سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب: -

صفحو :15

64-پيا آب اُواگهه ۾، ڇڏي ڀر بحر،
ملاحن مناجات ڪئي، سڏي کي سرور:
بيواهن سان بحر ۾، والي ڪر واهر،
وڏاڻ ويريون ور گهڻا، ٻيو اونهو جر آپر،
موج گهڻي مهراڻ کي، اچن کنيو اوٿر،
مرسل مير مڪي جا، اٿي نبي! ڪر نظر،
توهان بنان تار ۾، آهي نار آڌر،
جوش منجهؤن جهاز هليو، آب ڪپي اوڀر،
سڙهه کڻي ساڄا ٿيا، ناکئا نامور،
احمد اچي انور! رس مصطفيٰ مهراڻ ۾.

 

65-رس مصطفيٰ مهراڻ ۾، مدت ٿي مرسل!
اچي آب اواگهه ۾، ڀلا! ٿي ڀرجهل،
رساءِ ٻيڙو ٻاجهه سان، نوري اي نرمل!
تو ري طاقت ڪانه ڪا، پيارا آهه پنهل،
جارائنو جهاز وڃي، ماريندو منزل،
سارين پيا سڪ سان پرور کي هر پل،
حفيظ، سميع، بصير تون، آخر ۽ اوّل،
هادي پاڪ حفيظ ٿي، اچي مالڪ هن مهل،
 رساءِ توڙ رئچار چئي، قادر! ساڻ ڪهل،
منجهؤن آب اڇل، الله! تار امان سان.

 

66-الله تار امان سان، اي والي واحد وحد!
اسي ڏينهن اچي رسيا، جاٿي هئي بلا جي حد،
نهنگ نام تنهن جو، هئي ڪوهه مثل سا قد،
اُٿلائي ٻيڙا ٻار ۾، هيبت نال حسد،
وڏاڻ جيئن ويجهو آئي، ڀؤ ڀري بيحد،
مهاڻا ماندا ٿيا، وين سار سڪڻ ۽ سڌ،
پڪاريئون پرور کي: رس الله پاڪ احد!
ڪر ڀلائي ”بهاول“ چئي، اي صاحب نام صمد!
تڏهن ڪوپي شاهه ڪمان کنئي، مانجهي جوان مرد،
هنيائين تير هڪل سان، اپر زور زهد،
تيرن ڪجهه ڪين ڪيس، توڙي گهڙيس منجهه گرد،
تڏهن ”لافتح“ جا فائق مِٺي ڪيا وات وِرد،
اُڇلايئين آفت ڏي، کڻي ڪونڊ ڪمند،
گرفتار غازي ڪئي، جوان وڏي سان جهد،
مانجهي بلا ماري وڌي، موليٰ ڪيس مدد،
يا علي شاهه احمد، واهر ڪئي وير جي.

 

67-واهر مليس وير ۾، ٿيس الله ڏانهن امن،
خوشيون جُڃ خيرات ڪيون، صاحب در سڀن،
شروع راڳ ويراڳ ٿيا، ويل وقت ۾ اُنَ،
نذر واپارين نياز سان، رکيو دانَهه اڳيان ڌن،
نه هئو زابر زر جو، هيس مراد پرينءَ جي من،
لِله ليکي لائق ڏنا، مڙيئي مال موهن،
تعريف تت تبار جي، هيس تار اندر ۾ تن،
ٽئين مهيني بعد آيا زمين ڀر زمن،
پنڌ منزلان ٿي هيون، باقي چين چمن،
دانَهه ٽِيجهي دن، چؤرنگ آيو چين ۾.

 

68-چؤرنگ آيو چين ۾، پَسيئين شهر عجب شاهي،
بازاريون بستان ڀلا، ٻيا عنچا الاهي،
اتي مسواڙ تي مير اچي، هڪ محل وتو ماهي،
هئي جاءِ ڀلي جنسار سان، جا سهڻي سيباهي،
رازن وڏي رنگ سان، هئي ٺاهوڪي ٺاهي،
ٻيا گل چمن چوگان ۾، هٻڪار هرجا هئي،
ڏسي پار پرينءَ جو، ويس من مونجهائي،
دانهه ديسيءَ کان پڇو: ڏَس ڳالهه اها ڏاهي،
شورش اها شهر ۾، ڇاکؤن آ ڇاهي،
چئي: ڏيءَ فغفور شاهه جي، آ صورت ساراهي،
نالي گل اندام آم ڏانوَن ڀري ڏاهي،
عاشق ان لئي ڪيترا، آهن چريا بيٺا چاهي،
بلغاري بهزاد آيو، وٺي سالار سپاهي،
گهري فغفور شاهه ٿو وهانءَ واڌائي،
سا نه مڃي سلطان ٿو، جا هُن ڳالهه ڳالهائي،
انهيءَ لاءِ بهزاد آ، فوج ڪٿان ڪاهي،
دل ۾ تڏهن دانهه چيو، آ والي سدا واهي،
ٿيو ربّ مون سين راهي، آندئين موچاري مهل ۾.

 

69-آيل موچاري مهل ۾، ڀانيان قرب ڪمال،
منهنجو تنهن محبوب سان، والي! ڪر وصال،
امير چڙهيو اسپ تي، لاهوتي سو لعل،
باڪي وڃي بهزاد جو، ڏٺو سرسلو سر حال،
موٽي آيو محل ۾، فائق سو في الحال،
عجيب وڃي ڪنهن اوٽ ۾، اها رٿ ڪئي رهوال،
سانجهيءَ ويل وارن کي، ڏنئين تابش تؤ زوال،
سغفور آيو سيگهه مؤن، اُڙدن نال نهال،
دانَهه تنهن ديون سان، سڀ بيان ڪيو برحال،
هاڻي لُٽيو بهزاد جو، مايا مڏي مال،
آءٌ اوهان جو آهيان، ڄڻ منبم جنگ مثال،
ڪاهي پيا ڪٽڪ ۾ بازن وانگر بحال، شڪست ملي بهزاد کي، جنهن ڪيو ڪوهه ڪشال،
باڪو شاهه بهار ٿيو، ٿيس ڀلائي ڀال،
موليٰ مَنِيَس ”مهر“ چئي، سميع سڀ سوال،
اهڙو الله جل جلال، جنهن قرب وڏا ڪريم ڪيا.

 

70-قرب جي ڪريم ڪيس، عنايت اوڏاهون،
بهزاد تُرنئون تڙجي ويو، رند وٺي راهُون،
باڪو خوش بهرام ٿيو، هئس توهه توڙائون،
پروانو ٿي پريت سان، لکيئين اکر ارواحون،
باڪي فتح بهرام ڪئي، لکيئين معلوم مٿاهون،
دانهه ٽنگيو در تي، آڻي اتاهون،
خنجر پانهنجو خان رکيو، هاتڪ هٿانهون،
موٽي آيو محل ۾، پير وٺي پاهون،
ڪجن سڪؤن ساراهون، سوين ڀيرا سَتّار جون.

 

71-جهونجهاري جي جنگ جو، حال سڻيو سلطان،
امير مُڪئين اوڏاهين، باڪي لاءِ بيان،
پَسيو اچي پڙ ۾، نه ساٿي، نه سروان،
نه فيل، نڪا فوج، نه نوبن جا نشان،
نه بلغاري بهزاد آ، نه اُهي سي عنوان،
باڪي شاهه بهرام جي، اُت آين هٿ امان،
هڪ خنجر، ٻيو خط لکيو آ، وڏيءَ جوڙ جوان،
اچي پيش ڪيئون پاتشاهه جي، اهي شيون وڏي شان،
ويچار ۾ وزير پيا، غازي منجهه گمان،
يا فائق فرشتو آه ڪو، يا اعليٰ مؤن انسان،
جو اهڙي نانءَ نڌان، ٿيندو مرد ظاهر ميدان ۾.

 

72-ٿيندو مرد ظاهر ميدان ۾، جوان وڏو جوڌو،
ڪو سورهه شهنشاهه آهي، ڳالهه وڏيءَ ڳوڌو،
خنجر رکيائون خان جو، شامل خط سوڌو،
آهي اهڙو جنهن عهدو، سو پاڻهي ٿيندو پڌرو.

 

73-باڪي برهه خريد ڪيو، ٿيو بيوسد بيراڳي،
دوست جي ديدار لئي،م دل وير اوڏانهن واڳي،
”فاذڪروني اذڪرڪم“ اها لنؤ لڳس لاڳي،
عاشق کي عجيب جي، ٿي محبت مُهاڳي،
جانب جي جاڳہ ڏي، هليو وير ويراڳي،
محب پَسي معمور ٿيو، سهڻل اُو ساڳي،
آيو سورهه سهاڳي، محبت جي ميدان ۾.

 

74-محبت جي ميدان ۾، آيو ڪونڌر ڪَهي،
ٻيا به عاشق ٻَهُون هئا، صحن منجهه سهي،
’دولت‘ نوڪر نام سان، آئي لحظي ان لهي،
نذر لئي نامئي ڏي، آئي وڏي ٺاهه ٺهي،
ڏئي نذر مڙئي نينهن جا، پيا راز رهي،
باڪي وٽان بام کي، مُنڊي مام ڊَهي،
ويئي محلي منڌ چڙهي، گوهر گل اندازم ڏي.

 

75-گوهر گل اندام ڏي، آئي گام ڀري گولي،
نذرات نامئي جِي، رکيئين سائڻ اڳيؤن سولي،
راڻي تڏهن راز سان آکيو، اربيلي،
ته هي منڊي آ مام سان، جا غازي ڪَهن گولي،
آ لائق مثل لعل جي، مؤن تور عقل تولي،
اها ٻهڳڻ ڪئي ٻولي: ته احسان ڪنهن امير ڪيو؟

 

76-احسان ڪنهن امير ڪيو، هيءَ منڊي قرب ڪثر،
پَساءِ مون کي پانَهه اهو، جنهن مُڪي نشاني نر،
تڏهن ٻانهيءَ اتي ٻائيءَ کي، آکيا هي اکر:
جنهن دلق پهريو دل کي، سندو فيض فقر،
منڊي هيءَ مير ڏني، دانهه تنهن دلبر،
گلنار گوهر پسيو، کڻي نينهن نظر،
پَسي سا پُرنُور ٿي، اُڪير ٿيس اندر،
ٻانهيءَ کي ٻائيءَ چيو: اهو جوان ملاءِ جيڪر،
جنهن پسڻ سان پانَهه هنيان، جادو منجهه جگر،
تڏهن سائڻ کي سڪ سان، ٻانهيءَ چيو ٻيهر،
عاشق ٿين راز رهن، ڪجي آزي حال اپر،
”وَنحن اَقرَب“ عجيب سو، ويجهو آهه وندر،
درس لنگهي کان در، آئي منڌ گولي سا مير ڏي.

 

77-گوليءَ گوهر کان پڇيو: باڪا! ڪر بيان،
سڻاء مون کي سڪ سان، پانَوَ ذات نشان،
چئي: فقير ذات منهنجي آهي، عاشق نانءُ ايمان،
هر جاءِ فقير جي آ، رهت ماڳ مڪان،
ملڪ وؤڙي محب لئي، هن ماڳ ٿيم، مهمان،
سنيهو هي سائڻ کي، وڃي پيش ڪجانءِ پروان،
هُو قبئون ٿيو قربان، تنهن تي مهرڪر محبوب تون.

 

78-چئي: فقر توکي فقير ڪيو، نه ته ملڪ آهين مهمير،
ڪنهن درد ڪيو دلگير، نه ته آهين شهزادو شاهه تون.

 

79-گولي ڦري گوهر کان، ويئي منڌ چڙهي محلي،
سنيها سهڻي جا ٿي سائڻ ساڻ سلي،
ته عاشق مثل آ اِئين، پتنگ جيئن جلي،
محبت ۾ مشتاق آ، ٿو هلت هيءَ هلي،
شاهي ڇڏي گدا ٿيو، برهه ڪيئين بِلي،
مون کي محب ملي، ٿو عاشق ائين چوي.

 

80-منڌ! وڃي چؤ مير کي، جُودئون هيءَ جواب،
عيشن اعليٰ شان آ، ناميو نينهن نواب،
برهه زليخا بيوس ڪئي، پسي خيال خواب،
بهريوند برهه ڪئي، منجهئون شوق شتاب،
نينهن مان نروار ٿي، خاصو ٿيس خطاب،
پَرِ ڪرين پتنگن جيان، ته عاشق تون اصحاب،
تڏهن مير محاب، ٿئي محبت جي ميدان ۾.

 

81-کڻي سنيهو سڪ جو، هلي ٻائيءَ وٽان ٻانهي،
سڻايائين نياپو شاهه کي، آڻي اهليائي:
ته سبق پڙهه صبر جو، جيءَ ۾ اي جاني!
مدام ڏي محبوب کي سر مرد مهماني،
پوءِ مانجهي مهرباني، ٿيندءِ ائين عجيب ڏَنهن.

 

82-چئي: آندءِ ڪو عجيب ڏَنهن، ڪو دلاسو دولت!
ماندو ڪيو محبوب جي، ڳجهيءَ مام ملت،
وري آک عجيب کي، هلي هيءَ هلت،
مشتاق سان محبوب ڪر، راز جي رغبت،
نهار مون ڏي ناز مؤن، ته ٿئي ساهه سرت،
اسم پرين! تنهنجو پڙهان، ٿم برهه اهڙيءَ ڀَت،
پسي قرب ڪرت، مهر ڪر محبوب! تون.

 

83-کڻي سنيهو سڪ جو، هلي سگهو ڏي سائڻ،
نياپو چيائين نياز سان، قدم ڀري ڪامڻ،
عاشق اُداسي عشق ۾، اٿس محبت اعليٰ مڻ،
ملڻ جي مشتاق سان، ڳَڻَ مهر ڪا ڳڻ،
هو قربئون تو ڪارڻ، آ عاشق انتظار ۾.

 

84-چئي: انتظاري بيقراري، آ عشق ريت رسم،
وري وڄ نه وير ڏي، ڏسون فائق جا فهم،
اصل عشق شهباز سان، هِن ڪهڙا شان شرم،
ٿو کڻي ڪيئن قدم، ڏسون محبت جي ميدان ۾.

 

85-محبتي محبوب ڏي، نرتئون نهاري،
پانڌي ڪونه پرينءَ ڏَنهون، آيس اوتاري،
ماندو تڏهن مير ٿيو، سو گهايل ڪيئن گهاري،
روز گهاريو گوهر اهو، سهڻي کي ساري،
چڙهيو مَلُ ماڙيءَ تي سميع سنڀاري،
رند هليو سو رات جو، وکڙي واڌاري،
ٻانهيون گهڻيون ٻائيءَ جون، کڙيون صورت سينگاري،
تنهن حُسن هاڪاري، ڪيو اياڻو امير کي.

 

86-اياڻو ات امير ٿيو، ديدار بنان دانَهه،
محڪم ٿي مانجهي ويٺو، پريت ۾ پانَهه،
سڄڻ جي سامهن، عاشق اڏيو اوطاق کي.

 

87-پيوند جي پڇا لاءِ، مُڪا ڪشور شاهه ڪٽڪ،
وؤڙ ڪيائون وير جي، شهر شهر هر هڪ،
پين پتو پانَهه جو، ماڳين چين ملڪ،
پُري تنهن پلڪ، آيا فائق شهر فغفور جي.

 

88-فائق جڏهن فغفور ٻڌي، اهڙي ڳالهه ايها،
امير مُڪئين اوڏانهن، ڏسو ڪرهن ڪيها،
تن رومين جي رهٿ جا، رنگ پسيا ريها،
پڇيائون پرديسين کان، ڇو ڪيوَ سالاري سيها،
تن باڪي شاهه بهرام جا، ڏنن نرتئون سنيها،
جي حال هي سڻين ها، سڻايائون سلطان کي.

 

89-سلطان سگهو تن کي، گوهر گهرايو،
فرماين فائق اتي ته احوال آلايو،
سماچار سڀوئي تن سڪئون سڻايو،
شاهه، خنجر ۽ خط تن کي، پرتئون پسايو،
پرواني جي پڙهڻ ۾، تن حيلو هلايو،
مٿين ٻهڳڻ ٻولايو: هي فتح شاهه بهرام ڪئي.

 

90-تڏهن فغفور شهر ڦوهلايو، جانب لئي هرجاءِ،
ڦولهيندي فاق پسيئون، ماڙيءَ مير وٽاءِ،
سونهين سڃاتو سيگهه ۾، دائيءَ دل سان لاءِ،
سينگاري سهڻي کي، منجهان حب هلياء،
هنباري ۾ هاڙهو، سو چاڙهي وير وياء،
ماڻڪ گهورين مير مٿان پيا، گهڻي سِرَ گهماء،
لائق آڻ لٿاء، ڪهي ڪچهري شاهه جي.

 

91-ٻائيءَ کي ٻانهيءَ چيو: ٿو ديس وڃي داناءُ،
برهه جي بازيءَ جو، نه دانَهه کيڏيو داءُ،
قول وساريو ڪونڌ ٿو، وڃي ڪشور وير وياءُ،
تڏهن گوليءَ کي گوهرِ چيو: ناميو ناهه نياءُ،
ڪڏهن ويندو ڪينڪي، سڪ مَٽي سا ساءُ،
عشق جن کي اَزلي، آهي شير سڀاءُ،
”اَلست بربڪم“ اصل کؤن سڻيو لاهوتين لقاءُ،
”قالو بليٰ“ قرب سين، اهو ٻهڳڻ ڪيو ٻولاءُ،
سي بهار ٿيا ”بهاول“ چئي، ٿين رحمت رنگ رساءُ،
جن کي برهه آ بقاءُ، سي پاڙين قول پريت جو.

 

92-فغفور چيو فائق کي: بيان سڻاءِ شهزاد!
شڪست ڪيئن تو شاهه ڏني، باڪا! کي بهزاد،
چئي: تابع ڳجها انبار ڏنا، اُڙد ڪري امداد،
تنهن حملي کان هليا ويا، اهي بلغاري بيداد،
مون کي من مراد، موليٰ ڏني آ مرتضيٰ.

 

93-چئي: پساء اڙد اسان کي، پانَهه پسون پاڻ،
تڏهن وارن کي تؤ وير ڏنو، ڄيري ۾ تنهن ڄاڻ،
ديو آيا داناءَ وٽ، سورهه سي سرواڻ،
چيائون چؤرنگ کي: آهيون دليؤ تنهنجا درواڻ،
ڪر حڪم ته حاصل ڪري، وڃي وسايون وٿاڻ،
چئي: روح افزا راحت مُنجو، ٻي سروان ساڻ،
ويسر نه ڪجو وار جي، متان آڻي ڪائي ڪاڻ،
سڀاڻي سڃاڻ، ڪندس تنهن جي قرب جي.

 

94-شهزاديون شاهه ڏي، مِهرئون مُڪائون،
سي اچي رسيون راءَ کي، مهر منجهائون،
وري ٻولي ٻوليانئون، شاديءَ جي صلاح جي.

 

95-شاديءَ لاءِ صلاح جي، امير سي آيا،
چيئون وير وزير کي، ڪر سنبت جا سعيا،
 وڃي چئو وريام کي، ڏي راز منجهؤن رايا،
ٿين لايا سجايا، باڪو شاهه بهار ٿئي.

 

96-وزير اچي وريام کي، ڪئي خاص خبر،
ته: شهزاديءَ جي سڱ جي، ٿا گهر ڪن گوهر،
سڻي ذاتي هي ذڪر، ڏي شادي مبارڪ شاهه جي.

 

97-شاديءَ باري شاهه جي، اُتو فغفور شاهه فائق،
هوءَ آ وات وڪيل پنهنجي سوڍي منجهان سڪ،
شادي ٿئي شاهه جي، جڏهن پيوند ڏَنهن ٿئي پڪ،
شاهه اهو سالڪ، ڪيو ويچار سڀ وزير سان.

 

98-اچي وزير اميرن سان، اها ڪهي ڪهاڻي،
تڏهن روح افزا راحت مُڪي، ٻي سروان سياڻي،
سي مليون اچي منڌ سان، ڄاڻ قرب ڄاڻي،
چيائونس: ڪانڌ قبولج ڪامڻي، راز منجهئون راڻي،
تڏهن گوهر گل اندام ڏنن ورندي وراڻي:
توهان وڻيون نه وير کي، اٿوَ صورت شاهاڻي،
چيئون: تون آن سوڍي سيباڻي، آهيون شاهي اسان به شان سان.

 

99-وڌائيءَ لئي وهانوَ جي، اسان هون آئيون،
ڪانڌ قبول ڪامڻي! اَٿئي ڀليون ڀلايون،
باڪي ساڻ بهار ٿي، ڪر وصل جون وايون،
تڏهن سروان کي سگهڙ چيو: ٻئي منڌ ميندي لايون،
ٿئي شادي ٻاجهه سان، اءِن ارادي آهيون،
ٻانهيون آيون ٻائِن ڏي، کڻي مانيون مهمانيون،
کاڌائون گڏ خوشيءَ سان، ٿيون بيحد بهاريون،
ٿيون ويڙهي واڌايون، ڪانڌ قبوليون ڪامڻي.

 

100-موڪلائي منڌ کان، آيُون ٻايُون هي ٻيئي،
روح افزا راءِ کي چيو: ٻاهر وٺي نيئي،
وري سروان جي سڱ لاءِ چوي پانَهه کي پيئي،
شادي مربي شاهه جي، ڪيون لال لانوان ڏيئي،
تڏهن دانَهه گهرايو ديون کي، عاشق اٿيئي،
بيان اهو باڪي ڪَيُن، سرت سان سڀيئي،
حال سڻي هيءَ ئِي، ڪا صلاح ڪر سغفور تون.

 

101-سغفور تڏهن شاهه اڳيان، چيو هي حرف،
ته: مجال اسان کي مير! آهن تنهنجا لک لطف،
توڙي ڪامل ٻي آ ڪف، ته به ماٺ اسان کي مير آ.

 

102-تڏهن باڪو شاهه بهار ٿيو، رند گهڻو راضي،
سرتگ مؤن سغفور به، ڀلي کٽي بازي،
روح افزا خلعت ڪيس، نادر نوازي،
اميدان اندر جون، گوهر پسيون غازي،
فيض مليس فتاح کان، ٿيو فائق فياضي،
سوين آيا سزي، شاهي رنگ شروع ٿيا.

 

103-شروع خوشيون ٿيون خان لئي، شاهه ڪيون شاديون،
مليس مرادون ”مهر“ چئي، ٿيس عيش آباديون،
ڪيس الله امداديون، لانوان لڌيون لاڏلي.

 

104-لانوان لڌيون لاڏلي، ڪم ڪيس قادر،
ڪيئي آيا ڪامل ڏي، سوين سوداگر،
تن کي پهرايو پانَهه اتي، جُنگ کڻي جابر،
اتي هاتڪ جي هر هر، ڪري نيڪي سڀڪو نياز سان.

 

105-شاهه گهڻو ئي شاد ٿيو، ٿيس رهاڻيون راڳن،
ڪٿي رنگ راڳن جا، ڪٿي طوئفن تال ٿين،
ڪٿي رانديون ڪن راز سان، ڪٿي گيت سهرا ڳائن،
ٿا وري رنگ رچن، سهڻي جي شاديءَ جا.

 

106-شاديءَ بعد شاهه جي، ٿا وري قيل ڪهن:
اسان وٽ عجيب هل! ٿا دليؤن ديو چون،
پانَهه پندرهن ڏينهن هليو، موڪلائي مڙن،
آيا ديهه ديون جي، ٿا اتي لال لهن،
جانب لئي جنسار سان، ٿا سيج سينگارن،
اچو ڏيهه ڏين، واهه واڌايون وير کي.

 

107-واڌايون وير کي، مليون اچي مدام،
پنجويهين ڏينهن پانهه هليو، والي ملڪ وريام،
وڃي مليو والد کي، ڪم ڪري سرانجام،
هليون واڌايون وير کي، ڳلي ڳلي سرعام،
ڀلائي ٿيس ”بهاول“ چئي، ٿيو باڪو خوش بهرام،
ڪلمو اکر انعام، پڙهو نت پريت سان.

 

لا اِلٰہ اِلاالله محمّد رسول الله.

 

 

 

 

 

 

روايت - 3

 

بانڪو بهرام ۽ حُسن گل راڻي*

آڳاٽي وقت ۾ هڪڙو بادشاهه هو، جنهن کي اولاد ڪونه ٿيندو هو. هن ڪئين حيلا وسيلا ڪيا پر اولاد کان محروم رهيو. هڪ ڏينهن هڪڙي فقير اچي چيس ته: بادشاهه سلامت! مون وٽ منهنجو مرشد ايندو آهي، جنهن کي اوهين اولاد جي لاءِ عرض ڪريو؛ جيڪڏهن هن دعا گهري ته اميد آهي ته اوهان کي اولاد ٿيندو. ٿورن گهڻن ڏينهن کان پوءِ فقير وٽ مرشد آيو. فقير، بادشاهه کي اهو اطلاع ڏنو. بادشاهه انهيءَ مهل ئي فقير جي مرشد وٽ اچي حاضر ٿيو ۽ کيس اولاد لاءِ سوال ڪيائين. مرشد چيس ته: هڪ ته تون دين کان ڦِريل آهين، تنهنڪري توکي دين جي حڪمن موجب هلڻ گهرجي، ٻيو ته اولاد توکي ٿيندو، پر اولاد ٿيڻ کان پو3 تون ٿورو وقت جيئرو رهندين، ٽيون ته جي اهو اولاد ٿيڻ کان پوءِ تون ٿورو وقت جيئرو رهندين، ٽيون ته جي اهو اولاد آرسي ڏسندو ته نقصان ٿيندس، تنهن کان سواءِ تنهنجي اولاد کي قسمت ۾ ڏک تمام گهڻو لکيل آهي. هاڻي وڻئي ته اولاد قبول ڪر، وڻئي ته انڪار ڪر! بادشاهه کي اولاد جي سڪ هئي، تنهنڪري هن مرشد جون ٽيئي ڳالهيون قبول ڪيون.

ٿورن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ بادشاهه جي گهر ۾ اميدواري ٿي. پورن ڏينهن تي بادشاهه کي پٽ ڄائو، جنهن جو نالو ’بهرام‘ رکيائين. بادشاهه کي جو سڪي پني اولاد ڄائو هو، تنهنڪري سڄي بادشاهيءَ ۾ خوشيون ٿي ويون. ٽن ڏينهن کان پوءِ، بادشاهه پنهنجي پٽ کي ڏسڻ آيو، شهزادي کي ڏسي خوش ٿي وري پنهنجي آستان تي آيو. خدا جي قدرت سان ٻئي ڏينهن بادشاهه مري ويو. بادشاهه جي مرڻ کان پوءِ هڪ ٻئي بادشاهه ڪاهه ڪري ملڪ هٿ ڪيو. پوءِ ان ملڪ جي رعيت کي گهرايائين... ڪن کي زمينون ڏنائين، ڪن کي ڀلا گهوڙا ڏٺائين ۽ ڪن کي خزانو ڏئي خوش ڪيائين. ان بعد ڪيترائي نجومي پاڻ وٽ گهرائي، انهن کي چيائين ته: مون کي ٻڌايو ته مون کان بادشاهي ڪير کسيندو؟ نجومين چيس ته: هڪ ڇوڪرو تنهنجي شهر ۾ ڄاول آهي، جو تو کان تنهنجي بادشاهي کسيندو. تڏهن بادشاهه وري شهر جي ماڻهن کي گهرائي پڇيو ته: اڳيون بادشاهه چڱو هو يا آءٌ چڱو آهيان؟تنهن تي سموري رعيت چوڻ لڳي ته: بادشاهه سلامت! اوهين چڱا آهيو. ڀلا جن کي زمينون، ڀلا گهوڙا ۽ خزانا مليا، سي ڪيئن ٿا چون ته ’بادشاهه تون چڱو نه آهين!‘ وري بادشاهه رعيت کي چيو ته: اوهين منهنجو حڪم مڃيندا؟ سڀ رعيت هائوڪار ڪئي. تڏهن بادشاهه حڪم ڪيو ته جيڪي به ننڍڙا ڇوڪرا هن وقت ڄاول آهن، تن سڀني کي ماري ڇڏيو. اڳوڻي بادشاهه جو ڪو نمڪ حلال وزير اتي ويٺل هو، سو هيءَ حڪم ٻڌي بادشاهه جي ڪچهريءَ مان اٿي، اڳئين بادشاهه جي راڻيءَ وٽ ويو ۽ چوڻ لڳس ته: راڻي! هن بادشاهه حڪم ڪيو آهي ته هن بادشاهيءَ اندر جيڪي به ننڍڙا ڇوڪرا ڄاول آهن تن کي ماري ڇڏيو؛ هاڻي جيڪڏهن توکي پنهنجو پٽ بچائڻو آهي ته جيڪا به ملڪيت تون پاڻ سان کڻي سگهين سا کڻي، اڄ رات هن شهر مان نڪري وڃ، نه ته سڀاڻي تنهنجو ٻچو به ٻين سان گڏ ماريو ويندو. راڻي، وزير جي ڳالهه ٻڌي فڪر ۾ پئجي ويئي. ٻيو ڪوبه وسيلو نه ڏسي، جيڪا ملڪيت کانئس کڄي سگهي سا کنيائين ۽ پنهنجو پٽ کڻي، ٻه بادشاهيون ڇڏي ٽينءَ بادشاهيءَ ۾ وڃي نڪتي. اتي هڪڙي جاءِ وٺي، ان ۾ پنهنجو پٽ سمهاري، پاڻ فقيراڻو لباس ڪري پنندي رهي.

انهيءَ شهر جي بادشاهه جو نالو ’شامون‘ هو. هن بادشاهه جي نگاهه هڪ ڏينهن انهيءَ فقيرياڻيءَ تي پئجي ويئي. تنهن خيال ڪيو ته هيءَ ڪا وڏ گهراڻي ٿي ڏسجي، ڇو نه سندس حقيقت معلوم ڪجي. پوءِ بادشاهه پنهنجي هڪ امير کي چيو ته: هيءَ فقيرياڻي، جيڪا پنهنجي ملڪ ۾ نئين ٿي ڏسجي، تنهن کي مون وٽ حاضر ڪريو. امير، فقيرياڻيءَ کي وٺي بادشاهه جي اڳيان حاضر ڪيو. بادشاهه هن کان خبرچار پڇي، پر هن پاڻ کي ظاهر نه ڪيو. جڏهن بادشاهه کيس هر طرح دلداري ڏني، تڏهن راڻيءَ اول کان آخر تائين سڄو قصو ڪري ٻڌايس. بادشاهه، راڻيءَ کي چيو ته: مائي! تون ڪوبه فڪر نه ڪر، مون کي پنهنجون ست راڻيون آهن، جن مان اولاد ڪونه اٿم، هاڻي اهو تنهنجو ٻچو سو منهنجو ٻچو ۽ تون منهنجي نياڻي آهين، توکي رهڻ لاءِ محلات ۾ هڪ جاءِ جدا ڏيان ٿو، تون ان ۾ پنهنجي پٽ سان گڏجي هلي رهه. قصو ڪوتاهه، راڻي دل من هڻي آخر بادشاهه جي ڳالهه قبول ڪري، اچي محلات ۾ رهڻ لڳي.

شهزادو بهرام ماءُ سان گڏ محلات ۾ پئي نپنو. جڏهن پڙهڻ لائق ٿيو، تڏهن هن کي پڙهڻ ويهاريو ويو. هو ننڍي هوندي کان ئي ڏاڍو اڙٻنگ هوندو هو. کٿابين کي ڏاڍو ماريندو هو. آخر هڪڙي ڏينهن سڀني کٿابين پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته: هن کي يا ته گڏجي مار ڏيون، يا هن جو ٻيو ڪو بندوبست ڪريون. آخر ٽوليون ٺاهي هن سان وڙهڻ لڳا، پر هو اهڙو ته بهادر هو، جو جنهن به ٽوليءَ ۾ وڃي پوي، ان ٽوليءَ جي سڀني ڇوڪرن کي ماريو ڀڄايو ڪڍي. ڪنهن ڇوڪري جي ٻانهن چٽ ته ڪنهن جي ٽنگ چٽ. جڏهن ڇوڪرن جي اها صلاح نه بيٺي، تڏهن وري صلاح ڪيائون ته هن کي اهڙي هنڌ موڪلجي جتان وري نه اچي. سو هيءُ پڙهڻ پئي ويو ته ڇوڪرا ٽولي ٺاهي هن جي اڳيان آيا ۽ کيس چوڻ لڳا ته: تون اسان جو بادشاهه ۽ اسين تنهنجي رعيت آهيون. ڇو ته تون اسان سڀني کان بهادر آهين. تو جهڙو بهادر مصر جهڙي مشهور ملڪ ۾ هجي، اتي تو جهڙي بهادر جو ڏاڍو قدر ٿيندو. هن جڏهن ڇوڪرن جي ڳالهه ٻڌي، تڏهن کيس مصر وڃڻ جو ڏاڍو شوق ٿيو. آخر پيءُ کي اچي چيائين ته: بابا! مون کي مصر وڃڻ جو شوق آهي، ان ڪري مون لاءِ هڪ جهاز تيار ڪرايو ۽ هڪ سؤ جوان به سنڀرايو، جي مون سان گڏ هلن. بادشاهه خيال ڪيو ته هن کي شايد ڪنهن اهو شوق ڏياريو آهي، انهيءَ ڪري متان هن جي دل ڏکوئجي؛ سو لاچار هڪڙو جهاز ۽ هڪ سؤ جوان هن کي ڏيئي، سفر جي موڪل ڏنائين. شهزادو، ماءُ کان موڪلائي جهاز ڪاهي مصر ڏانهن روانو ٿيو.

شهزادو بهرام ٿورن گهڻن ڏينهن کان پوءِ وڃي مصر ۾ پهتو. ڪناري تي پنهنجن ساٿين کي ترسائي، پاڻ جهاز مان لهي شهر گهمڻ ويو. گهمندي گهمندي هن کي هڪڙي ماڻهو گڏيو، جنهن خبرون چارون ڏيندي کيس ٻڌايو ته: شهر جا ٽي طرف ڀلي گهمي ڏس، پر چوٿين طرف نه وڃج. تڏهن شهزادي پڇيو ته: چوٿين طرف ڪهڙي خاص ڳالهه آهي؟ جوان جواب ڏنس ته: مون ٻڌو آهي ته انهيءَ پاسي جيڪي ويا آهن، سي وري نه موٽيا آهن؛ تنهنڪري توکي به صلاح ڏني اٿم، جو تون سهڻو جوان ٿو ڏسجين ۽ مفت مري ويندين. شهزادي دل ۾ چيو ته انهيءَ طرف جي خبر ضرور وٺندس ته ڪهڙو خطرو آهي. نيٺ ٻيا پاسا گهمي انهيءَ پاسي ويو. ڏسي ته سوين ماڻهو بيهوش پيا آهن. هن هڪڙي کي جيئن تيئن ڪري هوش ۾ آڻي ان کان پڇيو ته: ادا! هيترا سارا ماڻهو جو بيهوش پيا آهن، تنهن جو ڪهڙو سبب آهي؟ هن وراڻيس ته: هينئر رات ٿي ويئي آهي، تنهنڪري صبح جو اچج ته پوءِ سربستو حال ٻڌايئين، شهزادو موٽي جهاز ۾ آيو ۽ جهاز کي ٿانيڪو ڪري، جوانن کي ڏاڍيون دلداريون ڏيئي چيائين ته: پاڻ کي هت مصر ۾ ڳچ ڏينهن رهڻو پوندو.

رات خير خوبي سان گذاري، صبح جو سوير اُٿي وري ساڳئي هنڌ انهيءَ جوان وٽ آيو ۽ چيائينس ته: ڪالهوڪي خبر اڄ تي رکيل هئي، اها خبر ٻڌاءِ! تنهن تي انهيءَ شخص ٻڌايس ته: هن شهر جي بادشاهه کي حسن گل راڻي نالي هڪڙي سهڻي ڌيءَ آهي، ان جي حسن تي هزارين ماڻهو عاشق آهن، هي سڀ بيهوش ماڻهو انهيءَ پريءَ جا عاشق آهن.

سج مثل آ سهڻي، جڙيل جواهرن،
ماڻڪ موتي منڌ تي، جهالون ٿيون جهرڪن،
معشوق ويهي ماڙيءَ ۾، بجليون جيئن بکن،
نوَ لکا هار هنجن ۾، چوڌاري چمڪن،
کوپيو اکيون وڃن، اُت عاشقن جون ان ۾.

____

هلي ٿي هستيءَ سان، سوين ڪريو سينگار،
چمن گهمي ٿي چاهه مان، باغيجا به بهار،
منهن ٻري تنهن مِهريءَ جو، چوڏس ۽ چوڌار،
سونهن ڏني سردار، آهي بانڪا! تنهن پريءَ کي.

 

ان شخص اهو بيان ڪري کيس چيو ته: تون به سهڻو جوان آهين پر هتي ته حسن جي حد ئي ڪانهي. آخر هي پاڻ ۾ دوست ٿي ويا ۽ بانڪي بهرام کيس ٻڌايو ته: آءٌ پرديسي آهيان، مهرباني ڪري ٻڌاءِ ته راڻي ڪنهن سان ڳالهائيندي به آهي يا نه، ۽ هينئر ڪٿي هوندي؟ تنهن تي ان شخص ٻڌايس ته: رهندي ته آهي محلات ۾، پر هينئر هوءَ پنهنجي سٺ سهيلين سان باغ گهمڻ ويئي آهي:

 

بجلي ويئي آ باغ ۾، سٺ سهيلين ساڻ،
تڪبّر بيٺي تان ڪري، هوءُ پَڏائي پاڻ،
سدا هوندي سرتين ساڻ، رتي منجهه رهان،
الله ڪري آماڻَ، ڏسجي سرتين وچ ۾.

 

ائين چئي بانڪي بهرام کي چيائين ته: حسن گل راڻيءَ کي پنهنجي حسن تي ايڏو ته تڪبّر آهي، جو چوي ٿي ته آءٌ اهو مرد ئي ڪانه ٿي ڏسان جو مون سان شادي ڪري. شهزادو کانئس موڪلائي باغ ڏي هليو. اچي ڏسي ته باغ جو دروازو بند ٿيو پيو آهي، سو ڀت ٽپي اندر ٿيو. هن جي آواز تي، جنهن بڪاريءَ باغ ۾ گل پئي ڇنا، تنهن پڇيس ته: ڪير آهين؟ اتي بيهي رهه، متان اڳتي وڌيو آهين! ائين چئي وڌي اچي کيس جهليائين ۽ چيائينس ته: هل بادشاهه وٽ. بانڪي بهرام کي جا آئي ڪاوڙ، تنهن بڪاريءَ کي چيو ته: بڪاريءَ جا ٻچا! وڃي پنهنجي بادشاهه کي اطلاع ڏي، آءٌ باغ کان ٻاهر نه نڪرندس. بڪاري، بانڪي بهرام جون اکيون ڏسي وٺي ڀڳو ۽ وڃي ڄاڻ ڪيئين. پر ان وقت حسن گل پري اتي اچي نڪتي. بانڪي بهرام جو کيس ايندو ڏٺو، سو هن جي حسن کان بيهوش ٿي ڪري پيو.

 

هلي ويو حشمت سان، ڪيائين دلبر جو ديدار،
بانڪي تنهن بهرام کي، ڏيل پئجي ويا ڏاڻ،
ڪري پيو پهلواڻ، ٿيو حملو حسن جو.

 

خدا بانڪي بهرام کي به اهڙو حسن ڏنو هو، جو هوءَ به کيس ڏسڻ شرط بيهوش ٿي ڪري پئي. اهو حال ڏسي سهيليون پاڻي وجهي کيس هوش ۾ آڻڻ لڳيون:

 

ڏسي پهلوان کي پري، ٿي بيهوش گل بهار،
سرتين جنهن کي سدجاڳ ڪيو، پئي نيڻ نمائي نار،
ڏسي چيو چوڌار، ته پاڻي وجهو هن پرديسي تي.

 

اتي سرتين راڻيءَ کي چيو ته: هاڻي ته غرور لٿئي، جو چئين پئي ته هن پرديسيءَ تي پاڻي وجهو. تڏهن راڻيءَ چيو ته: ٻيون ڳالهيون سڀ پوءِ، اول هن غريب تي پاڻي وجهو ته هوش ۾ اچي.

 

پاڻي پڌئون پرديسيءَ تي، جو آه ڪري اٿيو،
محبوب پنهنجي منهن سان، چاڳليءَ کي چيو:
حسن گل! تنهنجي حسن هڻي، ايڏو ڪِيس ڪيو،
دلبر تنهنجي دام ۾، ڦاسي آءٌ پيو،
هگاڻي دلاسو ڏيو، ظاهر پنهنجي زبان سان.

 

اتي بانڪي بهرام، حسن گل راڻيءَ کي چيو ته: جيڪڏهن اجازت ڏين ته آءٌ هتي تنهنجي باغ ۾ رهان، نه ته وڃي ڪنهن ٻئي هنڌ رهان. اتي کيس سرتين اشارو ڪيو ته ’هن کي هڪل ڏيئي سندس بهادريءَ جي خبر وٺ، جيڪڏهن بهادر هوندو ته ڪونه ڀڄندو، نه ته هي به ٻين وانگر ڀڄي جند ڇڏائيندو.‘ تڏهن راڻيءَ بانڪي بهرام کي چيو ته:

 

ڀڄي وڃ ڀڄڻا، نه ته پاپ اسان پوندو،
بڪاري ويو آهي بابي وٽ، جو چاهه مان چوندو،
ماڻهو مصر شهر جا، هو مرد به ميڙيندو،
لحظي ۾ لڏائيندو، ساهه تنهنجي سريري مان.

 

اهو ٻڌي شهزادي وراڻيس ته: آءٌ ڀڄڻو ڪونه آهيان، سؤ ڪوهن جا پنڌ ڪري وڏيءَ ولايت مان آيو آهيان، سو تنهنجي دڙڪي کان ڊڄي ڪونه ڀڄندس. ڀلي اهڙا سؤ لشڪر اچن.

 

دڙڪا تنهنجا دادلي! مون کي هنئين منجهه هُرن،
قسمت مون سان قهر ڪيو، نه ته ائين ڪير چون،
ڀڄي وڃن ڀڄڻا، اُهي مرد ڪيئن چئجن،
مردن جي ميدان تي، واسي مينهن وسن،
پنج هزار لشڪر جا، مون وٽ موچڙي ساڻ مرن،
چڙهيا اُڙد اچن، ته به پهلوان آهيان پڙ ۾.

 

بانڪي بهرام جي اها ڳالهه ٻڌي، راڻي دل ۾ هن جي تعريف ڪرڻ لڳي ۽ سرتين کي چيائين ته: هيءَ بيشڪ بهادر آهي، پر آءٌ ڇا ڪريان جو هي پرديسي آهي، ان سان نينهن لائڻ چڱو ڪم نه آهي. تڏهن سرتيون چوڻ لڳيون ته: تون اسان سان بحث پئي ڪرين، پر هوڏانهن ڏس ته بادشاهه لشڪر وٺي پيو اچي. حسن گل راڻي ۽ سندس سهيليون ته هليون ويون، پر بانڪي بهرام پنهنجي مرشد کي ياد ڪري، مدد لاءِ سوال ڪيو. ايتري ۾ قدر سان چار گرڙ پکي ۽ چار شينهن هن جي مدد لاءِ اچي حاضر ٿيا. بادشاهه ۽ وزير اها حالت ڏسي صلاح ڪئي ته اهڙي ڪا تجويز ڪجي جو هي مارجي وڃي. تنهن تي وزير عرض ڪيو ته: بادشاهه سلامت! هڪڙو ماڻهو اسان جو ڇا مقابلو ڪندو؟ هن جي مارڻ جي تجويز بلڪل آسان آهي، جو پنهنجن گهوڙن کي تيز کڻي ڇڏيون ۽ هن کي لتاڙي هليا هلون. وزير صلاح تي لشڪر وڌيو ئي ڪين ته گرڙ ۽ شينهن لشڪر ۾ ڪاهي پيا. گهڙيءَ کن ۾ لشڪر جي لاشن جا ڍير لڳي ويا. وزير ڏٺو ته خلق مري وڃي باقي بچي آهي ۽ جي اهو حال رهيو ته اسين به مري وينداسين، سو بادشاهه کي اشارو ڪيائين ته پويان پير ڪجن. پوءِ ته بادشاهه ۽ وزير گهوڙن کي هڪلي وڃي محلات ڀيڙا ٿيا. هي حال ڏسي جيڪو لشڪر بچيو هو سو به ڀڄڻ لڳو. آخر جنگ ختم ٿيڻ بعد بانڪو بهرام هڪڙي شينهن تي سوار ٿي محلات ڏانهن هليو.

 

سورج نڪتو شعاع ڪري، جنهن جو تاج ڪري تجلا،
هڪ هسوار ٿيو شينهن تي، ٻيا اڳ ۾ ٿي هليا،
جوڙيا ڪم الله، هو آيا مصر شهر ۾.

 

ٿوري وقت کان پوءِ بانڪو بهرام شينهن تان لهي پنهنجي جهاز جي خبر چار لهڻ لاءِ ويو. ايتري ۾ حسن گل راڻي ميدان خالي ڏسي، پنهنجي پيءُ کي سمجهائڻ لڳي ته: بابا سائين! اوهان کي ائين ڪرڻ نه کپندو هو. هيءَ ته قدرت جي مهرباني چئبي جو اوهين سلامت آهيو.

 

حسن گل پيءُ اڳيان، ويٺي پاند ڳچيءَ پائي،
هٿ ٻڌيو ادب جا، ٿي سالڪ سمجهائي،
بابا! بانڪي بهرام کي، ڇڏج نه موٽائي،
نه ته بانڪو شهر مصر جا، ڇڏيندو ماڻهو مُسائي،
مالڪ سڄي شهر جو، بانڪو ئي آهي،
بانڪو بهرام لاهي، ڏک تنهنجي ڏيل جا.

 

ان ڏينهن چين ولايت جي بادشاهه کي نجومي ذريعي خبر ملي ته ڪنهن ولايت جو شهزادو بانڪو بهرام، حسن گل راڻي ٿو پرڻجي. تنهنکي خيال ٿيو ته ڇو نه آءٌ حسن گل راڻيءَ جي اڳيان منهنجي ساراهه ۽ بانڪي بهرام جي گلا ڪجو. ڌوتيون حڪم مطابق اچي پنهنجي ڪم کي لڳيون، پر حسن گل اڳيان سندن هڪ به نه هلي ۽ مفت بيعزت ٿي ٻاهر نڪتون. ڌوتين کي تڙائي، حسن گل راڻي سڌي پنهنجي پيءَ وٽ آئي ۽ کيس سڄي ڳالهه ٻڌائي چوڻ لڳي ته: بابا! آءٌ اڄ کان بانڪي بهرام جي ٿي چڪي آهيان، تنهنڪري هنن ڌوتين کي- جن منهنجي اڳيان بانڪي بهرام جي گلا ۽ هڪ اوڦٽو ماڻهوءَ جي ساراهه پئي ڪئي. ڌڪا ڏيئي تڙائي ڪڍيو اٿم. ڌيءَ جي واتان اهڙيون ڳالهيون ٻڌي بادشاهه ڪاوڙجي باهه ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو ته: اي نڀاڳي! اهو چين ولايت جو بادشاهه آهي، جو تنهنجي سڱ جي گهُر ٿو ڪري. هاڻي جي اهو اسان سان جنگ ڪندو ته ساڻس پڄڻ جي اسان ۾ همت ڪانهي. تنهنجو بانڪو بهرام اسان کي ڪهڙي پڳ ٻڌائيندو؟ انهيءَ کان نه ڄمين ها ته اهي ڳالهيون پيدا ئي نه ٿين ها. ايتري ۾ روشن شجاع نالي هڪڙو ديو، جو ’جابر‘ جادوگر جو تابعدار هو، سو به حسن گل راڻيءَ سان شاديءَ جو پيغام کڻي آيو ۽ بادشاهه جي اڳيان اچي حاضر ٿي چوڻ لڳو ته: اي بادشاهه! مون کي جابر جادوگر موڪليو آهي ۽ چيو اٿس ته اسان سان جنگ ڪر يا ڌيءَ جو سڱ ڏي. اها ڳالهه ٻڌي، بادشاهه، روشن شجاع ديو کي چوڻ لڳو ته: مون اڃان ڪنهن سان به اهڙو وعدو نه ڪيو آهي. هن پاسي به زبردست بادشاهه جي گهر ٿي رهي آهي ۽ هاڻي اوهين به آيا آهيو. مون کي ڪنهن کان به انڪار نه آهي. پر هاڻي صلاح آهي ته اوهين ٻئي پاڻ ۾ مقابلو ڪريو، جيڪو اوهان مان ڏاڍو ٿيندو تنهن کي ڌيءَ جو سڱ ڏيندس. اها ڳالهه ٻڌي روشن شجاع ديو خوش ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته: اجهو ٿا آدمزاد کي ماري مڃايون.

بادشاهه، بانڪي بهرام کي به گهرايو ۽ کيس روشن شجاع ديو جي اچڻ ۽ سڱ گهرڻ جي سڄي خبر ٻڌايائين ۽ چيائينس ته: تون آدمزاد آهين ۽ هو ديو آهن، بهتر آهي ته تون ميدان ڇڏي ڀڄي وڃ، ڇو جو هتي تنهنجو مقابلو نه ٿيندو. پر جيڪڏهن پاڻ ۾ ايتري همت سمجهين ته ڀلي جنگ جوٽ، پوءِ کٽي تنهنجي قسمت. بانڪي بهرام جواب ڏنو ته: آءٌ موٽي وڃڻ لاءِ ڪونه آيو آهيان، اهي ديو منهنجي اڳيان گُرڙيءَ مثال به ڪين آهن. روشن شجاع ديو اهي لفظ ٻڌي تپي باهه ٿي ويو ۽ هڪدم ديون جو وڏو لشڪر وٺي اچي ڪڙڪيو ۽ بانڪي بهرام کي هڪل ڪيائين ته: اي آدمزاد نڪر ٻاهر! گهر ويٺي ويٺو ٻٽاڪون هڻين، هاڻي اچ ته زور آزمايون. تنهن تي بانڪي بهرام چيس ته: آءٌ ويٺل آهيان، تون آيل آهين، تنهنڪري پهريائين توکي وارو آهي. انهيءَ تي ديو چيس ته: تون آدمي آهين، تنهنڪري مون کي مناسب نه آهي ته تو جهڙي ڪمزور کي هڪ ئي وار سان ماري وجهان، تنهنڪري منهنجي مرضي آهي ته تون به ته مڇر وانگر ڪجهه ’ڀُون ڀُون‘ ڪري هڪ پرديسي آدمي کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو. بانڪي بهرام تي هن طعني تمام گهڻو اثر ڪيو ۽ وچ ميدان ۾ اچي ديو کان پڇيائين ته: توهان جي لشڪر جا طنبو ڪهڙي طرف آهن، هن ٻڌايس ته اسان جا طنبو اڀرندي طرف آهن. تڏهن بانڪي بهرام چين ته اوهين سڀئي هڪٻئي جي ڪنن تي ڪن رکو ته آءٌ ڌڪ هڻان. ديون هن کي چريو سمجهي کِلي هڪٻئي جي ڪنن تي ڪن رکيا. پوءِ بانڪي بهرام دل ۾ پنهنجي مرشد کي ياد ڪري، ديو کي اهڙو ڌڪ هنيو جو ان جي آواز سان اهي ديو، جن جا ڪن مليل هئا، دانهن ڪري پٽ تي ڪري پيا ۽ سندن جسم مان رت ريلا ڪري وهڻ لڳو. اهڙيءَ طرح سان سڄو لشڪر ماري پورو ڪيائين.

مصر شهر جا ماڻهو، بانڪي بهرام جي ههڙي بهادري ڏسي وائڙا ٿي ويا ۽ واهواهه ڪندا اچي هن کي مبارڪون ڏيڻ لڳا. هوڏانهن حسن گل راڻي به پهريائين ته انهيءَ ويچار ۾ هئي ته بانڪي بهرام ۽ ديون جي مقابلي جو نتيجو خبر ناهي ڇا نڪرندو... تنهن جو ٻڌو ته بانڪي بهرام جي سوڀ ٿي آهي. سا ستر سهيليون ساڻ ڪري، هن بهادر جي ديدار لاءِ اچي باغ ۾ بيٺي. ٿوري وقت کان پوءِ بانڪو بهرام به اچي اتان لانگهائو ٿيو ۽ حسن گل راڻيءَ جو ديدار ڪندو وڃي درٻار ۾ پهتو ۽ بادشاهه کي مبارڪ ڏئي چوڻ لڳو ته: آءٌ ديون کي ماري جنگ کٽي آيو آهيان. هاڻي پنهنجي وعدي کي پاڙڻ ۾ دير نه ڪر. بادشاهه، بانڪي بهرام سان وعدي پاڙڻ جو انجام ڪري ستن ڏينهن جي جشن ملهائڻ ۽ خير خيراتن ڪرڻ جو حڪم ڪيو. اٺين ڏينهن حسن گل راڻيءَ جي شادي بانڪي بهرام سان ڏاڍي ڌوم ڌام سان ٿي گذري. شاديءَ کان پوءِ بانڪي بهرام ڳچ ڏينهن مصر ۾ گذاريا. آخر حسن گل راڻيءَ سان صلاح ڪري، بادشاهه کان وطن وڃڻ جي اجازت گهريائين. بادشاهه کيس خوشيءَ سان اجازت ڏني. تنهن کان پوءِ حسن گل راڻي به پنهنجن مائٽن کان موڪلائي بانڪي شاهه بهرام سان گڏ وڃڻ لاءِ تيار ٿي.

مقرر ڏينهن تي بادشاهه خود هنن سان گڏجي، جهاز تائين آيو ۽ کين روانو ڪيائين. واٽ تي بانڪو بهرام حسن گل راڻيءَ سان پنهنجن ڏکن ۽ ڏاکڙن جو بيان ڪندو سفر کي کٽائيندو، آخر هڪ ڏينهن اچي پنهنجي وطن ۾ پهتو. شامون بادشاهه کي جڏهن اها خبر پئي ته بانڪو بهرام، حسن گل راڻيءَ سميت واپس اچي ويو آهي، تڏهن پنهنجي وزير سان گڏجي استقبال لاءِ ساڻس اچي مليو، ۽ کيس فتح جون مبارڪون ڏنائين. پوءِ کيس وٺي محلات ۾ آيو. محلات ۾ گهڙڻ شرط ماءُ ڏاڍي اُڪير ۽ پيار سان پنهنجي پٽ سان ملي. ان کان پوءِ پنهنجي نُهَن حسن گل راڻيءَ سان به ملي ڏاڍي خوش ٿي.

شامون بادشاهه جي بادشاهيءَ ۾ ڳچ وقت رهڻ مان کيس خبر پئي ته سندس پيءُ وفات ڪري ويو آهي ۽ پاڻ ماءُ سميت هتي پناهه ۾ رهيل اهي. هڪ ڏينهن بانڪو بهرام همٿ ڪري شامون بادشاهه وٽ ويو ۽ کانئس انهيءَ حقيقت بابت پڇڻ لڳو. پر شامون بادشاهه کيس هن حقيقت جو ڪوبه انت نه ڏنو ۽ ڳالهين ئي ڳالهين ۾ ٽاري ڇڏيائينس. ٻئي ڏينهن بانڪو بهرام پنهنجي ماءُ وٽ ويو کيس چوڻ لڳو ته: امان! مون کي ٻڌاءِ ته بابي سائين جي بادشاهي ڪهڙي ملڪ ۾ هئي ۽ اها ڪيئن اسان کان ويئي؟ اول ته ماڻس به کيس نه ٻڌائڻ جي ڪئي، ڇاڪاڻ جو ماءُ ڏٺو ته متان هي بادشاهي هٿ ڪرڻ لاءِ جنگ ڪري، تنهنڪري نٽائڻ لڳي. آخر لاچار ٿي پنهنجي وزير جي نمڪ حراميءَ جو سمورو بيان کيس ڪري ٻڌايئين. هن احوال ٻڌڻ شرط بانڪي بهرام، ماءُ کي چيو ته: انهيءَ نمڪ حرام وزير کان جيسين پنهنجي بادشاهي واپس نه وٺندس، تيسين مون کي کائڻ پيئڻ حرام آهي. پوءِ درٻار ۾ وڃي شامون بادشاهه سان صلاح ڪرڻ لڳو ته ڪهڙيءَ تجويز سان هلجي ۽ انهيءَ نمڪ حرام وزير کي گرفتار ڪري کانئس پنهنجي بادشاهي هٿ ڪجي! ڳچ وقت پاڻ ۾ صلاحون ڪندا رهيا، نيٺ جنگ ڪرڻ جي پڪي راءِ بيٺي. پوءِ جلد ئي پنهنجي لشڪر کي تيار ڪري، ڪاهي پنهنجي بادشاهيءَ ۾ آيو. ان ملڪ جو حڪمران نمڪ حرام وزير به جنگ لاءِ تيار ٿي آيو. ست ڏينهن برابر جنگ هلي، نيٺ وزير جي طرفان صلح لاءِ امير آيا، جن بانڪي بهرام کي عرض ڪيو ته: آخر هن بادشاهه ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جو اوچتو لشڪر وٺي چڙهائي ڪئي اٿو؟ ڪجهه وقت مهلت ڏيو يا ڳالهيون ڪريو، پوءِ جنهن جو ڏوهه ٿئي تنهن کان ٻنهي بادشاهين جي ٿيل نقصان جو عيوضو ورتو وڃي. پر بانڪي بهرام اها ڳالهه قبول نه ڪئي ۽ ٻيهر جنگ ڪرڻ لاءِ تياري ڪرڻ لڳو. هي حال ڏسي وزير اچي پيش پيو. بانڪي بهرام کيس ههڙو مجبور ڏسي چيو ته: اي نمڪ حرام وزير! تون پيش نه پؤ، ڇاڪاڻ جو تو دشمن کي جيئري رهڻ جو منهنجي بادشاهي ۾ ڪو حق نه ملندو، ان ڪري بهتر آهي ته هيءَ تلوار کڻ ۽ مون سان دوبدو جنگ ڪر، پوءِ جيڪو کٽي سو بادشاهي ڪري. آخرڪار هن وزير اها ڳالهه به نه مڃي ۽ جيئدان لاءِ ستائڻ لڳو. پوءِ بانڪي بهرام حڪم ڪيو ته: هن نمڪ حرام وزير کي انڌاري ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري ڇڏيو ته جيئن منهنجي نظر هن تي نه پوي ۽ اهڙي تڪليف ڏيوس جو عذاب کائي مري وڃي. اهڙيءَ طرح بانڪي بهرام پنهنجي ويل بادشاهي هٿ ڪري، مٿس ڏاڍي ڌام ڌوم سان حڪومت ڪئي، ۽ پنهنجي ماءُ ۽ حسن گل راڻيءَ سان حياتيءَ جا باقي ڏينهن خوشين ۾ گذارڻ لڳو.


*    هي روايت لاڙ (تعلقي ٺٽي) مان عبدالله گندري کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org