سيڪشن: لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب:

صفحو:12 

سُر کنڀات

داستان پهريون

 

1

پيشانِيءَ ۾ پِرينِءَ جي، ڀَلائِيءَ جا ڀيرَ

اَڱڻ اُڪَنڊِيَنِ جي ڏِئي پاٻوهي پيرَ

قَمَرُ پاڙي ڪَيرُ، شَمسُ سُپيرِينِ سِين. [322]

سمجهاڻي: منهنجي محبوب جي پيشانيءَ ۾  ڀلائي ۽ چڱائيءَ جا نشان  چٽا ۽ پڌرا آهن. هو پنهنجن سڪ وارن وٽ قرب ڪري پاڻ اچي پير گهمائن ٿا. منهنجي محبوب (جي حسن) سان چنڊ ۽ سج کي ڪير برابر ڪري سگهي ٿو؟ (هن جي سونهن جو ڪو مثال ڪونهي!)

[مثنويءَ ۾ سج ۽ چنڊ کي محبوب سان تشبيهه ڏيئي، انهن کي گهٽ ڏيکاريو ويو آهي:

اي مـﮧ تابان چه  خواهي گرد  کرد،

اي که خور درپيش رويت روي زرد.

          (دفتر پنجم، ب-3572)

معنيٰ: اي چمڪندڙ چنڊ توکي هيءُ اُڏامندڙ مٽي ۽ ڌوڙ ڇا ڪندي؟ تنهنجي مبارڪ چهري جي آڏو سج پاڻ پيلو ٿي پوي ٿو.]

2

ڀَلا ڀَلائِيءَ پانهِنجي ڀَلا ئِي آهينِ

سَٻاجها سِرِ چَڙهي ڏوراپو نه ڏِينِ

مان ڏي مَديُون ٿِينِ، سَڄَڻَ سَڄَايِنِ ۾. [323]

سمجهاڻي: منهنجا محبوب پنهنجي سر يا پنهنجي ليکي پاڻ ڀلا آهن (هو سراپا نيڪي ۽ خير آهن). هو اهڙا نرم سڀاءُ جا آهن، جو ڪڏهن مُنهن سامهون ڪاوڙ ڪري ڪنهن قسم جي رنجش نٿا ڏيکارين. سڀ اوڻايون ۽ گهٽتايون مون ۾ ئي آهن، پر هو هر لحاظ سان منهنجي خيرخواهي ۽ ڀلائي گهرن ٿا.

3

ڌَڻِي ڪَرِيندهن ڪَڏهِين حَياتيءَ هيڪاند

مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جي ڪِي رَنجائي راندِ

پِرِين ڏيساندَرَ پاندِ، ڳُجههُ ڳَرِهيَان ڪَنِ سِين. [324]

سمجهاڻي: اي مالڪ سائين، تون ڪڏهن هن حياتيءَ ۾ محبوب سان ملائيندين، عاشقن جي اندر ۾ سور ۽ درد جي راند زور وٺندي پيئي وڃي. منهنجا پرين مون کان گهڻو پري پرديس ۾ آهن، آءٌ ڪنهن سان ويهي پنهنجي دل جو حال بيان ڪريان.

4

هيڪاندِيءَ هوئِي، پِرِين پاڻان هَلِئَا

ڪِبو ڪُہُ روئِي، پُوندو سانگُ سَڀَڪَهِين. [325]

آءٌ پرينءَ سان گڏ هيس جو هو پاڻ (مون کي ڇڏي) هليو ويو، هاڻي روئڻ مان ڇا ورندو. اهڙي جدائي ته هر ڪنهن کي ضرور برداشت ڪرڻي آهي.

5

مَرُ هيڪاندا هُون پِرِين، سانگِ مَ وَڃنِ سيڻَ

رَهيا آهِينِ رُوحَ ۾ نِتُ تَنِي جا نيڻَ

جَنِ وِمَاسِئا ويڻَ، ٿو تارِيءَ تَنِ تَڳي هِنيُون. [326]

سمجهاڻي: شال پرين مون سان هميشه ساڻ (گڏ) هجن ۽ ڪڏهن به پري پرديس نه وڃن. منهنجو روح جن جي موهيندڙ اکين کي پيو سدائين ساري ۽ سنڀاري، جن سڄڻن جا سخن سدائين ساهه کي سيباڻل آهن (جن جي ڳالهاءُ ٻڌڻ جي اُڻ تُڻ آهي) منهنجي دل تن جي آسري پيئي  جيئي.

6

کِلان تان کامي هِنيُون، جي رُئان تان راندِ

جهَليان جهِيڻو نه ٿِئي جو جرُ نيڻِين پاندِ

اَکَڙِيُون ويساندِ، پِرينءَ گَڏِجِي ڪَندِيُون. [327]

سمجهاڻي: (عاشق جي جدائيءَ واري ڪيفيت) آءٌ (محبوب کان سواءِ)  کلان ٿو ته ڄڻ اندر پيو سڙي ۽ ٻري ۽ جيڪڏهن روئان ٿو ته اهو ٻين کي راند ٿو لڳي. منهنجي اکين ۾ جيڪو پاڻي ڀرجي اچي ٿو، آءٌ ان کي روڪڻ جي گهڻي  ڪوشش ڪريان ٿو، پر اهو ڪنهن به طريقي سان گهٽ نٿو ٿئي. هاڻي منهنجون اکيون روئڻ کان تڏهن بس (آرام) ڪنديون، جڏهن وري محبوب جو ديدار ڪنديون.

7

مُون جَنِي لاءِ، ڪِئا چاريڪا نيڻين

سَٻاجهي سيڻين، ڪَري ڳُڻَ ڳَهِيو هِنيُون. [328]

سمجهاڻي: مون پنهنجي اکين ۾ جنهن سڄڻ لاءِ گس ۽ واٽون پئي ٺاهيون، انهيءَ مهربان سڄڻ وري اها چڱائي ڪئي جو مورڳو منهنجيءَ دل کي پاڻ وٽ ڳهه رکي ڇڏيائين يا پاڻ وٽ سوگهو ڪري ڇڏيائين.

8

اَڄُ اَچَڻَ ويرانِ، جاڳو نيڻَ مَ سُمَهو

رِڪَابين پيرانِ، واڳين مٿي هَٿڙا. [329]

سمجهاڻي: اي اکيون، اڄ (رات) جاڳو ۽ هرگز ننڊ نه ڪريو، جو محبوب جي اچڻ جي مهل ٿي آهي. (منهنجي دل ٿي چوي ته) محبوب گهوڙي جي رڪيب ۾ پير وڌا آهن ۽ واڳون سندس هٿن ۾ آهن.

9

هِنيَڙي سَڄَڻَ سارِئا ڪِٿي هُوندَمِ هيرَ

اَچِي لالَڻَ نه ڏيين مَٿي پَلنگَنِ پيرَ

ٿِي وِرُوهَڻَ ويرَ، ڳُجُهه ڳَرِهِيَان ڪَنِ سِين. [330]

سمجهاڻي: منهنجي دل محبوبن کي ياد ڪيو آهي، اهي هن وقت الائجي ڪٿي هوندا. اي پرين هيڏانهن ڇو ڪونه ٿو اچين ۽ اچي پلنگن تي پير ڏئين. هينئر توکي پنهنجو نويڪلو حال ٻڌائڻ جو وقت اچي   ٿيو آهي. (پر تون جو هت نه آهين) آءٌ اندر جا اهي احوال ۽ ڳجهيون ڳالهيون ڪنهن کي ٻڌايان.

10

اَڱڻِ آيا نه سَهان، ويٺي گهَرِ گهُرانِ

مُنہَ مُقابِلِ سُپِرين پَسئو ٿِي پُڇانِ

وارُ نه سَهان وِچ ۾ اَڃان دَرِ مَيَانِ

ڳَرَا مَنجههِ ڳُڻانِ، پِرِين وِجهان پيٽَ ۾. [331]

سمجهاڻي: منهنجا پرين منهنجي گهر پاڻ هلي اچن (سندن اها تڪليف مون کان برداشت نٿي ٿئي) آءٌ کين سندن گهر ويٺي ئي پيئي چاهيان ۽ ياد ڪريان. وري جڏهن پرين منهن سامهون  ٿين ٿا ته کين ڏسي سندن حال احوال پيئي پڇان. آءٌ سندس ۽ پنهنجي  وچ ۾ وار جيتري وٿي به نٿي سهي سگهان.  منهنجا پرين پنهنجن ڳڻن ۽ ڀلاين جي ڪري ايترا ڀلا  آهن جو پيٽ ۾ وجهي سانڍڻ جهڙا آهن.

11

چَنڊَر ميرائِيءَ سُپِرِين، کارا جِهڙا کيرَ

ڪَڙا گهاءَ ڪيوڙِي، آنڪا گهاءَ عَبِيرَ

ساڄَنُ ڀَريو ڌِيرَ، مَنان مُورِ نه وِسرِي. [332]

سمجهاڻي: منهنجا پرين چنڊ جهڙا روشن ۽ سهڻا آهن ۽ کير جهڙا خالص مٺا آهن. ڪيوڙي جي ڦل جهڙا خوشبودار ذائقي  وارا آهن ۽ عنبر جهڙي (عجيب سرهاڻ) وارا آهن. منهنجو سڄڻ وڏيءَ  ڌيرج وارو آهي، هو مون کان دل تان ڪڏهن نٿو لهي.

12

هُنَ تاري هُنَ هيٺ، هُتِ مُنهنجا سُپرِين

سَڄَڻَ ماکِيءَ ميٺِ، ڪَوڙا ٿِينِ نه ڪَڏهِين. [333]

سمجهاڻي:  (رات جو آسمان ڏانهن ڏسڻ وقت عاشق جي ڪيفيت) منهنجا محبوب هِن تاري يا هُن تاري هيٺ آهن يا هتي هن ٻئي هنڌ (ستل) آهن.  منهنجا سڄڻ سدائين ماکيءَ جهڙا مٺا آهن. اهي ڪڏهن ڪوڙا ٿين  ئي ڪو نه!

13

هُنَ تاري هُنَ هَنڌِ، هُت مُنهنجا سُپرِين

سَڄَڻَ ماکِيءَ مَنڌِ، ڪَوڙا ٿِينِ نه ڪَڏهِين. [334]

سمجهاڻي: منهنجا سڄڻ هن تاري هيٺ آهن يا هن هنڌ ٻئي تاري هيٺ آهن يا اڃا گهڻو پري ڪنهن ٻئي تاري هيٺ (آرام ۾) آهن. منهنجا سڄڻ ماکيءَ جي  رس جهڙا مٺا آهن ۽ هو ڪڏهن به ڪوڙا ٿيڻ وارا نه آهن. (ڏک ڏيڻ وارا ناهن).

14

هُنَ تاري هُنَ جاءِ، هُت مُنهنجا سُپرِين

سَڄَڻَ ماکِيءَ ساءِ، ڪَوڙا ٿِينِ نه ڪَڏَهِين. [335]

سمجهاڻي: منهنجو پرين هن تاري هيٺ ۽ هن جاءِ تي آهي. منهنجو سپرين (پڪ) اتي ئي آهي. اهي سڄڻ جيڪي ماکيءَ جهڙا مٺا آهن، سي ڪڏهن به ڪوڙا ٿيڻا نه آهن. (رنج ٿيڻ وارا ناهن).

15

هُن تاري هُنَ رُوءِ، هُتي مُنهنجا سُپِرِين

سَڄَڻَ کَٿُورِيءَ بُوءِ، مون کي مُورِ نه وِسرِئا. [336]

سمجهاڻي: منهنجو پرين (آسمان ۾ کڙيل) تاري جي چٽائي (سهائيءَ جهڙو آهي) ۽ هتي هن هنڌ آهي. منهنجو سپرين جيڪو کٿوريءَ جي خوشبوءِ ۽ هٻڪار وارو آهي، تنهن کي آءٌ هرگز وساري نٿو سگهان.

16

هُن تاري هُنَ لامَ، هُتي مُنهنجا سُپِرِين

سُهڻي مَنجههِ سَلامَ، مون ڏي مُڪا سَڄَڻين. [337]

سمجهاڻي: منهنجو سڄڻ هن تاري هيٺ يا اُن جي سِڌ ۾ ان هيٺ ڪٿي آهي. هن سهڻي سڄڻ مون کي (خواب ۾) سلام موڪليا آهن (هو مون کان ننڊ ۾ به وسرڻ وارو ناهي).

17

تارا تيلِي- رُوءِ، تو ڏَنہَ گهڻو نِهَارِيَان

جانِبُ جَهِين جُوءِ، تُون تيڏاهِين اُڀِرِين. [338]

سمجهاڻي:  اي سائيرڙي- نيرڙي رنگ وارا چمڪندڙ تارا، آءٌ توڏانهن گهڻو پيو نهاريان. (تو مان اک ئي نٿو ڪڍان) ڇاڪاڻ جو (منهنجو گمان آهي) تون ان طرف اڀرين ٿو جنهن طرف منهنجو محبوب آهي.

18

تَارَا تيلِيءَ رُوءِ، لُڌَا لالَ! نه اُڀِرِين

جِهڙو تون صُبُوحِ، تِهڙي صافِي سَڄَڻين. [339]

سمجهاڻي: اي سائي نيري رنگ وارا تارا، تون لُڌي تاري وانگر سرخي مائل، جيئن اهو صبح جو اڀرڻ وقت وڌيڪ چٽو ۽ سهڻو هوندو آهي، تيئن ڇو نٿو اڀرين! (توکي خبر آهي) جڏهن صبح جي وقت تنهنجي چمڪ ۽ دمڪ صاف ۽ چٽي هوندي آهي، منهنجي محبوب جي صورت پڻ ساڳي تو جهڙي آهي.

19

تارا! تيلاهِين، تو ڏانہَ گهڻو نِهارِيان

سَڄَڻَ جيڏَاهِين، تون تيڏاهِين اُڀِرِين. [340]

سمجهاڻي: اي تارا، آءٌ توڏانهن گهڻو پيو  گهوريان، هر هر پيو ڏسان ۽ نهاريان. اهو انهيءَ ڪري جو جنهن پاسي منهنجو سڄڻ آهي، تون ان پاسي يا طرف کان اڀرندو آهين. (منهنجو گمان آهي ته تون به سندس عاشق آهين.)

20

تارا تِرَ تِروکڙيون مَٿِنِ ڦُلَڙِيُون

وَرُ سي راتَڙِيُون، جي مان اورِيُون پِرينءَ سِين. [341]

سمجهاڻي:  (آسمان ۾ ننڍا وڏا چمڪندڙ تارا ڏسي عاشق پنهنجي محبوب کي ياد ڪري ٿو.) منهنجي محبوب جي جسم تي تر ۽ هٿ سان ٺاهيل ننڍڙا تر (تروکڙيون) آهن جيڪي ڦلڙين مثل چمڪندا نظر ايندا آهن. شال اهي راتيون وري موٽي اچن، جيڪي مون پنهنجي پرينءَ سان گڏ گذاريون، ساڻن دل واريون ڪچهريون ڪيون، هڪٻئي کي پنهنجو حال احوال ٻڌايو.

21

تارا تَرارِيُون، نيزا نيڻَ پِرِينِ جا

هَڻَنِ مُنہَ پارِيُون، سانگو ڪَنِ نه ساههَ جو. [342]

سمجهاڻي: منهنجي محبوب جي اکين ۾ ايڏو رعب ۽ تاب آهي، جهڙيون تکيون تراريون. سندس اکين جي نظر  نيزن جهڙي تيز (گهائيندڙ) ۽ تکي آهي. هو جڏهن پنهنجون نظرون منهن سامهون کڻي ٿو  ته اهي ساهه جو سانگو يا لحاظ ڪو نه ٿيون ڪن (ڀل ته سندن تاب نه سهڻ ڪري ڪو گذاري وڃي).

22

اُونداهِي اَڌ راتِ ۾، پِرينِ پَسايو پاڻُ

چَنڊرُ ڪَتِين ساڻُ، پيهِي وِئو پَڙِلاوَ ۾. [343]

سمجهاڻي: اڌ رات جي اونداهيءَ ۾ جڏهن محبوب پنهنجي سونهن جو جلوو ڏيکاريو ته (حسن جي انهيءَ زوردار تجلي ۾) چنڊ ۽ تارا سڀ ڍڪجي (غائب ٿي) ويا.

[مثنويءَ ۾ پڻ محبوب ۽ چنڊ جو گڏيل ذڪر ڪيترن هنڌن تي ملي ٿو. هڪ هنڌ چوي ٿو:

بي تو مارا بر فلک تاريکي است،

باتو اي ماه اين فلک باري کي ست.

(دفتر اول، ب- 587)

معنيٰ: اي (سونهن جا چنڊ) توکان سواءِ سڄو آسمان اونداهو آهي. پر اي چنڊ، تنهنجي مقابلي ۾ هي آسمان ۽ نکٽ ڇا ٿيندا آهن؟ (انهن جي ڪهڙي مجال آهي!)]

23

کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، ڪِئائُون نازَ نَظَرُ

سُورِجَ شاخُون جهُڪِيُون، ڪُومَاڻو قَمَرُ

تَارا ڪَتِيُون تائِبَ ٿِئا، ديکِيندي دِلبرُ

جهَڪو ٿِئو جوهَرُ، جانِبَ جي جمالَ سِين. [344]

سمجهاڻي: منهنجي محبوب جڏهن ڳاڙهين ڳوڙهين خماريل اکين سان ناز ڀري نگاهه وجهي نهاريو ته سج جي نڪرندڙ ڪرڻن مان نور گهٽجي ويو ۽ چنڊ ته (بلڪل) ڪومائجي ۽ وسامجي  ويو. تارا ۽ ڪتيون توڻي آسمان جا ٻيا نکٽ، محبوب کي ڏسڻ شرط پشيمان ٿي تابعدار ٿي پيا. منهنجي حبيب جي حسن ۽ـ جمال  ظاهر ٿيڻ سان هيرن جواهرن جي اها جوت (روشني) به گهٽجي ويئي.

[گهڻن شارحن جي چوڻ موجب هيءُ بيت رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ چيل آهي. روميءَ مثنوي ۾ هن ريت خراجِ عقيدت پيش ڪيو آهي:

آفتاب حق بر آمد از حجل،
زير چادر رفت خورشيد از خجل،
نور مردان مشرق و مغرب گرفت،
آسمانها سجده کردند از شگفت.

(دفتر ششم، 2069 ۽ 2070)

معنيٰ: جڏهن حق جو سج ڇپرکٽ منجهان نمودار ٿيو ته هيءُ ظاهري سج شرمندگيءَ وچان چادر هيٺان لڪي ويو. (سندن صدقي ۾) الله وارن جي روشني مشرق ۽ مغرب تائين پهچي ويئي. آسمان جا نکٽ عاجزيءَ ۽ نوڙت وچان جهُڪي پيا.]

 

وائي-1

 

اَڱڻِ آيامِ پيهِي، يا اَللهَ!

مُون سارِيندي سُپِرِين

مُشڪُ عَطُر مُون پِرين، سِڪيَسِ ڄَمُ سَڀوئِي

ساههُ جَني جو سيڪِڙُو، رُوحَ تَنِي ساڻُ ريهِي. [345]

سمجهاڻي:  يا الله، (تنهنجو احسان) منهنجا سڄڻ مون کي ياد ڪندي، هو پاڻ منهنجي اڱڻ تي آيا آهن. منهنجو محبوب مشڪ ۽ عطر جي خوشبوءِ وارو آهي.  آءٌ ان لاءِ ئي سڄي عمر پئي سِڪي آهيان. منهنجو ساهه جن لاءِ سڪي پيو، روح به تن سان ئي ڳنڍيل آهي.

 

وائي-2

 

پِرِينِ پاتا پيرَ، آئون ڪيرَ!

ڪَميڻِي آهِيَان

مُون گهَرِ آيا مُون پِرين، سُونهَڻَ لڳا سيرَ. [346]

سمجهاڻي: اڄ منهنجو پرين مون وٽ آيو  آهي، آءٌ ڪير ٿيندي آهيان! آءٌ ته ڏاڍي عيبدار آهيان. منهنجي گهر منهنجو محبوب آيو آهي. اڄ ته سڀ گس گهٽيون (گلن سان ڇانئجي ويون آهن) سهڻيون ۽ وڻندڙ پيون لڳن.

 

داستان ٻئو

 

1

ناسِيندي نِگاهَ، پِهرِين ڪِجُ پِرينءَ ڏي

اَحوالَ عاجِزَنِ جا، آکِجُ لَڳِ اَللهَ

روزُ نِهارِين راهَ، اَکِيُون اَوهان جي آسَري. [347]

سمجهاڻي:  (اي چنڊ) تون اُڀرندي ئي پهرين نظر منهنجي دوست ڏانهن ڪجانءِ (سلام چئجان). الله جي واسطي هنن هيڻن جا حال چڱيءَ ريت کيس ٻڌائجانءِ ۽ چئجانس  ته اسان جون اکيون توهان جي اچڻ لاءِ هر روز اوهان جي واٽ پيون تڪين.

2

ناسِيندي نَظَرُ، پِهرِين ڪِجُ پِرِينءَ ڏي

قَمَرَ! ڪَهِجُ قَرِيبَ کي، نِسَتَ آءٌ نِٻَرُ

ٻِي ڀيڻِي نه ڀَرُ، اَکيون اَوهان جي آسَري. [348]

سمجهاڻي:  (اي چنڊ) تون اُڀرڻ سان ئي پهرين نگاهه منهنجي محبوب طرف وجهجانءِ. اي چنڊ، منهنجي قربدار سڄڻ کي چڱيءَ طرح چئجانءِ ته آءٌ بلڪل ڪمزور ۽ هيڻي آهيان. (اهو به چئجانءِ) منهنجي لاءِ اوهان کان سواءِ ٻيو ڪو ڀرجهلو ناهي، منهنجيون اکيون اوهان جي ئي آسري ۽ اميد تي آهن.

3

ناسِيندي نِرِتِ، پِهرِين ڪِجُ پِرِينءَ ڏي

قَمَرَ! ڪَهِجُ قَرِيبَ کي، ساري ساڻُ سُرِتِ

ٻِئو ڀَروَسو نه ڀِتِ، اکيون اَوهان جي آسَري. [349]

سمجهاڻي:  (اي چنڊ) تون جيئن ئي اُڀرين ته سڀ کان پهرين منهنجي دوست ڏانهن محبت ڀرين نظرن  سان ڏسجانءِ. منهنجو سمورو احوال کيس سنڀالي چڱيءَ ريت عرض ڪجانءِ. اهو پڻ عرض ڪجانءِ ته منهنجي لاءِ ٻيو ڪو آڌار ۽ آسرو ڪونهي. منهنجي اکين کي صرف اوهان جو ئي انتظار آهي.

4

ناسِيندي نِهارَ، پِهرِين ڪِجُ پِرِينءَ ڏي

سَنيهِا کي سَڄَڻَين، چئَجُ چَنڊَر اَپارَ

ساجَنَ سڀ ڄَمارَ، اکيون اَوهان جي آسَري. [350]

سمجهاڻي:  (اي چنڊ) جيئن ئي اُڀرين ته پهريائين منهنجي محبوب ڏانهن نظر کڻجانءِ. سڄڻن کي منهنجا پيغام جيڪي هونئن اڻ کٽ آهن، سڀ عرض رکجانءِ. اها ضرور گذارش ڪجانءِ ته اي سڄڻ سائين، منهنجون اکيون اوهان جي آسري ۽ اميد تي آهي.

5

تون چَنڊَر اُهوئِي، جو پَسِين هُتِ پِرينءَ کي

آڏو چَئِجُ عَجِيبَ کي، ڏِيانءِ جو روئِي

هيڪاندِيءَ هوئِي، سانگُ مَ پَوي سَڄَڻين. [351]

سمجهاڻي: اي چنڊ، تون اهو ساڳيو (خوشنصيب) آهين جو هوڏانهن وڃيو منهنجي پرينءَ جو ديدار ڪرين. (هاڻي ٻُڌ) آءٌ جيڪو پيغام توکي روئي ڏيان ٿي، اهو منهنجي سڄڻ کي سامهون عرض رکج. (اهو به عرض ڪجانءِ) ته منهنجي محبوب سان ملاقات ٿيڻ کان پوءِ (شل) جدائيءَ جو ڪو سبب نه ٿئي.

6

آءٌ جي ڏِيَئِين سَنيهَڙا، سي چَنڊَر پَلئِه ٻَنڌُ

چَئِجُ حالُ حَبِيبَ کي، نَئِي نُوڙائِي ڪَنڌُ

تو  تيڏاهِين  پَنڌُ،  عالَمَ  جيڏَنہَ  آسَرو. [352]

سمجهاڻي: اي چنڊ، آءٌ تو کي جيڪي نينهن جا نازڪ  نياپا پيو ڏيان اُهي سنڀالي سوگها ڪري پنهنجي پاند ۾ ٻَڌ. تون نهايت نهٺائي ۽ نوڙت سان منهنجي حبيب کي (سڄو سربستو) احوال (گوش گذار ڪج) ٻڌائجانءِ. اي چنڊ (تو کي خبر آهي) تو اُها واٽ ورتي آهي، جنهن طرف هن سڄي جهان کي (شفاعت جو) آسرو ۽ اميد آهي.

[مثنويءَ ۾ رسول الله صلي الله عليه وسلم جو چنڊ جي حوالي سان ڪيترن طريقن سان ذڪر ملي ٿو. ’يا ايها المزمل‘ جي عنوان تحت چوي ٿو:

بدر بر صدر فلک شد شب روان،

سير را نگذارد از بانگ سگان.

(دفتر چهارم، ب- 1464)

معنيٰ: چوڏهينءَ جو چنڊ آسمان جي سيني تي پنهنجي رفتار سان هلندو آهي. اهو هيٺ ڀؤنڪندڙ ڪتن (ڪافرن) جي ڪري پنهنجو هلڻ ڇڏي نٿو ڏئي.]

7

چَڱيان چَنڊر چَئيج، سَنيها کي سَڄَڻين

اَڱڻَ مٿان اُڀِرِي، پِرِيان جي پَئيج

جِهيڻو ڳالهَائيج، پيرين ڌَري هَٿَڙا. [353]

سمجهاڻي: اي چنڊ، منهنجا عرض ۽ آزيون چڱيءَ طرح (خيال ۽ خبرداريءَ سان) منهنجي محبوب تائين پُڇائجانءِ. سندن اڱڻ تي اُڀري پهرين اجازت وٺجانءِ ۽ سندن پيرن تي نهايت ادب ۽ عاجزيءَ سان هٿ رکي بلڪل آهستي ۽ هلڪي آواز سان (منهنجي) ڳالهه ڪجانءِ.

8

جِهَا اَڇا چَنڊَ، تِهَان اَڇا مان پِرِين

اڱَڻَ مَٿي اُڀرِينِ، کِڙين مَٿي کَنڊَ

سَڄَڻَ جِيءَ اُڪَنڊَ، تو ڏَنہُ گهَڻو نِهارِيان. [354]

سمجهاڻي:  (اي چنڊ) جهڙو اڇو اجرو (پاڪ صاف ۽ سهڻو) تون آهين، ان کان وڌيڪ خوبصورت (ملوڪ) منهنجو محبوب  آهي. تون جڏهن آسمان ۾ اُڀري ڌرتيءَ جي خطي تي چٽي چانڊاڻ (روشني) ڪرين ٿو، تڏهن آءٌ سڄڻ جي سڪ ۾ لڳاتار توکي ويٺو ڏسان ٿو (تو مان اک نٿو ڪڍان).

9

اَڄُ پُڻِ اَڇائِي، چوڏِهينءَ ماهَ چَنڊَر جِي

مون ڏُونہُ مون پِرينِ جي اَچَڻَ جي وائِي

مون گهَرِ واڌائِي، پيئِي کامِ کَرَنِ ۾. [355]

سمجهاڻي: اڄ چوڏهينءَ جي چنڊ جي (کير جهڙي سفيد) چانڊوڪي هر طرف پکڙيل آهي. اڄ ئي مون ڏانهن پرينءَ جي اچڻ جي ڳالهه منهنجي ڪن تي پيئي آهي. جيئن منهنجي گهر ۾ خوشيءَ جي اها خبر پهتي آهي تيئن رقيبن ۾ ساڙ ۽ حسد پيدا ٿي ويو آهي.

10

اَڄ پُڻِ اوڀارو، چوڏِهينءَ ماهَ چَنڊَر جو

مون گهَرِ مون پِرينِ جو اَچڻَ جو وارو

سَڄَڻُ سوڀارو، ڀيڄِ ڀِنيءَ گهَرِ آئِيو. [356]

سمجهاڻي: اڄ رات پڻ چوڏهينءَ جي تاريخ  جو چنڊ چٽو ٿي اُڀريو آهي.  اڄ ئي منهنجي محبوب جو منهنجي گهر اچڻ جو هاواڻو آهي. اهو سهڻو سڄڻ گهڻي رات گذرڻ بعد يعني ڀيڄ ڀنيءَ  (وڏيءَ اسر ويل) منهنجي گهر آيو.

11

چوڏهِينءَ چَنڊُر اُڀِري، اُڻٽرِيهِينءَ پَسي نه عامَ

مَٿِسِ ناهِ مَلامَ، جيڪِين پُڇِين پُڇُ سو. [357]

سمجهاڻي: چوڏهينءَ جو چنڊ اُڀريو (ظاهر بيٺو) آهي (ان کي ڪوئي ڏسڻ جي ڪوشش نٿو ڪري، ڇو ته نروار آهي)، پر ماڻهو اوڻٽيهين تاريخ تي چنڊ کي پيا ڳولين، جيڪو کين نظر به نٿو اچي (مهيني جي پهرين تاريخ معلوم ڪرڻ خاطر). ليڪن (انهيءَ لاءِ) چنڊ (حقيقي حسن) تي ميار رکي نٿي سگهجي، باقي توکي جيڪي پڇڻو آهي، سو ڀلي پڇ.

12

سَهِسين سِجَنِ اُڀِري چَوراسِيين چَنڊَرنِ

بِالله ري پِرِينِ، سَڀ اُونداهِي ڀانئِيان. [358]

سمجهاڻي: ڀلي سوين هزارين سج (آسمان تي) اُڀري اچن ۽ هڪ نه پر چوراسي (بلڪ ان کان به وڏي تعداد ۾) چنڊ چانڊوڪي ڪن. الله جو قسم ته منهنجي محبوب کان سواءِ هرطرف اوندهه انڌوڪار آهي. (ڇو ته هو ئي ڪائنات ۾ روشنيءَ جو ڏيئو آهي).

[شارحن وٽ هن بيت مان مراد رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم جي هستي آهي. روميءَ پڻ مثنويءَ ۾ پيغمبر اسلام جي شخصيت کي اهڙو چنڊ ڪوٺيو آهي:

آسمانها بندهء ماه وي اند،
شرق و غرب جمله نان خواه وي اند،
زانکه لولاک است بر توقيع او،
جمله  در انعام  و  در  تو  زيع  او.

           (دفتر ششم، ب 2102 ۽ 3)

معنيٰ: سڀ آسمان هُن چنڊ جا غلام آهن. مشرق ۽ مغرب هن جي ڪري روشن آهن. ڇو ته هن جي مٿي تي ’لولاڪ‘ جو تاج آهي. سڀ ڪجهه کيس انعام ۽ بخش ٿيل آهي. جيڪڏهن هو نه هجي ها ته آسمانن (نکٽن) ۾ نه حرڪت هجي ها ۽ نه روشني هجي ها ۽ نه وري ملائڪن لاءِ ڪا جڳهه هجي ها.]

13

پاڙيان تان نه پِرينءَ سِين، چَنڊَر تُنهنجِي ذاتِ

تون اَڇو مَنجِهه راتِ، سَڄَڻَ سدائين سوجهَرا. [359]

سمجهاڻي: اي چنڊ، آءٌ تنهنجي ذات (وجود) کي محبوب (جي حسن و جمال) سان ڪهڙي لحاظ سان مَٽ يا برابر ڪريان؟.  (ڇو ته) تون صرف رات جي وقت روشني ڪري سگهين ٿو پر منهنجو محبوب هر وقت ڏينهن توڻي رات روشني ئي روشني آهي.

[مثنويءَ ۾ رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم سان خطاب ڪندي هينئن چيو ويوآهي:

بي فروغت روز روش هم شب ست،

بي پناهت شير اسير ارتب ست.

(دفتر چهارم، ب- 1457)

معنيٰ: تنهنجي روشنيءَ کان سواءِ ڏينهن ڏٺي جو به اونداهي آهي. تنهنجي پناهه کان سواءِ شينهن سهي جو قيدي آهي.]

14

قَمَرَ! ڪارو نانگُ، توکي کائي ڪَڏهِين

وِڇوڙو   وِڙانگُ،   ڏِنُئِي   ڏُکويُنِ   کي. [360]

سمجهاڻي: اي چنڊ (بد دعا) توکي ڪڏهن ڪو ڪارو ڪاريهر نانگ کائي وڃي، (ڇو ته ڪڏهن تنهنجي روشني)  ڏکويل (عاشقن) لاءِ پاڻ وڌيڪ ايذائيندڙ آهي.

15

چَنڊَر! چِٽائي تُنهنجِي، سَهائِي مون سُور

لايان لالَ لِڱَن کي، چَندَن ڀَري ٻُورُ

ڪُوماڻُو ڪَپُورُ، مون واجهِيندي پِرينءَ کي. [361]

سمجهاڻي: (انتظار جي ڪيفيت) اي چنڊ، تنهنجي اها روشني منهنجي لاءِ وڏو عذاب ٿي ويئي آهي (چنڊ جي روشنيءَ ۾ محبوب جو اچڻ مشڪل آهي). مون پنهنجي بدن کي چندن جي سرهاڻ سان مهڪائي ڇڏيو آهي. (ليڪن جيستائين تنهنجي روشني ختم ٿئي) مون کي محبوب لاءِ ايترو انتظار ڪرڻو پيو جو تيستائين ڪافور جي خوشبوءِ ختم ٿي ويئي!

16

چَنڊَر! تُنهِنجي ذاتِ، سَڀ مَڙهايان سونَ سين

آهِنِ پِرِين پَنڌُ ۾، کِڙُ سَڄيائِي راتِ

اَچَنِ جَهِين ساتِ، لَهِي وَڃُ، لطيفُ چَئي. [362]

سمجهاڻي: اي چنڊ  (تون مون کي ايڏو پيارو ٿو لڳين جو) مان توکي سڄي جو سڄو سون سان مڙهائي ڇڏيان. (هاڻي عرض ٻُڌ!) منهنجا سڄڻ پنڌ ۾ آهن، سو تون سڄي رات کڙي روشني ڪجانءِ  (جيئن انهن کي اچڻ ۾ تڪليف نه ٿئي).  ليڪن عبداللطيف چوي ٿو ته جيئن هو مون وٽ پهچي وڃن ته اوڏيءَ  مهل ئي لهي غائب ٿي وڃجانءِ! (جيئن مون کي اوندهه ۾ نويڪلائيءَ جو موقعو ملي).

17

چَنڊَر! مَ آءُ چَڙِهي، سَنجهي ڪَر مَ سوجهرو

اَسان پِرِين پاڻَ ۾ گهارَڻُ ڏي گهَڙِي

تو پُڻِ هُوندَ سَرِي، جي پَلَڪُ پانهيرو اُڀَرئين. [363]

سمجهاڻي: اي چنڊ، ايترو سوير  سج لهڻ سان ئي مٿي آسمان ۾ نه اُڀري اچ. اسان ۽ سڄڻ کي ڪجهه  گهڙيون (اونداهيءَ ۾) پاڻ ۾ گڏ گذارڻ ڏي. تنهنجو پڻ وقت گذري ويندو. جيڪڏهن تون پاڻ ٿوريءَ دير سان پوءِ اڀري ايندين (ته ڇا ٿي پوندو).

18

چَنڊَر! مَ اُڀَرُ سَنجههَ، ته اونداهِي اَجهو ڪَريان

ڀَري کَٿُورِيءَ هَنجههَ، رُٺا پِرِين پَهائِيان. [364]

سمجهاڻي: اي چنڊ، (خاص نيزاري) تون سج لهڻ سان گڏ (ايترو جلدي) نه اُڀر، ته جيئن آءٌ اونداهيءَ کي پنهنجي لاءِ ڍڪ ٺاهي (فائدو وٺي)، کٿوري خوشبوءَ جي جهولي ڀري، پنهنجي رٺل محبوب کي پرچايان ۽ راضي ڪريان.

19

چَنڊَر کي چورائي، جهُڙَ! جَهپي ئِي نه وَڃِين

اُونداهِي   آهي،   اَجهو   عاشِقَنِ  کي. [365]

سمجهاڻي:  (عاشق جي تمنا) اي جهڙ (ڪڪر، بادل) تون چنڊ کي چورائي قابو ڪري ڍڪي ڇو نٿو ڇڏين؟ (تو کي ته خبر آهي) اونداهي عاشقن لاءِ وڏو بچاءُ ۽ ڍڪ آهي.

20

آيو چَنڊُر چَڙِهي، چاريءَ جو چَيو ڪَري

اُڀو اُتِ اَڙِي، جِتِ ڏِٺائِين پِرِينءَ کي. [366]

سمجهاڻي: (چنڊ بابت عاشق جي بدگماني) اهو چنڊ جيڪو ايڏو سوير مٿي چڙهي آيو آهي، سو چوڪيءَ تي بيٺل پهريدار جي چوڻ تي اُڀري آيو آهي. هاڻي چنڊ به پرينءَ کي ڏسندي اتي ئي اڙجي بيهي رهيو آهي. اڳتي چرڻ جي نٿو ڪري، جو هو پڻ محبوب جي حسن کان مدهوش ٿي ويو آهي.

21

چَنڊَر! چوئين سَچُ، مَرُ تون مَٺيين ڀانئيين

ڪَڏهن اُڀِرِين سَنهڙو، ڪَڏهن اُڀِرِين ڳَچُ

جو مُنہَ ۾ ٻَريئِي مَچُ، سو پَدَمَ پِريان جي نه پاڙِيان. [367]

سمجهاڻي: اي چنڊ، آءٌ توکي سچ چوان، ڀلي توکي ڪاوڙ لڳي. تون ڪڏهن بلڪل سنهڙو (پهرين تاريخ جو چنڊ) ته ڪڏهن وچٿرو ڀريل (وچين تاريخن جي گهٽ وڌ)  صورت ۾ اڀرين ٿو. تنهنجي منهن ۾ جيڪو باهه جو مچ پيو ٻري (جنهن جي ڪري تون سوجهرو ڪرين ٿو). ان جو مقابلو منهنجي محبوب جي پير ۾ پدم (لڪير) سان به نٿو ڪري سگهجي.

22

چَنڊَر! چَوان تو حَقُ، جي وِڙهِين جي وِچڙِين

ٻه اکيون ٽِرئو نَڪُ، تو ۾ ناه پيشانِي پِرينءَ جِي. [368]

سمجهاڻي: اي چنڊ، آءٌ توکي حق سچ ٿو چوان، پوءِ ڀلي توکي چڙ لڳي ۽ ان ڪري تون مون سان وڙهين يا ناراض ٿئين. (پر حقيقت اها آهي ته)  تو ۾ محبوب واريون نڪي ٻه اکيون ۽ نڪ آهن ۽ نه وري منهنجي محبوب واري سهڻي پيشاني (حسين چهرو ۽ خوبصورت مهانڊو آهي).

23

اُڀرُ چَنڊَر! پَسُ پِرين، تو اوڏا،. مون ڏُور

سَڄَڻَ سُتا وِلَهه ۾ چوٽا ڀَري ڪَپُور

پيرين آءٌ نه پُڄَڻِي، ٻاٻَلُ ڏِئي نه ٻُور

جَنہِ تي چَڙهِي اَسُور، سَنجهي سَڄَڻُ سانڀيٽِيان. [369]

سمجهاڻي:  اي چنڊ، تون ڀلي مٿي اُڀري پرينءَ جو ديدار ڪر. هو توکي ويجهو آهي ۽ مون کان پري آهي. منهنجا محبوب  پنهنجي وارن کي ڪافور جي خوشبوءِ سان واسي ٻاهر ٿڌڪار ۾ آرامي آهن. آءٌ پنڌ ڪري وٽن پهچي نٿي سگهان.  نه وري منهنجو پيءُ مون کي سگهاري جوان اٺ جهڙي سواري ڏئي ٿو، جنهن تي سوار ٿي اسر جو وڏيءَ ويل اتي پهچي دلبر جو ديدار ڪريان.

24

آءٌ اُڪَنڊِيائي مَران، پِرِين ڀَلا، پَرَ ڏُورِ

ٻاٻَلُ ڏِئي نَه ٻُورُ، پَنڌَ نَه جوڳِي پِيَڙي. [370]

سمجهاڻي: آءٌ سڪ ۾ بيحال آهيان، بلڪه هاڻي ان جي سڪ ۾ ڄڻ مران پيئي، پر منهنجو مهربان محبوب مون کان گهڻو پري آهي. مون کي منهنجو ابو هن وٽ پهچڻ لاءِ اٺ جهڙو (تيز) وهٽ ڪونه ٿو ڏئي. پنڌ پوڻ کان آءٌ لاچار آهيان.

25

ڪَرَهو نه ڪَيڪاڻُ، پيرين آءٌ نه پُڄَڻِي

جو مون راتِ رَساڻئي، نيئِي ساڄَنَ ساڻُ

مون نه وَهِيڻو پاڻُ، ويٺِي نيڻَ نِچوئِيان. [371]

سمجهاڻي: مون وٽ نه اٺ آهي ۽ نه  گهوڙو، پيدل هلي پهچڻ منهنجي وس کان ٻاهرآهي. مون وٽ ڪو (ڀلو) وهٽ نه آهي جيڪو مون کي رات ئي رات ۾ منهنجي محبوب وٽ پهچائي. مون ۾ پاڻ هلي سگهڻ جي طاقت ناهي، جنهن ڪري رڳو ويٺي روئان ۽ ڳوڙها ڳاڙيان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org