سيڪشن: لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب:

صفحو:37 

سُر راڻو

 

داستان پهريون

 

1

ڪالَهه گڏيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو بيکارِي

ساميءَ سيلو سِرَ تي، مالَها موچارِي

ڏيئِي  ڏيکارِي،  ڦَٽي  دِلِ  فقيرُ  وِئو. [1908]

سمجهاڻي: ڪالهه اسان جي ملاقات هڪ وڏي حوصلي واري ۽ معتبر شخص سان ٿي جيڪو (بظاهر) ساميءَ جهڙي لباس ۾ هو. سندس مٿي جا وار سينهونءَ جيان وڪوڙيل هئا ۽ سندس ڳچيءَ ۾ مڻڪن وارو سهڻو ڪنٺو پيل  هو. اهڙو فقير صفت انسان هڪ ئي ملاقات ۾ (عشق جي تاثير سان) اسان جي دل کي گهائي ويو.

[مثنويءَ ۾ پڻ هڪ هنڌ اهڙي شهزادي عاشق جي حالت کي ساڳيءَ ريت بيان ڪيو ويو آهي:

بيني اندر دلق مهترزاده اي،

سر برهنه در بلا افتاده اي،

در هوائي يک نگاري سوخته،

اقمشه و  املاک  خود بفروخته.   

(دفتر سوم، ب- 1451)

ترجمو: گودڙيءَ ۾ هڪ اميرزادي کي ڏس، جنهن جو مٿو اگهاڙو ۽ مصيبت جو ماريل آهي. هو ڪنهن جي عشق ۾ چوٽ کائي مال ملڪيت ۽ سموري پونجي لٽائي آيو آهي.]

2

ڪالَهه گڏيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو رَنگ بَڀُوتُ

سَرِئوسُون سُڪُوتُ، جوڳِيءَ سَندِي ذاتِ کان. [1909]

سمجهاڻي: ڪالهه اسان کي هڪڙو فقير منش انسان مليو، جيڪو بدن کي مٽيءَ سان مَلي ويٺو هو. اسان کي اهڙي جوڳي فقير سان ملاقات جي ڪري صبر ۽ آرام ( روحاني  سڪون) اچي ويو.

3

ڪالَهه گَڏيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو بانَ بَرِي

سائِي سالَ ڪُلهَنِ ۾، سامِيءَ سونَ سَرِي

ڏيهُون خَبَرَ کَرِي، ڪا مومَلَ جي مَجازَ جِي. [1910]

سمجهاڻي: اسان کي گذريل ڏينهن هڪ اهڙو  فقير گڏيو  جيڪو مٽيءَ مثل رنگ وارو (مٽيءَ سان مٽي) هو، پر سندس ڪلهن تي سائي رنگ جي (قيمتي) شال هئي ۽ ڳچيءَ ۾ سونن داڻن واري لڙهي پيل هئي. (اسان هن کي عرض ڪيو ته) تون اسان کي مومل جي سونهن سوڀيا ۽ ناز نخرن بابت ڪا سچي ۽ صحيح خبرچار ڏي.

4

ڪالَهه گڏيوسُون ڪاپَڙِي، جِهَڙو ماهُ مُنِيرُ

فَيضُ فِراقُ فَقِيرُ، جوڳِي  جاڳائي  وِئو. [1911]

سمجهاڻي: ڪالهه اسان کي هڪ اهڙو فقير نظر آيو (جنهن جو نوراني چهرو) چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر روشن هو. هو (پنهنجي ملاقات سان) سڀني جي دلين ۾ عشق جو درد ۽ فراق جي باهه ڀڙڪائي هليو ويو.

[مثنويءَ ۾ الاهي رازن کان واقف سالڪ لاءِ چنڊ جي تشبيهه هن ريت ڏنل آهي:

مي رسيد از دور مانند هلال،

نيست بود و هست برشکل خيال.       

(دفتر اول، ب- 69)

معنيٰ: اهو شخص پري کان چنڊ جي چهري وانگر نظر اچي رهيو هو، جيڪو هونئن بلڪل فنا هو، پر هڪ خيالي جسم وانگر موجود هو.]

5

ڪالَهه گڏيوسُون ڪاپَڙِي، پَهَرَ ڏِينهان پوءِ

سامِيءَ سونُ ڪَنَنِ ۾، رَتَ وَرَنو روءِ

ڪَرِئو ڳالهيون ڪاڪِ جِيون، چِٽيون اُڀو چوءِ:

’جو مُنہ مُومَلَ پوءِ، تِنہِ جو موٽَڻُ مَسَ ٿئي.‘ [1912]

سمجهاڻي: ڪالهه اسان کي پهر سج چڙهڻ کان پوءِ اهڙو جوڳي فقير مليو، جنهن جي ڪنن ۾ سون جا والا هئا ۽ هو رت جهڙا ڳاڙها ڳوڙها اکين مان پيو ڳاڙي. هو مومل جي ڪاڪ محل جون وڏيون خبرون چارون پيو ڪري. پر آخر ۾ چوڻ لڳو ته جيڪو هڪ دفعو مومل جو ديدار ڪري ٿو، تنهن جو پوئتي موٽڻ مشڪل آهي (هن جو بچڻ مشڪل آهي).

6

بيکارِيءَ کي بَرَ ۾ وِئو ڪَيفُ چَڙهِي

ڳالهِيُون ڪَندِي ڪاڪَ جِيُون ڳوڙها پِيَسِ ڳَڙي

ڪا جا اَنگههَ اَڙِي، جِئن ڇُٽا ڦَٽَ ڇُڙِي پِيا. [1913]

سمجهاڻي: هن جوڳي فقير کي برپٽ ۾ (عشق جو) اهڙو نشو چڙهي ويو جو (مومل جون) ڳالهيون ڪندي سندس اکين مان لال لڙڪ وهي هليا. هن کي نينهن جي اهڙي ناوڪ لڳل هئي، جو سندس سڀئي سور وري نئين سر جاڳي پيا (هو حال کان بيحال ٿي ويو)

7

آءُ لانگوٽِيا لالَ، ڪِنہِ پَرِ ڏٺِيَئِه گُجَريون

آبُ اَرتو اَکيين لُڙَڪَ وِهائِين لالَ

ڏِٺَئِي جي جَمالَ، سي سامِي ڪُہُ نه سُلائِيين. [1914]

سمجهاڻي: اي لانگوٽيءَ وارا لاڏلا جوڳي، اچ ۽ اچي سموري ڳالهه ٻڌاءِ ته تو مومل ۽ سندس سرتيون سهيليون ڪهڙيءَ طرح ڏٺيون، اُنهن جي سونهن سوڀيا ڪيئن هئي. تون اکين مان رت جهڙا ڳوڙها ڇو پيو ڳاڙين. اي سامي، تو اُتي جيڪو حسن ۽ جمال ڏٺو اُن جو (اکين ڏٺو احوال) ٻين کي ڇو نٿو ٻڌائين (تون ايڏي چُپ ۾ ڇو آهين؟)

8

پِرِهَ جو پَيدا ٿِئو، ڪِين سامِي ڪِين سِڄُ

مَٿِسِ رَتو مولهِيو جِئن سا ڪَڪَرِ وِڄُ

ڪَنهِين ڊراءِ مَ ڊِڄُ، کَريون ڏي تون خَبَرُون. [1915]

سمجهاڻي: هُو جڏهن صبح جو سويل (سهڻي صورت سان) نڪري نروار ٿيو، ته خبر ئي نٿي پيئي، ته هو سامي آهي يا سج آهي (هو سج وانگر ٻهڪندڙ چهري وارو هو). وري سندس مٿي تي ڳاڙهي ڪپڙي جا ور وڪڙ ائين ٿي لڳا، ڄڻ ڪڪرن ۾ چمڪندڙ کنوڻ جي ڳاڙهاڻ! اي سامي! تون بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي اسان کي ڪاڪ محل جون سچيون ۽ پيرائتيون خبرون ٻُڌاءِ.

[روميءَ پڻ اهڙي ڪامل عارف جي سج سان هن ريت ڀيٽ ڪئي آهي:

ديد شخصي کاملي پرمايهء،

آفتابــي  درمـــياني سـايهء.

(دفتر اول، ب- 68)

معنيٰ: هن هڪ اهڙي ڪامل شخص کي ڏٺو، جيڪو معرفت جو صاحب هو. بلڪ هو اوندهه ۾ صفا سج وانگر هو.]

9

پِرِهَ جو پَيدا ٿِئو، ڳاڙهائِيءَ جو ڳَچُ

سامِي  چَئِجُ  سَچُ،  ڪِٿان  اَچِين  ڪاپَڙِي. [1916]

سمجهاڻي: هو صبح جو سويل سج وانگر ڳاڙهي ڳُوڙهي رنگ سمان نڪري نروار ٿيو. اي سامي! تون سچ ٻڌاءِ، ته اها ڳاڙهاڻ ڪٿان ڪهڙي پاسي کان کڻي آيو آهين؟ (شايد مومل جي ڪاڪ محل جو رنگ چڙهيل اٿئي؟)

10

جوڳِي اِيئن جَرَڪِئو جِئن اُونداهِيءَ ۾ آڳِ

آديسِي عِشق جِي لائي آيو لاڳِ

آيو تِنہِ سَڀَاڳِ، جِئن ڪوسُ ڏِيهاڻِي ڪاڪِ تي. [1917]

سمجهاڻي: اهو ائين جوڳي جهرمر ڪري چمڪي رهيو هو، جيئن اونداهيءَ  ۾ باهه ڀڙڪا ڏيندي آهي. اهو آديسي اُتان ئي پاڻ سان عشق جي لالاڻ لائي آيو هو. هُن کي الائجي ڪهڙي سڀاڳ کنيو، جو هُو ڪاڪ جي قتل گاهه تي آيو!

11

جوڳِيءَ تي جَڙاءُ، نِسوروئِي نِيہَ جو

پَتَنگَ جِئن پيدا ٿِئو، سامِي سِجَ وَڙاءُ

آيو  ڪاڪِ  تَڙاءُ،  ڪُنوارِينِ  ڪَڪَورِئو. [1918]

سمجهاڻي: هُن جوڳيءَ تي (سچ پچ) محبت جو اصلي رنگ چڙهيل هو. (هُو محبت جي مڪمل تصوير هو) ساميءَ جو چهرو سج جي سوجهري وانگر ٻهڪندڙ هو ۽ هو اوچتو ئي اوچتو پتنگ وانگر اچي ظاهر ٿيو. هُو ڪاڪ محل جا هنڌ ۽ ماڳ  ڏسي موٽيو هو، تنهنڪري مومل ۽ ٻين حسين ڪنوارين جي عشق ۾ رڱجي لال ٿي آيو هو (مٿس محبت جو رنگ چڙهيل هو).

12

سِجُ اُڀَرَندي جا ڪَري، سامِي سائِي رُوءِ

اَچي ٿِي عَطُرَ جي منجهان مُگهَٽَ بُوءِ

’سا سَليهُون جُوءِ، جِئان لانگوٽِئا لالُ ٿِئين‘![1919]

سمجهاڻي: صبح جو سج جي اُڀرڻ سان سندس منهن تي جيڪا لالاڻ ۽ تازگي هوندي آهي، اهڙي ساڳي رونق هن ساميءَ جي چهري تي هئي. هن جي مٿي تي پهريل پڳ مان عطر جي سُرهاڻ پئي آئي. اي سامي! اسان کي پڻ ان هنڌ جو ڪو ڏس پتو ڏي جتان تو جهڙي لانگوٽيءَ واري کي اهو رنگ لڳو آهي.

13

سِجُ اُڀَرَندي جا ڪَري سامِيءَ سا وَڻِڪَ

سَهِي نه سَگهان ساعتَ سِين، تِنہِ جي
                                راسِينِ جي رونَقَ

ڪي رَتائِين لاکَ ۾، ڪِنِ ڏِنائِين پانَنِ پِڪَ

سَندِي سَوڍَلَ سِڪَ، ڪَپَرَ ڪورُون جهَلِيُون.[1920]

سمجهاڻي: هِن ساميءَ جو رنگ روپ اهڙو هو، جهڙو صبح جي اُڀرندڙ سج جو هوندو آهي. مومل جي حسين چهري جي ڳاڙهين تجلين کي ٿوريءَ دير لاءِ به ڪير ڏسي نٿي سگهيو. ڪن کي ڪاڪ محل واري ڳاڙهي مٽي، جيڪا لاک مثل هئي، اُن سان رنڱي ڇڏيائين، ڪن کي وري محبت ۽ پيار وارا پان کارايائين. مومل کي راڻي سوڍي جي سڪ (پَرپُٺ) دل جي ڪپر ڪنارن تائين ڀري ڇڏيو (مومل سوڍي بابت غائبانه خبرون ٻڌي مٿس موهت ٿي پيئي).

14

جوڳِيءَ جاڳائي، مارِي وِڌا مامِري

لَئهُ لَڊُوري ڪَنڌِيين اَڻَ- مَيو آهي

وَڃو جي ڪاهي، ته نِڪُون پَسو نِيہَ جيُون. [1921]

سمجهاڻي: جوڳيءَ ڪاڪ محل جي اهڙي خبرچار ڪئي جو سندس ساٿين جي دلين ۾ عشق جو جذبو جاڳي پيو، جنهن ڪري سڀ شڪاري (راڻو ۽ سندس ساٿي) خود شڪار ٿي ويا. هُنن کي خبر پيئي ته لُڊاڻي ۾ ڪاڪ نديءَ جي ڪنارن تي عشق ۽ محبت جو اڻ کٽ درياهه ڇوليون پيو هڻي جيڪو اُتي پهچندو، سو ضرور نينهن جون نهرون ۽ واهڙ وهندي ڏسندو.

15

ڪاهي آيا ڪاڪَ تي، پَسَندا مُومَلَ

ڪَنِي ريکُون رَتِيُون، ڪَنِي ڳاڙها ڳَلَ

مَسَڙيارا مَلَ، دانَہَ گهڻا دَهوڙِيَا. [1922]

سمجهاڻي: ڪيترائي سنڀري، تيار ٿي، ڪاڪ تي مومل جو ديدار ڪرڻ آيا. انهن مان ڪن جي منهن تي ڏاڙهيءَ جي سنهي ريک مس نڪتي هئي ۽ ڪي بلڪل ڳڀرو هئا، بلڪه سندن ڳل ڳاڙها هئا، پر هتي ته ڏاڙهيءَ وارا پڪا پختا (آزمودگار) ۽ داناءُ پڻ دهلجي ويا.

 

وائي

مُومَلَ صَحي پَسندا

راڻا ۽ هَمِيرَ، مُومَلَ صَحِي پَسَندا

توڻي پَڙهِيا پِيرَ، مُوملَ صَحِي پَسَندا

مَڃي رَضا رَبَ جِي، هِتان سَڀَ هَلَندا

اَصُلُ لِکئو اَنگَ ۾، ٿِيندو تان اَدا

ڪُلُ نَفسٍ ذائقَةُ المُوتِ، سَچِي اِيءَ صَدا

ڪَلِمي ساڻُ لَڏائِيين هادِي هِن هَنڌا

سَهُکِي سَڪَراتَ ڪَرِين، والِي ويرَ وَدا

اَهُکِيءَ وِيرَ اچيجُ تُون، اُتي اَحمَدا

مَتان    ڇَڏِين    مَڱڻو    مَهَندان    مُرِشدا. [1923]

سمجهاڻي: مومل (بگڙيل نفس) کي وڏيءَ هِمت وارا ۽ مير امير ئي صحيح سڃاڻندا (قابو ڪندا) بلڪه جيڪي پڙهي پرجهي ۽ پختا قابل ٿيا آهن، سي ئي مومل کي صحيح پرکيندا.

هن جهان ۾ جيڪي آيا آهن، سي سڀ ربّ جي حُڪم موجب هتان هليا به ويندا، جيڪي ڪجهه قادر قسمت ۾ لکي ڇڏيو آهي، اهو ضرور پورو ٿيندو. بيشڪ هر نفس موت جو ذائقو چکندو. اهو آواز سچو ۽ برحق آهي.

اي منهنجا هادي! مون کي هن جهان مان ڪلمي ساڻ روانو (الوداع) ڪجانءِ. اي سچا سائين هن دنيا مان لاڏاڻي وقت سَڪرات سولي ڪجانءِ. اي مٺا محبوب مدني! اُنهيءَ ڏکي ويل تون اچي ساٿي ۽ ساڻي ٿجانءِ. اي منهنجا مرشد سائين! هن پينار کي پنهنجي در اڳيان متان سَکڻين هٿين موٽائي ڇڏين!

داستان ٻئو

 

1

هَلو هَلو ڪاڪِ تَڙِ، جِتي نِيہَ اُڇَلَ

نَه ڪا جهَلَ نه پَلَ، سَڀُڪو پَسي پِرِينءَ کي. [1924]

سمجهاڻي:  (اي عاشقو!) مومل جي ڪاڪ محل ڏانهن هلو، جو اُتي عشق ۽ محبت جو درياءُ اُڇلون پيو ڏئي. (حسن خود بيتاب آهي) اتي ڪا روڪ ٽوڪ ناهي، (ڪنهن کي منع ناهي) جيڪو به اچي ٿو، سو محبوب جو ديدار ڪري  ٿو.

2

هَلو هَلو ڪاڪِ تَڙِ، جِتي نِيہَ پَچَارَ

ڪانِهي ٻِي تَوَارَ، سَڀُڪو پَسي پِرِينءَ کي. [1925]

سمجهاڻي:  (اي دوستو!) ڪاڪ محل ڏانهن هلي پهچو، جتي محبت جي عام ڳالهه (دعوت) پيئي هلي. اتي ٻيو ڪو مذڪور يا ڳالهه ٻولهه آهي ئي ڪانه، هرڪو پنهنجي پرينءَ کي پَسڻ ۾ مشغول آهي.

3

هَلو هَلو ڪاڪِ تَڙِ، جِتي گَهڙِجي نِيہُ

نَڪا راتِ نه ڏِينہُ، سَڀُڪو پَسي پِرِينءَ کي. [1926]

سمجهاڻي:  (اي يارئو!) ڪاڪ ڏانهن ڪاهي هلو، جو (هُل آهي ته) اُتي هر گهڙيءَ نئون عشق پيو پيدا ٿئي. اتي ڏينهن رات جو ڪو حساب ناهي، هر وقت هر ڪو پيو محبوب  جو ديدار ڪري.

4

هَلو هَلو ڪاڪِ تَڙِ، چَرُون جِتِ چَڙهِن

ڪوڙين رَنگَ رَچَنِ، پانَوَراڻِيءَ پِڪَ سِين. [1927]

سمجهاڻي:  (اي ساٿيو!) جلدي ڪري ڪاڪ طرف هلو، جتي (رنگ ٺاهڻ ۽ رڱڻ لاءِ هر وقت) ديڳيون باهه تي پيا چاڙهين. ائين هو پان واري (ڳاڙهي)پاڻيءَ سان (ملائي) سوين هزارين رنگ پيا چاڙهين ۽ ٺاهِين.

5

لوڌِي لَکَ اَچَنِ، رُوءِ راڻي جي ناهِ ڪو

هيڪُ اَکِيُون، ٻِئا اَنگَڙا، پَرِ ۾ ٿا پَچَنِ

سي ڪِيئن مينڌرا مَچَنِ، جي تو سوڍا

سُورِيءَ چاڙهِيُون! [1928]

سمجهاڻي: جيتوڻيڪ ننڍا وڏا ڪيترائي شڪاري (پاڻ کي چالاڪ ۽ هوشيار سمجهي) پيا ڪاڪ تي اچن وڃن، پر راڻي جي سونهن ۽ هوشياريءَ وارو ٻيو ڪو نه آهي. راڻي جي عشق واري آڳ ۾ اکيون توڻي ٻيا سڀ عضوا اندر ئي اندر ۾ پيا جلن ۽ سَڙن. اي راڻا مينڌرا! اهي ڪيئن خوش رهي سگهن ٿيون، جن کي تو پاڻ (عشق جي) سوريءَ تي چاڙهي ڇڏيو آهي.

6

جي ڪاڪِ ڪَڪورئا ڪاپَڙِي، تَنِ لَهي نه لالِي

کَري کيپَ خُمارِئا، مَئي پِي مَوالِي

ڪَري حاصُلُ هَلئا، ڪيفُ ته ڪَمالِي

وَتَنِ وِصالِي، لُڊُوڻئا لوڌِي ٿِئا. [1929]

سمجهاڻي: جيڪي ڪاپڙي (عاشق) ڪاڪ ڪڪوري ڇڏيا (جن تي ڪاڪ جي ڪنوارين جي عشق جو رنگ چڙهي ويو)، تن تان پوءِ اُها (عشق واري ) ڳاڙهاڻ (سڄي عمر) لهڻ واري ناهي. اُهي الستي نشي ۾ الوٽ ٿي چڪا آهن، جنهن ڪري هر وقت (ان ڪيفيت ۾) مست  ٿيو پيا هلن. اُهي (رند) پُوري پڪي چوٽ واري نشي ۾ خماريل آهن. اهڙا سڪايل (لڊوڻي مان لوڌيل) وصال جي طلب ۾ هر وقت هلندا وتن ٿا (ڪڏهن به آرام نٿا ڪن).

7

لُڊُوڻِئا لوڌِي ٿِئا، وَتَنِ مَنجههِ وِصالَ

اَڄُ اَرَتو اَکِيين، ڪاڪِ پِيتائُون ڪالَ

ويئِي ويچارَنِ وِسَرِي صُبُحَ جِي سَنڀالَ

پِرينءَ کان پاسِي ٿِئا ماموين مِثالَ

جانِبَ جي جَمالَ، رَڱي پَسُ ريٽو ڪِئا. [1930]

سمجهاڻي: جيتوڻيڪ هُو لُڊاڻي (مومل جي ڪاڪ) مان تڙجي (بظاهر ناڪام ٿي) نڪتا، پر تڏهن به وصال جي تمنا واري نشي ۾ پيا هلن. اڄ هُنن جون اکيون (جُدائيءَ ۾) رت جا ڳوڙها پيون ڳاڙين، توڻي جو ڪالهه ڪاڪ ۾ پيالا پُر ڪري ٿي پيتائون. هو ايترا مدهوش ٿي ويا، جو کين اهو خيال ئي نه رهيو، ته صبح جو ڪيئن هوش ۾ ايندا. هو جڏهن محبوب کان جدا ٿيا، ته هوش بدران مدهوشيءَ (سمجهه ۾ نه اچڻ) واريون ڳالهيون ڪرڻ لڳا. (دراصل انهن تي) اهو رنگ محبوب جي محبت جو آهي، جنهن کين رڱي ريٽو ڪيو آهي (جو هاڻي اهو رنگ لهڻ وارو ناهي).

[روميءَ پڻ ڪيترن هنڌن تي حقيقت واري شراب جو نقشو چٽيو آهي. هڪ هنڌ چوي ٿو:

عشق جوشد بادهء تحقيق را،
او بود ساقي نهان صديق را،
چون بجوئي تو بتوفيق حسن،
باده آب جان بود ابريق تن،
چون بيفزايد مي توفيق را،
قوت مي بشکند ابريق را،
آب گردد ساقي  وهم  مست
 آب،
خود  بگو،  والله  اعــلم   بالصواب.

(دفتر سوم، ب- 4742-45)

معنيٰ: عشق ئي حقيقي شراب کي مستيءَ ۾ آڻي ٿو، اهو ئي عاشق لاءِ لڪل ساقي آهي (عشق ئي عاشق لاءِ ساقي آهي). جڏهن توکي خدا جي توفيق حاصل ٿيندي ته توکي خبر پوندي ته اهو پاڻ ئي تنهنجي روح لاءِ آب حيات آهي ۽ تنهنجو بدن ان لاءِ پيالي وانگر آهي. (عشق جو ڪمال ته روح خود شراب بنجي وڃي ٿو ۽ انساني بدن پيالو). جڏهن عشق روحاني شراب کي تيز ڪري ٿو شراب جي طاقت بدن جي پيالي کي ٽوڙي وجهي ٿي. (روح جسماني قيد کان آزاد ٿي وڃي ٿو). تڏهن اهو شراب يعني روح پاڻ پيئندڙ بنجي پاڻ ئي مست ٿي وڃي ٿو. اهو نه پڇ ته ڪيئن؟ وڌيڪ الله ئي بهتر ڄاڻي ٿو.]

8

لُڊُوڻِئا لَطِيفُ چَئي، کَٽُون کَنيائُون

وَڃِي ڪاڪَ ڪَنڌِينِ ۾، لَڏُون لاٿائُون

ڇَڏي حِيلا هَلِئا، مُومَلَ ماڻيائُون

ڀيرو ڀَڳائُون، آسَڻِ آرامِي ٿِئا. [1931]

سمجهاڻي: عبدالطيف چوي ٿو ته اُهي عاشق لڊاڻي مان سهي سنڀري نڪتا ۽ ڪاڪ جي ڪنڌيءَ تي وڃي ديرو ڄمايائون. هُنن جڏهن هي (ظاهري) حيلا وسيلا ترڪ ڪيا، تڏهن (توڪل ۽ يقين جي آڌار) مومل ماڻيائون. ائين هُو ڪاڪ (هن جهان) سان لاڳاپا ٽوڙي وڃي پنهنجي اصل ماڳ تي رسيا.

9

وِيرَئُون تارَ وِصالَ ۾ گهُورَنِ گهايا جي

تَنِ ڪاڪِ اورِيائِين ڇَڏي، وَڃي پِئا پَري

تَنِ ناتَرِ ڪِينَ ڪَري، مُومَلَ سِڪي جَنِ کي. [1932]

سمجهاڻي: هُو جيڪي عشق ۾ گهائجڻ کان پوءِ نَنهن کان چوٽيءَ تائين وصل جي ڪيفيت ۾ هئا، سي هن (ظاهري) ڪاڪ کي اورتي ڇڏي، پاڻ گهڻو پري نڪري ويا. هنن (عاشقن) کي ناتر (مومل جي چالاڪ ٻانهي) ڇا ڪندي، جن لاءِ مومل پاڻ پيئي سڪي!

[روميءَ جي فڪر جو هيءُ مرڪزي نڪتو آهي، جنهن کي هو ڪيترن نمونن سان بيان ڪري ٿو:

حاصل آنکه هر که او طالب بود،

جان مطلوبش درو راغب بود.

(دفتر سوم، ب- 4441)

معنيٰ:  مطلب ڳالهه جو ته جيڪو صحيح معنيٰ ۾ طالب آهي، هن جو مطلوب يعني محبوب پاڻ هن ڏانهن رغبت رکي ٿو، يعني هن ڏانهن مائل ٿئي ٿو.]

10

سُتا سي سُونهَنِ، جِي هُئا ڪوڏِيا ڪاڪَ جا

لُڊورِئا لَطِيفُ چَئي لَڏئو لوڌِيڙَنِ

سي موٽِي مَسَ اَچَنِ، جي آسَڻِ آرامِي ٿِئا. [1933]

سمجهاڻي: ڪاڪ جا عاشق صادق جيڪي وڃي خاڪ مٽيءَ ۾ سُتا، سي اُن حال ۾ به سهڻا ٿا لڳن. عبداللطيف چوي ٿو ته اهڙا عاشق لُڊاڻي (هن جهان) مان موڪلائي ويا. هاڻي جيڪي هميشه واري ماڳ تي وڃي آرامي ٿيا آهن، اهي ڪي وري موٽي ايندا!

11

ڪاڪِ ڇَڏِيائُون ڪُنڊَ تي، پاڻان وِئا پَئِي

لوڌِيڙَنِ لَطِيفُ چَئي، سوجهي ڪِئو صَحِي

مُومَلَ ماڳِ رَهِي، ٿِئو مِڙوئِي مَينڌرو. [1934]

سمجهاڻي: هُنن ڪاڪ کي پوئتي ڇڏي ڏنو ۽ پنهنجو پاڻ اڳتي وڌندا ويا. عبداللطيف چوي ٿو ته هنن پنهنجو پاڻ کي سُڃاتو (هنن پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ مان حقيقت کي سڃاتو) وڏي سوچ ڪري صحيح حقيقت کي سُڃاتو (حق کي سڃاتو). جنهن جو نالو مومل سا پنهنجيءَ جاءِ تي رهي. (هڪ حقيقت جي ڄاڻ واري انهيءَ منزل تي پهتا، جو هنن لاءِ هر جاءِ ۽ هر شيءِ ۾ يعني سڀ ڪجهه رُڳو راڻو ئي راڻو ٿي ويو (راڻو ئي راڻو نظر آيو. ن-ب)

12

ڪاڪِ نه جهَلِئا ڪاپَڙِي، موهيا نه مَحَلَنِ

ٻائِنِ ۽ ٻانهِينِ جي ٻَنڌَڻِ ڪِينَ ٻَجهَنِ

لَکين لاهُوتِينِ، اِهَڙِيُون اورِيان ڇَڏِيُون. [1935]

سمجهاڻي: اهڙن ڪاپڙين (سُورهيه سالڪن) کي ڪاڪ (وارين جا حسين جلوا) ڪڏهن به پاڻ وٽ روڪي نه سگهيا. نڪي هُو (طلسماتي) محلاتن تي موهت ٿيا، بلڪه هُنن کي حسين ۽ جميل ٻانهيون توڻي وڏ گهراڻيون عورتون پنهنجن ناز نخرن سان سوگهو ڪري نه سگهيون. هو اهڙيون سوين هزارين سهڻيون ۽ سُندر ناريون اُتي ئي ڇڏي پاڻ اڳتي وڌي ويا.

13

اِهَڙِيُون اوريان ئِي ڇَڏي، وِئا لاهُوتِي لَکَ

پايو پِٽِينِ وِيٺِيُون، ڪاڪِ ڌَڃاڻيون ڪَکَ

پيئِي اِيءَ پَرَکَ، ته سوڍيون سِجهائي وِئا. [1936]

سمجهاڻي: هو لاهوتي (وڏيءَ منزل وارا سالڪ) سوين هزارين (مومل جهڙيون) سهڻيون عورتون هتي ڇڏي پاڻ اڳتي هليا ويا. ڪاڪ جون اهي مالڪياڻيون هاڻي ڪک مٿي ۾ وجهي پيون پٽين ۽ پار ڪڍي ويهي روڄ راڙو ڪن.  اهي (پاڪ صفت عاشق) پاڻ انهن اميرزادين کي عشق جي امتحان ۾ اڌ مئو ڪري حال کان بيحال ڪري ويا.

14

ڪاڪِ نه جهَلِئا ڪاپَڙِي، موهيا ڪِنہِ نه مالَ

سوڍيون سِجهائي هَلئا، هَهَڙا جَنِي حالَ

جي ڇورِينِ ڏنا ڇالَ، ته پِه لاهُوتِي لَنگهي وِئا. [1937]

سمجهاڻي: اهڙن ڪاپڙين (سالڪن ۽ عارفن) کي ڪاڪ (هن جهان) جي مال ۽ دولت واري ظاهري ڪشش روڪي نه سگهي. هو  جيڪي حال (جي منزل) وارا هئا، سي وڏين سانئڻين توڻي اميرزادين کي به ٺڪرائي ويا. هنن کي ريجهائڻ (ڦاسائڻ) لاءِ نين نويلين (الهڙ) ڇوڪرين کڻي ڪيترا به ناز نخرا ڪيا ۽ پنهنجي جسم کي ڪيترا موڙا ڏنا، تڏهن به هي لاهوتي (وڏيءَ منزل وارا سالڪ) هنن ڏانهن ڪو ڌيان ڏيڻ کان سواءِ، اڳتي پنهنجي منزل ڏانهن وڌي ويا.

15

رَچِي جي ريٽو ٿِئا ڪِينَ اُٻاٽِجَنِ اوءِ

کُنڀُ نه کاري تِنہِ کي جو هالارِي هوءِ

توڻي ڌوٻِي ڌوءِ، توءِ لالِي تَنهِين نه لَهي. [1938]

سمجهاڻي: جيڪي عاشق (عشق جي باهه ۾ تپي) ڳاڙها لال ٿي چڪا آهن تن جو اهو رنگ خراب ٿيڻ يا ڦِٽڻ وارو ناهي (ان تي وري داغ دڙڳ ڪونه ٿيندا) ڀلي اهڙن رڱيل ڪپڙن کي هالار (ڪڇ جو مشهور شهر) جو کٽي پنهنجي کُنڀ تي (ٻين ڪپڙن سان گڏ) چاڙهي وڌيڪ سيڪه ڇو نه ڏئي. ڀلي اهڙن ڪپڙن کي ڌوٻي بار بار پيو ڌوئي، پر انهن تي چڙهيل ڳاڙهاڻ لهڻ جي هرگز ناهي.

 

وائي

تان تُون ويههُ سَنبهَي ساٿِي!

ڪاڪِ هَلِبو ڪَڏهِين

لَکين لوڊَرَ لُڊُوُڻو مَڻي، مَٿي واٽَ وِئا ٿِي

جِنہِ کي پُڇان سو چوي: آيو ڪونه اُئان ٿي

ڪوٺائو ڪَرِيم جو، آيو پَهِي پَرئان ٿِي

حُڪمُ ڏِيندُئِي هَٿَ ۾، ’هاڻي هَلُ هِئان ٿي‘. [1939]

سمجهاڻي: اي ساٿي (اي مسافر) تون هروقت سنڀري تيار ٿي ويهه، جو ڪاڪ (قبر) ڏانهن ڪڏهن ضرور هلڻو آهي. سوين هزارين انسان لڊوڻي (هن جهان) مان گذري انهيءَ گس تان لنگهي ويا آهن. آءٌ جنهن کان پڇان ٿو ته انهيءَ واٽ تان ڪو واپس آيو آهي ته چوي ٿو اُتان ڪوئي واپس نه آيو آهي. انهيءَ قادر ڪريم جو سڏيندڙ (عزرائيل) پري پنڌ کان قاصد بڻجي پيو اچي. بيشڪ اُهو ئي توکي (خدا جو) فرمان هٿ ۾ ڏيئي چوندو، ته تون هاڻي هتان هَلُ (جو تنهنجو وقت پورو ٿي ويو آهي).

 

داستان ٽئو

 

1

سونَ وَرَنيون سوڍِيُون، رُپي رانديون ڪَنِ

اَگَرُ اوطاقُنِ ۾، کَٿُورِي کَٽُنِ

اُپٽِيائُون عَبِيرَ جا مَٿي طاقَ تَڙَنِ

ٻاٽَنِ ٻيلُون ٻَڌِيُون، پَسئِو سُونہَ سَڙَنِ

ٿِئا لاهُوتِي لَطِيفُ چَئي، پَسَڻَ لَئي پِرينِ

اِجهي ٿا اَچَنِ، ڪاڪِ ڪَڪورِئا ڪاپَڙِي. [1940]

سمجهاڻي: هو سون جي رنگ جهڙيون (ڳاڙهيون گوريون) چانديءَ (جي روپين) سان ويٺيون راندروند ڪن (دل وندرائن). محلاتن ۾ اگر پيا ٻَرن ۽ سندن کٽون ۽ هنڌ کٿوريءَ جي هٻڪار سان واسيل آهن. هُنن وهنجڻ وارن هنڌن تي عطر عنبر کولي پنهنجي مٿان ان جي پالوٽ ڪري ڇڏي آهي. هُنن پنهنجا جسم مَلي مهٽي مهڪائي ڇڏيا آهن. هوڏانهن نوان عاشق وڏي ڀيڙ لايو (هڪ ٻئي پويان) هُنن جي ديدار خاطر انتظار ۾ بيٺا جلن ۽ پَچن. عبداللطيف چوي ٿو ته اُنهن عاشقن پرينءَ جي پسڻ خاطر لاهوتي ٿيڻ (معرفت جي وڏي منزل) جو پڪو ارادو ڪيو آهي. (اي مومل!) اُهي عاشق جلدي اچڻ وارا آهن جيڪي (ڪاڪ وارين جي) عشق ۾ رڱجي نڪرندا.

2

جِهَڙا گُلَ گُلابَ جا، تِهَڙا مَٿنِ ويسَ

چوٽا تيلَ چَنبيلِئا، ها ها هُو هُٻيسِ

پَسئو سُونہَ سَيدُ چَئي، نِيہَ اَچَنِ ٿا نيسَ

لالَڻَ جي لِبيسَ، آتَڻِ اَگَرُ نه اُڄُهي. [1941]

سمجهاڻي:  (مومل ۽ اُن جون ساهيڙيون) گلاب جي گل جهڙيون حسين آهن ۽ تهڙائي خوبصورت ويس وڳا ڍڪيل اٿن. هُنن جا وار چنبيليءَ جي خوشبودار تيل سان واسيل آهن، جن مان هر طرف واهه واهه (مدهوشيءَ) واري سرهاڻ پيئي اچي. عبداللطيف چوي ٿو اُنهن جو حسن ۽ سونهن ڏسي محبت جا اڻ کٽ اڌما (عشق جا اوٽار) پيا اُٿن. (ڪجهه به هجي پر) محبوب جي لباس ۽ هن جي خوشبوءِ سان آتڻ ۾ ٻرندڙ اگر جي ڪا جاءِ ڪانهي (ڪو مقابلو ڪونهي).

3

جِهَڙا پانَنِ پَنَ، تِهَڙيون سالُون مَٿَنِ سائِيُون

عَطُرَ ۽ عَبِيرَ سِين، تازا ڪِئائُون تَنِ

مَڙهِيائُون مُشڪَ سِين، چوٽا ساڻُ چَندَنِ

سُونهَنِ رُپِي سون سِين، سَندا ڪامِڻِ ڪَنَ

ڪِيائِين لالَ لَطِيفُ چَئي، وَڏا ويسَ وَرَنَ

مَنجههِ مَرَڪِيَسِ مَنَ، ته سوڍي سِين سَڱ ٿئو. [1942]

سمجهاڻي: جيئن پان جي پَنن جو گهاٽو (چهچ) سائو رنگ ٿيندو آهي، تيئن هُنن کي به اهڙي رنگ جو شالون ڍڪيل آهن (جنهن سان هو ڏاڍيون خوبصورت پيون لڳن). هُنن پنهنجا جسم عطر ۽ عنبر جي سرهاڻ سان تر ۽ تازا ڪري پنهنجا وار چندن جي خوشبوءَ سان واسي ويڙهي ڇڏيا آهن. هُن (مومل) جا ڪن سون ۽ چانديءَ  جي زيورن سان وڌيڪ سهڻا پيا لڳن. عبداللطيف چوي ٿو ته مومل سڀني کان سرس هار سينگار ڪيا ۽ هوءَ دل ئي دل ۾ پيئي خوش ٿي چوي، ته ”منهنجو سڱ راڻي جهڙي سوڍي سان ٿيو آهي.“

4

جِنہِ تَڙِ ڌوڙُون ڌُونِ، چوٽا چَنَدَنَ چِڪَ ڪِئو

اَچَنِ ڀَونرَ ڀَنڀُولِئا، پاڻِيءَ تَنهِين پُونِ

راوَلَ رَتو رُونِ، ڪو وَهُ لَڳو واسُئِين. [1943]

سمجهاڻي:  (مومل ۽ اُن جون سرتيون)  جنهن جاءِ تي اچي پنهنجا چندن جي کٿوريءَ سان ڀريل چوٽا ( ڳُتون يا وار کولي) پيون ڌوئن، (جنهن سان ايڏي خوشبوءِ ڦهلجي ٿي ويئي) جو ڪارا ڀونئر مست ٿي پئي آيا ۽ اُن پاڻيءَ ۾ ٿي ڪريا. ساڳيءَ ريت آيل نوجوان شهزادا (ڀونئرن وانگر سِڪ ۾ ساڻا ٿي) رت روئيندا پيا وڃن. آخر مومل جي محبت جو واس وٺڻ جو آيا هئا.

5

مُومَلَ کي مَجازَ جا اَکِين ۾ اِلماسَ

نه ڪا عامَ نه خاصَ، جي وِئا سي وَڍِئا. [1944]

سمجهاڻي: مومل کي مجاز (محبت ۽ عشق) جا اکين ۾ (وڍيندڙ) هيرا (نهايت سخت ۽ تکا تيز) پيل هئا. هُن وٽ امير توڻي فقير جو لحاظ نه هو، ڪو به سندس تکي نظر کان بچي نٿي سگهيو. جيڪو به آيو ٿي ته وڍجي ۽ ڪسجي (زخمي ۽ ڦٽجي) ٿي ويو.

[الماس يعني هيرو سڀ کان وڌيڪ سخت ۽ هر شيءِ کي وڍيندڙ آهي، مثنويءَ ۾ ان جي وڍڻ واري خاصيت ڏانهن هن ريت اشارو ٿيل آهي:

گر بود چوبين،  برو ديگر طلب،

 ور بود الماس، پيش  آبا  طرب.

(دفتر اول، ب- 715)

معنيٰ: جيڪڏهن تنهنجي هٿ ۾ ڪاٺيءَ جي تلوار آهي ته اها ڦٽي ڪر ۽ ٻي کڻ. پر جيڪڏهن اها الماس (تکي تيز تلوار) آهي ته پوءِ خوش ٿي کڻ.]

6

مُومَلَ کي مَجازَ جا اَکين مَنجهِه اَنبُورَ

هَڻِي حاڪَمَنِ کي پَٽَ نِهاري پُورَ

گهوٽَ پِهرِينءَ گهُورَ، گُجَرَ گهڻا گهائِيا. [1945]

سمجهاڻي: مومل جي اکين ۾ حسن ۽ عشق جا (خونخوار) انبور لڳل آهن (جيڪي ڪنهن شيءِ کي سختيءَ سان ڇڪي ٻاهر ڪڍن ٿا). هوءَ پنهنجي اکين جي تيز ۽ تکن اشارن سان اميرن ۽ حاڪمن کي کليي ميدان ۾ (شڪست ڏيئي) هيٺ ڪيرائي ٿي ڇڏي. هن گُجر (حسين) عورت (مومل) پنهنجي پهرين تيز نگاهه سان ئي ڪيترن جوانن کي گهايل ۽ زخمي ڪري ڇڏيو.

7

گُجَرَ کي گَجويلَ جون تارَنِ ۾ تَبَروُن

هڻي حاڪِمَنِ کي زورَ ڀَريون زَبَرُون

ڪاڪِ ڪَنڌيءَ قَبَرُون، پَسو پَرَڏيهِينِ جون. [1946]

سمجهاڻي: هن گُجر (مومل) جي اکين ۾ ڄڻ رڪ جون (تکيون تيز) ڪهاڙيون آهن، جيڪي هوءَ اميرن ۽ شهزادن کي وڏي زور سان هڻي ڪڍندي (ڪُهي وجهندي) آهي. (جيڪڏهن توهان کي پڪ نٿي اچي ته) ڪاڪ جي ڀرپاسي هلي ڏسو ته اهڙن پرديسين جون ڪيتريون ئي قبرون ٺهيون پيون آهن.

8

جا کَني رِءَ خُونَ ڪَري، ڌَرِ نِئو ماري ڌِڱَ

ڪوڏَئُون قَرِيبَنِ جا، آرِ ڪَري ٿِي اَڱَ

لالَ جَنِي جا لِڱَ، تيرَ چَکائي تَنِ کي. [1947]

سمجهاڻي: هوءَ (مومل) ترار کان سواءِ (اکين جي گهاون سان) ماڻهو ماري ٿي. وڏن وڏن بهادرن کي مٿي کنيو پَٽ تي اڇلائي ٿي هڻي. هوءَ ڏاڍي رونشي واري انداز ۾ پنهنجن گهڻگهرن کي اکين جي تيز نگاهن جا تير هڻي ٽنگ ڪري ڦٽي ٿي وجهي. اهي عاشق جن جا لڱ ڳاڙها لڳا پيا آهن (جيڪي پنهنجي جوانيءَ جي جوش ۾ مست ٿي آيا هئا)، انهن کي پنهنجي نظرن جي تيرن جو چُٽڪو چکائي ٿي.

9

گُجَرَ گاروڙِيَنِ، اَچئو آڏِيءَ اُڀِيي

مَٿان پَئي تَنِ، ٻَڌا ٻاڻَ هڻَنِ جي. [1948]

سمجهاڻي: مومل (ذات جي گُجر عورت) نانگ منڊڻ وارن اڻموٽ  جوڳين (يعني سڪ ۾ سنڀري آيلن) جي سامهون اچي پيئي مقابلو ڪري. هوءَ اُنهن مٿان وڏي آفت (ازدها) بنجي آئي ۽ کين ٻٽا تير (حسن جا ۽ عشق جا) هڻي (گهايل ڪري) ڇڏيائين.

10

مُومَلَ ماري مِيرَ، آهيڙِينِ کي آڪِرِي

سوڍِيءَ گهَڻا سِجهَائِيا، پَڙهيا پَنڊتَ پِير

هَڻي تَنِ کي تِيرَ، مَڻيون جَنِ مَٿَنِ ۾. [1949]

سمجهاڻي: مومل وڏن اميرن ۽ شهزادن جو شڪار پيئي ڪري، باقي عام ننڍن شڪارين مٿان آڪڙي گهمي (هنن تي سندس اک نٿي ٻڏي). هن سوڍيءَ (چالاڪ) عورت وڏن پڙهيلن، پنڊتن ۽ پيرن کي پڻ گهائي بيحال ڪري ڇڏيو  آهي. هوءَ انهن کي به تيرن سان گهاوَ پيئي ڪري جن جي مٿي ۾ مڻيا آهي، جيڪي (سوچ سمجهه وارا) ملوڪ آهن.

11

گُجَرِ گهَڻا گهائِيا، پاڻان لَڳُسِ گهاءُ

مينڌري مُلاءُ، لَڳُسِ ڪانُ ڪَپارَ ۾. [1950]

سمجهاڻي: مومل هونئن ته پاڻ ڪيترن کي (عشق جي تيرن سان) زخمي ڪري ڇڏيو هو، پر آخر هوءَ پاڻ زخمي ٿي پيئي، ڇو جو راڻي مينڌري (جي عشق) جو تير سندس ڪنڌ ۾ اچي لڳو (هوءَ پاڻ راڻي تي عاشق ٿي پيئي).

12

مُومَلَ ويٺِي مَينڌرو، سَدائين ساري

وَليون واس وَرِنِيُون، چانگي کي چاري

جَڏهِن تڏهِن جيڏِيُون، اِيندُمِ اوتاري

سوڍي سِين ساري، ڳالهيون ڪَندِيَسِ ڳُجهَه جِيُون. [1951]

سمجهاڻي: مومل هر وقت هر ويلي پيئي مينڌري محبوب کي ياد ڪري ۽ قسم قسم جون سُرهاڻ واريون وَليون ويٺي مينڌري جي اُٺ کي کارائي. (دل ۾ پيئي چوي) اي سرتيون! مينڌرو ڪڏهن نه ڪڏهن ضرور سندس اڱڻ تي هلي ايندو ۽ آءٌ پنهنجي اندر جون سموريون ڳالهيون کيس ويهي ٻڌائينديس.

13

جِتِ رانيَائِين راڻَنِ کي، چَندن چِڪَ ڪَري

هاڻي اُنِي ڀيڻِيين، وِرهُ وَراڪا ڏي

سوڍو سُڃ ڪري، مُومل ماري هَلِئو. [1952]

سمجهاڻي:  (ڪو وقت هو جڏهن) مومل پنهنجو پاڻ کي چندن جي خوشبوءَ سان مهڪائي (حسن جي ناز ۽ ادا سان) راڻن ۽ شهزادن کي هرکائي ۽ ريجهائي وٺندي هئي. هاڻي اُنهن جاين تي وڇوڙي ۽ فراق جي ڪري ويراني ڇانئجي ويئي آهي، ڇاڪاڻ ته راڻو مينڌرو مومل کي ڇڏي (رُسي) ڄڻ مومل کي ماري هليو ويو آهي.

 

وائي

ڪِين جو ڪاڪ تَڙاء، ڪَرَهي چَرَهو چَکئو

ڪَرَهو سَرَهو ڏيہَ ۾، نه تِنہ ڊَرپُ نه ڊراء

پاهُ پِرائي آئِيو، لالِي لُڊُوڻئاء

ڪَرَهي ڪاڻيٺا رَتا، نائي ناگيلاء

پِڪُون جي پانَنِ جون هاريائين حَلَقاء

وَڳُ  واسِيائِين  پانهنجو،  سَڀَ  ئي  سُراهياء. [1953]

سمجهاڻي: اُٺ ڪاڪ جي هنڌن ماڳن تان سوادي کاڄ کائي جتي ڪٿي ڏاڍو مزي سان خوش ٿي پيو گهمي ڦري، هن جو سمورو ڊپ لهي ويو آهي. هاڻي سندس خراب رنگت ئي مٽجي ويئي آهي ۽ لُڊوڻي مان ڳاڙهو متارو ٿي پلجي نڪتو آهي. اُٺ پنهنجيون ڏاٺيون به ڳاڙهيون ڪري ڇڏيون آهن، ڇو جو ناگيل وڻ جا پن کائي هو اوڳر ڪندي پان جون ڳاڙهيون پِڪون پيو نڙيءَ مان ڪڍي. هن هڪڙي اُٺ پنهنجن اُٺن وارو سمورو وڳ انهيءَ سرهاڻ سان واسي ڇڏيو!

[روميءَ مثنويءَ ۾ اُٺ جي ڪنايي کي ڪيترين معنائن ۾ استعمال ڪيو آهي. اٺ ۽ خچر جي آکاڻيءَ ۾ خچر اُٺ کي مخاطب ٿي هينئن چوي ٿو:

اي شتر که تو مثال مومني،

کم  فتي  در  رو  وام   بيني   زني.

(دفتر چهارم، ب- 3389)

معنيٰ: اي اُٺ تون واقعي مؤمن جي مثال آهين. ڪڏهن به منهن ڀر نٿو ڪِرين ۽ نه وري ڪڏهن مار کائين ٿو.

اُٺ جو جواب هن طرح آهي:

چشم اشتر زان بود بس نور بار،

کو  خورد  از  بهر  نور چشم  خار.

(ب- 3376)

معنيٰ: اُٺ جي اک ان ڪري تيز ڏسڻ واري هوندي آهي، جو هو اک جي روشنيءَ لاءِ ڪنڊن وارا پن کائيندو آهي.]

 

داستان چوٿون

 

1

سَڱُ ڪَري سِين سِينہَ، ڪَنڌُ مَ ڦيرجِ ڪيڏَهِين

رَمِجِ راڻي پُٺِ ۾ نِرتئون منجهان نِيہ

اِيئن مَ وَسِجِ عام تِي، جيئن مُومَل وَسَنِ مِينہَ

سَندي حَشَرِ ڏِينہَ، سوڍو سارِيندِينءَ گهڻو. [1954]

سمجهاڻي: شينهن (جهڙي غيرتمند) سان ناتو ڳنڍي، پوءِ ڪنهن ٻئي طرف ڏانهن پنهنجو منهن نه ڪر (هن جي محبت ۾ ٻئي ڪنهن کي شريڪ نه ڪر). بلڪه تون سدائين سچيءَ دل سان سندس پويان هل (وفاداري ڪر). اي مومل، تون پنهنجي سونهن هر ڪنهن ماڻهوءَ تي ائين ظاهر نه ڪر، جيئن مينهن هر ڪنهن هنڌ وسي پوندو آهي (هڪ ذات سان وفا ڪر). جيڪڏهن تو ائين نه  ڪيو، ته پوءِ حساب ڪتاب جي ڏينهن پنهنجي مالڪ کي گهڻو ياد ڪندين (پشيمان ٿيندينءَ).

2

وَٺِئو وَڃجُ واٽَ، ڪَنڌُ مَ ڦيرجُ ڪيڏَهِين

لوڻي ڦيرِ لَپاٽَ، لَڳَندِيئِي لَطِيفُ چَئي. [1955]

سمجهاڻي:  (اي طالب) سڌو رستو وٺي هلندو رهه، هيڏانهن هوڏانهن ڪنڌ ڦيري نه ڏس. عبداللطيف چوي ٿو ٻيءَ صورت ۾ اهڙي زور واري چپاٽ (ڌڪ چنبو) لڳندئي جو هوش گم ٿي ويندئي (نفس لوامه کي نصيحت جيئن ايندڙ بيتن مان پڻ واضح ٿئي ٿو).

3

وَٺئو وَڃجُ راهَ، ڪَنڌُ مَ ڦيرجِ ڪيڏهِين

اَڄُ ڪِ سَنجهه صُباحَ، نيئِي ڌَرِيندَئِي ڌُوڙِ ۾. [1956]

سمجهاڻي:  (اي طالب) سنئين راهه وٺي هلندو رهه ۽ ٻئي ڪنهن طرف ڏانهن پنهنجو منهن ڦيري نه ڏس (ٿوريءَ دير لاءِ به هيڏانهن هوڏانهن ڌيان نه ڪر). اڄ يا سڀاڻي (وڌيڪ مهلت ڪانه ملندئي) توکي هو وڃي مٽيءَ ۾ پوري ايندا.

4

راڻو ڀانيو راندِ، وڃئو ڪِيئَن وِڙَ رانئِيين

وَرُ وِڏوڻو اِيَهِينِ، جئن پَرُ پُڄِتوءِ پاندُ

هَئي ڀَڳِيءَ هيڪاندِ، سوڍو سارِيندِينءَ گهڻو. [1957]

سمجهاڻي:  (اي مومل) تو راڻي (جي رشتي) کي راند يا رونشو ڪري سمجهيو جو تو غير ماڻهوءَ سان وڃي سنگت رکي. تنهنجو مڙس راڻو انهيءَ ڪري ڪاوڙجي ويو جو تو پراون جو پاند وڃي جهليو. هاءِ افسوس! تو پڪي دوستي پاڻ ٽوڙي وڌي ۽ ان کان پوءِ ويٺي سوڍي کي گهڻو ياد ڪرين.

5

سوڍا تُنهنجي سُورَ، اَندر آڳِيون لائِيُون

راڻا رهاڻِينِ جا، مارِنهُون مَذڪُورَ

طعَنا ڏِينهُون تُورَ، آءُ ته پَرچُون پاڻَ ۾. [1958]

سمجهاڻي:  (مومل ٿي چوي) اي راڻا! اي سوڍا! تنهنجي جدائيءَ جي سورن منهنجي اندر ۾ باهه جا وڏا مچ ٻاري ڇڏيا آهن. مون کي تنهنجي يادگيرين ۽ ڪيل روح رهاڻين مورڳو ماري وڌو آهي. مون کي منهنجيون جيڏيون  سرتيون طعنا مهڻا پيون ڏين، هاڻي تون راضي ٿي  ته پاڻ ۾ پرچي پئون.

6

رُسُ مَ، رُسَڻُ گهورِئو، ڇَڏِ راڻا ريڏائِي

مُنهنجِي ميٽ مَينڌَرا، عاقِلَ اَگلائِي

لَپيٽجِ لَطِيفُ چَئي، ڪامِلَ ڪَچائِي

ڪِجِ معافِي مَدائِي، ته سوڍا سُکياڻِي ٿِيان. [1959]

سمجهاڻي: اي راڻا! تون مون تي ڪاوڙ نه ڪر، اها ڪاوڙ ڪڍي ڦٽي ڪر ۽ نه ٺهڻ واري ارڏائيءَ کي ڇڏي ڏي. اي مينڌرا! منهنجي اها گهٽتائي درگذر ڪر. عبداللطيف چوي ٿو اي ڪامل! منهنجي ڪچاين ۽ عيبن کي تون ڍڪي ڇڏ. مون کي منهنجي ڪيل ڪوتاهين جي معافي ڏي ته اي سوڍا، آءٌ سک جو ساهه کڻي سگهان (سُکي ٿي گذاريان).

7

رُسُ مَ، رُسَڻُ گهورِئو، پَلُ مَ پَري جا

پرِيَمِ پِييُون ڳالهِيون مُٺيءَ مُون هَٿا

ڪَميڻَنِ ڪَنا، ٿِينِ مُورائِين مَٺِيُون. [1960]

سمجهاڻي: اي راڻا مينڌرا! تون مون سان رسي نه وڃ، اها ناراضگي ڇڏي ڏي،بلڪه مون کان هڪ گهڙي به پري نه وڃ. بيشڪ مون عيبدار هٿان ڪيئي گهٽ وڌايون ٿيون آهن، ها پر آخر عيبدارن ۽ ڪمزورن هٿان ئي ڪچايون ۽ گستاخيون ٿي وينديون آهن.

8

رُسُ مَ، رُسَڻُ گهورِئو، پَرِچُ، مَ وانءُ پَري

وِڌَم ڦَٽَ فِراقَ جي، جِهتَ جي ذَري

لالَڻَ جِي لَطِيفُ چَئي، سُونهائِي سَري

لَڳِين جي ڳَري، ته سوڍا سُکِياڻِي ٿيان. [1961]

سمجهاڻي: اي راڻا! ڪاوڙج نه، ڪاوڙ کي قربان ڪر. مون سان پرچي پئو ۽ مون کان پري نه وڃ (ڇڏي نه وڃ). محبوب جي ٿوري ديدار (هڪڙي جهلڪ) مون کي فراق واري گهڻي آزار ۾ وڌو آهي (ماري ڇڏيو آهي). عبداللطيف چوي ٿو ته مون لاءِ سهڻو سپرين ئي منهنجو سونهون (۽ رهبر) آهي. اي سوڍا! جيڪڏهن تون مون سان اچي ملين، ته جيڪر آءٌ (هميشه لاءِ) سُکي ٿو پوان.

9

رُسُ مَ، رُسَڻُ گهورِئو، راڻا ڇَڏِ رِياءُ

ميٽ مَدايُون موٽُ تون، ڪري نِرتِ نِياءُ

لالَڻ جو لَطِيفُ چَئي، ڪونهي سُونہَ سِياءُ

اوَڳُڻَ ڍَڪي آءُ، ته سوڍا سُکِياڻِي ٿِيان. [1962]

سمجهاڻي: اي راڻا مينڌرا، رُس نه ۽ رسڻ جون ڳالهيون ڇڏي ڏي ۽ اهو (رسڻ جو) ٻاهريون ڏيک (دل ۾ هڪ، ٻاهر ٻي) نه ڪر. منهنجي گهٽتاين کي نظرانداز ڪر، تون پاڻ سوچي سمجهي انصاف ڪر. عبداللطيف چوي ٿو ته سڄڻن جي سونهن جو ڪو ثاني ڪونهي (حسن ۾ برابر ڪونهي). اي راڻا! منهنجا ڪُلڇڻ ۽ ڪمزوريون وساري مون وٽ اچ ته آءٌ سُکي ٿي گذاريان.

10

ڪِيَمِ توبَہَ تَنِ کان جَڳتُ جَنِ گَواهُ

روز نِهارِيان نِڪَڻي، راڻا تُنهنجو راهُ

پَرچِي لَڳِ اَللهَ، موٽُ ميان تُون مَينڌرا. [1963]

سمجهاڻي: اي مينڌرا! مون اُنهن گناهن کان توبه زاري (بيزاري) ڪري ڇڏي آهي، (جيڪي مون طلسمي ڪاڪ محل ۾ ڪيا ۽ بي گناهه مارايا) جن تي زمانو شاهد آهي. هينئر آءٌ هر روز اڪيلي ئي اڪيلي تنهنجي راهه ويٺي ٿي ڏسان (تون ڪڏهن ٿو اچين). او وڏي مان وارا راڻا! الله جي واسطي مون سان راضي ٿيءُ ۽ موٽي مون وٽ اچ!

11

سوڍي سِرُ نِئو، هِتِ ڪَرنگهَرُ سَکَڻو

مَنُ مينڌَري وَڍِئو، ڌُٻِي ڌَڙُ پِئو

راڻي جي رِهاڻِ کي سِڪي ساهُ پِئو

پَسان ڪِي نِه ٻِئو، تو رِءَ آتَڻُ وِسِرِئو. [1964]

سمجهاڻي:  (مومل ٿي چوي) منهنجو سِرُ (ساهه) ته سوڍو راڻو پاڻ سان کڻي هليو ويو ۽ هِتي باقي وڃي هيءُ هڏائون پڃرو بچيو آهي. ائين منهنجو اندر مينڌري وڍي ڇڏيو آهي جنهنڪري منهنجو ڌڙ (بنا ساهه) پيو لڇي ۽ ڦٿڪي. منهنجو روح راڻي جي ياد ۾ پيو سِڪي ۽ ان کي سنڀاري.  اي راڻا! آءٌ تو کان سواءِ ٻئي ڪنهن ڏانهن ڪيئن ٿي نهاري سگهان؟ مون کان آتڻ (جنهن جاءِ تي ويهي رهاڻ ڪندا هئاسين) سوڌو سڀ ڪجهه وسري ويو آهي.

12

ڀيرو ڀَڃ مَ ڪاپَڙي، لاهي ويههُ مَ لاڳِ

تان مون هِنيڙو ماڳ، جان تون جوڳي جُوءِ ۾. [1965]

سمجهاڻي: اي ڪاپڙي! (پرديسي پرين) تون مون کي وساري نه ڇڏ (اچڻ وڃڻ جو رستو بند نه ڪر) ۽ سڀ لاڳاپا ۽ واسطا ختم ڪري نه ڇڏ. بلڪه جيستائين تون هن لڊاڻي جي ديس ۾ آهين، تيستائين منهنجي دل کي به آرام ۽ فرحت آهي (منهنجو جيئڻ ۽ سُڪون تو سان وابسته آهي).

13

سوڍي مُنهنجي ساهَ سِين جيڏِيون جيئن ڪِئو

ڪَڙِي مون ڪاڪِ ٿي، آتَڻُ وِهُ ٿِئو

پَسان ڪِي نَه ٻِئو، تِنہ رِءَ اَکڙِينِ سين. [1966]

سمجهاڻي: اي جيڏيون! راڻي منهنجي روح سان اهڙي حالت ڪئي آهي، جو مون کي هاڻي ڪاڪ وڻي ئي ڪانه ٿي ۽ آتڻ ۾ اچي دل وندرائڻ زهر ٿي پيو اٿم. هينئر منهنجون اکيون راڻي کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڏسن ئي ڪو نه ٿيون (انهن کي ٻيو ڪجهه نظر ئي نٿو اچي).

14

ڪاڪِ ڪَڙهِي، وَڻَ وِئا، جَلِي مُنهنجي جانِ

رَکِي ڪامَ ڪَڻِڪِئو، مارِيَسِ تِنہِ گُمانَ

ٿِي جِيان مَنجههِ جَهانَ، سِگهو موٽِجِ سُپِرين. [1967]

سمجهاڻي:  (مومل جي زباني) ڪاڪ محل سڙي ڀسم ٿي ويو ۽ وڻ ٽڻ سڀ اُجڙي ڀسم ٿي ويا ۽ ان سان گڏ منهنجي جان پڻ جلي رک ٿي ويئي. (اهو سڀ تڏهن ٿيو) جڏهن راڻو سوڍو منهنجي ڀر ۾ لَڪُڻ رکي (چپ چاپ) تڪڙو نڪري هليو ويو. مون کي انهيءَ شڪ ماري ڇڏيو آهي، جو راڻو پنهنجو لَڪُڻ ڇڏي هليو ويو (هو ڏمرجي ويو). (اي مينڌرا) هاڻي آءٌ فقط انهيءَ آسري تي جڳ ۾ پيئي جيئان، ته تون جلدي موٽي اچي مون کي پنهنجو ڪندين.

15

ڪاڪِ ڪَڙهِي، وَڻَ وِئا، ٻَرِئا مَحَلَ ماڳَ

سوڍي جي سَرتِيُون، وِڌِيَسِ وَهِ ويراڳَ

سُورَنِ لايا ساڳَ، سگهو موٽِجِ سُپرِين. [1968]

سمجهاڻي: ڪاڪ جلي رک ٿي ويئي ۽ وڻ ٽڻ سڙي ويا ۽ ڪاڪ جا محل ۽ جايون تباهه ۽ برباد ٿي ويا. اي سرتيون! مون کي سوڍي جي سوز ۽ فراق (درد ۽ غم جي وڏي) وهڪري ۾ لوڙهي ڇڏيو. (اي منهنجا پرين) آءٌ سورن جي سنگهرن ۾ سوگهي آهيان. (ڌڻيءَ جي واسطي) جلدي موٽي مون وٽ اچ.

16

ڪاڪِ ڪَڙهي وَڻَ وِئا، ٻَرِئا رَنگ رَتوَلَ

تو پُڄاڻا سُپِرين، هِنيَڙي اَچَنِ هولَ

جي مُون سِين ڪِيَئِي قَولَ، سي سِگها پارِجِ سُپِرين. [1969]

سمجهاڻي: ڪاڪ محل برباد ٿي ويو، وڻ ٽڻ سڀ سڙي ختم ٿي ويا ۽ رنگ برنگي (ڳاڙها پيلا) هندورا ۽ پلنگ سڀ باهه ۾ سڙي خاڪ ٿي ويا. او منهنجا سپرين تنهنجي (غصي ۽ ڪاوڙجڻ کان پوءِ) پرپٺ منهنجي اندر ۾ اوچتا ڇرڪ پيا پون  (آرام ئي نٿو اچي). اي راڻا! (ساهه سيباڻا) تو جيڪي مون سان (شروع ۾ پيار ۽ محبت جا) واعدا ڪيا هئا، اهي جلدي اچي پورا ڪر.

17

ڪاڪِ ڪَڙهِي، وَڻَ وِئا، لُوٺو لُڊاڻو

تو پُڄاڻا سُپِرين، آتَڻُ اُجهاڻو

مُيَنِ سِين ماڻو، مُناسِبُ نه مينڌرا. [1970]

سمجهاڻي:  (مومل ٿي چوي) ڪاڪ محل جلي خاڪ ٿي ويو، ۽ وڻ ٽڻ سڀ سڙي ناس ٿي ويا ۽ لڊاڻو ڦٽي تباهه ٿي ويو. تنهنجي (رُسي) وڃڻ سان ئي سرتين سان گڏ  ويهي حال احوال اورڻ ۽ ڪتڻ وارو ماڳ به اُجڙي ويو. اي منهنجا مينڌرا! آءٌ تنهنجي  فراق ۾ مري چڪي آهيان ۽ جيڪي مُئل آهن، تن سان ناراضپو ٺهي ڪو نه ٿو.

وائي

وهان ڪِيئن ڪَري، مُون سِرِ باهِ ٻَري

راڻا تو رِءَ رِڻُ ٿي ڀانئيان

سوڍو سي سارِيندِيُون، لَڳو جَنِ ڳَري

آءُ  اوراهون  سُپِرِين،  وَڃ  مَ  پِيَه  پَري. [1971]

سمجهاڻي:  (مومل راڻي جي فراق ۾ پيئي چوي) اي ميان مينڌرا! آءٌ ڪيئن ماٺ ڪري ويهان! منهنجي مٿي ۾ (برهه جي) باهه لڳي پيئي آهي. تو کان سواءِ  (هي سمورو جهان) برپٽ بيابان ٿي ڀانيان.  بيشڪ سپرينءَ کي اُهي ئي ياد ڪن ٿيون، جن وٽانئس قرب لڌو. اي منهنجا پيارا پرين، پري ۽ دُور وڃڻ جون ڳالهيون ڇڏي، (قرب ڪري) ويجهو ۽ نزديڪ اچ.

 

داستان پنجون

 

1

ڏِيا تيلَ ڦُليلَ جا، ٻارِئَمِ تائِين ٻانگَ

ڍولو ڍَٽِ رَهائِيو، ڪَنہِ سَٽاڻي سانگَ

چانگي چَڙهي آءُ تُون، لال وَرائي لانگَ

ڪؤڙين ڀتين ڪانگَ، اُڏايامِ اَچيجُ تون. [1972]

سمجهاڻي:  (مومل ٿي چوي) اي راڻا! آءٌ (تنهنجي انتظار ۾) صبح جي ٻانگ تائين گلن ڦلن جي خوشبودار تيل وارا ڏيئا ٻاريندي رهيس. راڻو ڍٽ مان ضرور  ڪنهن وڏي ڳالهه (ناراضگيءَ) سبب ڪهي ڪونه آيو. اي منهنجي دل جا دلبر! (هاڻي به) تون پنهنجي (تيز رفتار) اٺ تي سوار ٿي چڙهي اچ. آءٌ تنهنجي انتظار ۾ الائجي ڪيترا ۽ ڪيترن قسمن جا ڪانگ پيئي اُڏايان، ته شل تون اچي نڪرين.

2

ويٺِي ٻاريان ٻانگَ سِينءَ ڪؤڙين اَڄُ قَندِيلَ

هَي هَي هَنجهُون هارِيان منجهان سِڪَ سَبِيلَ

متان مون کي ڇَڏِئين، جاني! لَڳَ جلِيلَ

آهَرَ تو اَصِيلَ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪَ جا. [1973]

سمجهاڻي: اي راڻا! مون فجر جي ٻانگ مهل تائين ڏيئا ۽ ڏيئاٽيون پئي روشن ڪيون، آءٌ تنهنجي سڪ ۽ فراق ۾ بيمار ٿي اکين مان ڳوڙها ويٺي ڳاڙيان. او منهنجا جاني! (ساهه کان وڌيڪ پيارا) الله جي واسطي مون کي ڇڏي نه ڏجانءِ. اي وڏي مان وارا! (عالي نسب) آءٌ تنهنجي (اچڻ جي اميد) آسري تي پيئي (جيئان ۽) ڪاڪ جا ڪانگ ويٺي اُڏايان (توڏانهن نياپا پيئي موڪليان).

3

اُڀِي اُڀارِئامِ، نَکَٽَ سَڀَ نَئِي وِئا

هيڪُ مَيو، ٻِئو مينڌرو، راتِ سَڄِي سارِئَامِ

ڳوڙها ڳَلِ ڳارِئامِ، سُورِجَ شاخُون ڪَڍِيُون. [1974]

سمجهاڻي:  (مومل ٿي چوي) آءٌ (تنهنجي انتظار ۾) بيٺي هئس، جو آسمان ۾ (سانجهيءَ ٽاڻي) تارا اُڀري ظاهر ٿيا ۽ ائين تنهنجو انتظار ڪندي ڪندي وري لهي به ويا. آءٌ سڄي رات پنهنجي محبوب مينڌري ۽ هُن جي ڀلي اُٺ کي ياد ڪندي رهيس. آءٌ پوري رات راڻي جي يادگيريءَ ۾ ڳوڙها ڳاڙيندي رهيس، تان جو صبح ٿي ويو ۽ سج جا روشن ڪرڻا ڌرتيءَ تي پوڻ لڳا.

4

ڪَتيون ڪَپاران ويون، لُڌا وِئا لَڙِي

راڻو راتِ نه آئِيو، جِنہِ سين جِيءَ جَڙِي

موٽُ مُئِيءَ جا وَلَها، چانگي تي چڙِهي

سوڍي لاءِ سَڙِي، ويئِي وِهامِي راتِڙِي. [1975]

سمجهاڻي: ڪتيءَ جا تارا (تارن جو خاص ميڙ، ثُريا) اُڀرڻ کان پوءِ هلندا، بلڪل وچ آسمان تي مٿان چوٽ چڙهي آيا ۽ ٻه لُڌا تارا (ٽيڙو يعني ٽن تارن جي پريان هڪ ڏکڻ طرف ۽ ٻيو اتر طرف) به پنهنجي سفر جي پڄاڻيءَ تي پهتا. منهنجي ساري رات اوسيئڙي ۾ ائين گذري ويئي، پر راڻو ڪونه آيو، جنهن سان منهنجي دل اڙيل آهي. (مومل ليلائي چوي ٿي) اي راڻا! هن مجبور ۽ لاچار عورت جا واهر وسيلا، تون پنهنجي خاص اُٺ تي چڙهي، مون وٽ موٽي اچ. (مومل ٿي چوي) سوڍي جي راهه تڪيندي  ۽ اوجاڳو ڪندي سڄي رات گذري ويئي.

5

پِرِهَ لَکايا پارَ، موٽُ سِگهو تون مَينڌرا

ڍولا ڍَٽَ ڪَنڌينِ ۾، ساڄو ٿِيءُ سَوارَ

ڀيرو ڪِجُ ڀَتارَ، نِماڻِيءَ جي نِجهُري. [1976]

سمجهاڻي:  (مومل ٿي چوي) پرڀات جا نشان ظاهر ٿيڻ لڳا آهن. اي مينڌرا! تون جلد موٽڻ جي ڪر (ان کان اڳ جو چٽو صبح ٿي وڃي). اي پيارا پرين! ڍٽ جي سرحد کان سويل سنڀري تيار ٿي روانو ٿيءُ. او منهنجا ور (ڇپر ۽ ڇانو) مون مسڪين جي ماڳ تي ضرور اچجانءِ (ڀيرو نه ڀڃجانءِ).

6

شَمَعَ ٻارِيندي شَبَ، پِرَهَ باکُون ڪَڍِيُون

موٽُ مَران ٿِي مَينڌرا، راڻا! ڪارَڻِ رَبَ

تُنهِنجِيءَ تاتِ طَلَبَ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪَ جا. [1977]

سمجهاڻي:  (مومل جي آزي نيزاري) اي راڻا! مون تنهنجو انتظار ڪندي سڄي رات
ميڻ بتيون ٻاريون آهن، تان جو اچي پرڀات ٿي آهي. او مينڌرا! آءٌ تنهنجي فراق ۾ پيئي مران ۽ ڳران. ڌڻيءَ جي واسطي موٽي اچ. آءٌ تنهنجي سڪ ۽ يادگيريءَ ۾ ڪاڪ جا (سڀئي) ڪانگ اُڏاري اُڏاري (نياپا موڪلي موڪلي) ٿڪجي پيئي آهيان.

7

وَٽِ سورِيندي وَلَها، وِئو تيلُ ٻَرِي

آلا ڦَٽَ فِراقَ جا تَن چاڪَنِ ڪِيَسِ چَرِي

راڻي لاءِ رَڙِي، ويئِي وِهامِي راتَڙِي. [1978]

سمجهاڻي:  (مومل جي زباني) اي منهنجا گهوٽ! تيل سان ڀريل ڏيئي  جي  وٽ  کي هر هر مٿي ڪندي سڄو تيل ٻري ختم ٿي ويو (تنهنجي اچڻ جي اميد پوري نه ٿي). جدائيءَ جا تازا رسيل زخم ڦري ڦٽ ٿي پيا، جن مون کي پورو پاڳل ڪري ڇڏيو. او راڻا! منهنجي سڄي رات تو لاءِ ائين روئندي رڙندي گذري ٿي وڃي.

8

ڪَتِين ڪَرَ موڙِيَا، ٽيڙُو اُڀا ٽريئِي

راڻو راتِ نه آئِيو، ويلَ ٽَرِي ويئِي

کُوهِ سا کاڻِي راتِڙِي جا پِريَنِ رِءَ پيئِي

مُون کي ڏَنءُ ڏيئِي، وَڃي ڍولو ڍَٽِ قَرارِئو. [1979]

سمجهاڻي:  (مومل  ٿي چوي ته رات جو  وڏو حصو گذري ويو) ڪتيءَ جا تارا (وچ آسمان تي پهچي اولهه طرف) هيٺ هلڻ لڳا، باقي ٽيڙو يعني ٽي گڏ هلندڙ تارا وڃي بچيا آهن. راڻو رات نه آيو ۽ هُن جي اچڻ جي مهل گذري ويئي. اهڙي نڀاڳي رات وڃي کڏ کوهه ۾ پوي، جيڪا سڄڻ کان سواءِ گهارجي. منهنجو دل گهريو دوست، مون کي فراق جي آڙاهه ۾ اڇلي پاڻ وڃي پنهنجي ديس ۾ آرام سان سمهي پيو.

9

سوڍي ڌاران سَرَتِيُون، پِئو ڀِتِين ۾ ڀَنگُ

اُٻاٽِجِي اَڄُ وِئو، راڻا تو رِءَ رَنگُ

هِنيين سان هاڃُو ٿِئو، پِئو اوسيڙي اَنگُ

مون تو هِي سِين سَنگُ، پُڇايو پُڇان پَهِي. [1980]

سمجهاڻي: اي سرتيون! سوڍي جي جدائي گهر جي ديوارن ۾ به ڏار وجهي ڇڏيا آهن (سخت ڊپ پيو لڳي). اي راڻا! تنهنجي جدائيءَ ۾ منهنجي منهن جو (گلال) رنگ هڪ کان ٻيو (پيلو) ٿي ويو آهي. آءٌ حال کان بيحال (تباهه) ٿي ويئي آهيان.  منهنجي دل سان وڏي ويڌن آهي ۽ منهنجو بدن ڳڻتين ۾ ڳري ويو آهي. اي راڻا، منهنجو ناتو صرف توسان آهي (منهنجو ڪو ٻيو واهر وسيلو ڪونهي) تنهنڪري آءٌ وري وري پيئي تنهنجي واٽ نهاريان ۽ هر ڪنهن واٽهڙوءَ کان پيئي (تنهنجي اچڻ جي) خبر چار پڇان.

10

راڻو ڪا راتِ وِئو ڪَري ڳالههِ ڳُجهي

تِنہِ سان مَنُ مُنجهي، منهنجو پِئو مامِري. [1981]

سمجهاڻي:  (اي سرتيون) راڻو رات جو (جڏهن آءٌ ستل هيس) وڏي رمز واري (مخفي) ڳالهه ڪري ويو آهي. انهيءَ ڪري منهنجي دل ڏاڍي پريشان ٿي ويئي آهي ۽ هاڻي فقط  اها ئي سوچ (ڳڻتي ۽ ڳاراڻو) اٿم (جيڪا لهڻ واري ناهي).

11

راڻو ڪا راتِ وِئو ڳُجهِي ڳالهَه ڪَري

سوڍي رِءَ سَرِتِيُون هَڏِ نه ساهُ سَري

وڃي مانَ وَري، آسائِتِي آهِيان. [1982]

سمجهاڻي: اي سرتيون! گذريل رات جو راڻو آيو سو ڪو ڳجهو اشارو ڪري ويو آهي (جيڪو مون کي اڃا سوڌو سمجهه ۾ ڪونه ٿو اچي). هاڻي راڻي کان سواءِ هڪ پل به ۾ دل کي آرام نٿو اچي. (الله ڪري) شل ويندي ئي وري واپس موٽي اچي، مون کي اهائي اميد آهي.

12

سوڍي سُتي لوءِ، مون سِين جا ڳالههِ ڪَئي

سا جي پَڌَرِ پوءِ، ته سَرَتِيُون ڪا مَ سُمهي. [1983]

سمجهاڻي: اي سرتيون! جڏهن سڀ ماڻهو ننڊ ۾ هئا، تڏهن راڻي سوڍي جيڪا مون کي راز واري ڳالهه سمجهائي (محبوب جي انتظار ۾ هڪ پل يا دم جي غفلت به ناروا آهي). اها حقيقت جيڪڏهن ظاهر ٿي پوي (سمجهه ۾ اچي)، ته پوءِ توهان مان پڻ ڪا سک سان سمهي نه سگهندي!

13

راڻا تُنهنجي راهَ ٿي ڏينهاڻِي ڏيکان

راڻا تو رِهاڻِ جِيُون، رُوحَ اندرِ ريکان

محبت جون ميکان، توسِين لالَ لَپيٽِيُون. [1984]

سمجهاڻي: اي سوڍل سياڻا! آءٌ هرروز تنهنجي واٽ ويٺي نهاريان. اي راڻا! منهنجي روح اندر تنهنجي ياد جون تارون ۽ تندون جڙيل آهن. تنهنجي محبت جو ميخون پاڙن سوڌيون تو جهڙي پياري سڄڻ سان ورائجي ويڙهجي (جڪڙيل) ويون آهن (جيڪي ڇڄڻ ۽ ڌار ٿيڻ واريون ناهن).

14

آءُ راڻا راحَتَ، ڌُوڃَ ڌرتيءَ جا ڌَڻِي

سِڪَنِ ٿِيُون سُهاڳِڻِيُون، سوڍا تُنهنجي سَٿَ

مون تان لاههِ مَ هَٿَ، ڪامِلَ ڌَڻِي ڪاڪِ جا. [1985]

سمجهاڻي: اي راڻا! تون منهنجي دل جو آرام ۽ سڪون آهين ۽ تون ئي هن ديس جو مختيار ۽ مالڪ آهين. اي راڻا! تنهنجي قرب لاءِ (مون سميت) سڀ سُهاڳڻيون سِڪي رهيون آهن. اي ڪاڪ (جهان) جا حقيقي مالڪ! مون تان پنهنجي پناهه وارو هٿ نه کڻجانءِ  (مون کي پنهنجي نگهبانيءَ کان محروم نه ڪجانءِ).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org