سيڪشن: لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب:

صفحو:19 

وائي-1

آئِين مون کي زورِ نه جَهلئو واري، جيڏيون وو!

آءٌ هَلَندِي هوتَ ڏي

اُونِهين وِئَڙا اوهَرِي، طَرازُون تاري

مَرِي رَهندِيَسِ ماڳِهِين، سامُونڊِري ساري

سُورُ تُنهنجو سُپِرين! مُون مَعذُورِ کي ماري

هاڻِ نه جِيان جيڏِيُون، آءٌ جا ڪُٺِيسِ ڪوهِياري [665]

سمجهاڻي:اي جيڏيون سرتيون، توهين مون کي زور زبردستيءَ سان پاڻ وٽ جهلي نه ويهاريو. آءٌ پنهنجي پرينءَ جي پٺيان وينديس. هو اونهي پاڻيءَ ۾ پنهنجون ٻيڙيون هاڪاري هليا ويا آهن. آءٌ انهن سامونڊين کي ياد ڪندي هن ماڳ تي ئي مري پونديس. اي منهنجا سپرين، هن مڙهي عورت کي تنهنجي جدائيءَ جي سور جهوري وڌو آهي. هونئن ڀلا، جنهن کي پنهنجي محبوب ڪاتيءَ سان ڪهي ڇڏيو آهي، اها ڪيئن جيئري رهي سگهندي! (ان جو جيئرو رهڻ ناممڪن آهي).

وائي-2

وِيندِي آءٌ تَنِ وَٽِ،

مون وَهُ وَڻِجارَنِ سِين

پَڳَهَه کَڻُ مَ پاتِڻِي! تان ڪِي مُون لاءِ جَٽِ

وايُون وَڻِجارَنِ جِيُون، اَديُون اَڄُ نه هَٽِ

ڏيئِي سِڙَهه سِيرَ ٿِئا، پير نه لايَئُون پَٽِ

پُورِيندِيَس پرينِ ڏَي، ڪانه ڪَرِيندِيسِ گهَٽِ

ڳَرَهِيان سُورُ سَفَرَ جو، هَلِي پنهنجي اَرٽِ

آيَلِ!  وَڻِجارَنِ  جي  سِرُ  پُڻ  ڏِينديَسِ  سَٽِ. [666]

سمجهاڻي:آءٌ انهن وڻجارن وٽ ضرور وينديس جن سان منهنجو وهنوار ۽ ناتو آهي. او پتڻ وارا، تون ٻيڙيءَ جو رسو نه کڻ، ٿوري جهٽ مون لاءِ ترس.

او ڀينر، (سامونڊي هاڪاري ويا) هاڻي انهن جو هن جاءِ تي ڪو ذڪر ڪونه ٿو ٻُڌجي. هو سڙهه سنوان ڪري سڌو وڃي سير ۾ پهتا ۽ ٻاهر ڌرتيءَ تي ٿوريءَ دير لاءِ به پير نه رکيائون. مون به پڪو ارادو ڪيو آهي ته آءٌ پنهنجي پرينءَ جي ڪڍ وينديس ۽ ان کان گهٽ نه ڪنديس. آءٌ پنهنجي سفر جو سور آخر پنهنجي گهر پهچي سڀني سان بيان ڪنديس. او امڙ، آءٌ وڻجارن جي محبت خاطر پنهنجو سر به گهوري ڏيئي ڇڏينديس.

 

داستان ٽئو

 

1

کَنڀاتَڙِي تَڙِ وَڻين، اُڀِي تَڙِ واجهاءِ:

مانَ  اَچيهُون  ڪاءِ،  سُواڌائِي  سَڄَڻين. [667]

سمجهاڻي:او کنڀات شهر جي عورت، تون تڙ جي وڻن هيٺان اچي بيهه ۽ اتي انتظار ڪر ۽ پيئي پڇائون ڪر. شل ائين ڪرڻ سان توکي پنهنجن پيارن جي اچڻ جي ڪا خوشخبري ملي.

2

مُون اُڀي تَڙَ وَٽِ، پِرينِ پَڳَههَ ڇوڙِئا

ڪا مُونهِين ۾ گهٽِ، نه ته سَڄَڻَ سَٻاجها گَهڻو. [668]

سمجهاڻي: مان اڃان پتڻ تي بيٺي هئس (پئي واجهايم) ته پرين ٻيڙي هاڪاري روانا ٿي ويا. مون ۾ ڪا اهڙي گهٽتائي هئي (جو پرين منهنجي پرواهه نه  ڪئي) نه ته هو ته ڏاڍو رحمدل ۽ مهربان سڀاءُ وارو آهي.

3

مُون اُڀي تَڙَ هيٺِ، پِرينِ پَڳَههَ ڇوڙِئا

ڪا مُونهِين ۾ ڏيٺِ، نه ته سَڄَڻَ سَٻاجها گهڻو. [669]

سمجهاڻي: منهنجي تڙ تي بيٺي ئي منهنجا پرين لنگرکڻي روانا ٿي ويا. مون ۾ ڪو ڏٺو وائٺو عيب يا ڪمزوري هئي، جو هنن ائين ڪرڻ مناسب سمجهيو، ورنه منهنجا سڄڻ ڏاڍا مهربان آهن.

4

مُون اُڀي تَڙَ جَهلَ، پِرينِ پَڳَهَه ڇوڙِئا

ڪا مُونهِين ۾ اَلَ، نه ته سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻو. [670]

سمجهاڻي: مان ڪناري تي بيٺل هيس جو پرين پڳهه ڇوڙي اڳتي نڪري ويا. (مان سمجهان ٿي) مون ۾ ڪو ذاتي عيب هو (جو هنن مون سان اهو ورتاءُ ڪيو) ورنه منهنجو سڄڻ ڏاڍي سٻاجهي سڀاءُ وارو آهي.

5

مُون اُڀي تَڙَ پاسِ، پِرينِ پَڳَهَه ڇوڙِئا

هو اللَهَ- هارَ اوهَرِئا، آءٌ دَمِ دَمِ دُعا ڪَندياسِ

آسَ نه لاهِيندِياسِ، موٽِي اِيندا مان ڳَري. [671]

سمجهاڻي: آءٌ پتڻ تي بيٺي هيس جو پرين لنگر کڻي هليا ويا. هو الله جو آسرو ڪري سفر تي روانا ٿيا، آءٌ انهن لاءِ هر وقت پيئي دعائون گهران (ته سندن سفر سلامتيءَ سان گذري). مان الله مان ڪڏهن به اميد نه لاهينديس، (مون کي پڪ آهي) هو ضرور موٽي مون وٽ ايندا.

6

اولا کَڻِي اُوءِ، پَڳَههَ ڇوڙي پَنڌِ ٿِئا

آيَل! سامونڊِرينِ جِي آهِ اَڙانگِي جُوءِ

ڪَڏِهن ڏِسَندِيَس رُوءِ، وَرِي هِنَ اکِينِ سين. [672]

سمجهاڻي: هنن ٻيڙين جا اولا (ڳن) کنيا ۽ لنگر کڻي سمنڊ ۾ روانا ٿي ويا. او امڙ، سامونڊي جنهن دور ديس وڃي رهيا آهن، اتي پهچڻ جوکي وارو آهي. (آءٌ انهيءَ اميد تي پيئي جيان ته) هو وري ڪڏهن (ضرور) واپس ورندا ۽ هنن اکين سان آءٌ کين وري ڪڏهن ڏسي سگهنديس.

7

سامُونڊِريَڪو سڱُ، آهي گُوندَرَ گاڏُئُون

اَنگهُنِ چاڙهي اَڱ، وِئو وَڻِجارو اوهَرِي. [673]

سمجهاڻي:  (وڻجاري ٿي چوي) سامونڊين سان مائٽي ڳنڍڻ ڏاڍو ڏکن ۽ سورن وارو رشتو آهي. هو وڻجارو (منهنجو پيارو سڄڻ) ڄڻ ته مون کي سوريءَ تي چاڙهي پاڻ سامونڊي سفر تي روانو ٿي ويو آهي (مون کي جدائيءَ جو عذاب ڏيئي هليو ويو).

8

جا جَرِ جاٽرُون نه مَڻي، ڏِيئا نه موهي

سَڌُون ڪوهُ ڪَري، سا پَنهِنجي ڪانڌَ جِيُون. [674]

سمجهاڻي: اها وڻجاري عورت (جنهن جو گهروارو سامونڊي سفر تي پرڏيهه ويل آهي) جيڪا سمنڊ تي وڃي سُکائون نٿي باسي ۽ (اٽي ۽ گيهه جا) ڏيئا نٿي ٻاري (سَنوڻَ پورو نٿي ڪري)، سا پنهنجي مڙس جي موٽي ملڻ جي اُميد ڪهڙيءَ طرح ٿي ڪري؟

9

جَرِ تَڙِ ڏِيا ڏي، وَڻِ ٽِڻِ ٻَڌي وائُٽِيُون

الَله!  ڪانڌُ  اَچي،  آءٌ  آسائِتِي  آهِيان. [675]

سمجهاڻي: وڻجاري جي گهرواري جتي ڪٿي پاڻيءَ ۾ توڙي ان کان ٻاهر تڙ تي ڏيئا ٺاهي پيئي ٻاري، ۽ وڻن ٽڻن ۾ جتي ڪٿي (سَنوَڻَ طور) ڳاڙهيون اڳڙيون پيئي ٻَڌي. هوءَ هر هر اها دعا پيئي گهري ته او الله سائين، شل منهنجو گهروارو (خير سلامتيءَ سان) موٽي اچي. مان هن لاءِ هر وقت آسرو ۽ اميد پيئي رکان.

10

اَڃان وِئَڙَمِ ڪالُ، مُون ليکِيندي وَرهَه ٿِئا

مَنُ ڪُوماڻو تَنِ لَئي، جِئن سا ڦُلَنِ مَالَ

اَڱڻِ  اِيندَمِ  شالَ،  آسَرَ  ڀَرِي  آهِيان. [676]

سمجهاڻي: منهنجا سامونڊي ته اڃا ڪالهه مون وٽان روانا ٿيا آهن، پر مون کي لڳي ٿو ڄڻ ڪيئي سال گذري ويا آهن. منهنجو من هنن لاءِ ائين ڪومائجي (سڪي) ويو آهي جئن گلن جو هار (ٿوري وقت بعد) خشڪ ٿي ويندو آهي. شال اهي منهنجي اڱڻ تي وري موٽي اچن، مان هر وقت انهن جي آسري تي آهيان.

11

وئَڙا ڪالَهه ڪري، ٻارِهين ماهِ نه موٽِئا

لَڳِي تَنِ ڳَري، ڪهِڙيون هَنجُهون هارِيَان. [677]

سمجهاڻي: سامونڊي مون وٽان وڃڻ وقت ڪالهه اچڻ جو وعدو ڪري ويا هئا، پر پورن ٻارهن مهينن کان پوءِ به نه موٽيا آهن. اهڙن سڄڻن سان ڳلي لڳي ڪهڙيون هنجهون هارينديس. (ڪهڙا ڏک ڏوراپا ڏينديس) اُهي کٽڻ جا آهن ئي ڪونه!

12

پَتَڻِ پوءِ پَچارَ، آن ڪي وِيندا گَڏِئا

اُڪَنڍَ  مُون  اَپارَ،  شالَ  مُنهِنجَا موٽِئا! [678]

سمجهاڻي: پتڻ تي ماڻهن ۾ ڳالهه پئي هلي (وڻجارن جي اچڻ جي وڻجاريءَ اچي پڇا ڪئي). اهو چؤٻول هو ته ڇا توهان ڪي واٽ تي سامونڊي ايندي ڏٺا يا توهان سان مليا. مون کي سندن ڏاڍي سڪ ۽ سنڀار آهي، شال منهنجا سامونڊي جلد موٽي اچن.

13

ڳِرِيو جَهلِئو روءِ، مَٿي مُهري هَٿَڙا

کوءِ سَؤدو سندوءِ، جو تُون ڍولِيا سِکِئو. [679]

سمجهاڻي: وڻجاري عورت ٻيڙيءَ وارو رسو پڪڙي پيئي روئي ۽ ساڳئي وقت ٻيڙيءَ جي منڍ ۾ لڳل ڪاٺيءَ جي ڪلي يا مُنيءَ تي هٿ رکي بيٺي لڙڪ لاڙي. (وڻجاري کي مخاطب ٿي چوي پيئي) اي ڍولڻ (منهنجي سِر جا سائين)، باهه لڳي تنهنجي انهيءَ سودي ۽ واپار کي (ٻن پوي اهو تنهنجو وڻج واپار) تون اهو ڪهڙو ڪاروبار ڪرڻ سکيو آهين (جيڪو ايڏي ڊگهي جدائي ۽ سور جو سبب بڻجي ٿو)

14

وَرُ وِڌائِين وَنجَهه کي، اُليڙَڻُ نه ڏي:

رَهُه اَڄوڪِي راتِڙِي، لالَڻَ! مُون لائي

وَڃ  مَ  ڦوڙائي،  ايڏي  سَفَرِ  سُپِرِين! [680]

سمجهاڻي: وڻجاري ٻيڙي هلائڻ واري ونجهه کي سوگهو پڪڙي بيهي رهي آهي ۽ ان کي چورڻ نٿي ڏئي. چوي پيئي، او منهنجا ڍوليا، ڀلا، هيءَ اڄوڪي رات منهنجي خاطر رهي پئو (مون سان گڏ گذار). اي سپرين، ايڏو وڇوڙي جو ڦٽ ڏيئي، ايڏي وڏي سفر تي نه وڃ!

15

ٻيڙيءَ جي ڀُوڻَن، نِيہُ نه ڪِجي اُنِ سِين

اُڀا ڏَنڀَ ڏَسَنِ، جُہُ سِڙَهه ڏيئِي سِيرَ ٿِئا. [681]

سمجهاڻي:  (وڻجاريءَ جي سوچ) جيڪي ٻيڙين ۾ هلن ٿا (سمنڊ جو سفر ۽ واپار ڪن ٿا) انهن سان محبت (وارو سڱ) جيڪر اصلي نه ڪجي. تڏهن (انهيءَ وقت) وڇوڙي جا ڏک ۽ غم بنهه باهه ۾ تپيل سيخ وانگر ساڙڻ لڳن ٿا (ڏنگ هڻن ٿا)، جڏهن هو سڙهه کڻي اونهي سمنڊ ۾ روانا ٿي وڃن ٿا.

16

اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃڻَ جِيُون

اَٺَئِي پَهَرَ اَٿَنِ، سَعيو ڪَنهِن سَفَرَ جو. [682]

سمجهاڻي: اڄ وري وڻجارا سفر تي سنبرڻ جون ڳالهيون پيا ڪن. هو هر وقت (ڏينهن رات) انهيءَ سوچ ۾ آهن ۽ ڪنهن وڏي سفر جي تياري ۾ ٿا لڳن.

17

اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃڻَ جِيُون

مُون اُبِيٺي هَلِئا، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ

سَرَتِيُون سُورُ سَندَنِ، مُون مارِيندو جِندَڙي. [683]

سمجهاڻي: اڄ پڻ وڻجارا ڏيساور وڃڻ جون ڳالهيون پيا ڪن. مان اڃان (پتڻ تي انتظار ۾) بيٺي هئس جو (منهنجي ڏسندي) هو بندر تي پاڻيءَ واري گهاٽ ڏانهن روانا ٿي ويا. اي سرتيون! مون کي سندن (جدائي ۽ فراق جو) اهو ڦٽ(جيئڻ نه ڏيندو) ماري ڇڏيندو.

18

اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃڻَ جِيُون

هَلَڻَ- هارا سُپرِين، رُئان تان نه رَهَنِ

آءٌ جَهلِيندِي ڪيتَرو، آيَلِ سامُونڊِريَنِ

پَڳههَ  ڇوڙي  جَنِ،  وِڌا  ٻيڙا  ٻارِ  ۾. [684]

سمجهاڻي: اڄ وري وڻجارا سفر جي تياري بابت ڳالهيون پيا ڪن. منهنجا پيارا پرين هلڻ لاءِ بلڪل تيار بيٺا آهن ۽ آءٌ ڪيترو پيئي رئان ۽ رڙان پر هو رڪجڻ جا نه آهن. (هنن جي دل ۾ ڪو رحم نٿو پوي) اي امڙ، آءٌ کين ڪيترو جهلينديس. هنن ٻيڙين جا لنگر کڻي پنهنجا ٻيڙا وڏي پاڻي ۾ هاڪاري ڇڏيا آهن.

19

پُران مانَ پُڄان، بَندَرَ مُون ڏُورِ ٿِئا

نه مُون هَڙَ نه هَنجِ ڪِين، چَئِي جو چَڙهان

تِيَهِين ڪَجِ پاتِڻِي! جَنہِ پَر پِرِينءَ مِڙان

ڪارُون تي  ڪَريان،  تو  درِ  اُڀِي  ناکُئا. [685]

سمجهاڻي: مان (پيرين پيادي) هردم اڳتي پيئي هلان ته من بندر تي وڃي وڻجارن کي پهچان، توڻي جو اهو بندر مون کان گهڻو دور آهي. آءٌ ڇا ڪريان جو منهنجي کيسي ۽ هڙ ۾ مون وٽ ڪجهه (پئسو، موڙي) ناهي جو ڪنهن کي باسي ٻيڙيءَ تي چڙهي پوان. اي پتڻ وارا، تون ڪا ڳڻ ڪر جو آءٌ ڪنهن ريت پرينءَ وٽ وڃي پهچان. اي ٻيڙيءَ وارا! آءٌ تنهنجي اڳيان بيٺي پيئي منٿ ڪريان (تون ڪا منهنجي مدد ڪر ۽ مون کي هلي پرينءَ وٽ پهچاءِ!)

20

لاهِيندائِي ڪَنِ، ڳالِهيُون هَلَڻَ سَنديُون

ڏِيندا   مون  ڏُکَنِ،  وَهِ  وِجَهندا  جِندَڙو. [686]

سمجهاڻي: وڻجارا (وڏي عرصي کان پوءِ سفر تان موٽڻ بعد) ٻيڙين تان سامان لاهيندي ئي وري وڃڻ جون ڳالهيون پيا ڪن. (مون کي لڳي ٿو) هو وري مون کي ڏکن ۽ غمن ۾ غرق ڪري، منهنجو تن من مصيبت ۾ وجهي پاڻ هليا ويندا.

21

وَڻِجاري وائِي، سَدا آهِ سَفَرَ جِي

آيَلِ!  اِهائِي،  مُون  مارِيندِي  ڳالِهڙِي. [687]

سمجهاڻي: منهنجي وڻجاري کي ته سدائين سفر جي ڳالهه پيئي سُجهي. اي امڙ، هن جي اها ئي عادت مون کي ماري (ختم ڪري) وجهندي.

22

وَڻِجاري واري، پِرهَ پَڳَههَ ڇوڙِئا

کيڙائو  کاري،  سَنڀُوڙا،  سَيِدُ  چَئي. [688]

سمجهاڻي:  (پرڏيهه جو واپار ڪندڙ) وڻجارو وري صبح جو سويل (اوچتو) پرهه ڦٽيءَ جو ٻيڙين جا لنگر کڻي روانو ٿي ويو. سيد عبداللطيف چوي ٿو ته جيڪي سمنڊ جو سفر ڪن ٿا، اهي هر وقت ان لاءِ تيار رهن ٿا.

23

وَڻجاري وَرِي، پرِهَ پَڳَهَه ڇوڙِئا

اولِيُون پَسِي اُنِ جُون پِئَڙَمِ ڳَچَ ڳَرِي

ويندِيَسِ ماءِ مَرِي، ساري سامونڊِرينِ کي. [689]

سمجهاڻي: وڻجارو وري صبح جو سوير اسر ويل ٻيڙيءَ جا لنگر کڻي روانو ٿي ويو. هن جي ٻيڙيءَ جون (پاڻيءَ ۾) اوليون ڏسي منهنجو جيءُ جهري پيو. آءٌ سامونڊين کي ياد ڪندي وڌيڪ جيئري رهي ڪانه سگهنديس (انهيءَ ماڳ تي ئي) مري ساهه ڏينديس.

24

وَڻِجاري جِي ماءُ، وَڻِجارو نه پَلِيين

آيو ٻارهين ماهَ، پُڻ ٿو سَفَرِ سَنبهي. [690]

سمجهاڻي: (وڻجاري پنهنجي سس کي مخاطب ٿي چوي پيئي) اي ماءُ، تون وڻجاري کي ڇو نٿي سمجهائين (روڪين). هو پورن ٻارهن مهينن يعني هڪ سال کان پوءِ مس مس آيو آهي ۽ وري اچڻ سان ئي سفر لاءِ تياريون پيو ڪري.

25

وَڃيئي وِسَرِي شالَ! جو تو سَؤدو سِکِئو

اَڃان آئين ڪالَ، پُڻ ٿو سَفَرِ سَنبَهِين. [691]

سمجهاڻي: اي وڻجارا، شل توکان اهو سمنڊ جو واپار ۽ وکر وسري وڃي. (ڏس ته سهي!) تون (ڪيتري عرصي کان پوءِ) ڪالهه مس موٽي آيو آهين ۽ اڄ وري (نئين سِر) سفر جي تيارين ۾ لڳو پيو آهين!

26

وَڻجاري ڪانڌاءُ، مُون وَرُ ويٺي گهارِئو

لَڳَي اُتَرَ- واءُ، ڍولئو هَلَڻَ جِيُون ڪري. [692]

سمجهاڻي:  (وڻجاريءَ جو پڇتاءُ) وڻجاري مڙس بدران چڱو هو ته آءٌ گهر ويٺي هجان ها (پرڻو نه ڪريان ها). اڃا اتر جي هوا مس لڳي آهي (سمنڊ ۾ وڃڻ جي موسم ويجهي آئي آهي) ته منهنجي مڙس هاڻي ئي هلڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي.

27

جان وَڻِجارو ڪانڌُ، تان مون هَڏِ لائُون لَڌِيُون

پرَڏيهَه مَٿي سانگُ، اَٺَئِي پَهَرَ اُنِ جو. [693]

سمجهاڻي: جيڪڏهن مون کي اها خبر پوي ها ته منهنجو مڙس وڻجارو آهي، ته جيڪر آءٌ ڪڏهن پرڻجي ڪنوار ئي نه ٿيان ها. (ڇو ته وڻجارو ڪانڌ سدائين ٻاهر هوندو ۽ آءٌ هت اڪيلي گذارينديس). (مون کي ڪهڙي خبر ته) هن جو گذر سفر ئي ٻاهر هوندو (۽ منهنجو سمورو وقت ائين گذرندو).

28

نِٻَرُ نِيہُ سَندومِ، مون جهَلِيندي نه رَهيا

قَادِرُ شالَ ڪَندومِ، ويجهِي وَڻِجارَنِ سِين. [694]

سمجهاڻي: منهنجي محبت ئي ڪمزور هئي جو منهنجي جهلڻ جي باوجود منهنجا سڄڻ مون وٽ ڪونه ترسيا. هاڻي قادر قدرت وارو ئي (ڪو اهڙو ڦيرو ڪري) جو مون کي انهن وڻجارن سان وري قريب ڪري. (باقي ٻئي ڪنهن جو وس ناهي).

29

نِٻَرُ نِيہُ سَندومِ، جِئَن مون اُڀي هُنِ ٿيلئو

سَعيو سامُونڊرينِ سين، اَڳِهن تان نه ڪِئومِ

وِجَهڻُ مَنجِهه هُئومِ، پاڻُ وَراڪي رَسَ سِين. [695]

سمجهاڻي: منهنجي محبت ۾ ڪا گهٽتائي (ڪمي يا خامي) هئي، جو منهجي بيٺي هنن ٻيڙيءَ کي ڪناري کان ڌڪي پري ڪيو. (مون کي خبر ئي نه پيئي) مون هن کان اڳ سامونڊين سان گڏ وڃڻ جي اهڙي ڪا ڪوشش ئي ڪانه ڪئي هئي. مون کي کپندو هو ته پاڻ کي (چيلهه ۾) پڳهه واري رسي جو وڪڙ وجهي ڇڏيان ها (ته جڏهن هو اهو رسو کڻن ها ته آءٌ رسي سان گڏ گهلجي وڃان ها).

30

لاهِيان جي نه چِتاءَ، اَللَه! اُنِ مَ وِسَران

مَڙِهئو مَنجهاراءَ، جِيءُ منهنجو جَنِ سين. [696]

سمجهاڻي:  (وڻجاري دعائون پيئي ڪري) جيڪي منهنجيءَ دل تان نٿا لهن (جن کي آءٌ هر وقت ياد پيئي ڪريان)، الله ڪري ته انهن کان آءٌ به نه وسران يعني هو به مون کي نه وسارين. (آءٌ ڇا ڪريان) منهنجو جيءُ هنن سان جڪڙيل (ڳنڍيل يا سبِيل) آهي.

31

چِتان جي نه چُرَنِ، اَلَله! اُنِ م وِسَران

مُون مَنُ آهي تَنِ، مَڙِهئو مَنجهارا هِنيين.  [697]

سمجهاڻي: جيڪي سڄڻ منهنجيءَ دل تي چڙهيا بيٺا آهن (هردم دل اندر موجود آهن)، الله ڪري ته آءٌ به انهن کان وسري نه وڃان. مون پنهنجي دل ۽ من (اندر ئي اندر ۾) هنن سان ڳنڍي رکيو آهي.

32

مانَ پُڇنِي سُپرِين، چِتان لاههِ مَ چُرَ

اُنِي جا اَمُرَ، کَڻُ ته خالِي نه ٿِيين. [698]

سمجهاڻي: ڪڏهن نه ڪڏهن (ضرور) تنهنجا سپرين تنهنجي خبرچار رکندا، تنهن ڪري تون هنن جي ياد کان ڪڏهن به غافل نه ٿجانءِ. ان پياري پرينءَ جا چوڻ (حڪم) مڃ ۽ پورا ڪر، ته جيئن تون ان جي رحم ڪرم کان محروم (خالي) رهجي نه وڃين.

33

مانَ پُڇنِي سُپرِين، چِتان چُرَ مَ لاههِ

پِرينِ اَڳَيان پاءِ، پَلَئُه مَڱڻهَارَ جِين. [699]

سمجهاڻي: من تنهنجا سپرين تنهنجي لاءِ پڇا ڳاڇا ڪن، تنهن ڪري تون دل تان سندن ياد کي نه ڀُلائجانءِ. توکي گهرجي ته منگتي (سواليءَ) وانگر محبوب جي اڳيان جهولي ڦهلائي سوال ڪرين.

34

مانَ پُڇنِي سُپرِين، چيتاريجُ چِتُ

دائمُ دوُربينِيءَ ۾ پَسُ وِلاتُنِ وَتُ

نِيہُ نيکاري نِتُ، مَلاحُ گَڏ مُعَلمَ سِين. [700]

سمجهاڻي: من تنهنجا سپرين توکي پڇن، تنهن ڪري تون پنهنجيءَ دل ۾ سندن ياد کي هر وقت تازو پيئي ڪر. (دل جي) دوربيني سان پري پري جي ولايتن جا منظر ۽ منڊل (جتي تنهنجو پيارو پرين ويل آهي) ويهي ڏس. جڏهن معلم ۽ ملاح ٻيڙيءَ کي گڏ هلائيندو ته محبت پنهنجي ليکي وڌيڪ مضبوط ۽ قائم رهندي.

35

مانَ پُڇنِي سُپرِين، چِتِ ۾ رکجُ چيتُ

سِرُ ڌوئِي صافُ ڪَرِ صابُڻَ ساڻُ سُفيتُ

سامُونڊِري سُچيتُ، ٿِيءُ ته پُهچِين پارَ کي. [701]

سمجهاڻي: من تنهنجا سپرين تنهنجي ياد ڪن، تنهن ڪري تون پنهنجيءَ دل ۾ کين پيئي ياد ڪر، صابڻ سان ڌوئي اڇو اجرو ڪر ۽ پاڻ کي صاف پاڪ رک. اي سامونڊي، تون سجاڳ ٿيءُ (غفلت ڇڏ) ته هُن پار سلامتيءَ سان هلي پهچين.

36

مانَ پُڇنِي سُپرِين، چِتُ ۾ چيتاريجُ

ڪَڍِجُ ڪائي ڪَچَ کي، ڪُوڙُ مَ ڪمائيجِ

وَڻجِ وِهائيجِ، سَڀُ سوداگرَ سَچَ جو. [702]

سمجهاڻي: من تنهنجا سپرين تنهنجي باري ۾ پڇا ڪن، ان لاءِ تون کين دل ۾ پيو ياد ڪر. تون ڪائي ڪچ (دنيا جي لالچ) کي دل مان ڪڍي ڇڏ ۽ ڪوڙ ڪپت جو سودو نه ڪر. اي سوداگر، توکي گهرجي ته سمورو سچ جو ڪاروبار ڪرين.

37

مانَ پُڇنِي سُپرِين، چِتان لاهه مَ چورَ

ڪَڍِي ڇَڏِ قَلب مان، ماري ڪُوڙو ڪورَ

ته هُنَ ڀَرِ سَندو هورُ، مَٿان تو معافُ ٿِئي. [703]

سمجهاڻي: جيڪڏهن تون چاهين ٿو ته سڄڻ تنهنجي خبرچار لهن، ته پوءِ تون سندن يادگيريءَ ۾ غفلت نه ڪر. ان لاءِ تون پنهنجي اندر مان ڪوڙ ۽ کوٽ ڪڍي ڦٽو ڪر. جڏهن تون ائين ڪندين ته پوءِ هن طرف (اڳئين جهان) جو ڊپ تو مٿان لهي پوندو.

38

نَنگَرِئو نيڻين، مَنُ اولِيءَ نه اوهَري

سَٻاجهي سيڻين، پائي ڳُڻَ پَڳهِيَو هِنيون. [704]

سمجهاڻي: منهنجي ساهه کي سڄڻ جي نگاهن (ٻيڙيءَ جي) لنگر وانگر ٻڌي قابو ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي منهنجي دل کي ڪابه ڪاٺي يا اولي (اتان اکوڙي) سمنڊ ۾ ڌڪي نٿي سگهي. منهنجي سٻاجهي سڄڻ منهنجيءَ دل مَن (وڏي قرب ۽ محبت جي) ڳڻن سان پاڻ وٽ قابو ڪري رکيو آهي.

39

جَنِ لَئِه جِهڄَن نيڻَ، تَني پَرڏيهه پُورِئو

کاري- کيڙائُنِ ري کَارا ٿِئَمِ کيڻَ

وِردَ ٿِئَڙَمِ ويڻَ، سَرِتِيُون سامونڊِرينِ جا. [705]

سمجهاڻي: منهنجون اکيون جن لاءِ رت پيون روئن، سڀ گهڻو ڏور ڏيساور هليا ويا آهن. اهي سامونڊي جيڪي هر وقت سمنڊ پيا جهاڳين (گهڻو وقت کاري ۾ گذارين)، تن کان سواءِ منهنجا سڀ طعام ۽ کاڌا پڻ کارا (ڪؤڙا ۽ ڪسارا) ٿي پيا آهن. اي سرتيون، انهن سامونڊين جون ڳالهيون ئي هاڻي منهنجي لاءِ ورد وظيفي وانگر آهن.

40

جَنِ لَئِه نيڻَ جِهڄَنِ، سي آءٌ ڪِٿِ نِهارِيَان

آيَل! سارِيو اُنِ کي اُڇنگارُون اَچَنِ

تَنِ کَاري کيڙائُنِ، واحِدَ واري آڻِيين. [706]

سمجهاڻي: اهي سامونڊي جن لاءِ منهنجا نيڻ هر وقت پيا ٿا روئن ۽ ڳوڙها ڳاڙين، تن کي آءٌ ڪٿي ڳوليان. اي امڙ، هنن کي ياد ڪري مون کي هر هر اوڇنگارون پيون اچن. او مالڪ سائين، جيڪي کاري کي کيڙن ٿا يعني سمنڊ ۾ گهڻو وقت گذر سفر ڪن ٿا، انهن کي تون وري موٽائي ماڳن تي آڻ.

41

سيئِي جوڀَنَ ڏِينهَن، سَڄَڻَ سَفَرِ هَلِئا

رُئان رَهَنِ نه سُپِرين، آيل! ڪَرِيان ڪِيئَن

مُون کي چاڙهي چِيئَن، وِئو وَڻِجارو اوهَرِي. [707]

سمجهاڻي:  (وڻجاريءَ جي زباني) اهي منهنجي ڀرپور جوانيءَ جا ڏينهن هئا، جڏهن منهنجا پرين (سمنڊ جي وڏي) سفر تي روانا ٿي ويا. اي امڙ، آءٌ ڇا ڪريان جو منهنجي روئڻ (هنجهون هارڻ) سان به هو رڪجڻ وارا نه آهن. منهنجو وڻجارو (سڄڻ سائين) مون کي (جيئري) ئي باهه جي مچ (ڏاگهه) تي چاڙهي پاڻ نڪري هليو ويو.

42

سَفَرُ سُکيرونِ، هُونِ سَلامَتَ سُپِرِين

چَڙهئا جو چِتُ ڪَري، پُنو سو ڪاڄونِ

تِئان مَ ڀاڳونِ، جِئان مُون ڏيئِي هَلئا. [708]

سمجهاڻي:  (وڻجاري دعائون پيئي گهري) شال هنن جو سفر سولو ۽ سکيو ٿئي ۽ منهنجا سپرين سلامت هجن. هو دل ۾ جيڪو مقصد رکي سفر تي چڙهيا آهن سو ڪاڄ سندن پورو بيهي ۽ لايو سجايو ٿئي. شل انهن جي ڀاڱي (نصيب) ۾ جدائي ۽ فراق وارو اهڙو درد نه هجي، جيڪو هو مون کي ڏيئي هليا ويا آهن.

وائي

آيَلِ! ڪَرِيان ڪِيئَن، جِيجَلِ! ڪَرِيان ڪِيئَن

منهنجو، نيهُن، پَلِئو نه رَهي

سامُونڊِريءَ جي سَڱَ کي، رُئان راتو ڏِينهِن

مادَرِ! پائي مُنڊِريُون، وَڃان ساجَنَ سِيئَن

وِئو وَڻجارو اوهَرِي، مُون کي چاڙهي چِيئَن

گُوندَرَ مٿان جِندَڙي، وَرِئا وَلِينِ جِيئَن

اُڏوهِيءَ جِئَن ڏُکَڙا، چَڙِهئا چوٽِيءَ سِيئَن. [709]

سمجهاڻي: اي امڙ، او جيجل، آءٌ ڇا ڪريان، ڪيئن ڪريان جو منهنجو نينهن مون کان جهليو نٿو رهي، مون کان نٿو سنڀالجي. سامونڊي وڻجاري سان رشتي ۾ ڳنڍجي، آءٌ رات ڏينهن ويٺي رئان. او امڙ، مان جيڪر پنهنجي پياري کي قابو جهلي ان سان گڏ هلي وڃان ها. منهنجو وڻجارو مون کي جيئري ئي چکيا تي چاڙهي پاڻ هليو ويو. (هن جي وڃڻ کان پوءِ) منهنجي تن بدن کي غمن ۽ گوندرن ولين وانگر ويڙهي ڇڏيو آهي. مان سمجهان ٿي ته اهي ڏک ۽ غم اڏوهيءَ وانگر مون کي ننهن کان چوٽيءَ تائين چڙهي وڪوڙي ويا آهن.

 

داستان چوٿون

 

1

جي وِئا پِهرين پُورُ، آهِيان گهورِي اُنِ جِي

سامُونڊِريَڪو سُورُ، ماءِ! مارِيندُمِ ڪَڏِهِين. [710]

سمجهاڻي: جيڪي ٻيڙيءَ جي ڀرجڻ سان پهرينءَ سٽ ۾ سفر تي نڪري هليا ويا، آءٌ انهن لاءِ قربان پيئي ٿيان. سمنڊ جي سفر ڪندڙ ساٿيءَ جو سور ئي مون کي اڳي پوءِ ماري وجهندو (فنا ڪري ڇڏيندو).

2

سامُونڊِرينِ جي سُورَ، ڪِيُمِ جيءُ جَڏارَئُون

پُونِ  ڏِيهاڙِي  پُـورَ،  وِرِهَه  جــا  وُجُــودَ  ۾. [711]

سمجهاڻي: سامونڊي سفر وارن جي جدائيءَ جي سور منهنجي جيءَ کي جڏو بلڪه بيمار ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي هر روز غمن جا اوٽار، محبت ۽ فراق ۽ جدائيءَ جا خيال، منهنجي اندر کي وڪوڙي ويهن ٿا.

3

اَڱڻِ آيا جان، ته سَرتِيُون مُون سُکَ ٿِئا

اَمُلَ پِرينِ مَٿان، ٻَرَڪِئو ٻِئَنِ ڏِيان. [712]

سمجهاڻي: منهنجا سڄڻ منهنجي گهر اڱڻ تي آيا آهن. او سرتيون، هاڻي مون لاءِ سڀ سک ٿي ويا. (اهڙي خوشيءَ جي موقعي تي) مون وٽ جيڪي ڪجهه قيمتي سرمايو آهي، مٿانئس گهوري ٻين کي پيئي ڏيان.

4

هِنيَڙو ٻيڙِيءَ جان، ڏُتَڙِ پَئي ڏِينہَ ٿِئا

پُڇِئو تان نه پِريان، ڪَرَلاهو ٿِي ڪَڏَهِين. [713]

سمجهاڻي: منهنجي دل ڪنهن ڏتڙيل ٻيڙيءَ وانگر (جيڪا تڙ کان پري اوجهڙ ۾ هلي ويئي هجي) گهڻن ڏينهن کان پريشان آهي. اهڙي حال ۾ به منهنجن سڄڻن ڪڏهن خبر چار لهڻ جي خيال کان ڪا پڇا ڪانه ڪئي!

5

مُون کي جيارِيو، پِرينِ جِي ڪا ڳالهه ڪري

ڊَٺو اَڄُ اَڏَيو، هِنيڙو ڪوٽَ بُرجَ جِئَن. [714]

سمجهاڻي: (اي سرتيون منهنجي سار لهو) مون سان پرينءَ جي اچڻ (اميد واري) جي ڪا ڳالهه ڪري، مون اڌ مئل ۾ ساهه وجهو. منهنجي هينئڙي جي ڪوٽ جو اهو ڪنگرو جيڪو اڳ ۾ ڊهي پٽ پيو هو، اهو ڄڻ ٻيهر اڏجي تيار ٿي پوندو (منهنجي ڀڳل ٽٽل دل صحيح سالم ٿي پوندي).

6

اَسان اُڌارَا، آڻي آوَنگِ چاڙِهئا

مُنہُ ڏيئِي مُون آئِيا سَمهان سِيَارا

اُڀِرَنِ سِيڪارا، پَسِئو وَرَ ٻِئَنِ جا. [715]

سمجهاڻي: مون (پاڙي مان) ڇِڪو (شين کي وائکو ڪرڻ خاطر) اڌارو وٺي آڻي ڪم پئي آندو (ته جلدي منهنجو ڪانڌ ورندو ۽ اسين پنهنجي وارا ٿينداسين)، پر منهنجي آڏو هڪ سياري کان پوءِ ٻيو سيارو گذري ويو (منهنجو وڻجارو واپس نه آيو). اهڙيءَ صورت ۾ ٻين وڻجارين جا گهر آيل ڪانڌ ڏسي، منهنجي بدن مان (خوف کان) سيسراٽ يا شوڪارا نڪريو ٿا وڃن (ته خدا خير ڪري!)

7

وانءُ وَڃي وانئُٺِ، هِنيَڙا ماڳُ پِرينِ جو

چُمِئو چُمُ چانئُٺِ، هُوءَ جا سَندِي سَڄَڻين. [716]

سمجهاڻي: وڃ پر وڃ، اي منهنجي دلڙي (دير نه ڪر) ۽ وڃي محبوبن جو ماڳ ڀيٽي ڏس. هنن جي در جي چانئٺ (جتان هو اچ وڃ ڪن ٿا)، انهيءَ کي بار بار پيو چم. (من هنن کي رحم اچي ۽ هو توکي پنهنجو ڪري ڀانئن)

8

لَڪِ سَنِهين، نَڪِ سَئين، ڪَجَلَ ڀِنا نيڻَ

سامُونڊِري! مُون سيڻَ، ڪِ تو ڪالَهه لَنگهائِيَا. [717]

سمجهاڻي: (اي پتڻ وارا سچ ٻڌاءِ) ڪالهه تو وٽان سنهي چيلهه، سڌو نڪ ۽ اکين ۾ ڪجل (سُرمي) جي ڪارنهن (انهن مهانڊن ۽ نشانن وارا) منهنجا سامونڊي سپرين تو وٽان (ٻيڙيءَ ۾) ٻيڙا هاڪاري روانا ٿي ويا؟

9

سَر نِسَرِئا پاندَ، اُتَرَ لَڳا، آءُ پِرِين!

مون تو ڪارَڻِ ڪاندَ! سَهسين سُکائُون ڪَيون. [718]

سمجهاڻي: (وڻجارن جي موٽڻ جي مند آئي آهي) سرن (جي ٻوڙن) جون چوٽيون نسري (ڦولارجي) چڪيون آهن ۽ اتر جو واءُ لڳڻ شروع ٿي ويو آهي. (هڪ سياري ۾ سپرين سفر تي روانا ٿيا ۽ ٻيو سيارو اچڻ وارو آهي). اي منهنجا ڀتار، هاڻي ته موٽي اچ. مون انهيءَ وچ ۾ تنهنجي (سلامتيءَ سان) واپسيءَ خاطر ڪيتريون ئي باسون پئي باسيون آهن.

10

سَرَ لوهِيڙا ڳَڀِئا، ڪُسَرَ نِسرِئا

تو ڪِئَن وِسَرئا، ڍولِيا! ڏِينہَ اَچَڻَ جا. [719]

سمجهاڻي: (وڻجاريءَ جو شڪ ۽ گمان) هاڻي سر نسري ويا ۽ لوهيڙن ۾ به گل گؤنچ نڪتا آهن. ائين ڪوڙا سر به ڦولارجي چڪا آهن. پر اي ڍولئا، توکان الائجي ڇو اهي واپس ورڻ جا ڏينهن وسري ويا آهن؟ (هينئر تائين توکي سفر تان موٽي اچڻ گهربو هو!)

11

جيڪَر اَچي هاڻِ، ته ڪَرِيان رُوح رُچَندِيُون

آيَلِ! ڍوليي ساڻِ، هُندَ ڳَرِ لَڳِي ڳالهِيُون ڪَريان. [720]

سمجهاڻي: (وڻجاري ڪانڌ کي ياد پيئي ڪري) جيڪر منهنجو سڄڻ هينئر موٽي اچي ته آءٌ ساڻس (راتين جون راتيون ويجهو ويهي) دل ۽ من کي راحت ڏيندڙ رهاڻيون ڪريان. اي جيجل، منهنجي دل چوي ٿي ته جيڪر پرينءَ سان ڳلي لڳي ڳالهيون ڪريان. (اندر جو احوال نويڪلائيءَ ۾ اوريان.)

12

جي اَچي ته جهيڙِيَان، آيَلِ! ڍوليي سان

لايُئِي ڏيِنہَ گهَڻا، مُون سين ڪِيَئِي ٿَورَڙا. [721]

سمجهاڻي: (وڻجاريءَ جي سوچ) هاڻي جڏهن به منهنجو مڙس موٽي مون وٽ ايندو ته آءٌ ساڻس وڏو جهيڙو ڪنديس (ميارون ڏينديس). چوندي مانس: ’مون کي ته ٿورڙا ڏينهن ٻڌايئي پر تو ته گهڻا ڏينهن وڃي لاتا.‘

13

ڍولِيو وِئَڙو ڍورِ، تي ٿِي سِيءَ گُذارِيَان

مادَرِ! مُون مَ چورِ، نا ته  پَڌَرِ پُندَيسِ  پِرينءَ ري. [722]

سمجهاڻي: منهنجو ڪانڌ (مون کي ڇڏي) درياءَ جي سفر تي هليو ويو ۽ آءٌ هي سرديءَ ۾ اڪيلي پيئي گذاريان (الائجي ڪڏهن اچي؟). اي ماءُ، مون کي ڪجهه نه چؤ، (مون کي صبر جي هدايت نه ڪر) نه ته جيڪي چوڻو هوندو (ڪو رک رکاءُ يا شرم حياءُ ڪونه ڪنديس) منهنجي روڄ راڙي ڪري سڀني کي خبر پئجي ويندي (ته آءٌ ڪيڏي ڏکويل آهيان) .

14

اُڀِيُون تَڙَ پُوڄِين، وَهُون وڻجارَن جِيُون

آڻِئو اَکا ڏيِنِ،  کَٿُورِي سَمونڊر کي. [723]

سمجهاڻي: وڻجارن جون (سڪايل) گهرواريون سمنڊ تي اچي تڙ پوڄا پيون ڪن. اهي پاڻ سان ان جا داڻا ۽ ٻيون خوشبوءِ واريون شيون (اَکا) کڻي آيون آهن ته جيئن سمنڊ کي ڀيٽا ڏين. (ته جيئن سندن ڀتار سلامتيءَ سان ماڳ اچي پهچن)

15

سِڙَهه سُڃاڻِئو چوءِ، ماءُ! سامُونڊِري آئِيا

مانَ مُنهنجو هوءِ، جانِي هِن جَهازَ ۾. [724]

سمجهاڻي: وڻجاري عورت جهاز جا (بلند بالا) سڙهه پري کان ئي سڃاڻي (خوش پيئي ٿئي) ۽ پيئي چوي ته اي امڙ، سامونڊي اچي ويا آهن. من منهنجي دل جو دلبر انهيءَ جهاز ۾ هجي.

16

هِي سَڄَڻَ سيئِي، جي مُون ڪوڏ نِهارِئا

اِيَندَمِ جان پيهِي، تان سَڀ لاهِيندَمِ ڏُکَڙا. [725]

سمجهاڻي: (وڻجاري خوش ٿي پيئي ٻڌائي) منهنجا اهي سڄڻ اچي ويا جن لاءِ مون وڏيءَ سڪ مان پئي انتظار ڪيو. منهنجا پرين جڏهن مون وٽ گهر اچي ويندا ته منهنجا سڀ دک درد پاڻهي دور ٿي ويندا.

17

چَمڪِيُون چَوڌارَ، ڌَڄُون ڌاڙيچَنِ جِيُون

ماءُ! سامُونڊِري آئِيا سَهسَ ڪري سِينگارَ

تَنِي جِي تَوارَ، ڪاَلهُونڪَرَ ڪانگُ ڪَري. [726]

سمجهاڻي: هر طرف کان انهن سوداگرن جي جهازن جون (رنگ برنگي) جهنڊيون پري کان پيون ڦڙڪن ۽ تجلا ڏين، اهي سوداگر (وڏو نفعو ڪمائي) مالا مال ٿي موٽيا آهن. او امڙ، سامونڊي هر طرح سان سينگارجي آيا (ڪامياب ٿي موٽيا) آهن. مان ڪالهه کان وٺي ڪانون جي اهڙي ٻولي پيئي ٻڌان (ڪانگ ڪالهه کان وٺي اهڙي لات پيو لنوي.)

18

جَنِي ڪارَڻِ مُون، تَڙَ پُونجارا پُڇِئا

پُنِيَمِ اُميدُون، سيئِي سَڄَڻَ آئِيَا. [727]

سمجهاڻي: (وڻجاريءَ کي خوشخبري ملڻ) مون تڙ تي ڪيترا ڀيرا وڃي وکر جي دڪاندارن ۽ وڏن واپارين کان پڇائون پئي ڪيون ته منهنجا سڄڻ ڪڏهن ٿا اچن. آخر منهنجي من جون مرادون پوريون ٿيون ۽ منهنجا سڄڻ واپس اچي پهتا.

19

اڳِينءَ جان آئُون، جَرِ پَلَئُه ٿِي پائيَان

ته آيَل! وَڻجارَنِ جِيُون ٿِيون ڌَنئڪَنِ ڌَڄائُون

مَنجهان رُوحَ رَءِ ٿِئا، مُحَمدُ مَڃئائُون

پُنِيُنِ مُدائُون، کَنڊَ- کيڙائُو آئِيَا. [728]

سمجهاڻي: ٻنپهرن جي وقت مون (اڃان مس) سمنڊ تي اچي باس ۽ مڃتا پوري ڪئي ته اي امڙ، مون ڏٺو ته پري کان انهن جا ٻيڙا آهستي آهستي نظر اچڻ لڳا. (انهن تي مالڪ جي مهرباني ٿي) انهن جا روح صاف سچا (ايمان وارا) ٿيا ۽ محمد (صلي الله عليه وسلم) کي دل سان مڃيائون. الله سائين سندن دل جون اميدون ۽ مرادون پوريون ڪيون ۽ هو (دنيا جا) سمنڊ جهاڳي موٽي پنهنجي ماڳ آيا.

20

وائُٽِيُون ٿِيُون وَڙِڪَنِ، اَڃان سِڙَهه نه پَڌَرا

اُڀيُون سي مَرَڪَن، جَنِي سَندا آئِيَا. [729]

سمجهاڻي: (سمنڊ ۾ گهڻو پري کان رنگ برنگي جهنڊيون ڦڙڪندي نظر پيون اچن. ليڪن اڃا تائين جهازن جا سڙهه ظاهر نه ٿيا آهن. اهي وڻجاريون بيٺيون آهن ۽ خوشيءَ ۾ پيون کلن، جن جا گهروارا (خير سان واپس) موٽي آيا آهن.

21

کُوهَنِ سِرَ وائُٽيون، وائُٽيين سِرِ گَهنڊَ

کيڙي کيڙي کَنڊَ، ماءِ سامُونڊِري آئِيَا. [730]

سمجهاڻي: کوهن جي بلڪل چوٽيءَ تي جهنڊيون (ٻڌل) آهن ۽ انهن جهنڊين سان گڏ وري گهنڊ ٻڌل آهن. اهي سامونڊي (دنيا جا) الائجي ڪيترا کنڊ ۽ سمنڊ جهاڳي پوءِ پنهنجن ماڳن تي موٽي آيا آهن.

22

لاڄُو ٿا لَوِنِ، آَچَنِ سِڙَهه اُپَڙِئا

ڪارَڻِ تَنِ پِرينِ، ويٺي واٽَ نِهارِيَان. [731]

سمجهاڻي: سڙهن جا پاند ٿا ڦڙڪن ۽ ڦڙڪڻ جو آواز ٿا ڪن ۽ مٿي چڙهيل سڙهه نظر ٿا اچن. مان پنهنجي پرينءَ لاءِ انتظار ۾ ويٺي سندس واٽ ٿي نهاريان.

23

اَچَنِ سِڙَهه اُپَڙِئا، مَٿِنِ ڪَپَڙَ ڪوٽَ

سامُونڊِري مُون گهوٽَ، لَڪا لُوپي آئِيَا. [602]

سمجهاڻي: جهازن جا سڙهه مٿي کنيل نظر پيا اچن، (بندر تي پهچڻ وقت نظارو) جن تي ٿلهي ڪپڙي جون لڳل وٽون ۽ ڪُنگرا صاف پيا ڏسجن (سڙهه ڄڻ ٿلهي ڪپڙي جا ڪوٽ آهن). منهنجا سامونڊي وڏي سفر تان، پرلڪ (سوماطرا جي اڀرندي ڪناري واري شهر) ۾ وڻج واپار ڪري وڏو ناڻو ڪمائي موٽيا آهن.

24

ماءِ ولاتِي موٽِئا، تَڙَ ٿا تَوارينِ

وايُون وڻَجِارَنِ جِيُون جِيءَ کي جِيَارِينِ

کِليو کِيڪَارِينِ، جَنِ سيڻَ سَلامَتَ آئِيَا. [602]

سمجهاڻي: تڙ تي هر هنڌ اها ڳالهه پيئي هلي ته پرڏيهه ويندڙ (ولائتي) مهمان موٽي آيا آهن. انهن وڻجارن جون (سفر واريون عجيب دلچسپ) ڳالهيون دل کي آٿت ۽ آرام پيون ڏين. اهي سڀ هڪٻئي سان ملي ڏاڍو خوش پيون ٿين، جن جا سڄڻ ۽ ساٿي سلامتيءَ سان موٽي گهر آيا آهن.

وائي

هوءِ جا ويا هَڻِي،  آءٌ تنهن جَڙَ جَڏِي ڪِي

بَندرَ مَٿان بارَ سي وِئَڙا ڪالهه کَڻِي

سِڙَههَ  ڏيئِي سِيرَ ٿئا، ڇِنِي تَندَ تَڻِي

سامُونڊِريءَ جي سَڱ جِي هِنيين حُبَ گهَڻِي

لائِيندِيسِ لِڱنِ کي سَندي پيرَ پَڻِي

اُنِ  سين  عَبداللطِيفُ  چئي  ميڙِيندَومِ  ڌَڻِي. [602]

سمجهاڻي: هو منهنجي اندر ۾ جيڪا لنئون لائي ويا، تنهن منهنجي حالت ٻي ڪري ڇڏي. مون کي بيحال ڪري ڇڏيو. هو ڪالهه بندر کان سندن جيڪي سودو سامان ۽ وکر رکيل هو، سو سڀ ساڻ کڻي روانا ٿي ويا. هو ٻيڙن جا سڙهه کولي هاڪاري هليا ۽ ڪنهن به قسم جي مٽي مائٽي(لڳ لاڳاپن) جي پرواهه نه ڪيائون. منهنجي اندر ۾ سامونڊين سان مائٽيءَ کان وڌيڪ سڪ ۽ محبت آهي. آءٌ انهن جي پيرن جي خاڪ کڻي پنهنجي بدن کي لائينديس. عبداللطيف چوي ٿو ته مالڪ سائين ئي مون کي انهن سان ملائيندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org