سيڪشن: لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب:

صفحو:21 

سُر کاهوڙي

 

داستان پهريون

1

کاهوڙِينِ خَفِيءَ کان سوجهي لَڌو سُبحانُ

عاشِقَ اِهڙين اکَرين لَنگهِئا لامَڪانُ

هُو ۾ گَڏجِي هُو ٿِئا بابُو سي بِرِيَانُ

سَڀوئِي   سُبحَانُ،   آيو   نَظَرِ   اُنِ  جي. [761]

سمجهاڻي: کاهوڙِين (سالڪن) پنهنجي اندر جي ڳُجهي ذڪر (خفيءَ) مان وڏي واکاڻ واري رب ۽ (جڳ جهان جي) مالڪ کي صحيح سُڃاڻي ورتو. اهي عاشق انهيءَ طريقي سان ”لامڪان“ کان به اڳتي گذري ويا. اهي پَچي پُختا ٿيل فقير صفت (عارف) حق سان ملي پاڻ به حق ٿي ويا. اهڙن عارفن کي پوءِ هر طرف الله سبحانـﮣ و تعاليٰ (جو جلوو) نظر آيو.

[هن بيت جي هر سٽ ۾ مولانا روميءَ جي فڪر جو پڙاڏو معلوم ڪري سگهجي ٿو، مثلا مثنويءَ جو هڪ بيت هن طرح آهي.

چُون که آن مخفي  نماند از  محرمان،

ذات  وصفي  چيست  کان  ماند نهان.

          (دفتر سوم ب 3653)

ترجمو: جڏهن اهو پاڻ راز وارن کان مخفي يعني لڪل ناهي، ته پوءِ سندس ذات ۽ صفت هنن کان ڪيئن ڳُجهي رهي سگهي ٿي.

زمان ۽ مڪان جي باري ۾ روميءَ جو نقطئه نظر واضح آهي، جڏهن هو چوي ٿو ته اهو عارفن ۽ عاشقن سان لاڳو ناهي:

پيش چوگانهاي حکم کن فکان،

مي دويم اندر مکان و لامکان. 

(دفتر سوم، ب- 2466)

معنيٰ: اسين (عاشق) ڪن فيڪون جي حڪم ٻڌڻ سان ئي مڪان ۽ لامڪان جي ميدان ۾ جوڙي رهيا آهيون.

جيستائين اهڙن عارفن جي نظريا ڏسڻ جو تعلق آهي، اُن جي باري ۾ رومي هينئن چوي  ٿو:

يَک نظر  دو گز  همي  بيند  ز راه،

يک نظر دو کون ديد و رُوئي شاه.

(دفتر ششم،ب- 1464)

معنيٰ: هڪ نظر آهي، جيڪا صرف ٻن گزن جي مفاصلي تائين ڏسي ٿي. ٻي آهي جيڪا ٻيئي جهان ته ڏسي ٿي، پر حقيقي بادشاهه جو چهرو به ڏسي ٿي.

ٻئي هنڌ هينئن به چيو اٿس:

سير عارف هردمي تا تخت شاه،

سير زاهد هر مهي يک روزه راه.

(دفتر پنجم، ب- 2180)

معنيٰ: عارف (عاشق) جو هڪ ساعت وارو سير بادشاهه حقيقيءَ جي تخت تائين پهچائي ٿو. ان جي مقابلي ۾ زاهد جو سير (ڏاڍو دير سان آهي) هڪ مهيني ۾ هڪ ڏينهن جيترو به ڪونهي.]

2

مُون سي ڏِٺا ماءُ، جَنِي ڏِٺو پِرِينءَ کي

تَنِي سَندِي ڪاءِ، ڪَري نه سَگهان ڳالَهڙِي. [762]

سمجهاڻي: اي امڙ! مون انهن (عارفن، اوليائن) کي ڏٺو (انهن سان ملاقات نصيب ٿي) جن پنهنجي پرينءَ (حقيقي محبوب) کي ڏٺو (مشاهدو ماڻيو) آهي. آءٌ انهن جي باري ۾ ڪا به ڳالهه نٿي ڪري سگهان (انهن جي ڪنهن به ڳالهه جو بيان نٿو ٿي سگهي).

[هن بيت ۾ صوفين جي حق تعاليٰ بابت ذاتي مشاهدي جو ذڪر آهي، جنهن کي سندن چوڻ مطابق ٻئي ڪنهن سان بيان نٿو ڪري سگهجي. ڇو ته ان مشاهدي لاءِ ”اندر جون اکيون“ گهرجن جيڪي هنن ظاهري اکين کان الڳ آهن. رومي سڌو سنئون چوي ٿو، ته الله وارن جي اندر ۾ حق جو نور هوندو آهي.

چشم نيکو باز کن درمن نگر،

تابه بيني  نور  حق  اندر  بشر.

 (دفتر دوم ب 2249)

ترجمو: اکيون کول چڱيءَ طرح مون ۾ ڏس ته جيئن هڪ انسان جي اندر ۾ خدا جو نُور ڏسي سگهين. هن آکاڻيءَ جي آخر ۾ جنهن ۾ بايزيد بسطامي حج جي سفر دوران هڪ درويش سان ملي ٿو، اهو  کيس چئي ڏئي ٿو:

چون مرا ديدي خدا را ديدهء اي.

يعني جڏهن تو مون کي ڏٺو پوءِ سمجهه ته خدا کي ڏسي ورتئي.]

3

مُون سي ڏِٺا ماءُ، جَني ڏِٺو پِرِينءَ کي

رَهِي اَچِجي راتِڙِي تَن جُنگَنِ سَندِي جاءِ

جَنِي   جِي   ساڃاءِ،   تُرَهو   ٿِئي   تارِ   ۾.  [763]

سمجهاڻي: اي ماءُ! منهنجي انهن الله لوڪ انسانن  سان  ملاقات  ٿي،  جن  پنهنجي پرينءَ (حقيقي محبوب) جو ديدار ڪيو آهي. اهڙن وڏيءَ (روحاني) منزل وارن وٽ پوري رات گذارڻ گهرجي (انهن وٽان راتيون جاڳڻ سان فيض حاصل ٿئي ٿو). اهڙن اوليائن (روحاني رهبرن) جو ادب ۽ سڃاڻپ ئي اونهي پاڻيءَ منجهان اُڪارڻ جو وسيلو آهي.

[روميءَ اولياء الله جي باري ۾ گهڻيون ڳالهيون ڪيون آهن. هڪ هنڌ چوي ٿو:

هر که خواهد همنشيني باخدا،

تانشيندد در حضور اوليا.

(ب- 2161)

معنيٰ: جيڪو گهري ٿو ته خدا تعاليٰ وٽ پهچي وڃي ته هن کي کپي ته اوليائن جي صحبت ۾ اچي ويهي.]

4

مُون کاهوڙِي لَکِئا، ويهي ويرَ مَ ڪَنِ

ڏِينہَ تَتي ۾ ڏُونگَرين ڪارَڻِ قُوتَ ڪَهَنِ

جهَنگَلَ ۾ جُهڻِڪَنِ، جُہُ ڏوٿِي ڏُٿُ گَڏُ ٿِئا. [764]

سمجهاڻي: مون اهڙا کاهوڙي (پري کان ئي) صحيح سڃاتا، جيڪي ٿوريءَ دير لاءِ به ويهي آرام نٿا ڪن. اهي ڏينهن جي سخت ڪاڙهي ۾ پهاڙن اندر گهمندي ڦرندي پيٽ قوت جي ڳولا ۾ رهن ٿا. وري جڏهن پاڻ ۾ ڏُٿ کائڻ ويل گڏجن ٿا، ته سندن ڳالهاءُ جو صرف ڀُڻڪو پيو ٻڌجي (هو وڏي صبر ۽ سانت وارا آهن).

5

مُون کاهوڙِي لَکِئا، گَهرين نه گهارِينِ

واحدَ لَڳِ وِلُهنِ ۾ رويو جَرُ هارِينِ

گُوندَرِ گُذارِينِ، تَنِ ڏوٿِينِ ڏُکو ئِي نه لَهي. [765]

سمجهاڻي: مون انهن کاهوڙين کي ڏٺو، جيڪي پنهنجن گهرن ۾ نٿا گذارين. هو هڪ ڌڻيءَ جي آسري تي ٿڌ ۽ پاري ۾ هلندي ڳوڙها ڳاڙيندا وتن ٿا. هو هر وقت خدا جي خوف ۾ پيا گذارين. هنن تان اهو دائمي دک درد لهي ئي ڪو نه ٿو.

[هنن ۽ ايندڙ ڪجهه بيتن جي پس منظر طور مثنوي رومي جو بيت ڏسو:

مردن تن در رياضت زندگي سَت،

رنج اين تن روح را پايندگي  ست.

(دفتر سوم، ب- 3365)

معنيٰ: ظاهري جسم کي رياضت سان مارڻ زندگي آهي ۽ هن بدن جي ڪشالن سان روح جي راحت ۽ هميشه وارو آرام آهي.]

6

مُون کاهوڙِي لَکِئا، مُوران ۾ ماتامَ

ڪَيَائُون قِيامَ، جُہُ ڏوٿِي ڏُٿُ گَڏُ ٿِئا. [766]

سمجهاڻي: مون اهڙا کاهوڙي سُڃاتا، جيڪي مُنڍ کان ئي ڏاڍا ڏکويل ۽ غمگين رهن ٿا. هنن ڏٿ ڏورڻ لاءِ وڏا ڏاکڙا ۽ جُهد ڪيا آهن (تَن کي تَسِيا ڏنا آهن).

7

مُون کاهوڙِي لَکئا، آيُنِ نَه آرامُ

ڪِيائُون تَنُ تَمامُ، جُہُ ڏوٿِي ڏُٿُ گَڏُ ٿِئا. [767]

سمجهاڻي: مون اهڙن کاهوڙين کي ڏٺو، جن کي (گهڙي پل واسطي به) ڪو آرام ناهي، هنن ڏٿ گڏ ڪرڻ واري محنت ۽ ڪشالي ۾ پنهنجو جسم چور چور ڪري ڇڏيو آهي.

8

مُون کاهوڙِي لَکِئا، سُمَهنِ ڪينَ پَئِي

ثَمَرُ ڪِئائُون سُڃ جو ڏوري ڏُٿُ لَهِي

وِئا اُتِ وَهِي، جِت نِهايَتَ ناهِ ڪَا. [768]

سمجهاڻي: مون اهي کاهوڙي ڏٺا، جيڪي آرام ئي نٿا ڪن ( هر وقت جاڳن پيا) هنن پاڻ سان ڏکي راهه (شيخ) جي سفر جو سامان وڏين تڪليفن سان هٿ ڪري  کنيو آهي، اهي هر وقت پيا هلن، سندن آخري منزل آهي ئي ڪا نه!

[هتي مثنويءَ جو هيءُ بيت ڏسو:

اين رياضتهائي درويشان چراست،
کان   بلا   برتن،    بقائي   جانهاست.

 (دفتر سوم، ب- 3339)

ترجمو: درويشن جون اهي رياضتون ڇا جي لاءِ آهن؟ سندن بدن تي اهي ڪشالا ۽ ڏک ڏاکڙا روح کي لافاني بڻائڻ واسطي آهن].

9

پارِئا پُڇي آءُ، خَبَرَ کاهوڙِينِ جِي

ڏوٿِينِ ڏُونگَرَاءُ، ڪِنہِ پَر ڏورِئو ڏُٿَ کي. [769]

سمجهاڻي: اي واندا! (اي غافل) کاهوڙين وٽ هلي وڃ ۽ اها خبر چار پڇي اچ ته هنن جبلن ۽ جهنگلن ۾ کاڌي جي شين (ڏُٿ) کي ڪيئن ڳولهي هٿ ڪيو آهي؟

[مثنويءَ ۾ ڏٿ يعني جهنگلي کاڌي کي ’علف‘ چيو ويو آهي. هڪ هنڌ چوي ٿو:

رو ز حکمت خود علف کان را خدا،

 بيعوض داده است و از محض عطا.

(دفتر سوم، ب- 3744)

معنيٰ: تون وڃ ۽ ڏاهو بنجي اهو ڏٿ (جهنگلي کاڌو) کاءُ، جيڪو خدا بغير عوض جي مفت عطا ڪيو آهي.]

10

تان وَنءُ ويهِي آءُ، اڱڻِ کاهوڙِينِ جي

جوشُ ڏِنائُون جِيءَ کي، لِڪائي لَوڪاءَ

ڏوٿينِ ڪِنہِ ڏُکاءُ، سُمِهي سُکُ نه ماڻِئو. [770]

سمجهاڻي: تون (اي طالب) انهن کاهوڙين (سالڪن) جي مجلس ۾ ويهي ڪجهه دير گذاري اچ، جن عام ماڻهن کان لڪي پنهنجي جيءَ (نفس) کي پورو پچائي ڇڏيو آهي. (تون وٽانئن اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪر ته) هنن ڪهڙي ڏک ۽ تڪليف جي سبب سمهڻ (غفلت) کان پاسو ڪيو آهي ۽ ڪڏهن آرام به نه ڪيو اٿن.

11

تُون هَڏ ڪُڄاڙِئا، سَنجهي  سَعيو نه ڪَرِين

سَوارا سَنڊَر کَڻِي کاهوڙِي وِئَا

آڻِيندين  ڪِئا،    ڏُٿُ   ڏُوراڻي   ڏيههَ   جو. [771]

سمجهاڻي: تون سج لهڻ سان ئي سوير تياري ڇو نٿو ڪرين، ڇو ته هُو کاهوڙي (رات جي گذرڻ کان اڳ) صبح  جو گهڻو سويل ڏُٿ گڏ ڪرڻ جو سامان، سانداريون ۽ پوٽڙيا کڻي روانا ٿي ويندا. تون (جيڪڏهن هنن جي ڪڍ نه وئين ته) پوءِ انهيءَ پرائي پرديس (اڳئين جهان) لاءِ اهو ثمر ڪٿان آڻيندين، جيڪو پاڻ سان کڻي وڃين!

12

ماءُ کاهوڙِي هَلِيَا دُکائي دُونهان

ڇَپَرَ  جا  سُونهان،  ڏوٿِينِ  ڏُٿُ  چِتائِيو. [772]

سمجهاڻي: اي ماءُ، اهي کاهوڙي (فقط رات گذارڻ لاءِ) دونهان دکائي، وري اڳتي پنڌ پيا. هُو جبلن ۽ پهاڙن جا واقف آهن، هنن جو ڪشالو پنهنجي (سچي ۽ صحيح) مقصد خاطر آهي.

13

ڏوٿِي سا ڏورِين، جا جُوءِ سُئِي نه ٻُڌِي

پاسا مَٿي پاهَڻين کاهوڙِي کوڙِينِ

وئِا  تِتِ   ووڙِين،   جِتِ  نِهايَتَ  ناهِ  ڪَا. [773]

سمجهاڻي: اُهي کاهوڙي (سالڪ) اهڙي (نئين ۽ ڏوراهين) هنڌ (منزل) جي تلاش ۾ آهن، جنهن جي باري ۾ نه ڪنهن ٻڌو آهي ۽ نه ڪنهن کي ڄاڻ آهي. هو وڏن وڏن پهڻن ۽ پٿرن مٿان به جيئن تيئن ڪري ليٽي وقت گذارين ٿا. هو اهڙي عالم (مثال) ڏانهن روان دوان آهن، جنهن جي انتها يا آخر آهي ئي ڪو نه!

[هن بيت جي باري ۾ روميءَ جو هيءُ شعر ڏسو:

رفته در صحرائي بيچون جا نشان،

روح  شان   آسوده   و  ابدان   شان.

 (دفتر اول ب 396)

ترجمو: انهن درويشن جا روح بي ڪيف بيابان ۾ پهچي وڃن ٿا، جتي پوءِ فقط سندن روح نه بلڪه انهن جا جسم پڻ وڏي سڪون ۾ هوندا آهن.]

14

پاڻِيءَ مَٿي پيرُ، ڪِنہِ پَر ڪَڙيو پيريين

لَهرينِ مان لَطِيف چئي، سُونهي لَڌائُون سيرُ

اِنَ ڀُونءِ سندو ڀيرُ، پَرِ پَروُڙَڻُ ڏاکَڙو. [774]

سمجهاڻي: جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻيءَ  جي مٿان لنگهي وڃي ته ان جي پير جو نشان ڪو نه بيهندو. انهيءَ نشان کي ڪو به پيري ( پير جو نشان لهندڙ ماهر) ڪنهن به طريقي سان معلوم ڪري نه سگهندو. عبداللطيف چوي ٿو، ته هنن سالڪن جو سير (تصوف جو اصطلاح) به ائين آهي، پر هنن ڪاملن لهرين مان ويندڙ واٽ به ڳولهي لڌي، (درحقيقت) انهيءَ راهه جو سفر ۽ ان جو طريقو وڏي تڪليف ۽ صبر وارو آهي.

[مثنويءَ ۾ ان سير جي وضاحت هن ريت ملي ٿي.

سير جان بيچون بود در دور و دير،

جسم ما از جان بيا موزيد سير.

سير جسمانه رها کرد او کنون،

مي رود، بي چون نهان در شکل چون

.(دفتر سوم، ب- 1980 ۽ 81)

معنيٰ: روحاني سير فاصلي ۽ هنڌ (زمان ۽ مڪان) جي حساب سان بي مثل هوندو آهي. اسان جي جسم روح کان ئي هلڻ سکيو آهي. اهو مرحلو اچي ٿو، جڏهن جسم کان آزاد ٿي هو سير ڪري ٿو، جنهن جي ڪنهن به ڪيفيت ۽ حالت جي خبر نٿي پئجي سگهي.]

15

سُکِ نه سُتا ڪَڏِهِين کَرَڪَڻا لاهي

اوسِيڙو آهي، کاهوڙِين اِنَ پَنڌَ جو. [775]

سمجهاڻي: اهي کاهوڙي (سالڪ) ڪڏهن به پنهنجن پيرن ۾ پيل ڇنل ۽ ڦاٽل جوتن کي لاهي (غافل ٿي) نٿا سمهن. هنن کي هر وقت انهيءَ وڏي پنڌ ۽ مسافريءَ جو اونو ۽ اُڻ تُڻ آهي.

16

سُڪا سَنڊَر ڪَڇُنِ ۾، کَرَڪَڻا پيرين

ٽِمَندي نيڻين، آن ڪي کاهوڙِي گڏئا. [776]

سمجهاڻي: هِنن کاهوڙين جي ڪلهن ۾ سُڪل (پاڻيءَ کان خالي) سانداريون ۽ پيرن ۾ کُٿل کيترا پيل آهن. هنن جي اکين مان هر وقت ڳوڙها پيا ڳڙن، ڇا توهان کي اهڙن کاهوڙين سان ملڻ نصيب ٿيو؟

17

کَڻَنِ نه کَرَڪاڻَ، پَنڌِ پَراهين هَلِئا

ڏوٿِيڙا ڪنہ ڏُٿَ کي جُنبِئا ڏُونہ جَابَاڻ

کاهوڙِينِ اُهَڃاڻَ، اَنگِ نَه سَڄي اَڳڙي. [777]

سمجهاڻي: هُو کاهوڙي پاڻ سان (جبل جهاڳڻ واسطي) ڇنل ۽  پراڻا کيترا به کڻي نٿا هلن، توڻي جو هو وڏي پنڌ تي پيا وڃن، بلڪه هو پاڻ وڏي جوش جذبي سان گهڻي ڏُٿ واري جُوءِ (جاباڻ، ڪڇ جي جهُريي جبل) لاءِ سهي سنڀري هليا آهن. انهن کاهوڙين جي پري کان اها سڃاڻپ آهي، ته سندن جسم رڳو ٿڳڙين سان ڍڪيل آهي.

18

ڀَڪُلِئا ڀُوڻَنِ، دَلقَ گَڏِئو ڌُوڙِ ۾

راتِيان رِڃُ رَهَنِ، ڏِينهان ڏورِنِ ڏُونگَرين. [778]

سمجهاڻي: اُهي کاهوڙي مٽيءَ جي رنگ ۾ بَڀُوت ٿي هِت هُت هلندا وتن. سندن لباس به مٽيءَ هاڻا يا ڌُوڙ وارا ٿي ويا آهن. اهي رات جو هميشه بيابانن ۾ گذارين ٿا ۽ ڏينهن جو جبل جهاڳيندا ٿا وتن.

[مثنوي روميءَ ۾ دلق پوش درويشن لاءِ هيءُ بيت ڏسو:

درميان دلق پوشان يک فقير،
امتحان کن، و آن که حق ست آن بَگير. 

(دفتر دوم ب 2937)

ترجمو: انهن دلق پوشن ۾ هڪ واقعي فقير آهي. تون هن جي ڳولا ڪر ۽ جيڪو سچو هجي اُن کي سڃاڻ.]

19

ڀَڪُلِئا ڀُوڻَنِ، دَلقَ گَڏِئو ڌُوڙِ ۾

ڳالهيُون ڳَهَلي لوڪَ سِين پَڌَرِ پَئي نَه ڪَنِ

ڪا مُلِ آهي تَنِ، مُون پرِيان جِي ڳالَهڙِي. [779]

سمجهاڻي: اهي کاهوڙي مٽيءَ ۽ ڌوڙ کان بي پرواهه ٿي هلندا وتن ٿا، ان ڪري مٿن مٽيءَ جا تهه چڙهيل آهن ۽ سندن بدن تي پيل لباس ڌڌڙ سان لٽيل آهن. هو پنهنجي راز جون ڳالهيون نادان ماڻهن سان کلي ظاهر نٿا ڪن. هنن وٽ پنهنجي پرينءَ جي ڪا وڏي راز واري ڳالهه آهي.

[مثنوي روميءَ ۾ دلق پوش فقيرن ۽ سالڪن جو گهڻو ذڪر ملي ٿو، هتي هيءُ بيت ملاحظه ڪريو:

و آن   يکي  بيني  در آن  دلق  کهن،

چون  نبات  انديشه  و  شکر  سخن.

 (دفتر سوم ب 137)

معنيٰ: هُتي توکي پراڻي ڦاٽل لباس ۾ اهڙو الله وارو نظر ايندو، جنهن جي ڳالهائڻ ۾ مٺاڻ هوندي ۽ سندس خيالن ۾ مصري ڀريل هوندي.

20

خَوفان کاهوڙِينِ، ڳوڙهو سُڪي نه ڳَلَ تان

حُزنُ ڏِينہُ حَشَرَ جو توڙان لٿو نه تَنِ

ڪِئائُون، ڪِي ڪَنِ، آجِڪو اُخريٰ جو. [780]

سمجهاڻي: هِنن کاهوڙين (سالڪن) جو خدا جي خوف کان ڳوڙها ڳاڙهڻ جو سلسلو بند ئي نٿو ٿئي. هنن جي دلين ۾ قيامت (جزا ۽ سزا) جي ڏينهن جو اهڙو دائمي درد ويهجي ويو آهي، جيڪو آخر تائين لهين ئي ڪونه ٿو. اهڙيءَ طرح هنن آخرت جو ڪجهه ثمر يا توشو تيار ڪيو آهي ۽ وڌيڪ ڪن پيا.

وائي

وَسائِيندڙي مِينہَ، مانَ مِلان کي سَڄَڻين

اَکينِ آگَمَ لائِيا، ڪَرَ مُندائِتا مِينہَ

مُون کي پِرينِ ميڙئين، روجَهڙيُون ميڙئين مِينہَ

مادَرِ موٽِي نَه وِهان، مُون پِريان سِين نِينہُ

آءٌ  مِلَندِي  پِرينءَ  کي  راتِيُون  ڏوري  ڏِينہَ. [781]

سمجهاڻي:  (ڪاش) آءٌ محبت جا مينهن وسائيندي پنهنجي محبوب ۽ سڄڻ سان وڃي ملان! منهنجي اکين ۾ ائين بادل ڀرجي آيا آهن، جيئن مندائتو مينهن وسڻ لاءِ تيار هوندو آهي. اي منهنجا مالڪ! مون کي پنهنجي پرينءَ سان ملاءِ ۽ هنن سِڪايل روجهڙين (جانورن) کي مينهن ڀيڙو ڪر. اي امڙ! (دعا ڪر ته) موٽي اچي وري نه ويهان ۽ منهنجي محبوب سان محبت سلامت رهي. آءٌ ڏينهن توڻي راتيون هڪ ڪري وڃي پنهنجي محبوب سان ملنديس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org