سيڪشن: لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب:

صفحو:22 

داستان ٻئو

1

گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جو، پِئو جَنِ پَرو

ڇَڏي کيٽُ کَرو، لوچي لاهُوتِي ٿِئا. [782]

سمجهاڻي: جن (طالبن) کي گَنجي ٽَڪر جي هنڌن ۽ ماڳن جي خبر پيئي، جتي وڏيءَ نظر وارا سالڪ ۽ درويش رهندا هئا. انهن پوءِ پنهنجا ٻنيون ٻارا (گذر سفر جا وسيلا) ۽ انهن جي اُپت يا اپراسو ڇڏي وڃي معرفت جي راهه ورتي.

[لاهوت، الوهيت ۽ الله لفظ جو مادو ’لـﮣ‘ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي محبت. تصوف جي اصطلاح ۾ سلوڪ جي اها آخري ۽ اعليٰ منزل آهي، جتي سلوڪ الوهيت سان همڪنار ٿئي ٿو. مثنوي روميءَ ۾ حضرت موسيٰ ۽ ڌنار جي آکاڻيءَ ۾ هيءُ اشارو ملي ٿو:

ناسوت مالاهوت باد،

آفرين بر بازوت باد.

معنيٰ: اسان جو ناسوت (انسان جي بنيادي ڪيفيت) هينئر الوهيت سان سرشار آهي. شاباس تنهنجي همت ۽ ڪشالي کي آهي.]

2

گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي پيئِي جَنِ پَرَکَ

واري سي وَرَقَ، لوچي لاهُوتِي ٿِئا. [783]

سمجهاڻي: اُهي طالب جن کي گنجي ڏونگر وارن (معرفت جي صاحبن) جي صحيح سمجهه ۽ ساڃهه حاصل ٿي، سي پوءِ اڳيان خيال مِٽائي، سُلوڪ جي راهه جا پانڌيئڙا بڻجي ويا.

3

گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي پيئِي جَنِ پَڻِي

ڇَڏي نِنڊَر گهَڻِي، لوچي لاهُوتِي ٿِئا. [784]

سمجهاڻي: اُهي طالب جن کي گنجي ڏونگر وارن (معرفت جي صاحبن) جي صحيح سمجهه ۽ ساڃهه حاصل ٿي، سي پوءِ اڳيان خيال مِٽائي، سُلوڪ جي راهه جا پانڌيئڙا بڻجي ويا.

4

جَنِي پيئِي بُوءِ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي

ڏوري سَائِي جُوءِ، لوچي لاهُوتِي ٿِئا. [785]

سمجهاڻي: اُهي طالب جن کي گنجي ٽڪر جي جاکوڙ منجهان (الاهي محبت وارن) جي خوشبوءِ آئي، سي پوءِ انهيءَ ماڳ کي ڏوريندي سچا سالڪ بڻجي ويا.

5

گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي پيئِي جَنِي باسَ

ڇڏي سي لِباسَ، لوچي  لاهُوتِي ٿِئا. [786]

سمجهاڻي: جن طالبن کي گنجي ڏونگر جي ڪا ٿوري خبر يا کڙڪ پيئي، سي سڀ پوشاڪون (ڪُوڙا ڏيک ويک) ڇڏي معرفت جي راهه تي روانا ٿيا.

[مثنوي روميءَ جو هڪ شعر هن ريت آهي:

پس لباس کبر بيرون کن ز تن،

ملبس ذل  پـوش  در   آمـوختن.

(دفتر پنجم، ب 1061)

معنيٰ: تون وڏائيءَ جو لباس لاهي ڦٽو ڪر ۽ ڪجهه پرائڻ واسطي نهٺائيءَ جو لباس اختيار ڪر.]

6

گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي پيئي جني سُڌِ

سي ٻي ڇڏي ٻُڌِ، لوچي  لاهُوتِي ٿِئا. [787]

سمجهاڻي: جن طالبن کي گنجي ٽڪر جي هڪ دفعو صحيح سمجهه ۽ ڄاڻ حاصل ٿي، اُهي پوءِ ٻِي هر سمجهه ۽ ڄاڻ (علم ۽ عقل) کي ڇڏي، گهڻو فڪر ڪري سلوڪ جي اعليٰ منزل ڏانهن روانا  ٿيا.

7

گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي پيئي جن پَرُورَ

ڇڏي سي ضَرُورَ، لوچي  لاهُوتِي ٿِئا. [788]

سمجهاڻي: جن طالبن کي گنجي ٽڪر ۾ هلندي وک وک تي (طريقت جي راهه کان) واقفيت ٿي، اهي پوءِ پنهنجا ذاتي غرض ڇڏي، گهڻو سوچي ويچاري حقيقت جي تلاش ۾ اڳتي نڪري ويا.

8

گَنجو ڏُونگَرُ گامُ، پيهي جَنِ پَرُوڙِئو

ڪري تَنُ تَمامُ، لوچي  لاهُوتِي ٿِئا. [789]

سمجهاڻي: جن طالبن کي گنجي ٽڪر ۾ هلندي وک وک تي (طريقت جي راهه کان) واقفيت ٿي، اهي پوءِ پنهنجا ذاتي غرض ڇڏي، گهڻو سوچي ويچاري حقيقت جي تلاش ۾ اڳتي نڪري ويا.

9

پيهِي ڇَپَرُ پَسُ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جو

توکي ڏِيندا ڏَسُ، ڏوٿِي آهِينِ ڏيهَه ۾. [790]

سمجهاڻي: تون (اي طالب!) پهاڙ ۾ اندر گهڙي گنجي ٽڪر جي هر گام ۽ ماڳ جو مشاهدو ڪر، اتي جيڪي ڏُٿ چونڊڻ وارا (رياضتن جا صاحب) اڳيئي ويٺا آهن، اهي توکي ضرور ڪنهن دڳ لائيندا.

10

گَنجي ڏُونگَرَ گامَ  ۾ ڪِهَڙو اَٿئِي ڪامُ

پَسِئو تَنہ پَهاڙَ کي اَچي نَه آرامُ

مَتان ڏُونگَرُ ڏورِئين اُجهي جِيئَن عوامُ

هُوَڻُ ڪَرِ حَرامُ، کامُ تَه کاهوڙِي ٿِئين. [791]

سمجهاڻي: توکي گنجي ٽڪر ۾ اندر وڃي رُلڻ سان ڪهڙو مقصد حاصل ٿيندو؟ (غور ڪر) آخر ڪهڙو سبب آهي، جو اُن کي ڏسڻ سان آرام ۽ سڪون موڪلائي وڃن ٿا. خيال ڪر! متان تون عام ماڻهن وانگر اجايو سجايو پيو هلندو وتين. اي کاهوڙي! پهرين پنهنجي وجود جي نَفي ڪر (نيستيءَ ۾ قدم رک) ۽پاڻ کي پُورو پچاءِ (هٺ ۽ هوڏ ڪڍي ڇڏ)، تڏهن تون سالڪن جي صف ۾ شامل ٿي سگهندين.

11

گَنجي ۾ گُن گَهڻا، پيرُ پَرُوڙي پاءِ

کاهوڙِي کَڙِ وِئا نَڪا اوڏِي ماءِ

جَنِي  ڏِٺِي  جاءِ،  تَنِي  موٽَڻُ  مِيهَڻو. [792]

سمجهاڻي: جيتوڻيڪ گنجي ۾ گهڻيون چڱايون (راز جا رستا) آهن، پر تون سوچي سمجهي قدم رک. هُو ڏُٿ ڏورڻ وارا کاهوڙي ته سڌا سلامت نڪري ويا، (ياد رک) اتي ويجهو ڪا وسندي يا بستي ناهي (ٻيو ڪو تنهنجي مدد ڪري نه سگهندو). ٻيو جيڪي ان هنڌ (معرفت جي منزل) تي پهتا آهن، پوءِ هو اتان واپس موٽڻ کي پاڻ لاءِ گهٽتائي سمجهن ٿا.

[مثنويءَ ۾ اهو مطلب هن ريت ادا ڪيو ويو آهي:

بي غرض بنود بگردش در جهان،

غير جسم و غير جان عاشقان.

(دفتر اول، ب- 2800)

معنيٰ: هن جهان ۾ ڪوبه ماڻهو بغير مقصد جي نٿو هلي چلي. ليڪن اهي عاشق ئي آهن، جن جا جسم توڻي روح سدائين سفر ۾ آهن.]

12

کاهوڙِينِ کَڻِي، ساجُهر ٻَڌا سَندَرا

ڏورِيندي ۾ ڏُونگَرين ڪِئائُون پاڻُ پَڻِي

ڏُکَنِ  ڏِيلُ  هَڻِي،  ڇيہُ  لَڌائُون  ڇَپَرين. [793]

سمجهاڻي: کاهوڙين ڏٿ ڏورڻ وارو سامان کڻي صبح جو سويل پنهنجي چيلهه کي ڪپڙن (بوڇڻ) سان ڇڪي ٻڌو ۽ جبلن ۾ ووڙيندي، پاڻ کي مٽيءَ سان مٽي ڪري ڇڏيائون. هنن پنهنجي جسم ۽ بُت کي هر قسم جون تڪليفون ڏيئي، آخر هڻي وڃي هنڌ ڪيو ۽ جبل جي آخري حد وڃي لڌائون.

13

اُٿِئو اُٿِئو ڪَنِ، هَلو هَلُون ڏُٿَ کي

پاڻِي پوٽَڙِيَنِ ۾ ڪُنڌَرَ سِرِ ڪُلَهنِ

ڏُوران ڏُورِ سُڄَنِ، ويئِي وِهَامِي راتَڙِي. [794]

سمجهاڻي:  (هُو صبح جو سوير اٿي اها وائي پيا ڪن) اٿو اٿو، هلو ته هلي ڏٿ کي ڏوريون. هنن وٽ هڪ ته پاڻيءَ سان ڀريل پوٽڙيون (ڌاتوءَ مان ٺهيل لوٽيون) آهن ۽ ٻيو سندن ڪلهي تي ڏُٿ چونڊڻ وارا انگوڙا آهن. هو اڳتي ڪاهيندا پيا وڃن ۽ سڄي سڄي رات ائين پنڌ ۾ گذاري ڇڏين ٿا (هو راتيون جاڳي رياضت ڪرڻ وارا).

14

وييُون پَٻِ پَئِي، کيرُون کاهوڙِينِ جِيُون

آءٌ تَنِ ڏوِٿِيئَڙنِ کي پُڇان ڪيرُ پَهِي

رِڃُنِ راتِ رَهِي، جَنِي ڏُونگَرَ ڏورِيَا. [795]

سمجهاڻي: کاهوڙين جون ڪي ٽوليون (گنجي کان به اڳتي ٽپي) پٻ جبل ۾ لنگهي ويون آهن. مان انهن ڏٿ  ڏوريندڙن جي باري ۾ هر ڪنهن ايندڙ ويندڙ کان پيئي پڇا ڪريان. هو سڄيون سڄيون راتيون رڃ ۾ گذاري جاڳي جبل جهاڳيندا ويا.

15

جيِ ڪو ڏُٿُ ڪَري، ته ڏُونگرُ ڏورَڻُ ڏاکَڙو

ڇَپَرُ ڪونه ڏي، سُوکَڙيُون سُتَنِ کي. [796]

سمجهاڻي: جيڪو به ڏُٿ چونڊڻ چاهي ٿو، ته ان لاءِ هڪ ڏونگر ڏورڻ ۽ ٻيو ڏاکڙو ڪرڻ ضروري آهي. جبل يا پهاڙ ۾ جيڪي سُتا پيا آهن. (ڪشالو نٿا ڪن)، تن کي ائين مُفت ۾ سوکڙيون (الاهي نوازشون) ڪونه موڪليندا (راتين جو جاڳڻ پهريون شرط آهي).

16

کِجِئا کاهوڙِي، پَسِي پورِهَتَ ويسَرا: 

ڏوٿِيئَڙا ڏوڙِي، وِکَ وَرايو پنڌَ جِي.[797]

سمجهاڻي: اُهي کاهوڙي خَفا ٿي ويا، جڏهن هنن اهڙن پورهيتن (طالبن) کي ڏٺو، جيڪي بنا ڪنهن ڪم ڪار (رياضت) جي واندا ويٺا هئا. هو کين چون پيا. اي ڏٿ جي تلاش ۾ سرگردان! پنهنجي وک کي ٻيڻو ڪريو، قدم وڌايو (هٿ هٿ تي رکي نه ويهو).

17

کاهوڙِي کِجَنِ، پَسِي پورِهَتَ ويسَرا

سي ڏوٿِيئَڙا ڏُورِ ٿِئا رِڃُنِ جي رَهَنِ

ڪا مُلِ آهي تَنِ، مون پِريان جِي ڳالَهڙِي. [798]

سمجهاڻي: اُهي کاهوڙي پورهيتن کي بيڪار ويٺل ڏسي پريشان ٿي  وڃن ٿا. هُو پاڻ تمام گهڻو پري بيابانن ۾ گذارين ٿا. هنن وٽ سپرين جي راز ۽ نياز جي ضرور ڪا ڳُجهي ڳالهه آهي. (تڏهن ته ايڏا وڏا ڪشالا ۽ پنڌ ڪن ٿا).

18

سَڪِئا سِينہَ گُهمَنِ، جِتي پيرُ نه پَکَڻين

تِتي کاهوڙِينِ، وَرَ ڏيئِي وَڻَ چُونڊِئا. [799]

سمجهاڻي: جتي شينهن جهڙا جانور به ڊڄي سَڪتي ۾ اچي وڃن ٿا ۽ جتي ڪنهن پکيءَ جو (اُڏامڻ کان پوءِ) پير به نٿو پُهچي. اهڙي هنڌ (ڏکئي ۽ اعليٰ مقام تي) کاهوڙين (سالڪن) وري وري يا گهمرا ڪري وڻن مان ڏُٿ چونڊيو.

[مثنويءَ ۾ سالڪن جي ان مقام جي هن ريت نشاندهي ڪئي ويئي آهي:

بي پر و بي پا سفر مي کردمي،

بي لب و دنداد شکر مي خوردمي،

چشم بسته عالمي مي ديدمي،

ورد وريحان بي کفي مي چيدمي.

(دفتر اول، ب- 2093 ۽ 95)

معنيٰ: مان هتي بغير پرن ۽ پيرن جي هلندو وتان ها. بغير چپن ۽ ڏندن جي مٺاڻ جا مزا وٺان ها. اکيون بند ڪري عالم جو سير ڪريان ها ۽ هٿن کي ڪم آڻڻ کان سواءِ ڦل ۽ ميوا چونڊيان.]

19

ڏُٿُ گهَڻان ئِي ڪَنِ، اِنَ اوراهين پَنڌَ جو

سَندا کاهوڙِينِ، پَري سُڄَنِ پيچَرا. [800]

سمجهاڻي: انهيءَ ويجهي پنڌ تان ته گهڻائي (طالب) ڏُٿ  ڏوري هٿ ڪن ٿا، پر جيڪي اصلي کاهوڙي (سالڪ) آهن، انهن جي هلڻ ۽ ڳولڻ وارا گس ۽ واٽون تمام گهڻو پري پيا ٻڌجن (هو وڏيءَ منزل وارا آهن).

20

جِتِ نه پَکِيءَ پيرُ، تِت ٽَمَڪي بَاهِڙِي

ٻِئو ٻارِيندو ڪيرُ، کاهوڙِڪيءَ کيرَ ري. [801]

سمجهاڻي:  (اهو اعليٰ مقام) جتي پکين جي پهچڻ جي مجال ناهي، پر اتي باهه ٻرڻ جو چمڪو پيو ڏسجي. اهڙي جڳهه (مقام) تي ٻيو ڪير پهچي باهه ٻاريندو، سواءِ کاهوڙين جي ساٿ جي! (جيڪي انهيءَ راهه جا واقف آهن).

21

هُو ڏوٿِي هُو ڏِينہَ، هُو ڏُونگَرَ هُو لَڪيُون

ڪِنہِ جِنہِ لِڌا نِيہَ، جئن ڀُڻا لُوسَنِ لُڪَ ۾. [802]

سمجهاڻي: ڏُٿ ڏوريندڙ ساٿي اڄ به ساڳيءَ طرح آهن جيئن اڳ هئا، اهڙيءَ طرح سندن ماڳ به ساڳيا ڏونگر ۽ لَڪ به ساڳيا آهن. (سالڪن واسطي راهه ۾ ساڳيون رنڊڪون ۽ رڪاوٽون آهن). پر جيڪي عشق (الاهي) يا قرب ۾ قابو ٿي ويا ته پوءِ اهي سخت گرم هوا ۾ لهسجي به پنهنجو سفر جاري رکن ٿا.

22

ڏُونگَرين ڏِسجَنِ، اَڄُ په رَهُيون اُنِ جِيُون

ڏوٿِيَڙا ڏُٿَ کي آرهاڙان اَچَنِ 

خِيما کاهوڙِينِ، اَڄُ نه اُنِي ڀيڻِيين. [803]

سمجهاڻي: اَڄ سوڌو (ايڏي وقت گذرڻ جي باوجود) جبلن ۾ انهن کاهوڙين جون ڇڏيل وٿون نظر پيون اچن (جيئن جو تيئن سلامت آهن). جيتوڻيڪ کاهوڙي  اتي (گذريل) گرميءَ جي مند ۾ ڏُٿ چونڊڻ لاءِ آيا هئا، پر هاڻي انهن جاين تان کاهوڙين جا عارضي اَجها ڏسڻ ۾ ڪونه ٿا اچن.

23

ڪِ ڪي کاهوڙِي، ڇَپَرَ ۾ سَڏُ ٿِئو

اَڳي ٿي سُئِي، اُنِي سَندِي ڳالَهڙِي. [804]

سمجهاڻي: پهاڙ ۾ وري ڪو سڏ ۽ آواز ٻڌڻ ۾ آيو آهي، شايد ڪي کاهوڙي اڃان اتي ئي آهن. هن کان اڳ ۾ ته هنن جي ڪا نه ڪا ڳالهه ٻڌڻ ۾ ٿي آئي يعني هُو اُتي آيل هئا.

24

ڏُونگَرِ نَه ڏوٿِي، ڏُونگَرُ سُڃو ري ڏوٿيين

پُڇان پَرو ٿِي، ڪِ ڏوٿِي ڏُٿِ اَچڻا! [805]

سمجهاڻي: اهڙو وقت اچي ويو آهي، جو پهاڙ ۾ ڪو ڏوٿي يا سندن ڪو ساٿي ڪونه ٿو سُجهي ۽ سڄو پهاڙ هنن کان خالي آهي. آءٌ هر ڪنهن کان ويٺي پڇان ٿي، ته ڀلا ڪي ڏوٿي ڏُٿ لاءِ اچڻا آهن يا نه؟

وائي

آءٌ جيهَائِي جاتِ، تُون پاڻُ سُڃاڻِجُ سُپِرين

اويُون آرِيءَ ڄامَ جِيُون ڀَريان سَڄيائِي راتِ

ٻانهِي چُونمِ ٻاجَهه سِين، تَه ڪَرَ لَڌَيمِ ڏاتِ

تان ڪِين ڏُونگرُ ڏورِيَان، جان نه وِهامي راتِ. [806]

سمجهاڻي: آءٌ جهڙي تهڙي ڪهڙي به ذات جي آهيان (پر تنهنجي آهيان)، سو منهنجا سپرين! تون پاڻ کي ڏس (منهنجن عيبن کي نه ڏس، تون منهنجو لحاظ ڪر). آءٌ سڄي سڄي رات آريءَ ڄام جون پاڻيءَ واريون سانداريون پيئي ڀرينديس (خدمت چاڪري ڪنديس). جيڪڏهن هو پنهنجي محبت سان فقط مون کي ٻانهي ڪري ڪوٺيندا، ته آءٌ وڏيءَ عزت واري ٿي وينديس. آءٌ ته راتين جون راتيون پيئي جبل جهاڳيندس، تان جو رات کٽي ويندي.

 

داستان ٽئو

1

ويجهو وانءَ مَ واٽَ کي، ڪَهِجِ ڏُونہُ ڪُواٽَ

اُجِهي مَنجهان آٽَ، اَويسِي ٿِي آءُ تُون. [807]

سمجهاڻي: تون عام (ڄاتل سڃاتل) واٽ (طريقت جي عام سلسلن) جي ذريعي نه وڃ، بلڪه تون ڏکي واٽ وارو سفر اختيار ڪر. تون ڏکي واٽ تان مُنجهي ۽ ڀُلي (هر صورت) اويسي (نسبت) واري واٽ وٺي اچ.

تصوف جي عام مشهور چئن سلسلن- قادري، سهروردي،  چشتي ۽ نقشبندي- جي موجودگيءَ ۾ اويسي نسبت کي وڏي اهميت آهي، جو ان موجب غائبانه محبت ۽ صداقت سان فيض ملي ٿو. جيئن حضرت اويس قرنيءَ کي يمن ۾ هوندي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم کي ڏسڻ کان سواءِ روحاني فيض مليو هو.

[مثنويءَ ۾ روميءَ حضرت اويس قرنيءَ سان هن ريت عقيدت جو اظهار ڪيو آهي:

چون اويس از خويش فاني گشته بود،

آن زميني آسماني گشتهه بود.

(دفتر چهارم، ب-1830)

معنيٰ: جڏهن اويس رضه پنهنجو پاڻ کان فاني ٿي (ذات ۾ باقي ٿيو) ته هو خاڪي جسم هوندي هر وقت آسمان وارن (روحن) سان گڏ هو.]

ڀٽائي صاحب جو مخدوم مُعين ڏانهن اويسي سلسلي بابت پڇيل سوال ۽ ان جو جواب محفوظ آهي، جيڪو  پهريون ڀيرو ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق جي نتيجي ۾ شايع ٿيل آهي.

2

سُونهَپَ ۾ سَپَ گهڻا، مُنجَهڻُ ماکِي هوءِ

پَرو تَنهِين پوءِ، جو اُجهِي پَئي اُنَ تان. [808]

سمجهاڻي: رهبر جي رهنمائيءَ ۾ به گهڻا خوف ۽ خطرا آهن پر ان جي مقابلي ۾ پنهنجي ليکي مُنجهي وڃڻ کان پوءِ رستو ڳولي لهڻ وڏي نعمت آهي (ان ۾ ماکيءَ جيترو مٺاڻ آهي). دراصل ان جهڙي صحيح خبر يا حقيقت ٻي نٿي ٿي سگهي، جيڪو ائين ڳولي ڳولي پاڻ (منزل تي) پهچي ٿو.

3

اُجهي پِئا اَواٽَ ۾، واٽَ وِڃائِي جَنِ

ڪُرَندان ڪِين پَروڙِئو، رَندِ نه سي رِڙهَنِ

ٻيئِي دَارَ دَيُون ڪِئو، پيرَتِ تان نه پُڇَنِ

دُورِ پِريان لَئي ڌار ٿِئو ويچارا وَڃنِ

خَبَرَ کاهوڙِينِ، آهي لِکَ لاهُوتَ جِي. [809]

سمجهاڻي: جيڪي طالب انهيءَ راهه ۾ منجهي پيا ۽ راهه گم ڪري ويٺا، سي پوءِ انهيءَ وڃايل پيچري کان نڪري نه سگهيا ۽ کين صحيح گس هٿ ڪونه آيو. هنن پنهنجا ٻيئي جهان ائين ساڙي چٽ ڪري ڇڏيا، پر آخر تائين کين اهو سنهو (سڌو) پيچرو هٿ نه آيو. جيتوڻيڪ هو عام ماڻهن کان پري  ٿي پنهنجي منهن پرينءَ لاءِ هلندا پيا وڃن. پر تڏهن به اهڙن کاهوڙين کي لاهوت (اعليٰ منزل) بابت تمام ٿورڙي يا ذري جيتري خبر مس آهي.

4

ڏوري ڏِسِي ڏونگَرين واٽَ وِڃائي جَنِ

اُوءِ بَصِيرَ بَرَنِ ۾ اَنڌا ٿِئو اُڀيَنِ

ڪَنَنِ آڏيُون تاڙيُون، گُنگَنِ جيئن گُهَمنِ

فراقِي فَرمانَ جو آهي ٻَرُ ٻوڙَنِ

لَڱا ٿِئا لَطِيفُ چَئي، سُتا پِئا سِڪَنِ

کَپَتِ کاهوڙِينِ، آهَه اُتي پِي نَه لَهي. [810]

سمجهاڻي: اُهي سالڪ جيڪي ڏونگر ڏوري چڱيءَ طرح ڏسي وائسي آيا آهن، تن کي واٽ وڃائڻ جو ڪو خوف ڪونهي. اهي اندر جي اکين وارا، برپٽ بيابان ۾ اکيون بند ڪريو پيا هلن، هنن پنهنجا ٻڌڻ وارا ڪن ٻوڙا ڪري ڇڏيا آهن ۽ زبان کان گونگا ٿي گهمن پيا. اهڙن نه ٻڌڻ وارن کي الست واري فرمان موجب جڏهن روح جدا ٿي هن جهان ۾ آيا (وري ملڻ) جو وڏو آسرو ۽ پڪ آهي. عبداللطيف چوي ٿو، ته اهي بظاهر بيمار وانگر سُتل آهن، پر اندر ۾ محبوب لاءِ پيا سڪن. انهن سالڪن کي هر وقت اهو ئي فڪر آهي ۽ سندن سڪ ۽ فراق واري دانهن لهڻ واري ناهي.

(هن بيت ۾ مجموعي طرح معنيٰ وارو مرڪزي نقطو اهو آهي ته اهي جيڪي ڪمال واري درجي تي پهچي چڪا آهن، سي عام ماڻهن جي حواسن واري ظاهري ڄاڻ توڙي سُرت صِحت ۽ سلامتيءَ واري ضرورت جا محتاج ناهن. هو ظاهر ۾ نابين آهن، ته به اندروني طور  ”بصير“ يعني ڏسڻ پسڻ وارا آهن، جي هو لڱائي ۾ ستا پيا آهن، ته به الاهي سڪ ۾ سڄاڻ آهن. انهن کاهوڙين تي اهڙيءَ حالت ۾ به حق جي سڪ ۽ ياد تازي آهي ۽ هو انهيءَ اوسيئڙي ۽ اُڻتُڻ ۾ آهن (ن-ب).

[روميءَ جي فڪر جو هيءُ مستقل موضوع آهي، جڏهن هو چوي ٿو ته حق حقيقت تائين رسائي هنن ظاهري حواسن اندروني يا باطني حواسن سان ممڪن آهي:

گوش جان و چشم جان جز اين حسي است،

گوش عقل و گوشي ظن زين مفلس است.

(دفتر اول، ب- 1462)

معنيٰ: روح جا ڪن ۽ اکيون هنن ظاهري حواسن کان علاوه آهن. عقل جا ڪن ۽ گمان ان باطني حواسن کان بلڪل خالي آهن.]

5

ڪُپيريان پَري ٿِئا، اَٻُڌي ٻُڌائُون

اُنِي  کي  آئون،  هير  ڏِسِي  آئِيو. [811]

سمجهاڻي: اهي (عارف) انهيءَ ڏکي ۽ منجهيل واٽ کان به پري نڪري ويا  ۽  اُتي  وڃي پهتا، جتي اڻ ٻڌل ٻُڌائون (۽ اڻ ڏٺل ڏٺائون)، اهڙن درويشن کي آءٌ هاڻي هاڻي ڏسي (ملي) آيو آهيان.

6

ڏوري ڏوري ڏيہَ، ماءِ کاهوڙِي آئِيَا

مَيَنِ پيرين کيہَ، ڪُہُ ڄاڻان ڪِنہ پارَ جِي. [812]

سمجهاڻي: اُهي کاهوڙي تمام گهڻو (پري وارا) هنڌ ۽ ماڳ ووڙي، وري پنهنجيءَ جاءِ تي موٽي آيا آهن. اهڙن باهمت مردن جي پيرن ۾ اها دز ۽ مٽي لڳل آهي، جو خبر ئي نٿي پوي، ته هُو الائجي ڪهڙو جهان جهاڳي آيا آهن.

[هن سلسلي ۾ روميءَ جو هيءُ شعر ڏسو:

اين جهان خود حبس  جانهائي شما ست،

هين  دويد  آنسوکه  صحرائي  شما ست.

                    (دفتر اول- 525)

ترجمو: هيءُ جهان توهان جي لاءِ قيدخانو آهي. خبردار، اُن طرف  ڊوڙو جتي توهان لاءِ بيحد وسيع بيابان آهي.]

7

کاهوڙِينِ ڳَرَا، سُوڌِي خَبَرَ پَکيَان

سوجهي جَنِ ڪَيا، مَٿي اَنگهُنِ آنهِرا. [813]

سمجهاڻي: هِنن کاهوڙين وٽ اُڏامندڙ پکين کان به وڌيڪ ۽ وڏيون خبرون آهن، توڻي جو اهي سوچي سمجهي، پوءِ وڃي وڻن جي ٽارن مٿان آکيرا ٺاهين ٿا.

[هن سلسلي ۾ مثنوي روميءَ جا هيءُ شعر ڏسو:

هر عقابي مي پرد از جابجا،
وين عقابان راست بيجائي سرا،
مانه مرغان هوا نه خانگي،
دانه      ما    دانه     بي    دانگي.

(دفتر پنجم، ب)

معنيٰ: هر عقاب پکي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ اڏامي ٿو، پر هنن عقابن جو ٺڪاڻو يا ماڳ ڪٿي به ناهي، اسين مورڳو نه اڏامندڙ پکي آهيون ۽ نه پاليل، اسان جو داڻو ٻئي قسم جو داڻو  (بغيرداڻي) آهي.]

8

جَهنگل  هَليا سي نه ڀُليا، راهَ هَليا ڦُرِجَنِ

اَوجهَڙِ سي نه پَونِ، جَنِي ٻيئِي ڇَڏِيُون. [814]

سمجهاڻي: جيڪي (شروعات ۾ ئي) جهنگل جي اڻ ڄاتل راهه وٺي هلن ٿا، اهي ڀُلجڻ کان بچي وڃن ٿا. پر جيڪي ڄاتل واٽن سان وڃن ٿا، سي وري رستي ۾ ڦُرجي وڃن ٿا. ليڪن اهي هرگز گمراهه نٿا ٿين، جيڪي ٻنهي کان بَچي هلن ٿا.

[هتي مثنوي روميءَ جو هيءُ بيت ڏسو:

هر کي  روئي  بسوئي  برده اند،

وآن عزيزان روبه بي سوکرده اند.

(دفتر سوم، ب)

معنيٰ: هر شخص ڪنهن ڄاتل رستي سان وڃي رهيو آهي، ليڪن اُهي وڌيڪ مُعزز آهن، جيڪي ٻئي رخ ۽ ٻئي طرف هلي رهيا آهن.]

9

جهنگُ کامِي پَٽُ ٿِئو، ڀَڳي چوران لِڪَ

سيڪَڙُو ۽ سِڪَ، ٻيئِي گَڏِئا پاڻَ ۾.  [815]

سمجهاڻي: سمورو جهنگ سڙي ويو ۽ صاف ميدان ٿي پيو آهي، (نفساني خواهشن جو خاتمو ٿي ويو) تڏهن چورن جي لِڪڻ جي ڪا جاءِ نه بچي، ائين محب ۽ محبوب (وچ ۾ حائل رُڪاوٽ ختم ٿيڻ سان) پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي ويا آهن.

10

جَهنگُ کامِي پَٽُ ٿِئو، لَٿِي چوران لِڪَ

ويئِي وُجُودان نِڪرِي جي ڪا دَڙِي دِڪَ

هيڪُ سَڄڻُ ٻِي  سِڪَ،  ٻيئِي  پَهِنَا  پاڻَ  ۾.  [816]

سمجهاڻي: جهنگ سڙي ناس ٿي ويو ۽ چورن جي لڪڻ جي ڪا به جڳهه نه بچي. انسان جي اندر (نفس) ۾ جيڪي رنڊڪون يا رڪاوٽون هيون، سي سڀ ختم ٿي ويون. انهيءَ ڪري سِڪ وارن جو پاڻ ۾ پرچاءُ ۽ سرچاءُ ممڪن ٿي پيو.

11

جَهنگُ کامِي پَٽُ ٿِئو، کيڙِنِ مورِيو گاهُ

جَنِي  پاسِ   اَللهُ،   تَئُه   نه   اَچي  تَنِ  کي.  [817]

سمجهاڻي: جهنگ سڙڻ کان پوءِ جڏهن صاف سَنئون ميدان ٿي پيو، ته کڙن ۽ ڀينڍن واري زمين ۾ سائو گاهه اڀرڻ لڳو. بيشڪ جيڪي مالڪ سائينءَ جي نگهبانيءَ هيٺ آهن، انهن کي باهه جو سيڪ ئي نٿو اچي.

12

جَهنگلُ آهيڙِينِ کي، ڀَنَڻُ ڪِئو روءِ:

نه ڪُتا نه ڪوڙِڪيُون چَڙهيو اُڀو چوءِ

هاڻي هِنِهَان پوءِ، لَڳِيءَ لُوٺو نه ٿِيَان. [818]

سمجهاڻي: جهَنگ جي سڙي صاف ٿي وڃڻ کان پوءِ جهنگل ۾ شڪارين لاءِ روڄ راڙو پئجي ويو آهي. هاڻي نه اُهي ڪوڙڪيون  ۽ نه ڪُتا، جن سان اُهي جهنگ جي جانورن کي ڦاسائيندا هئا (نفساني خواهشن جو خاتمو ٿي ويو). اتي هڪ درويش چئي رهيو هو، ته هاڻي هن کان پوءِ ڪهڙي به باهه کيس ساڙي ۽ لُوساٽي نه سگهندي.

13

جَهنگَلُ آهيڙِينِ کي ڀَنَڻُ ڪِئو رُوندو

نَه ڪُتا نه ڪوڙِڪُيون چَڙهيو ٿيو چُوندو

هَڏِهن  نه  هُوندو،   اِنِهان   پوءِ   عَالَمَ  ۾.  [819]

سمجهاڻي: جهنگ جي اهڙي صاف ٿي وڃڻ کان پوءِ اهو ساڳيو جهنگ شڪارين لاءِ روڄ راڙو پيو ڪري ته نه ڪُتا رهيا آهن ۽ نه ڪوڙڪيون. اتي بيٺل هڪ درويش سامهون چئي رهيو هو، ته جيڪي شڪاري ايندا هئا، تن کان پوءِ هاڻي ٻيو ڪير نه ايندو.

14

ڪُتا نه ڪُوڪارَ، نه سي سَڏَ شِڪَارِيين

پِٽِيو کَڻي پارَ، جَهنگلُ آهيڙِينِ کي. [820]

سمجهاڻي: هاڻي جهنگ جي سَڙڻ کان پوءِ اها حالت وڃي ٿي آهي، جو ڪُتن جي ڪنهن قسم جي ڪُوڪار ڪانهي ۽ نه وري شڪارين جي سَڏڻ جا آواز ئي ٻُڌڻ ۾ اچن ٿا. ائين پيو لڳي ڄڻ جهنگل پنهنجي برباديءَ تي شڪارين کي ياد ڪري ماتم پيو ڪري يا جهنگل شڪارين کي پنهنجي برباديءَ جو ذميوار ٿو سمجهي، کين پِٽون پاراتا پيو ڏئي، ته سندس برباديءَ جو ڪارڻ اهي ئي آهن.

15

سانڀَرِ ٻَڌِي بيٺِ، جَنِي  ڏُونگَرَ ڏورِئَا

تَنِ کاهوڙِينِ کِہَ هيٺِ، وَڃي پاسا کوڙِئا. [821]

سمجهاڻي: اُهي کاهوڙي جيڪي پڪي ارادي سان سَندرا ٻڌي ڏونگر ڏوريندا هئا يا ڪشالا ڪندا هئا، آخر مٽيءَ هيٺ وڃي سُتا يا دفن ٿي ويا.

وائي-1

سِيَاڪو سيڻَانِ، ڀورِي تو پاڻُ سُڃاڻِي نه ڪِئو

هُوند نه پييين هيتَري، وِئين جي سيڻانِ

موٽئو ماڳَ نِهَارِيين، ڪِهڙي مُنہِ ڪيڻانِ. [822]

سمجهاڻي: اي اوڳي عورت! تو پاڻ کي سُڃاڻي (پنهنجي حيثيت آهر) ساڻن سڱ ۽ مائٽي نه ڪئي. (تون اها سياڻپ ڪرين ها) ته جيڪر هيتري خفي ۽ ڪشالي ۾ نه پوين ها ۽ تون ساڻن گڏ هلي وڃين ها. هاڻي تون ڪهڙو منهن کڻي هنن جي واٽ پيئي نهارين!

وائي-2

جاڳِي اَکَڙِينِ، ڪوهُ اوجاڳو نه ڪِئو

اَکڙِيُون پِرِينِ کي ٽَهَه ٽَهَه ڪِيو ٽِمَنِ

جي سَنجهيئِي سُتِيُون سي مَرُ سُورَ سَهَنِ

تُون اَناسِي اوجَهرِين، هُوءِ ٿا هوتَ هَلَنِ. [823]

سمجهاڻي: مون پنهنجي اکين کي اوجاڳو ڏيئي جانب لاءِ جاڳي ڇو نه گذاريو؟ هاڻي (منهنجون اکيون) پرينءَ کي ياد ڪري وڏ ڦڙي مينهن وانگر پيون وسن ۽ ڳوڙها ڳاڙين. جيڪي سوير سج لهڻ سان ئي سُمهي پون ٿيون، سي ضرور سُور ۽ ڏک سهنديون. اي بي شرمي ۽ نرلڄي! تون اڃا ويٺي ننڊ ۾ جهُوٽا کائين، هوڏانهن تنهنجا پرين راهي ٿيڻ وارا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org