سيڪشن: لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب:

صفحو:41 

 

سُر سورٺ

 

داستان پهريون

 

1

اَللهَ جي آسَ ڪَري ٻيجَلَ ڪِي ٻَاڪَارَ

’لَااِلَہَ اِلااللهُ مُحَمدُ رَسُولُ اللهِ‘ رکيائين

تَندُنِ مَنجههِ تَوارَ

ماڙِيءَ ۾ مَلُوڪَ جي سِيباڻِي سَردارَ

جيڪِين خَلقِئو خَلقَڻهارَ، سو مِڙوئِي ڏِنائِين مَڱڻي. [2199]

سمجهاڻي: الله جي اميد ۽ آسري تي ٻيجل ڳائڻ جي شروعات وڏي آواز ۾ ’ها‘ سان ڪئي. هن پنهنجي ساز تي هٿ هڻي ’هڪ الله کان سواءِ ٻيو ڪو معبود ناهي ۽ محمد صلي الله عليه وآله وسلم ان جو موڪليل پيغمبر آهي.‘ (توحيد جي ڪلمي) جي وائي ڪئي. محلات جي مالڪ کي اها تنوار ڏاڍي پسند پيئي. جيڪي ڪجهه جڳ جهان جي خالق خلقيو هو، سو سڀ ٻيجل منگتي کي بخشش ڪري ڇڏيائين.

[مثنوي روميءَ جي پهرين دفتر ۾ هڪ چنگ وڄائيندڙ پوڙهي جي آکاڻيءَ جي ابتدا ۾ اهو ساڳيو انداز هن طرح نظر اچي ٿو:

چنگ را برداشت شد والله جو،
سوئي گورستان يثرب آه گو.

(دفتر اول، ب 2086)

معنيٰ: اهو راڳي چنگ ڪلهي تي رکي الله جو آسرو ڪري پنڌ پيو ۽ شهر جي قبرستان ڏانهن ٿڌا ساهه ڀريندي روانو ٿيو.

هن بيت ۾ جيئن شاهه لطيف پورو ڪلمو تضمين ڪيو آهي، ائين مثنوي روميءَ ۾ پڻ ملي ٿو.

لا اله گفت والا الله گفت،
گوهر احمد رسول الله سُفت.

 (دفتر اول، ب-2159)

معنيٰ: هن لااله به چيو ۽ پوءِ الا لله به چيائين. ائين ’احمد رسول الله‘ جو موتي پوتائين.  ياد رهي ته هتي ’احمد‘  شعر ۾ وزن جي ضرورت خاطر آندو ويو آهي.]

2

اَللهَ جِي آسَ ڪَري هَلِي آيو هِتِ

جاجِڪُ اُڀو جِتِ، سِرَ جِيُون صَدائُون هَڻي. [2200]

سمجهاڻي: هو الله جو آسرو ڪري پري پرديس کان هلي اچي هتي پهتو آهي. هي اهڙو منگتو آهي جو جتي به بيهي ساز وڄائي ٿو ته اُتي سِر جو سوال ڪري ٿو. (هو سِر کان گهٽ ٻيءَ ڪنهن شيءِ تي راضي نٿو ٿئي)

3

اَللهَ جِي آسَ ڪَري هَلِي آيو هِيءُ

مالُ نه مَنگي مَڱڻُو، جاجِڪُ مَنگي جِيءُ:

’وَڍِ وَهِلو ٿِيءُ، ساعَتَ صَبُرُ نه سَهان.‘ [2201]

سمجهاڻي: هيءُ منگتو الله ۾  اميد رکي وڏو پنڌ ڪري آيو آهي. هو ڪنهن به قسم جو مال متاع يا ٻي ڪا شيءِ طلب نٿو ڪري، صرف سِر جي سَين ٿو هڻي يا سِر جي خيرات ٿو گهري. اٽلو ائين به پيو چوي ته ”جلدي پنهنجو سر وڍي منهنجي حوالي ڪر، آءٌ ٿوري دير به انتظار نٿو ڪري سگهان.“

4

اَللهَ جِي آسَ ڪَري هَلِي آيُسِ هيرَ

هاتڪَ تو حَضُورَ ۾ پِرتان ڀَري پيرَ

وِيرَ لَڳاءِ مَ ويرَ، وَڍي ڏي ته وَٺِي وَڃان. [2202]

سمجهاڻي:  (منگتو ٿو چوي) آءٌ الله ۾ اميد رکي نڪتو آهيان ۽ هتي تو وٽ اچي پهتو آهيان. اي داناءُ ۽ سياڻا ( اي وڏيءَ دل وارا بهادر انسان)، مان وڏي اُميد (آس) رکي  اهو پنڌ ڪري تنهنجي درٻار ۾ پهتو آهيان. اي سخي سورهيه، دير نه ڪر، پنهنجو سِر وڍي منهنجي حوالي ڪر ته کڻي وڃان.

5

اَلله جي آسَ ڪَري سُڻِي آيُسِ شانُ

مَڱان ڪِهَڙِيءَ مَتِ سِين، نِسورو نادانُ

سو ڪو ڏياريين ڏانُ، جو طمَعَ کي تَرَڪُ ڪَري. [2203]

سمجهاڻي:  (منگتو پيو چوي) آءٌ الله ۾ آسرو ڪري ۽ توهان جي هاڪ ۽ ناماچار ٻُڌي آيو آهيان. مان ڪهڙيءَ ريت سوال ڪريان (مان ڇا گهران). مون کي صدا هڻڻ ئي نٿي اچي، آءٌ بي عقل ۽  مورک آهيان- البت تون پنهنجي اهڙي ڪرم نوازي ڪر جو جيڪا منهنجي اندر ۾ لالچ آهي، انهيءَ کي ختم ڪري ڇڏي!

6

آءٌ سوالِي سِر جو آيُسِ اَڳاهُون

مَٿي ري مَسَ رکان پيرُ کَڻِي پاهُون

داتا سُڻُ دانهُون، جي ڪَريان ڪوڏِ ڪَپَارَ جِيُون. [2204]

سمجهاڻي: منگتو ٿو چوي آءٌ سِر جو صدقو ٿو گهران، آءٌ گهڻو پري کان ڪهي اچي هتي پهتو آهيان. سِر جي بخشش کان سواءِ منهنجو پٺتي پير هٽائڻ مشڪل آهي (ان کان سواءِ واپس ڪونه ويندس). او ڏاتار، تون ئي منهنجو ٻاڏائڻ ٻڌ، جيڪو آءٌ دل جي درد مان سِر جي صدقي لاءِ پيو ڪريان.

7

تو دَرِ آيُسِ راڄِيَا، هِهَڙو وَٺِي حالُ

اُونائيجِ عَلِيلَ جو سَٻاجها سُوالُ

اَڱڻَ مَٿي آنهِجي ڪَهي ڪِين قَوالُ

ڀَلا ڪَري ڀالُ، اَمُنُ ڏِيو اُنِ کي. [2205]

سمجهاڻي: اي راڄ ڌڻي، آءٌ تنهنجي در تي پنهنجو جهڙو تهڙو (هيڻو) حال کڻي اچي حاضر ٿيو آهيان. اي سٻاجها سائين، تون هن بيمار ۽ ضعيف جو سوال ٻڌي ان جو عرض قبول ڪجانءِ. تنهنجي حضور ۾ هن ڳائڻي جي ڪهڙي مجال آهي جو ڪجهه ڪڇي سگهي. اي ڀلارا، تون پنهنجا احسان ۽ وڙ ڪري مون کي پناهه ڏي ۽ سلامتي وارو ڪر.

8

تو دَرِ آيُسِ راڄِيَا، ٻِئا دَرَ ڪَري دُورِ

سائِلُ ٿو سَينِ هَڻي، هَرَدَمِ آن حَضُورِ

ٻِئو نه مَڱي مُورِ، اَمُنُ ڏيو اُنِ کي. [2206]

سمجهاڻي: اي راجا (ڏياچ) مان ٻين سڀني راجائن ۽ حاڪمن جا در ڇڏي تنهنجي در تي آيو آهيان. هي سوالي تنهنجي حضور ۾ هر وقت هڪڙي ئي صداپيو هڻي. مان صرف سک ۽ سلامتي ٿو طلبيان.

[مثنويءَ جي آکاڻي موجب جڏهن چنگ وارو راڳي لاچار ٿي پوي ٿو ته هيءَ صدا هڻي ٿو:

نيست کس امروز مهمان تو ام،

چنگ بهر توزنم که  آن  تو ام.

             (دفتر اول، ب- 2085)

معنيٰ: اي مولا، مان ڪجهه نٿو ڪري سگهان ۽ اڄ تنهنجو مهمان اچي ٿيو آهيان. مان هاڻي تنهنجي لاءِ سارنگي وڄائيندس ڇو ته آءٌ تنهنجو غلام آهيان.]

9

تو دَرِ آيُسِ راڄِيَا، ٻئا دَرَ ڏيئِي ٻَنِ

ڪَهان جو ڪُماچَ سِين، سو سُڻُ سَٻاجهي ڪَنِ

جا مَنگَ مُنهنجي مَنِ، سا توکي مَعلُمَ سَڀَڪا. [2207]

سمجهاڻي: اي راجن جا راجا، مان ٻين سڀني درن کي لتاڙي (تِڇ ڄاڻي) تنهنجي در تي اچي پهتو آهيان. مان جيڪا ڳالهه پنهنجي ساز سان پيو چوان اُها ٻاجهه ڀرين ڪنن سان ٻُڌ. باقي منهنجي دل ۾ جيڪا تمنا ۽ طلب آهي (مون کي ڇا گهرجي) اهو سڀ توکي معلوم آهي.

10

ٻِئا دَرَ ڏيئِي ٻِئَنِ کي، آيُسِ تُنهنجي دَرِ

سُونهارا سورَٺِ- وَرَ، ڪا مُنهِينجي ڪَرِ

ڀَلا ڀيري ڀَرِ، پالهو پاندُ پينارَ جو. [2208]

سمجهاڻي: مان ٻيا سڀيئي در ڇڏي تنهنجي در تي سوالي ٿي آيو آهيان. اي ، سورٺ جا سهڻا ڀتار، تون ڪا منهنجي ڳڻ ۽ بلو ڪر. اي ڀلارا، ڀلائي ڪري هن منگتي جو خالي جهول (پنهنجي سِر ساڻ) ڀري ڇڏ.

11

ڪِين جو ٻِيجَلَ ٻولِيو ڀِنيءَ ويهي ڀانَ

راجا رَتولَنِ ۾ سِيباڻو سُلطان:

’آءُ مَٿاهون مَڱڻا، مُقابِلِ ميدانِ

گهورِيان لَکَ لَطِيفُ چَئي تُنهنجي قدمَن تان قُربان

مَٿو هِيءُ مِزِمانِ، هَلِي آءُ ته هِت ڏيان. [2209]

سمجهاڻي: ٻيجل منگتي (ڳائڻي) رات جو پوئين پهر جيڪي ويهي ڳايو، تنهن اوڏيءَ مهل راجا کي رنگ محل جي هندورن ۾ موهت ڪري وڌو. (هو دل و جان سان فدا ٿي پيو). راجا راضي ٿي هن کي مٿي محل ۾ پنهنجي روبرو اڱڻ تي گهرايو. عبداللطيف چوي ٿو ته راجا راضي ٿي چوڻ لڳو آءٌ تنهنجي قدمن تان لکين رپيا گهوري اڇلايان (تون ٻڌاءِ توکي ڇا گهرجي!) اي مانائتا مهمان، تون اوري اچ ته آءٌ توکي پنهنجو سر صدقو ڪري ڏيئي ڇڏيان. 

12

مَنگَ نه تُسِي مَڱڻُو، مِلِڪَ نه مَنگي مالُ

ڏانَنِ- ئُون ڏُورِ ٿِئي، ڪا جا ڪَڻسِ ڳالِ

آهي اِنَ خِيالِ، ته ڏيٺِي ٿئي ڏاتارَ سِين. [2210]

سمجهاڻي: هيءُ منگتو خير خيرات سان راضي ڪو نه ٿو ٿئي. هو بخشش ۾ مال ۽ ملڪيت نٿو گهري، بلڪه هن جي دل ۾ ڪا ڳجهي ڳالهه آهي. هن جو صرف هڪڙوئي مطلب يا مقصد آهي ته ڪيئن به ڪري ان سخي مرد (سر جي خيرات ڏيندڙ) سان هن جي روبرو ملاقات ٿئي.

وائي

ڏيٺِي سِين ڏاتارَ، ٿي موچارِي مَڱڻي

اَچي چارَڻَ نه چورِيين، ڪا جا تَندُ تَوَارَ

سا سيباڻي راڄيي سَٻاجهي سَتارَ

نِڀاڳَنِ نَوازَ ٿِي، ٽِلَنِ ٿا ٽاٽارَ

آيو حاتِمُ هَٿَ ۾، لَنگهي جِيءَ ڀَتارَ. [2211]

سمجهاڻي: هن سخي (راءِ ڏياچ) سان منگتي جي سوڀ واري ملاقات ٿي. اي چارڻ، اي ٻيجل، تون پنهنجي ساز تي دلپسند تنوار ڇو نٿو ڪرين (جنهن سان راجا راضي ٿئي). راجا کي اها ئي ڳالهه وڻي ٿي، جيڪا سٻاجهي سائينءَ کي پسند آهي. جيڪي نالائق هئا، تن تي به نوازشون ٿي ويون ۽ جيڪي هلڪڙا هئا سي به خوش ٿي جهومڻ لڳا. حاتم جهڙو سخي سرواڻ صدا هڻندڙ جي هٿ وس اچي ويو.

 

داستان ٻئو

 

1

مَحَلين آيو مَڱڻو، سازُ کَڻِي سُرَندو

سِرَ جِي صَدا سُرَ ۾، گهورَ هَڻِي گهُرَندو

مَٿي رِءَ مَلُوڪَ جي چارَڻُ نه چُرَندو

جهُوناڳَڙَههُ جهُرَندو، پُندِي جهانءِ جهَروڪَ ۾. [2212]

سمجهاڻي: هو منگتو شاهي محلات ۾ سرندي جي ساز سميت داخل ٿيو.  هن جي سُرتار ۾ سِر جي صدا سمايل هئي ۽ هو اُهائي گهور يا خيرات گهري رهيو هو. اهو منگتو بادشاهه جي سِر جي بخشش کان سواءِ اُتان هرگز هٽڻ وارو نه هو، جنهن ڪري جهونا ڳڙهه  (راءِ ڏياچ جو گاديءَ جو شهر) ڏک ۽ ارمان ۾ وڪوڙجي ويندو ۽ محل جي جهروڪن مان هاءِ هاءِ جي صدا گونجڻ لڳندي.

2

سارِي راتِ صاحِبَ کي ڳَڙههَ ڀَرِ ڳايائين

اُٺَسِ ماڻِڪَ مِينہَ جان، هَٿِ نه ڇُتائِين

تي لائِقُ لَڌائِين، جي هو ميراثِي مَڱڻو. [2213]

سمجهاڻي: هو منگتو سڄي رات ڪوٽ جي ڀر ۾ اندر ويهي راجا جي سامهون ڳائيندو رهيو. راجا راضي ٿي مٿس ماڻڪن موتين جو مينهن وسائي ڇڏيو، پر هن ڪنهن شيءِ کي به هٿ نه لاتو. آخر هو خانداني (عالي نسب) منڱڻو هو، تنهن ڪري اڳيان (ڀاڳ ۾) راءِ ڏياچ جهڙو سخي لائق مليس.

3

چارَڻَ چَنگَ ٻَنگُ لَهِي، وَڄايو وِڏاڻُ

سِرُ تان هَڏِ آسانُ، پَرَ مڱڻهارُ مَٿي وَهي. [2214]

سمجهاڻي: هن (قابل ۽ هوشيار) خانداني ڳائڻي ساز جو سرگم لهي (واڄي جو پورو وجهه لهي) سُرندي جي تارن کي ملائي ان جي ڀرپور سُر کي ڇيڙيو. (تڏهن راجا کي ائين محسوس ٿيو) ان لاءِ سِرُ ڏيڻ ته سولو (گهٽ) آهي پر مڱڻهار اڃان مٿي ٿو سُر وڄائي (سندس سُر جو مان مٿانهون آهي).

4

چارَڻَ تُنهنجي چَنگ جو عَجَبُ آهِمِ اِيءُ

هَڻين اُڀو هَٿَنِ سِين جِئرو رکيو جِيءُ

راتِ منهنجو رِيءُ، ڪاٽيو تو ڪماچَ سِين. [2215]

سمجهاڻي: اي (منگتا) ڳائڻا، مون کي تنهنجي چنگ واري ساز  وڄائڻ تي ڏاڍو  اچرج ۽ عجب آهي. تون پاڻ انهيءَ ساز کي بيهي وڄائي رهيو آهين ۽ تنهنجو سِر سلامت آهي، يعني تون جيئرو جاڳندو  آهين، توکي ڪجهه نٿو  ٿئي.  هوڏانهن تو رات جو اهو ساز وڄائي منهنجي ساهه جي تار کي ڪپي وڌو آهي. (تو منهنجو سِر تن کان جُدا ڪري ڇڏيو آهي.)

5

ماڙِيءَ هيٺِ مَلُوڪَ جي چارَڻَ چورِئو چَنگُ

مِرُو پِئا اُت مامَري، رِيڌا پَسِي رَنگُ

ٻِيجَلَ لَڌو ٻَنگُ، راجا تي راضي ٿِئو. [2216]

سمجهاڻي: راجا جي محلات هيٺان بيهي چارڻ چنگ جي ساز کي اهڙو ته ڀرپور طريقي سان وڄايو جو جهنگ جا جانور به ان لئي تي مست ٿي پيا ۽ هنن تي پڻ ساڳيو رنگ چڙهي ويو. ٻيجل کي اهو اهڙو موقعو يا وجهه ملي ويو جو راجا کي راضي ڪري ورتائين. (راجا دل و جان سان سِر ڏيڻ لاءِ راضي ٿي ويو.)

6

ماڙِيءَ هيٺِ مَلُوڪَ جي، ڪا جا ڪِيائين ڪُوڪَ

راجا رَنگَ مَحَلَ ۾، هَنڌِ هَنڌِ پيئِي هُوڪَ

’مَٿو ڏي مَلُوڪَ، ته ڏيهه کي آءٌ ڏيکارِيان.‘ [2217]

سمجهاڻي:  (ٻيجل) محل جي اندر بيهي چنگ تي اهڙي دردناڪ دانهن (هاڪار) ڪئي جو راجا جو رنگ محل ته ڇا پر اها جهرجهنگ ۾ جتي ڪٿي وڃي پهتي (بلڪه سڄي جهونا ڳڙهه) ۾ ٻيجل جي اها ئي صدا پئي آئي. ’اي راجا، مون کي تنهنجو مٿو گهرجي، اهو ڏان ۾ ڏي ته وڃي ڏيهه کي ڏيکاريان‘ (تنهنجي سخا جا ڳُڻ ڳايان).

7

ڪَنجهي ڪِيرَتِ ڪِينَرو، واڄو وِلاتِي

هَنئِي تَندُ حُضُورَ ۾ تِنہِ پارَسِ پيراتِي

سُڻيدِهِين سُلطانَ کي ظاهر ٿِئو ذاتِي

ڪَڍِي تِنہِ ڪاتِي، وِڌو ڪَرَٽُ ڪَپَارَ ۾. [2218]

سمجهاڻي: هن منگتي جو ثنا ۽ صفت ڪرڻ وارو ڪنجهي مان ٺهيل ڪينري جو ساز نهايت عجيب ۽ قيمتي هو (الاهي اسرار وارو هو). هن املهه راڳيءَ بادشاهه جي حضور ۾ دل و جان سان سُر تال ۾ هر لحاظ کان پوري اهڙي (مدهوش ڪندڙ) تان هنئي (واڄو ڪيو) جنهن سان ٻُڌندي ئي بادشاهه کي ’ذات جو ظهور‘ (ذات الاهيءَ جو جلوو) ٿيو (يعني ذات صفات کان جدا ناهي. گويا ٻيجل الاهي ذات سان صفات جي وصال جو وسيلو بنجي آيو). انهيءَ مهل منگتي چيلهه سان ٻَڌل ڪاتي ڪڍي راجا جو ڪنڌ ڪپي ۽ ڪوري ورتو (سِر تن کان جدا ڪيو).

[مثنوي روميءَ ۾ هن مفهوم کي هن ريت بيان ڪيو ويو آهي:

آن کسي را کش چنين شاهي کشد،
سوئي تخت و بهترين جاهي کشد.

(دفتر اول، ب- 242)

معنيٰ: جنهن کي هو بادشاه پاڻ ڪهي ٿو، ان کي پوءِ تخت بخت ۽ وڏو مان مرتبو بخشي ٿو. ]

8

نِرِتي تَندُ نِيازَ سان ٻُرائِي ٻِيجَلَ

راجا رَتولنِ ۾ اُونائِي اَمُلَ

رازُ ڪَيائِين راوَ سِين موچارِيءَ مَحَلَ

”اَنا اَحمَدُ بِلا مِيم“، سَينَ هَنئِي سائِلَ

ڪِنہِ ڪِنہِ پيئِي ڪَلَ، ته هردوئِي هيڪُ ٿِئا. [2219]

سمجهاڻي: ٻيجل وڏي سرت ۽ سچائيءَ سان ساز جي تندن کي وڏيءَ چوٽ تي ويهي وڄايو. جڏهن راجا جي ڪنن تي ان املهه راڳ جو اهو پڙلاءُ پيو ته (سِرُ جي صدا) جو دل ئي دل ۾ وڏو قدر ڪيائين. راجا ان سڳوري ساعت ۾ هن کي محل ۾ گهرائي پنهنجيءَ دل جو راضپو ظاهر ڪيو.  سائل پنهنجي صدا کي دهرايو ته آءٌ ’احمد‘ ميم کان سواءِ (احد) آهيان. اها تمام گهٽ ماڻهن کي خبر پيئي ته اهي ٻيئي هڪ ٿي ويا (هتي پڻ ذات ۽ صفات جي هڪ ٿيڻ ڏانهن اشارو آهي).

9

نِرِتِي تَندُ نِيازَ سان ٻِيجَلَ ٻُرائِي

راجا رَتولَنِ ۾ وَرَنائِي وائِي

ڪوٺايائين ڪوٽَ ۾ ٻارِٽُ ٻاجهان ئِي

راجا راڳائِي، هَردوئِي هيڪُ ٿِئا. [2220]

سمجهاڻي: ٻيجل پوريءَ سُرت ۽ ساڃهه سان ساز جي لئي کي تمام مٿي کڻي وڏي آواز سان هم آهنگ ڪري وڄايو. راجا پنهنجي محلات ۾ اهو آواز (سِر جي صدا کي) ٻُڌي دل ئي دل ۾  ان صدا کي پورو ڪرڻ جو وچن ڪيو. تڏهن راجا وڏي محبت ۽ قرب مان ٻيجل کي پنهنجي ڪوٽ اندر قرب واري (خاص حاضريءَ ۾) سڏائي ورتو. بس پوءِ راجا ۽ اهو راڳيندڙ ٻيئي گڏجي هڪ ٿيا. (انهن جي وچ ۾ ڪو پردو نه رهيو).

[مثنوي روميءَ ۾ وحدت الوجود جي سمجهاڻي مخصوص انداز ۾ ملي ٿي. جيئن هن بيت ۾ اها ڏسڻ ۾ اچي ٿي:

نه دو باشد تا توي صورت پرست،
پيش او يک گشت کز صورت برست.

(دفتر اول، ب- 475)

معنيٰ: نه، اهي ٻه تيستائين آهن جيستائين تون صورت (صفات) جو غلام آهين. جڏهن تون صورت کان آجو ٿيندين ته اهي ٻيئي هڪ (ذات) آهن.]

10

اِي تانُ نه آهي تَندُ جو، ٿو رُون رُون ڪَري رازُ

هَڻَندَڙَ سَندا هَٿَڙا، سَڀُڪو چوي سازُ

سَٽَ ڏيئِي شهَبازُ، ٿِيءُ ته ٿوڪُ پرائِيين. [2221]

سمجهاڻي: اهو ساز واري تند (تار) جو تان (سرگم) نه آهي پر اهو اونهو راز يا ڳجهه آهي جيڪو پاڻ ٿو آواز ڪري (وڄائيندڙ جي ڪمال ڪاريگري آهي).  ٻاهر سڀ ڪوئي چوي ٿو ته ساز ٿو وڄي، پر حقيقت ۾ اهي وڄائڻ واري جا هٿڙا آهن جيڪي هو ساز تي هڻي ٿو. (ڪاريگري وڄائيندڙ جي آهي ۽ ساراهه به وڄائيندڙ کي جڳائي). شهباز وانگر وڏي قوت ۽ طاقت وارو ٿيءُ ته ٿوڪ (مقصد) پرائين يعني ته ڪا ڪم جي ۽ قيمتي شيءِ توکي هٿ اچي (ن.ب)

[’باز‘ ۽ ’شهباز‘ کي مثنوي روميءَ ۾ عارف جي تمثيل طور پيش ڪيو ويو آهي. هڪ هنڌ چوي ٿو:

چون در معني زني بازت کنند،
پر فکرت زن که شهبازت کنند.

(دفتر اول، ب- 2870)

معنيٰ: تون جڏهن معنيٰ (ذات) جو دروازو کڙڪائيندين ته توکي باز بنائيندا. تون اهڙي فڪر جا کنڀ هٿ ڪر ته شهباز ٿئين.

ٻئي هنڌ جڏهن هڪ باز چٻرن جي ويرانيءَ ۾ وڃي ڦاسي پوي ٿو ته چوي ٿو:

يک دمم با جعدها دمساز کرد،

از دم من جغدها ’باز‘ کرد.

در من آويزيدتا نازان شويد،

گرچه جغدانيد شهبازان شويد.

(دفتر دوم، ب- 411163)

معنيٰ: مون کي (اصلي بادشاهه) ٿوريءَ دير لاءِ چٻرن سان گڏ ڇڏي ڏنو آهي،ته جيئن هو منهنجي صحبت منجهان سبق پرائي ’باز‘ بنجي پون. توهان منهنجي ويجهو اچي ويهو ته توهان جو مان مٿي ٿئي. ڀلي توهان چٻرا هجو، پر توهان شهباز ٿي پوندؤ.]

11

ڪا جا تَندُ تُنبيرَ جِي سُتي سُئائِين

موٽِي مڱڻهارَ کي پَرِ ۾ پُڇيائِين:

’ڪ تون مَڱڻو مالَ جو، ڪِ سِرُ مَڱين سائين‘!

تان ڪَنڌَ ڏي ڪِئائِين، اِشارو آڱُر جو. [2222]

سمجهاڻي: راجا پنهنجي رنگ محل ۾ آرام ڪندي تنبوري جي ساز جي اهڙي (مدهوش ڪندڙ) وڄت ٻُڌي جو ڳائڻي کي اڪيلائيءَ (رازداريءَ واري انداز) ۾ ان کان پڇا ڪيائين ته اي منهنجا سائين، ڇا توکي ڌن دولت گهرجي يا تون منهنجو سِرُ گهرڻ وارو آهين. ان تي هن ڳائيندڙ آڱر کڻي سندس سِرُ ڏي اشارو ڪيو ته اهو گهرڻ آيو آهيان.

 

وائي

تو تان سانگُ نه ڪو، ماري مير وِڌُوءِ

هيڏو قهرُ ڪيوءِ

موليٰ جا مَڱڻا، هادِيءَ جا مڱڻا!

آيُون جو آسَ ڪَري، سو مَرُ پاندِ تُنهنجي پوءِ

جِمَ موٽايين مَڱڻو، اُڀِي خاتُون راڻِي چوءِ

ڏِنُئِي  نامَ اللهَ  جي،  سو  سِرُ سُڳنڌو هوءِ. [2223]

سمجهاڻي:  (سورٺ ٻيجل سان مخاطب آهي) تو ڪو لحاظ (خيال) نه ڪيو ۽ وڏي ۾ وڏي امير ۽ راجا کي ماري مات ڪيو. تو تمام وڏو ظلم ڪيو. اي مولا جا طالب، اي سچي راهه جا پانڌيئڙا، تون جيڪا دل ۾ اميد رکي هتي آيو آهين، تنهنجي اها آس ڀلي پوري ٿئي. راجا جي ڀرسان بيٺل راڻي (سورٺ) به ائين پيئي چوي ته متان منگتي کي خالي موٽائين! تو جيڪو سِرُ الله جي نالي ۾ ڏنو آهي سو سِرُ شل سرهو ٿئي!

 

داستان ٽئو

 

1

رِءَ مَصلِحتَ مَڱڻا قَصَرِ ڪِينَ اَچَنِ

نُورَ تَجَلِي نُورَ سِين، نَيو نيڻَ پَسَنِ

خيمي ۾ کَنگهارِ جي چانڊُوڻا چَمَڪَنِ

لَڌائِين لَطِيفُ چَئي سَندا ڏاڻَ ڏِسِينِ

تيلاهَ مُلڪَ ڌَڻِينِ، مڃئو مَڱڻهارَ کي. [2224]

سمجهاڻي: اهڙا وڏا منگتا ڪنهن خاص مقصد کان سواءِ شاهي محل ۾ ڪونه ٿا اچن. جڏهن الاهي نور واري تجلي ۽ ٻي ڏسندڙ سالڪ جي اکين جي روشني (نور)  واري تجلي ٻيئي گڏ ٿيون، تڏهن (سالڪ جي)  اکين کي ڏسڻ پسڻ (بينائي) جي قوت ملي. تڏهن شاهي محل ۾ شمعدانن جي روشني ئي روشني ٿي ويئي. عبداللطيف  چوي ٿو ته ان کان پوءِ هرهنڌ منڱڻي تڏهن چئني طرفن جا وڏا انعام اڪرام حاصل ڪيا. اهوئي سبب هو جو پوءِ هرهنڌ سڀني راجائن ۽ سردارن منڱڻي جي مان مرتبي ۽ عزت جو اعتراف ڪيو.

هن توڻي ايندڙ بيت ۾ رسول الله صلي الله عليه وسلم جي معراج واري واقعي ڏانهن واضح اشارو آهي.

[سالڪ سان الاهي نور واري تجليءَ جي باري ۾ رومي هڪ هنڌ وضاحت ڪندي چيو آهي:

هين نيم جنس شهنشهه دور از او،

ليک دارم در تجلي نور از او.

(دفتر دوم، ب- 2882)

معنيٰ: بيشڪ مان بادشاهه جو هم جنس ناهيان ۽ هن کان پري آهيان، ليڪن مون ۾ هن جي نور جي تجلي آهي.]

2

ڪوڙين آيا ڪيرتِيا، ڀَتو ڀَتين ڀانَ

جَنِ ڳَڙهان ٻَهَرِ ڳائِيو ظاهِرُ ساڻُ زِبانَ

هيءُ مَنجهِه پيٺو مَڱڻو اَپَرِ سِين احسانَ

’اَلتَحياتُ لِلهِ وَالصلواتُ والطِيبَاتُ‘، ساراهي سُبحانَ

جِهَڙو ڀَلو ڀانُ، تِهَڙا ڏانَ ڏياچَ جا. [2225]

سمجهاڻي: ڳاڻيٽي کان ٻاهر ڪيترائي ڳائڻ ۽ ساراهڻ وارا آيا، جن شاهي ڪوٽ جي ٻاهران بيهي ظاهر ظهور ڳايو ۽ وڄايو. پر هيءُ معتبر منڱڻو محل جي بلڪل اندر ايوان ۾ اچي پهتو جو مٿس مالڪ جي حد کان وڌيڪ مهرباني هئي. ’سڀ ساراهون هڪ الله لاءِ ۽ صلواتون ۽ مرحبائون آهن‘، ائين چئي هو مالڪ  جي ثنا پيو ڪري. بيشڪ جهڙو لائق ۽ ڀلي ۾ ڀلو اهو منڱڻو پاڻ هو، اهڙائي انعام اڪرام ۽ نوازشون مٿس مالڪ مهربان ڪيون.

[مثنوي روميءَ ۾ معراج جي پس منظر ۾ ’التحيات‘ جي باري ۾ هيءُ شعر ملي ٿو.

درتحيات و سلام صالحين،

مدح  جمله انبياآ مدعجين.

     (دفتر سوم، ب- 2122)

معنيٰ: التحيات ۾ (نبي پاڪ کان سواءِ) ٻين صالحن لاءِ پڻ سلام ۽ سڀني نبين جي ساراهه شامل آهي.]

3

سَهِسين آيا سورِٺِيا مانجِهي مَڻيادارَ

جَنِ ڳڙهان ٻَهَرِ ڳائِيو سَهجان سَڀِ ڄَمَارَ

تُنبيري جي تَندُ جي اُت پهرِين هُئي پَچَارَ:

”آءُ مَٿاهُون مَڱڻا چَڙهِي دَرَ دُئارَ“

توکي گهوٽَ گھُرائيو، خلوَتَ لاءِ کنگهارَ

”اَلسلامُ عَليڪَ اَيُهَا النَبِي“ اي کِلِي ڪِيائِين کِينڪارَ

سُئو ۾ سَنسَارَ، ته مُلڪُ ڏِنائِين مَڱڻِي. [2226]

سمجهاڻي: اتي سوين هزارين وڏا وڏا ڳائڻا ۽ ساراهڻ وارا آيا جيڪي پنهنجيءَ پر ۾ وڏي رتبي  ۽ وڏي ذوق وارا هئا، پر انهن جي سڄي عمر شاهي ڪوٽ جي ٻاهران ڳائيندي گذري ويئي. هنن وٽ تنبوري واري هن منڱڻي جي اڳ ۾ خبر هُليل هئي، جو اهو اعلان ٿيو ته ’اي منڱڻا تون مٿي محل جا سڀ در دروازا ٽپي اندر گهڙي اچ، اي سهڻا گهوٽ توکي نويڪلي رهاڻ لاءِ بادشاهه ياد ڪيو آهي. هنن ’اي نبي تو تي سلام‘ چئي سندس مرحبا ڪئي. ان سان گڏ سڄي جهان ۾ اهو غوغاءُ ڦهلجي ويو ته منڱڻي کي سمورو جڳ جهان سپرد ڪيو ويو (هن بيت ۾ معراج وارو واقعو تمثيلي طور بيان ڪيل آهي).

4

آءُ مَٿاهُون مَڱڻا، چَڙهِي ۾ چَوڏولَ

توکي گهوٽ گهُرائِيو راجا مَنجهه رَتولَ

ٻِيجَلَ تو سِين ٻولَ، وِهاڻِيءَ وَڍڻَ جا. [2227]

سمجهاڻي: اي مـنڱڻا (معزز  مهمان) تون مٿي محل ۾ ڏوليءَ (ڇپرکٽ) ۾ چڙهي اچ جو اي سهڻا جوان، توکي راجا پاڻ وٽ پنهنجي رنگ محل ۾ سڏايو آهي. اي منڱڻا، تو سان سِرُ وڍي ڏيڻ جو وعدو (راضي ڪرڻ جو اقرار) رات جي پوئين پهر جو آهي.

5

پائي پَٽ ڪَڻان، مون تان مُور نه مَنڱئو

تازِي طَبيلَنِ ۾ گهوڙا گهَرِ گهَڻان

هاٿيءَ ڪارَڻِ هيڪَڙي آءٌ ڪا تَندَ هَڻان

جا مٿي تو مَڻان، تِنہِ سِرَ جو آيُسِ سيڪڙو. [2228]

سمجهاڻي: مان اهڙو منگتو هرگز نه آهيان جيڪو ڪستي ۾ دان طور ان داڻا گهري وٺي (۽ ان تي گذر سفر ڪري). مون وٽ پاڻ گهر جي اصطبل ۾ گهڻائي قيمتي (عربي) گهوڙا بيٺل آهن. بلڪ آءٌ گهوڙا ته ڇڏيو، هاٿيءَ جي لالچ ۾ به ڪڏهن پنهنجي ساز جي تند چورڻ وارو نه آهيان (نه وڄايان). مان تنهنجي مٿي ۾ جيڪا مڻيا آهي (مان تنهنجي سِر جو قدردان آهيان) ان جو طالبو آهيان. (مون کي ٻي ڪا شيءِ نه گهرجي).

6

ٻيلي ٻيئي پارَ، مُون نيڻين گهڻو نِهارِيا

چوري رکيمِ چِتِ ۾ ڏِسينِ جا ڏاتارَ

هيءُ سِرُ توهان ڌارَ، ٻِيجي ڪِنہِ نه ٻولِيو. [2229]

سمجهاڻي: مون ٻيلي جا ٻيئي طرف (ٻيلو جتي سٻڙ سخي جي سخا مشهور هئي) پنهنجي  منهن گهڻي جاچ جوچ ڪئي آهي، هيڏانهن هوڏانهن گهڻو نهاريو اٿم. سڀني پاسن جي وڏن نالي وارن سخي مردن  جي دل وجان سان تلاش ڪئي، پر مون سان تو کان سواءِ سِرُ جي قربانيءَ (سر ڏيڻ جي روايت) جو ٻئي ڪنهن به قول ڪو نه ڪيو.

7

جاجِڪَ تو جُهَارُ، ڏَههَ ڀيرا ڏِياچُ ڏي

جِنہِ ۾ مالُ نه مِريءَ جيتَرو، تِنہِ تون ۾ طمَعَدارُ

جي اَچي ڪَمُ ڪَپَارُ، ته وِيهه ڀيرا وڍي ڏِيَئِين. [2230]

سمجهاڻي: اي منگتا، اي چارڻ، ڏياچ جهڙو راجا توکي ڏهه ڀيرا ڇا بلڪه ان کان وڌيڪ تنهنجي ساراهه ڪري ۽ شاباس ڏئي ٿو (اها شاباس ميار جي زمري ۾ ڏنل آهي)، ڇو جو تو اهڙي سِر جي طلب ڪئي آهي، جنهن سان بظاهر هڪ ننڍڙي مرچ يعني ذري جيترو مال به توکي ڪونه ملندو. سو جيڪڏهن توکي منهنجي مٿي جو خالي هڏو يعني مٿو گهرجي ٿو ته آءٌ هڪ دفعو ڇا ويهه ڀيرا وڍي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان!

[مثنوي روميءَ ۾ مرشد جي هٿ تي سِرُ قربان ڪرڻ جو خيال هن طرح بيان ڪيو ويو آهي:

گر يکي  را  سر ببرد از  بدن،

صد هزاران سر برآرد در زمن.

            (دفتر اول)

معنيٰ: جيڪڏهن هو ڪنهن جي بدن تان هڪ سِرُ ڪاٽي ٿو  ته ان جي بدلي ۾ ساڳيءَ گهڙي لکين سرن سان نوازي ٿو.]

8

جو تو ’ڏِيَڻُ‘ ڏِياچَ ڀانئيو، اِيئن سِرُ سَڀُڪو ڏي

ڪِين نانِہ جِهَڙو ني، جو سَندَ ٿِيين سُوالِيين. [2231]

سمجهاڻي: اي راءِ ڏياچ، جيئن تون سمجهين ٿو ائين ته سڀڪو سِرُ ڏئي ٿو. (تون اڃان ڪجهه وڌيڪ ڪر) اهو هي ته تون ’نانهه‘ يعني ’نيستي‘ ۽ نابوديءَ واري عمل سان اڳتي وڌ، تڏهن تنهنجي اها ’نيستي‘ سوالين لاءِ سَند بنجي ويندي.  (تصوف جي مفهوم مطابق معنيٰ ٿيندي ته ’تون پاڻ کي جيئري فنا ڪر، مرڻ کان اڳ پاڻ کي مار، ’موتوا قبل ان تموتوا‘-  ن.ب)

[مثنويءَ ۾ سارنگي نواز جي آکاڻيءَ هيٺ اهڙي نيستيءَ جي نشاندهي هن ريت ڪئي ويئي آهي:

اندروني کاندرونها مست ازوست،

نيستي کين هستها مان ازوست.

(دفتر اول، ب- 2080)

معنيٰ: اوليائن جي اندر (جي نغمن) سان اسان جا اندر مست آهن. اهي اهڙا ’فاني‘ ۽ ’نيست‘ آهن، جن جي ڪري اسان باقي ۽ موجود آهيون.]

9

’ڏِيَڻُ‘ گهَڻو ڏُهلو، سِسِي ڏِيَڻُ سُکُ

سو تان ڏِياچَ ڏُکُ، جو تَعلقُ رکي تَندُ سِين. [2232]

سمجهاڻي:  (راءِ ڏياچ ٿو چوي) هر ويل ۽ هر ڏينهن سڄي عمر جو نقد ناڻو ۽ مال متاع ڏيڻ ڏکيو ڪم آهي، پر هڪ ئي ڀيرو سِسي ڏيڻ سکيو سولو ڪم آهي. خاص طور اهو جيڪو ساز جي تند تنوار سان تعلق ٿو رکي يعني تند جي تار تنوار وري وري پيئي سِر وڍي- سو اهو ڏکئي ۾ ڏکيو ڪم آهي. (ن.ب)

10

جو تَعَلُقُ رَکي تَندُ سِين سو ڪِين پَلئه پاءِ

مُون کي مَ موٽاءِ، آءٌ اَڳاهُون آئِيو. [2233]

سمجهاڻي:  (منگتو ٿو چوي) منهنجي سوال جو واسطو تند سان آهي يعني  تند جي سُر ۽ وڄت ۾ جنهن شيءِ جي گهر ڪيل آهي، اهو تنهنجو سِر آهي، اهو مون کي بخشي ڇڏ. مون کي هٿين خالي نه موٽاءِ، جو آءٌ هتي تو وٽ گهڻو وقت اڳ آيل آهيان (مون کي گهڻي دير ٿي ويئي آهي).

11

مون ڳُجههُ پَنهنجِي ڳُجهَه سِين رِندَ رَساڻِي لاهِ

اَجَلُ اُڀو آهِ، پُٺِيءَ تو پَلاڻِيو. [2234]

سمجهاڻي:  (ٻيجل ٿو راءِ ڏياچ کي چوي)  منهنجو ڳجهه  (ته توکان سِر گهران) پنهنجي ڳجهه سان (ته سُرڏيان) ملائي سِرُ وڍي لاهه. قضا يعني موت تنهنجي مٿان تيار ٿيو بيٺو آهي.

12

مَٿو مُورِ نه پاڙِيان، تُنهنجِيءَ تَندُ تَوارَ

سِرَ ۾ سَڄَڻَ ناهِ ڪِين، موٽُ مَ مڱڻهارَ

ڪِينهِين مَنجِهه ڪَپارَ، لَڄِيندو ٿو لاهِيان. [2235]

سمجهاڻي:  (راءِ ڏياچ ٿو ٻيجل کي چوي) مان پنهنجو سِر تنهنجي تند جي تنوار سان هرگز برابر نٿو ڪريان.  (تنهنجي اها تنوار ملهه ۾ مٿي آهي). منهنجي سِر ۾ ڪجهه ناهي رکيو. اي منڱڻا، تون خالي هٿين نه وڃ. (تون رنج ٿي نه موٽ).

[مثنوي روميءَ ۾ مرشد جي حوالي سان اهو خيال هن طرح ملي ٿو.:

پيش من اين تن  ندارد  قيمتي،

بي تن خو يشم فتيٰ ابن الفتيٰ

                    (دفتر اول، ب 3943)

معنيٰ: مون لاءِ هن ظاهري جسم (سِر) جي ڪا قيمت ڪانهي، مان بغير جسم (سِر) جي جوان مرد، بلڪ جوان جو پٽ آهيان.]

13

جِيءُ مڱڻا هوءِ، جو تو مَٿي سِرِ سَٺو ڪيو

جو مُلِ مون نه سَپِجي، تان جي سو گهُريوءِ

ته جُڳان جُڳِ ڏِنوءِ، ڏُنگهو ڏاتارن کي. [2236]

سمجهاڻي: اي منڱڻا، توکي جيءُ ٿو چوان ۽ توکي جَسُ هجي جو تون منهنجي فقط ’سِرُ‘گهرڻ تي رضامند ٿيو آهين. (جيڪو مون وٽ آهي)، پر جيڪڏهن  تون اهو ڪجهه گهرين ها جيڪو مون وٽ هجي ئي نه ها، ته هوند سخين جي مٿان هميشه لاءِ طعنو اچي وڃي ها، ٽِڪو  لڳي وڃي ها (ته تنهنجو اهو عرض ڪنهن نه اگهايو!)

14

مَٿو مَٿائِين گهورِيَان، مَٿو تو مَٿاءِ

سو مون ٿِئي نه هَٿاءِ، جِنہِ تون لائِقُ مَڱڻا. [2237]

سمجهاڻي: مان پنهنجو مٿو (تِڇ سمجهي) تو مٿان گهوري ٿو ڇڏيان(جيتوڻيڪ تون اڃان به گهڻي انعام اڪرام جي لائق آهين). تون جنهن انعام جي لائق آهين سو منهنجي وس کان مٿي آهي.

15

چارَڻَ ٻولِجِ ڪِين ٻِئو، گهُريوءِ سو گهوريان

ڳڙههُ سورَٺِ ئِي نه پَڙي، جي تَندُنِ سان توريان

ڳُجِهي آهِمِ ڳالهَڙِي، آءُ اوري تان اوريان

ڪُلهَنِئون ڪورِيان، ڪِ جاجِڪَ جُسي سِين ڏِيَئين؟ [2238]

سمجهاڻي: اي منڱڻا، تو جيڪي گهريو سو سِر مون توکي ڏئي ڇڏيو، هاڻي ان کان سواءِ ٻيو جيڪي گهرجي، سو ٻڌاءِ.  سورٺ جو ڳڙهه ( گاديءَ وارو قلعو يعني جهونا ڳڙهه) به تنهنجي تندن جي وڄت سان تور ۾ پورو نٿو بيهي سگهي. اها تمام وڏي ڳجهه يعني رمز واري ڳالهه آهي. تون نزديڪ اچ ته توکان معلوم ڪريان ته ڇا فقط ڪلهن کان مٿان سِر ڪوري ڏيان يا سمورو جسم ڌڙ سوڌو تنهنجي حوالي ڪريان!

16

پَسي پاٺُ پُرِ ٿِئو، سَندو جادَمَ جُودُ:

’مَنگَ وِهاڻِي مَڱڻَا، هيرَ مَٿو موجُودُ

بَلڪِ آهي بُودُ، ناقصِي نابُودَ ۾.‘ [2239]

سمجهاڻي: اهو منگتو جادم جهڙي سخي مرد راءِ ڏياچ جي سخا اکين سان ڏسي خوشيءَ ۾ ڀرجي ويو. (راءِ ڏياچ اوڏيءَ مهل کيس چيو) اي منڱڻا، ٻيو سڀ ڪجهه (نقد ناڻو ۽ مال) ورهائجي ويو آهي، هن وقت فقط مٿو ئي باقي بچيل آهي (يعني ٻيو مال موڙي سوالين جي حوالي ٿي ويو آهي). گويا ڪجهه به نه هجڻ واري حالت آهي، پر انهيءَ نيستيءَ ۾ ئي هستي آهي.

[هن بيت جي پوئين سٽ ۾ آيل خيال سڌو سنئون مثنوي روميءَ مان ورتل آهي، جنهن مان شاهه عبداللطيف جي فڪر تي روميءَ جو گهڻي ۾ گهڻو اثر ظاهر ٿئي ٿو:

من کسي در نا کسي دريافتم،
پس کسي  در  نا  کسي در بافتم.

(دفتر اول، ب- 1835)

معنيٰ: مون هستي (بود) کي نيستي (نابوديءَ) ۾ ڏٺو. انهيءَ ڪري هستي نيستيءَ ۾ (بقا فنا ۾) ويڙهيل آهي. ]

 

وائي

مٿو ۾ کينڪارَ يارَ، ڏانَ ڏيندوسَئِين مَڱڻا

مُون مَن آهي موهِيو، تُنبي جِي تَوارَ

ٻِيجي ڪِنہ نه ٻولِيو، هيءَ سر تو هان ڌار

لَڄيندو ٿو لاهيان، ڪِينهي منجهه ڪَپارَ

مَڇُڻُ موٽِي ڪا ڪريين گِلا جي گُفتارَ

ڪُل نَفس ذائِقَةُ الموتَ، پَرُوڙِ اي پَچارَ. [2240]

سمجهاڻي: اي يار، اي منڱڻا، مان فقط تنهنجي آڌرڀاءُ ۾ ئي پنهنجو سِر تنهنجي حوالي ڪندس، باقي ٻيون نوازشون ۽ انعام الڳ آهن. منهنجي دل تنهنجي تنبوري جي وڄت تي عاشق ٿي پيئي آهي. مون پنهنجو هي سِر توکان سواءِ ٻئي ڪنهن کي ڏيڻ قبول نه ڪيو آهي. منهنجي مٿي ۾ ڇا رکيو آهي (ڪجهه نه لهي)، سوَ شرمسار ٿيندي لاهي تو آڏو ٿو رکان. تون مون وٽان موٽي وڃي متان ڪا گلا ۽ گهٽ وڌائي ڪرين. بيشڪ هر نفس موت جو ذائقو چکندو (سياڻو ٿيءُ) اها سچي ڳالهه سمجهه.

 

داستان چوٿون

 

1

سَردِيءَ سالِمُ نه رَهان، گرِميءَ ٿيان گُدازُ:

اَمُنُ ڏيجِ اَمانُ تون، سائِلُ هَڻي سازُ

رَبابِيءَ کي رازُ، خالِصُ ڏيجِ خَلِيلَ جو. [2241]

سمجهاڻي: آءٌ سرديءَ ۾ تندرست توانو نٿو رهان ۽ گرميءَ ۾ وري بي حال ۽ پريشان ٿي وڃان ٿو.(منهنجو ڪو حال ڪونهي)  تون مون کي پناهه ڏي ۽ سلامتيءَ ۾ رک. باقي منهنجو ڪم سوالي بنجي ساز تي صدا هڻڻ آهي. (اي مالڪ) هن رباب جي ساز وڄائيندڙ کي پنهنجي خاص دوست  (حضرت ابراهيم خليل الله) وارو راز نصيب ڪر (جنهن الله جي حڪم هيٺ پنهنجي فرزند حضرت اسماعيل کي قربان ڪرڻ جو پڪو عزم ڪيو هو) .

[هن بيت ۾ خالص راز جو اشارو مثنويءَ ۾ ’ابوبڪر ربابيءَ‘ ڏانهن ٿي سگهي ٿو:

شاه ز آن اسرار واقف آ مده،

همچو بوبکر ربابي تن ز ده.

        (دفتر دوم، ب- 1573)

معنيٰ: بادشاهه جڏهن ان راز کان واقف ٿيو ته ابوبڪر ربابيءَ وانگر بلڪل خاموش ٿي ويو. ابوبڪر ربابيءَ لاءِ چيو وڃي ٿو ته هواصل ۾ ڳائڻو هو، پر خدا جو لڪل ولي يعني دوست هو. چون ٿا ته هن پورا ست سال ڪجهه نه ڳالهايو، جڏهن ڪو کيس ڇيڙيندو هو ته ان جي جواب ۾ زمين تي لٺيون هڻندو هو.]

2

سَردِيءَ سالِمُ نه رَهان، ڪوسِي سَهان ڪانه

اَمُنُ ڏيجِ اَمان تون دُورِ ڪَري ٻِئا دانَ

پانڊَپَ کائِي پانَ، وجهِجِ پِڪَ پينارَ تي. [2242]

سمجهاڻي: آءٌ سرديءَ جي سَٽ سهي نٿو سگهان ۽ گرمي مون کان برداشت ڪانه ٿي ٿئي. مون کي پهرين امن ۽ سلامتي بخش، ٻيا انعام ۽ نوازشون پوءِ ڪج. اي ڀلارا ۽ ڳڻن وارا، مون محتاج تي پنهنجي پاڻ واري پڪ وجهه ۽ مهر واري نظر ڪر.

3

مَرُ ته آئين مَڱڻا، مامَ پَرُوڙي مُون

جيڪا ڳاهَ ڳالهائِيين، سا سَڀِ سَمجهيسُون

تِنہِ تي تُسجِ تون، جيڪِين پوئي پَٽَ ۾. [2243]

سمجهاڻي: اي منڱڻا، تون ڀلي ڪري آئين جو مون ان ڳجهي ڳالهه ۽ راز کي (سِر ڏيڻ واري صدا) سمجهي ورتو آهي. مون کي اها راز واري ڳالهه سموري سمجهه ۾ اچي چڪي آهي. هاڻي تون انهيءَ راز تي راضي رهجانءِ، جيڪي ڪجهه تنهنجي خيرات وٺڻ واري ٿالهه يا ٿانءُ ۾ پوي (منهنجي سِر وٺڻ تي راضي ٿجانءِ)

4

تَندُ تُمهارِي تانُ، ڪَهيو سو قَبُولُ پِئَو

سِرُ تان آهي سَٽَ ۾، ٻِئو ڪِين مَڱجِ ڏانُ

خاڪَ مِٽيءَ ڪا بانُ، ڪاٽِئان پوءِ ڪُجههُ نَهِين. [2244]

سمجهاڻي:  (اي منڱڻا) تنهنجي ساز وڄت ۽ آواز جيڪو پيغام ڏنو (جيڪو سوال ڪيو)، سو اسان قبول ڪيو. هيءُ (ظاهري) سِر اسان تنهنجي حوالي ڪيو، باقي ٻيو جيڪي گهرڻو اٿئي ته گهر. هيءُ جسم ته مٽيءَ ۽ خاڪ جو خالي بوتو آهي، جيڪو هڪ دفعو ڪٽجي ويو ته ڪنهن ڪم جو ناهي!

5

ڏَهئِي سَڄِيُون ڏَهَه سِسيُون جي مٿي هُيُون مان

وَڍي نام الله جي هُوندِ ڏِهاڙي ڏيان

پر اِنهِينءَ لَڄَ مَران، جئن ڌَڙَ مٿي سِرُ هيڪَڙو. [2245]

سمجهاڻي: جيڪڏهن منهنجي جسم يا ڌڙ جي مٿان هڪ جي بجاءِ ڏهه سڄيون سالم سسيون (ڏهه سِرَ) هجن ها، ته الله جي نالي ۾ هر روز هڪ سسي وڍي ڏيان ها. پر مان پاڻ شرمسار آهيان ته منهنجي جسم تي فقط هڪ سِرُ آهي!

[مثنوي روميءَ ۾ هڪ قربانيءَ جي عيوض ڏهه عيوض ملڻ جي ڳالهه هن ريت آهي.

هر يکي جان  را ستاند  ده دها،

از نبي خوان عشر امثالها.

             (دفتر سوم ، ب- 3837)

معنيٰ: هڪ جان جي قربانيءَ سان ڏهه عيوض ملن ٿا جيئن قرآن ۾ پڻ ان کي ڏهه ڀيرا ٻڌايو ويو آهي. ]

6

جي مَٿي اُتي مُنهنجي هُئا سِرَن سَوَ هَزارَ

ته تُنهنِجيءَ تَندُ تَوارَ، هَرَ هَرَ وَڍِيُمِ هيڪَڙو. [2246]

سمجهاڻي: جيڪڏهن منهنجي ڪلهن مٿان هڪ لک سِر به هجن ها ته جيڪر تنهنجي ساز جي تند وڄڻ سان (سِر جي صدا هڻڻ سان) اهي سڀ هڪ هڪ ڪري قربان ڪريان ها.

[مثنوي روميءَ ۾ پڻ عاشق جي قربانيءَ جي ڪا انتها ڪانهي:

اودو  صد جان   دار دا ز  جان  هديٰ،

وان دوصد را  مي  کند  هر دم  فدا.

(دفتر سوم ب 3835)

معنيٰ: هن (عاشق) کي خدا وٽان ٻه سؤ حياتيون مليون آهن. هو اهو سڀئي ٻه سو حياتون هڪ ئي لمحي ۾ (مرشد محبوب جي چوڻ تي) قربان ڪري ڇڏي ٿو. ]

7

مَٿي اُتي مُنهِنجي، جي ڪوڙين هُونِ ڪَپارَ

ته واري واري وَڍِيان سِسيءَ کي سَئو وارَ

ته پُڻ تَندُ تَوارَ، مُونهان مَٿاهِين مَڱڻا! [2247]

سمجهاڻي: جيڪڏهن منهنجي جسم تي ڪروڙين سِر به هجن ها ته هوند هر سِر کي سَوَ سَوَ ڀيرا وڍي به توکي پيش ڪريان ها. پر پوءِ به آءٌ سمجهان ٿو ته تنهنجي ساز جو آواز منهنجي انهن سڀني قربانين کان وڌيڪ ملهه وارو ۽ قيمتي آهي.

8

جان تَندُ بَرابَرِ تورِيَان سئو سِرَنِ پائي

اُٽَلَ اوڏاهِين ٿِئي جيڏانہَ ٻِيجَلُ ٻُرائي

سَکَڻو هَڏُ آهي، سِرَ ۾ سَڄَڻَ ناهِ ڪِين. [2248]

سمجهاڻي: جيڪڏهن هڪ پُڙ ۾ هڪ سؤ سِر رکيا وڃن ۽ ٻئي پاسي ساز جو اهو آواز هجي جيڪو ٻيجل جو آواز يا تنوار آهي، ته اهو پاسو وڌيڪ ڳرو ٿيندو. منهنجو سِر خالي هڏن جو ئي ته ٺهيل آهي. اي جانب، انهيءَ سِر ۾ ڪجهه به نه آهي، انهيءَ جي ڪابه قيمت نه آهي.

9

وَڍِ سِرُ، ٿيءُ سَرَهو، مَ ڪِين ڳاءِ مَ گهاءِ

جاجِڪَ تو مٿاءِ، مُلڪُ مِڙوئِي گهورِيان. [2249]

سمجهاڻي: اي منڱڻا، تون هاڻي ڀلي سِر وڍي خوش ٿي کڻي وڃ ۽ وڌيڪ نه ڳاءِ ۽

نڪي وڌيڪ گهاوَ ۽ زخم وجهه. اي ڳائيندڙ منگتا، سِر ته ڏيان ٿو پر ملڪ به تو مٿان ٿو گهوريان.

[محبوب (مرشد) جي هٿان ڪسجڻ روميءَ جو پسنديده موضوع آهي. هڪ هنڌ چوي ٿو:

جز بدست خود مبرم پا و سر،
که ازين دستم نه ازين دست دگر.

(دفتر چهارم ب 316)

معنيٰ: اي مهربان، تون پنهنجي هٿن سان منهنجو مٿو ۽ پير ڪاٽجانءِ، ڇو ته مان تنهنجي هٿان مرڻ گهران ٿو ۽ نه ٻئي ڪنهن جي هٿان.]

10

ٽيئِي پَرچئا پاڻَ ۾، تَندُ ڪَٽارو ڪَنڌُ:

”تِنہ جهوئِي ناهِ ڪِين جو تو چارڻ ڪِئو پَنڌُ

اِيءُ شُڪرُ اَلحَمدُ، جِئن مَٿو گهُريوءِ مَڱڻا.“ [2250]

سمجهاڻي: اهي ٽيئي يعني هڪ ساز جو آواز ٻيو ڪپڻ وارو ڪات ۽ ٽيون راءِ ڏياچ جو ڪنڌ، اهي سڀ همراز ۽ هڪ ٿي ويا(ذات ۽صفات جو هم آهنگ ٿيڻ) . (راءِ ڏياچ مڱڻي کي مخاطب ٿي چيو) پر تنهنجي هتي هلي اچڻ جو احسان سڀني کان وڌيڪ آهي. اي چارڻ، الله جو شڪر ۽ ساراهه ٿو ڪريان جو تو مون کان رڳو مٿو گهريو. (جيڪو مون وٽ آهي، ڏيئي  سگهان ٿو ۽ ڏيان ٿو، پر جي ڪا اهڙي شيءِ گهرين ها جيڪا مون وٽ نه هجي ها ته وڏو لاچار ٿي پوي ها. ن.ب)

[مثنويءَ ۾ ذات ۽ صفات جي وحدت يا ٻين لفظن ۾ تعنيات جي کڄي وڃڻ واري مفهوم کي ڪيترن ئي نمونن سان بيان ڪيو ويو آهي. هڪ هنڌ چوي ٿو:

هم تو شاه  هم تو لشکر  هم  تو بخت،

هم تو نيکو بخت  باشي  هم تو بخت.

(دفتر چهارم، ب- 1108)

معنيٰ: تڏهن تون پاڻ بادشاهه آهين، لشڪر آهين ۽ پنهنجي قسمت پاڻ آهين، تون ئي پاڻ نيڪ بخت به آهين ته پنهنجو بخت به پاڻ آهين.]

11

گُلُ ڇِنو گِرنارَ جو، پَٽَڻِ ٿِيُون پِٽِينِ

سَهسين سورَٺِ جِهَڙِيُون اُڀِيُون اوسارِينِ

چوٽو چارَڻَ هَٿَ ۾، سِرُ سينگارِيو ڏِينِ

ناريُون ناڏَ ڪَرِينِ، راجا راتِ رَمَ گيو. [2251]

سمجهاڻي: گرنار (مشهور جبل ۽ شهر) جو گل (راءِ ڏياچ) ڇڄي پيو يعني قربان ٿي ويو (پنهنجو سِر گهوري ويو). پَٽڻ واريون پيون روئين ۽پٽين (وڏا آلاپ ڪري پاڻ کي هٿ کڻي پيون مارين). سورٺ (راءِ ڏياچ جي راڻيءَ) جهڙيون سوين ناريون بيٺيون پار ڪڍي روئين ۽ رڙن. راءِ ڏياچ جو وارن وارو چوٽو سورٺ ۽ ٻيون سڀ راءِ ڏياچ جي وڍيل ڳچيءَ وارو رت اُگهي، منهن صاف ڪري، عطر ڇٽڪاري، سِر کي سهڻو سينگاري ٻيجل جي هٿ ۾ پيون ڏين (ته وٺ).  تڏهن سڀ گڏ ٿيل عورتون روڄ راڙو ڪري پيون چون ته راجا رات هلي رهيو! (اسان کان جدا ٿي ويو).

12

ڏاتارَ ۽ مَڱڻي ڪونه وَسِيلو وِتِ

سا ئي تَندُنِ تالَ جي، سا ئِي چارَڻَ چِتِ

جي هُتي جي هِتِ، ڳالههِ مِڙيائي هيڪَڙي. [2252]

سمجهاڻي: سخي داتا (راءِ ڏياچ) ۽ منگتي (ٻيجل) درميان ڪو پردو يا وٿي باقي نه رهي. تندن جي تال (وڄت، آواز) ۾ پڻ اها ساڳي ڳالهه هئي، جيڪا ڳائيندڙ (ٻيجل) جي دل ۾ هئي. (هن جي ساز مان ساڳيو ئي آواز نڪري رهيو هو). مطلب ته هرهنڌ راءِ ڏياچ توڻي ٻيجل جي ساز درميان هر قسم جي هم آهنگي هئي (ٻنهي جي دلين ۾ ساڳيو هڪ ٿيڻ وارو مقصد هو).

13

مِيين ۽ مَڱڻي ڪا جا ڳالههِ ڳُجهي

سا ٻايين دايين ٻانهِيين سوجهِي تان نه سُجهِي

پِيا وِيرَ وِماسَ ۾، عاقِلَ وِئا اُجهِي

ڪوڙيين جي ڪَريمَ ري ويئِي مَتِ مُنجِهي

هِڪُ ٻيجَلَ ٿي ٻُجهِي، ٻي خَبَرَ هُئِي کَنگهارَ کي [2253]

سمجهاڻي: راءِ ڏياچ ۽ ٻيجل جي وچ ۾ ڪو وڏو مخفي راز هو، جيڪو راڻين، ٻين عورتن ۽ ٻانهين کي سمجهه ۾ نه اچي سگهيو، نه آيو. اتي داناءَ ۽ عقل جا اڪابر به منجهي بيهي رهيا ۽ ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويا. قادر ڪريم  جي رهنمائيءَ کان سواءِ سڀني جي سمجهه جواب ڏيئي ويئي. (هو اهو راز لهي نه سگهيا). انهيءَ ڳجهه يا راز جي خبر هڪڙي اصلي مالڪ ۽ ڌڻيءَ کي هئي ۽ ٻي ان منگتي يا طالب کي هئي.

[سنڌ جي فقيرن درويشن توڻي سياڻن سگهڙن، ٻيجل جو مٿي ڪوٽ تي چڙهڻ ۽ راءِ ڏياچ جي حضور ۾ اچڻ واري تخيل مان (۽ صرف انهيءَ تخيل مان) نبي صلعم جو معراج تي وڃڻ ۽ حضور الاهي تائين پهچڻ واري تمثيل کي معنيٰ طور پئي ورهايو آهي. جيتوڻيڪ ٻين اهڃاڻن جي لحاظ سان اها تمثيل ناقص آهي. هن بيت ۾ انهيءَ تمثيل کان سواءِ به سڌي سهڻي معنيٰ موجود آهي. ن.ب]

14

ڪَنِي ڪَنِي ماڙهُوئين پيئِي ڪَلَ ڪائِي

رَسئا جي رَمزَ کي، تَنِ پارِسِي پائِي

’اِلانَسانُ سِري وَانَا سِرُهُ‘، وَرَتِي اِيءَ وائِي

راجا راڳائِي، هَر دوئي هيڪَ ٿئا. [2254]

سمجهاڻي: چند ماڻهن (عارفن) کي ان باري ۾ ٿوري گهڻي خبر پيئي ۽ صرف هو  اها ڳالهه سمجهي سگهيا. ’انسان منهنجو ڳجهه آهي ۽ مان هن جو ڳجهه آهيان‘، جي قول مان کين رهنمائي ملي. (تڏهن ان نتيجي تي پهتا) ته بيشڪ راجا ۽ راڳيندڙ آخر ٻيئي هڪ ٿي ويا.

[الانسان سري واناسره ڏانهن مثنوي روميءَ ۾ هن ريت اشارو ٿيل آهي، جڏهن هو هڪ درويش جي زباني هينئن چورائي ٿو:

کعبه هر چندي کي خانه بر اوست،
خلق من نيز خانهءِ سر اوست.

(دفتر دوم، ب- 2245)

معنيٰ: جيتوڻيڪ ڪعبو الله جي عبادت جو گهر آهي، پر منهنجو وجود به هن جي رازن جو گهر آهي. ]

وائي

اَلوداع وو اَلوداع! جانئان ڪِئَڙُئِي جُدا

وو سورَٺِيا ساري، معذورِ وئين ماري

اَلوداع، وو اَلوداعَ، وو اَلوِداع!

جانِي ڪَيڙَءِ جُدا، وو سورَٺِيا ساري

هَڻُ تون تَندُ طريقتَ جِي، ٻئا سڀ واڄَٽَ وساري

سورَٺَ سَرتِين وِچ ۾، اُڀِي اوساري:

هيءُ جو آيو مَنگتو سو متارا ماري

دوسَ  دوسنِئُون  دُورِ  ڪَري،  ڏَيا  ڏيکاري. [2255]

سمجهاڻي:  (راءِ ڏياچ جي زباني چيل آهي) مون کي موڪل ڏيو، هاڻي منهنجي موڪلاڻي، توهان سڀني کان موڪلايان ٿو. تو مون کي پنهنجي جانب کان جدا ڪري ڇڏيو، اي ڳائڻا، تون ٻيا سڀ سُر وساري طريقت ۽ معرفت جي ڳالهه ڪر. جانب، تو هن ضعيف ۽ هيڻيءَ کي ماري ڇڏيو. بس هاڻي موڪلاڻي آهي، موڪلاڻي، فقط موڪلاڻي!  تو مون کان محبوب ڇني ڌار ڪري ڇڏيو.  هاڻي ٻيا سڀ سُر وساري ڇڏ، رڳو طريقت (معرفت) جي صدا هڻ.

سورٺ پنهنجي سرتين جي وچ ۾ بيٺي پار ڪڍي  پيئي چوي: هيءُ منگتو (عزرائيل؟) محبت جي متوالن کي ئي ماري ٿو ۽ دوستن کي دوستن کان دور ڪري پنهنجي حشمت ۽ زور ٿو ڏيکاري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org