سيڪشن: لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب:

صفحو:47 

وائي-1

اللهَ سائين سائين، پُئان مَ پِرِينَئُون پاهِين

هنِيَڙي آسَرَ اوڏاهِين

وَڏي آسَرَ آه اوڏاهِين

جِتي ديرو دوستَ جو، سا ڪِيئَن ڀُونءِ اڳاهِين

ڀَنڀِيُون ڀِري آئِيُون، آيَلَ مون اُتاهِين

قَلَمُ جَنِ جي هَٿَ ۾، سي سيڻَ سَٻاجها سائين

بَندِيءَ جِي بازارَ ۾، شالَ مَ لِکَنِ لائِين. [2677]

سمجهاڻي: او الله سائين، تون ئي مالڪ آهين. شل آءٌ پنهنجي پرينءَ کان پري پٺتي رهجي نه وڃان. اهو ئي منهنجي دل لاءِ اميد ۽ وڏو آسرو آهي. جتي منهنجي محبوب جو مڪان آهي، اها جاءِ ڪا پري ۽ پرانهين چئبي! اي امڙ، منهنجيون هي اکيون ان جاءِ تان گهمي ڦري آيون آهن، جتي منهنجو سڄڻ آهي. جن جي هٿ ۾ قلم آهي، اهي منهنجا مهربان سڄڻ ئي ته آهن. شال هن ٻانهيءَ جي باري ۾ ليکي واري جڳهه (حساب واري هنڌ) تي ڪا گهٽتائي يا ڪمي نه لکي ڇڏين.

وائي-2

جيڏيون آءٌ ڪا پاڻَ وَهِيڻي آهِيان

ڪا مون سارَ لَهيجا!

واڳَ ڌَڻينِ هَٿَ ۾، ڪيڏانہ ڪَرَهَلُ ڪاهيان

جيڏانہَ وارِينمِ سُپرِينِ، پيرُ اوڏاهِين پايان

قَلَمُ ڪاتِبَ هَٿَ ۾، آءٌ ڪا لِکيي مان لِکَ لاهيان. [2678]

سمجهاڻي: اي جيڏيون، او سرتيون، مان پنهنجي وس ۾ نه آهيان، منهنجو حال هيڻو آهي. منهنجي خبرچار لهجو، سار سنڀال ڪجو، منهنجي واڳ ته مالڪن جي هٿ ۾ آهي. آءٌ ڪيڏانهن اُٺ کي ڪاهينديس، بلڪه جنهن طرف منهنجا پرين مون کي وٺي وڃڻ گهرن ٿا، آءٌ ان طرف ئي هلڻ لڳان ٿي. جڏهن قلم ڪاتب يعني لکڻ واري جي هٿ ۾ آهي، ته آءٌ ان لکئي ۾ ڪا گهٽتائي يا ڦيرڦار ڪيئن ٿي ڪري سگهان!

 

داستان چوٿون

 

1

ديکِيندي دِيدارَ کي ”ڪُلُ“ سُڃاتَئُون ڪِينَ

تازي طَبيلَنِ ۾، آهِ اِحاطو زِينَ

هُئا جي اَمِينَ، سي حِسابان هَڄِي وِئا. [2679]

سمجهاڻي:  (دنيا جي) ديدار ۾ هو ايڏو مشغول ٿي ويا جو ’ڪُل‘ (حقيقت) جي ڪا خبر نه رکيائون. (هو سمجهن ٿا) جيئن ڪنهن طبيلي ۾ عربي گهوڙا بيٺل هجن ته انهن جي سڃاڻپ سندن زينن مان ڪري سگهجي ٿي. ليڪن جيڪي کرا ۽ سچا آهن، سي پاڻ کي ان حساب ڪتاب (فهم) کان عاجز سمجهن ٿا.

[هن بيت جي معنيٰ لاءِ ڊاڪٽر بلوچ جي راءِ آهي ته وڌيڪ غور طلب آهي.]

2

ديکِيندي دِيدارَ کي ڪِينَ سُڃاتَئُون ”ڪُلَ“

تازِي طَبيلَنِ ۾، آهِ اِحاطو جهُلَ

هُئا جي اَمُلَ، سي حِسابان هَڄِي وِئا. [2680]

سمجهاڻي: دنيا جي ظاهري ديدار ۾ هو ايترا ته محو آهن، جو ’ڪُل‘ کي سڃاڻڻ جو فڪر ئي ڪونه اٿن. هو ان خيال ۾ آهن ته (دنيا جي ) طبيلي ۾ موجود عربي گهوڙن جي ڳڻپ مٿانئن رکيل جهُل (واري خاص رنگين ڪپڙي) مان ڪري سگهجي ٿي. ليڪن جيڪي وڏيءَ سمجهه وارا داناءَ آهن، سي اهڙي حساب ڪتاب کان ڊڄي پري ٿي بيهي رهيا آهن.

[طبيلن جي تشبيهه مثنويءَ جي دفتر ٽئين ۾ هن ريت ملي ٿي:

هر  نفر  را  بر طويله خاص او،

بسته اند اندر جهان  جستجو.

منتصب برهر طويلي رايضي،

جز به دستوري نيايد را فضي.

(دفتر سوم، ب- 2077 ۽ 78)

معنيٰ: هر ٽولي لاءِ سندس خاص طبيلو آهي. هن جي طلب يا تلاش جي دنيا به ايستائين آهي، يعني هو ان ۾ ٻَڌل آهي. هو طبيلي مٿان هڪ نگهبان مقرر آهي، جنهنڪري ڪوبه قاعدو ڀڃي ان احاطي کان ٻاهر نٿو اچي سگهي]

3

ديکِيندي دِيدارَ کي ”ڪُلُ“ سُڃاتَئون ڪِين نَه

جانِبَ مَنجهان جِين نه، مَحرُوم ئِي مَري وِئا. [2681]

سمجهاڻي: هو دنيا جي ديدار (جُز) ۾ محدود رهجي ويا ۽ ’ڪُل‘ (حقيقت) کي ڄاڻڻ واريءَ واٽ تي هلي نه سگهيا. اهي ڄڻ محبوب کان واقف نه ٿيا ۽ ائين ڪجهه به حاصل ڪرڻ کان سواءِ مري ختم ٿي ويا.

[روميءَ مثنويءَ ۾ شيخ ۽ مرشد کيي ’ڪامل‘ ۽ ’ڪل‘ ڪوٺيو آهي، جنهن کانسواءِ طالب جي تڪميل نٿي ٿي سگهي:

مرترا عقليست جُزوي درنهان،

کامل العقلي بجو اندر جهان.

جُزو تو از کل او کلي شود،

عقل کل بر نفس چون غلي شود.

(دفتر، ب- 2052 ۽ 53)

معنيٰ: تو وٽ ٿورڙو عقل آهي، تنهنڪري تون ڪامل عقل واري جي تلاش ڪر. تنهنجو اهو ٿورو عقل ڪل جي ملڻ سان مڪمل ٿي پوندو، يعني جڏهن تون ان ڪامل عقل جي تابعداري ڪندين؟]

4

تَرڪُ ڪَرِ تَرڪ کي، وَڃَڻَ ڪَنا وَڃُ

آهي اِيءُ اُهَڃُ، سُڻِي سُڻائيج تون. [2682]

سمجهاڻي:  (سالڪ)تون تَرڪ ڪرڻ واري رسم (جنهن مطابق جيڪي ڪجهه پاڻ وٽ هجي سڀ ڏيئي، لاطمع ٿي وڃ) جو به خاتمو ڪر. ائين وڃڻ واري رسم کان به وڃ يعني ان کي به ڇڏي ڏي. (سلوڪ جي راهه ۾ فناءَ الفنا جو مقام). انهيءَ مقام جو اهوئي اشارو يا سمجهاڻي آهي، جيڪو تون پهريائين پاڻ چڱيءَ طرح ٻڌي سمجهي ۽ پوءِ ڪنهن ٻئي کي ٻڌائڻ (واقف ڪرڻ) جي ڪوشش ڪر.

[هن بيت جو بنيادي خيال مثنوي روميءَ جي ڪيترن ئي شعرن ۾ نظر اچي ٿو، بلڪه اهو روميءَ جي فڪر جو خاص پهلو آهي ته هو شين جي سمجهاڻي انهن جي ضد يا مخالف تي روشني وجهڻ سان ڏئي ٿو. مثلاً روشني ۽ اوندهه، خشڪي ۽ آلاڻ، انڌو ۽ سڄو، جز ۽ ڪل، صورت ۽ بي صورت، رنگي ۽ بيرنگي، ڏينهن ۽ رات، چون ۽ بيچون وغيره.

تَرڪ جي باري ۾ هو دفتر ڇهين ۾ هن ريت سمجهاڻي ڏئي ٿو.

از کجا جوئيم علم؟ از  ترک علم،

از کجا جوئيم سلم،  از  ترک  سلم.

               (دفتر ششم، ب- 828)

معنيٰ: اسان (اصلي) علم ڪٿان حاصل ڪريون؟ پاڻ ئي جواب ڏئي ٿو، هن علم (ظاهري) کي ترڪ ڪرڻ سان. دوست جي محبت ڪٿان حاصل ڪريون، جواب آهي ته هن (دنيا جي) محبت ترڪ ڪرڻ سان. ٻئي هنڌ هينئن چوي ٿو:

چون ز ’ساعت‘ ساعتي بيرون شوي،

چون نمايد، محرمِ بي چون شوي.

(دفتر سوم، ب-2075)

معنيٰ: جڏهن تون ’لمحي‘ مان لمحي لاءِ ٻاهر نڪري ايندين يا جڏهن ’چون‘ ڪيئن واري ڪيفيت مان نڪرندين، تڏهن ’بي چون‘ واري هنڌ پهچندين.

آخر ۾ چوي ٿو ته ترڪ ڪرڻ جي معنيٰ راحت ۽ آرام آهي ۽ ان کان پوءِ بقا جو پيالو پي بقا حاصل ڪر]

5

تَحقِيقَ جي تون ڀَري مَٿي رِءَ کَڻيجُ

ٻانهُنئان ٻَهَرِ ٿِي ڪُشتِي ڪَمائيج

سَنڌَنِ رِءَ ساري، ڄَنگهَنِ رِءَ ڄُليجُ

جا حاجَ هَٿَنِ رِءَ نه ٿِئي سا ٽُنڊو ٿِي ڪَريجُ

هَڪَلَ حَقِيقَتَ جِي ٻوڙو ٿِي ٻُڌِيجُ

اَنڌو ٿِي پَسيجُ، مُشاهدو مَحبُوبَ جو. [2683]

سمجهاڻي: تون حقيقت جو بار (هن ظاهري) مٿي کان سواءِ کڻي هل ۽ انهن (ظاهري) ٻانهن کان سواءِ پهلوانيءَ جي مشق جو مظاهرو ڪر. جسم جي سَنڌن جي سهاري بنا ۽ (ظاهري) ڄنگهن کان سواءِ هلي ڏيکار. ائين جيڪو ڪم هٿن کان سواءِ نه ٿي سگهي، اهو ٽُنڊو مُنڊو ٿي ڪري ڏيکار. حقيقت (سلوڪ جو مقام) جو سڏ ٻوڙو ٿي ٻڌڻ سک ۽ محبوب جو مشاهدو هن (ظاهري) اکين کان سواءِ ڪرڻ وارو طريقو اختيار ڪر.

[مثنوي روميءَ ۾ ان فڪر جي گهڻي اپٽار ملي ٿي ته حق ۽ حقيقت تائين رسائي لاءِ انسان جون هي ظاهري قوتون ۽ حواس ڪارآمد ناهن بلڪه اهي حواس جن سان حق جو مشاهدو ٿئي، اهي هنن حواسن کي فنا ٿيڻ کان پوءِ حاصل ٿين ٿا.

پنبه اندر گوش حس دون کنيد،

بند حس از چشم خود بيرون کنيد،

بي حس و بي گوش بي فکرت شويد،

تا خطاب ’ارجعي‘ بشنويد.

                  (دفتر اول، ب- 1566 ۽ 568)

معنيٰ: هنن ظاهري ڪنن جي اندر ڪپهه وجهي ڇڏ ۽ پنهنجي اکين تان حواسن جو پردو هٽائي ڇڏ. هر قسم جي حواسن يعني ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ سوچ کان الڳ ٿيءُ، تڏهن ئي تون مون ڏانهن موٽي اچڻ وارو سڏ ٻڌندين. هڪ ٻئي هنڌ وڌيڪ کولي چوي ٿو ته جيڪڏهن هنن ظاهري حواسن سان حق تعاليٰ کي ڏسڻ ممڪن هجي ها ته ڍڳا ۽ گڏهه به هن کي ڏسن ها.

گر بديدي حس حيوان شاه را،

پس   بديدي   گاؤ   خر   الله  را.

       (دفتر دوم، ب-51)

هڪ ٻئي بيت ۾ وري هينئن چوي ٿو:

کورم  از   غير   خدا   بينا  بدو،

مقتضائي عشق اين باشو بگو.

(دفتر سوم، ب- 2363)

معنيٰ: مان غير کان انڌو ۽ خدا (جي نور) سان ڏسندڙ آهيان. ٻڌي ڇڏ، عشق جي اها ئي تقاضا آهي.]

6

اَکِ اُلِٽِي ڌارِ، وانءُ اُلِٽو عامَ سِين

لاهوارو لوڪُ وَهي، تون اُوچو وَههُ اوڀارِ

مَنجهان نُوچِ نِهارِ، پُرِ پُٺِيرو پِرينءَ ڏي. [2684]

سمجهاڻي: تون پنهنجي اکين سان عام طريقي موجب ڏسڻ بجاءِ مختلف انداز سان (اندر جي اکين سان) ڏسڻ سک ۽ عام ماڻهن جي برخلاف چال هَل (انهن وانگر نه ٿيءُ). جيڪڏهن هو هيٺانهين يا سولي طرف وڃي رهيا آهن ته تون اوچي طرف ڏکئي طرف هلي ڏيکار. تون نوڙت سان نهارڻ سک ۽ پٺيرو هلندو هل (جيئن تنهنجو منهن هميشه محبوبن ڏي هجي ۽ قدم پوئتي کڻي هلين).

7

هَٿَنِ سِين حاجَ ڪَرِ، نيڻَنِ سِين نِهارِ

اُڀا اَڱڻَ پارِ، پَسُ پَنهنجا سُپرِين. [2685]

سمجهاڻي: هٿن سان ڀلي ڪم ڪار ڪر پر اکين ۾ محبوب جي انتظار واري ڪيفيت قائم رک! (ائين ڪندين ته آخر) تون پنهنجي پرينءَ کي (ضرور) پنهنجي اڱڻ جي ٻئي پاسي بيٺل ڏسندين! (ڇو ته اهو پري آهي ئي ڪونه!).

8

اَکيون سيئي ڌارِ، جَنِ سان پَسِين پرينءَ کي

ٻِئي ڏُونہ ڪِيمَ نِهَارِ، گهَڻو رِيسَارا سُپرِين. [2686]

سمجهاڻي: تون پنهنجي اکين کي اهڙي عادت وجهي ڏيکار جو اهي صرف پنهنجي محبوب کي ڏسن. (خبردار) ٻئي ڪنهن ڏانهن نه ڏسجانءِ، ڇو ته تنهنجا پرين تمام گهڻا غيرتمند آهن.

[مثنوي روميءَ ۾ اکين بابت هيٺيون شعر ۽ خاص طور ان جي ٻي مصرع هن بيت جي پهرينءَ سٽ سان موافق آهي.

آدمي ديد است باقي پوست ست،

ديد  آنست  که  ديد  دوست  ست.

    (دفتر اول، بيت 4106)

معنيٰ: انسان اک ئي ته آهي ۽ باقي کل ۽ هڏا، اک اها آهي، جيڪا دوست کي ڏسڻ واري هجي ۽ ان جي لائق هجي.]

9

وَنِيَنِ ۾ وِصالَ جِي تان ڪا ڪانِي پاءِ

دُوبينَائِي دُورِ ڪَري مَعرفَتَ مَلهاءِ

سُپيرِيان جي سُونہَ ۾ رُخنو ڪونه رِهاءِ

اَکِ اَشهَدُ چاءِ، ته مُسلِمانِي ماڻِيين. [2687]

سمجهاڻي: تون محبوب سان وصال (قرب) خاطر پنهنجي اکين ۾ انهيءَ سُرمي جي سَرائي پاءِ جنهن سان تون هڪ بدران ٻه ڏسڻ واري عادت کان ڇوٽڪارو لهين، تڏهن تون معرفت (واري مقام) جي لائق ٿي پوندين. (ياد رک) سپرين جي سونهن آڏو ڪا رڪاوٽ نٿي جڳائي (دوبينائي جو علاج ڪر). مسلمانيءَ جو حقيقي درد جو ماڻڻ لاءِ پهريائين هيڪڙائيءَ کي سڃاڻڻ واري اک حاصل ڪر.

[’اشهد‘ مان مراد خدا جي هيڪڙائي ۽ وحدت آهي، جنهن تي مثنويءَ ۾ گهڻو زور ڏنو ويو آهي. هڪ هنڌ چوي ٿو:

چون بدو زنده شدي، آن خود وي است،

وحدت محض است، آن شرکت کي است.

(دفتر چهارم،ب-2768)

معنيٰ: تون جڏهن هن (ذات) جي ذريعي زنده ٿي پئين ته پوءِ هو سڀ پاڻ آهي (تون ڪٿي به ناهين). اها خالص وحدت آهي ۽ ان ۾ ڪا ٻيائي ڪونهي.

’دو بينائي‘ ۽ ’ٽيڏائي‘ روميءَ جا پسنديده اصطلاح آهن. جيئن هڪ هنڌ چوي ٿو:

دريکي بگفتا که اين جمله يکي ست،

هر که او دو بيند احول مرد کي  مست.

        (دفتر اول، ب-495)

معنيٰ: هڪڙن کي چيائين ته جيڪي ڏسو ٿا سو سڀ وحدت آهي، جيڪو هڪ کي ٻه ڏسي ٿو سو ٽيڏو آهي.]

10

سُرُمو سَياهِيءَ جو رَنُنِ کي رِهاءِ

ڪانِي ڪارائِيءَ جِي پُرسُ ٿِي مَ پاءِ

اَکِينِ ۾ اَٽڪاءِ، لالائِي لالَڻ جي. [2688]

سمجهاڻي: ڪاري رنگ وارو سرمو (جيڪو عام طور سڀ پائن) عورتن کي سونهي ٿو. اها ڪاري رنگ واري سرمي جي سرائي جيڪڏهن تون مرد آهين ته نه پاءِ. توکي گهرجي ته پنهنجي اکين ۾ محبوب (روحاني رهبر) جي ڳاڙهاڻ کي لڳائين (تون پاڻ کي هن جي رنگ ۾ رڱ ته تنهنجي اکين ۾ به از خود اهو رنگ نظر ايندو).

[مثنوي روميءَ ۾ ان روحاني سرمي بابت ڪيترا شعر ملن ٿا، مثلاً هيءُ شعر ڏسو:

کحل ديده ساز خاک پاش را،

تا   بيند ازي    سر   اوباش  را.

            (دفتر چهارم، ب- 3373)

معنيٰ: تون هن جي پيرن جي خاڪ کي پنهنجي اکين جو سرمو ڪر ته جيئن اجايو سرٽڪرائڻ (گمراهه ٿيڻ) کان بچي وڃين.]

11

سُرُمُو سُفيدِيءَ جو جڏهن پاتو جَنِ

تَڏِهن ڏِٺِي تَنِ، اَڇائِي عالَمَ جِي. [2689]

سمجهاڻي: جن پنهنجي اکين ۾ (حق ۽ سچ وارن جو) سفيد سرمو لڳايو،تن کي پوءِ جهان ۾ هر هنڌ سفيدي (حق ۽ هدايت) وارو رنگ ئي نظر آيو (ٻين لفظن ۾ تڏهن هو هدايت وارا ٿيا).

[مثنوي روميءَ ۾ هن سلسلي ۾ هيٺيون بيت ڏسڻ گهرجي:

چشم روشن  کن ز خاک اوليا،

تابه  بيني   ز    ابتدا    تا   انتها.

            (دفتر چهارم، ب- 2736)

معنيٰ: اوليا جي خاڪ سان پنهنجي اکين کي روشن ڪر ته پوءِ تون ابتدا کان انتها تائين (غلط توڻي صحيح) سڀ ڪجهه ڏسي سگهندين]

12

سُرُمُو سُفيدِيءَ جو جڏهن پاتو جَنِ

تَڏِهن ڏِٺِي تَنِ، رونَقَ ريٽي جِهڙِي. [2690]

سمجهاڻي: جن پنهنجي اکين ۾ ڳاڙهي رنگ جو سرمو وڌو ته پوءِ انهن کي وري هر طرف ڳاڙهاڻ جهڙي سرخي ڇانيل نظر آئي.

[مثنوي روميءَ جو هيءُ شعر ڏسو:

سرمه کن تو خاک هر بگزيده را،

هم    بسوزد    هم   بسازد  ديده را.

(دفتر چهارم، ب- 3375)

معنيٰ: پيارن ٻانهن جي خاڪ کي سرمو ڪري وجهين ته تنهنجي اکين جي رونق سان روشني به وڌندي ۽ اهي وڌيڪ خوبصورت ٿي پونديون]

13

ڳاڙهو ئِي ڳاڙهو، ڪارو پَسَنِ ڪينَڪِين

اَکَڙِيَنِ پاڙو، وَڃي ڪِئو لاکَ سِين. [2691]

سمجهاڻي: هو (الله وارا) هر طرف ڳاڙهاڻ يا ڳاڙهو رنگ ڏسن ٿا، کين ڪارو (ٻيو ڪو رنگ) نظر نٿو اچي. ڇو ته هنن جي اکين لاک جهڙي ڳاڙهي شيءِ سان وڃي ويجهڙائي ڪئي آهي. انهيءَ ڪري کين هر طرف ڳاڙهاڻ مثل سرخي نظر اچي ٿي.

[مثنوي روميءَ ۾ ڳاڙهي رنگ جي باري ۾ گهڻو ڪجهه چيو ويو آهي. هڪ هنڌ چوي ٿو:

بهترين رنگها سرخي بود،

و آن ز خورشيدست و ازوي مي رسد.

          (دفتر دوم، ب-1099)

معنيٰ: بهترين رنگ ڳاڙهو آهي، ڇو ته اهو سج (حقيقت) جو رنگ آهي ۽ ان وٽان اچي ٿو.]

14

جِهَا تان نه تِهَا، نيڻَ پِريان جا نائُڪُون

ڪوڙين ڪُٺا ڪيتَرا اِلماسِين جِها

پَسِي پَرِ اِها، عَجَبُ ٿِئو اَجَلَ کي. [2692]

سمجهاڻي: محبوب جا نيڻ جهڙا تهڙا ناهن بلڪه اهي ته تکي تيز چهنب وارا آهن. انهن ڪيترن کي ڪهي ڇڏيو، اهي هيري جهڙا سخت ۽ ٻين کي ڪٽيندڙ آهن. (هيرو سخت عنصر آهي جيڪو شيشي وغيره کي صرف زور سان ليڪ پائڻ سان ئي ڪٽي ڇڏيندو آهي) محبوب جي (اکين سان ڪهڻ واري) اها روش ڏسي موت (جي فرشتي) کي به حيراني وٺي ويئي.

[مثنوي روميءَ ۾ الماس کي ڪٽيندڙ اوزار طور هن ريت پيش ڪيو ويو آهي.

پيش اين الماس بي اسپر ميا،

از بريدن تيغ را نبود حيا.

(دفتر اول، ب-692)

معنيٰ: انهي تيز ڪٽيندڙ تلوار جي آڏو ڍال کان سواءِ نه وڃ، ڇو ته ان کي ڪٽڻ کان سواءِ ٻيو ڪم ڪونهي.]

15

اَڄُ پُڻ اَکَڙِيَنِ سِين ڪوٺي ڪُٺائُون

ماهُ وَڍي اَنگڙا ڪري، ڪَرَنگهرُ ڇَڏِيائُون

وَتَواصَوا بالحق وَتَواصوا بالصبرِ، اِيَهِين اُتائُون

مُرِڪي مارِيائُون، کِلِي گهايو سَڄَڻين. [2693]

سمجهاڻي: اڄ وري محبوبن مون کي سڏي پنهنجي اکين سان ڪهي وڌو ۽ جسم کي ڪٽي عضوو عضوي کان ڌار ڪري ڇڏيو ۽ باقي وڃي پٺيءَ وارو هڏو ڇڏيائون. قرآن جي آيت ’۽ جن حق جي تلقين ڪئي ۽ جن صبر ڪيو‘ مطابق مون کي صبر جي هدايت ڪيائون، (مان ڇا ڪريان!) مون کي ته محبوب جي مُرڪ ماري ڇڏي ٿي ۽ سندس کِلڻ گهاو وجهي ڇڏي ٿو.

[روميءَ وٽ پڻ ڪُهڻ ۽ ڪُسڻ جون تشبيهون ۽ استعارا عام جام ملن ٿا:

حق بکشت اورا و در پاچه اش دميد،
پوست قصابانه ازوي در کشيد.

(دفتر ششم، ب- 1551)

معنيٰ: الله تعاليٰ پاڻ هن کي ڪهي سندس پيرن ۾ ڦوڪ ڏني ته جيئن ڪاسائي وانگر سندس مٿين کل لاهي وٺي.]

16

نَظَرُ نَزِدِيڪون، سَهي نه سَگهانِ ساعتَ سين

پَسَڻُ پَري سَندونِ، آءٌ نالي ڳِيَڙِي نِجهُران. [2694]

سمجهاڻي: آءٌ محبوب جي ويجهڙائيءَ وارو ديدار (جلوو) ٿوريءَ دير لاءِ به برداشت نٿو ڪري سگهان. محبوب جو پري کان ئي ديدار بهتر آهي، يعني کين پري کان ڏسڻ ٺهي ٿو. (منهنجي اها حالت آهي جو) سندس نالي وٺندي سڪ ۽ ڏک ۾ ڳري ۽ جهري پوان ٿو.

17

ڏورِجُ ڏِيو هَٿ ڪَري، ڏورِ مَ ڏِيان ڌارَ

ڪوڙين لَکَ هَزارَ، اِنَ اُنداهِي اَنڌا ڪَيا. [2695]

سمجهاڻي: تون ڏيئو (روحاني رهبر) هٿ ڪري (حق جي راهه) ڳول ۽ ڪڏهن به ڏيئي کان سواءِ ڪا شيءِ تلاش نه ڪر. (اونداهيءَ ۾ هٿوراڙيون نه هڻ). لکين ڪروڙين انسان (جن راه جي رهبر جي اهميت کي نه سمجهيو) اهي هميشه لاءِ اونداهيءَ ۾ رهجي ويا (ڄڻ انڌا ئي رهيا).

[مثنويءَ ۾ شيخ يا مرشد ڪامل کي شمع سان تشبيهه ڏيئي،هن جي اهميت کي هن ريت واضح ڪيو آهي:

بود شخي، رهنمايي، پيش ازين،

آسماني شمع، بر روي زمين.

چون پيمبر درميان امتان،

درگشاي روضئه دار الجنان.

    (دفتر سوم، ب-2033)

معنيٰ: هن کان اڳ هڪ اهڙو شيخ ۽ رهنما هيو، جيڪو روءِ زمين تي آسمان جي شمع وانگر هيو. الله وارا امت ۾ نبين وانگر هوندا آهن، جيڪي ماڻهن جي بخشش جو سبب بنجندا آهن.]

18

جو تون ڏِيو ڀانئِيو، سو سُورجُ سَهائو

اَنڌَنِ اونڌائو، جي راتِ وِهامِي ڏِينہُ ٿِئي. [2696]

سمجهاڻي: تو جيڪو (صرف) ڏيئو ڪري سمجهيو آهي، اهو حقيقت ۾ روشن سج (رهنما، رهبر ۽ مرشد) آهي، ليڪن جيڪي انڌا آهن، انهن لاءِ هميشه اونداهي آهي، توڻي جو رات گذري ڏينهن ڇو نه ٿئي!

19

ڏورِ مَ رءَ ڏِئي، ڏورَڻ گهَڻو ڏاکَڙو

تان تان هوئِجُ حُجَري جان جان يار هُئي

جَڏِ پاسي پاڻُ ٿِئي، تڏهن ڇَڏجِ تَڪِيو. [2697]

سمجهاڻي: تون ڏيئي (روحاني رهبر) کان سواءِ تلاش ۽ ڳولا نه ڪر، ڇو ته اها ڳولا وڏو ڏکيو ڪشالو آهي. تون هر وقت اندر حجري (اڪيلائي) ۾ يار سان گڏ هج. جڏهن تنهنجو دوست (اڪيلائي) پاڻ اتان هليو وڃي (توکي اجازت ڏئي) تڏهن سندس در ڇڏجانءِ!

[مثنوي روميءَ ۾ هڪ ننڍڙو نقل آهي، ته محبوب پنهنجي عاشق سان وعدو ڪري ٿو ته رات جو سجاڳ رهجانءِ، آءٌ ڪنهن به وقت تو وٽ ايندس. جڏهن رات جي پوئين پهر هو وٽس آيو ته عاشق کي ستل ڏسي سندس کيسي ۾ اکڙوٽ وجهي هليو ويو. رومي چوي ٿو ته عشق ۽ غفلت ڪيئن ٿا ٺهن!

شب در آن حجره نشست آن گرم دار،

بر اميده وعده آن يار غار.

(دفتر ششم، ب- 599)

معنيٰ: اهو عاشق وڏي گرمجوشيءَ سان وڃي حُجري ۾ ويهي انتظار ڪرڻ لڳو ته سندس پڪو دوست وعدي مطابق اتي ضرور ايندو. مطلب ته محبوب (الله تعاليٰ) پنهنجو وعدو ضرور پاري ٿو، تون غفلت ۽ سستي نه ڪر.

شاهه لطيف جي بيت ۾ حجري ۽ يار جا لفظ ۽ روميءَ جي شعر ۾ ساڳين لفظن جي ورجاءَ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.]

20

وَڃي رَسُ وَڃڻَ کي، وَڃڻَ کي وَڃيجُ

لِڪان تون لِڪيجُ، لوڪان لِڪي ڪونه ڪو. [2698]

سمجهاڻي: تون وڃڻ سان وس ڪر (اهڙيءَ طرح فنا ٿيءُ) جيئن تنهنجي اهي وڃڻ واري سمجهه (ته تون هتي يا هتي پهتو آهين) به ختم ٿي وڃي. (توکي پنهنجي ذات جي نفي جي به خبر نه رهي). ائين تنهنجي اندر ۾ جيڪو لڪل (نفس يا شيطان) آهي، ان کان به لڪي پاسي ٿي وڃ. باقي عام ماڻهن کان لڪڻ اجايو آهي (ڇو ته ان سان ڪو فرق نٿو پوي).

21

وَڃي رَسُ وَڃڻَ کي، وَڃڻُ پُڻِ وِڃاءِ

لوڪان پاڻُ لِڪاءِ، لِڪان پُڻ لِڪيجُ تون. [2699]

سمجهاڻي: تون وڃڻ وار حالت کي ڪڏهن به نه ڇڏ (فنا جو اهو رستو وٺ) تان جو تنهنجي وڃڻ (ڪٿي هلي پهچڻ) واري حالت به ختم ٿي وڃي. (اهڙيءَ طرح) تون پاڻ کي عام ماڻهن  کان به گوشائتو ڪر ۽ جيڪي توکان (نفس يا شيطان) لڪل آهن، تن کان به پاڻ کي لڪاءِ (بچاءِ).

شاهه لطيف ’وڃڻ کان وڃڻ‘، ’ترڪ کي ترڪ ڪرڻ‘ وغيره جهڙا اصطلاح فناءَ الفنا (جتي فنا ٿيڻ جي به خبر نه پوي) جي مفهوم ۾ استعمال ڪيا آهن. روميءَ وٽ به اهو انداز ملي ٿو، جيئن هڪ هنڌ ان جي سمجهاڻي ڏيندي چوي ٿو:

گرچ از  لذات  بي تاثير شد،

لذتي بود او و لذت گير شد.

(دفتر چهارم، ب- 405)

معنيٰ: جيتوڻيڪ هو هر قسم جي لذت کان محروم ٿي ويو، پر اها بي لذتي خود هڪ لذت هئي، جنهن سان هو آشنا ٿي ويو يا کيس ان جي خبر پيئي. مطلب ته لذت ۾ محو ٿيڻ، يعني خبر نه پوڻ ئي ته لذت جي انتها آهي.]

22

آءٌ ڏورِيَئِين، شالَ مَ لَهَئِينِ، پِرين هوئِين پَري

هَڏِ نه ساهَ سَري، تَنِ تَسَلِي نه ٿِيي. [2700]

سمجهاڻي: آءٌ توکي پيو ڳوليان، پر توکي ڳولي لهي نٿو سگهان، تون ايترو پري جو آهين، (جيتوڻيڪ) توکان سواءِ منهنجو هڪ پل به نٿو گذري سگهي ۽ منهنجي اندر کي آرام نٿو اچي (سالڪ جي مخصوص ڪيفيت).

[روميءَ ان سان ملندڙ جلندڙ ڪيفيت ڏانهن هنن لفظن ۾ اشارو ڪيو آهي:

يار را چندان بجويم جد و چست،

تا بدا نم که نمي بايست جُست.

(دفتر ششم، ب- 2177)

معنيٰ: مان محبوب جي ايستائين هر طرح سان پيو ڳولا ڪندس، جيستائين مون کي پڪ ٿي وڃي ته مون کي وڌيڪ تلاش ڪرڻ جي ضرورت ناهي. آءٌ کيس ڳولي نه سگهندس.]

23

آءٌ ڏورِيَئين، شالَ مَ لَهَئِين، تَڻُ مَ مِلينِ تون

لَئُون لَئُون منجهان مون، لَوچَ تُنهنجِي نه لَهي. [2701]

سمجهاڻي: مان توکي تلاش ڪريان، پر توکي لهي نه سگهان، مون کي انهيءَ لاءِ نه ملين ته جيئن منهنجي وار وار مان تنهنجي لوچ ۽ تڙپ ختم نه ٿئي! (راه سلوڪ جي هڪ ڪيفيت).

وائي

سَمِيع  بَصِيرُ  حَيُ  هميشہ

سو  سائِين  سَدائِين

هيڏي هوڏي هَٿَڙا، ڇا کي ڇو پائِين

”وَ فِي اَنفُسکُم اَفَلا تُبصِرُونَ“ اِيءُ ڏَسڙو ڏِنائِين

جانَ ڪو جِيين ڏِينهَڙو، تان ڏوري لَههُ مَنجهائِين. [2702]

سمجهاڻي: اهو مالڪ سائين جيڪو سدائين ٻڌندڙ، سدائين ڏسندڙ ۽ سدائين جيئرو آهي، اهوئي ته سدائين آهي، پوءِ ڇو ٻئي ڪنهن طرف ۽ ٻئي ڪنهن ڏانهن هٿ پيو ڊگهو ڪرين. (مدد لاءِ پيو واجهائين). جيتوڻيڪ قرآن جي آيت (اوهان جي جيءَ اندر آهي، پوءِ ڇا اوهان اهو نٿا ڏسو؟) ۾ ڏس ڏنل آهي، انهيءَ ڪري جيستائين تون جيئرو آهين ۽ تنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن آهن، ته پوءِ پنهنجي اندر مان هن کي ڳولي لهه يا هٿ ڪر.

[مثنوي روميءَ ۾ پڻ ساڳي مطلب سان قرآن جي مٿين آيت تضمين ٿيل آهي،

در نگر در  شرح  دل  اندرون،

تانيايد  طعنهء   لاتبصـرون.

        (دفتر پنجم، ب- 1072)

معنيٰ: دل جي ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏس، ته جيئن توکي قرآن جي آيت ’پنهنجي اندر ۾ ڇا نٿا ڏسو؟‘ وارو طعنو سهڻو نه پوي.]

 

داستان پنجون

 

1

مُنہُ مِحرابُ پِرينءَ جو، جامِعُ سَڀُ جَهَانُ

سَڀوئِي سُبحَانُ، ڪيڏانہ ڪَري نِيتِيان. [2703]

سمجهاڻي: منهنجي محبوب جو منهن محراب آهي ۽ سڄو جهان جامع مسجد آهي (جنهن جو محراب محبوب جو منهن آهي). جڏهن هر طرف سبحان (پاڪ ذات) آهي ته انهيءَ صورت ۾ (نماز خاطر) آءٌ پنهنجو منهن ڪيڏانهن ڪري نيت ڪريان.

[مٿئين بيت بابت مثنوي روميءَ جي هنن شعرن ۾ اشارو ملي ٿي.

او چون جانست و جهان چون کالبد،

کالبد از جان پزيرد نيک و بد،

هرکه محراب نمازش گشت عين،

سوء ايمان رفتنش مردان تو شين.

(دفتر اول، ب-1764-65)

معنيٰ: اهو پاڻ روح آهي ۽ هي جهان جسم وانگر آهي، جسم جي نيڪي ۽ بدي روح جي ڪري آهي. جنهن جو نماز ۾ محراب (قبلو) خود اها ذات پاڻ آهي، انهيءَ جي ايمان بابت ڪجهه چوڻ گهٽتائي آهي.]

2

حَبِيبَنِ هيڪارَ، مَنجهان مِهرَ سَڏُ ڪِئو

مون کي سَڀَ ڄَمارَ، اورَڻَ اُهوئِي ٿِئو. [2704]

سمجهاڻي: منهنجي محبوبن راضي ٿي (محبت وچان) مون کي پاڻ سڏ (ياد) ڪيو، ان کان پوءِ پوري حياتيءَ ۾ منهنجي لاءِ اهوئي ورد (ورائي ورائي ياد ڪرڻ) رهجي ويو آهي (ته هن مون کي پاڻ ياد ڪيو).

3

پِريان سَندي پارَ جِي مِڙَئِي مِٺائِي

ڪانهي ڪَڙائِي، چَکين جي چيتُ ڪَري. [2705]

سمجهاڻي: پرينءَ جي طرفان جيڪي ڪجهه ملي (اهو سڀ سٺو آهي) اهو مٺو ئي مٺو آهي. ان ۾ ٿوري به ڪڙاڻ (خرابي) ڪانهي. بشرطيڪ تون دل سان ان کي چکين.

[مثنوي روميءَ مطابق جيئن ته الله تعاليٰ سراسر لطف ۽ ڪرم آهي، تنهن ڪري ان جي ڪاوڙ يا ڏمر ۾ به چڱائي سمجهڻ کپي!

گر نديدي سود او در قهر او،

کي شدي آن لطف مطلق قهرجو.

(دفتر اول، ب- 210)

معنيٰ: جيڪڏهن هو (الله تعاليٰ) ان ماڻهوءَ جو فائدو ان ڏمر ۾ نه ڏسي ها ته اها ذات جيڪا پاڻ سراسر لطف ۽ ڪرم آهي، اهو ڏمر ڪيئن ڪري ها.]

4

جيڪين ڏِنائُون، سو سِرُ ڏيئِي سَههُ جِندَڙا

مَ چَئهُ ڇِنائُون، اِي پُڻ ڳَنڍِئو سَڄَڻين. [2706]

سمجهاڻي: محبوب وٽان جيڪي ملي، اهو پنهنجو سر قربان ڪري به قبول ڪر. ائين هرگز نه سمجهه ته توکي ڇڏي ڏنائون، ڇو ته (حقيقت ۾) اهو پڻ ڳنڍڻ جو هڪ نمونو آهي (جيتوڻيڪ اهو سمجهه ۾ ظاهري طور نٿو اچي).

[مثنوي روميءَ ۾ هن مفهوم جو هيءُ شعر ڏسو.

نيم جان بستاند و صد جان دهد،

آنچه  درو  همت  نيايد  آن   دهد.

           (دفتر اول، ب-2127)

معنيٰ: ڪامل رهبر جيڪو (تڪليفن ڏئي) اڌ مئو ڪري ٿو، اهو سوين حياتيون به ڏئي ٿو. بلڪه ايترو ڏئي ٿو جيڪو وهم ۽ گمان يا سمجهه ۾ نٿو اچي]

5

جيڪِين ڏِنائُون، سو مان ڳڻُ ڳَنڍِ ٿِئو

مون کي پُڇئائُون، تون ڪِئن اِنِهِين ٿوڪَ سِين. [2707]

سمجهاڻي: مون کي محبوبن وٽان جيڪي ڪجهه مليو، سو مون احسان سمجهي ڳنڍ ۾ سوگهو ڪري ٻڌي ڇڏيو آهي، (مون لاءِ اها وڏي نعمت آهي). وري مهرباني ڪري مون کان پڇيائون ته تون اها شيءِ ڪيئن پاڻ سان کنيو پيو گهمين! (پنهنجي ڏنل شيءِ بابت پاڻ ئي مون کي سمجهائڻ خاطر ائين چيائون).

6

مَيَن مَٿي ثَمَرا، کُهِينَ سَڏَ ڪَرِينِ

ساٿُ نِباهِيو نِينِ، اِيءَ پَرِ سَندِي سَڄَڻين. [2708]

سمجهاڻي: اُٺن تي سامان ٻڌل آهي ۽ قافلي وارا ٿڪل ٽٽل آهن، پر محبوبن کين پاڻ سڏ ڪيو آهي. پيارن سڄڻن جي اها (اتم ۽ عاليشان) ريت آهي، جو اهڙيءَ طرح قافلو (ساٿ) منزل تي پهچائين ٿا.

[مثنوي روميءَ ۾ اها ساڳي حقيقت ٻئي نموني ۾ بيان ڪئي ويئي آهي:

تو مگو مارا بدان شهه بار نيست،

برکريمان  کارها دشوار  نيست.

(دفتر اول، ب-221)

معنيٰ: تون اهو نه چئو ته اسان جي ان وڏي بادشاهه وٽ پهچ ڪانهي، جيڪي قابل رحم آهن انهن جا ڪم ٿيڻ ڏکي ڳالهه ڪانهي (هو پاڻ انهن جي ڳڻ ڪري ٿو.]

7

اَوَڳُڻ رُسي سَڀُڪو، ڳُڻين پِرين رُٺامِ

ليکِيمَ جي لِسانَ سِين، سي ڪَرَ ڪِينَ ڪِئامَ

پاڻُ وِڃائي پانهِنجا، ٿورا ٿوڪَ هَنيامِ

بَندگي اَفگندگي شَرمندگي، اها ميڙِ مُڪامِ

پِرين تَبَ پَرتامِ، ”آئُون“ جَبَ اُٺ ڳَئِي. [2709]

سمجهاڻي: بُرن ۽ بڇڙن ڪمن ڪرڻ سبب هرڪو ناراض ٿئي ٿو، پر سٺن ڪمن ڪرڻ جي باوجود منهنجا پرين مون کان ناراض ٿي ويا آهن (شايد) منهنجو اهو قصور آهي جو جيڪي زبان سان چوندو رهيس ائين ڪونه ڪيم، مون ائين پاڻ پنهنجا ڪي ٿورڙا ڪيل چڱا ڪم به وڃائي ڇڏيا. آخر مون پنهنجي ٻانهپ، پنهنجي ڪميڻائي ۽ پنهنجي شرمساري، سڀ ميڙ منٿ (عاجزي طور) وٽن موڪليا (مون پنهنجي پشيماني ظاهر ڪئي)، منهنجا پرين مون سان تڏهن راضي ٿيا. جڏهن مون منجهان پاڻپڻو ۽ خودسري (جهڙا اوڳڻ، بدخصلتون) بلڪل ختم ٿي ويا (پاڙئون پٽجي ويا).

8

اَلَتَيمِ جا هنِيان، سا نه سَلِتَيمِ ساهَ کي

سُپيريان جي ڳالَهڙِي لِڪايَمِ لوڪان

ويئِي مون وَسان، تي پَڌَرِ پيئِي پِرينءَ ري. [2710]

سمجهاڻي: مون کي جيڪو راز منهنجي دل ٻڌايو، اهو مون پنهنجي ساهه سان به نه سليو يعني نه ٻڌايو. مون (ڪوشش ڪري) محبوب جي ڳالهه کي گهڻو لڪايو ته جيئن اها عام تائين نه پهچي. پر آخر اها ڳالهه منهنجي وس کان ٻاهر ٿي ويئي (ماڻهو منهنجي عجيب حالت ڏسي سمجهي ويا.) آخر اهو راز پڌرو ٿي پيو، اها ڳالهه ۽ پرين کان سواءِ (ٻين وٽ اها خبر پهچي ويئي) مطلب ته پرين اها ڳالهه ظاهر ڪانه ڪئي، پر ٻين ظاهر ڪئي.

9

مُون تان لِڪائِي گهَڻُو پَرَ رُوئَڻَ ڪِي روشَنُ

رَسِيو رِيزالِن کي زَردِيءَ مَنجهان ظَنُ

ويرِي مون وَرَنُ، ڳالِهه ڪَيائِين ڳُجَهه جِي. [2711]

سمجهاڻي: مون گهڻي ڪوشش ڪئي ته محبت جو راز لڪل رهي (۽ ٻين کي ان جي خبر نه پوي) پر منهنجي روئڻ ان کي پڌرو ڪري وڌو (اهو هينئن ته) منهنجي بدخواهن ۽ رقيبن کي منهنجي منهن جي پيلاڻ مان اهو گمان پيدا ٿيو. (منهنجي بدليل رونق ۽ بي حالي مان). کين پتو پئجي ويو. منهنجي چهري جو رنگ ئي منهنجو دشمن ثابت ٿيو جنهن منهنجو راز کولي وڌو.

[مثنوي روميءَ جو هيءُ بيت ڪنهن حد تائين هن سلسلي ۾ رهنمائي ڪري ٿو.

هر که او بيد ارتر پر درد تر،

هر که او آگاه تر رخ زرد تر.

         (دفتر اول، ب- 629)

معنيٰ: جيڪو وڌيڪ سجاڳ ۽ ساڃهه وارو آهي اهو اوترو وڌيڪ درد سان ڀريل آهي ۽ جيڪو وڌيڪ خبردار آهي، ان جو چهرو وڌيڪ پيلو آهي.]

10

مِٺايان مِٺو گهَڻو، ڪَڙو ناهِ ڪَلامُ

سُڪُوتُ ئِي سَلامُ، پِريان سَندي پارَ جو. [2712]

سمجهاڻي: محبوب جو ڳالهائڻ مٺاڻ کان وڌيڪ مٺو ۽ لذيذ آهي، اهو ڪڏهن به ڪؤڙو (اڻ وڻندڙ) ناهي. ائين محبوب جي ماٺ ڄڻ (سندن موڪليل) سلام (يادگيري) آهي.

[روميءَ وٽ وري هي انداز ملي ٿو:

تلخ از شيرين لبان خوش مي شود،

خار از گلزار دلکش مي شود.

(دفتر سوم، ب- 538)

معنيٰ: مٺڙن چپن وارن جي ڳالهائڻ سان ڪوڙاڻ به مٺاڻ ٿي پوندي آهي. جيئن گلشن ۾ گلن سان گڏ ڪندا به سهڻا لڳندا آهن.]

11

سِڪِين ڪُہُ سَلامَ کي، ڪَرِيين ڪُہُ نه سَلام

ٻِئا دَرَ تَنِ حَرام، هِيءُ دَرُ جَنِي ديکِئو. [2713]

سمجهاڻي: تون محبوب جي سلام جو انتظار ڇو ٿو ڪرين (اها ڳالهه ٺهي ڪانه ٿي) تون پاڻ وڃي سلام ڇو نٿو ڪرين. جن سڄڻن وارو اهو در ڏٺو آهي، تن لاءِ ٻيا در حرام (منع ٿيل) آهن.

[هن ٻنهي بيتن جي پس منظرلاءِ مثنوي مان هيٺيان بيت نظر ۾ رکي سگهجن ٿا.

بي طمع نشنيد  م از خاص و عام،

من سلامي اي برادر والسلام،

جز سلام حق تو هين آنرا بجو،

خانه خانه، جابجا، کو بکو.

(دفتر سوم، ب- 3349-50)

معنيٰ: عام توڙي خاص ڪنهن جو به سلام مطلب کان سواءِ ناهي منهنجي اها راءِ پڪي آهي. وڌيڪ والسلام، ليڪن ذات حق جو سلام ڪنهن به مطلب کان سواءِ آهي. ان جو سلام ڪر، جتي ڪٿي، هر هنڌ ۽ ڳليءَ ڳليءَ ۾. مطلب ته انهيءَ ذات جي سڪوت کي ئي سلام سمجهه، ڇو ته اهو ئي آهي جيڪو ٻين کان پاڻ ڪا اميد نٿو رکي، بلڪه ٻيا منجهس اميد رکن ٿا.]

12

رُٺي جا رِهاڻِ، سا پَهَڻي نه ٿِئي

ڪنہِ کَرَ وِجهِي ڪاڻِ، پاڻان نِيہُ نِکارِئو. [2714]

سمجهاڻي: محبوب جي رسڻ واريءَ حالت ۾ جيڪو لطف آهي، سو پرچڻ واريءَ حالت کان ٻيءَ طرح آهي. اهو سڄو ڦيٽاڙو اسان جي بدخواه رقيب (گلا ۽ گهٽ وڌائي ڪري) پيدا ڪيو. پر پوءِ (پرچڻ سان) پاڻ اسان جي محبت وڌي (وڻ ٿي) ويئي ۽ (گلن جي مُکڙين وانگر) وڌيڪ نکري ۽ ٽڙي پيئي.

ٻي معنيٰ: سڄڻ سان رُسامو ٺهي ئي ڪونه ٿو. جڏهن به رقيب اهڙي شرارت ڪئي ته ان جي پڌري ٿي پوڻ سان پاڻ قرب ۽ محبت ۾ وڌيڪ تيزي ۽ نکار آيو.

13

رُٺِي ناهي رِيتِ، پَهَڻي پاهَتُ ناهِ ڪو

پَسو مَنجههِ پِرِيتَ، جيهائِي جوڙَ وَهي. [2715]

سمجهاڻي: رسڻ ۽ پرچڻ واري روش ۾ ڪا خوبي ڪانهي (اهو اسان انسانن جو دستور بنجي ويو آهي ته ڪڏهن رسون پيا ڪڏهن پرچون پيا). پر جڏهن توهان دنيا جي باقي مخلوق کي ڏسندا ته هو سڀ پاڻ ۾ پرچيل آهن ۽ هي جهان ائين ئي هلي رهيو آهي.

14

کُهُنڊڙِي مَ لاهيج، پاتَئِي جا پِريتِ سِين

ڪو ڏِينہُ تَڳائيجِ، رُسَڻَ سَندِي رِيتَ سِين. [2716]

سمجهاڻي: اي پيارا پرين، تو پيار منجهان پنهنجي منهن تي هلڪو سنهڙو گهُنڊ وڌو آهي (ماڻو ڪيو آهي)، اهو هاڻي نه لاهجانءِ. ڀلي ڪجهه ڏينهن وڌيڪ انهيءَ رسڻ واري حالت ۾ ائين جياري رکجانءِ. (عاشق کي انهيءَ حالت ۾ وڌيڪ ڪشش محسوس ٿئي ٿي).

15

هَرَ هَرَ هرَڙائِي، وَڃڻُ دَرِ دوستَنِ جي

پاڙي ڏانہ پِرِينِ جي اُجهُه مَ اَوائِي

اَلَهڙِ ٿِي مَ آڇِ تون واٽَهڙُنِ وائِي

لائِيندَئِي لطِيفُ چَئي سُوران سَرهائِي

ڳُجهي ڳالَهان ئِي، پِرتِ وَٽِجي پاڻَ ۾. [2717]

سمجهاڻي: دوستن جي در تي بار بار وڃڻ هلڪڙائي آهي، (تون) هن جي پاڙي ۾ وائڙن وانگر اجايا ابتا سبتا ڦيرا نه ڪر. تون سيکڙاٽ (عاشق) بڻجي واٽ ويندن کي پنهنجا پيغام ۽ نياپا نه ڏي. عبداللطيف چوي ٿو ته دوست جا اهي سور ۽ تڪليفون ئي توکي خوشيءَ وارو ڪندا، ڳجهي پيغام ۽ نياپي سان ئي محبت جي ڳالهه کي ونڊجي وراهجي (محبت جو ڳجهه ۽ راز قائم رکجي).

16

پِٿُون پَرُوڙي جَنِ، جَڙان هَڻِي جَڪوڙِيَا

تُون ڪِيئَن اڳيان تَنِ، پُورا پاسُنگَ پائِيين. [2718]

سمجهاڻي: هنن (عارفن) سنهڙا موتي سڃاڻي پرکي شروع کان وڏي محنت ۽ جفاڪشي سان گهڙي لسا ڪيا ۽ چمڪايا آهن (اهي ئي انهن جي اصل قدر قيمت کان واقف آهن). تون اهڙين جوهرين جي اڳيان ويهي ڪهڙي اُٽل (وزن ۾ اضافو) گهرين ٿو، اها ڳالهه تنهنجي لاءِ مناسب ڪانهي.

[مثنوي ۾ عارفن جي اندر کي موتين ۽ جواهرن سان ڀريل ڏيکاريو ويو آهي:

دزدي  کن از زر و مرجان جان،

اي کم از سگ از درون عارفان.

(دفتر دوم، ب- 1428)

معنيٰ: توکي جيڪڏهن موتين ماڻڪن جي چوري ڪرڻي آهي (حاصل ڪرڻ چاهين ٿو ته) ته پوءِ اهي عارفن جي اندر مان حاصل ڪر، اي ڪتي کان به نيچ.]

17

جِئنِ جِئن ڏَمَرَ ڪَنِ، تِئن تِئنِ نَشا نِيہَ جا

مَحبَتَ مَحبُوبَنِ، ماڻي مان مَعلُوم ٿِئي. [2719]

سمجهاڻي: محبوب جيترو وڌيڪ غصو ۽ ڪاوڙ ڪن ٿا، اوترو محبت ۾ وڌيڪ تيزي ۽ مستي اچي ٿي. دراصل محبوبن جي محبت سندن رسڻ جي بهاني مان ئي ظاهرپيئي ٿئي.

18

جيڪِين ڏِنائُون سو سَڀوئِي صحَتَ

مَ چَئُه آزارُ اُنِ کي، مَ ڪِين مُصيبَتَ

ڪُهَڻُ قَرِيبَتَ، ڪوٺَڻُ پَرِ پِرينِ جِي. [2720]

سمجهاڻي: محبوب وٽان توکي جيڪي ڪجهه مليو آهي، ان ۾ ئي تنهنجي چڱڀلائي آهي، انهيءَ کي پنهنجي لاءِ ڪڏهن به مصيبت يا تڪليف جو سبب نه سمجهه ۽ نه چئو. عاشقن کي ڪوٺي، سڏ ڪري ڪهڻ، اها محبوبن جي (اصلي پراڻي) ريت رسم آهي.

[مثنوي روميءَ ۾ هن مطلب جا ڪيترا شعر آهن.

کي گران  گيرد  ز  رنج  دوست  دوست،

رنج  مغز و  دوستي   او  را   چو   پوست.

                 (دفتر دوم، ب- 1495)

معنيٰ: دوست جي ستائڻ سان دوستي ختم نه ٿيندي آهي، بلڪه تڪليفون ۽ ڏک اصل مغز آهن ۽ دوستي ان جي ٻاهرين کل]

19

ڦُٽو ڦوڙائو، وَرِئو وَرَقُ وِصالَ جو

مون کي ڏِنو سَڄَڻين ڏوران ڏيکائو

هِنيَڙو اڳ ڍائو، ويتَرِ پِرينءَ پَراهِئو. [2721]

سمجهاڻي: وڇوڙو ۽ فراق ختم ٿيو ۽ اهو (فال جو) ورق وريو جنهن ۾ وصال جي واڌائي آهي. منهنجي سڄڻن مون کي پري کان ڏيکاري ڏني، پري کان نظر آيا (سڄڻ سان ملڻ جي اميد پيدا ٿي). منهنجو جيءُ ته اڳ ۾ ئي خوشيءَ ۾ ڀرجي ويو هو، پر وڌيڪ سڄڻن پاڻ اچي پهرايو. (مون تي نوازش ڪئي).

وائي

دِلِ لائي دُورِ نه جا،

آئُون تُنهنجي دَرسَ ديوانِي

تون موٽُ مِيان! دِلِ لائي مَنُ لائي دُورِ نه جا

قاضِي پَڙِهئا پُڇُ رَهيئَان، هِتِ ناهِ طبيبان دِي جا

اَکِينِ   آگَمَ   لائِيا،   لالَڻَ   توهِي   لاءِ. [2722]

سمجهاڻي: او سڄڻ سائين، دل لڳائي پري نه وڃ. مان ته تنهنجي ديدار ۽ درشن جي ديواني آهيان. او ميان، مهرباني ڪري موٽي اچ، دل لڳائي من اٽڪائي پوءِ پري نه وڃ. آءٌ پريشانيءَ ۾ وڏا پڙهيا، پرجهيا ۽ قاضي پئي پڇايان، ليڪن هتي ڪنهن طبيب جي جاءِ ناهي ( هي مرض لاعلاج آهي). منهنجي اکين ۾ بادل ڀرجي آيا آهن، پر اهي سڀ سڄڻ تنهنجي انتظار ۽ اوسيئڙي جا آهن (اچ ته لهي وڃن).

 

داستان ڇهون

 

1

لوڪان لِڪي سَڀُڪو، لِڪان لِڪي ڪونَه

اُٿِيي ويٺي اَونَ، اِنَ اُلِٽِي ڳالِهه جِي. [2723]

سمجهاڻي: هرڪو ئي عام ماڻهن کان پيو پاڻ کي لڪائي (انهن جو خيال ٿو ڪري) پر جيڪو  اصلي لڪل (مخفي ذات) آهي، ان کان لڪڻ (خيال ڪرڻ، شرم ڪرڻ) جو ڪنهن کي خيال نٿو اچي. ماڻهوءَ کي اٿڻ ويهڻ يعني هر ويلي انهيءَ الٽي ڳالهه کي سمجهڻ گهرجي.

[مثنويءَ ۾ اهو خيال هن طرح ملي ٿو:

چه عجب گر سرز بد پنهان کني،

اين عجب که سرز خود پنهان کني.

(دفتر دوم، ب-1500)

معنيٰ: اها ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي ته تون پنهنجو راز مخالفن ۽ دشمنن کان ڳجهو رکين. وڏي ڳالهه اها آهي ته تون پنهنجو (ڪماليت وارو) راز پاڻ کان به لڪل رکين يعني پنهنجو ڪو ڪمال نه سمجهين.]

2

لوڪان لِڪي سَڀُڪو، لِڪان لِڪي ڪونَه

سَچِي جِهَڙِي سونَ، مُنہِ نه پيئِي ماڙهُوئِين. [2724]

سمجهاڻي: عام ماڻهن کان هرڪو ئي پيو لڪي، (انهن جو لحاظ ڪري) پر جيڪو اصل ۾ لڪل (مخفي ذات) آهي، ان کان ڪو لڪي ئي ڪو نه ٿو (ان کان ڪو شرم نٿو ڪري). اها ڪيڏي نه سون جهڙي سچي ۽ کري ڳالهه آهي پر ماڻهن کي سمجهه ۾ ئي نٿي اچي.

[روميءَ به هينئن چيو آهي:

کار پنهان کن تو از چشمان خود،

تابود کارت سليم از چشم بد.

(دفتر دوم،ب-1501)

معنيٰ: جيڪو به ڪم ڪرين اهو پنهنجي نظر کان به ڳجهو رک ته جيئن تنهنجو اهو ڪم بدنظريءَ کان بچي سگهي.]

3

مَتِيُون سَڀِ مُنجهاءِ، پاڻُ ڇَڏي اُو ڄاڻُ تون

پِهرِينِ پاڻُ پِٿُون ڪَري پِرين پوءِ پُڇاءِ

وَحدَتَ ساڻُ وِڃاءِ، ڪَثافَتَ ڪَثرتَ جِي. [2725]

سمجهاڻي: تون اهي عقل واريون سڀ ڳالهيون (مشورا) غلط سمجهي ڇڏي ڏي ۽ پنهنجي هستي فنا ڪري انهيءَ دوست کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪر. پاڻ کي ذرا پرزا ڪري (پاڻ کي فنا ڪري) هن کي پروڙ (ڄاڻ ته هو ئي آهي)، ائين ڪثرت جي ظاهري ميراڻ کي وحدت جي (رياضت) سان ڌوئي صاف ڪر (ته جيئن وحدت جو نظارو ڪري سگهين).

[مثنوي روميءَ جو هن سلسلي ۾ هيءُ بيت ڏسو:

صورت سرکش گدازان  کن  به رنج،

تابه  بيني  زير  او  وحدت  چو  گنج.

               (دفتر اول، ب- 684)

معنيٰ: ظاهري صورت (ڪثرت) کي رياضت سان ڳاري ڇڏ ته جيئن ان جي پويان وحدت جو لڪل خزانو ڏسي سگهين.]

4

جِتي ماڻِڪَ ماڳُ، تِتي چوران تَڪِيو

سَنئون تَنِ سَڀاڳُ، اَمُل جَنِ اوباهِيو. [2726]

سمجهاڻي: جنهن جاءِ تي ماڻڪ موتي (عارف) هوندا آهن، چور به اتي ئي اچي پنهنجو ٿاڪ ڪندا آهن، ليڪن انهن جو بخت زور هوندو آهي، يا ڀاڳ ڀلو هوندو آهي، جن کي (هدايت جا) موتي پلئه پوندا آهن.

[مثنوي روميءَ جو  هن سلسلي ۾ هيءُ شعر ڏسڻ گهرجي:

چونکه    دزدي  دزد  آن  در  لطيف،

چونکه حامل مي شوي بار شريف.

(دفتر دوم، ب- 1429)

معنيٰ: جيڪڏهن تون چور آهين ته پوءِ حقيقي املهه موتي چوراءِ، جڏهن بار کڻين ٿو ته پوءِ وڏو بار کڻ .]

5

چورُ اُڀوئِي چوءِ، ته آءٌ اُهوئِي آهِيان

جي اَسِي اَکِينِ هوءِ، توءِ لِڪيي کي ڪونَه لَهي. [2727]

سمجهاڻي: چور (نفس سرڪش) سامهون بيٺو چوي ته آءٌ اهوئي ساڳيو آهيان. ڀلي ڪنهن کي ٻه ته ڇا پر اسي (ڪيتريون) اکيون به هجن تڏهن به جيڪو آهي ئي لڪل (چور) تنهن کي ڪير ڳولهي سگهندو؟

[مثنويءَ ۾ ان جو جواب هن ريت ملي ٿو:

خويش را تسليم کن بردار مُزد،

وانگه از خود بي ز خود چيزي بدزد.

(دفتر دوم، ب-1502)

معنيٰ: تون پنهنجو پاڻ کي غلام سمجهي محنت مزدوري ڪر. صرف ان صورت ۾ تون پاڻ پنهنجي خصلتن کي پاڻهي چورائي سگهندين يعني ختم ڪري ڇڏيندين.]

6

جي ڀائِين پِرينءَ مِڙان ته سِکُ چوران ڪِي تاتِ

جاڳڻُ جَشَنُ جَنِ کي، سُکُ نه سارِي راتِ

اُجِهي ٻُجهِي آئِيا، وائِي ڪَنِ نه واتِ

سَلي سُورِيءَ چاڙِهئا، بيانُ ڪَنِ نه باتِ

توڻي ڪُسَنِ ڪاتِ، تَپِ ساڳِي سَلَنِ ڪِينَڪِين. [2728]

سمجهاڻي: جيڪڏهن تون گهرين ٿو ته محبوب سان ملان ته پوءِ چورن جي (رات جو جاڳڻ ۽ لڪڻ) ريت تي عمل ڪر، جن لاءِ اوجاڳو ڪرڻ خوشي آهي ۽ سڄي رات آرام نٿا ڪن. جيڪي هيڏانهن هوڏانهن گهمي ڦري خبرچار رکي آيا (ته ڪٿان داخل ٿيڻو آهي ۽ ڪيئن ٻاهر نڪرڻو آهي). ان ڳالهه کي جيئن هو سمجهي آيا تنهن کي زبان سان ظاهر نٿا ڪن. وري جڏهن سندن بدن ۾ سوراخ ڪري سوريءَ تي چاڙهبو، تڏهن به اصل ڳالهه جي سچي ڪونه ڪن. بلڪه انهن کي توڻي کڻي ڪو ڪات سان ڪهي، تڏهن به اصل ڳالهه (ساڳي) جي سچي ڪونه ڪندا، اصل چورايل شيءِ (ساڳي) نه ڏسين.

[رومي مثنويءَ ۾ هڪ هنڌ چورن جي باري ۾ هينئن نصيحت ڪري ٿو:

پس بدان مشغول شوکان بهترست،

تاز تو چيزي برد کان کهتروست.

هرچه انديشي و تحصيلي کني،

مي در آيد دزد زان سوکايمني.

(دفتر دوم، ب 1503 ۽ 4)

معنيٰ: تون ان شيءِ جو خيال ڪر، جيڪا وڌيڪ قيمتي آهي ته جيئن چور گهٽ قيمتي شيءِ چورائي وڃي. تون جنهن شيءِ ڏانهن توجهه ڪندين اها بچي ويندي، ڇو ته چور اتان داخل ٿيندو آهي، جتان کيس ڪو ڊپ نه هوندو آهي.]

7

پاڻِهِين هاڻُو، پاڻِهِين واهَرُو، پاڻِهين چورَنِ گَڏِ

ڪِنہَ کي ڪَريان سَڏُ، جِئن پانهنجِيُون هَنيُون پاڻُ ڏي. [2729]

سمجهاڻي: اهو (مالڪ) پاڻ زوري ڦرڪندڙ به آهي ته وري پاڻ مدد ڪندڙ به آهي، هو پاڻ ئي چورن سان چوريءَ ويل گڏ به آهي. (اهڙيءَ صورت ۾ ) آءٌ ٻئي ڪنهن کي ڪهڙا سڏ ڪريان، بس، هو پاڻ ئي پنهنجيون هَنيون (ڦريون) پنهنجو پاڻ موٽائي ڏئي ٿو.

[روميءَ هن ساڳي خيال کي ڍڪيل لفظن ۾ بيان ڪيو آهي:

هم طلب از تست و هم آن نيکوئي،
ما کئيم اول توئي آخر توئي،
هم بگو تو، هم تو بشنو، هم تو باش،
ما همـﮣ لاشئيم با چندين تراش.

(دفتر ششم، ب- 1539-40)

معنيٰ: هر قسم جي طلب به توکان آهي ته نيڪي به توکان. اسين ڇا آهيون؟ اول به تون آخر به تون! تون پاڻ چئو، پاڻ ٻڌ، پاڻ ئي هج. ايتري ڀڃ گهڙ يا ٺاهه ٺوهه کان پوءِ به اسين ڪجهه ناهيون.]

8

چُپ ڪَرِ چَپَ مَ چورِ، پُور اَکيون ڍَڪُ ڪَنَ

ته جا مُورَتَ مَنجهان مَنَ، تِنہِ مُشاهِدو ماڻِيين. [2730]

سمجهاڻي:  (اي طالب) خاموشي (سڪوت) اختيار ڪر، وات سان ڳالهائڻ ڇڏي ڏي، اکيون بند ڪر ۽ ڪنن کي به ٻڌڻ کان ٻوٽي ڇڏ. جڏهن تون ائين ڪندين ته پوءِ تنهنجي اندر ۾ جيڪو محبوب آهي، ان جو مشاهدو حاصل ڪري سگهندين (طالب جي مراقبي جي ڪيفيت جو بيان).

[مثنوي روميءَ ۾ بلڪل ساڳي معنيٰ جو هيءُ شعر آهي.

گوش بند و چشم بند و لب به بند،

گر  نه  بيني  نور  حق  برمن   بخند.

        (دفتر سوم، ب-3033)

معنيٰ: ڪن بند ڪر، اکيون ٻوٽي رک، ۽ چپ ڳالهائڻ کان بند ڪر، پوءِ جيڪڏهن تون حق جو نور نه ڏسين ته مون تي ڀلي کلون ڪر.]

9

ڪَنِ گهُرجِي ڪَلِمُو سَڀِڪِي سُڻَڻَ لاءِ

فِڪرَ سِين ڦيراءِ، ته هَمہَ کي حَقُ چَئِين. [2731]

سمجهاڻي: تون پنهنجي ڪنن کي (سڄي ڳالهه) ٻڌڻ لاءِ سدائين تيار رک. ان جي معنيٰ تي بار بار غور ويچار ۽ فڪر ڪر ته پاڻهي توکي (ڪائنات جي) هر شيءِ ۾ حق نظر ايندو، بلڪه تون ان کي حق چئي ويهندين.

[سرڪلياڻ ۾ هن بيت سان ڳنڍيل ٻيو بيت هن ريت آهي:

ڏسڻ  ڏسين  جي،  ته  همـﮣ  کي حق چئين،

شارڪ شڪ م  ني،  انڌا انهيءَ ڳالهه ۾.

هن بيت جي مختصر سمجهاڻي هن ريت ٿي سگهي ٿي، ته هتي ڪلمي مان مراد ڪلمه طيبه آهي ۽ ان جي ورد کي ذڪر چون ٿا. صوفين وٽ ڪلمي جو پهريون اڌ نفي (لاالـﮣٰ) ۽ اثبات (الاالله) تي ٻڌل آهي. نفي مان مراد آهي ته ڪائنات ۾ خدا کان سواءِ ٻي ڪا شيءِ موجود ناهي ۽ اثبات  مان مراد آهي ته صرف خدا ئي موجود آهي، ان ڪري صوفي ان جو مطلب لاموجود الاالله وٺندا آهن. شاهه جي هن بيت ۾ ان مطلب ڏانهن اشارو آهي.

[مثنوي روميءَ ۾ آهي ته اهو ذڪر ئي آهي جيڪو فڪر کي حرڪت ۾ آڻي ٿو ۽ ذڪر سج جي گرميءَ وانگر فڪر کي جلا ۽ گرمي بخشي ٿو. آخر اهو مرحلو اچي ٿو، جڏهن سالڪ ڪائنات جي هر ذري ۾ حقيقي سج (خدا تعاليٰ) جي شعاع کي ڏسي ٿو ۽ کيس پاڻيءَ جي قطري ۾ پورو سمنڊ نظر اچي ٿو، .

ذکر آرد فکر را در اهتزاز،

ذکر را خورشيد اين افسرده ساز،

بيند اندر ذرهء خورشيد بقا،

بيند اندر قطرهء کل بحر را.

       (دفتر ششم، بيت 1476 ۽ 1482)]

10

اِيئَن چَوَندِي ڪيرَ، ته آءٌ ساڃارِي سِين سَڄڻينِ

دائِم انَ دَربارِ جا ڦِرَندا پَسان ڦيرَ

جَن حُضُورِي هيرَ، ڪَري تَغِيرِي تَنِ سِين. [2732]

سمجهاڻي: ڪير به اها دعويٰ نٿو ڪري سگهي ته هن جي محبوب سان اهڙي ويجهي سڃاڻپ (گهرائپ) آهي (جيڪا اڻ بدلجندڙ ۽ دائمي آهي). بلڪه ان الاهي درٻار جا رنگ نرالا آهن ۽ پيا ڦرن (جيڪي ظاهري سمجهه کان ٻاهر آهن). جيڪي هن جي حضور ۾ خاص درجي وارا هئا، انهن جا مرتبا به هيٺ مٿي ٿيندا رهيا آهن، (هن جي ذات بي نياز آهي).

[هن توڻي ايندڙ بيت جي مناسبت لاءِ مثنوي روميءَ مان هيٺيون بيت مطالعو ڪريو:

ساعتي کافر  کند  صديق  را،

ساعتي  زاهد  کند  زنديق  را.

                    (دفتر دوم، ب- 1312)

معنيٰ: (اها سندس بي نيازي آهي)، هڪ گهڙيءَ ۾ صديق جي درجي وارا ايمان کان ٻاهر نڪري وڃن ٿا ۽ ساڳي گهڙيءَ خدا کي نه مڃيندڙ سچو مومن ۽ زاهد بنجي پوي ٿو.]

11

مَتان ڀانيين تون، ته ٿِيَسِ ساڃاري سِين سَڄَڻين

رُونديون ڏِٺيون مُون، اِنَ دَرَ مَٿي دادِليُون. [2733]

سمجهاڻي: متان تون ان گمان (گهمنڊ) ۾ پئجي وڃين ته منهنجي سڄڻن سان (گهڻي ۽ گهاٽي) واقفيت آهي. (اهو خيال رک ته) ان هنڌ جيڪي پاڻ کي گهڻو پيارو سمجهندا آهن، جيڪي پنهنجي سڄڻ جي گهڻو قريب ٿيندا آهن ته انهن کان امتحان به وڏا ورتا ويندا آهن (کين پرک سبب وڏيون تڪليفون سَهڻيون پونديون آهن).

12

لَکين سَئين مِهرانَ، آٽِي سَڀَ اُڌَمئا

سَڙان مَنجِههين مانَ، ٻَهَرِ ٻاڦَ نه نِڪري. [2734]

سمجهاڻي: جيڪڏهن سون لکن جي تعداد ۾ درياهه پنهنجي پوري مستيءَ ۾ ڀرجي وهڻ لڳن (۽ آءٌ انهن جي وچ ۾ هجان) تڏهن به منهنجي اندر ۾ جيڪا محبت جي باهه پئي ٻري اها ڪا جهڪي ٿيڻ واري آهي؟ (گهٽ ٿيڻ واري ناهي).

13

سُڃ وَسَندِي تَنِ کي جوشَ جَلايا جي

طالِبَ جي تَحقِيقَ جا، نِيہُ تَنِي وَٽ ني

ٽيڏي پَسي ٽِري، هُو تان آهي هيڪَڙو. [2735]

سمجهاڻي:  (سالڪ) جيڪي (حق جي) جوش  ۽  جذبي  ۾  جلي  (سڙي پچي) چڪا آهن، تن لاءِ سڃ ۽ ويراني به وسندي ۽ آبادي وانگر آهي (اهي فنا ۾ آهن)، تون پنهنجي سڪ ۽ درد وارو حال تحقيق (جي مقام تي فائز صوفين) وٽ وڃي پيش ڪر. باقي اک جي ڦير واري يعني ٽيڏي انسان کي هميشه هڪ جي بدران ٽي شيون ئي نظر اينديون آهن جيتوڻيڪ (مالڪ حقيقي) ته هڪڙو ئي (واحد) آهي.

[مثنوي روميءَ ۾ هن پسمنظر وارا ڪيترائي بيت آهن، خاص طور هڪ حديث بيان ٿيل آهي ته جيڪو الله جي حضور ۾ وڃڻ گهري ته هو صوفين جي مجلس ۾ وڃي ويهي. هڪ ٻي تشبيهه ذريعي سمجهائي ٿو ته جڏهن ميڻ ۽ ڪاٺي باهه جي شعلي ۾ جلن ٿا تڏهن سندن اونداهي روشنيءَ ۾ تبديل ٿئي ٿي. اهو انسان خوشنصيب آهي جيڪو پنهنجي اونداهيءَ واري قيد مان نڪتو ۽ ٻئي زنده انسان (صاحب تحقيق) جي روشن صحبت ۾ پهتو.

رومي مثنويءَ ۾ علم تقليدي ۽ تحقيقي جي تفريق ڪندي هينئن چيو آهي:

مشتري علم تحقيقي حق است،

دايما بازار او با رونق است.

(دفتر دوم، ب-3266)

معنيٰ: تحقيقي علم جو خريدار الله تعاليٰ پاڻ آهي. انهيءَ ڪري اها بازار هميشه پر رونق آهي.

اڳتي چوي ٿو جنهن جي اک ٽيڏي آهي اها ٽيڏو ئي ڏسندي اهو پاڻ ڀلي کڻي سڌو هلي يا ٽيڏ کان بچڻ لاءِ هيٺ ٿي يا جهڪي هلي.

باز  حس  کز  نه بيند غير کز،

خواه کز غز پيش او يار است غز.

چشم  احول  از  يکي  ديدن  يقين،

دانک معزولست اي خواجه معين.

(دفتر چهارم، ب- 2394-95)

معنيٰ: جنهن جي اک ٽيڏي آهي ته اها ٽيڏائي کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ڏسندي، توڻي جو تون ان جي آڏو ڪيڏو به سڌو ٿي هلندين. مطلب ته اي دوست، ٽيڏي اک هڪ (وحدت) کي ڏسڻ کان قاصر آهي.]

14

وِياسُون پاڻان، سَڀُ ٿِياسون سُپِرين

پاڻِهِين جِي ڄاڻان، رَتِي رَهِي نه هيڪَڙي. [2736]

سمجهاڻي: اسين جڏهن پنهنجو پاڻ کان وياسون يا اسين پاڻپڻي کان الڳ ٿياسون (فنا يا نيست ٿياسون) تڏهن اسان لاءِ سڀ ڪجهه سپرين ٿي  پيو (اهوئي اسان لاءِ هر قسم جو آسرو ۽ آڌار بنجي ويو)، هاڻي اسان وٽ پاڻپڻي يا خوديءَ جي ٿوري ذري به نه بچي آهي.

[تصوف جو هيءُ مرڪزي نڪتو آهي، جنهن کي مثنوي روميءَ ۾ ڪيترن ئي طريقن سان سمجهايو ويو آهي، هيءُ شعر ڏسو:

برمن  از  هستي  من  جُز   نام   نيست،

درو جودم جُز تواي خوش کام نيست.

           (دفتر، ب-2033)

معنيٰ: مون ۾ منهنجي وجود جو صرف نالو آهي. اي خوش نصيب، منهنجي اندر ۾ تو کان سواءِ ٻيو ڪوئي ناهي (منهنجي مٿان رڳو نالو آهي، باقي سموري هستي تنهنجي آهي).]

15

سُتوئِي سيجَ گهُرِين، جَفا ڏِيين نه جانِ

صُلِحَ رءَ سيڻانِ، مَتان نُونڌين نه چَڙهِين. [2737]

سمجهاڻي: تون بنا ڪجهه ڪرڻ جي ويٺو ئي انعام اڪرام گهرين، پاڻ ڪا محنت ۽ تڪليف نٿو ڪرين. (خبردار ٿيءُ) محبوبن جي راضپي (خاص مرضيءَ) کان سواءِ تون ڪيئن سيج تي چڙهندين، (هو توکي ڪيئن نوازيندا؟)

16

سُتوئِي سيجَ گهُرِين، جَفا ڏِيين نه جِيءَ

پَهڻي ڌاران پِيءَ، متان نونڌين نه چَڙهِين. [2738]

سمجهاڻي: تون بنا محنت ڪرڻ جي مقصد ماڻڻ گهرين ٿو ۽ پاڻ کي ذري برابر تڪليف ڏيڻ نٿو گهرين. سڄڻن سان سرچاءُ (فرمانبرداري) کان سواءِ تون ڪاميابيءَ جي ڏکي منزل نه ماڻي سگهندين.

17

صُلحُ جَنِ سَڄَڻَ سِين، سيجَ ماڻِيندا سي

”اَلذِين آمَنُوا وِکانُوا يَتقُون“ اِنَ پَرِ اُڀا جي

سي نيئِي نُونڌين تي، چِٽين ڏِکين چاڙِهيا. [2739]

سمجهاڻي: جيڪي سڄڻ جي هدايت تي هلڻ وارا آهن، اهي ئي منزل تي پهچندا، جيڪي قرآن جي آيت، ’جن ايمان آندو ۽ پرهيزگاري اختيار ڪئي‘ موجب پورا بيٺا رهيا، تن کي محبوبن پاڻ وٺي وڃي پڌري پٽ سينگاريل سيج تي چاڙهي ويهاريو (اهي ڪامياب ۽ ڪامران ٿيا).

18

جي ٿِئا حَلُ حَبِيبَ سِين، سُمَهڻُ تَنِ صَوابُ

نيڻَ هيرائي ننڊَر سِين، خوش ڪِئائُون خُوابُ

اوسِيڙو عَذابُ، دِلئان دُورِ تَنِ ٿِئو. [2740]

سمجهاڻي: جيڪي (عارف) پاڻ ’فنا‘ ٿي محبوب سان ملي هڪ ٿي ويا، تن لاءِ ننڊ ڪرڻ به ثواب جو ڪم آهي. هنن  پنهنجي اکين کي ننڊ جي اهڙي عادت وجهي ننڊ کي وڌيڪ خوشيءَ ۽ فرحت جو باعث بنائي ڇڏيو آهي. تڏهن انهن جي دلين ۾ ڪنهن عذاب جو انتظار نٿو رهي، (عذاب جو خوف خطرو ختم ٿي وڃي ٿو).

[مثنوي روميءَ ۾ هن مطلب وارا ڪيترائي شعر ملن ٿا:

بس عجب در خواب روشن مي شود،

دل درون خواب روزن مي شود،

آنکه بيدارست و بيند خواب خوش،

عارف ست او خاک او در ديده کش.

         (دفتر دوم، بيت 2235-36)

معنيٰ: بس هو ننڊ ۾ ڪيتريون عجيب شيون ڏسي ٿو (ڇو ته) ننڊ ۾ سندس دل روشندان بنجي وڃي ٿي. پر جيڪو سجاڳيءَ جي حالت ۾ سٺو خواب ڏسي ٿو، اهو پڪ سان عارف آهي ان جي پيرن جي خاڪ اکين ۾ وجهه]

19

نا اُميدي نُورُ، اُميدَ اُونداه اُن کي

سَندو ساجَنَ سُورُ، سَرِئو تَنِ سُکُ ٿِئو. [2741]

سمجهاڻي: انهن (سالڪن) لاءِ ’نااميدي‘ ڄڻ روشني آهي، ۽ اميد انهن لاءِ اونداهه آهي، جن کي دوست جو درد پلئه پيو، انهن کي ئي سک حاصل ٿيندو.

[اڪثر صوفين وٽ- جن ۾ مولانا رومي ۽ شاهه لطيف شامل آهن- ڏک ۽ سک نااميديءَ ۽ اميد فراق ۽ وصال جي فڪر مطابق هر شيءِ جيڪا معشوق جو درجو رکي ٿي، اها عاشق جي نامراديءَ تي خود عاشق آهي. هو چوي ٿو:

آدمي، حيوان نباتي و جماد،

هر مرادي عاشق هربي مراد.

بي مرادان برمرادي مي تند،
وان   مرادان  جذب  ايشان  مي  کند.

 (دفتر سوم، ب-43۽  4444)

معنيٰ: نامراد (عاشق) ئي محبوب جي پٺيان چڪر ڪاٽيندا وتن ٿا. ڇو جو اهي محبوب (مراد) پاڻ هنن کي ڪشش ڪن ٿا. (ورنه هو انهن جي ڪڍ ڇو لڳن). هڪ ٻئي هنڌ چوي ٿو:

گرمرادت را مذاق شکرست،

بيمرادي، ني مراد دلبر دست.

              (دفتر اول، ب- 1748)

معنيٰ: جيڪڏهن توکي پنهنجي مراد ماڻڻ ۾ مزو اچي ٿو ته پوءِ بي مرادي به سندس مرضي وٽان آهي (مطلب عاشق صادق ٻنهي مراد ۽ بي مرادي مان لطف اندوز ٿيندو آهي).]

 

وائي

ڪِين اُنِي ۾ آهي،

هُوءِ جي جهُونا پَسجَنِ جهُوپَڙا

اِنَ دَرِ سيئِي اَگهِئا جَنِ کي ڪونَه چِتائي

ڌاريان ڀانئِين ڌارِيُون، پاڻُ پِريان سِين کائي

”اِن اَولِيائِي تَحتَ قَبائِي“ پنهنجا پاڻَ پَراهي

”لَا يَعرِفُهُمِ غَيري“، پَرَ کي ڪِينَ پَسائي

پَنهنجِيون ڇَڏي پَٽَ ۾، رِڙَههُ اُنِي جي رائي

خِذمَتَ  ڪَرِ  خُلقَ  سِين،  پاندُ  ڳِچيءَ ۾ پائي. [2742]

سمجهاڻي: اُهي جيڪي پراڻا جهوپڙا نظر پيا اچن، اُنهن ۾ گهڻو ڪجهه آهي (انهن ۾ ڪي الله جا دوست آهن)

هن (الله سائين) جي دروازي تي اُهي ئي قبول پون ٿا، جن ڏانهن هتي ڪوبه نٿو نهاري يا جن تي ڪنهن جي نظر نٿي پوي. عام ماڻهو هنن  کي ڌاريو ۽ پاڻ کان الڳ سمجهن ٿا، پر اُهي اهڙا آهن جو پاڻ پرينءَ سان گڏ ويٺا کائن، ’منهنجا دوست منهنجي چادر هيٺ آهن‘ جي قول موجب اهو مالڪ پاڻ ٿو کين ويس ڍڪائي. ’اُنهن کي مون کان سواءِ ٻيو ڪو نٿو سڃاڻي‘، مطابق ٻين ماڻهن کي اُنهن جي خبر نٿي پوي. توکي گهرجي ته تون پنهنجي مرضيءَ کي ڇڏي اُنهن جي پيروي ڪرين، بلڪه ڳچيءَ ۾ پلئه پائي وڏي خلوص ۽ اخلاق سان اُنهن جي خدمت چاڪري ڪرين.

[هن وائي ۾ حديث قدسي ’اوليائي تحت قبائي لايعر فهم غيري‘ يعني ’منهنجا دوست منهنجي چادر هيٺان آهن، انهن کي مون کان سواءِ ٻيو ڪو نٿو سڃاڻي‘جو حوالو آهي.

هن سلسلي ۾ مثنويءَ ۾ هيٺيان شعر ملن ٿا:

پيش چو ’يعرف‘ گفت، چوي جاي دگر،
گفت ’لا يعرفهم غيري‘؟ فذر،
’انهم تحت قبائي‘ کآ منون،
جز که يزدانشان نداند ز آزمون.

           (دفتر سوم، ب-3666-7)

معنيٰ: هڪ هنڌ ’سڃاڻي ٿو‘ چيائين ۽ ٻئي هنڌ ’مون کان سواءِ کين ڪو نٿو ڄاڻي‘ چئي ڇڏيائين. ’بيشڪ اهي منهنجي چادر هيٺان لڪل آهن‘ ۽ انهن کي خدا کان سواءِ ٻيو ڪو نٿو آزمائي سگهي.]

 

داستان ستون

 

1

سَڀيئِي سُبحَان جي ڪَرِ حَوالي ڪَمَ

ٿِيءُ تَحقِيقُ تَسلِيمَ ۾ لاهِي غَمَ وَهَمَ

قادِرُ ساڻُ ڪَرَمَ، حاصلُ ڪَري حاجَ تو. [2743]

سمجهاڻي:  (اي طالب) تون پنهنجا سڀ ڪم الله سائين (سبحانه و تعاليٰ) جي حوالي ڪر (توڪل رک). بيشڪ پاڻ کي الله جي سپرد ڪرڻ ۽ الاهي رضا کي پنهنجو ڪرڻ (تسليم جي حالت) سان ئي هر قسم جا وسوسا ۽ ڳڻتيون لهي وڃن ٿيون. اهوئي قدرت وارو سائين آهي جيڪو پنهنجي مهربانيءَ سان تنهنجيون حاجتون پوريون ڪري ٿو.

[مثنوي روميءَ ۾ هن مطلب جو هڪ شعر پيش ڪجي ٿو:

جز  توکل،  جز   که   تسليم    تمام،

در غم و راحت همه مکرست و دام.

          (دفتر اول، ب- 472)

معنيٰ: هر حال ۾ توڪل ڪرڻ گهرجي ۽ غم توڙي خوشيءَ کي تسليم ڪجي، ورنه اهو سڀ مڪر ۽ فريب آهي. هن بيت ۽ مثنويءَ جي شعر ۾ ٻه لفظ تسليم ۽ غم جا مشترڪ آهن.]

2

سَڀيئِي سَنئِين ڪَرِين، ڪومَ مُنجهائِين راهَ

سَڄَڻَ  جِي  صَلاحَ،  لائُون  لَڱو  ميڙِيين. [2744]

سمجهاڻي: اي مالڪ، شل تون سڀني کي سنئين واٽ سان لائين (سڌي رستي سان هلائين) ۽ غلط راهه کان بچائين. تون سهڻي سڄڻ ۽ سردار (حضرت نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم) جي سفارش سان بُرن بدڪارن کي مُهت ۽ مان ڏئين!

3

تَنُ تَسبِيحَ مَنُ مَڻِيُون، دلِ دَنبُورو جَنِ

تَندُون جي طَلَبَ جِيُون وَحدَتَ سِر وَڄَنِ

”وَحدهُ لا شَرِيڪَ لَہُ“ اِهو راڳُ رَڳَنِ

سي سُتائِي سُونهَنِ، نِنڊَر عِبادَتَ اُنِ جي. [2745]

سمجهاڻي: جن (سالڪن) جو تن تسبيح آهي ۽ دل ان تسبيح جو مڻيو آهي، جن جي دل (الله جي نالي وٺڻ سان) دنبوري وانگر وڄي ٿي، جن جي بدن جون تندون الله جي طلب ۾ وحدت جي آواز (سر) سان وڄڻ لڳن ٿيون ۽ جن جي جسم جي رڳن مان (هر وقت) ’الله هڪ آهي ۽ ان جو ڪو شريڪ ناهي‘ وارو آواز پيو اچي، اهڙا (سالڪ) ڀلي سُتل ئي هجن. انهن کي اهو سمهڻ ٺهي ٿو، ڇو ته انهن جي ننڊ به عبادت وارو درجو رکي ٿي.

[مثنوي روميءَ ۾ عارفن جي ننڊ بابت هيئن چيو ويو آهي:

نو  م  عالم  از  عبادت  به   بود،

آنچنان علمي  که  متنبـﮣ  بود.

(دفتر ششم، ب- 3887)

معنيٰ: عالم جي ننڊ هن جي عبادت کان بهتر آهي، خاص طور اهو علم جيڪو خدا جو خوف پيدا ڪري،

ٻئي بيت ۾ آهي ته جيڪڏهن تنهنجي دل بيدار آهي ته پوءِ ڀلي سمهه، ڇو ته تنهنجي مٿان ان مالڪ جو پهرو آهي.]

4

ٽَڪَ مَ ويهجِ ڀِتِينِ جي ٺَرِيي پاسِ ٺَرِي

ٻيلِيَنِ سِرِ ٻَرِي، مُنہُ پِٽي مَريج تون. [2746]

سمجهاڻي: تون (ٿڪ ڀڃڻ خاطر) ٿوريءَ دير لاءِ به اتي نه ويهه جتي ڀتين جي پاڇي ورڻ ڪري ڇانو ٿئي ۽ اها جاءِ ٿڌي ۽ آرام ده ٿي پوي. تون اٿي هل ۽ ساٿين (طالبن) سان گڏ گرميءَ ۾ سڙي پچي غم ۽ ڏک ۾ پنهنجا پساهه پورا ڪر.

[مثنوي روميءَ جي هن شعر سان هن بيت جي معنيٰ وڌيڪ واضح ٿئي ٿي.

گرچه  ديوار  افگند  سايه  دراز،

باز گردد سوئي او آن سايه باز.

    (دفتر اول، ب- 214)

معنيٰ: جيتوڻيڪ ديوار جي ڪري (پهرئين پهر ۾) ان جو پاڇو گهڻي ڇانو ڪري ٿو پر پوئين پهر ۾ اهو پاڇو جلدي ننڍو يا کٽڻ به لڳي ٿو، مطلب ته ان تي ڀروسو نه ڪر.]

5

جي ڪِيڙِيءَ ڀَرِ ڪَنبَنِ، نانگَ پِه نَمَنِ اُنِ کي

آگو اَمُنُ تَنِ ڪري جي اِنَهِين ڀَئي ڀَڄَنِ

مُشاهدو مَحبوب جو اَپَرُ لاءِ اُنهنِ

”اِن اولِيائِي تَحتَ قَبائِي“، ٻوڙا ڪِينَ ٻُجهَنِ

ڳُجَهان ڳُجُهه وَڃنِ، اَحدَ جي اِسَرارَ ۾. [2747]

سمجهاڻي: جيڪي (سالڪ)، (الله جي مخلوق سان محبت سبب)  ڪِئلي (مارڻ) کان به ڊڄن ٿا، ته پوءِ (زهريلا) نانگ (نفس) وري انهن جي آڏو ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏين ٿا. الله سائين انهيءَ خوف جي بدلي ۾ کين هميشه سلامتي ۽ حفاظت ۾ رکي ٿو. اهڙن سالڪن لاءِ ئي محبوب جو مشاهدو وڌيڪ اهم آهي. (الله تعاليٰ جي قول) ’منهنجا دوست منهنجي جامي هيٺ آهن‘، پر غافل ۽ بي سمجهه ان طرف ڌيان ڪونه ٿا ڏين. اهڙا سالڪ ئي هر وقت الله تعاليٰ جي احديت يعني هيڪڙائي حق واري ڳجهه کي پيا ڳولين.

[مثنوي روميءَ ۾ پڻ حديث قدسي ’ان اوليائي تحت قبائي‘ هڪ کان وڌيڪ دفعا آيل آهي.

انّهم    تحـت    قبائي      کآمنون،

جز که يزدان شان نداند ز آزمون.

(دفتر سوم، ب- 3697)

معنيٰ: ’اهي منهنجي پوشاڪ هيٺ لڪل آهن‘، انهن کي الله جي آزمائڻ کان سواءِ ٻيو ڪونه ٿو ڄاڻي.

اهڙيءَ طرح دفتر چوٿين ۾ نفس کي نانگ سان ڀيٽ ڏني ويئي آهي، ليڪن اهو به ٻڌايو ويو آهي ته اهو فقر ذريعي ڪئلي ماڪوڙي بنجي وڃي ٿو.

کرمک است آن ازدها  از دست  فقر،

پشئه   گردد    ز    جاه    و    مال     صقر.

           (دفتر سوم، بيت 1056)

معنيٰ: اهو نانگ (نفس) فقر سان ڪئلي بنجي وڃي ٿو، ۽ ساڳيو نفس مال ۽ عزت نه هجڻ ڪري مڇر بنجي وڃي ٿو.]

6

چڱنِ ساڻُ چڱائِيون، اِيئَنِ سَڀُڪو هوءِ

تو جِئن ڪَري نه ڪوءِ، بُڇَنِ ساڻ ڀَلائِيُون. [2748]

سمجهاڻي: جيڪو پاڻ سٺو هلي ٿو ۽ چڱي هلت اختيار ڪري ٿو، ان سان ٻيا به ائين چڱي روش هلن ٿا، ائين سڀڪو ڪري ٿو (اهو عام دستور آهي) پر اي (سٻاجها) سائين، تو وانگر ائين ڪوئي نٿو ڪري ته بڇڙن سان به ڪو سٺو هلي يا ساڻن ڀلايون ڪري.

7

جي هُوءِ تاڻِينِ تَندُ کي، ته تون هَڏِ مَ تاڻِ

اَڳي اِنَ اُهَڃاڻِ، سالِمُ تَندُ سَڄِي رَهي. [2749]

سمجهاڻي: جيڪڏهن هو (محبت) جي تند کي (ٽوڙڻ لاءِ) ڇڪن ته تون هرگز نه ڇڪ. (بلڪ تون ڍَر ڏي) فقط ان طريقي ۽ نموني سان ئي اها محبت جي تند سڄي سالم رهي سگهي ٿي (۽ ٽٽڻ کان بچي اڳتي لاءِ قائم رهي سگهي ٿي).

8

ويٺي جَنِي وَٽِ، ڏُکَندو ڏاڍو ٿِئي

سا مَجِلسِ ئِي مَٽِ، جي حاصُلُ هوءِ هزارَ جو. [2750]

سمجهاڻي: جن وٽ ويهڻ سان يا وڃڻ سان تڪليفن ۽ ڏکن ۾ اضافو ٿئي، ته اهڙي سنگت ۽ دوستيءَ کي ڇڏي ڏي، (ان جي ويجهو نه وڃ) توڻي جو ظاهري طور ان ۾ تنهنجو وڏو مالي فائدو ڇو نه هجي!.

9

ويٺي جَنِي وَٽِ، ڏُکَندو ڏورِ ٿِئي

تون تَنِي سِين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکَڙا. [2751]

سمجهاڻي: جن وٽ وڃڻ سان يا ويهڻ سان تنهنجا ڏک سور گهٽ ٿين يا ختم ٿي وڃن، توکي گهرجي ته انهن جي پاڙي ۾ اچي ويهين ۽ انهن سان گڏ گذارين (اهڙن الله وارن جي صحبت اختيار ڪر).

10

جَنِي سَندِي جِيءَ ۾ ڀَتون ڀَتين ٻوڏُ

ڪَهڙو ڪَريين ڪوڏُ، هِنيَڙا پَسِي تَنِ کي. [2752]

سمجهاڻي: جن جي دل ۾ تنهنجي لاءِ (محبت بدران) نفرت يا ڌڪار آهي (جيڪي تنهنجو منهن ڏسڻ نٿا گهرن)، اهڙن ماڻهن سان ڪهڙي حجت انهن سان ملي توکي ڪهڙي خوشي ملندي (انهن کان پاسو ڪرڻ ئي بهتر آهي).

11

جو ڪَهندُ سَهندُ سامُهُون، پِرتِ تَهِين سِين پارِ

نِيہُ جَهِين سِين نِبَهي، تَنہَ سِين تون مَ تَوارِ

هَڏِ مَ واٽَ وِسارِ، ٿِيءُ نِرالو نِبَري. [2753]

سمجهاڻي: جيڪو سنئون سڌو منهن سامهون چوي ٿو ۽ پڻ پاڻ تنهنجيون سڀ چڱايون مَٺايون سهي ٿو، اهڙي دوست (مالڪ) سان پريت جي ريت نڀائي ڏيکار. جنهن دوست سان سڪ ۽ محبت جو رستو پوريءَ ريت هلندو اچي، تون هن کي آڏو ورندي نه ڏي ۽ سامهون نه ٿيءُ. اها واٽ تون هرگز نه وسارجانءِ ۽ انهيءَ تي هلي پاڻ کي نرالو ۽ الڳ ثابت ڪري ڏيکار.

12

مُورَکَ مامَ نه ٻُجھَڻا، آنڪا جِهَا اَڪَ

پَڪا جي نه سُپَڪَ، مَ ڪَرِ ميڙو تَنِ سِين. [2754]

سمجهاڻي: احمق ماڻهو راز واري ڳالهه کي نٿا سمجهن، اهي اڪ جي ٻوٽي جهڙا نرم ۽ ڪچڙا آهن، جيڪي چڱيءَ ريت پڪل ناهن (جيڪي ڪچا رهجي ويا) تون انهن سان ملاقات ۽ گڏجڻ کان پاسو ڪر.

13

چُوندَنِ ڪِيمَ چَئيجُ، ويڻَ ورائي سامُهان

ڪا مَتِ قِيمَتَ جِهَڙي، روزُ ڏَمَرَ کي ڏيجُ

ويڻَ مَ وَرَائيجِ، ته سَڀِ دَرِ سُهاڳِي ٿِئين. [2755]

سمجهاڻي: جيڪي توکي (گهٽ وڌ) چون ٿا، تون انهن کي به سامهون موٽائي جواب ۾ گفتا نه ڪڍ، بلڪه تون پنهنجي ڪاوڙ ۽ غصي کي هر روز ڪنهن قيمتي مشوري سان ٽاريندو اچ (خاموشي اختيار ڪر). تون طعني واري ٻول ۽ گفتي کان پرهيز ڪر ته تنهنجو هر هنڌ ۽ هر ڪنهن وٽ  عزت ۽ آڌر ڀاءُ ٿئي.

14

سُڻِي ويڻَ ڪَنَنِ سِين وارِجِ ڪِيم وَرِي

هادِيءَ جي هِدايَتَ جِي آهي اِيءَ ڳَرِي

جَنِي ساهَ سَرِي، تَنِ مارِيو نَفسُ ماٺِ سِين. [2756]

سمجهاڻي: جيڪڏهن تون پنهنجن ڪنن سان به پنهنجي باري ۾ طعنا يا مهڻا (گهٽ وڌ ڳالهه) ٻڌين ٿو تڏهن به انهن جو جواب نه ڏي. ڌڻيءَ طرفان هدايت جي اهائي ڏسيل واٽ آهي، جيڪي پاڻ کي ان ڳالهه تي آماده ڪن ٿا، اهي ئي پنهنجي نفس کي خاموشيءَ سان مارڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا.

[’نفس کي مارڻ‘ تصوف جو اهم موضوع آهي. مثنويءَ ۾ پڻ هيءَ موضوع گهڻو ورجايل آهي. هڪ هنڌ چوي ٿو:

نفس خود را کش جهان را زنده کن،

خواجه را کشت ست اورا بنده کن.

(دفتر سوم، ب- 2504)

معنيٰ: پنهنجي نفس کي مار، جهان کي جيئرو ڪر. ان آقا (عقل) کي قتل ڪيو آهي، تنهن ڪري تون کيس غلام بناءِ.]

15

هو چُونَئِي تون مَ چَئهُ واتان وَرائي

اَڳِ اَڳرائِي جو ڪَري خطا سو کائي

پَلئه ۾ پائي، وِيو ڪيني وارو ڪِينَڪِين. [2757]

سمجهاڻي: جيڪڏهن هو توکي ڪجهه چون ٿا (تنهنجي باري ۾ ڪا اهڙي اڻ وڻندڙ ڳالهه ڪن ٿا)، تڏهن به تون پنهنجي وات سان موٽائي کين نه چئو، جيڪو اڳرائي ڪري ٿو، اهو (اڳي پوءِ) ضرور نقصان ۾ ويندو، حسد ۾ ورتل انسان ڪڏهن به ڪجهه حاصل ڪري نه سگهيو آهي.

16

اَڻَ چُوندَنِ ڪِين مَ چَئُه، چُوندَنِ چَيو وِسارِ

اَٺَئِي پَهَرَ اَدَبَ سِين پَر اِهائِي پارِ

پايو مُنہَ مُونَنِ ۾ غُربَتَ ساڻ گُذارِ

مفتِي مَنجههِ وِهارِ، ته قاضِي ڪاڻِيارو نه ٿِئين. [2758]

سمجهاڻي: جن تولاءِ ڪجهه نه چيو آهي (تنهنجي باري ۾ ڪا ڳالهه نه ڪئي آهي) انهن لاءِ ته تون بنهه ڪجهه به نه چئو (متان تون پنهنجي ليکي انهن لاءِ ڪا غلط ڳالهه چئي ويهين). بلڪه جن تنهنجي باري ۾ ڪجهه چيو آهي، ته انهن جي چيل ڳالهه کي پڻ وساري ڇڏ. رات ۽ ڏينهن جي سڀني پهرن ۾ تون اها ئي نوڙت ۽ نياز واري روش اختيار ڪر ۽ ان تي پورو هل. تون پنهنجي گوڏن ۾ ڪنڌ وجهي مسڪينيءَ واري حال ۾ وقت گذار ۽ هر وقت پنهنجي اندر (ضمير) کان چڱيءَ ۽ بري ڳالهه بابت راءِ وٺ ته پوءِ تون ڪڏهن به (ظاهر واري) قاضيءَ جو محتاج نه ٿيندين.

[مثنوي روميءَ ۾ پڻ هن مشهور حديث ڏانهن هن طرح اشارو آهي،

پس پيمبر گفت استفتوا القلوب،

گرچ مفتيان  برون گويد خطوب.

(دفتر ششم، بيت- 380)

معنيٰ: انهيءَ ڪري پاڪ پيغمبر فرمايو آهي ته دلين کان پڇو، توڙي جو ظاهري مفتي توکي وڏيون ڳالهيون ٻڌائين. يعني پنهنجي قلب کان فتويٰ وٺ توڻي جو ٻيا مفتي توکي فتويٰ پيا ڏين.]

17

هو چُونَئِي تون مَ چَئهُ واتان واري ويڻُ

سَڀِن سِين سَيدُ چَئي، مَنُ ماري ڪَرِ ميڻُ

کاندِ وَڏوئِي کيڻُ، ڪِيني مَنجهان ڪِينَ ٿِئي. [2759]

سمجهاڻي: هو ڀلي ڪجهه به چون پر تون موٽائي ان جو جواب نه ڏي، تون ڪو اهڙو گفتو نه ڪڍ. سيد ٿو چوي ته تون پنهنجي دل کي سڀني واسطي ميڻ وانگر نرم ڪر (ان ۾ هوڏ ۽ سختي اچڻ نه ڏي). صبر (بردباري) جهڙو ڪو ٻيو طعام (روح جي خوراڪ) نه آهي، بغض۽ حسد ڪرڻ سان ڪجهه نٿو ملي.

[مثنويءَ ۾ پڻ صبر بابت هينئن چيو ويو آهي:

صبر تلخ آمد و ليکن عاقبت،

ميوهء شيرين دهد ير منفعت.

گفت اي نورحق و دفع حرج،

معنيٰ الصبر مفتاح الفرج.

(دفتر اول، ب- 96)

معنيٰ: صبر ڪوڙو آهي، پر آخر ۾ ان جو ڦل مٺو ۽ لذيذ آهي. هن چيو اي خدا جي روشني ۽ تڪليف کي ٽارڻ وارا ’بيشڪ صبر خوشيءَ جي ڪنجي آهي‘.]

18

نَمِي کَمِي نِهارِ تون، ڏَمَرَ پاسو ڏُکُ

منجهان صَبُرَ سُکُ، جي سَنوارِئا سَمُجهِين. [2760]

سمجهاڻي: نئڙت ۽ صبر واري نگاهه سان هلندو رهه، غصي ۽ ڪاوڙ وارا هميشه پريشان ئي رهندا آهن. صبر ۽ تحمل سان سک ۽ خوشيون ملن ٿيون، بشرطيڪه تون پاڻ کي ان حقيقت جي سمجهڻ لاءِ تيار ڪرين.

19

نَمِي کَمِي نِهارِ تون، ڏَمَرُ ڏولائو

ٿِيين ساڃائو، جي اُڀيين اِنَهِين پيرِ تي. [2761]

سمجهاڻي: نوڙت ۽ نياز واري نگاهه سان هلندو رهه، غصو يا ڪاوڙ ڪرڻ وڏي تڪليف وارو رستو آهي، جيڪڏهن تون انهيءَ ڳالهه تي قائم رهندين ته ساڃاهه (معرفت خداوندي) وارو ٿي پوندين.

20

کَمُ کَمَندَنِ کَٽِيو، هارايو هُوڙهَنِ

چَکيو نه چُوندَنِ، هُو جو ساءُ صَبَرُ جو. [2762]

سمجهاڻي: صبر ۽ برداشت اختيار ڪر، جيڪي سهن ۽ صبر ڪن ٿا، اهي ئي آخر ڪامياب ٿين ٿا، ۽ جيڪي تڪڙ ۽ تيزي ڪن ٿا، اهي ناڪام ٿين ٿا. جيڪي اجايو بحث ۽ تڪرار ڪن ٿا، انهن کي صبر جي ڦل جوذائقو نصيب نٿو ٿئي.

21

نَفِيءَ سَندِيءَ نانہِ سِين پَهِي پُڇيائُون

ڀِڙا جي ڀانئِڻَ جا سي ڀيري ڀَڳائُون

”اَسِين“ ۽ ”آئُون“، آتَڻِ هُئِي نه اُنِ جي. [2763]

سمجهاڻي: هنن (سالڪن) نفساني خواهشن کي ترڪ ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري نابودي وارو رستو اختيار ڪيو آهي، سندن اندر ۾ هستي (پاڻ کي ڀانئڻ ) جا جيڪي ڳوڙها (رنڊڪون) هئا، تن کي (ڪپهه جي سُٽ وانگر) ڀڃي ذرا ذرا ڪري ڇڏيائون (نفس سان مجاهدو ڪيائون). هنن جي مجلس ۾ آءٌ (مان) ۽ اسين (پاڻ کي سمجهڻ) واري گفتگو ڪانه هئي، (هو سڀ وحدت جي رنگ ۾ رڱجي هڪ ٿي ويا).

[مثنوي روميءَ ۾ ’اسين‘ ۽ ’آئون‘ يعني ’ما و من‘ مولانا روميءَ جا خاص اصطلاح آهن، جن کي هو بار بار استعمال ڪري ٿو ۽ ان مان سندس مراد ’نفي‘ ۽ ’نيستي‘ آهي، جيئن هن بيت مان ظاهر آهي.

در’من وما‘ سخت کردستي تو دست،

هست اين  جمله  خرابي  از دوهست.

            (دفتر اول، ب- 3012)

معنيٰ: تو ’اسين‘ ۽ ’آءٌ‘ کي پنهنجي هٿن سان مضبوط پڪڙي رکيو آهي، (تون هر وقت ان خيال ۾ گم آهين) هيءُ سموري خرابي ٻن وجودن کي جدا سمجهڻ سان آهي. ٻئي بيت ۾ چوي ٿو ته

جمله ما و من به پيش او نهيد

اها سموري ’اسين‘ ۽ ’آءُ‘ ان هستيءَ جي آڏو ڦٽي ڪر يعني ان جو خاتمو ڪر.]

 

وائي

مَوتَ مُندَ نه آهي، تائِبَ ٿِئو تَڪَڙا

”عَجلوا بالتوبَة قَبلَ المَوتُ“، وِيههُ تون ويرَمَ لاهي

پِريان ڪارَڻِ پاڻَ کي سَگهو ويهه سَنباهي

اَجَلُ اَسارَنِ کي ڪامَ وَٺيو ٿو ڪاهي

وِڌائِين وَڍَڻَ لَئي ڳَنُ ڪُهاڙِيءَ پاهي

عِمَارَتُون اَنڌَنِ جِيون ڊاهيو ٿو ڊاهي

نِبا گهوٽ گهَرَنِ ڏي ڪِنہِ وَڏِيءَ وِيرَ وَناهي

اُتي عبداللطيفُ چَئي، نِبَا ڪَفَنَ پَراهي. [2764]

سمجهاڻي: موت جي اچڻ جي ڪا مند ناهي، (ڪنهن به وقت اچي سگهي ٿو) ’تڪڙا ٿي توبه ڪريو موت کان اڳ‘، ان قول موجب تون (توبه ڪرڻ ۾) دير کي ڇڏي ڏي. محبوبن واسطي پاڻ کي بنا دير تيار ڪري ويهه. موت، جيڪي کائنس غافل آهن، انهن کي به (ڌنار وانگر) لٺ کنيو  هڪليندو ٿو وڃي، بلڪه موت ڪهاڙي ۾ ڳن وجهي مارڻ لاءِ سنڀريو ويٺو آهي. جيڪي بلڪل انڌا ٿي ويهي رهيا آهن، انهن جي ماڙين کي هر هر پيو ٿو ڊاهي (تڏهن به اهي ڪونه ٿا سمجهن). پر جيڪي هن راهه جا جوان مرد آهن تن کي رات جي پوئين پهر ۾ پرڻائي (منزل ڏانهن) روانو ڪري ٿو. عبداللطيف چوي ٿو ته اڳتي کين ڪفن پارائي وٺي ويندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org