سيڪشن: لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب:

صفحو:14 

سُر بروو

 

داستان پهريون

 

1

جَڏِهن پَوي ٿي يادِ، صُحبَتَ سُپيرِينِ جِي

فَريادَئُون  فَرِيادَ،  ناگَہِ  وَڃنِ  نِڱِئو. [426]

سمجهاڻي: جڏهن سپرينءَ سان صحبت (گڏ هجڻ واري ڪيفيت) جي يادگيري اچي ٿي ته  بي اختيار (دل مان) دانهن مٿان دانهون (درد واريون آهون) نڪريو ٿيون وڃن.

[هن بيت جي پس منظر ۾ مثنويءَ جو هيءُ ابتدائي شعر ڏسو، جنهن ۾ بانسريءَ يعني انساني روح جي پنهنجي اصل کان ڌار ٿيڻ جي دانهن جو بيان آهي:

هرکه  او  از  همز باني  شد  جدا،

بي زبان شد گرچه دارد صد نوا.

                  (دفتر اول، ب- 28)

معنيٰ: جيڪو پنهنجي دلي دوست کان جدا ٿيو ته هو پنهنجي سوين دانهن ڪوڪن جي باوجود بيوس ۽ لاچار ٿي پوي ٿو.]

2

ڪَڙو مَنجههِ ڪَڙي، جِيئن لوهارَ لَپيٽئو

تيئن منهنجو جِيءُ جَڙي، سُپيريان سوگهوَ ڪَيو.  [427]

سمجهاڻي: جهڙيءَ طرح لوهار ڪڙو ڪڙي ۾ ملائي مضبوط ڪري ڳنڍي ڇڏيندو آهي (جو ان کان پوءِ انهن جو هڪ ٻئي کان جدا ٿيڻ مشڪل هوندو آهي)، ساڳيءَ ريت منهنجيءَ دل کي به محبوبن پاڻ وٽ اهڙيءَ طرح قابو ڪري ڇڏيو آهي (جو هاڻي ان جو الڳ ٿيڻ ناممڪن آهي).

[روميءَ وٽ اهو خيال هن ريت ملي ٿو:

بند آهن را توان کردن جدا،

بند  غيبي  را نداند کس دوا.

              (دفتر اول، ب 3248)

معنيٰ: لوهه جي ڪڙن يا ٻنڌڻ کي جدا ڪري يا کولي سگهجي ٿو، پر لڪل ٻنڌڻ کي کولڻ جو ڪو رستو ڪونهي.]

3

جانِبَ تون جيڏو، آهِين شانَ شُعُورَ سِين

مُون تي ڪِج مُنهنجا پِرينِ، توههُ تُسي تيڏو

اِيءُ ڪامِلَ ڪَمُ ڪيڏو، جِئن نَوازِيمِ نِگاهَ سِين. [428]

سمجهاڻي: اي منهنجا محبوب سائين! جيڏو تون وڏو آهين ۽ جيترو تنهنجو شان ۽ شعور وڏو آهي، مون تي پنهنجي مهرباني ۽ عنايت به اوتري گهڻي ڪر. اي ڪامل، تنهنجو مون تي وڏو احسان ٿيندو جو تون مون کي پنهنجي ٻاجهه واريءَ نظر سان نوازي ڇڏين.

4

جانِبَ مُنهنجي جيءَ ۾ جي تو طَمَعَ پوءِ

وَٺُ ڪاتي، وَڍِ اَنگڙا، اَدَبُ ڪَرِ مَ ڪوءِ

ڀانيان ڀالُ سَندوءِ، جي ساجَنَ سَنئون نِهَارِئين. [429]

سمجهاڻي: اي منهنجا سڄڻ سائين، جيڪڏهن منهنجي جيءَ (جسم ۽ جان) جي ڪٿي گهرج پوي ٿي ته ڀلي ڪاتي کڻي منهنجا عضوا ڪپي ڌار ڌار ڪر ۽ منهنجو ڪو به لحاظ نه ڪر، بلڪه مان تنهنجي اها وڏي نوازش سمجهندس جيڪڏهن تون مون ڏانهن (فقط) سڌي نظر سان نهاريندين (قرب ڀري نگاهه سان ڏسندين).

[هن بيت جي پس منظر ۾ مثنويءَ جا هي شعر ڏسو:

ده زکواه روي خود اي خوبرو،

شرح جان شرم شرم باز گو.

من حلالش کردم ارخونم بريخت،

من همي گفتم حلال اوميگريخت.

(دفتر اول، ب- 1795 ۽ 97)

معنيٰ: اي پيارا پرين، پنهنجي خوبصورت چهري جي زڪوات ڏي (ديدار ڪراءِ) ته جيئن هي وڍيل ۽ ٽڪرا ٿيل جسم پنهنجي مراد ماڻي. مون پنهنجو خون هن (مالڪ) لاءِ حلال ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ کي ڪهڻ جي آڇ ڪيم، پر هن نه قبوليو.]

5

جانِبَ اِيئَن نه جُڳاءِ، جِيئَن مارِئو موٽِئو نه پُڇين

رَتي رَتُ نه سِنجِري، سِڪَ تُنهنجِي ساءِ

اَسان تو هِي لاءِ، سَهسين سُکائُون ڪَيُون. [430]

سمجهاڻي: اي منهنجا پيارا سڄڻ، توکي اها ڳالهه نٿي سونهي ته مون کي پنهنجي عشق جي ڪاتيءَ سان ماري وري موٽي حال به نٿو پڇين (ڪا خبرچار نٿو لهين). هتي منهنجو تنهنجيءَ سڪ سبب اهڙو هيڻو حال ٿيو آهي، جو (جسم ۾) رتيءَ جيترو رت به نه بچيو آهي ۽ منهنجي ساهه جي تند فقط تنهنجي آسري تي هلي رهي آهي. اي پيارا سائين، آءٌ (هر روز) تنهنجي اچڻ لاءِ سوين باسون باسي ويٺي آهيان.

[مثنويءَ ۾ پڻ يار ۽ دوست جي هر قسم جي جور و جفا کي وڻندڙ ڏيکاريو ويو آهي:

ناخوش او خوش بود درجان من،

جان  فدائي  يار  دل  رنجان  من.

              (دفتر اول، ب-1777)

معنيٰ: دوست جي هر جفا ۽ ستم مون کي گوارا بلڪ پسند آهي. مون کي ستائڻ واري يار تان منهنجي دل ۽ جان قربان آهي.]

6

ڀَلي ڪِيَئي ڀَلا پِرين، هِيئن نه مُناسبُ هوءِ

لائي چِتُ چَرئو ڪَري، پاڻُ ڪَڍي وِئين پوءِ

توڻي حُبَ نه هوءِ، تَپِ هوتَ نه ڪِجَنِ هيڏِيُون. [431]

سمجهاڻي: اي پيارا پرين، تو جيڪا ڪئي سا ڀلي ڪئي (معنيٰ ڀلي ڪانه ڪئي!). توکي اهو مناسب (تنهنجي شان وٽان) نه هو. محبت ۾ پهرين اڳرائي ڪري پوءِ وري پاڻ پٺتي هٽي وئين. اي سائين، توڻي جو محبت نه هجي تڏهن به ايڏي زورآوري يا ڏاڍائي نه ڪجي.

7

ڀَلي ڪِيَئي ڀَلا پِرين، اِيُ نه شانُ سَندوءِ

پِهرِين لايو پِرِيتڻو، ڪِينَ پُڇِين ٿو پوءِ

قَادِرُ شالَ ڪَندوءِ، ميڙو هِنَ مِسڪِينِ سِين. [432]

سمجهاڻي: اي سهڻا سڄڻ، تو جيڪي ڪجهه ڪيو سو مون کي قبول آهي، پر اهو سڀ ڪجهه تنهنجي شان وٽان نه هو. پهرين تو پاڻ مون کي پنهنجي پريت ۾ قابو ڪيو، ۽ ان کان پوءِ خبر ئي نٿو لهين (ته منهنجو ڪهڙو حال آهي). هاڻي اهو قادر (جيڪو وڏيءَ قدرت وارو آهي) ئي شال توکي مون مسڪين سان ملائيندو.

[مثنويءَ ۾ پڻ محبوب جي اهڙي روش جو ذڪر ملي ٿو:

اين نکرده است او، وگر کرد او رواست،

هرچه خواهد گو بکن، محبوب  ماست.

(دفتر پنجم، ب-1876)

معنيٰ: هن ائين نه ڪيو آهي، پر جيڪڏهن ڪيو اٿس ته ٺيڪ آهي. تون چئو ته هو ڀلي جيڪو وڻيس سو ڪري، آخر اهو انسان جو سڄڻ ۽ دوست آهي.]

8

اکيُون پِرين تُنهنجِيُون گهَليُون ۽ گهوڙا

لاهِينِ نه لوڙا، جي تو هاڃي هيرِيُون. [433]

سمجهاڻي: اي محبوب، تنهنجيون اکيون (ته ناهن) گهل گهوڙا (جنگ جي ميدان ۾ گهوڙن تي سوار جوڌن جوانن جي هڻ هڻان ۽ ڪهڻ ) واري ڪار ڪن ٿيون. (اهي هر وقت) حملي ڪرڻ لاءِ تيار آهن، جن کي تو ٻين کي گهائل ڪرڻ جي عادت وڌي آهي.

9

نيڻَ سَڪيلا سُپِرِينِ، ڀَؤنرَ ڀِرُون ڀالا

چِڪئَمِ چاڪَ پِرِينءَ جا اَندر ۾ آلا

يارُ ميڙِين يااَللهَ، جَنهن جِي صُحبتَ ڪاڻِ

سِڪي هِنيُون. [434]

سمجهاڻي: اي محبوب، تنهنجيون اکيون جهڙوڪ ننڍيون تراريون آهن ۽ ڪاريون ڀِروُون ڄڻ ڀالا آهن. منهنجي اندر ۾ تو پرينءَ جا پيار وارا زخم هئا، سي تازا ٿي پيا ۽ اهي ڦَٽ وري وري اُکلي ٿا پون. اي الله سائين، مون کي پنهنجو دوست ملاءِ، جنهن جي ملڻ لاءِ منهنجي دل هر وقت پيئي سڪي.

10

کوڙي کَڻُ مَ سُپُرِين، کَنيُئِي تان کوڙِ

اَهلَ اَکَڙِينِ جِي نيئِي نِباهِجِ توڙِ

مُون ۾ عَيبنِ ڪَوڙِ، تون پاڻُ سُڃاڻِجُ سُپِرين. [435]

سمجهاڻي: اي منهنجا پرين، جيڪڏهن هيڪر تو پنهنجين نظرن سان گهوري ڏٺو آهي ته  پوءِ ڀل گهورن سان گهاءِ (کُپيل) رهڻ ڏي (اهي نگاهون مون مان نه ڪڍ، مون کي گهورن سان گهايل رهڻ ڏي). تون ڀلي پنهنجي اکين جي اها (گهائل ڪرڻ واري) ترڪيب آخر تائين مون تي آزماءِ. مون ۾ ڪيترائي عيب آهن، پر تون پنهنجو (شان، مرتبو) سڃاڻ (مون سان ان مطابق سلوڪ ڪر).

11

ساههُ وَٺِي وِئين سُپرِين، ڪَري قَزاقِي

دِلبَرَ دِل کَسي وِئين، يارَ ٿِئين ياڪِي

جاڙَ مون ضعيف سين تو جانِبَ ڏِسُ جا ڪِي

هِت بُتُ رهيو باقِي، تُون ساههُ وَٺِي وِئين سُپرِين. [436]

سمجهاڻي: اي محبوب، تون ڦورن ۽ لٽيرن وانگر زوري ۽ زبردستي منهنجي دل (جيئڻ واري ڪيفيت کسي) وئين. اي دلبر، تون دل کسي پوءِ بيپرواهه ٿي وڃي ويهي رهين. اي پيارا سائين، تون پاڻ ڏس ته هن ڪمزور سان تو ڪيڏا هاڃا ڪيا آهن (ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا ٿيندو جو)  هاڻي هتي صرف منهنجو خالي بوتو وڃي بچيو آهي، باقي منهنجو روح تون ڪڍي  ويو آهين.

12

ساجَنَ سِپَاهِي، آءٌ اَوهان جو آهِيَان

اچان ويلَ سَڀَڪَهِين وِجهان واجهائِي

لالَڻَ تو لائِي، کِينڪارِئَمَ کَرَن کي. [437]

سمجهاڻي: اي پيارا سائين، آءٌ ته توهان جو پهريدار (نوڪر ۽ غلام) آهيان، انهيءَ ڪري آءٌ (پنهنجي تسليءَ خاطر) هر وقت جهاتي پائي اچي توکي ڏسندو آهيان. اي لالڻ (پيارا پرين) آءٌ ته توهان جي خاطر رقيبن کي به ڀليڪار پيو چوندو آهيان.

[مثنويءَ ۾ عاشق جي ان حالت کي هن ريت بيان ڪيو ويو آهي:

راستي کن اي تو فخر راستان،

اي تو صدر و من درت را آستان.

(دفتر اول، ب- 1783)

معنيٰ: اي محبوب ناز و انداز جي بجاءِ مون سان سڌو سلوڪ ڪر. تون صاحب ۽ مالڪ آهين، آءٌ تنهنجي در تي نوڪر آهيان.]

13

تُون صاحِبزادو سُپرِين، آءٌ نِسورو نوڪَرُ

بيحَدَ ڪَريان بَندگِيون هَٿَ ٻڌي حاضُرُ

ڇِنان، هَڏِ نه ڇَڏيان، دوست تُنهنجو دَرُ

مُون تان مِهرِ نَظرُ، پرين لاههِ مَ پاهِنجو. [438]

سمجهاڻي: اي محبوب سائين، تون وڏي شان ۽ مان وارو صاحب آهين ۽ آءٌ نماڻي نوڪر وانگر آهيان، انهيءَ ڪري هر وقت هٿ ٻڌي حاضر بيٺي آهيان ۽ بي حساب خدمت چاڪري پيئي ڪريان. اي دلبر دوست، آءٌ اهو تعلق ٽوڙي نٿي سگهان ۽ نه ڪڏهن توهان جو در ڇڏي سگهان ٿي. (اي منهنجا مالڪ) تون پنهنجي اها مهربانيءَ واري نظر مون تان ڪڏهن نه کڻجانءِ! (اها منهنجي آخري التجا آهي).

[مثنوي روميءَ ۾ هن سلسلي ۾ هيءُ شعر ڏسي سگهجي ٿو:

تا  خيال  دوست  در  اسرار  ماست،

چاکري و جان سپاري  کار  ماست.

     (دفتر دوم، بيت- 2573)

ترجمو: جيستائين دوست جو خيال اسان جي دل ۾ آهي، ايستائين اسان جو ڪم ان جي خدمت چاڪري ڪرڻ ۽ پاڻ کي قربان ڪرڻ آهي.]

14

بَرُوي جي بانِي، ڪَنهن کان سِکئِين سُپِرين

آڻي ڏِيندَءِ هَٿَ ۾ مَسُ قَلمُ ڪانِي

حَرفُ پُڇندءِ هيڪَڙو ظاهِرُ زِبانِي

تَنِ اڳئان جانِي، ڪِهڙِي ڪَندين ڳالَهڙِي! [439]

سمجهاڻي: اي سهڻا سڄڻ، اهو ماڻن سان مارڻ جو ارڏائيءَ وارو انداز توهان کي ڪنهن سيکاريو آهي. (ليڪن اهو ڏينهن به جلد اچڻو آهي) جڏهن توکي هٿ ۾ مس قلم آڻي ڏيندا ۽ تنهنجي ان روش بابت ظاهري زباني پڇا ضرور ڪندا. اي جانب، تن جي اڳيان تون ڪهڙو جواب ڏيندين.

15

ڪِئان سِکئِين سُپِرِين، ڪاسائِڪي ڪارِ

تِکِي ڪاتِي هَٿ ڪَري، مُنِيءَ سِين مَ مارِ

چوري چاڪَ نِهارِ، ته سُورَنِ سانگهيڙا ڪَيا. [440]

سمجهاڻي: اي دلبر، تون اها ڪاسائين واري ڪهڻ جي ريت ڪيئن سکيو آهين. تون تکي ڪاتي هٿ ڪري مڏيءَ سان مون کي نه مار (ايڏو بي رحم ڇو ٿيو آهين). منهنجي زخمن کي چتائي ڏس ته ڪيئن سورن ۽ ايذائن گهاؤَ ڪري ڇڏيا آهن.

[رومي وري ٻئي انداز ۾ عاشقن کي خبردار ڪندي ساڳي ڳالهه ڪئي آهي:

دم دهد گويد ترا اي جان دوست،

تا چو قصابي کشد از گوشت پوست.

(دفتر دوم، ب- 258)

معنيٰ: هو توکي آسرو ڏيئي ’پيارا دوست‘ چوندو ۽ پوءِ ڪاسائيءَ وانگر تنهنجي کل ۽ گوشت لاهي وٺندو.]

16

اچِين جي هيڪارَ، مون سارِيندي سُپرِين

وَنِيُون وِهاڻا ڪَرِيان، هَنڌُ وِڇايان وارَ

ساجَنَ سَڀَ ڄمارَ، گولِي ٿِي گُذارِيان. [441]

سمجهاڻي: اي منهنجا پيارا، جيڪڏهن مون کي ياد ڪندي تون صرف هڪ ڀيرو مون وٽ اچي نڪرين ته آءٌ جيڪر پنهنجي اکين جي ماڻڪين کي وهاڻو ڪريان ۽ پنهنجا وار هنڌ ڪري وڇايان (جن تي تون ليٽي آرام ڪرين). او ساجن، (جڏهن تون اها مهرباني ڪندين) آءٌ سڄي عمر تنهنجي نوڪرياڻي ٿي گذارينديس.

وائي-1

وَٽان وَڃُ مَ مُون، منهنجو تُون هِينِ تُون

ڪونه سُڃاڻا ڪو ٻِيو، وٽان وَڃِ مَ مُون

مُون تَڏهانڪَرَ مَڃئو، جَڏهان ”ڪُن فَيَڪُون“

اُهکيءَ رَسِجُ اَحمَدا، اڳيان سوڙهِي ڀُون

اُتي رَسِجُ ڪارَڻِي، جِتي هُونگَ نه هُون

ڏِجِ ڪا لَپَ لَطِيفُ کي، طَهُورا مان تون. [442]

سمجهاڻي: اي منهنجا سڄڻ سائين، منهنجو  تون ئي تون آهين، مان ٻئي ڪنهن کي ڪونه سڃاڻان. الله جي واسطي مون وٽان نه وڃ (مون کي ڇڏي نه وڃ). مون تڏهن کان توکي مڃيو (ايمان آندو) آهي جڏهن ڪن فيڪون (قرآن جي آيت) لٿي، جڏهن الله تعاليٰ فرمايو، ’ٿيءُ پؤ هر شيءِ ٿي پيئي، (يعني روز ازل) جو آواز آيو هو. او مٺا مرسل محمد مصطفيٰ (صلي الله عليه وسلم) تون هن ڏکئي وقت ۾ اچي پهچ. آءٌ وڏي تڪليف ۾ آهيان ۽ اڳيان سوڙهي زمين (قبر) آهي. منهنجي واهر ڪرڻ وارا، اتي اچي پهچ، جتي ڪوئي ڪنهن جو سڏ نٿو ٻڌي (آءٌ بلڪل بيوس آهيان). اتي اچي عبداللطيف کي طهورا (پاڪ شراب) مان ڪو ٻُڪ ڀري پيار!

وائي-2

هاڻِ اِيندو، هاڻِ اِيندو

منهنجو سَڄَڻُ سائِين هاڻ اِيندو

نِماڻِيءَ جو نِجُهرو پاسي پاڻِ اَڏِيندو

مَٿان لَڪَنِ ساٿَڙو، صَحِيءُ سَلامتَ نِيندو

آڱُــرِ لائي اَنڌِيُون، نيئي وَسِينءَ ۾ وِجَهندو

مَهَندِ ٿيندو مُصطفيٰ، پُٺِيءَ لوڪُ لَنگهندو. [443]

سمجهاڻي: مون کي (وڏو آسرو آهي) ته هو ڄاڻ آيو، اجهو آيو، (بس!) منهنجو سڄڻ سائين اچڻ وارو آهي. هو مون نماڻيءَ مسڪين جو گهر پنهنجي پاسي ۾ ٺاهيندو. اُنهن ڏکين واٽن (گسن، پيچرن) تان هو پنهنجي سرواڻيءَ ۾ منهنجو قافلو صحيح سلامت وٺي  هلندو. آڱر هٿ ۾ ڏيئي انڌين (ڀٽڪيلن) کي دڳ لائيندو. (مون کي اميد آهي ته) حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم پاڻ اڳيان اڳيان هوندو ۽ باقي ٻيا سڀ سندس پوئتان لنگهي پار پوندا.

[مثنوي روميءَ ۾ انڌن محتاجن کي اڳتي ٽپائڻ جو اهو خيال هنن لفظن ۾ بيان ٿيل آهي:

پس بکش تو زين جهان بي قرار،

جوق کوران را قطار اندر قطار.

هين روان کز اي امام المتقين،

اين خيال انديشگان را تا يقين.

(دفتر چهارم، ب-1470 ۽ 72)

معنيٰ: (اي مٺا مرسل) تون ئي هن ناپائدار جهان مان انڌن جي ٽولين کي دڳ لائي اڳتي وٺي هل. اي سچن ۽ پرهيزگارن جا اڳواڻ، جيڪي شڪ شبهن ۾ ڦاٿل آهن، تن کي ايمان جي پڪ ۽ يقين ڏياري منزل تي پهچايو.]

 

داستان ٻيو

 

1

ڪَري ڪانگَ ڪُرِنِشُون پيرين پِرينءَ پَئيجُ

آءٌ جو ڏِيَئين سَنيهَڙو سو وِچ مَ وِساريجِ

لِلهِ لَڳِ، لَطِيفُ چَئي، ڳُجهو ڳالهائيجِ

چَوان تِيئن چَئيجُ، ته کيانتا خوشُ هوئين. [444]

سمجهاڻي: اي ڪانگ، سڀ کان (پهرين) سڄڻن جي آڏو حاضر ٿيڻ وقت ڪورنش (ادب سان جهڪي سلام) ڪجانءِ ۽ کيس پيرين پئجانءِ. (ان کان پوءِ) آءٌ جيڪي پيغام توکي ڏيان ٿو اهي (هرگز) واٽ تي وچ ۾ نه وسارجانءِ. عبداللطيف جي پارت اٿئي ته الله جي واسطي محبوب سان تمام هيٺانهينءَ، نوڙت ۽ رازداريءَ واري انداز ۾ (جيئن ٻيا نه ٻُڌن) ڳالهائجانءِ. مان جيئن توکي چوان، بلڪل ائين (ان ۾ ٿوري به گهٽ وڌائي نه ڪجانءِ) وڃي اُتي پيغام ڏجانءِ. تون سدائين سکي هوندين.

2

اُڏُءُ لَڳِ اَللهَ، ويلو ڪَرِ مَ وِچَ ۾

آءٌ جو ڏِيَئين سَنيهڙو سو سانڍِ بَرابَرِ ساهَ

سَندِي ڳُجهاندَرَ ڳاهَ، ڪَهِجُ مَ قَرِيبنِ ري. [445]

سمجهاڻي: اي ڪانگ، الله جي واسطي هاڻي جلد اڏري وڃ ۽ رستي تي وچ ۾ڪٿي ترسڻ جي نه ڪجانءِ. مان جيڪو پيغام توکي ڏيان ٿو انهيءَ کي دل سان سانڍي رکجانءِ، وسارجانءِ نه. جڏهن پياري پرينءَ وٽ پهچين ته خيال رکجانءِ ۽ مون واري ڳجهي ڳالهه منهنجي محبوب کان سواءِ ٻئي ڪنهن سان هرگز نه سلجانءِ!

3

آءُ اُڏامِي ڪانگِڙا، پارانڀا پَچارِ

ويهِي هِت وِصالَ جو تان ڪو تِـــرُ تَوارِ

جي ڏِٺَئِي ۾ ڏيسارِ، سي اُڏامِي آڻِ تُون. [446]

سمجهاڻي: اي ڪانگ، تون جلدي اڏامي اچي واپس مون وٽ پهچ ۽ پرينءَ کي پهچايل پيغام جو احوال ڏي. مون وٽ ويهي محبوب سان ملڻ جي ڪا ٿوري گهڻي ڳالهه ته ٻڌاءِ، بلڪ (جي وس پڄئي ته) اهي پرين جيڪي پرديس ۾ ڏسي آيو آهين، انهن کي اڏاري کڻي اچ!.

4

پارانڀا پَچارِ، مٿي لامَ لَطِيفُ چَئي

ڦيرِ مَ فَضِيلتَ تُون، جا ڪُرَ اَهِنجي ڪارِ

جي ڏِٺِئي ۾ ڏيسارِ، سي اُڏامي آڻِ پِرِين. [447]

سمجهاڻي: اي ڪانگ، تون منهنجي پرينءَ جا نياپا (سنيها) مٿي ٽاريءَ تي ويهي مون کي ٻڌاءِ. اها ئي تنهنجي خصلت آهي. تون ائين ڪر جيڪا اصل تنهنجي ريت آهي. تون اها عادت مٽائي خاموش ٿي نه ويهه. تون جيڪي محبوب پرديس ۾ ڏسي آيو آهين (جيڪڏهن تنهنجي وس ۾ آهي) ته انهن کي اڏامي کڻي اچ!

5

تَنِ جَنِي جِي تانگَ، سي سَڄَڻَ سَفَرِ هَلِئا

لَئِجُ لاتَ، لَطِيفُ چئي، ڪَڏهن اِيندَمِ، ڪانگَ

ڪَنہِ سَٽاڻي سانگَ، پِرِين پَرڏيهِي ڪِئا. [448]

سمجهاڻي: منهنجي اندر ۾ جن سڄڻن لاءِ انتظار آهي، اُهي سفر تي روانا ٿي ويا. اي ڪانگ، تون پنهنجي مٺڙي ٻوليءَ ۾ ٻڌاءِ ته اُهي سڄڻ وري واپس ڪڏهن ايندا. (مان سمجهان ٿو) ڪنهن ڳريءَ ڳالهه جي ڪري پرين پرديسي ٿي ويا آهن.

6

وَهَلو وَنءُ وَراءِ پِرِين، آءُ ڪانگا وَڻِ ويههُ

جَنِ ڏُورِ چِتايو ڏيههُ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين. [449]

سمجهاڻي: اي ڪانگ، تون هوڏانهن تمام تکو وڃ ۽ منهنجا پرين (ڪيئن به ڪري) واپس موٽائي وٺي اچ ۽ پوءِ اچي وڻ تي ويهه. جيڪي ڏورانهين ڏيهه وڃي پهتا آهن، انهن کي تون اُڏامي (پاڻ سان) وٺي اچ.

7

آءُ ڪانگا لَنئهُ لاتِ، وَهلو وَرُ وَراءِ پِرين

وِئَڙا جي وِلاتِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين. [450]

سمجهاڻي: او ڪانگ، اچ ۽ اچي مٺي ٻولي (لات) ڪر. سگهو موٽ ۽ منهنجي محبوبن کي واپس ورائي وٺي اچ. جيڪي پري ولايت وڃي نڪتا آهن، تون اڏامي انهن پرين کي پاڻ سان گڏ وٺي اچ.

8

تان ڪِين لَئِجُ ڪانگَ! ڪَڏهن ايندا مان ڳَري

سيڻَنِ ڪارَڻِ سانگَ، مُون تان گهَڻيئِي ڪِئا. [451]

سمجهاڻي: اي ڪانگ تون اها (خوشخبريءَ واري) ڳالهه اچي مون کي ٻڌاءِ ته منهنجا پرين منهنجي گهر ڪڏهن ايندا. (توکي خبر آهي) ته مون محبوب جي خاطر ڪيڏا نه حيلا هلايا آهن.

9

ڪانگَل سيئي ڪوٺِ، پِرِين جي پَرَڏيههَ ۾

جَنِي رِءَ جَهانَ ۾ اَکَڙِيُنِ اَروٺِ

لِلهِ لَڳِ لَطِيفُ چَئي ڪِج ڳاراڃو ڳوٺِ

جي ڏمرِئا ڪَنهن ڏوٺِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين. [452]

سمجهاڻي: اي ڪانگ، منهنجا پرين جيڪي پرديس ۾ آهن انهن کي ڪيئن به ڪري وٺي اچ، جن کان سواءِ هن جهان ۾ منهنجيون اکيون (روئي روئي) خشڪ ٿي ويون آهن (اکين جو پاڻي سُڪي ويو آهي). عبداللطيف چئي ٿو، الله جي واسطي منهنجي محبوب جي پاڙي ۾ پهچي وڏو روڄ راڙو ڪج (من کين ائين رحم پوي). هو الائجي ڪهڙي ڏوهه سبب ڪاوڙجي ويا آهن، تون اُڏامي کين وٺي اچ.

10

پِرين جي پَرديسَ ۾، تَنِ جِي ڪانگا ڪِجِ خَبَرَ

ته سَڀ مَڙهايان سونَ سِين پَکِي تُنهنجا پَرَ

گهُمِي مَٿان گهَرَ، ڏِجِ پارانڀا پِرِينءَ کي. [453]

سمجهاڻي: اي ڪانگا، منهنجو پرين جيڪو پرديس ۾ آهي جلد اڏري اوڏانهن وڃ ۽ سندن ڪا خير خبر آڻي ڏي ته آءٌ تنهنجا (خوشيءَ ۾) سڀئي کنڀ سون سان سينگاري ڇڏيان. تون جڏهن اُتي پهچين ته سندس گهر جي مٿان گهمي پوءِ منهنجا پيغام رسائج.

11

آءُ ڪانگا وَڻِ ويههُ، سُڌيون ڏي ساڻيههَ جُون

چڱا ڀَلا سُپرِين ڪِ سُک وَسي ساڻيههُ

پِرِينِ لَئي پَرڏيههُ، مون تان گهَڻو نِهارِئو. [454]

سمجهاڻي: اي ڪانگ، اچ ۽ اچي وڻ تي ويهه ۽ مون کي منهنجي پرينءَ جي ملڪ جون خبرون چارون ڏي: ”منهنجا پرين چڱا  ڀلا آهن، اُتي خوش آهن ۽ اُهو ملڪ سکيو ستابو آهي“. مان ته پنهنجي پرينءَ خاطر پرديس جون گهڻيون ئي پڇائون پيئي ڪريان.

12

ڪَرُ کَنيو ڪانگُ لَئي مُنِيءَ تي مَضبوطُ

آڻِئو ڏي آتَڻَ ۾ سَنيها ثابُوتُ

ڪانگَلَ اَٿهُون قُوتُ، پارانڀا پِرِينِ جا. [455]

سمجهاڻي: اڄ ڪانگ منهنجي اڱڻ ۾ کوڙيل ڪاٺيءَ تي ڄمي ويٺو آهي، ۽ ڪنڌ مٿي کڻي پيو هرهر لاتيون ڪري. هو وچ اڱڻ ۾ اچي ويٺو آهي ۽ محبوب وٽان ڪو پڪو پختو پيغام کڻي آيو آهي. اهي پرينءَ جا نياپا جيڪي تون منهنجي لاءِ کڻي ٿو اچين، سيئي منهنجو کاڌو ۽ پيتو آهن، منهنجوگذران انهن تي ئي آهي.

13

مَٿان مُنيءَ مُنهنجي ڪَنهِن اُڏايو ڪان

ڳِنِهي آيو ڳالَهڙِي سَندي سُپيرِيان

جيڏيُون جاڙ ڪِيان، سُئمِ هُوندَ سَنيهڙو. [456]

سمجهاڻي: منهنجي اڱڻ ۾ لڳل ٿوڻيءَ تي ويٺل ڪانگ کي الائجي ڪنهن اڏائي ڇڏيو. هو ته منهنجي سپرينءَ جا حال احوال ڪرڻ آيو هو. اي سرتيون، توهان مون سان قهر ڪري ڇڏيو، جو توهان مون کي پنهنجي پرينءَ جو سمورو پيغام ٻڌڻ ئي نه ڏنو.

14

ڏائي چَڙهِي ڏارَ تي ڪِين جو ڪانگَ ڪَهيو

سُورائِتيءَ سُورِ پَئِي پَهو پَٽِ هَنيو

کامِي اَرِٽُ کَنيو، ويچارِيءَ وِرُونههَ کان. [457]

سمجهاڻي: وڻ جي کٻي ٽاريءَ تي ويهي ڪانگ اهڙي ڪا ٻولي ڪئي بدخبر آندي جو ان محبت جي سورن جي ماريل اها درد ۽ پيڙا واري خبر ٻڌي پنهنجي هٿن واري ڪپهه جي پوڻي کڻي زور سان پٽ تي اڇلائي. لاچار ٿي هوءَ سورن جي ساڙيل عورت آتڻ واريءَ جاءِ تان اٿي چرخو کڻي رواني ٿي.

15

ڏائي چَڙهِي ڏارَ تي زاغُ ڪَري زاريُون

آڻِيو ڏِئي آتَڻَ ۾ سَنيها ساريُون

ماٺِ ڪريو ماريُون، ته ڪَهيو سُڻيان ڪانگَ جو. [458]

سمجهاڻي: ڪانگ کاٻي پاسي واري ٽاريءَ تي ويهي زور زور سان دانهون ڪري ڪي ڏک درد واريون ڳالهيون پيو ٻڌائي ۽ اهي سڄڻ جا سربستا سنيها ساري سنڀاري پيو ٻڌائي. اي ماريون (عورتن جي ڳالهاءُ جو خاص انداز) توهين چپ ته ڪريو ته ڪانگ جيڪي ڪجهه چوي ٿو اهو آءٌ (چڱيءَ ريت) ٻڌي سگهان.

16

ڏائي چَڙهِي ڏارَ تي، ڪا جا لاتِ لَتِي

آتَڻَ مَنجهه اَندوههُ ٿِئو، سَگهي ڪانَه ڪَتِي

ويڙهي مَنجههِ وَتِي، ڪِين جو ڪانگَ ڪَمائِيو. [459]

سمجهاڻي: ڪانگ کاٻي ٽار تي  چڙهي اهڙي (دکدائڪ) ڪا دلسوز ٻولي ڪئي، جو اُن جي ٻڌڻ سان ڏک ۽ غم وارو سمان ڇانئجي ويو، ۽ پوءِ آتڻ ۾ ڪابه عورت ڪتي نه سگهي. هيءُ سورن ۾ ورتل عورت به اندر ٻين گهرن ۾ گهڙي ويئي ۽ ڪانگ واري سڄي ماجرا هر ڪنهن کي ٻڌائيندي رهي..

17

ڪِين جو زاغَ زبانَ سِين لَيو مَٿي لامَ

پَهُچايائِين پِرِينِ جا سَرتِيون اَڄُ سَلامَ

ڪاڪِيُون ڪَتي ڪامَ، ته ڪَهيو سُڻِيان ڪانگَ جو. [460]

سمجهاڻي: اڄ ڪانگ وڻ جي ٽاريءَ تي ويهي پنهنجي زبان سان جيڪو ٻوليو ۽ مون کي پنهنجي پرينءَ جا سلام اچي ڏنائين. اي اديون، (ڪجهه دير لاءِ) توهين ڪتڻ بند ڪريو (چرخي جو آواز بند ڪريو) ته آءٌ ڪانگ جي پيرائتي ڳالهه (دل سان) ٻڌي وٺان.

18

اَنگهِئان هيٺِ نه اُلَهِي، ڪان ڪان ڪانگُ ڪَري

پِريان سَندي پارَ جي ڪانگَلَ ڳالَهه ڳَري

پَٽِ نه پيرُ ڌَري، اُڀو چَئي ’آيا پِرين‘.[461]

سمجهاڻي: ڪانگ (اڱڻ ۾ کتل منيءَ جي) انگهن (شاخن) تي چڙهيو ويٺو آهي، اُنهن تان هيٺ ئي نٿو لهي ۽ ويٺو ڪان ڪان ڪري. ڪانگ وٽ پرينءَ جي پار جي ڪا خاص خبر آهي جو هيٺ پٽ تي به ڪونه ٿو لهي. اتي ئي ويٺو آهي ۽ چوي پيو، (دل نه لاهيو) پرين اجهو آيا، ڄاڻ آيا.

19

آءُ ڪانگا ٻَههُ ڪولِ، سُڌِيُون ڏي ساڻيههَ جِيُون

آَندَءِ جي عَجِيبَنِ جا سي خَطَ خوشيءَ سِينِ کولِ

آءٌ سُڻِيان، تون ٻولِ، سَنيهو سَڄَڻَ جو. [462]

سمجهاڻي: اي ڪانگل اچ ۽ اچي ويجهو ويهه ۽ منهنجي پرينءَ جي ديس جون سچيون ۽ کريون خبرون ڏي. تون جيڪي محبوب جا خط (پيغام، نياپا) کڻي آيو آهين، اهي ويهي خوشيءَ سان کولي ٻڌاءِ (ته منهنجي محبوب ڇا لکيو آهي). تون ويٺو رڳو ٻول ته جيئن آءٌ ويٺي سڄڻن جا سنيها ٻڌان.

20

اچئو اچئو پُونِ، واڪا ڪِئو وَڻَنِ ۾

سَنيها سيڻَنِ جا، چوٽِيءَ چَڙِهئو چُونِ

ڪانگَ نه ڪُوڙا هُونِ، پِريان سَندي پارَ جا. [463]

سمجهاڻي: ڪانگ (ولرن جا ولر) اڏامندا ۽ (ڪان ڪان جو) گوڙ شور ڪندا، اچيو وڻن تي ويهن. (ڪانگ پنهنجي عادت موجب) وڻن جي چوٽيءَ تان ويٺي ويٺي محبوب جا پيغام پيا پهچائين. اهي پرينءَ جي پار جا ڪانگ (قاصد) ڪڏهن به ڪوڙا نه ٿيندا آهن.

21

ڪانگَلَ تُنهِنجِيءَ چانگَ، جَڏو جِيءُ جِياريو

مٿان لامُنِ لَتَ ڏِئو ٻولِينِ سِر ٻيلانگَ

اُڏُءُ مٿان ڦانگَ، ”کَرَ جاوَنِ، آوَنِ پِرينِ.“ [464]

سمجهاڻي: اي ڪانگل، تنهنجي مٺڙي ڊگهي لات منهنجي بيمار بدن کي تازگي ڏيئي ڇڏي آهي. تون مرضي پويئي ٿي ته وڻ جي لامن کي ڇڏيو وري اچيو ٻه ڇانگي ٿوڻي تي ويهي ٻولين. اي (پيارا) ڪانگ (هاڻي جلدي ڪري) انهيءَ ڇانگ تان اڏر (مان سوڻ ڪيان ٿي) ’غير وڃن ۽ پنهنجا پرين اچن.‘

21

ڪانگَلَ نيئِي ڪانگَ، منهنجي ڏي محبوبَ کي:

لالَڻ لايَئِي ڏينهَڙا، ڪَنهن سَٽاڻي سانگَ

اوهان  رِيءَ  اَڻانگِ،  ويٺي  وِرِههُ  وَسائِيَان. [465]

سمجهاڻي: اي ڪانگل، منهنجو هيءُ ڊگهو نياپو (خط) منهنجي سڄڻ کي وڃي پهچاءِ (منهنجي طرفان هيئن چئجان) اي سڄڻ سائين! تو ڏاڍا ڏينهن لائي ڇڏيا (شايد ڪو) ڪنهن ڊگهي سفر تي نڪري ويو آهي. اوهان کان سواءِ آءٌ سخت تڪليفن ۾ آهيان ۽ وڇوڙي جا ڏکيا ڏينهن (جيئن تيئن ڪري) پيئي گذاريان.

23

ڪانگا ڪِتابَتَ جي آندِيَئِي خُوبُ خَبَرَ

لَسَ تَنهِين ۾ لِکِئا دِلاسا دِلبَرَ

هِنيَڙو مون هَرَ هَرَ، وانچِئو وانچِئو وِندُري. [466]

سمجهاڻي: اي ڪانگ، تو خط لکڻ واري (منهنجي پرينءَ) جي (اڄ) ڏاڍي سٺي خبر آندي آهي. منهنجي دلبر دوست ان ۾ منڍ کان پڇاڙيءَ تائين وڏا دلاسا ۽ آٿت ڏنا آهن. منهنجو من انهيءَ خط کي هر هر ڏسيو ۽ جانچيو پيو خوش ٿئي.

24

زاغَ تُنهِنجيءَ ذات جو ٿورو مٿي مُون

اُڏامِجِ عَبداللطيفُ چَئي صُبحِ سيڻَن ڏُون

ڪِجِ وينِتِيُون وِتَريون ٻاجهائيجِ ٻَهُون

ته: لالَڻَ ڪونه لَهُون، جِهو تو جَهَان ۾. [467]

سمجهاڻي: اي ڪانگ، منهنجي مٿان تنهنجو ذاتي طور وڏو احسان آهي. عبداللطيف چوي ٿو ته تون صبح جو سويل منهنجي دوست ڏانهن اڏامي وڃجانءِ، اتي وڃي تمام گهڻيون آزيون نيزاريون ڪجانءِ ته جيئن من کين روح ۾ رحم پوي ۽ مهربان ٿين. اهو پڻ چئجانءِ ته اي سڄڻ سائين، تو جهڙو ٻيو (ٻاجهه وارو) پيارو محبوب سڄي جهان ۾ ڪونه ٿو سُجهي.

25

قَرِيبَنِ جو ڪانگَڙو مٿي ٽارِ ٽِلي

کَڻِئو کيانتو خَبَرُون کِيرُون ڏِيو کِلي

لائِي جَنهن لالَڻَ سان منهنجِي باتِ بَلي

سو چشِمَن تي چَلي، جو دَرِبارِي دوستَ جو. [468]

سمجهاڻي: محبوب وٽان آيل پيارو ڪانگ وڻ جي ٽارين جي مٿان پيو هيڏانهن هوڏانهن ناز مان ڦڙڪيون هڻي. هو خوشيءَ جون خبرون کنيو واڌايون پيو ڏئي ۽ پاڻ به خوشيءَ ۾ نٿو ماپي. ان سدوري ڪانگ منهنجي محبوب جي واهه واهه جهڙي ڳالهه ٻڌائي آهي، اهو بيشڪ منهنجي اکين تي ويهي گهمي (پير ڏئي) جيڪو منهنجي دوست وٽ ايندڙ ويندڙ آهي.

26

ڪَڍي ڪانگا تو ڏِيَان، هِنيُون ساڻُ هَٿَنِ

وڃي کاءُ وِلاتَ ۾ اڳيان عَجِيبَنِ

پِرين مانَ چَوَنِ، ته هيءُ قُربانِي ڪيرُ ٿِئو. [469]

سمجهاڻي: اي ڪانگ، مان توکي پنهنجي هٿن سان پنهنجو هنيانءُ ڪڍي ٿو ڏيان، تون (قرب ڪري) اهو پرديس ۾ جتي منهنجو محبوب آهي، انهن جي اڳيان وڃي کاءُ. ممڪن آهي ته منهنجا پرين اهو (لقاءُ) ڏسي ايترو پڇي وجهن ته اها قرباني ڪنهن ڪئي؟ (منهنجي لاءِ پرينءَ جو ايترو پڇڻ تمام وڏي ڳالهه آهي).

27

ڪانگَلَ ڪوهُ ٿِيوءِ، جِئَن پِئو آهِين پَٽَ ۾

اَڳُ اُسَ تِڙڪو نه سَهِين، اَڄُ سارو ڏينہُ سَٺوءِ

پَسِي حالُ سَندوءِ، ڪانگنِ ڪانگيرو ڪَيو. [470]

سمجهاڻي: اي ڪانگل، اڄ توکي ڇا ٿيو آهي، جو پٽ تي ڪريو پيو آهين. هونئن ته ٿوريءَ دير لاءِ به تپندڙ اُس به سهي نه سگهندو آهين، پر اڄ سارو ڏينهن ائين اُس ۾ پئي گذري ويو اٿئي. تنهنجو اهڙو مُئل ڪانگ جهڙو حال ڏسي ڪيترا ساٿي ڪانو اچي مڙيا آهن ۽ ڪان ڪان ڪري مٿان پيا لامارا ڏين.

28

هُئين وَسِيلو وِچَ ۾ ڪانگل پارِيئه ڪانَه

اُتَئه ڪِينَ عجِيبَ کي ظاهِرُ ساڻُ زَبانَ

توڙِ پَهُتين تانهَ، اورِيائِين آڻِئو ڏِيين. [471]

سمجهاڻي: اي ڪانگ، تون دلبر دوست ۽ منهنجي وچ ۾ ڳانڍاپي جو ذريعو هئين پر تو پنهنجي پت نه پاڙي. (منهنجو گمان آهي ته) تو منهنجي محبوب کي منهنجا پيغام پنهنجيءَ زبان سان چڱيءَ طرح کولي بيان نه ڪيا (بلڪه تو ويساهه گهاتي ڪئي). تون وٽس پهچين ئي ڪونه پيو ۽ اورتي وچ واٽ تان ئي موٽيو مون کي (ڪوڙا) پيغام آڻي ٿي ڏنئي!.

29

پِريان سَندي پار جو ڪانگُلُ نه ڪُوڙو

اَچي وَڃي وِچ ۾ مَٿي دَرَ دُوڙو

جو اَندَرِ اوسيڙو، سو لاٿائين لَطِيفُ چَئي. [472]

سمجهاڻي: پرينءَ جي پار جو ڪانگل (قاصد) ڪڏهن به ڪوڙو نٿو ٿي سگهي. اهو ڪانگ دادلو بنجي پرين ۽ اسان جي وچ ۾ پئي آيو ويو (پيغام پئي آندائين ۽ نيائين). عبداللطيف چوي ٿو ته هن پاڻ منهنجي اندر وارو انتظار ختم پئي ڪيو.

30

آندِيَمِ ڪانگَ قَرِيبَ جيون، اَڄُ واڌايُون واهَ

مَنَ مُرادوُن پُنِيُون، ٿِيُون سَرَهايُون ساهَ

آندا پِرين اَلله، سَڏَ منهنجا صابَ پِيا. [473]

سمجهاڻي: اڄ ڪانگ منهنجي دوست وٽان واهه جون خوشيءَ واريون سٺيون خبرون کڻي آيو آهي. هاڻي منهنجي من جون مُرادون پوريون ٿيون ۽ دل کي گهڻي خوشي حاصل ٿي آهي. الله سائين، منهنجا پرين مون وٽ آندا آهن، (مون سان ملايا آهن) ۽ منهنجا سڏ (عرض) قبول پيا آهن.

31

وِئو ڪانگُ لَئِي، واڌائي وِصالَ جِي

اِجهي سَڄَڻَ آئِيا وَڏي ٺاههِ ٺَهي

وَيَتَ سَڀ وَئِي، سيڻَ سَلامتَ آئِيا. [474]

سمجهاڻي: اڄ ڪانگ (سڄڻ سان) ملڻ جي خوشخبري ٻڌائي ويو آهي، ڄاڻ ٿوريءَ دير ۾ سڄڻ سهي سنڀري (سينگار ڪري) اچڻ وارا آهن، هاڻ سموري اُڻتڻ توڻي انتظار ختم ٿي ويو، جو منهنجا سڄڻ سلامتي سان اچي پهتا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org