سيڪشن: لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب:

صفحو:18 

سُر سامونڊي

 

داستان پهريون

 

1

کُوها ڪالَهه کَڻِي، وِڌَئُون اُتَرَ آسَري

اَللهَ جُهري مَ اُنِ جي اولي جِي اَڻِي

وَڻِجارَنِ   وَڻِي،   وَکَرُ   وِڌو   ٻيڙِيين. [602]

سمجهاڻي: وڻجارن ڪالهه کوهن (ٻيڙيءَ جي وچ تي لڳل ڊگهن ٿنڀن) تي سڙهه چاڙهي، اتر جي (مندائتي ۽ موافق هوا جي) آسري تي پنهنجا ٻيڙا سمنڊ ۾ هاڪاري ڇڏيا (الله توهار ڪئي). الله ڪري ته انهن جي ٻيڙين هلائڻ واسطي جيڪي (ڪاٺ جا ڳن آهن) تن جي چوٽي به ڪمزور نه ٿئي. (ٿورو به نقصان نه ٿئي)، سامونڊي واپار ڪندڙن (وڏي سيڙپ ڪري) قيمتي سامان ۽ مال پنهنجي ٻيڙين ۾ چاڙهيو آهي.

2

آئِي اُتَرَ مُندَ، هِنيين اُڊَڪو نه لَهي

وَٽِينِ لاڄُو  بَندَ،  ٻِيهَرَ  مَکِينِ  ٻيڙِيُون. [603]

سمجهاڻي: اتر جي (هوا لڳڻ جي) موسم شروع ٿيڻ واري آهي، انهيءَ ڪري منهنجي دل تان ڊپ لهي ئي ڪونه ٿو (ڇوته منهنجو وَرُ وڻجارو آهي). ٻيڙين جا رسا وغيره نئين سر پيا تيار ڪن ۽ پنهنجن ٻيڙين کي ٻيو ڀيرو (آخري) مَک پيا ڏين. (سامونڊي سفر جي موسم اچي پهتي آهي ۽ هو پنهنجي پوري تياريءَ ۾ لڳا پيا آهن.)

3

لَڳِي اُتَرَ هِيرَ، سامُونڊِين سِڙَهه سَنباهِيا

نَنگَرَ کَڻِي ناکُئا، ٿئا سَڻائي سِيرَ

هِنيَڙي نِتُ اُڪِيرَ، کَاري- کيڙائُنِ جِي. [604]

سمجهاڻي: سياري جي هوا لڳڻ شروع ٿي آهي (جڏهن سمنڊ ماٺو  ٿيو آهي)  تنهن ڪري سامونڊين به (اڳيئي) سڙهه تيار ڪري ڇڏيا آهن. هنن (پاڻيءَ جي تري ۾ کتل ناتاري کي ڇڪي ٻاهر ڪڍيو آهي ۽) ٻيڙيءَ کي پاڻيءَ ۾ آجو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ٻيڙي موافق هوا واري رخ ۾ هلڻ شروع ٿي آهي. منهنجي اندر ۾ اهڙن وڻجارن لاءِ سدائين سڪ آهي، جيڪي سمنڊ جو سفر ڪن ٿا (سمنڊ جو سينو چيري هلن ٿا).

4

لَڳي اُتَرَ اوهَرِئا، واهُوندي وَرَنِ

آءٌ گهڻو ئِي گهورِيَان، سَودو سامُونڊِينِ

اَڱَڻِ جَنِ اَچَنِ،  عِيدَ  وَرُ  ٿِئي  اُنِ  کي. [605]

سمجهاڻي: اتر لڳڻ جي موسم شروع ٿي ته وڻجارا ٻيڙيون هاڪاري هليا ۽ وري جڏهن (سياري جي مند پوري ٿي آهي ۽) اولهه- ڏکڻ جو واءُ لڳو آهي ته هو واپس موٽي آيا آهن. (منهنجو وس پڄي ته) مان سامونڊين جي انهيءَ وڻج واپار کي جيڪر سؤ بار گهوري ڦٽو ڪريان. پر (ايڏي ڏکئي سفر کان پوءِ) جيڪي وڻجارا کٽي ڪمائي اچن ٿا، تن جي گهرن ۾ پوءِ عيد ئي عيد آهي.

5

کُوها ٿا کَڻَنِ، وَڙِڪَنِ اُڀيُون وائُٽِيُون

سانباهي سَمُونڊرَ جِي ڪالهُون پوءِ ٿَا ڪَنِ

تون نه پُڄَندِينءَ تَنِ، جُہ کَڻِي سِڙَهه سِير ٿِئا. [606]

سمجهاڻي: وڻجارن ٻيڙين جي کوهن تي سڙهه چاڙهي ڇڏيا آهن (هو روانا ٿيڻ وارا آهن) ۽ کوهن جي چوٽين تي ٻڌل ننڍڙيون جهنڊيون ڦڙڪڻ لڳيون آهن. (دراصل) هو سمنڊ جي سفر جي تياري ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن هو سڙهه کڻي هيڪر سمنڊ جي وڏي سير ۾ داخل ٿيا، ته پوءِ انهن کي (ڇا به ڪرين) ڪونه پڄي سگهندينءَ.

6

سامُونڊِري تُون سَنبَهِي، ساڄو جَهلِ سُکاڻُ

لَڳي واءُ وَڏاندَرو، مُنجهائي مِهِراڻُ

جَنِي ڀانيو پاڻُ، ڪَري تَوائِي تَنِ کي. [607]

سمجهاڻي: اي سامونڊي (ملاح) تون (هاڻي وڏي سمنڊ ۾ آهين) سو تون تيار ٿيءُ. پاڻ سنڀالي سجاڳ ٿيءُ ۽ (ٻيڙيءَ جي پويان لڳل وڏي تختي) سُکاڻ کي سولو ڪري پڪڙ. ڇو ته ڏاڍو سخت واءُ (طوفان) هلي رهيو آهي، جيڪو سمنڊ جي (آزمودگار) ناکئن کي به منجهائي وجهي ٿو. بلڪه جيڪي پاڻ کي وڏا قابل سمجهن ٿا، اهي ئي وڌيڪ پريشان ٿين ٿا.

7

سَمُونڊَر ڪِينَ سُڪَنِ، ڪوڙين جي ڪائو ٿِئي

پاڻيءَ سين پيکُ ڪِئو تيلاه وَڻِجارَنِ

لَعلُون سي لَهَنِ، جَنِي سَودو سَچَ سِين. [608]

سمجهاڻي: سمنڊ ڪڏهن به سڪي خشڪ نه ٿيندا آهن توڻي جو پاڻيءَ ۾ ڪيتري به وڏي (انداز کان ٻاهر) لاٿ ڇو نه اچي. بلڪه وڻجارا پاڻ اهڙيءَ صورتحال ۾ سمنڊ جي پاڻيءَ سان وڌيڪ واهپو ۽ چاهه رکن ٿا ۽ ان سان محبت ڪن ٿا. (ياد رک) موتي ماڻڪ اهي ئي حاصل ڪن ٿا جيڪي هميشه سچ جو سودو ڪن ٿا، (جيڪي ڪپت ۽ ڪوڙ نٿا ڪن).

[سمنڊن مان موتي ملڻ بابت روميءَ هينئن چيو آهي:

در تگ دريا گهر با سنگهاست،

فخر ها  اندر  ميان  ننگهاست.

               (دفتر سوم، ب- 866)

معنيٰ: (اها ڳالهه سمجهه) سمنڊ جي تهه ۾ موتي پٿرن (گند گاهه) سان رليل هوندا آهن. کريون ۽ سچيون ڳالهيون خراب يا بيفائدي ڳالهين سان مليل هونديون آهن.]

8

نَوان پِنجَرَ پانجِرِي، نَوان سِڙَهه کُوها

بَندَرِ صَحِيءُ هُوا، ڪا نه وِهايَئُون وَکِرِي. [609]

سمجهاڻي: ٻيڙن ۾ (کوهن جي چوٽيءَ وٽ) ٺهيل نون پڃرن ۾ ملاح ويٺل آهن (جتان هو ويهي پري پري تائين نظر نهار ڪن) ۽ اهڙيءَ طرح ٻيڙين جا کوها ۽ سڙهه وغيره به سڀ نوان تيار ٿيل هئا. هو پاڻ بندر ۾ برابر اجايو سجايو پئي ڦريا ۽ گهميا، پر وکر ڪونه وِهايائون (وڻج واپار ڪونه ڪيائون).

9

لُڙُ لَهريُون لَسَ ليٽَ، جِتي اَتُ نه آبَ جو

اللهَ اُتِ مَ اولِيين ٻِيڙا مَٿي ٻيٽَ

جوکو ٿِيي مَ جڙاوَ کي، ڦَرَهي اچي مَ ڦيٽَ

لَڳي ڪا مَ لَپيٽَ، غارِيبي غورابَ کي. [610]

سمجهاڻي:  (سمنڊ جو خوفناڪ منظر) سمنڊ جي مٿاڇري تي (ڪوهيڙي مثل) لڙاٽ ڇانيل آهي (جنهن ڪري پري پري تائين نظر نٿي پوي). پاڻيءَ ۾ تکي وهڪ جاري آهي جيڪا ڄڻ مسلسل ڇوليءَ جو ڏيک پيئي ڏئي. ائين پاڻيءَ جي اٿل پٿل ۽ ڇولين مٿان ڇوليون ڪاهينديون پيون اچن. (نظر کٽي ٿي وڃي) پر پاڻيءَ جو انت يا خاتمو نظر ڪونه ٿو اچي. او مالڪ سائين، هنن ٻيڙن کي اڻائي واءَ جي ڪري ڀٽڪي وڃڻ کان بچائجانءِ. هن ٻيڙيءَ جي جڙاوت کي ڀڄي پوڻ کان بچائجانءِ ۽ ان جي ڪاٺ جي تختن کي ٽٽڻ کان محفوظ رکجانءِ. (توکي خاص عرض آهي ته) هن غريباڻي ٻيڙي کي (سمنڊ جي ڇولين جي زوردار) ڌڪن ۽ چپيٽ کان ڪيئن به ڪري بچائج.

10

وَههَ تِکَ، وَهڪُرا، جِت نَنگرَ نه ٿَهرَنِ 

وَڏاندَرِيُون وَهَه سامُهيُون جَجهي جورَ جُنبَنِ

نيڍُوءَ ۾ ناتارِيُون وَڻجارا وِجَهنِ

مُلا  مُعَلِمَنِ،  مُون  ڳَرِي  سُئِي  ڳالَهڙِي. [611]

سمجهاڻي: سمنڊ جي سير کي وڏي تک آهي ۽ پاڻيءَ جو وهڪرو تمام تيز آهي ۽ اتي لنگر لڳي نٿا سگهن. وڏيون ٻيڙيون به وهڪري سامهون تمام گهڻي جفاڪشيءَ کان پوءِ پاڻيءَ کي (الائجي ڪيئن) چيري هلن ٿيون. نيڍوءَ جي پار (هندي سمنڊ جو خاص هنڌ) ملاح وڏيءَ محنت سان ٻيڙين جون ناتاريون (لنگر) وجهن ٿا. مون انهيءَ طرف کان ايندڙ ويندڙ ناکئن کان ان باري ۾ تمام خوفناڪ قصا ڪهاڻيون ٻڌيون آهن.

11

دَنگِي مَنجِهه دَريا، ڪيِن ٻُڏي ڪين اُپِڙي

هُو جي واڍي واڻِئا سي سُونهَڻَ سَڀ سَڙِيا

مُعَلمَ ماڳِ نه اڳِيين، فِرنَگِي منجهِه ڦِريا

مَلَاحَ تُهنجِي مَڪُرِي اَچِي چورَ چَڙهيا 

جِتي ڍِينگَ ڍَريا، تِتي تارِي تُنهِنجِي. [612]

سمجهاڻي: سمنڊ ۾ ٻيڙي (خوفناڪ طوفان لڳڻ سبب) هيٺ مٿي پيئي ٿئي (وڏا لوڏا پيئي کائي، خبر ئي نٿي پوي ته ٻڏندي الائي بچندي). ڪاريگر جيڪي ڪاٺ جون ڪليون هڻي تختا ٺوڪي مضبوط ڪري هنيا هئا، سي ڪم جا نه رهيا آهن. هوڏانهن (ديسي) ناکئا پنهنجن اڳين ماڳن تان غائب آهن ۽ انهن جي جاءِ تي فرنگي (قومن جا سامونڊي ملاح) نظر اچي رهيا آهن. او ملاح، (خيال ڪر) تنهنجي ٻيڙي ۾ (ڄاڻ) ڦورو ۽ چور اچي چڙهيا. اي مالڪ سائين، جتي سمنڊ جي وڏي شاهي لهر وَري وڃڻ واري آهي، اتي وري به تنهنجو ئي آسرو آهي!

12

اِيءَ گَتِ غَواصَنِ، جِئَن سَمُنڊُر سوجهيائُون

پيهِي مَنجِهه پاتارَ جي ماڻِڪَ ميڙِيائُون

آڻي  ڏِنائُون،  هِيرا  لَعلَ  هَٿَنِ  سِين. [613]

سمجهاڻي: اها اٽڪل (فن) انهن (ماهر) ٽوٻن وٽ ئي آهي جيڪي پڪو پهه ڪري سمنڊ ۾ اندر وڃي ڳولائون ڪن ٿا ۽ تمام وڏي اونهي پاڻيءَ ۾ ٽٻيون هڻي ماڻڪ موتي هٿ ڪري اچن ٿا. اهي ئي (ڪامياب) ٽوٻا آهن جيڪي (سمنڊ جي تري مان) هيرا ۽ لعل ڳولي ڦولهي پاڻ پنهنجن هٿن سان کڻي اچن ٿا.

[ مثنويءَ ۾ به غواصن جي ان قابليت جو ذڪر ملي ٿو، جنهن سان هو سمنڊ جي تري مان موتي ڳولي يا ڪڍي اچن ٿا.

يا چو غواصان بزير قعر آب،
هر کسي چيزي همي گيرد شتاب،
بر اميد گوهر و در ثمين،
تو بره پر ميکنند از آن و اين.

(دفتر پنجم، ب- 331-32)

معنيٰ: جهڙيءَ طرح غواص جيڪي سمنڊ جي گهرائي ۾ وڃي، جنهن کي جيڪا شيءِ ملي ٿي، هٿ ڪري اچي ٿو، پر اهو اها ئي اميد رکندو آهي ته هن کي قيمتي موتي ۽ ماڻڪ ملن، تنهن ڪري هو پنهنجي ٿيلهي ڀري کڻندو آهي.]

13

آڇاڙا عَمِيقَ جا گَڏِيا غَواصَنِ

جُهڙيُون جهاڳي آئِيا، ڪارُونڀارَ ڪُنَنِ 

سَمُنڊُر  سوجهي  جَنِ،  آڻي  اَمُلَ  اولِئا. [614]

سمجهاڻي: اهي ٽوٻا (ماهر) سمنڊ جي وڏين ڇولين ۽ لهرين کي منهن ڏئي آيا آهن. هو مينهن ۽ برسات جي طوفانن کي پار ڪري وڏن ڪُنن جي اونداهه ۽ ڪاراڻ مان به ڪاميابيءَ سان نڪري آيا آهن. هو سمنڊ جي گهرائين ۾ وڃي املهه ماڻڪ (سچا موتي) هٿ ڪري کڻي آيا آهن.

[رومي اڳتي هن ريت وضاحت ڪري ٿو:

چون برآنيد از تگ درياء زرف،
کشف گردد صاحب در شگرف،
وان دگر که برد مرواريد خرد،
وان دگر که سنگريزه و شبه برد.

(دفتر پنجم، ب- 4333)

معنيٰ: هو جڏهن سمنڊ جي تهه کان نڪري ٻاهر اچن ٿا ته بي بها موتين وارا از خود ظاهر ٿي پون ٿا. انهن مان هڪڙن وٽ ننڍا قيمتي موتي آهن ته ٻين وٽ رڳو پٿر ۽ پٿريون آهن.]

14

وِئا جي عَمِيقَ ڏي، مُنہِ ڪائو ڏيئِي

تَنِ سپُون سوجهي ڪَڍِيُون پاتاران پيئِي

پَسَندَا  سيئِي،  اَمُلَ  اَکَڙِيُنِ  سِين. [615]

سمجهاڻي: اهي غواص (ماهر ٽوٻا) جيڪي گهري پاڻيءَ ۾ خاص شيشي جا نقاب پائي هيٺ لهي وڃن ٿا، سي ئي انهيءَ اونهائيءَ منجهان موتين واريون سپون ڳولهي ڦولهي هٿ ڪري کڻي اچن ٿا. بيشڪ اهڙا (لائق ۽ محنتي) انسان (عارف) ئي اهڙا قيمتي ۽ بي بها موتي سڃاڻي هٿ ڪري سگهن ٿا.

[رومي پڻ سِپن مان مختلف قسم جي موتين ملڻ جو ذڪر ڪري ٿو:

اين صدفها نيست در يک مرتبه،

در يکي دُرست و در ديگر شبـﮣ.

         (دفتر چهارم، ب- 3026)

معنيٰ: اهي سڀ سپون هڪجهڙيون ناهن، ڪن ۾ ناياب ۽ قيمتي موتي آهن ته ڪن ۾ رڳو پٿر ۽ پهڻ!]

15

سِڙَهه سَنوان، لاڄُو نَوان، اولا سَندَنِ عاجَ

سَاٿي سَفَرِ هَلئا ڀَري جُنگَ جَهَاجَ

حاصُلُ  ڪَريين  حاجَ،  واحِدَ  وَڻِجارَنِ  جِي.  [616]

سمجهاڻي: ملاحن ٻيڙن جا سڙهه (ڪپڙي جا ٺهيل جيڪي واءُ ڀرجڻ خاطر ڪم اچن) نوان سنوان ڪيا آهن. کوهن کي ٻڌڻ وارا رسا به نوان وٽيل اٿن. (وڏي ڳالهه ته سونهن خاطر) ٻيڙن کي ٿيلهڻ ۽ ڌڪڻ واسطي ڪاٺيءَ جي ڳنن کي به عاج (هاٿيءَ جي ڏندن جا ٽڪرا) هنيا اٿن. هن دفعي ساٿين سفر تي اسهڻ کان اڳ سامان سان وڏا جهاز ڀري تيار ڪيا آهن. (او مالڪ) تون ئي وڻجارن جي دل جي مراد پوري ڪندين.

16

سِڙَههَ سَنوان، لاڄُو نَوان، مُهاڻا سَندَنِ مِيرَ

ساٿِي سَفَرِ هَلِئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ

جي اَچَنِ ساڻُ اُڪِيرَ، سي ٻيڙا رکِين ٻاجَهه سِين.   [617]

سمجهاڻي: انهن جي ٻيڙين جا سڙهه (بلڪل نوان) سڌا سنوان آهن ۽ انهن جا رسا پڻ نوان تيار ٿيل آهن. هنن جا ناکئا يعني اڳواڻ قابل ۽ هوشيار ملاح آهن. سمنڊ ۾ سفر ڪندڙ ساٿي روانا ٿي چڪا آهن ۽ هنن لاءِ سير ۾ به سڻائو واءُ آهي. (اي مالڪ) جيڪي سڪ سان سمنڊ ۾ هلن، انهن جي ٻيڙين کي پنهنجي رحم ۽ ڪرم سان سلامت رک.

17

سِڙَهه سَنوان، لاڄُو نَوان، مَٿِنِ مُهاڻا مَلَ

جي اَچَنِ آبَ اُڇَلَ، سي ٻيڙا رکِين ٻاجَهه سِين.  [618]

سمجهاڻي: هنن جي ٻيڙن جا سڙهه نوان سنوان آهن ۽ ٻَڌڻ لاءِ رسا ۽ نوڙيون پڻ نئين سِر تيار ٿيل آهن. ٻيڙين جا هلائيندڙ ملاح به وڏا پهلوان آهن. هنن جا ٻيڙا سمنڊ ۾ پاڻيءَ جي وڏي اڇل (ڇولين) جي سامهون به هليا وڃن ٿا. (اي مالڪ)، تون ئي انهن ٻيڙن جو نگهبان آهين ۽ پنهنجي ڪرم سان انهن کي صحيح سلامت رک.

18

اَچَنِ سِڙَهه اُپَڙِئا، مَٿِنِ مُهاڻا مِيرَ

جي اَچَنِ اُڀِي سِيرَ، سي لَنگهائيجِ لَطِيفُ چَئي.   [619]

سمجهاڻي:  (سامونڊي ٻيڙن جي سفر کان واپسي) ٻيڙن جا مٿي چڙهيل سڙهه صاف نظر پيا اچن ۽ انهن ٻيڙن جا ناکئا وڏي شان سان (فاتحانه انداز ۾) ٻيڙن ۾ چڙهيا ويٺا آهن. هو ڏاڍي ڏکي ۽ اڀي سير وٺيو پيا اچن، اي مالڪ، شل تون انهن کي ڪاميابيءَ سان پار پهچائج.

19

ناکُئو نِگَهبَانُ، مُنجيِ مُعَلِمُ خَبَرُون

جَنِ ساري کَنيو سَمُنڊَر ۾ سَفرَ جو سامانُ

لُطفَ ساڻُ لَطِيفُ چَئي، تَنِ لَنگهِئو طوفانُ

سَنڀاري سُبحَانُ، وَڃي عَدَنِئُون اُکَتَا. [620]

سمجهاڻي: نگهبانيءَ واري ڪم تي مقرر ناکئو معلم (برابر) کي برابر خبردار ڪندو اچي ٿو، جن مسافرن سمنڊ جي سفر تي رواني ٿيڻ وقت پاڻ سان سڀ ضروري سامان سنڀالي کنيو (پوري تياري ڪري هليا). عبداللطيف چوي ٿو، اهي الله جي خاص لطف ۽ ڪرم سان وڏي طوفان مان به لنگهي پار پئجي ويا. اهي پنهنجي مالڪ کي ياد ڪندي عدن بندر کان لنگهي اڳتي (مڪي ۽ مديني پاڪ طرف) نڪري ويا.

20

مُعَلمَ سُکاڻِينِ کي، اُڀو ڪَري سَڏَ

تَري هَيٺِ طَنابَ جي ڪِئو ڪَڙڪو ڪَڏَ

هِيءُ مالُ پَهُچي مَڏَ، جو پاڻَ پَرائو چاڙِهئو.  [621]

سمجهاڻي: معلم (وچ سمنڊ ۾ پهچڻ کان پوءِ اوچتو) ونجهه هلائڻ وارن کي رڙيون ڪري پيو چوي ته وارو ڪريو جو ٻيڙيءَ جي تري هيٺان هڪ طناب (رسي) جي فاصلي تي ڪڙ  ڪڙ جو آواز (ٽڙڪاٽ) ٿيو آهي. (ٻيڙي سمنڊ ۾ ڪنهن ٽَڪر سان لڳي آهي). ناکئو سکاڻين کي پيو چوي ته (ٻيڙيءَ جو رخ ڦيرايو) اسان جيڪو پرائو مال پنهنجي ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيو آهي، اهو ڪيئن به ڪري بندر تي سلامتيءَ سان پهچي!

21

مُعَلمُ سُکاڻِينِ کي اُڀو ڳَرَهي حالُ

اورِئان اَنگريزيِءَ پُورِئو، پَرِئان پُوري پالُ

وِچَ ۾ وَاگهيرَنِ جِي چارئِي پَهَرَ چالَ

هِيءُ مَڏَ پَهُچي مالُ، جو پاڻَ پَرائو چاڙِهئو.  [622]

سمجهاڻي: معلم ٻيڙي هلائڻ وارن ساٿين کي بيهي (راز واري ڳالهه) پيو ٻڌائي ته هِن (سنڌ واري) طرف کان انگريز ملاحن سمنڊ جي رستي تي (پنهنجي آمد و رفت سان) قبضو ڪري ڇڏيو آهي ۽ هُن پرئين طرف کان پال (پورچوگيز) ڇانيل آهن. انهيءَ وچ ۾ وري واگهيرا (ڪڇ ملڪ جا سامونڊي ڦورو) چار ئي پهر اچ وڃ پيا ڪن. الله ڪري ته ٻيڙين ۾ جيڪو وڻج خاطر پرديسي مال کنيو اٿئون، اهو سلامتيءَ سان بندر تي هلي پهچي.

22

اورِيان ئِي آڻِينِ، ميڙِئو مُعَلِمَ خَبَروُن

سا تان سُڌِ نه ڏِينِ، جِتي وَهُه ويڌَ ڪَري. [623]

سمجهاڻي: هو سمنڊ جي اندر ڏکين هنڌن بابت ڪا خبر نٿا آڻين بلڪه ويجهي ئي ويجهي (سمنڊ جي ڪناري لڳ هنڌن جون) جون خبرون ڪٺيون ڪري معلم کي پيا ٻڌائين. هو انهيءَ ڏکئي هنڌ (اوڙاهه) جي ڪا خبر ئي نٿا ڏين، جتي پاڻيءَ جو وهڪرو (وڏن جهازن سان به) ويڌن ڪري ڇڏي ٿو.

23

سِڙَهه ٿي سِبيائُون، بَندرَ جَنِ تَڙَنِ تي

مُلا مُعَلِمَ خَبَرُون پُڇِي پُورِيائُون

سُتَڙِ سُونٺائُون، اَوتَڙِ ڪَنہِ نه اولِئا. [624]

سمجهاڻي: هنن پتڻ وارن تڙن تي ٻيڙين جا سڙهه (نئين سِر) سبائي تيار ڪرايا. (سفر تي رواني ٿيڻ کان اڳ) ماهرمعملن (سونهن)  کان (سمنڊ بابت) سموريون خبرون چارون پڇي پوءِ ٻيڙن ۾ روانا ٿيا. انهيءَ ڪري سولي ۽ سڻائي تڙ تي وڃي پهتا ۽ کين ڪٿي به ڪنهن اڻائي ۽ ڏکئي تڙ سان واسطو نه پيو (ڪٿي ڦاسي ۽ رڪجي بيهي نه رهيا).

24

سِڙَهه ٿي سِبيائُون بَندَرَ جَنِ تَڙَن تي

سِڙَهه سِبي ساڄا ڪري، کُوها کَنيائُون

بَيرَقُون بَحَرنِ ۾، ڇَوڙي ڇڏيائُون 

لَهرِيُون لَنگهيائُون، لُطفَ ساڻُ لَطِيفُ چَئي. [625]

سمجهاڻي: هنن (ناکئن) پهريائين بندر جي تڙن تي (چڱيءَ طرح) ويهي ٻيڙين جا سڙهه سبرائي مضبوط ڪيا ۽ پوءِ ٻيڙين تي چاڙهي سکاڻ کڻي الا توهار ڪئي ۽ سمنڊ ۾ اڳتي هلي ٻيڙين تي لڳل جهنڊيون کولي ڇڏيائون (جيڪي هوا ۾ ڦڙ ڦڙ ڪرڻ لڳيون). مالڪ جي مهرباني ۽ ٻاجهه سان سمنڊ جون وڏيون لهرون ۽ ڇوليون لنگهي وڃي پنهنجيءَ منزل تي رسيا.

25

سِڙَهه ٿي سِبيائُون، بَندَر جَنِ تَڙَنِ تي

کُوها، سِڙَهه، اولِيُون، قَلميوُن ڪَيائُون

آيَلِ  تَن  آئُون،  موٽِئو  ڪِينَ  وِسَهان. [626]

سمجهاڻي: هنن بندر جي تڙن تي نوان سڙهه سبي تيار ڪيا، ان کان سواءِ ٻيڙين جو ٻيو سامان کوها، سڙهه ۽ ٻيڙيءَ کي هلائڻ جا ونجهه وغيره ۽ خاص قسم جا ٻيا سڙهه (جيڪي ڏکئي وقت ڪم اچن) به پاڻ سان گڏ نئين سِر صاف ڪري کنيائون. اي امڙ، (جيڪي ايڏي تياريءَ سان ويا آهن)، مون کي اعتبار نٿو اچي ته اهي ڪي (ايترو جلد ۽ سولا) موٽي ايندا!

26

بَــنـــدَرَ بــاروبــارِ، مُــــلُ  نــــه  مَـــلــِي- بارِيــيــن

فَقِيراڻي  پارِ، اَمُلَ  ڏِينِ اَتورِئا. [627]

سمجهاڻي:  (پرڏيهه ۾) ڪيترائي بندر هوندا، جيڪي وري وري هر هر پيا اچن، پر (جيئن ٻڌو آهي) ته مليبار جي بندر جهڙو ٻيو ڪو بندر ناهي. اتي فقيراڻي خصلت وارا (عارف) تمام قيمتي ۽ املهه موتي ورهائيندا وتن ٿا. (جيڪي صرف نصيب وارن فقير صفت سالڪن کي ملن ٿا).

27

بَندَرَ ديسان ديسِ، مُلُ نه مَلِيوارِيين

فَقِيراڻي   ويسِ،   اَمُلَ   ڏِينِ   اَتورِيا. [628]

سمجهاڻي: هونئن ته (دنيا ۾) ديس ديس ۾ بندر آهن، ليڪن مليبار (مالا بار) جهڙا ڪي ٻيا بندر ڪونه آهن. هتي فقيراڻي ويس وارن (سالڪن) کي اڻ توريا (بغير حساب) املهه ماڻڪ پيا ملن يا جتي فقيراڻي صفت وارا سالڪ اتي پهچڻ وارن ۾ بغير حساب املهه ماڻڪ پيا ورهائين (اتي هر پهچڻ واري کي فقيراڻو فيض پيو ملي).

28

بَندرَ جان ڀَئِي، سُکاڻِيا مَ سُمَهو

ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪَري، جِئَن ماٽِي مَنجِهه مَهِي

ايڏو سُورُ سَهِي، نِنڊَر نه ڪجِاهُ ناکُئا! [629]

سمجهاڻي: اي ناکئا، جيستائين بندر ڀوائتو (چؤڏس سامونڊي طوفان جو زور آهي) آهي، يعني سمنڊ پوري سلامتيءَ وارو نه ٿيو آهي ته پوءِ سک ۽ آرام سان نه ويهو يعني ٿوري به غفلت نه ڪريو. (خيال ڪري ڏسو ته) ڪناري وارو پاسو پاڻيءَ جا ڪن (ابتا ڦيرا) پيو ڪري، ڄڻ ماٽيءَ ۾ مانڌاڻي سان مَهي پيئي ولوڙجي. اي ناکئا! اهڙي ڏکي ۽ خوفناڪ صورتحال ۾ هرگز ڪنهن به قسم جي سستيءَ ۽ غفلت کان ڪم وٺڻ نه گهرجي.

29

سُتا سَڀ پَئِي، سَندي مُعَلِمَ آسَري

اَئِين پُڻُ سُمهو ناکُئا، بَندَرِ ناهِه ڀَئِي

جَنِ جِي لائِقَ لَڄ کَنئِي، سي سُتَڙِ سَڀيئِي ٿِئا. [630]

سمجهاڻي: هو سڀ (لائق فائق) معلم جي آسري تي سمهي پيا. اي ناکئو، توهين پڻ ڀلي سمهي آرام ڪريو جو هينئر بندر تي ڪوبه خوف خطرو ناهي (مالڪ جي مهربانيءَ سان آيل طوفان ٽري ويو). جن جي عزت آبرو جو بار مالڪ پاڻ کنيو آهي، اهي ضرور ماڳ تي پهچندا.

30

ٻيڙِياتا ٻيئِي، تو نه ڦَٻندِيُون ڳالَهڙِيون

سَڄِيُون راتِيُون سُمَهِين ڀَرُ سُکاڻَ ڏيئِي

مُندَ وِڃايَئِي مالَ جِي وڻجارا ويهِي

سُڀان سَڀيئِي، پارِ پُڄَندِيُون خَبَرُون. [631]

سمجهاڻي: اي ٻيڙيءَ وارا، توکي اهي ٻيئي ڳالهيون هٿ نه اينديون. (هڪ ننڊ ڪرڻ ۽ ٻيو پار پهچڻ.) تون راتين جون راتيون سکاڻ کي پاسو ڏيئي سمهي ٿو پوين. اهڙيءَ طرح تو وڻج واپار واري سڄي مند به اجائي ضايع ڪري ڇڏي. سڀاڻي هن پار (تنهنجي سستيءَ ۽ غفلت جون) اهي سڀ خبرون ضرور پهچنديون.

31

سامُونڊرِينِ سَعيو، سَدائِين سَفَرَ جو

ڪو ڏيهُه چِتَايو، اُونِهين وَڃنِ اوهَرِئا. [632]

سمجهاڻي: سامونڊي هر وقت سفر جي تياري ۾ مشغول آهن. (هنن جي نظر ۾ ڪونه ڪو ملڪ يا ماڳ آهي)، تڏهن ته هو وڏي اونهي پاڻيءَ ۾ ٻيڙا هاڪاري هليا وڃن ٿا.

32

کيڙائُنِ کارو، سَنجِهيئِي سارِئو

آيَلِ اُمَارو، آهِنِ پريين پارَ جو. [633]

سمجهاڻي: هو جيڪي اڪثر سمنڊ جو سينو چيري هلن ٿا، سي هر وقت يعني سويل کان ئي ان فڪر ۾ آهن (هنن کي ٻي ڪا ڳالهه نٿي سجهي). اي ماءُ! هنن کي هميشه پرئين پار سفر جو اونو ۽ اڻٿڪ ارادو آهي.

33

کارِي کيڙائُو، مَٿي مِٺي موٽِئا

سودو ڪَنِ نه سون جو، وَڏا وِهائُو

موتِي جي مِهراڻَ جا تَنِ ۾ طامائُو

سامُونڊِري سائُو، لَڪا لُوپي آئِيَا. [634]

سمجهاڻي: هو سمنڊن (ديس ديس) جو سفر پورو ڪري، (پنهنجي وطن جي) مٺي پاڻيءَ واري (دريائي) بندر تي پهچي ويا آهن. اهي وڏا سوداگر سون جو سودو نٿا ڪن (ان ۾ هنن لاءِ ايڏو نفعو ناهي)، بلڪه هو ان کان به وڌيڪ قيمتي واپار ڪن ٿا. هنن جي نظر مهراڻ جي (نج ۽ سچن) موتين تي آهي (هنن کي انهن جي ڳولا آهي). هو وڏي حوصلي ۽ صبر وارا آهن جيڪي پرلڪ (سوماطرا جي) شهر ۽ بندر مان وڏو نفعو توڻي مال ڪمائي آيا آهن.

34

لَڪا لَڪا ڪَنِ، لَئِه لَڪا جي اوهَرِئا

سُڻِي سونُ لَڪاءَ جو، سُکُ نه سامونڊِرينِ

پِرهَه پَڳَهَه ڇوڙِيَا، کاري کيڙائُنِ

وَڏي ڀاڳِ ڀِڙَنِ، جي ڪَهيا ڪارُونڀارَ ڏي. [635]

سمجهاڻي: وڻجارن کي لڪا (موجوده ملڪ انڊونيشيا جي پراڻي شهر ۽ بندر) جو نالو ئي زبان تي آهي. (هو لڪا کي پيا هر هر ياد ڪن.) هنن لڪا جي سون جي ايتري ڳالهه ٻڌي آهي جو هاڻي کين هتي آرام ئي ڪونه ٿو اچي. انهيءَ ارادي سان هنن (هڪ دفعو وري) صبح جو سوير ئي ٻيڙين جا لنگر کڻي ڇڏيا ۽ سمنڊ جي وڏي تيز پاڻيءَ ۾ وڃي پيا. جيڪي ايڏي وڏي اجهاڳ ۽ ڪاري پاڻيءَ ۾ وڃي پيا آهن، تن کي وري وڏو ڀاڳ ۽ نصيب ئي موٽائي آڻيندو جو اچي ملن.

35

هَڙَ ۾ ڪِينَ هُئونِ، هُنهين هُنِ نه چاڙِهئا

تَرسَندي تَڙَنِ تي لَهِي سِجُ وِئونِ

جَڏِ سائِين سَبَبُ ڪِئون، تڏِ سُتَڙِ ٿِئا سَيدُ چَئي. [636]

سمجهاڻي: هنن (غريب مسافرن) وٽ پنهنجيءَ ڳنڍ (کيسي) ۾ ڪجهه ٻڌل (پئسو پنجڙ) ڪونه هو، انهن کي مفت ۾ ڪنهن ٻيڙيءَ واري به سوار نٿي ڪيو. ائين تڙ تي اوسيئڙو ڪندي کين سڄو ڏينهن گذري ويو ۽ سج لهي ويو. ليڪن جڏهن مالڪ سائينءَ سندن سولي سڻائي ڪئي ۽ ڪو سبب ٺاهيو ته پوءِ سيد عبداللطيف چوي ٿو، اهي سڀ جا سڀ وڃي پنهنجيءَ منزل تي پهتا.

36

وِساڻو سو واءُ، جَنہِ ڀَرِ ڊِرڄَن ناکُئا

پِيئِي ڪَرَ ڪُنَنِ ۾، اُجهاڻو اوڙاهُ 

اچو اِنَ تَڙاءُ،  ته  سامُونڊِريا  سُکِ  ٿئو. [637]

سمجهاڻي: اهو (طوفاني) واءُ لڳڻ بند ٿي ويو جنهن کان ملاحن ۽ ناکئن کي سخت ڊپ هيو. ڪُنن جو زور وارو پاڻي به لهي ويو ۽ سمنڊ جو وڏو چڙهندڙ طوفان به ماٺو ٿي ويو. اي سامونڊي ساٿيو، شل توهان جو گذر اهڙن (سولن) تڙن تان ٿئي جيئن توهان کي (مصيبت ۽ تڪليف بجاءِ) سک جو ساهه نصيب ٿئي.

وائي -1

تَڙَ نِهارِيان تي، منهنجا بَندَرِ وِئَڙا جي

مانَ سِڙَهه سُڃاڻان سَڄَڻين

اُڀِي اوسَههِ پائيَان، ڪارَڻِ وَڻِجاري

گهڻو  اُڪَنڍِي  آهِيَان،  پِرينءَ  پنهنجي  کي. [638]

سمجهاڻي: مان تڙ ۽ گهاٽ تي پيئي انتظار ڪريان، ان لاءِ جو منهنجا ساٿي ۽ سڄڻ پرديس جي بندرن ڏانهن هليا ويا آهن. مان انهن سڄڻن جي (ٻيڙن ۽) سڙهن کي چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿي. مان پيرن ڀر بيٺي وڻجاري لاءِ فالون پيئي وجهان (مون کان نه پڇو ته منهنجو ڪهڙو حال آهي) آءٌ پنهنجي پياري پرينءَ لاءِ ڏاڍي سڪايل آهيان (شل منهنجو وڻجارو خير سان موٽي اچي!).

وائي-2

تُون تان گَرهَڙَ پائي لَڄُ،

ڪوهُ نه ويئِيئَن اُنِ  سين

اُجارِيائُون اولِيُون، ڌئاريائون ڌَڄُ

سيڻنِ ساجُهر لَڏِئو، تُون نِهارِيين اَڄُ

ڪيرُ سُڻِيندو تُنهنجِيُون اَدورائُون اَڄُ

مَـــتان  وِهيـن  ويـــسَرِي،  اُٿِـــي   ڀــــورَلَ   ڀَــــڄُ   [553]

سمجهاڻي: (اي وڻجاري) تون جيڪڏهن (آخر ۾) درياءَ جي ڦاٽ واري پاڻيءَ کي لڄ ۽ ننگ جو واسطو وجهين ها  (اهو ته توکي تاري ٻيڙيءَ ۾ پهچائي ها). تو ڇا ڪيو، جو پنهنجي ساٿيءَ سان گڏ نه وئين؟ هنن تياري ڪندي ٻيڙين جي (ڌڪڻ وارين) اولين ۽ مڙني شين کي ڌوئي صاف ٿي ڪيو. تنهنجا ساٿي ۽ سڄڻ ته سوير سفر تي روانا ٿي ويا، تون هاڻ پيئي انهن لاءِ پڇائون ڪرين. اهڙيءَ (بيپرواهيءَ واري) حالت ۾ تنهنجون ندورائپ واريون دانهون ڪير ٻڌندو. وري به غفلت ۽ گهل ڇڏ، او موڳي ۽ موڙهل، اٿي پاڻ پتوڙ ۽ پرينءَ جي پويان وڃ (هٿ پير هڻ).

 

داستان ٻئو

 

1

پَڳهَه پاسي گهارِ، آيَلِ! سامُونڊِرينِ جي

وِجِهي جِيءُ جَنجارِ، جِمَ وَڃِني اوهَرِي. [639]

سمجهاڻي:  (اي وڻجاري جي گهرواري) تون سامونڊين جي لنگر واري هنڌ جتي ٻيڙي پڳهه (رسي) سان ٻڌل آهي، مورڳو اتي وڃي ويهي رهه. (اهو هنڌ هرگز نه ڇڏجانءِ). ائين نه ٿئي جو متان هو توکي ڳڻتيءَ ۾ ڳرڻ لاءِ (اڪيلو) ڇڏي پاڻ سامونڊي سفر تي روانا ٿي وڃن!

2

پَڳَههَ پاسي پَچُ، آيَلِ! سامُونڊِرين جي

مَنَ  ۾  ٻاري  مَچُ،  جِمَ  وَڃنِي  اوهَرِي. [640]

سمجهاڻي: اي وڻجاري عورت، توکي گهرجي ته سامونڊين جي پڳهه ڇوڙڻ واري جڳهه (پتڻ) تي ويهي پاڻ کي پچاءِ (انتظار ڪر). ورنه اهي تنهنجي اندر ۾ (جدائيءَ جي) باهه جو مچ ٻاري پاڻ سامونڊي سفر تي هليا ويندا. (پوءِ تون ڪجهه نه ڪري سگهندينءَ)

3

پڳَهَه پاسي ويهُه، آيَلِ! سامُونڊِرين جي

تُون ويسَرِي وِکَ کَڻِي، هُو پُورِيندَءِ پَرَڏيهُه

سَمُنڊُر جَنِ ساڻيهُه، ڪوهُ نه ويئِينءَ اُنَ سين. [641]

سمجهاڻي: اي وڻجاري، سامونڊين جتي لنگر هنيو آهي، تون ان جي ڀرسان وڃي (اڳ ۾) ويهي رهه. تون غفلت ۽ سستيءَ کان ڪم پيئي وٺين، جڏهن ته هو پرديس جي سفر تي روانا ٿيڻ وارا آهن (اي ڀورڙي عورت! هنن جي وڃڻ کان پوءِ توکي خبر پوندي ته) سمنڊ جن جو وطن آهي (جتي هو گهڻو وقت گهارين ٿا)، تون انهن سان ڇو ڪونه هلي وئين؟

4

اِيندينءَ تان آءُ، هَڻِي هَٿُ پَڳَهه ۾

لَڳي واءُ سُواءُ، سِڙهُه سانباهِي نه سَهي. [642]

سمجهاڻي:  (وڻجارو پنهنجي گهرواريءَ کي چوي ٿو) اچڻو اٿئي ته اچ، انهيءَ لنگرواري رسي ۽ ڪلي ۾ هٿ وجهي هلي اچ (جلدي ڪر). ابتو سبتو واءُ لڳڻ شروع ٿي ويو آهي ۽ ٻيڙي تيار آهي ۽ وڌيڪ دير ڪانه سهي سگهندي.

5

وانءُ وَهِلي نِڪَرِي، نَنگَرَ جان نه کَڻَنِ

مَتان ڏُورِ وَڃنِ،  نارِيُون  پُوري  ناکُئا. [643]

سمجهاڻي: اي وڻجاري (همت ڪر) تڪڙي هلي پهچ، جيستائين ٻيڙا بيٺا آهن ۽ ناکئا انهن جا لنگر نٿا کڻن. (ان کان اڳ جو) هو پري نڪري وڃن ۽ بندر وٽان شروع ٿيندڙ واهڙ جو پاڻي، جنهن مان ٻيڙا لنگهي وڏي پاڻيءَ ۾ لهي نه وڃين.

6

نَنگَرَ ناتارِيُون، پَڳَهه کَڻِي پَنڌِ ٿِئا

بَندَرَ  بازارِيُون،  سُڃان  سامُونڊِرينِ  ري. [644]

سمجهاڻي: وڻجارا ٻيڙين هاڪارڻ وقت ننڍا وڏا لنگر کڻي روانا ٿيا ۽ ان سان گڏ ٻيڙين کي ٻَڌڻ وارا رسا (ٻيو سامان سڙو) سنڀالي سمنڊ جي سفر تي نڪري پيا. انهن جي وڃڻ کان پوءِ بندر جي بازار (۽ رونق) ڦٽي ويئي، اتي هاڻي سڃ ۽ ويراني لڳي پيئي آهي.

7

نه سي تَڙِ هوڙاڪَ، نه وايُون وَڻِجارَنِ جِيُون

سَرَتِيُون سامُونڊرين جا، اَڄُ پُڻ چِڪِيَمِ چاڪَ 

مارِينِم  فِراقَ،   پاڙيچِيُون   پِرينِ   جا. [645]

سمجهاڻي: تڙن تي هوڙن (وڏن ٻيڙن) وارا آهن ئي ڪونه، تڙ خالي لڳا پيا آهن. اتي وڻجارن جي ڪا ڳالهه نٿي ٻُڌجي. اي سرتيون، اڄ مون کي سامونڊين جي ڏاڍي ياد آئي آهي ۽ اُهي ڦٽ ۽ سور وري جاڳي (نوان سنوان ٿي) پيا اٿم. او پاڙيواريون، مون کي پنهنجي جانب جي جدائي ماري وڌو آهي.

8

ڏٺِي ڏِيَارِي، سامُونڊِرينِ سِڙهَه سَنباهِيَا

وِجِهئو وَرُ وَنجهَه کي، روئِي وَڻِجارِي

مارِيندَمِ  مارِي،  پِرِهَه  سُور  پِرينِ  جا. [646]

سمجهاڻي: ڏياريءَ جي آمد آهي (سامونڊي سفر جي مند شروع ٿيڻ واري آهي ڇو ته سمنڊ ماٺو ٿيڻ وارو آهي). سامونڊين ٻيڙين جا سڙهه نئين سِر تيار ڪرڻ شروع ڪيا آهن. وڻجاري (اهو خيال ايندي) ئي وڃي ٻيڙيءَ جي ونجهه کي ڀاڪر پائي ويٺي روئي ۽ چوي، مون مُٺيءَ کي پرين جا اهي (وڍ) وڏي ويل وارا سور مون کي ماري رکندا (جيئڻ ڪونه ڏيندا).

9

ڏِٺِي ڏِيارِي، سامُونڊِرينِ سِڙَهه سَنباهِيَا

اُنِ کي مُندَ اُتَرَ جِي، اوچِتِي آئِي

وَڻِجارَنِ  وائِي،  آهي  پَريين  پارَ  جِي. [647]

سمجهاڻي: ڏياريءَ جو مهينو آيو ۽ سامونڊين سڙهه تيار ڪري ڇڏيا، پر اوچتو اتر اڳ ۾ لڳي پيو ۽ وڃڻ جي موسم شروع ٿي ويئي. هاڻي وڻجارن وٽ پرڏيهه وڃڻ کان سواءِ ٻي ڪا وائي يا ڳالهه ناهي.

10

ٿِي ڏِيارِيءَ ڏيٺِ، ڍوليو هَلَڻَ جِي ڪري

مَکِئو پَنهِنجِي مَڪُرِي، چيٺي چَڱيءَ چيٺِ

رُئان رَهَنِ نه سُپِرِين، جان ڪِين جَهلِيان بيٺِ

مُون سِين ڪري ميٺِ، سَڄَڻَ سَفَرِ هَلِئا. [648]

سمجهاڻي: جيئن ڏياريءَ وارو مهينو آيو (سمنڊ ماٺو ٿيو) تيئن منهنجي ڀتار هلڻ جي تياري شروع ڪري ڏني. هن پنهنجي ٻيڙيءَ کي پوريءَ طرح سنڀاري ٺاهي جوڙي ان کي نئين سِر مَک (مٿان مک) هڻي تيار ڪيو. هو منهنجي روئڻ ۽ ڳوڙها ڳاڙهڻ سان رڪجڻ وارو ناهي، البت (دل ٿي چوي) کيس چيلهه سان ٻڌل ڪمرپٽي کي پڪڙي سوگهو جهلي بيهان (من ائين رڪجي پوي). ليڪن (آخر ۾) منهنجو سڄڻ مون سان مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪري (آسرا ڏيئي) وڏي سفر تي روانو ٿي ويو.

11

ڏِٺِي ڏِيارِي، سَڄَڻَ سَفَرِ هَلِئا

پايو پاندُ ڳِچيءَ ۾، زورِ ڪَرِيان زارِي

ڪانُ هَڻِي ڪارِي، وِئو وَڻِجارو اوهَرِي. [649]

سمجهاڻي: ڏياريءَ جي مند اچڻ سان منهنجا سڄڻ سفر تي روانا ٿي ويا، جيتوڻيڪ مون ڳچيءَ ۾ پلئه وجهي کين گهڻي آزي نيزاري ڪئي (پر هو نه مُڙيو). ائين هو مون کي جدائيءَ جو ڪان (تير) هڻي پاڻ سامونڊي سفر تي هليو ويو.

12

ٿِئا ڏِيارِيءَ ڏِينہَ، سامُونڊِرينِ سَفَرَ جِي

مُون سِرِ اُٺا جيڏِيُون سَندَا مَحَبتِ مِينہَ

ڪِيَسِ  نِماڻِي  نِيہَ،  کاري  کيڙائُنِ  جي. [650]

سمجهاڻي: جيئن ڏياريءَ جا ڏينهن ويجها آيا تيئن سامونڊين سفر جي تياري زور شور سان شروع ڪئي. منهنجي سر مٿان سڪ ۽ محبت جا اڻ کٽ مينهن وسي ويا. مون کي انهن وڻجارن جيڪي سمنڊ جهاڳيندڙ آهن.جي نينهن نهوڙي لاچار (بيوس ۽ بيحال) ڪري ڇڏيو.

13

پَرڏيهه پُورِيائُون، سامُونڊِرينِ سِڙَهه سَنباهِيَا

مان تَڻَ مارِيائُون، پاڻان وِجِهي گُوندَرين. [651]

سمجهاڻي: سامونڊين پرڏيهه وڃڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ سڙهه (سبائي) تيار ڪري ڇڏيا اٿن. مون کي ته اصل جيئري ماري وڌائون، بلڪه مون کي ڏاڍن ڏکن ۽ غمن جي حوالي ڪري ڇڏيائون.

14

کارو جي کيڙِينِ، سيئِي منهنجا سُپِرِين

رُئان رَهَنِ نه لِکَ سِين، جَهليان جَهلَ نه ڏِينِ

وِرِهَ ويڌَ ڪَرِينِ، آيَلِ!  سامُونڊِرينِ  جا. [652]

سمجهاڻي: هو جيڪي سمنڊ جو سفر ڪن ٿا (ڏينهن رات ان ۾ هلن ٿا)، اهي ئي منهنجا پيارا پرين آهن. آءٌ کڻي ڪيترو به رئان پر اهي ذري برابر ترسڻ لاءِ تيار ناهن، آءٌ کين ڪيترو به روڪيان پر اهي هرگز رڪجڻ وارا ناهن. سندن جدائي ۽ وڇوڙي وارا سور مون لاءِ نسورو ناسور آهن.

15

وِئا اوهَرِي او، مُون کي ڇَڏي ماڳَهِين

جُڳَنِ جا جُڳَ ٿِئا، تِئان نه موٽِيو ڪو

گُوندَرُ  مارِيندو،  ويچارِيءَ  وِئَنِ  جو. [653]

سمجهاڻي:  (وڻجاريءَ جو وسوسو) هو پاڻ سمنڊ جي سفر تي (ڪيترو عرصو ٿيو) روانا ٿي ويا ۽ مون کي هن ماڳ تي (اڪيلو) ڇڏي هليا ويا. ساندهه ڪيئي ورهيه لنگهي ويا آهن، جو اتان ڪو موٽي نه آيو آهي. (خدا خير ڪري شال هو سلامت هجن) هن ويچاري وڻجاريءَ کي انهن ويلن (پنهنجن پيارن ۽ سڄڻن) جو ڏک ۽ غم پيو ڳاري ۽ ماري.

16

اُونِهين ۾ اوهَرِي، جَڏِهن جي وِئا

سانداري سَمُونڊَر جي نِهوڙي نِئا

وَڃي  تِتِ  پِئا،  جِتِ  نِهايَتَ  ناهِ  ڪَا. [654]

سمجهاڻي:  (وڻجاريءَ جو ويچار) جيڪي سامونڊي تمام گهڻي اونهي پاڻيءَ ۾ هليا ويا، انهن کي سمنڊ جي اندر (ڏکي سير ۾ طوفان کان بچڻ خاطر) ٻنهي طرفن جي اچ وڃ ئي ماري وڌو ۽ انهن جو ڪم پورو ڪري ڇڏيو (شايد هو لهرين جي ور چڙهي ويا). هو اهڙي وڏي پاڻيءَ ۾ وڃي پهتا، جنهن جو ڪو انت ۽ پڄاڻي ڪانه هئي.

17

اُونِهين ۾ اوهَرِي، جَڏِهن وِئا جي

موٽِي ماڳِ نه آئِيا، ماءِ! سامُونڊرِي سي

کارو تَنِي کي، جيڪُسِ وَهُ وَرِي وِئو. [655]

سمجهاڻي:  (وڻجاريءَ جي سوچ) هو جيڪي هڪ دفعو تمام وڏي اونهي پاڻيءَ جي ور چڙهي ويا، اي امڙ، انهن سامونڊين مان وري ڪو موٽي ڪونه آيو. (وڻجاريءَ جو گمان) شايد سمنڊ جي وڏي وير انهن جي مٿان چڙهي ويئي (مبادا، هو لهرن جي ور چڙهي ويا).

18

اونِهين وِئا، نه وَرِئا، آءٌ تَنہِ مارِي ويڻَ

ڪري سامُونڊِري سيڻَ، جُسي جارُ پِرائِيو. [656]

سمجهاڻي: (وڻجاري ٿي چوي) جيڪي اونهي پاڻيءَ ۾ ويا سي وري نه موٽيا، مون کي انهن جي باري ۾ اهڙن ڳالهين (ملندڙ طعنن) ماري وڌو آهي. (وڻجاري پاڻ کي ملامت ڪندي) مون سامونڊين سان مائٽي ڳنڍي (پلئه اٽڪائي) پاڻ کي وڏي جنجال ۾ وڌو آهي، مون ان مان (سک بجاءِ) وڏو سور پرايو آهي.

19

جي اوهَرِئَم اَڄُ، سي ڪَڏِهن اِيندا مان ڳَري

پِريان جِي هُنَ پارَ ڏي، وَڃِي ڌَنئُڪي ڌَڄُ

سامُونڊِريَڪو ڏَنڄُ، ماءُ! مارِيندُمِ ڪَڏَهِين. [657]

سمجهاڻي: (وڻجاري پيئي ٻڌائي) منهنجا سامونڊي اڄ سفر تي روانا ٿيا آهن، خبر ناهي هاڻي اهي وري ڪڏهن واپس مون وٽ ورندا. منهنجي پرينءَ جي جهاز جي سموري سڄ ڌڄ (سينگار) هن پار ڏي وڃي ظاهر ٿيندي، (جتي هو لنگرانداز ٿيا هوندا). او امڙ، مون کي انهن سامونڊين جو سور فراق ئي ماري ختم ڪري ڇڏيندو.

20

سامُونڊِرينِ جي آنءُ سُورَنِ سِجهائِي

جيڏِيون! جُدائِي، سَهان  نه  سُپيرِينِ  جِي. [658]

سمجهاڻي:مون کي سامونڊين جي جدائيءَ جي سور فراق هڻي پورو ڪري ڇڏيو آهي، جيئري ماري وڌو آهي. اي سرتيون، مون کان سپرين جي جدائي سَٺي ڪانه ٿي ٿئي. مون ۾ سپرين جي جدائي سهڻ جي طاقت ڪانهي (آءٌ ڏاڍي بيوس ٿي پيئي آهيان).

 21

سامُونڊِري ساري، مَٿي تَڙَ گُذارِيَان

مُون کي ٿِي ماري، اُنِي سَندِي ڳالَهڙِي. [659]

سمجهاڻي:آءٌ سامونڊين کي ياد ڪري تڙ (پتڻ) تي انتظار ڪري پيئي ڏکيا ڏينهن گذاريان. (آءٌ بيوس بيحال آهيان) مون کي انهن جي هر ڳالهه ۽ هر ياد ماري مجبور ڪري وڌو آهي.

22

آهِيين اَسارِي، مَٿي تَڙَ گُذارِئين

تو ڪِيئَن وِسارِي، سَنگَتَ سامُونڊِرينِ جِي. [660]

سمجهاڻي:او ويسري، بي خبر، تون تڙ تي ويٺي آهين ۽ هاڻي اجايو وقت پيئي (ضايع ڪرين) گذارين. تو سامونڊين جي ساٿ کي ڪيئن وساري ڇڏيو (غفلت ڪيئي جو هو توکي ڇڏي هليا ويا).

23

آءٌ جَنِ اَساري، مَٿي تَڙَ گُذارِيان

مُون کي وِساري،  شالَ  مَ  وَڃنِ  اوهَرِي. [661]

سمجهاڻي:آءٌ جن جي آسري ۽ اُميد تي تڙ تي انتظار ڪندي پيئي وقت گذاريان، سي شل مون کي وساري، پاڻ (بيپرواهه ٿي) ٻيڙين تي روانا ٿي هليا نه وڃن!

24

سامُونڊِري ساري، ماءُ! مُنهِنجو جِندَڙو

بَندَرِ  وَڻِجاري،  وڃي  لايا  ڏِينهَڙا. [662]

سمجهاڻي: اي امڙ، منهنجو ساهه (ڏينهن رات) سامونڊين کي هر وقت  پيو ياد ڪري. منهنجي وڻجاري پرڏيهه جي بندرن تي (اميد جي برخلاف) ڏاڍا ڏينهن لائي ڇڏيا، گهڻو وقت لڳائي ڇڏيو.

25

سامُونڊِري ساري، ماءُ! مُنهِنجو جِندَڙو

ڪارَڻِ وَڻِجاري، گهڻو اُڪَنڊِي آهِيان. [663]

سمجهاڻي:اي ماءُ، منهنجو جيءُ سامونڊي وڻجاري کي پيو ياد ڪري. (سچ پچ) آءٌ پنهنجي وڻجاري خاطر ڏاڍي سڪايل آهيان (هو منهنجيءَ دل تان لهي ئي ڪونه ٿو).

26

اُهَرِئا جِئائِين، ڍُڪَنِ تَنِ تَڙَنِ تي

سامُونڊِرينِ سائِين، واءُ سَڻائو وارِيين! [664]

سمجهاڻي:منهنجا سامونڊي جن تڙن تان پرڏيهه روانا ٿيا آهن، شل اهي ٻيڙين سان وري اچي اتي (سلامتيءَ سان) لنگرانداز ٿين. اي مالڪ سائين، سامونڊين لاءِ واءُ سڻائو ڪر ته جيئن هو سولا سڻاوا اچي ماڳ تي پهچن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org