سيڪشن: لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب:

صفحو:31 

وائي

مُون کي ڇَڏ مَ ڇَپَرِين، اي عاقِلَ پُنهون اَتورَ

ڇَپَرُ کَٿُورِي ٿِئو، ٻِي تازي ڦُلنِ ڦورَ

وَڻَ مِڙيئي واسِيا، لائِي ڪُنگوءِ ڪورَ

پَرچِئي  ڄامَ  پُنهونءَ  جي،  هِنيَڙي  لَٿا هورَ. [1393]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) اي منهنجا املهه ۽ سياڻا سپرين! مون کي جبلن ۾ رولي نه وڃ. هاڻي جبل ۾ وڻن ٽڻن ۽ گُلن ڦُلن جي تازي خوشبوءِ ڦهلجي ويئي آهي ۽ لئي جي وڻ جا ڳاڙها گُل به ٽڙي پيا آهن. وڻن مان جتان ڪٿان اها خوشبوءِ پيئي اچي. پنهونءَ ڄام جي راضي ٿيڻ سان منهنجي دل تان سڀ پريشانيون ۽ غم لهي ويا آهن.

 

داستان چوٿون

1

مَرِي جِيءُ ته ماڻِيين جانِبَ جو جَمالُ

ٿِيين هُوندَ حَلالُ، جي پَندِ اِهائِي پارِيين. [1394]

سمجهاڻي:  (اي سسئي) تون موت کان اڳ ۾ مري. (نفساني خواهشون) ختم ڪري، پوءِ تون (حقيقي معنيٰ ۾) زندهه رهه ۽ جي ڏيکار. تون تڏهن (صرف ان حالت ۾) محبوب جي حسن جو جلوو پسي سگهندينءَ. جڏهن تون ان نصيحت تي پورو هلندينءَ، تڏهن تنهنجو جيئڻ صاف ۽ سجايو ٿيندو.

[هن توڻي ايندڙ بيتن ۾ صوفين جي مشهور مقولي ’موتوا قبل ان تموتوا‘ يعني مرو ان کان اڳ جو اوهين طبعي موت وگهي مرو، وارو فڪر سمايل آهي. ’مرڻ کان اڳ مرڻ‘ مان مراد انهن سڀني نفساني خواهشن جو خاتمو آهي جيڪي سلوڪ جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن. صوفي ان ڪيفيت کي فنا جو نالو به ڏين ٿا، ٻين سڀني صوفين جي مقابلي ۾ روميءَ وٽ اهو فڪر گهڻو ڇانيل نظر اچي ٿو.

سر ’موتوا قبل موت‘ اين بود،

کز بس   مردن  غنيمتها   رسد.

                 (دفتر ششم، ب- 3837)

معنيٰ: مرڻ کان پهرين مرڻ جو اهو راز آهي ته انهيءَ قسم جي مرڻ (فنا) بعد ڪيتريون ئي نعمتون غنيمت ٿي ملن ٿيون.

هڪ ٻيو بيت هن طرح آهي.

مرگ بي مرگي بود مارا حلال،

برگ  بي  برگي  بود  مارا نوال.

 (دفتر اول، ب- 3927)

معنيٰ: موت (طبعي) کان سواءِ موت اسان لاءِ حلال آهي ۽ بي سرو ساماني اسان لاءِ انعام (جياپو) آهي.]

2

مَرُ ته مِڙِين سَسُئِي، اَجَلان اَڳي اڄُ

جان ڪِين هُئين جِيَرِي، مُنڌَ ڀَنڀوران ڀَڄُ

پُنهونءَ ساڻُ پَهڄُ، ته مَلَڪُ الموَتِ مارِيين. [1395]

سمجهاڻي: اي سسئي! تون جيڪڏهن اڄ مري پوين ته پنهنجي اجل (حقيقي موت) کان اڳ ۾ وڃي دوست سان ملندينءَ. اي سسئي! جيستائين تون جيئري آهين ته ڀنڀور (هن جهان) کان ڀڄي پاسو ڪر. تون پنهنجي پرين پنهونءَ کي راضي ڪر ۽ اُن سان وفاداري ڪر ته تون پاڻ موت جي فرشتي کي ماري وجهندينءَ.

[رومي مثنويءَ ۾ ان ڳالهه کي واضح ڪري ٿو ته ان مرڻ مان مراد طبعي موت ناهي، بلڪه اها سالڪ ۾ خاص قسم جي ڪيفيت جو اڀرڻ آهي، جنهن سان ذات حقيقيءَ جو قرب حاصل ٿئي ٿو.

ني چنان مرگي که درگوري روي،

مرگ تبديلي که  در  نوري  شوي.

    (دفتر ششم، ب-  739)

معنيٰ: اهو موت نه جنهن سان تون قبر ۾ هليو وڃين، بلڪه تبديليءَ وارو اهو موت، جنهن سان تون نور وارن مان ٿي پوين.]

3

مَرُ ته مِڙِين سَسُئِي، جِيَڻُ آڏو جَتَ

هارِي ڪَرِ هِمَتَ، ته ڏيئِي دَمُ دوستُ لَهِين. [1396]

سمجهاڻي: اي سسئي! تون (مرڻ کان اڳ وارو) موت قبول ڪر ته پنهونءَ وٽ پهچين. اصل حياتي محبوب وٽ جيئڻ ۾ آهي. اي نادان! همت ڪر ته جيئن جان قربان ڪري دوست کي حاصل ڪرين.

[مرڻ کان اڳ مرڻ صوفين جو خاص اصطلاح آهي، مثنوي روميءَ ۾ پڻ هيءَ موضوع تمام گهڻو بحث هيٺ آيل آهي، جيئن مٿي ذڪر ٿي چڪو.

مرده است از خود، شده زنده به رب،

ز آن بود اسرار حقش در دو لب.

(دفتر سوم، ب-3364)

معنيٰ: هو پنهنجو پاڻ کان فنا ٿي چڪو آهي ۽ رب جي ذات سان باقي يا جيئرو آهي، تڏهن ته سندس زبان تي الاهي رازن واريون ڳالهيون آهن.].

4

مَرُ ته مِڙِين سَسُئِي، جِيَڻَ اوڏو جَتُ

پاڻِي هارِ مَ پَڌَرو، روءِ مَنجهيئِي رَتُ

صَبُرُ وَڏو سَتُ، سِگهو ميڙي سُپرِين. [1397]

سمجهاڻي: اي سسئي! تون (مرڻ کان اڳ) مري ڏيکار، (ڇو ته) حقيقي زندگي ان حقيقي محبوب جي حاضري واري آهي. اکين مان ظاهري پاڻيءَ جا لڙڪ نه هار، بلڪه تون پنهنجي اندر ۾ رت جا ڳوڙها ڳاڙ، صبر وڏي سچائي ۽ طاقت آهي، اهوئي توکي پرينءَ سان ملائيندو.

5

مَرُ ته مِڙِين سَسُئِي، ويهِي جِيءُ مَ جوءِ

مُنڌَ مَرڻان پوءِ، پَهُچَندِينءَ پُنهونءَ کي. [1398]

سمجهاڻي: اي سسئي! تون پاڻ کي مار (نفساني خواهشون ختم ڪر)، تون غفلت واري حياتي نه گذار، تون انهيءَ مرڻ (نفس کي مارڻ) کان پوءِ ئي پنهونءَ وٽ پهچي سگهين ٿي.

[هتي مثنوي روميءَ جو هيءُ شعر ڏسو:

بهر روزي مرگ  اين  دم  مرده باش،

تا شوي با عشق سرمد خواجه تاش.

(دفتر سوم، ب- 3760)

معنيٰ: مرڻ جي ڏينهن کان اڳ هاڻي ئي مري ڏيکار، تڏهن توکي دائمي عشق جو ساٿ نصيب ٿيندو.]

6

اَجَلان اَڳي سَسُئِي، مُنڌَ جِيرِيائِي مَرُ

ٽولِيان تِنہِ مَ ٽَرُ، جِنہِ رُوحَ وِڃايا راهَ ۾. [1399]

سمجهاڻي: اي سسئي! تون اصلي موت اچڻ کان اڳي جيئري ئي فنا ٿي ڏيکار. سڄڻن جي ساٿ کان پري نه وڃجانءِ يا جدا نه ٿجانءِ، جن (حقيقي محبوب واري) راهه ۾ هلندي پنهنجا پساهه پورا ڪيا.

[مثنوي روميءَ ۾ هن مطلب وارو هيءُ شعر ڏسو:

مرگ کزوي جمله اندر و حشتند،

مي کنند اين قوم بروي ريشخند.

(دفتر اول، ب- 3395)

معنيٰ: موت جنهن کان ٻيا سڀ خوف کائن ٿا، پر هي درويش ان تي کلي خوش ٿين ٿا.]

7

تو سامائي سَسُئِي، مَرَڻُ ڪِئو مُردارُ

ڪُپَرِ سِين ڪوهِيارُ، لُوٺِي تو لَڄائِيو. [1400]

سمجهاڻي: اي سسئي! تو جوان ٿي موت (فنا جي رستي) کي بيڪار سمجهيو. اي بي لڄي! تو انهيءَ اڍنگي روش سان گويا پنهنجي (ڪوهياري) محبوب کي شرمسار ڪري ڇڏيو (تو کان اها اميد نه هئي).

[روميءَ ان خيال جي سمجهاڻي هن ريت ڏني آهي:

آن توئي که بي بدن داري بدن،

پس مترس از جسم جان بيرون شدن.

(دفتر سوم، ب- 1614)

معنيٰ: تون اهو آهين، جنهن وٽ ظاهري بدن کان سواءِ هڪ ٻيو (مثالي) بدن به آهي، تنهنڪري تون ظاهري جسم مان ساهه نڪرڻ کان نه ڊڄ!]

8

جان ساماڻِينءَ سَسُئِي، تان ويسُ وِڙَنِ جو ڪَرِ

لاهي لَڄَ لَطِيفُ چَئي، ٿِي بيکارِياڻِي بَرَ

ته وِيندهِين پُونئِين وَرِ، اڳيان هوتَ حُضُورَ ۾. [1401]

سمجهاڻي: اي سسئي! تون جيڪڏهن عاقل بالغ ٿي آهين ته بي ننگيءَ وارو لباس اختيار ڪر. تون پنهنجو شرم ۽ حياءُ هڪ طرف رکي بيابان ۾ بيک گهرڻ واري ٿي هل. صرف انهيءَ روش ۽ هلت سان توکي محبوبن جي روبرو حاضريءَ جو موقعو ملندو.

[هتي مثنويءَ جو هيءُ بيت ڏسو:

من شدم عريان ز تن او از خيال،

مي خرامم  در  نهايات   الوصال.

  (دفتر ششم، ب- 2619)

معنيٰ: مان جسماني لحاظ سان اگهاڙو ٿي پيو آهيان ۽ هر خيال کان خالي ٿي پيو آهيان. (مون وٽ صرف روح رهجي ويو آهي). تڏهن مان وصال جي انتهائن درميان ٽلڻ لڳو آهيان.]

9

تو سَڱُ ساهُ کَڻَڻَ سِين، جِيڻَ گوشي جاءُ

مَرَڻُ مُون سين آءُ، ته پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪريان. [1402]

سمجهاڻي: اي جيئڻ (زندگي) تون ڀڄي پاسي ٿيءُ (وڃي ڪنڊ وٺ)، ڇاڪاڻ جو تنهنجو رشتو ساهه کڻڻ سان آهي. اي موت! تون منهنجو سونهون ٿي هل ته تنهنجي پويان (پنهونءَ جي ساٿ جو) پير کڻان. (آءٌ زنده رهڻ لاءِ هي پنڌ نٿي ڪريان پر پاڻ کي قربان ڪرڻ لاءِ نڪتي آهيان. تنهن ڪري منهنجو رهبر موت ئي آهي.)

[هتي مثنويءَ جو هيءُ بيت ڏسو:

زانکه مرگم همچو من خوش آمده ست،

مرگ  من  دربعث   چنگ  اندر   زده ست.

         (دفتر اول، ب- 3926)

معنيٰ: جيئن ته موت مون کي مون جيترو پيارو آهي، ان ڪري منهنجي موت زندگيءَ کي سوگهو جهليو آهي.]

10

[1403]

 

11

اُونچو اُتاهُون گهڻو جِيَڻَ کي جَبَلُ

مَرڻَ مُون سِين هَلُ، ته پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَريان. [1404]

سمجهاڻي: جبل انهن لاءِ تمام گهڻو اوچو (ناقابل شڪست) آهي، جيڪي جيئڻ (زندگيءَ) جي لاءِ پريشان آهن (جن کي زندگي پياري آهي). آءٌ ته موت (مرڻ) کي پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ گهران ٿي. (پنهنجو رهبر سمجهان ٿي) ۽ ان جي پٺيان هلڻ لاءِ تيار آهيان (مون کي جبل ڇا ڪندو!)

[موت کي رهبر يا اڳواڻ سمجهڻ وارو تصور روميءَ جي هيٺين شعرن ۾ ملي ٿو:

کين حيات او را چه مرگي مي نمود،
کار پيشش باز گونه گشته بود،
موت را از غيب مي کرد او گدي،
’ان في موتي حياتي‘ مي زدي.

(دفتر پنجم، ب- 2674)

معنيٰ: جيئن ته هيءَ حياتي هن کي موت وانگر نظر ٿي آئي. هن لاءِ گويا معاملو الٽو ٿي ويو. هو غيب کان موت جي خيرات پيو گهري. بيشڪ منهنجي موت ۾ زندگي آهي، جو نعرو هڻي رهيو هو.]

12

پَر ۾ پَچي پِرِينءَ کي مَري نه ڄاتوءِ

”مُوتُوا“ مُنڌَ نه سوءِ، ڪَنڌُ ڪُڄاڙِئان ڪاٽِيين. [1405]

سمجهاڻي: اي سسئي، تو پنهنجي منهن سڪ سوز ۾ پاڻ کي گهڻن ڏکن ۽ تڪليفن ۾ وڌو، پر تو مرڻ (فنا وارو سبق) نه سکيو. تو (موتوا قبل ان تموتوا‘)’مرڻ کان اڳ مرڻ‘ وارو سبق ٻُڌوئي ڪونه (۽ مرڻ کان اڳ ڪانه مُئينءَ). باقي هاڻي (ظاهرطور) پنهنجو ڪنڌ ڇا لاءِ ٿي ڪپائين. (اهي ظاهري تڪليفون بي معنيٰ آهن)

[مثنوي روميءَ جي هڪ شعر ۾ اهو مطلب ڪنهن حد تائين هن ريت بيان ڪيو ويو آهي:

مردن تن در رياضت  زندگي  ست،

رنج اين تن روح را پايندگي ست.

                  (دفتر سوم، ب- 3365)

معنيٰ: رياضت جي تڪليفن سان جسم کي فنا ڪرڻ ۾ زندگي آهي، جسم جي انهيءَ تڪليف ۽ ڪشالن سان روح کي دائمي راحت ۽ سڪون ملن ٿا.]

13

مارَڳِ جي مَرَنِ، وَڏا طالِعَ تَنِ جا

ٻِيُون ڪُڄاڙي کي ڪَنِ، ڪُوڙِي دَعويٰ دوستَ سِين. [1406]

سمجهاڻي: جيڪي محبوب جي ڳولا ۾ هلندي راهه ۾ مري وڃن، انهن جا بخت ڀلا آهن. باقي ٻيون جيڪي انهيءَ راهه تي هلڻ واريون ناهن، اهي محبوب سان دوستيءَ جي اجائي دعويٰ ڇا جي لاءِ ڪن ٿيون (انهيءَ راهه تي هلڻ پهريون ۽ بنيادي شرط آهي).

[هن سلسلي ۾ مثنوي روميءَ جو هيءُ بيت ڏسو:

اي خنک آن را که پيش از مرگ مرد،
يعني او   از   اصل اين رز بوي برد.

(دفتر چهارم، ب 1372)

معنيٰ: انهيءَ کي مبارڪ ڏيو، جيڪو مرڻ کان اڳ مري ويو، يعني جنهن کي (شراب کان اڳ) اصل انگورن جي بوءِ اچي ويئي.]

14

ڇَپَرِ ڇُلِي جي، مَرِين مُنڌَ مارِڳَ ۾

قَدُرُ ڪيچِينِ کي، پَئي تُنهنجي پَنڌَ جو. [1407]

سمجهاڻي: اي سسئي! جڏهن تون جبلن ۽ پهاڙن ۾ دوست لاءِ ڪشالا ۽ تڪليفون ڪندي واٽ تي مري ويندينءَ، تڏهن ئي ڪيچ وارا تنهنجي پنڌ ۽ تڪليفن جو قدر ڪندا.

15

ڇَپَرِ اوتارا ڪَري ماڻيائين مَزا

پَرِٽ کي پَٻَ ۾ ڪارِئو پَنڌُ قَضا

وَسُ نه ويچارِيءَ جو جيڪا رَب رَضا

مَٿان جانَ جَزا، لاٿائِين لَطِيفُ چَئي. [1408]

سمجهاڻي: سسئي پهاڙن ۾ منزلون ڪري سفر جي سختين جو ساءُ چکيو. هن ڌوٻياڻي عورت کي تقدير جي فيصلي ئي اهو پنڌ ڪرايو. هن ويچاريءَ جي هٿ وس ڪجهه نه هو، بس هوءَ ته رب پاڪ جي مرضي مطابق هلي رهي هئي. عبداللطيف چوي ٿو ته هن جي مٿان جيڪو بار هو سو هن لاٿو.

[مثنويءَ ۾ ان ڳالهه جي اڪثر شاهدي ملي ٿي ته لذتن جو دارومدار تڪليفن ۽ ڏکن ڏاکڙن تي آهي:

ليک  شيرين و  لذات مقر،

هست بر اندازه  رنج سفر.

(دفتر سوم، ب- 3157)

معنيٰ: منزل تي پهچڻ جا انعام ۽ ٻيا فائدا سڀ سفر جي تڪليفن ۽ مصيبتن جي حساب سان ملن ٿا.]

16

ڇَپَرِ اوتارا ڪَري سينڌِي ٿِي مِرُوئَنِ

جيڪِين چَيُسِ جيڏِين سو نه ڪئائِين ڪَنِ

مَعذُورِ مَرَڻُ مَنِ، ڪيچِين لَئي قَبُولِيو. [1409]

سمجهاڻي: سسئي پهاڙن ۾ منزلون ڪندي، جهنگ جي جانورن سان دوستي ڪري ڇڏي. هن کي جيڏين سرتين جيڪي ڪجهه چيو هو، ان تي هرگز ڪن نه ڏنائين (هنن جي صلاح يا چوڻ قبول نه ڪيائين). هن لاچار ۽ بيوس عورت ڪيچين لاءِ موت کي به پنهنجي دل سان قبول ڪيو.

[روميءَ مثنويءَ ۾ اها ساڳي ڳالهه هن ريت ڪئي آهي:

شير و گرگ و دد ازو واقف شده،
همچون خويشان گرد او گرد آمده.

(دفتر پنجم، ب- 2721)

معنيٰ: شينهن، بگهڙ ۽ ٻيا جهنگ جا جانور سندس دوست ٿي ويا ۽ پنهنجن وانگر چوڌاري گڏجي اچي ساڻس ويهي رهيا.]

17

ڏينهان ڏاريءَ ويسُ، راتيان روئي رَتَ ڦُڙا

لَنڊِينِ جي لِبيسَ، ڪانڌَ ڪَمِيڻيءَ کَٽِئو. [1410]

سمجهاڻي: سسئي ڏينهن جو ويس بدلائي (شرم ۽ حيا ڇڏي) پئي هلي، پر جڏهن رات ٿئي ٿي ته (پرينءَ کي پرچائڻ لاءِ) ويٺي ڳوڙها ڳاڙي ۽ رت روئي. ائين هن بظاهر بدڪار ۽ آواره عورتن جو روپ اختيار ڪري، پنهنجي دوست کي راضي ڪري ورتو.

[عشق ۽ شرم جي موضوع تي مثنويءَ ۾ گهڻو ڪجهه چيو ويو آهي:

اي عدوي شرم و انديشه بيا،

که دريدم پردهء شرم و حيا.

(دفتر ششم، ب- 614)

معنيٰ: اي عشق، شرم ۽ حيا جا دشمن، مون وٽ اچ جو مون لڄ ۽ شرم جا سڀ پردا پاسي ڪري ڇڏيا آهن.]

18

ڏِينهان ڏارِيءَ رُوءِ،، راتِيان روئِي رَتَ ڦُڙا

مَنجههِ ويچارِيءَ وُوءِ، ٻَهَران ٻِي ٻِئَنِ سِين. [1411]

سمجهاڻي: سسئي ڏينهن جو اوباش (گهر ڪري نه ويهندڙ) عورتن واري روپ ۾

پئي هلي، ليڪن رات جو هوءَ پرينءَ جي ياد ۾ ويٺي رت جا  ڳوڙها ڳاڙي. هن جي اندر مان ته هر وقت هاءِ هاءِ واري صدا ۽ دانهن پئي نڪتي، مگر ٻاهر ٻين سان ٻيءَ طرح پئي هلي (انهن تي پنهنجو راز ظاهر نه ڪيائين).

[روميءَ مثنويءَ ۾ ان ڳالهه تي گهڻو زور ڏنو آهي ته عشق ۽ ناموس ٻيئي گڏ نه هلندا ۽ عاشق ظاهري عزت ۽ ناموس جو خيال نه ڪندا آهن:

عشق و ناموس اي برادر راست نيست،

بر در ناموس اي عاشق مايست.

(دفتر ششم، ب- 612)

معنيٰ: عشق ۽ نيڪ نامي ٻيئي گڏ ڪونه ٺهن. اي ڀاءُ! تنهن ڪري جيڪڏهن تون عاشق آهين ته نيڪ ناميءَ جي دروازي تي نه بيهه.]

19

ٻَهران واهَ وِڙَنِ سِين، اَندَرِ مُنڌَ ماتامُ

سَسُئِي سوجهي ڪَڍِيا تَعَلقَ سَڀَ تَمامُ

نِيَسِ نِيہَ نِيامُ، ڏِسَڻُ ڏارِيءَ ويسَ ۾. [1412]

سمجهاڻي: سسئيءَ جي ظاهري روش ڏاڍي اڍنگي ۽ عجيب هئي، پر سندس اندر ۾ هر وقت محبت جو ماتم پئي هليو. آخر هن سوچي سمجهي ٻيا سڀ تعلق ۽ واسطا ختم ڪيا. محبت جي شدت سندس سڀ ڍڪ ۽ پردا پاسي ڪري ڇڏيا (کيس بي ادب بڻائي ڇڏيو) ۽ هوءَ حياء، شرم کان عاري عورت ڏسڻ ۾ پئي آئي (هر ڪنهن کيس آواره ۽ اوباش عورت ٿي سمجهيو).

[روميءَ ان ڪيفيت جي ترجماني هن ريت ڪئي آهي:

لنگ لوک و خفت شکل  و بي ادب،

سوي اومي غز و اورا مي طلب.

گه بگفت و گه بخاموش و گه،

بوئي کردن گير هر سو بوئي شه.

(دفتر سوم، ب- 988 ۽ 81)

معنيٰ: منڊڪائيندو ڌڪا کائيندو، اوجاڳا ڪندو، زماني جو خيال نه ڪندي به سڄڻ ڏانهن هلندو رهه ۽ هن جي طلب تان هٿ نه کڻ. ڪڏهن دانهون ڪندي، ڪڏهن خاموش رهندي ۽ ڪڏهن صرف نڪ سان سنگهندي هن محبوب ڏانهن وک وڌاءِ!]

20

راتِيان روئي رَتَ ڦُڙا، مُنڌَ مَرڪي ڏِينہَ

اَندَرِ نَعرو نِينہ، ٻَهَرِ واهَ وِڙَنِ سِين. [1413]

سمجهاڻي: سسئي ساري ساري رات ويٺي پرينءَ کي پرچائڻ لاءِ روئي ۽ رڙي ۽ ويٺي ڳوڙها ڳاڙي. ليڪن ڏينهن جو وري (بظاهر) کلي ۽ خوش ٿي پيئي گذاري. هر وقت سندس اندر ۾ محبت جو شور ۽ غلغلو پيو ٻڌجي، ليڪن ٻاهران رواجي طور سڀني سان گڏجي پيئي گذر ڪري (هوءَ پنهنجو راز ٻين تي ظاهر ٿيڻ نه پيئي ڏئي).

21

ٻَهران ٻِي ٻِئَنِ سِين، مَنجههِ ڪالُهوڻِي قالِ

سا تان تُون سَنڀالِ، هُوءِ جا ڪِيَئِه هوتَ سِين. [1414]

سمجهاڻي: سسئيءَ جي ٻاهران لوڪ سان کڻي دنيا جي وهنوار واري ٻي روش هئي، پر اندر ۾ اهائي ڪالهه واري ڳالهه هيس. اي سسئي! تون اهو ڪالهه وارو (ازل ۾ ڪيل) وچن ياد ڪر، جيڪو تو پاڻ پنهنجي محبوب سان ڪيو هو (هتي اشارو آهي ’اَلسَت بِربِڪُم‘ ۽ ’قالو بليٰ‘ واري قيل مقال ڏانهن جيڪا رب ۽ سندس ٻانهي وچ ۾ ٿي هئي. ن-ب).

22

ڏِسَڻَ ڪَرَ ڏارِي، اَندرِ سَتِي سَسُئِي

اِنَهِين پَرِ آرِي، ڪانڌُ ڪَمِيڻِي کَٽِئو. [1415]

سمجهاڻي: جيتوڻيڪ سسئي ٻاهرئين ويس ورن مان دربدر ۽ بدنام عورتن جهڙي پئي لڳي، پر اندر ۾ پاڪدامن ۽ عزت واري هئي. تڏهن ته هيءَ  هيڻي ۽ بيواهي عورت پنهنجي پرينءَ کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويئي.

وائي

ڪَا جَا ڳالههِ هُئِي، ٻاروچي جي مَنَ ۾

سِرُ سَڳَرِ، پُرُ پيچَري، تُون جا لوڪَ سُئِي

سَسُئِي سَنگهَرَ پَٽِيين، ڪيرُ چَوَندو مُئِي

پَنڌُ ڪَرِيندي پِرينءَ ڏي، ڪَڏِهن ڪانه ڪُئِي

آن  ڪا  ڏِٺِي  اوٺِيا،  کيرَنِ  پَاسِ  کُهِي. [1416]

سمجهاڻي: الائجي ڪهڙي ڳالهه اچي ڄام پنهونءَ جي دل ۾ پيئي (جو هو مون کي ڇڏي ويو يا مون کان بدظن ٿي ويو). ڇا به هجي، پر اي سسئي تون سڄڻن واري اها واٽ ڏيئي هل ۽ ان پيچري تان پنڌ ڪر، تنهنجي اها خبر هر هنڌ سڀني ماڻهن ۾ هُلي ويئي آهي. ائين (تنهنجي پنڌ ڪرڻ کان سواءِ) ڪير اعتبار ڪندو ته سسئي سنگهر جي پٽ ۾ پهچڻ کان پوءِ اتي مري ويئي. (سنگهر ان ميدان جو نالو جتي هاڻي سسئي ۽ پنهونءَ جون قبرون مشهور آهن). ائين به ڪوئي نٿو چئي سگهي ته هوءَ پرينءَ ڏانهن پنڌ ڪندي ماندي ٿي يا همت هاري ويٺي. اي اٺن جي قافلي وارئو! توهان ئي کڻي شاهدي ڏيو ته توهان سسئيءَ کي کِير جي وڻن وارن جهڳٽن ڀرسان ٿڪل ٽٽل حالت ۾ ڏٺو!

  

داستان پنجون

1

هَٿين پيرين مُونَڙيِين هَلِجُ ساڻُ هِنيين

عِشقُ آرِيءَ ڄامَ جو نِباهي نِيين

جان جان ٿِي جِيين، تان پاڙِجِ ڪو مَ پُنهونءَ سين. [1417]

سمجهاڻي: اي سسئي! تون پرينءَ ڏانهن هٿن، پيرن ۽ گوڏن ته ڇا، بلڪه دل سان (محبت وچان) هلڻ سک. آري ڄام سان پنهنجو عشق اهڙيءَ طرح توڙ تائين نباهه. (ياد رک) جيستائين جيئري آهين ته پنهونءَ سان (محبت ۾ ٻيو ڪو) برابر يا شريڪ نه ڪجانءِ!

[مثنوي روميءَ ۾ عاشق جو معشوق لاءِ ڪشالن ڪڍڻ ۽ جفاڪشيءَ جو انداز ڪجهه هن ريت بيان ٿيل آهي:

همچو گوئي سجده کن بر روي و سر،

جانب آن صدر شد با چشم تر.

(دفتر سوم، ب- 391٦)

معنيٰ: اهو عاشق کينهونءَ وانگر منهن زمين تي رکندو (بولاٽيون کائيندو). نِرڙ زمين تي گسائيندو ۽ ڳوڙها ڳاڙيندو پنهنجي محبوب ڏانهن روانو ٿيو. کينهونءَ وانگر هلڻ جي بهترين ترجماني ڀٽائي ’هٿين، پيرين ۽ مونڙين‘، سان هلڻ ۾ ڪئي آهي.]

2

هَٿين پيرين مُونَڙيين، ڪَهِجُ ڀَرِ ڪَپارَ

مَتان ڇورِي ڇَڏِيينِ پِريَتَڻِي پَچارَ

توکي سَنَدَ سَسُئِي سَندي لَئُون لَغارَ

توڙي هُونِ هَزارَ، توءِ پاڙِجِ ڪومَ پِرينءَ سِين. [1418]

سمجهاڻي: اي سسئي! هٿ، پير ۽ گوڏا ته ڇا بلڪه جيڪڏهن توکي ڪنڌ ڀر هلڻو پوي، تڏهن به پرينءَ ڏانهن هلندي رهه. اي نڌڻڪي! تون ڪنهن به صورت ۾ محبوب جي محبت تان هٿ نه کڻجانءِ. اي سسئي! توکي ته عشق جو پروانو مليل آهي. توڻي ٻيا هزارين هجن، پر تون انهن مان ڪنهن کي پنهونءَ سان شريڪ يا همسر ڪري نه ڀانئجانءِ.

3

هَٿينِ پيرين مُونَڙيين، ڪَهجُ ڀَرِ قُدامَ

وِچِ وَسِيلو ناهِ ڪو اوري آريءَ ڄامَ

هِنيين لائي هامَ، پاڙِجِ ڪومَ پُنهونءَ سِين. [1419]

سمجهاڻي: اي سسئي! تون هٿن، پيرن ۽ گوڏن سان ته ڇا پر هر حال ۾ اڳتي وڌندي رهه. آري ڄام پنهونءَ کان اورتي وچ ۾ ٻيو ڪو وسيلو ۽ واهر ڪونهي. (اهوئي اڪيلو وسيلو ۽ واهر آهي). متان دل جي ڪنهن ٻي دعويٰ ۾ اچي وڃين، ياد رک پنهونءَ سان ٻئي ڪنهن کي هرگز هڪجهڙو نه سمجهجانءِ.

4

هَٿين پيرين مُونَڙِيين، پُرِي ڪِجِ پَرکَ

قَدَمَ ڪيچَ ڌَڻينِ ڏي وِجههُ وَڌنديءَ وِکَ

جي هُئي هوتَنِ لَکَ، توءِ پاڙِجِ ڪومَ پُنهونءَ سين.  [1420]

سمجهاڻي: سسئي! تون هٿن، پيرن ۽ گوڏن جي سهاري هلندي پنهنجي طرفان ڪا گهٽتائي نه ڪر. ڪيچ جي مالڪ پنهونءَ ڏانهن پنهنجا قدم تيزيءَ سان کڻ ۽ تڪڙي ٿي هل. توڻي جو هزارين لکين هوت هجن، پر انهن مان ڪنهن جي به پنهونءَ سان ڀيٽ نه ڪجانءِ.

5

هَٿين پيرين مُونَڙِيين سِرجُ ساهِ پَساهِ

هوتُ گڏبُئِي هَبَ ۾ رَهَبَرُ مَٿي راهَ

جان جان ساڻُئِه ساهُ، تان پاڙِجِ ڪو مَ پُنهونءَ سين. [1421]

سمجهاڻي: اي سسئي! تون هٿن پيرن ۽ گوڏن سان هلڻ وقت هردم ۽ ساهه پساهه ۾ ٿورو ڪي گهڻو اڳتي رڙهندي رهه. (يقين رک) تنهنجو دوست توسان انهيءَ بيابان ۾ رهبر بڻجي اچي ملندو. جيستائين تو ۾ حياتيءَ جو آخري پساهه آهي، تيستائين پنهونءَ سان ٻئي ڪنهن کي برابر نه ڪجانءِ.

6

تَتِيءَ ٿَڌِيءَ ڪاهِ، ڪانهي ويلَ وِهَڻَ جِي

مَتان ٿِئي اُونداهِ، پيرُ نه لَهِين پِرينءَ جو. [1422]

سمجهاڻي:  (اي سسئي) گرمي هجي يا سردي (ڪهڙي به حالت هجي)، پر تون پنهنجو سفر (ڪوشش) جاري رک. (منزل تي پهچڻ لاءِ) ساهي پٽڻ يا آرام ڪرڻ جو وقت ڪونهي. (ياد رک) رستي ۾ هلندي متان سج لهي وڃي ۽ اوندهه ٿي وڃي ۽ تون پرينءَ جي پيرن جو نشان ڳولي نه سگهين!

7

ٿَڌِيءَ ٿَڪِي نَه وِهي، تَتِيءَ ڪَري تاڻَ

وِڌِي آ وَڻِڪارَ ۾ سَسُئِي پاڻُ سُڪاڻَ

پُڇِي پَہَ پَکِينِ کي پيئِي مُنڌَ پَريَاڻَ

ڏِنَسِ ڏيہَ وَڻَنِ جا تَنِ اَللهَ لَڳَ اُهِڃاڻَ

مانَ پَرَچِي پاڻَ، اَچي آرياڻِي وَرِي. [1423]

سمجهاڻي: سسئي ٿڌڪار ڏسي ٿڪ پٽڻ لاءِ ڪٿي ڪانه پئي ويٺي، بلڪه هُن ته گرميءَ ۾ پاڻ تکو تيز پنڌ پئي ڪيو. هن وڻڪار ۾ اچي وڻن ٽڻن کي پڻ سِڪ قبول ڪرائي (پنهنجي سڪ مڃرائي). هُن رستي ۾ پکين سان پنهونءَ جي پريت بابت پئي پهه پچايو. آخر ان ديس جي وڻن (کي به مٿس ڪهل آئي)  الله جي واسطي کيس رستي جا نشان ٻڌايا. (هوءَ آخر تائين ان آسري ۾ هئي ته) شال، پنهون پاڻ پرچي قرب ڪري وري موٽي اچي.

8

توڻي وِلاڙُون ڪَرِين، توڻي هَلين وِکَ

لِکيي مَنجهان لِکَ، ذَرو ضايَعَ نه ٿِئي. [1424]

سمجهاڻي: اي سسئي! تون ڀلي کڻي ڪيڏو به تکو هلين يا مورڳو ڊوڙون پائين يا بنهه پير پير ۾ ڪري آهستي هلين، پر قسمت يا تقدير ۾ جيڪي لکجي چڪو آهي، تنهن مان ڪجهه به گهٽ وڌ ڪونه ٿيندو.

9

لِکيو جو نِراڙِ، سو اَنگُ ڪِيَاڙِيءَ نه ٿِئي

پاڙِئو ويٺِي پاڙِ، جيڪِين لِکيو لَوحَ ۾. [1425]

سمجهاڻي: جيڪي ڪجهه منهنجي پيشانيءَ تي (منهنجي تقدير ۾) لکجي چڪو آهي، اهو لکيو ڦري پٺتي ڪنڌ طرف ڪونه ويندو (ان ۾ گهٽتائي نه ايندي). تنهنڪري تون اهو سڀ ويٺي برداشت ڪر ۽ ان کي منهن ڏي جيڪي ’لوح‘ قلم ۾ لکيل آهي.

10

جِتي جيتِريون، لِکيُون لوحَ قَلَمَ ۾

تِتي تيتِريون، گهَڙيُون گهارَڻِ آئِيُون. [1426]

سمجهاڻي: لوح قلم (تقدير) ۾ جيڪي گهڙيون جيئن لکيون ويون آهن (جنهن ڪم لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن)، اُهي اُئين جو اُئين ۽ اُن نموني ۾ ۽ اُن هنڌ تي ئي گذارڻيون آهن (اُن ۾ ڦيرگهير ڪانه ٿيندي).

11

ڪِئائِين ڪيچِينِ لَئِي جُسو جَلاوَتَ

ڇَڏي پيٺِي ڇَپرين هارِي سَڀِ حُجَتَ

هُئِي نِماڻِي نِسَتَ، پَر پَنڌُ وِڌائِين پاڻَ تي. [1427]

سمجهاڻي: سسئيءَ پنهونءَ لاءِ جسم ۽ جان سميت سڀ ڪجهه نذرانو (قربان) ڪري ڪيچ وارن کي پيش ڪيو. هوءَ هر قسم جي حجت ۽ حق ڇڏي پهاڙن ۾ پنڌ ڪرڻ لاءِ ڪاهي پيئي. جيتوڻيڪ هوءَ تمام ضعيف ۽ ناتوان هئي، پر ان جي باوجود جبل جو ڏکيو پنڌ پنهنجي سِر ڪرڻ قبول ڪيائين.

12

پَنڌُ نه پَنڌَن جيتَرو، ڪِيئَن سُڄَندي ڪيہِ

جيڪَرَ ڪَريان رِيہِ، پَرَ چُوندا مُنڌَ چَرِي ٿِي. [1428]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) اهو پنڌ ڪو عام پنڌن جيترو ڪونهي، پر وڏو پنڌ آهي، ان ڪري اتي ڪا ننڍي دانهن ڪوڪ ٻڌڻ ۾ نه ايندي. باقي جيڪڏهن وڏي آواز سان رڙيون ٿي ڪريان ته ماڻهو چوندا سسئي چري ٿي پيئي آهي.

13

چُونمِ مَرُ ’چَري ٿِي‘، پَرَ جي سَڏُ سُڻينِ

مَرُ مُونهِين کي ڏِينِ، ماڙهُو اَچئو مِيهَڻا. [1429]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) ڀلي ماڻهو مون کي چري ۽ ديواني ڪوٺين، شل منهنجا اهي سڏ محبوب تائين پهچن ۽ هو اُهي ٻڌي. ان کان پوءِ جيڪڏهن ماڻهو مون کي چري هجڻ جا طعنا ۽ مهڻا ڏين ته ڀلي ڏين.

[رومي ان ڪيفيت بابت هينئن چوي ٿو:

باز ديوانه شدم من اي حبيب،

باز سوداي شدم من اي حبيب.

(دفتر دوم، ب-1381)

معنيٰ: اي منهنجا طبيب (منهنجي دوا) مان وري چريو ٿي پيو آهيان. اي منهنجا محبوب، مان وري پاڳل ٿي پيو آهيان. منهنجي چريائپ سڀ زنجير ٽوڙي ڇڏيا آهن، جو هاڻي چريا اچي مون کي سمجهائن ٿا!]

14

ماڙهُو ڏيئِي مِيهَڻا مُون کي ڪَندا ڪوهُ

صورتَ سُپيرِينِ جِي، ڏِٺي ڪونهي ڏوهُ

ڇَپَرُ منجهان ڇوهَ، روئِي رَڱِينديَسَ رَتُ سِين. [1430]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) ماڻهو مون کي طعنا ڏيندا ته ڇا ٿي پوندو. دوست جي ديدار ڪرڻ ۾ هرگز گناهه ڪونهي. آءٌ سڪ ۽ سوز ۾ روئي جبل رت سان ڳاڙهو ڪري ڇڏينديس.

15

جَڙَ جا هَنيَم جَتَ، تِنہِ ڳُجهِيءَ ڳاريَمِ جِندَڙو

آڻي اَندَرِ کوڙِئا ڪوهِياري ڪَروَتَ

سُورَنِ ساڙِي آهِيان سِڪان کي صِحَتَ

اندَرِ ريلا رَتَ، ٻاهَرِ ٻاڦَ نه نِڪَري. [1431]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) منهنجي اندر ۾ هوت پنهونءَ ڳجهي نموني سان محبت جي ميخ هڻي ڇڏي آهي. هن محبوب منهنجي اندر ۾ ڪرٽ وهائي ڇڏيا آهن. مان ته سورن ۽ ڏکن ۾ سڙي چڪي آهيان ۽ پنهنجي چڱڀلائيءَ لاءِ پيئي سڪان. منهنجو اندر سمورو رتورت لڳو پيو آهي، پر ٻاهر دانهن ڪوڪ به نٿي ڪريان.

وائي

ويههُ مَ واٽَ وِرِچِي، هو اَللهَ ميان!

جي ڪَهَندِينءَ، تي لَهَندِينءَ وو!

پيرَ پَٽان ئِي ڪُونئَرا، رائي ڪِيَسِ رَچِي

مُنہُ ڪَرِ مَعذُورِينِ ڏي پُنهون ڄامَ پَرَچِي

مُون کي تِنہِ مارِئو جَتَنِ مُون کي جا چِي

وِندُرَ واٽَڙِيَنِ تي ڪانڌِي ٿِيندَمِ ڪيچِي

ڪَنِي اَچِي ڪا ڪَهِي، ڪَنِي اَچِي ڪا چِي

اَملَ ڀانيان اُنِ کي، ساجَنِ مُون کي سا چِي. [1432]

سمجهاڻي: راهه ۾ ٿڪجي همت هاري نه ويهج، اي الله سائين! (تون ٻڌ). اي سسئي! جيترو هلندينءَ، اوترو ئي جلد پهچندينءَ. هن جا ريشم کان وڌيڪ نرم پير جبل جي تتل واريءَ ۾ هلي هلي ڳاڙها رت ٿي ويا. اي پنهل ڄام! تون هن ضعيف ۽ هيڻيءَ سان راضي ٿي کيس مهر وارو منهن ڏيکار. مون کي جتن جا اُهي ٻول مارين ٿا، جيڪي هو چوندا ويا. وندر جبل جي واٽ تي منهنجي مئي کان پوءِ وري به اُهي ڪيچي ئي منهنجا ڪانڌي اچي ٿيندا. هڪڙن مون سان هڪڙي ڳالهه ڪئي ته ٻين ٻي ڳالهه ٻڌائي، پر منهنجي لاءِ اصل املهه ڳالهه اهائي آهي، جيڪا منهنجي محبوب مون سان ڪئي.

 

داستان ڇهون

1

ديسِي سيڻَ ڪِجَنِ، پَرَديسِي ڪِهَڙا پِرين

لَڏئو لاڏاڻا ڪِئو پَنهنجي ديسِ وَڃنِ

پُڄاڻا پِريَنِ، ڪِجي  بَسِ  بَنڀور  کان. [1433]

سمجهاڻي: مٽي مائٽي (سڱاوتي) پنهنجي ديس وارن سان ڪجي (جن سان پريت هجي). پرائي ديس يا ملڪ ۾ رهندڙ ڪهڙا پرين ٿي سگهندا! اُهي وقت اچڻ تي سڀ سامان سڙو کڻي پنهنجي ملڪ روانا ٿي وڃن ٿا (جيئن پنهونءَ ۽ سندس ڀائرن ڪيو). پرينءَ جي وڃڻ کان پوءِ ڀنڀور ۾ رهي ڇا ڪبو! (اهو رهڻ اجايو آهي).

2

اوري آرِيءَ ساڻُ، سَسُئِي ڪِينَ سَمَجهِئو

ڪَري پيکُ پُنهونءَ سِين، پَڌَرِ وِڌائِين پاڻُ

ڄَٽِ وِڃايو ڄاڻُ، ٻانڀَڻِ ٻاروچَنِ سِين. [1434]

سمجهاڻي: سسئيءَ آري ڄام سان پنهنجو حال بيان ڪري گويا اصل راز کي نه سمجهيو. هن هوت پنهونءَ سان ميٺ محبت وارو نازڪ ناتو قائم ڪري پاڻ کي ظاهر ڪري وڌو (ته هوءَ اصل ۾ ٻانڀڻ جي ڌيءَ هئي ۽ پوءِ کٽيءَ کيس نپائي وڏو ڪيو). هن بي عقليءَ مان ائين ڪري ٻاروچن سان نيازمنديءَ وارو تعلق گنوائي ڇڏيو.

[هن بيت ۾ آيل ’پيک‘ فارسي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي قاصد يا پيغام. مثنويءَ جي هن شعر ۾ اهو لفظ انهيءَ معنيٰ ۾ هن طرح اچي ٿو:

گفت آن الله تو لبيک ماست،

آن نياز و درد و سوزت پيک ماست.

(دفتر سوم، ب 195)

معنيٰ: هو کيس سمجهائڻ لڳو ته تنهنجو ’الله‘ چوڻ ئي الله جي طرفان لبيڪ يعني ان جو جواب آهي. اهو تنهنجو عجز و نياز ۽ درد و سوز ئي الله جا موڪليل قاصد آهن (تون اهو راز سمجهه).]

3

ٻَري ته ٻيلِي گهَڻا، ساٿِي پُڇي سُکُ

رفاقَتَ رِڃُن ۾ ڏُونگَر ڪاري ڏُکُ

آرِيءَ جو اَهُکُ، مُون رَهنُما راهَ ٿِيو. [1435]

سمجهاڻي: اگهي ۽ بيمار جا ڪيترا غمخوار اچي بڻجن ٿا، ليڪن سک وارو ساٿي پيو پُڇي، جيڪو ملي ئي ڪين. اهو  ڏک ئي آهي، جيڪو رُڃن ۾ ’ڏونگر جبل کي رفيق ۽ ساٿي بڻائي‘ ٿو. (انهيءَ ڪري سسئي چوي ٿي). منهنجي لاءِ آري ڄام وارا ڏک ئي راهه ۾ رهبر ۽ رهنما بڻيا.

[اهو دک درد ئي آهي، جيڪو حقيقي همدرد پيدا ڪري ٿو. مثنويءَ ۾ ان موضوع کي ڪيترن ئي طريقن سان ورجايو ويو آهي. الله تعاليٰ جي مهرباني تڏهن ٿئي ٿي، جڏهن ٻانهو کيس درد ۽ تڪليف ۾ سڏي ٿو:

درد آمد بهتر از ملک جهان،

تا بخواني مر خدارا در نهان.

خواندن بي درد از افسرد گيست،

خواندن با درد از دل بردگيست.

(دفتر سوم، ب 203 ۽ 4)

معنيٰ: درد سموري جهان جي نعمت کان به وڌيڪ آهي. اهو نعمت ان ڪري آهي ته جيئن تون خدا کي اڪيلو ٿي ٻاڏائين. بغير درد ڪنهن کي ياد ڪرڻ اجائي تفريح آهي، پر درد سان ياد ڪرڻ عشق ۽ محبت جي ڪري آهي.]

4

ڏُونگرُ ته ٻيلِي، نه ته ڏِجي ٻَنِ ٻيلِين ري

سا ڪِئن وِهي ويسَلِي جا سُورَنِ سَهيلِي

چوٽِيُون چَنبيلِي، جِئَن تِئَن جهاڳي اُکَتِي. [1436]

سمجهاڻي: ٻيلي همراهه هجن ته جبل جهاڳجي، نه ته اُنهن جبلن کي ٻَن ڏجي. سسئي سورن جي سهيلي آهي ۽ سور ساڻس ٻيلي ۽ همراهه آهن ته پوءِ هوءَ ڏونگر ڏورڻ کان سواءِ ڪيئن اجايو ويهي رهي (ن- ب) هوءَ ته چنبيليءَ گُل جي سرهاڻ واري هئي، جيڪا جبلن جون چوٽيون چڙهي ٻئي طرف پار پهتي.

5

تان جي هوتَ نه ڪَنِ، جو تُون سَڱُ سُڻِي سَرَهِي ٿِينءَ

لَکين ٻِيُون لَطِيفُ چَئي، ٻانهِيُون ٻاروچَنِ

اِنَ دَرَ مَٿي دادَلِيُون رُئندِيُون رَتُ وڃَنِ

سَندِي ذاتِ جَتَنِ، آهي اَٻاجهِي گهَڻو. [1437]

سمجهاڻي: اي سسئي! جيستائين هوت پاڻ ڳانڍاپو نه رکن، تون ڪيئن انهيءَ رشتي جو ٻڌي خوش ٿينءَ. (تو ڪيئن سمجهيو ته هنن توکي قبول ڪيو آهي) . عبداللطيف چوي ٿو ته انهن ٻاروچن کي ته لکين ٻيون ٻانهيون آهن، بلڪه ان در تي جيڪي وڏي مان مرتبي واريون ۽ پياريون هيون، اهي به رت روئينديون ويون. (توکي خبر نه آهي ڇا ته) جتن جي ذات ڏاڍي بي رحم آهي!

6

هِتان ٿِي هَلَندِياسِ، سامُهِين ساڻيہَ ڏي

سَونَ ڪَڙولا سَنگهَرُون ڏُونگَرِ کي ڏِيندِياسِ

آيَلِ ٻاروچَنِ سِين ڪَيسَرِيا ڪَندِياسِ

مِليَسِ تان مِلَندِياسِ، نه ته گهورِيَسِ ٻاروچَلَ تان. [1438]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) هتان (ڀنڀور کان) اُٿي آءٌ سڌو پنهنجي محبوب پنهونءَ جي ملڪ ڏانهن رواني ٿينديس. هي جيڪي مون وٽ سون جا زيور ۽ ٻيا ٻانهن جا ڪڙا وغيره آهن، سي سڀ ڏونگر کي ڏيئي ڇڏينديس. مان جڏهن ٻاروچن سان ملنديس ته غم جي رنگ وارا پيلا (زعفراني) ڪپڙا ڍڪينديس. جيڪڏهن هنن سان ملڻ منهنجي نصيب ۾ آهي ته ملنديس، نه ته پنهنجي پنهونءَ تان قربان ٿي وينديس.

7

تان مُون ڀينَرُ ڀَئِي ناه ڪا، جان آرياڻِي اَڳَ

ڪوسو ڪوهيارَنِ جي واءُ مَ لڳي وَڳَ

ٻِئا پُڻُ جَتَنِ جَڳَ، منهنجِي پِرِت پُنهونءَ سين. [1439]

سمجهاڻي: اي منهنجون ڀينرون! (آءٌ توهان کي ٻڌايان ٿي ته) تيستائين مون کي ڪو خوف خطرو ڪونهي جيستائين آرياڻي پاڻ منهنجو اڳواڻ آهي. (منهنجي دعا آهي ته) شل ڪوهيارن جي اٺن جي وڳ کي ڪوسو واءُ نه لڳي. هونئن ته جڳ ۾ ٻيا به ڪيترائي جت آهن، پر منهنجي پريت صرف پنهونءَ سان آهي.

وائي-1

آئِين اَچِي پَسو، جيڏيون وو!

هِيءُ جو وَهُ مُنهـنجي جِندَڙي!

هي جو حالُ مُنهنجِي جِندَڙي!

پائي وِئَڙا پيرَ ۾، مَنجهان کَرسَ کَسو

ڏيئِي وِئَڙا ڏاههِ کي، سُورَنِ جو سَرسو

آئُون ڏورِيندِي اُنِ کي، ڏيئِي تَنَ تَسو

ساءُ نه آيان سُورَ جو، هارِيُون! ٿِيُون هَسو

متان ويهو ويسِريُون! رِڙهو تان رَسو

مُندائتي  مِينہَ   جيئن،   ويروتارَ   وَسو. [1440]

سمجهاڻي: اي سرتيون! اي جيڏيون! توهان پاڻ پنهنجي اکين سان اچي منهنجو ڏکيو حال ڏسو، منهنجو پل پل پيڙا ۾ آهي. منهنجن ڪيچين کي پيرن ۾ ڊڀن مثل کرس گاهه جا جوتا پاتل هئا. اهي ڪيچي هن ٻانهيءَ کي سورن جو مسالو چنبڙائي هليا ويا. آءٌ پنهنجي پنهل لاءِ هر قسم جي اڃ ۽ بک سهي هلندي وينديس. توهان کي (وڇوڙي جي سُور) ايذاءُ جو ذائقو نه لڳو آهي، تڏهن بيوقوفيءَ وچان پيون کلو. (اي سرتيون) غفلت ڪري ويهي نه رهجو ۽ رڙهي به هلو ته هلي پهچنديون. توهان مند واري مينهن جيان گهڻو ۽ گهاٽو وسو يعني روئڻ کان نه گهٽايو.

[اکين جي ڳوڙهن کي مينهن سان تشبيهه روميءَ وٽ پسنديده آهي، دل کي هو باغ سان ڀيٽي ٿو. هڪ هنڌ ڏسو ته هو ان مان ڪيڏي وڏي معنيٰ ڪڍي ٿو:

اين دلم باغ ست و چشم ابروش،
ابر گريد باغ خندد شاد و خوش،
ذوقِ خنده ديدهء اي خيره خند،
ذوق گريه بين که هست آن کان قند.

(دفتر ششم، ب- 1579 ۽ 1584)

معنيٰ: منهنجي دل باغ وانگر آهي ۽ اکيون بادل آهن، جڏهن بادل روئن (وسن) ٿا ته باغ سرسبز ۽ خوش ٿئي ٿو. اي بيوقوف کلڻ وارا، تو کلڻ جو مزو ورتو، هاڻي روئڻ جو سواد وٺ، جيڪو مٺاڻ جي ڍڳ وانگر آهي.]

وائي-2

پانــڌِي   پِــرِيــنِ   جــو،

آءٌ   مانَ   ڪــو  پَــسان

ڀينَرَ ڀَلين اُسَهو، ڏُونگرُ ڏورَڻُ اَسان

مُندائتِي   مِينہَ   جِئن،   ويلو   ويلَ   وَسان. [1441]

سمجهاڻي:  (سسئيءَ جي دلي تمنا) شل آءٌ پرينءَ ڏانهن پنڌ ڪندڙ ڪنهن ساٿيءَ سان ملان يا کيس ڏسان (ان سان به مون کي ڪجهه سڪون ايندو). اي اديون ڀينرون! توهان ڀلي هليون وڃو (مون کي منهنجي حال تي ڇڏي ڏيو). مون کي ئي ڏونگر ڏورڻو آهي يعني مون کي ئي جبل جو پيرن سان پنڌ ڪرڻو آهي. آءٌ مند واري مينهن جيان هر ويلي ۽ هر وقت پيئي ٿي وسان (پرينءَ کي ياد ڪري پيئي سڏڪا ڀريان ۽ ڳوڙها ڳاڙيان).

 

داستان ستون

 

1

آءٌ نه گَڏي پِرِينءَ کي، ٿورا ڏِينہَ ٿِئا

راتِين روزَ وِئا، عَبثُ آرِيءَ ڄامَ ري. [1442]

سمجهاڻي: مان پنهنجي پرينءَ سان نه ملي آهيان، اهي ڪي ٿورا ڏينهن نه آهن! (گهڻا ڏينهن گذري ويا) ڪيئي ڏينهن ۽ راتيون ان آري ڄام کان سواءِ اجايا ۽ بي مقصد لنگهي ويا.

2

آءٌ نه گَڏِي پِرينءَ کي، سَهَسِين سِجَ وِئا

هَلَڻَ ويرَ هِئا، ديکي شالَ دَمُ ڏِيان. [1443]

سمجهاڻي: مان محبوب سان نه ملي آهيان، ان وچ ۾ سوين هزارين سج اڀري ۽ لهي ويا. (منهنجي خواهش آهي ته) شال هاڻي هن جهان مان لاڏاڻي وقت ئي سڄڻ کي ڏسي پوءِ مران.

3

آءٌ نه گَڏي پِرينءَ کي، تُون ٿو لَهِين سِجَ

آءٌ جي ڏِيَئِين سَنيهَڙا نيئي پِريان کي ڏِجُ

وَڃي ڪيچِ چَئجِ، ته ’ويچارِي واٽَ مُئي‘. [1444]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) مان پنهنجي محبوب سان نه ملي سگهي آهيان، پر اي سج! تون لهڻ وارو آهين. هاڻي (گهٽ ۾ گهٽ ايترو ڪر جو) آءٌ توکي جيڪي پيغام ڏيان ٿي، اُهي وڃي منهنجي محبوب کي ڏجانءِ. ڪيچ وارن کي اهو وڃي ٻڌائجانءِ ته سسئي ويچاري واٽ تي مري ويئي.

4

آءٌ نه گَڏِي پِرينءَ کي، پويون ٿِئُم پَساهُ

سِڪان ٿِي سَڪَراتَ ۾، رويو پُڇان راهُ

شالَ مَ وَڃي ساهُ، پَسَڻَ ڌاران پِرينءَ جي. [1445]

سمجهاڻي: مان اڃا پنهنجي پرينءَ سان نه ملي آهيان، پر منهنجا آخري پساهه پورا ٿيڻ تي آهن. مان سڄڻ لاءِ سَڪرات ۾ به پيئي سڪان ۽ روئي روئي هن جي واٽ نهاريان. شل، منهنجو دم (آخري پساهه) سڄڻ کي ڏسڻ کان سواءِ نه نڪري (هن کي ڏسي پوءِ مران)

5

آءٌ نه گَڏِي پِرِينءَ کي، عُمر تان ويئي

وِلهِيءَ ڏِينہَ وِڃائِيا، سَرَتِيُون سَڀيئي

پِيريءَ ۾ پيئِي، اکيون آرِيءَ ڏي کڻي. [1446]

سمجهاڻي: مان پرينءَ سان ڪانه ملي سگهيس ۽ عمر ائين ضايع ٿي ويئي. اي

سرتيون! هن سڃي سکڻي زندگيءَ جا سڀ ڏهاڙا ائين برباد ٿي ويا. هاڻي جڏهن سسئيءَ کي مٿي ۾ اڇا وار پئجي ويا (پيري وٺي ويس)، تڏهن به (اهڙي حال ۾) هوءَ پنهنجي دوست آري ڄام ڏانهن اکيون کڻي پيئي انتظار ڪري!

6

آءٌ نه گَڏي پِرِينءَ کي جوڀَنُ وِئڙُمِ جَاڙَ

آڏو آرِياڻِيءَ کي چاڙهيڪا ۽ چاڙَ

مُون مُٺيءَ کان نه ٿِئي وَڏپَڻ مَنجِهه وِلاڙَ

عُمِرِ سَڀِ اَواڙَ، وِييَمِ ٿي واڪا ڪَريان. [1447]

سمجهاڻي: مان پنهنجي پرينءَ سان ڪانه گڏيس ۽ منهنجي جواني ائين ٺلهي ۽ بيڪار گذري ويئي. (آءٌ ڇا ڪريان) آرياڻي پنهونءَ تائين پهچڻ کان اڳ راهه ۾ جبلن جون ڏکيون لاهيون چاڙهيون ۽ ور وڪڙ پيچرا آهن. هن وڏيءَ عمر ۾ مان مجبور عورت ڪهڙا ڦيرا پائينديس يا پنهونءَ جي پيرن جي ڪڍ وينديس. هاءِ! منهنجي سموري عمر بي مقصد ڪٽجي ويئي تڏهن ٿي دانهون ڪريان.

7

آءٌ نه گَڏِي پِرِينءَ کي، هِيءُ پُڻُ ڏِينہُ وِئو

نِهوڙي ناڀُنِ سِين مُون کي نِيہُ نِئو

مُٺِيءَ موتُ ٿِئو، ”پِيهَ پِيه“ ڪَندي پَنڌَ ۾. [1448]

سمجهاڻي: مون کي پرينءَ سان ملڻ نصيب ڪونه ٿيو ۽ هيءُ اڄوڪو ڏينهن به ائين ضايع ٿي ويو. مون کي محبت جي زوردار چنبن ۾ (ڳچيءَ کان) جهلي ۽ گهٽي ڏاڍو بيوس ڪري ڇڏيو. نيٺ هن مجبور عورت جي مٿان موت اچي پهتو، پر تڏهن به هوءَ پنڌ هلندي ’او پرين، او پرين’ ڪندي پيئي وڃي.

8

آءٌ نه گَڏِي پِرِينءَ کي، مَٿان آيو مَوتُ

واجهائِيندي وَرِهِ ٿِئا، هَئي نه گڏِئُم هوتُ

جيڪُسِ ٿِينديَسِ فوتُ، فَنا هِن فِراقَ ۾. [1449]

سمجهاڻي: مان محبوب سان ڪانه ملي سگهيس ۽ مٿان موت اچي بيٺو. افسوس رڳو اهو اٿم جو مون سالن جا سال هن جو انتظار ۽ اوسيئڙو ڪيو، پر هن سان ملڻ جو موقعو نصيب ڪونه ٿيو. (هاڻي مون کي لڳي ٿو ته) آءٌ شايد هن جي فراق ۽ جدائيءَ ۾ ئي ڏينهن پورا ڪنديس.

9

آءٌ نه گَڏِي پِرينءَ کي، آيو عزرائِيلُ

جوراڻي سِين جيڏِيُون نَڪو قَالُ نه قِيلُ

آيو موتَ دَلِيلُ، مارِيندو مُراد کان. [1450]

سمجهاڻي: مان پنهنجي پرينءَ وٽ ڪانه پهتس، بلڪه موت جو فرشتو مون وٽ اچي پهتو. هن زورآور سان ڪڇڻ پڇڻ جي ڪا واهه ڪانهي. اهو ڄڻ موت جو پيغام ٿي آيو آهي، اهو من جي مراد پوري ٿيڻ کان اڳ منهنجو خاتمو ڪندو.

10

وِلاڙِئو وَڻين چَڙهي، ڳِجهُن ٿِيندِي ڳاهُ

سَسُئِي سُوريءَ چاڙهيو پُنهونءَ لَئي پَساهُ

هُوءِ مِروُن هيءُ ماهُ، ڪِينَ ڪَمِيڻيءَ رکِيو. [1451]

سمجهاڻي: سسئي وڻن ۾ هيٺ مٿي هر طرف پرينءَ لاءِ ووڙيندي پيئي وتي. لڳي ٿو ته هوءَ (مرڻ کان پوءِ) ڳجهن (ڍونڍ کائيندڙ اجگر پکين) جو کاڄ ٿيندي. سسئيءَ، واقعي پنهونءَ لاءِ (ايڏيون تڪليفون سَٺيون) جو هن پاڻ کي ڄڻ سوريءَ چاڙهي ڇڏيو. بس هڪ طرف جهنگ جا جانور هئا ته ٻئي طرف سسئيءَ جو ماس هو ۽ هن (هٿ پير ڇڙيون هڻي) ڪنهن کي ڪونه جهليو.

11

وِلاڙِئو وَڻين چَڙهي، رائو پَسئو روءِ

وِچان جو وِچُ پوءِ، سو ڪَنہ پَرِ ڪَهِي لاهِيان. [1452]

سمجهاڻي: سسئي وڻن ٽڻن جي مٿان چڙهي هيڏي هوڏي پيئي واجهائي (قافلي جو رَند ڏسي)، پر جڏهن پنهنجي سامهون جبل جي ريتيءَ وارو واءُ (واچوڙو) ٿي ڏٺائين ته روئي ٿي ويٺي (جو اڳتي ڪجهه به نظر نه پيو اچيس). (اهي ڪشالا ان ڪري پيئي ڪري جو) ڀانئي پيئي ته پنڌ ۾ دير ٿيڻ سببان وچان جيڪا وڌيڪ وٿي پيئي آهي، سا ڪنهن به ريت جلدي ڪري پوري ڪريان (ائين اها ميار لاهيان.)

12

وِلاڙِئو وَڻين چَڙهي اُونچَنِ مَٿي اَڄُ

لالَڻَ ڪارَڻِ لَڄَ، باسِيائِين بَرنِ کي. [1453]

سمجهاڻي: سسئي بار بار وڻن تي پيئي لهي ۽ چڙهي ۽ اڄ وري وڏن وڻن تي چڙهڻ کان به نه پيئي مُڙي. (اڄ ته حد ڪري ڇڏيائين جو) پنهنجي محبوب سان ملڻ خاطر برن بيابانن کي پنهنجي لڄ باسيائين ته جيئن کيس اهي پنهونءَ تائين پهچائين.

[روميءَ ان ڪيفيت جي ترجماني هن ريت ڪئي آهي:

هر که از خورشيد  باشد  پشت گرم،

سخت رو باشد، نه بيم اورا، نه شرم.

 (دفتر چهارم، ب- 4139)

معنيٰ: جيڪو سج جي ڪاڙهي ۽ اُس ۾ لهسجي گرم ٿي ويو، اهو پوءِ منهن جو پڪو ٿي ويو ۽ سندس ڀؤَ ڀڄي پيو. هاڻي ان کي ڪهڙو شرم ٿيندو؟]

13

وِلاڙِئو وَڻين چَڙهي، ڏِئو پَٽوري لانگَ

سَسُئِي مورَ ٻَچَنِ جِئَن ٽاريءَ ٽاريءَ ڇانگَ

ڪانڌِي ٿِيندِيَسِ ڪانگَ، هُوءِ جي روڏَ رِڃنِ جا. [1454]

سمجهاڻي: سسئي وڻن تي پيئي لهي ۽ چڙهي ۽ سندس مٿي تي جيڪا ريشمي پوتي پيل آهي، ان کي سندرو ڪري ٻڌو اٿس. هوءَ مور جي سهڻن ٻچن وانگر جيڪي ٽاري ٽاري ۽ ڇانگ ڇانگ تي ويٺل هوندا آهن، سسئي به وڻن تي چڙهندي ائين پيئي سهڻي لڳي. (لڳي ٿو ته) مرڻ کان پوءِ رڻ پٽ جا روڏ يعني وڏا ڪارا ڪانگ ئي سندس جنازي کي کڻي هلندا.

[روميءَ مثنويءَ ۾ چيو آهي ته عاشق جي ماس کي جهنگ جا جانور نه کائيندا آهن، ڇو ته هنن کي عشق جي خبر آهي، پر جيڪڏهن کائيندا ته مرندا، ڇو ته عاشق جي گوشت ۾ زهر ڀريل هوندو آهي.

ور خورد في المثل دام و ددش،
لحم عاشق زهر گردد بکشدش.

(دفتر پنجم، ب- 2725)

معنيٰ: پر جيڪڏهن فرض ڪر ته هن کي جهنگ جا جانور کائن ٿا ته عاشق جو گوشت زهر بنجي پوندو ۽ کائڻ کان پوءِ نه بچندو.]

14

وِلاڙِئو وَڻين چَڙهي، ڪِين جو ڏِٺائِين

موتُ پِه مارِيائين، پاڻُ تَنهين جِيءَ پُٺِ ۾. [1455]

سمجهاڻي: سسئي وڻن جي مٿان هر هر پيئي چڙهي، پر آخر اهڙو ڪو جلوو ڏٺائين (اهڙي مقام تي پهتي)، جو موت کي به ماريائين ۽ پاڻ به ان جي پويان مري ويئي.

15

وِلاڙِئو وَڻين چَڙهي، پَسو سَگههَ سَندِياسِ

آڌِيءَ وَڃئو آکُڙي، نَڪو پِيءُ نه ماسِ

سوئِي سو سيڻاسِ، پَري پَڙاڏا ڪَري. [1456]

سمجهاڻي: سسئيءَ جي همت ته ڏسو ته ڪيئن به ڪري وڻن تي پيئي چڙهي ۽ لامارا ڏئي. هوءَ اڌ رات جو به ماٺ ڪري نٿي ويهي ۽ پيئي ٿڙي ٿاٻڙي (پنڌ ۾ پيئي هلي)، توڻي جو (پنهنجن ويجهن مائٽن مان) نڪا پيءُ نڪو ماءُ ساڻس گڏ آهن. بس! اُهو هوت پنهون ئي آهي، جنهن کي هوءَ پاڻ سان گڏ سمجهي ٿي، جنهن جا پڙاڏا پري پري تائين پيا پون (ٻُڌجن).

16

وِلاڙِئو وَڻين چَڙهي، ڏاڍو ڏوري ڏُورِ

سُپيرِيان جي سُورِ، پَري پَڙاڏا ڪَري. [1457]

سمجهاڻي: سسئي هر وڻ تي چڙهي پري پري تائين پيئي (پنهونءَ جي قافلي کي) نهاري. هوءَ پرينءَ جي درد ۽ فراق ۾ ڦٽجي اهڙيون پيئي دانهون ڪري، جن جو پڙلاءُ پري پري تائين پيو گونجي.

17

رُڃنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ ڪووَلَ جِي ڪُوڪَ

وَلولو ۽ وُوڪَ، اِيءَ تان آهَ عِشقَ جِي. [1458]

سمجهاڻي: رڃ ۽ بيابان ۾ سسئيءَ جي دانهن (پري کان) ائين پيئي ٻُڌجي جيئن ڪوئل پکيءَ جي (تيز ۽ تکي) ڪوڪ هجي (جيڪا ماٺ جي ماحول کي چيري ڇڏيندي آهي). سسئيءَ جو اهو ولولو ۽ جوش جذبو ۽ تيز تکيون آهون حقيقت ۾ عشق جا آواز آهن.

[عشق جي تعريف ۾ هڪ هنڌ روميءَ چيو آهي:

عشق بگشافد فلک را صد شگاف،
عشق لرزاند زمين را از گزاف.

(دفتر پنجم، ب- 2736)

معنيٰ: عشق آسمان ۾ سوين ڏار وجهي ڇڏي ٿو. عشق پنهنجي ڀڀڪيءَ سان زمين کي ڏڪائي وجهي ٿو.]

18

رُڃنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ چَتونءَ جِي چانگارَ

اِي عِشق جي اُٻڪارَ، نَعرو آهي نِيہَ جو. [1459]

سمجهاڻي: (سنسان) برپٽ بيابان ۾ سسئيءَ جو (دل مان نڪتل) آلاپ ائين ٿي

لڳو، ڄڻ  چتونءَ  جي ٻولڻ  جو آواز (گونج) هجي. اهي سڀ عشق جون دانهون پڪارون آهن ۽ عشق جي گرمي ۽ تَوَ کان نينهن جا نعرا آهن.

[مثنويءَ ۾ پڻ رومي اهڙيءَ دانهن ڏانهن هنن لفظن ۾ اشارو ڪيو آهي:

خلق گويان اي عجب اين بانگ چيست،

چونکه صحرا از درخت و بر تهيست.

(دفتر دوم، ب- 2147)

معنيٰ:  ماڻهو هڪٻئي کي پيا چون؛ عجب آهي، هيءُ آواز الائي ڇا جو آهي؟ جيتوڻيڪ بيابان ۾ وڻ ٽڻ آهي ۽ نه ماڻهو ۽ ڇيڻو!]

19

رُڃن ۾ رَڙِ ٿِي، جِهَڙي ڪَري نه جوءِ

اِيئن نه عورَتَ هوءِ، اِيءَ تان آهَ عِشَقَ جِي. [1460]

سمجهاڻي: رڻ پٽ (جي خاموشيءَ) ۾  رڙ جو (اهڙو خوفناڪ) آواز آيو، جيڪو ڪنهن عورت ذات جو نٿو ٿي سگهي. اهڙي دانهن ڪا عورت ڪري نٿي سگهي. اها حقيقت ۾ عشق جي صدا آهي.

20

رُڃنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ ڪُڻڪِي ڪُونجَ

نَعَرو مَنجههِ نِڪُونجَ، اِيءَ تان آهَ عِشق جِي. [1461]

سمجهاڻي: برپٽ بيابان ۾ اهڙو (تيز ۽ تکو، دل کي چيريندڙ) آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ڄڻ ته ڪونج پکيءَ جو ڪرڪڻ (آواز) هجي. ٻيلي جهڙي گهاٽي وڻراهه ۾ اها پڪار ٻيو ڪجهه ناهي، بلڪه عشق جي صدا آهي.

21

رُڃنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ سارَنگِيءَ جو سازُ

اِيءُ عِشقَ جو آوازُ، ماڙهُو رکَنِ مُنڌَ تي. [1462]

سمجهاڻي: رڻ پٽ بيابان ۾ (تِکي مِٺي پر سُريلي) ڪوڪ ٻڌڻ ۾ آئي. ائين ٿي لڳو ڄڻ ته سارنگيءَ جو ساز ٿو وڄي. اصل ۾ اهو عشق جو آواز آهي، پر ماڻهو (غلطيءَ وچان) سمجهن ٿا، ته سسئي ورلاپ پيئي ڪري.

وائي-1

تَنَ مَنَ مَنجههِ تَوارَ، هو يارَ!

سَدا آهي سِڪَ جِي

سَدا آهي سُورَ جِي

چُري چُڻڪِي چِتَ ۾، جِئن سا گهَنڊِيءَ لارَ

ڀُڻي ڏورِيان ڏونگَرين، مُون کي تُون اوسارِ

لَڳِي اُڃ اَکِين کي، سِگهو موٽُ سَتارَ

پَسان ڪِيئَن پِرِيتَڻو، ڪاڏي پِرتِ پَچارَ

بَندِياڻِي بنڀورَ ۾ آهيان آنهِئان ڌارَ

مون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرِين، آرِياڻِي آڌارَ

ڏِيان خِيزُ خزان ۾، بي تو مَنجههِ بَهارَ

مُضرَتَا مُون کي ٿِئا، حَڪِيمَنِ هَزارَ

دَوا آهِيين دِلِ جِي وارُو واقفُ ڪارَ

آڻي ڏي عَليلَ کي مَعجُونُون موچارَ

آهي عبداللطِيفَ کي تُنهِنجِي پِيَه پَچارَ. [1463]

سمجهاڻي: او دوست! او يار! منهنجي دل ۾ توڻي تن بدن ۾ سدائين تنهنجي محبت ۽ پيار جي پچار پيئي هلي ۽ هر وقت اُهي سور پيئي سهان. تنهنجي اها محبت منهنجي اندر ۾ ائين آهي، جيئن گهنڊڻيءَ جي لار جو لڳاتار آواز. آءٌ ڏونگر ۾ پيئي ڦران ۽ هلان، پر تون مون کي اڳتي منزل ڏي وڌاءِ ۽ اڳتي ڪر. منهنجون اکيون تولاءِ اڃايل (سڪايل) (تولاءِ بيتاب) آهن، او عيب ڍڪيندڙ! تون جلد موٽي اچ. آءٌ پرينءَ کي ڪيئن ملي سگهنديس، ايتري پريت جي پچار ڪٿي آهي. اي سپرين! آءٌ توکان سواءِ ڀنڀور ۾ قيدياڻي آهيان. آءٌ خزان جي مند ۾ ڪهڙو خوش ٿينديس، بلڪه توکان سواءِ بهار جهڙي  مند به بيڪار آهي. ٻين طبيبن ۽ حڪيمن جي ڦڪين مان مون کي رهندو نقصان ٿيو آهي. منهنجي دل جو درمان تون آهين ۽ تون ئي منهنجو واهرو ۽ واقف آهين. هن بيمار کي تنهنجون ئي دوائون درمل گهربل آهن. اي پيارا پرين! عبداللطيف کي تنهنجي ئي تات ۽ يادگيري آهي.

[روميءَ جي نقطئه نظر موجب عشق بيماري به آهي ته دوا به آهي. مثنويءَ جي شروعات ۾ ان موضوع بابت هيءُ شعر ڏسو:

هرچه کردند از علاج و از دوا،

گشت رنج افزون و حاجت ناروا.

(دفتر اول، ب- 51)

معنيٰ: جيترو هن جو علاج ۽ دوا ڪيائون، اوترو ئي هن جي بيماري وڌندي ويئي ۽ ڪو فرق نه پيو.

اڳتي چوي ٿو:

جان من سهل ست و جان جانم اوست،

دردمند و خسته ام درمانم اوست.

(دفتر اول، ب- 44)

معنيٰ: منهنجو پنهنجو ساهه معمولي آهي، منهنجو اصلي ساهه منهنجو محبوب آهي. مان دردن ۾ وڪوڙيل ۽ ڦٽيل آهيان. منهنجي درد جو درمان ۽ دوا اهو ئي آهي.]

 

وائي

هِيءَ گهايَلِ هَڏِ  گهورِي

ڪيچِي  مُون  نه  سَڱِيڻَا

عِشقَ آرِيءَ ڄامَ جي، هِيءَ جهُونڙِي هَڏ جهورِي

رَهي جا رُڃنِ ۾، سا ڇَپَرِ ڇَڏِئو مَ ڇورِي

اَدِيُون آرِياڻيءَ لَئي، ڏُونگرِ ٿِيندِيَسِ ڏورِي. [1464]

سمجهاڻي:  (سسئي پاڻ لاءِ ٿي چوي) هيءَ عشق جي ڦٽيل ۽ ڪُٺل ڀل ته قربان ٿي وڃي! (هونئن به) ڪيچ وارا منهنجا ڪهڙا عزيز يا مائٽ لڳن. آري ڄام جي عشق (درد ۽ فراق) پيري ۽ پڇاڙيءَ تائين منهنجن هڏن کي به ڳاري چٽ ڪري ڇڏيو آهي. هيءَ جيڪا رڻ پٽ ۽ بر بيابان ۾ اچي ڦاٿي آهي، تنهن کي جبل ۾ اڪيلو لاوارث ڇڏي نه وڃو. اي سرتيون! آءٌ پنهنجي آرياڻيءَ خاطر ڏونگر پيئي ڏورينديس (آءٌ هن کي پيئي ڳولينديس جيستائين هو وڃي ملي).


·  هي بيت سُر ديسي ۾ سلسليوار نمبر 1540 طور موجود آهي، ان ڪري هتان رد سمجهڻ گهرجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org