن. ن _ ب)

22

ريٻارِڻِ روئِي، واڙي وِڌا وَڇَڙا

سَمُورا  سوئِي،   هَڻي  ساٿَ  هيڪَلي. [1096]

سمجهاڻي: ريٻارڻ روئي وڇڙا واڙي ۾ وڌا (جهنگ مان مال موٽڻ جي مهل هئي، پر وڏو مال نه آيو). لاکو هڪ ئي وقت سڀ مال يڪو گڏي ٿو ڪاهي (ڪا پهر ڇڏي ئي ڪونه ٿو، جا ڀاڻ تي موٽي! ن _ ب)

23

رَڙي ريٻَارِڻِ روءِ، اُڀِي ڍِنگَرِ جهَلَ

ڀَري هِتان ڀَلَ، ڪيتريون ڪاهي وِئا. [1097]

سمجهاڻي: ريٻارڻ اکين مان ڳوڙها پيئي ڳاڙي ۽ واڙي جي لوڙهي جي ڀرسان بيهي رڙيون ڪري (هٿ کڻي) ٻين کي پيئي ٻڌائي ته (لاکو ۽ ان جا همراهه) اجهو هتان ڀليون ڳئون ۽ مينهيون زوريءَ ڪاهي هليا ويا (نسورو ناحق ڪري ويا).

24

ڍاٽِي وَڳُ مَ ڍارِ، هِنَ پَرائي ديسَ ۾

چيهو چِلُڙُ چِڪَ ٿيو، وَڳُ اُتاهِين وارِ

ڏِٺُمِ ڪالَهه پَرارِ، لاکو لوڙائُنِ سِين. [1098]

سمجهاڻي: اي اٺ چاريندڙ ڍاٽي (ڍٽ جا رهاڪو) هن پرائي پرديس ۾ پنهنجا اٺ نه آڻ، ڇو ته هتي چيهو گاهه گپ چڪ (آلي مٽيءَ جي گپ) ۾ (لاکي جي لوڙين ڪري) لتاڙجي خراب ٿي ويو آهي. تنهنڪري تون پنهنجي اُٺن جو وڳ واپس وٺي وڃ. اڃان مون ڪالهه پرئين پاسي لاکي کي ساٿين سوڌو ڏٺو آهي.

25

خَبَرَ پَئي کِلَنِ، سُڻي ڀَئُه نه ڀَڄَڻا

چارِيءَ مَٿان چَٿَرون پاڻان اُڀا ڪَنِ

لاکو  مٿان   تَنِ،   اوچِتو  ئِي  آئِيو. [1099]

سمجهاڻي: هنن (بهادرن) کي جڏهن (ٻين هنڌن تي لاکي جي ڦرين جي) اهڙي خبر پيئي تڏهن هنن اهڙي خبر کي کلي ٽاري ڇڏيو ۽ ساڳيءَ ريت خوف کان ڀڄڻ جي به نه ڪيائون. اٽلو وٽن جيڪي اهڙيون خبرون چارون اچي ڪن پيا، تن جي مٿان ٽوڪون ۽ ٺٺوليون ٿي ڪيائون. اهڙن بيپرواهن جي مٿان ئي لاکو اوچتو (مصيبت بڻجي) اچي ڪڙڪيو (تڏهن هو پاڻ سنڀالي نه سگهيا).

26

چاريين چيٽراڻو، وَڳَ وِهارِيين ويسَرا

لاکي لوڙائُنِ جو هي پِهرو پَرياڻو

سَٻَرُ   سَٽراڻو،    وَڳَ   وَرائي   واٽِ  ٿِئو. [1100]

سمجهاڻي: اي اوٺار، تون پنهنجن وڳن کي چيٽاڻو (جبل جو نالو جنهن ۾ ٻين سڀني جبلن کان گهڻا وڻ ٻوٽا ٿين، جيڪي اٺ کائن) ۾ پيو چارين ۽ بي پرواهه ٿيو وڳن کي ڇڏي پيو ڏين. پر اتي ته لاکي جي هٿان مال زوري ڦرجي وڃڻ جو ڏس ۽ ڏهڪاءُ پيو ٻڌجي. هاڻي به وڏي سوچ سمجهه ۽ هشياريءَ کان ڪم وٺي پنهنجا وڳ ورائي واپس هليا وڃو. (توهان لاءِ اهو ئي بهتر آهي)

 

27

صُلِحُ ڪَرِ سَنگهارَ، جَتَنَ جاڙيجَنِ سِينِ

تُون وَڳَ ڇَڏِين ٿو ويسَرا، هُو چَمڪئا چؤڌارَ

تو  جيڏا   تو   يارَ،   لاکي   ڪَئِين  لَڏائِيا. [1101]

سمجهاڻي: اي گهڻي مال وارا (مالوند) تون هنن سان ٺاهه ڪر ۽ جاڙيجن کي منٿ ميڙ ڪري مڃاءِ. تون جيڪڏهن مال جا وڳ بنا ڪنهن سار سنڀار جي ڇڏيو گهمندو وتندين ته هو چوڌاري ڦري ايندءِ. توکي خبر آهي ته تو جهڙا ڪيترائي دوست يار لاکي ڦري ڀينگ ڪري لڏائي ڪڍيا آهن (هنن کي پنهنجا ماڳ ڇڏڻا پيا).

28

لاکي لوڙِيُون ڇَڏِيُون، سَرهَا ٿِيا سَنگهارَ

چيٽراڻي چَوڌارَ، وانڍِيُون وَسَ چَرَندِيُون. [1102]

سمجهاڻي: هاڻي لاکي ڦريون ڪرڻ ۽ پراوا مال هڻڻ ڇڏي ڏنا آهن، جنهن ڪري مالوند ماڻهو خوش ٿيا آهن (هنن سک جو ساهه کنيو آهي). اهو ئي سبب آهي جو چيٽاڻي جبل جي چوڌاري جتي ڪٿي وانڍين وارن ماڻهن جو مال چرندو نظر اچي ٿو.

29

لاکا لَڳئِي ڏِينهَن، گهاڙيءَ ري ڪِيئَن گهارِيين

مَٿان وَسِي مِينِهَن، واٽُون وَلِينِ ڇانئِيُون. [1103]

سمجهاڻي:  (لاکي کي ياد ڪندي) اي لاکا، توکي ڪيترا ڏينهن ٿي ويا آهن جو (شيخاڻي تعلقي ۽ موجوده ضلعي بدين ۾) گهاڙيءَ طرف تو ڀيرو ڪونه ڪيو آهي. تو اهي ايترا ڏينهن گهاڙيءَ کي ڪيئن وساريو آهي. انهيءَ وچ ۾ ڪيترا مينهن وسي ويا آهن ۽ سڀ گس ۽ پيچرا گاهن ۽ گلن سان ڇانئجي ويا آهن.

30

لاکا لَکَ هُئا، تون اگهوُني گهُونِ

جي پَري تُنهنجي پُونِ، سي واهَرَ ڪَنہِ نه وارِيُون. [1104]

سمجهاڻي: هونئن ته لکين (گهڻيئي) لاکا آهن پر تو جهڙو دلير ۽ ڏاڍو مڙس ٻيو ڪونهي، ڇو ته جيڪو مال (اٺيون، مينهيون، ڳئون) هيڪر تنهنجي پاٿاريءَ تي پهتو (تون کسي کڻي وئين يا تنهنجي بِلي ٿيو)، اهو ٻيهر ڪيڏي به ڪمڪ ۽ مدد اچي، پر اهو وري ڪڏهن به واپس نه وريو آهي.

31

لَکِي ۽ لاکو، ٻَئِي مُئا ٻاجَهه ٿِي

قادِرَ لاٿو ڪَڇَ تان اَدِيُون اولاڪو

وانڍِينِ ۾ واڪو، ريٻارِي رَهِي ويا. [1105]

سمجهاڻي: لاکو پاڻ توڻي سندس لکي نالي گهوڙي ٻيئي مري ويا. اها موليٰ جي مهرباني ٿي. قادر ڪريم ڪڇ ملڪ تان اهو ڏوس ۽ ڏمر يعني عذاب لاهي ڇڏيو. تڏهن ته هرهنڌ وانڍين ۾ هل ۽ چوٻول پيو ٻڌجي ۽ ريٻاري ماڻهو، جيڪي اڳي لڏلڏان ۾ (دربدر ۽ پريشان) هئا، سي هاڻي ٿانيڪا ٿي هڪ هنڌ ويهي رهيا آهن.··

 

داستان چوٿون

 

1

وَنءُ ڪُنڍِيُون ڪاهي، سيڙهي سَنگهارَنِ جي

مِينهُن نه مَٽائي، جَنِي سَندا پَکَڙا. [1107]

سمجهاڻي: تون پنهنجو ماهيو مال سنگهارن جي جوءَ ڏانهن ڪاهي وڃ (جتي مال جو چارو ۽ گاهه آهي). تون پڻ انهن سان ويجهو ٿي وڃي ويهه جيڪي مندائتي مينهن جي ڪري پنهنجا پکا ۽ اجها (ڀونگيون) هر هر ڪونه ٿا مٽائن.

2

جي ڀائين وَسَ چَران ته سَنگهارَنِ سِين گهارِ

جَنِي سَندي وارِ، چورُ نه اَچي ڪَڏهِين. [1108]

سمجهاڻي: جيڪڏهن تون گهرين ٿو ته پنهنجي مال کي سانوڻ جي مينهن جي وس وارو سائو گاهه چاريان ته پوءِ سنگهارن يعني وڏن مالوند ماڻهن سان هلي گڏ گذار، ڇو ته انهن جي واڙن ۽ وٿاڻن تي چور ڪڏهن به همٿ ڪري ڪونه ٿا اچن.

3

جي ڀائِين وَسَ چَران ته سَنگهارَنِ سِين لَڏِ

جَنِي سندي سَڏِ، چورُ نه ڇُهي وَڇَڙا. [1109]

سمجهاڻي: جيڪڏهن تون چاهين ٿو ته وس جو گاهه پنهنجي جانورن کي ڍَوَ تي چاريان ته مال وارن ڀاڳين سان گڏجي هل، جتي هو وڃن تون به ساڻن رلجي وڃ. ڇو ته جتي به هنن جو سڏ سُجهي ٿو يا ٻڌجي ٿو، اتي ڪو چور ماهي مال جي ڦرن جي ويجهو اچڻ جي جرئت نٿو ڪري سگهي.

4

جي ڀائِين وَسَ چَران ته سَنگهارَنِ سِين لَڏِ

ته هاڃي سَندِي هَڏِ، ڪُوڪَ نه سُڻِي ڪَڏَهِين. [1110]

سمجهاڻي: جيڪڏهن تنهنجو ارادو آهي ته پنهنجي مال کي وس جو تازو ڀلو گاهه کارائين ته پوءِ اصلي مالوندن سان لڏو گڏ کڻي هل. ائين ڪرڻ سان تون ڪڏهن مال ماري زوري کڻي وڃڻ يا ظلم زيادتيءَ جي دانهن ڪوڪ نه ٻڌندين (شڪار ٿيڻ کان بچي ويندين).

5

اَجهي جَنِ جي گهارِيان، جِيَنِ سي سَنگهارَ

ٻاجَهه جَنِي جي ٻارَ، اَٺَئِي پَهَرَ اَگُوندَرا. [1111]

سمجهاڻي: آءٌ جن جي پناهه هيٺ پنهنجو وقت پيئي گذاريان، سي سنگهار شل سدائين سکيا ستابا هجن ۽ آباد رهن. انهن جي مهرباني ۽ قرب جي ڪري غريبن جا ٻار (۽ مال) بنا ڏچي ۽ ڏک جي پيا گذارين.

6

جِيَنِ سي سَنگهَارَ، اَجهي جَنِ جي گهارِيان

مانَ لَهَنِئُون سارَ، وِچينءَ وِلِهين ڏِينهَڙين. [1112]

سمجهاڻي:  (الله ڪري) اهي سنگهار خوش هجن ۽ گهڻو جيئرا رهن، جن جي آسري تي آءٌ امن ۽ آرام سان وقت پيئي گذاريان. شل، اهي منهنجي ڏکئي وقت ۾ يعني ڏک بُک وارن ڏينهن ۾ ڪا سار سنڀال لهن.

7

پُورين پاندَ ٽِمَنِ، جهَڳَرَ جهاڳي آئِيُون

ڪـــاڇــو  مـــينهِڙِيَــنِ،  مُــندائِـــتو  مـــاڻِــئو. [1113]

سمجهاڻي: مينهين جي سڱن مان پاڻيءَ جا تازا ڦڙا پيا ٽمن ڇو جو اُهي وڏي اجهاڳ پاڻيءَ مان تازو تري نڪتيون آهن. مينهين ڀٽارين ڪڇ ملڪ ۾ جبلن جي ڀر واري ڀاڱي مان گاهه واري موسم ۾ چڱيءَ ريت چري ڍؤ ڪيو آهي.

8

مَنڌيُون مَٽَ گُڙَنِ، جهوڪِين سُونهَنِ پَهَيڙا

سَندِي سَنگهارَنِ، جُوءِ جِيَارِي جَڏَڙيين. [1114]

سمجهاڻي: مانڌاڻيون (ڪاٺيءَ جون ڦِرڻيون) ماٽين (ٺڪرجي چاڏين) ۾ گَرڙاٽ ڪيو پيو ڦرن. (مايون وڏين مٽين ۾ کير پيون ولوڙين، ان جو آواز پيو اچي). اهڙي هنڌ واٽ ويندڙ مسافرن جو ٿوريءَ دير لاءِ اچي ساهي پٽڻ سٺو ٿو لڳي.

        اهڙن سکين سنگهارن جي ڪري ڀرپاسي جا محتاج ۽ غريب (جيڪي پنهنجيءَ وارا ناهن) به (ڏڌ مکڻ مفت ملڻ سان) اَڀرن مان سڀرا ٿي پيا آهن.

9

ڀَريا ڀاڻَ هَٿَنِ ۾، پَٽين پِڪُون پُونِ

نيڻَ مُنهِنجا رُونِ، ساريو سَنگهارَنِ کي. [1115]

سمجهاڻي: ڪڏهن هنن جي هٿن ۾ کير سان ٽمٽار وڏا ٿانءَ (وڏن وٽن مثل ڀريل ٿانو) هئا، ايتريقدر جو انهن مان کير ڇلڪي هيٺ پٽ تي ڪرندو هو. مان اهڙن سکين ستابن سنگهارن کي ياد ڪري ڳوڙها پيئي ڳاڙيان.

10

ڌَڻُ ڌارَڻُ ڌارَ رَهَڻُ، اِيءَ نه سَنگهارَنِ سِٽَ

ڪاهي اِيندا ڪَڏهِين مَٿي وانڍَ وَهِٽَ

جي هاڻُو هُونيئِي مِٽَ، تَه پِه اُڊو لاههِ مَ اُنِ جو.  [1116]

سمجهاڻي: چوپائي مال جو وڳ پالڻ ۽ نويڪلو ٿي رهڻ، اها هنن جي عادت ڪانهي (وس جي ڪري مال وارا سنگهار گڏجي هڪ هنڌ رهن.) اهو هنن لاءِ مناسب ناهي جو الڳ ۽ جدا جدا ماڳ تي رهن. اهي ڪن عارضي وٿاڻن تي پنهنجا جانور ضرور ڪاهي اچي گڏجن ٿا ۽ ڪجهه ڏينهن ترسن ٿا. پر (هيءَ ڳالهه ضرور ياد رکجي) جيڪڏهن چوپائي مال جو چور تنهنجو مائٽ عزيز ڇو نه هجي، ان جو هر وقت خوف ۽ ڊپ ڪجانءِ، متان اهو خطرو دل تان لاهي ڇڏين! (اهو مال جي چوري ڪرڻ کان نه مڙندو).

11

ڪيرَ ڪَريندي رِيسَ، آيَلِ سَنگهارَنِ سِين

جَنِي جِيءَ خَمِيسَ، واڙِيُون واري ڇَڏِيُون. [1117]

سمجهاڻي: اي امڙ، انهن (سکين ستابن ) سنگهارن (ڀاڳين) سان ڪير برابري جي دعويٰ ڪندو جيڪي خميس جي ڏينهن (جمعي جي رات) سڀ مال وارو سمورو کير خيرات ڪري (اوڙي پاڙي ۾ ۽ غريب غربي کي) ڏيئي ڇڏين ٿا. (ائين هڪ ڏينهن لاءِ واڙن تان پنهنجو حصو ورهائي ڇڏين ٿا)

12

ڪاڇو ۽ ڪوهِيارُ، ڏُونگرُ سَندُنِ ڏيهَڙو

ساجهُرِ نَهي بارُ، ڪوهُ نه ويئِينءَ اُن سِين. [1118]

سمجهاڻي: ڪاڇي ۽ ڪوهيار جا جبل ۽ پهاڙ ئي هنن جو ماڳ مڪان توڻي گذر سفر جو وسيلو آهن. انهيءَ صورت ۾ تون سوير پوريءَ ريت تياري ڪري هنن سان ڇو ڪو نه هلي وئين!

13

سَنگهارَنِ ساري، ساٿِي ڏيجُ سَنيهَڙو

هيڪَلِي گهاري، مُنڌَ ڪاڇي ڪَنڌِيين. [1119]

سمجهاڻي: اي ساٿي (اي پنڌ ويندڙ) ياد ڪري منهنجن سنگهارن کي اهو نياپو ڏجانءِ ته هيءَ اڪيلي عورت ڪاڇي جي ڪنڊ پاسي ۾ پيئي گهڙيون گهاري ۽ توهان جي موٽي اچڻ جو انتظار ڪري.

14

جِهڄان پَسئو جهوڪَ، آيَلِ سَنگهارَنِ جي

جَنِ ٿي پَهِي پيارِئا، مَنجهان مَٽَنِ موڪَ

لَڏي وِچان لوڪَ، اُٺي وِئَڙا اُڪِرِي. [1120]

سمجهاڻي: اي امڙ، آءٌ سانگين ۽ سنگهارن جي گڏجي ويهڻ وارو ماڳ پنهنجي اکين سان ڏسي ڳچ پيئي ڳاريان. هو پنهنجن هٿن سان هر ايندڙ ويندڙ کي مَٽن مان عام جام پاڻي پياريندا هئا.ليڪن مينهن پوڻ سان هو اهي ماڳ ڇڏي ٻئي پار هليا ويا. (پاڻيءَ جي ڪُهريءَ مان ٽپي ٻئي طرف مال چارڻ ويا) گهڻو ڪري سنڌ ۽ ڪڇ جي وچ واري ڪهريءَ جو اهڃاڻ، جنهن مان سنڌ جا ڀاڳيا مينهون ٽپائي ڪڇ واري پاسي وس چرڻ ويندا هئا. (ن-ب)

15

نَئي نِهارِيَمِ نارَ، تان پِرِتِ پُراڻِي نه ٿِئي

ويچارا سَنگهارَ، ڪَنہِ سائي جي سانگِ وِئا. [1121]

سمجهاڻي: مون نئڙي چتائي پاڻيءَ جي نار (کاڏي) جيڪا هو اڪري ويا هئا، تنهن کي بيهي تپاسيو (ته برابر سندن گس ۽ پيرا هئا ۽ دستور موجب هو وس چرڻ ويا هئا ۽ وس جي مند پوري ٿيڻ سان موٽندا). تڏهن مون کي اطمينان ٿيو ته پريت پراڻي نه ٿيندي ۽ هو ويچارا سنگهار مينهن تي موريل ڪنهن سائي گاهه جي سانگي ويل آهن (ن-ب)

16

جهوڪُون نه جهُڻِڪَنِ، وَڳَ نه پَسان وَٽِ ۾

آيَلِ سَنگهارَنِ، جيڪُسِ چِٽراڻو چِتِ ڪِئو. [1122]

سمجهاڻي: انهن سنگهارن جي گڏجي ويهڻ وارن هنڌن تي ڪو سڏ ۽ آواز ڪونهي ۽ نه وري سندن جانورن جا وڳ ۽ ڌڻ ڪٿي (ويجهو يا پري) ڏسڻ ۾ ٿا اچن. اي امڙ، مان سمجهان ٿي هنن سنگهارن جي دل ۾ چٽراڻو جبل ۽ ان جي پسگردائي آهي (جتي گهڻو گاهه ۽ وڻراهه آهي) هو اوڏانهن هليا ويا آهن.

17

ڪيڏهان وِئا سَنگهارَ، جي هُوا هِنِي ڀيڻِيين

ڏورِ ته ڏوريُون يارَ، ٻيلي ٻِنهِين ڪَنڌِيين. [1123]

سمجهاڻي: اهي سانگي ۽ سنگهار جيڪي هتي هنن هنڌن ۽ ماڳن تي هئا، الائجي ڪيڏانهن ڪهڙن ماڳن طرف هليا ويا. اي سڄڻ ساٿي، اچ ته هلي اهي پنهنجا پرين ٻيلي جي ٻنهي پاسن تي ڳوليون ۽ انهن سان ملي ملاقات ڪريون.

18

ڪاڇي پيئي ڪُوڪَ، سَچُ ڪِ سَنگهارَنِ لَڏِئو

مادَرَ اُوءِ مَلوڪَ، اُٺي وِئَڙا اُڪَرِي. [1124]

سمجهاڻي: سموري ڪاڇي جي ايراضيءَ ۾ ڏکن ڏاکڙن جي دانهن ڪوڪ پئجي ويئي آهي، شايد سنگهار وري ڪنهن ٻئي طرف لڏي ويا آهن. اي امان، پڪ اُهي منهنجا سدا سهڻا ملوڪ مينهن جي وسڪاري طرف نڪري ويا آهن.

19

ڪاڇي ڪاهيائُون، سَچُ ڪِ سَنگهارَنِ لَڏِئو

مان تَڻُ مارِيائُون، پاڻان وِجهِي گُوندَرين. [1125]

سمجهاڻي: هو ڪاڇي مان مال ڪاهي هليا ويا، سچ پچ سنگهار هتان لڏي ٻئي طرف نڪري ويا. مون کي ڏکن ۾ وجهي ۽ غمن ۾ گڏي ويا.

 

داستان پنجون

 

1

ڪُونجَنِ کي ڪِيمَ چَئو جي ٻاجهارو ٻولِنِ

سارِيو سانڀِيڙَنِ کي رَڙيُون ڪِئو رُئَنِ

سائِين سَندا تَنِ، ٻَچا ميڙِيين ٻاجَهه سِين. [1126]

سمجهاڻي: ڪونج پکين کي ڪجهه نه چئو (هنن کي نه ايذايو) جيڪي دل کي وڻندڙ مٺيون ٻوليون ڪن ٿيون. هو پنهنجي وڳر جي ساٿين کي ياد ڪري پيون روئن ۽ رڙن (دانهون ڪن). اي مالڪ، شل ڪونجن کي سندن وڇڙيل ٻچڙن سان ملائيندين!

(عام خيال موجب ڪونجون ٻچا روهه ۾ ڇڏي ٿيون اچن ۽ هتان پوءِ ٻچن جي اڪير ۾ پوئتي ٿيون موٽن(ن-ب)

2

وَڳَرَ ڪِئو وَتَنِ، پِرتِ نه ڇِنَنِ پاڻَ ۾

پَسو پکِيئَڙَنِ، ماڻُهنِئُون ميٺُ گهڻو. [1127]

سمجهاڻي: پکي هميشه پاڻ ۾ گڏجي ولر ڪيو (ساٿ ڏيو) پيا هلن ۽ گهمن، هو پاڻ ۾ ڪڏهن به پريت جي ريت (قرب وارو رستو) نٿا ٽوڙين. ڏسو ته سهي پکين ۾ انسانن جي مقابلي ۾ ڪيتري نه ميٺ محبت، ٻڌي ۽ اتفاق آهي! (انسان لاءِ وڏي ۾ وڏي نصيحت).

3

قِسمَتَ آنديُون ڪُونجَڙِيُون، وَطَنُ سَندُنِ روهُ

ڪَنہِ جو ڪونهي ڏوهُ، رِزقُ رازِقَ هَٿَ ۾. [1128]

سمجهاڻي: نصيب جو لکيو ڪونجن کي هتي هن ملڪ ۾ وٺي آيو آهي، نه ته هنن جو پنهنجو اصل ديس گهڻو پري جبل (ڪوه قاف، جديد تحقيق مطابق اوڀر يورپ جا مٿانهان جبل) آهن. انهيءَ ۾ ڪنهن جو ڏوهه ڪونهي، ڇو ته هنن جو داڻو پاڻي توڻي سڀني جي روزي اُن رازق ۽ مالڪ جي هٿ ۾ آهي.

4

آيُون ڍورِ ڍَرِي، اَصُلَ سَندي آسَري

کَڙِيرَ ڀُونءِ کَرِي، پاڻان پيرَ ڏُکويا پَکَڻين. [1129]

سمجهاڻي: ڪونجون پاڻيءَ جي ساڳئي ڍوري تي اچي لٿيون آهن، هو اصل اڳ واري آسري تي آهن ته اتي سندن چارو هوندو ۽ کين ڪا تڪليف نه پهچندي. ليڪن وڏن کَڙن واري زمين ايتري سُڪي ۽ پَڪي يعني ٺوٺ ٿي ويئي آهي، جنهن ڪونجن ويچارين جا نرم پير ڦٽي ڇڏيا.

5

چيتا ڪِئو چُڻيجُ، بَڊاماڻيءَ بُٺِ ۾

نيڻين ننِڊ مَ ڏيجُ، ڇيڙُون ڇَپَرِ آئِيُون. [1130]

سمجهاڻي:  (اي ڪونج) تون خبرداريءَ سان بڊاماڻي جي ايراضيءَ ۾ چوڳو ڪجانءِ. ٿوريءَ دير لاءِ به غفلت نه ڪجانءِ، ڇو جو شڪارين جون ٽوليون اتي هنڌين ماڳهين پيون ڦِرن.

6

ڇَڏِئو ڇَپَرَ وَٽِ، رڙهئو ريجاڻِي چُڻِين

ڪُهِي ڪيناري چاڙِهيُون، پيون وِڪامَنِ هَٽِ

تو سِرَ مَٿان سَٽِ، ڏِيهاڻِي مارِي ڪَري. [1131]

سمجهاڻي:  (اي ڪونج)، تون ٽڪر جو غيرآباد ڀرپاسو ڇڏيو، پُسيل ۽ آلي زمين ۾ (جتي ماڻهن جي اچ وڃ آهي) پيئي چوڳو ڪرين. هوڏانهن ڪيترين ڪونجن کي حلال ڪري دڪانن تي ڪاٺيءَ ۾ ٽنگي رکيو اٿن ۽ پيون ڏوڪڙن تي وڪامن. اهو ئي سبب آهي جو ماري ۽ شڪاري هر روز تنهنجي تلاش ۾ توکي ڦاسائڻ لاءِ پيا هلن.

7

ڪُونجَ نه پَسين ڪَکَ، ڍَٻُ جَنِي سِين ڍَڪِئو

مارِيءَ ماري لَکَ، وَڳَرَ هَڻِي ويڇُون ڪِئا. [1132]

سمجهاڻي: اي ڪونج، تون اهي پکڙيل (وڇايل) ڪک ڪانا ڏسين ئي ڪا نه ٿي، جن سان پکين کي ڦاسائڻ جي ڍٻي ڍڪيل يا لڪل آهي. انهن پکي ماريندڙن الائجي ڪيتريون ڪونجون ائين ڦاسائي ڪيترا ولرن  جا ولر چٽ ڪري ڇڏيا.

8

مارِيءَ ميرا ڪَپَڙا، بَغَلَ مَنجهِه بَندُوقَ

مارِئو مِيرَ مَلوُڪَ، لَتاڙِئو لَڪين چَڙهي. [1133]

سمجهاڻي: شڪارين کي ميرانجهڙا ڪپڙا پهريل آهن (جيئن هو پري کان پڌرا نه ٿين) ۽ سندن ڪڇ ۾ پکين کي مارڻ واري ڀريل بندوق آهي. ليڪن اهو ٻيو شڪاري (عزرائيل) سهڻا ۽ خوبصورت ماڻهو شڪار ڪريو بيپرواهيءَ سان جبلن جي لڪن ۾ (جتان آيو هو اُتي) گم ٿيو وڃي.

9

مارِي مَرِين شالَ، ڍَٻَ وَڃنِيئي ڍَٻِيُون

جِئن تو اَچِي ڪالَ، وِڌو وِچُ وَرِهَنِ کي. [1134]

سمجهاڻي: اي ماري، تون شل نيست نابود ٿي وڃين ۽ تنهنجون اهي ڍٻيون ۽ ڪوڙڪيون برباد ۽ تباهه ٿي وڃن. ڇو جو تو ڪيترن ڏينهن کان وٺي اها ڪاروائي ڪري ورهين لاءِ بلڪه هميشه جا وڇوڙا وجهي ڇڏيا آهن.

10

ڪُونجَ نَه لَکِئو ٻاڻُ، جو مارِيءَ سَندي مَنَ ۾

اوچِتي پرياڻَ، وَڳَر هَڻِي ويڇُون ڪِئا. [1135]

سمجهاڻي: ويچاري ڪونج کي انهيءَ اٽڪل (ڍٻيءَ ۾ ڦاسائڻ جي رٿ) جي خبر نه پيئي جيڪا ماريءَ جي ذهن ۾ هئي. اهو اهڙو اوچتو هڪڙو ڌڪ (حملو) ئي هو، جنهن پکين جي سڄي ولر کي ڇڙ وڇڙ ۽ رولي ڇڏيو.

11

وَڳَرَ ۾ وائِي، ڪالَهه تُنهِنجِي ڪُونجَڙِي

سَرَ ۾ سارِينَئِي گَهڻو ڀينَرَ ۽ ڀائِي

پَسِين نه ڦاهِي، جا مارِيءَ سَندي مَنَ ۾. [1136]

سمجهاڻي: اي ڪونج، ڪالهه توکي پنهنجي ولر ۾ سڀني ڪونجن ڏاڍو ياد پئي ڪيو. داڻن چڳڻ واري هنڌ تي پڻ تنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن توکي گهڻو ياد ڪيو. پر ماريءَ جي دل ۾ توکي ڦاسائڻ لاءِ جيڪا ڪنڍي لڳل آهي، سا الائجي ڇو توکي نظر نٿي اچي. (تون هن جي ارادن کان ايڏي ويسلي ۽ بي خبر ڇو آهين)

12

روهِ راماڻا ڪَنِ، اَڄُ پُڻُ هَلَڻ- هارِيُون

ڪَرڳَلُ ڪونجِڙِيُنِ، رائي ۾ راتِ ڪِئو. [1137]

سمجهاڻي: ڪونجون ٽڪر ۾ وڏي آواز سان پيون ڪرَڪن (وڏيون دانهون ڪن، هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙن منجهن اها ڦڙ ڦوٽ پنهنجي وطن واپس ورڻ جي آهي). ڪونجن اهو هل هنگامو (وڏو لُڙ ۽ آواز) گذريل رات ان جبل ۾ ڪيو جتي اهي (ولرن جي صورت ۾) لٿل هيون (جتان هنن خوشيءَ ۾ واپس وڃڻ جي تياري پئي ڪئي)

13

ڪُونجوُن ٿِيُون ڪُڻِڪَنِ، جيڪُسِ هَلَڻَ- هارِيُون

ٻَچا پوءِ اَٿَنِ، وَڃَنِ وانڌا ڪَندِيُون. [1138]

سمجهاڻي: ڪونجون اهڙا آلاپ ۽ ورلاپ (ٻوليون) پيون ڪن جو گهڻو ڪري بلڪ پڪ آهي ته اهي پنهنجي ديس وڃڻ واريون آهن. هو پنهنجا ننڍا ٻچا پوئتي ڇڏي آيون آهن، انهيءَ ڪري تکي ۽ تيز اڏام ڪنديون پيون وڃن.

14

ڪالَهونڪَرَ ڪُونجَ ڪَري اُتَرَ ڏي آلابَ

پِرين پَسِي مَنجههِ خوابَ، وِهاڻِيءَ وايُون ڪَري. [1139]

سمجهاڻي: ڪونج ڪالهوڪي ڏينهن کان وٺي اتر طرف (جيڏانهن سندس ديس آهي) منهن ڪري پيئي ڏاڍيون دانهون ڪري.  شايد هن خواب ۾ پنهنجن پيارن کي ڏٺو آهي جو پوئين رات کان وٺي پيئي آلاپ ۽ ورلاپ ڪري.

15

ڪوهُ نَه ڪُڻِڪِيين ڪُونجَڙِي، روهِ نه وِيئينءَ راتِ

اَڄُ تُنهينجِي تاتِ، سَرَ ۾ سارَڻُ آئِيُون. [1140]

سمجهاڻي:  (رات ٻيون سڀ ڪونجون ساڳئي سريا تلاءُ تان گڏ اڏامي هليون پر هڪڙي پوئتي رهجي ويئي، ان کي خطاب) تو رات وڃڻ لاءِ ڇو نه  ڪڻڪڻ جو آواز يا ٻولي ڪئي، ۽ ٻين سان گڏ پنهنجي وطن روهه ڏانهن ڇو نه اڏامي وئين. اهي اڄ وري تنهنجي سانگي توکي سر ۾ سنڀارڻ آيون آهن. (ن- ب)

16

وَڳَرَ وِئا وَهِي، ڪالَهه تُنهِنجا ڪُونجَڙِي

ڪَندِينءَ ڪوهُ رَهِي، سَرَ ۾ سُپيرِين ري. [1141]

سمجهاڻي: اي وڇڙيل ڪونج، ڪالهه تنهنجا ولر اڏامي هليا ويا. هاڻي تون پنهنجي پرينءَ کان سواءِ سر ۾ اڪيلي ڪيئن رهندينءَ ۽ پرينءَ کان سواءِ ڇا ڪندين؟

17

وَڏي وَڳَرَ هيرَئِين، چُڻِي نه ٻِئَنِ گَڏ

ڪُونجَ ڪَرِيندي سَڏَ، ويئِي وِهامِي راتَڙِي. [1142]

سمجهاڻي: هيءَ ڪونج وڏي ولر سان رهڻ ۽ گڏ چڳڻ (کائڻ پيئڻ) تي گهڻو هريل آهي، اها (هنن کان جدا ٿي) ٻين پکين سان گڏ نٿي کائي پيئي. اهو ئي سبب آهي جو هن ڪونج کي پنهنجي وڳر کي ٻوليون ڪندي ۽ سڏيندي رات گذري ويئي.

18

وَڳَرَ اُڪِيري، سَرُ سارِئو سُورَ چَري

جهُريي جهِڄَندي ڏي، سَنيها کي سَڄڻين. [1143]

سمجهاڻي: ڪونج (اڪيلي رهجي وڃڻ بعد) پنهنجي وڳر واري ساٿ کي ياد پيئي ڪري ۽ سندن واسطي تلاءُ کي سڀني طرفن کان هر هر پيئي جانچي ۽ سور کائي. آخر (ٻي واهه نه ڏسي) لاچار ٿي ڏاڍي ڏک ۽ هيڻائيءَ واري حال ۾ پنهنجن لاءِ پيغام پيئي موڪلي.

19

چُڻي نه اُڀِي روءِ، سارِئو سُپيرين کي

هنيين جهِڄَندي چوءِ، ته آءٌ ڦوڙائِي آهِيان. [1144]

سمجهاڻي: ڪونج ڪجهه نٿي کائي پيئي ۽ رڳو بيٺي روئي رڙي ۽ پنهنجن پيارن ساٿين کي  پيئي ياد ڪري. هوءَ ڏک ۾ ڳرندي ۽ جهرندي دل سان دانهون ڪري پيئي چوي ته آءٌ وڇڙيل ۽ فراق جي ماريل آهيان.

20

چُڻي چيتاري، ڪُونجَ ڪاڇي ڪَنڌيين

سَڳرُ سو ساري، هُئِي جَنہ جِي هيرئين. [1145]

سمجهاڻي: ڪونج (رکي رکي) داڻو به پيئي چڳي پر ڪڇ جي ڪناري انهيءَ ماڳ تي (ڪنڌ مٿي کڻي) هيڏانهن هوڏانهن چڱيءَ طرح نهاري به پيئي. هوءَ اهو ساٿ ۽ سنگت پيئي ساري جنهن سان هوءَ هِري مِري ويئي هئي.

21

وَڳرُ وِسَاري، ويٺينءَ ڪِئن ماٺِ ڪَري

ڪِ تو نَه ماري، رُڻِ جهُڻِ سَندِي سَڄَڻين. [1146]

سمجهاڻي: اي ڪونج، تون پنهنجي وڳر کي وساري ڪيئن ماٺ ڪري ويهي رهينءَ. ڇو توکي سڄڻن جي ورونهن ۽ سڪ واري يادگيريءَ ماري نه وڌو (جو اڃان پيئي جيئين!)

22

ڪُونجَڙِي ڪالَهه لَئِي سَڄَڻَ وِڌَمِ چِتِ

آءٌ جَنِ ريءَ هِتِ، گهَنگهَرِ گهاريان ڏِينهَڙا. [1147]

سمجهاڻي: ڪونجڙيءَ ڪالهه مٺيون ٻوليون ڪري مون کي پنهنجن پيارن جي يادگيري ڏياري ڇڏي ( اهي جانب جيءَ ۾ ياد پئجي ويا). مان هنن جي جدائي ۽ وڇوڙي ۾ ڏاڍا ڏکيا ڏينهن پيئي ڪاٽيان.

23

مَ لَئهُ ڪُونجِي ماٺِ ڪَرِ، چورِ مَ هِنيين سَلَ

ڳوڙها مَٿي ڳَلَ، جِمَ وِهاڻِيءَ وَهائِيين. [1148]

سمجهاڻي: اي ڪونجڙي، چپ ڪر، تون لاتيون ۽ ٻوليون ڪري پنهنجي اندر جا ڦٽ تازا نه ڪر (اندر جا گهاءَ اندر ۾ رهڻ ڏي) ورنه پوئين رات جو پڻ ويٺي ڳوڙها ڳاڙيندينءَ! (پاڻ کي روئي رت ڪندينءَ!)

24

مَ لَئهُ ڪُونجِي ماٺِ ڪَرِ، چورِ مَ هنِيين چاڪَ

ڦِٽِيُون جي فِراقَ، سي گهَرِ گهارِينديُون ڪيترو.  [1149]

سمجهاڻي: اي ڪونجڙي، تون نه ٻول، اهي اندر جا ايذاءَ بيان ڪري نه ٻڌاءِ، اهي زخم وري نه کول ڇو ته جن کي فراق جا ڦٽ ۽ وڇوڙي جا گهاءَ لڳل آهن، سي پنهنجي گهر ۾ (پرينءَ کان سواءِ) هڪ گهڙي به ڪيئن گذاري سگهنديون!؟

 

وائي

مُنهِنجي نِنڊَ نه نيڻَنِ نيڻَنِ وو!

ڪالَهُون پوءِ لَڪَنَ ۾

ڪالهُوڻِئَان اَڄُ گهَڻِي ڪَر جهورڙي ڪيڻَنِ ڪيڻَنِ

هُوءِ نه نِينَمِ پاڻَ سِين، آءٌ جا وِيندَڙي سيڻَنِ سيڻَنِ

ٻيون سَڀِ واڳِيُون وَرَنِ سِين، آءٌ جا واڳَڙِي ويڻَنِ ويڻَنِ

هنِيَڙو ڏاڙهُونءَ گُلَ جِيئن، روئِي رَتَڙُمِ ڪيڻَنِ ڪيڻَنِ. [1150]

سمجهاڻي: منهنجي اکين ۾ ننڊ ڪانهي (منهنجي ننڊ اڏامي ويئي آهي). مون کي آرام ڪونهي، آءٌ ڪالهه کان (ڪيترن ڏينهن کان) لڪن ۾ پيئي هلان ۽ ٿاڦڙان. آءٌ ڪلهه کان اڄ گهڻي ڏکويل ۽ گوندر ۾ گهيريل آهيان. هو مون کي پاڻ سان گڏ نٿا وٺي وڃن، جيتوڻيڪ آءٌ هنن سڄڻن سان ئي گڏ وڃڻ واري آهيان. ٻيون سڀ سرتيون پنهنجن مڙسن ۽ گهر وارن سان آهن، فقط آءٌ سڄڻن جي ٻول ٻَڌي آهيان. لوڪ جا طعنا مون لاءِ آهن(منهنجو اهو نصيب آهي). مان هنن سڄڻن لاءِ ايترو رني آهيان جو منهنجو هيانءَ ڏاڙهونءَ جيان ڦاٽي ڦارون ڦارون ۽ داڻا داڻا ٿي پيو آهي.


·· هيءُ بيت جيڪو هتي بيت نمبر 32 ۽ سلسليوار 1106 آهي، اصل ۾ 1078 تي موجود آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org