سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب: --

صفحو :1

مشهور سنڌي قصا

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ

 

مهاڳ

سنڌي جي ’لوڪ ادب‘ کي سهيڙڻ لاءِ هڪ تفصيلي تجويز، سنه 1955ع ۾ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي سامهون رکي وئي، جا 1956ع جي آخر ڌاري بورڊ بحال ڪئي، ۽ ان جي عملي نگراني ۽ تڪميل بنده جي حوالي ڪئي.

ان تجويز مطابق، جنوري 1957ع کان لوڪ ادب سهيڙڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو، انهيءَ سلسلي ۾ تعلقيوار ڪارڪن مقرر ڪيا ويا ته ڏنل هدايتن موجب، ٻهراڙيءَ مان مواد گڏ ڪري موڪلين. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾، ’سنڌي لغت آفيس‘ سان گڏ لوڪ ادب جي مرڪزي آفيس قائم ڪئي وئي، ۽ ڪارڪن مقرر ڪيا ويا، ته مقامي طور گڏ ڪيل، توڙي ٻاهران آيل مواد کي هدايت موجب ورڇي ورهائي، ڀيٽي صاف ڪري ڇپائڻ لائق بنائين.

پهريان ٻه سال، 1957ع ۽ 1958ع، لوڪ ادب جي مواد سهيڙڻ ۾ صرف ٿيا. انهيءَ عرصي ۾ تعلقيوار ڪارڪنن، ڳوٺن مان گهربل ڳالهيون هٿ ڪيون، مرڪزي آفيس جي عملي ڇپيل ڪتابي ذخيري مان ضروري مواد اُتاريو، ۽ بنده ڪوشش ڪري سنڌ جي هر ڀاڱي جو گشت ڪري، سڄاڻ سگهڙن سان ڪچهريون ڪري ڪيون ۽ عام سنڌي ادب جي هر پهلوءَ کي سمجهڻ ۽ ان جي خاص ذخيري کي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهي سعيي ۽ همت، بلڪ جذبي ۽ محبت سان قدري ايترو مواد گڏ ٿيو، ۽ ٿي رهيو آهي، جو ان جي آڌار تي عام سنڌي ادب جي هر ڀاڱي بابت، نموني طور هڪ ڪتاب مرتب ڪري سگهجي. ڪتابن جي تاليف ۽ ڇپائي جو سلسلو ٽئين سال 1959ع کان شروع ٿيو ۽ جاري آهي.

هت ٻه ڳالهيون واضح ڪرڻ ضروري آهن:

پهريون ته هن تجويز موجب، سنڌي ٻوليءَ جي عام ادب جون اهي جملي جنسون، جيڪي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ جي عوام ۾ مقبول ۽ مروج آهن، تن کي ’لوڪ ادب‘ جو ذخيرو تسليم ڪيو ويو آهي. انهيءَ ذخيري ۾ سنڌي ادب جون معياري جنسون پڻ شامل آهن، مثلاً: مداحون، مولود، ٽيهه اکريون، ڪافيون وغيره، مگر جيئن ته اهي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ ۾ عام مقبول ۽ مشهور آهن، انهيءَ ڪري انهن کي پڻ ’لوڪ ادب‘ جي دائري ۾ شمار ڪيو ويو آهي. انهيءَ لحاظ سان، هن تجويز هيٺ گڏ ڪيل ’لوڪ ادب‘ کي بعينہ ’فوڪ لور‘ (Folklore)  جي مغربي مفهوم سان تعبير ڪرڻ صحيح نه ٿيندو. اسان جي ملڪ ۾ شهري زندگي اڃا ايتري وسعت يا خاص نوعيت اختيار نه ڪئي آهي، جو اها خواص جي زندگي ۽ تمدّن جو، يا ’معياري ادب جو سرچشمو بنجي. سڌي زندگيءَ جو مرڪزي دائرو اڃا تائين ڳوٺ آهي، ۽ انهيءَ ڪري سنڌي ادب جو وڏو ذخيرو اهو ئي آهي، جو عوام جي زندگيءَ جو آئينو آهي. انهيءَ ڪري هن مرحلي تي سنڌي ٻوليءَ جي ’لوڪ ادب‘ ۽ ’معياري ادب‘ جي وچ ۾ حد فاصل قائم ڪري نٿي سگهجي.

ٻيو ته هن تجويز ذريعي ’لوڪ ادب‘ جو سمورو مواد گڏ نه ٿي سگهيو آهي، ان کي سهيڙڻ لاءِ وڏي وقت ۽ ڪافي ذريعن جي ضرورت آهي. لوڪ ادب جو سڄو ذخيرو سربستو گڏ ڪرڻ ڄڻ اَٿاهه سمنڊ سوجهي مڙني موتين ۽ ماڻڪن کي ميڙڻ جي برابر ٿيندو، جو ناممڪن آهي. البته جو ڪجهه گڏ ٿي سگهيو آهي، سو لوڪ ادب جي هر جنس بابت مثالي مواد آهي. انهيءَ لحاظ سان هن تجويز هيٺ تاليف ڪيل ڪتاب اميد ته آئينده ڪوششن لاءِ نمايان نشان ۽ نيڪ فال ثابت ٿيندا.

’لوڪ ادب تجويز‘ جي تحريڪ جيتوڻيڪ بنده جي طرفان ٿي، مگر ان جي عملي سربراهي توڙي تڪميل ۾ گهڻن ئي مخلصن جون ڪوششون شامل آهن. اول ته ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي ميمبرن کي جس جڳائي، جن هن تجويز کي سنه 1956ع ۾ منظور ڪيو. ان بعد گهربل مواد گڏ ڪرڻ، صاف ڪرڻ، ترتيب ڏيڻ، ابتدائي مسوّدا توڙي پريس ڪاپيون تيار ڪرڻ، ۽ آخر ۾ ڪتابن ڇپائڻ ۾ ڪيترائي ساٿي ٻانهن ٻيلي ٿيا آهن. هن تجويز کي ڪامياب بنائڻ ۾ تعلقيوار ڪارڪنن، مرڪزي آفيس جي باهمت فردن، سنڌ جي سڄاڻ سگهڙن، توڙي انهن مڙني دوستن جو حصو آهي، جن بنده لاءِ سگهڙن کي ڳولي هٿ ڪرڻ ۽ ساڻس ڪچهرين ڪرڻ ۾ پنهنجي هڙان وڙان مدد ڪئي.

’لوڪ ادب تجويز‘ هيٺ، مشهور سنڌي قصن ۽ عشقيہ داستانن بابت ست ڪتاب مرتب ڪري شايع ڪرڻا آهن، جن مان هيءَ ستون ڪتاب آهي، جو انهن ٻاهرين قصن سان تعلق رکي ٿو، جن کي سنڌ جي سگهڙن ۽ شاعرن عام طرح ڳايو آهي.

مجموعي طور سان هيءُ ’لوڪ ادب‘ سلسلي جو چوٽيهون ڪتاب آهي. ان جو بنيادي مواد جولاءِ 1958ع تائين گڏ ٿيو، سڄي مواد کي چڪاسي، مختلف روايتن کي ڀيٽي، ترتيب ڏيئي، ڊسمبر 1960ع ۾ ڪتاب جو مسوّده تيار ڪيو ويو ۽ مئي 1962ع ۾ مسودّه جي آخرين تصحيح ڪري پريس ڪاپي شايع ٿيڻ لاءِ ڏني ويئي.

مرڪزي آفيس جي ٻين ڪارڪنن سان گڏ خاص طرح محترم ممتاز مرزا ۽ محترم محمّد يوسف شيخ هن ڪتاب جي مواد کي اتاري، يڪجاءِ ڪرڻ، ڀيٽڻ ۽ دوباره صاف ڪري لکڻ ۾ تحسين جوڳو ڪم ڪيو ۽ محترم شيخ محمد اسماعيل ان سڄي ڪم جي نگراني ڪئي، ۽ مُسوّده تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. ڪتاب جي آخري سٽاء، ترتيب ۽ تاليف لاءِ بنده خود ذميوار آهي.

 

سنڌ يونيورسٽي خادم العم

حيدرآباد سنڌنبي بخش

20 مئي 1962ع

 

 

 

ام للنسان ماتمنيٰ فللّہ الا خرت والاوليٰ

 

مقدمو

سنڌي قصن ۽ داستانن جي سلسلي جو هيءُ آخري ڪتاب آهي، جنهن ۾ خصوصاً اهي صدين کان وٺي سنڌ ۾ عام مروج ۽ مقبول آهن ۽ انهي لحاظ سان اهي بالڪل اجنبي يا ٻاهريان نه آهن. انهن مان گهڻا جيتوڻيڪ سنڌ کان ٻاهر اسريا، مگر انهن جي سنڌي روايت تي سنڌ جي راوين ۽ شاعرن جي گهڙ-ڀڃ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بيان جو غلاف چڙهيل آهي. سنڌ جي مؤرخن، عالمن، شاعرن، راوين ۽ سگهڙن، گذريل سوَن سالن جي وڏي عرصي ۾ انهن کي بيان ڪندي ڳائيندي ’پنهنجو‘ ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن مان اڪثر سنڌي ادب يا لوڪ ادب جو جز بنجي چڪا آهن. انهن داستانن مان ڪي اهڙا آهن، جي پوري سٽاءَ سميت اول سنڌ کان ٻاهر اسريا ۽ مشهور ٿيا ۽ پوءِ سنڌ ۾ رائج ٿيا، جيئن ته ’يوسف زليخا‘ ۽ ’ليليٰ مجنون‘، ڪن جون ڪي روايتون سنڌ کان ٻاهر اسريون ۽ ڪي سنڌ ۾ سرجيون جيئن ته ’شاهه بهرام‘ ۽ ’سيف الملوڪ‘، ڪن جو فقط پس منظر ٻاهريون آهي پر انهن جو سٽاءُ ۽ ساخت غالباً سنڌ جي سگهڙن ذريعي ٿي جيئن ته ’خدا دوست‘، ۽ ڪن جا ڪي مکيه ڪردار ٻاهران آيا پر واقعا سنڌ جي سرزمين ۾ ٿيا، ۽ انهيءَ ڪري اهي داستان سنڌ ۾ ئي اسريا ۽ ڳايا ويا جيئن ته ’مل محمود ۽ مهرنگار!.

هن جلد ۾ شامل ڏهن قصن ۽ داستانن مان، مغوي لحاظ سان محفض ’قصا‘ فقط ٽي آهن: ’جمجما سلطان‘ جنهن جو مضمون عبرت ۽ نصيحت آهي، ’حضرت سليمان ۽ بيبي بلقيس‘ جنهن جو مرڪزي مضمون حضرت سليمان جي نبوت ۽ عظمت آهي، ۽ ’سڪندر بادشاهه’، جو يوناني بادشاهه سڪندر اعظم بابت ڳالهين سان وابسته آهي. باقي ست ئي مرڪزي نقطه نظر کان، عشق ۽ محبت جا داستان آهن.

 

سنڌي ۾ قصن جوڙڻ جو سلسلو

برعظيم پاڪ-هند جي علاقائي ٻولين ۾، سنڌي ۾ قصه گوئي ۽ قصه- خواني جو رواج ڪافي آڳاٽو آهي. هندي ۾ قطبن جڏهن ’پدماوت‘ جوڙيو ته سنڌي ۾ سگهڙن ’دودو چنيسر‘ ڳائڻ شروع ڪيو. سنڌي ٻوليءَ ۾ بيان جي وسعت سومرن جي دور کان پيدا ٿي ۽ انهيءَ دور کان وٺي مقامي واقعن ۽ افسانن جون پچارون شروع ٿيون، جن سمن جي دور ۾ پيشه ور ڀانن ۽ چارڻن، منگتن ۽ مڱڻهارن جي ذهن ۽ ذوق سببان قصن ۽ داستانن طور ڳائجڻ لڳيون.

سمن جي دور کان وٺي سنڌ وارن جي فارسيءَ سان آشنائي شروع ٿي. دهلي جي سلطانن توڙي ملتان ۽ گجرات جي پاڙيسري صوبن جي حڪمرانن سان سنڌ جي سمن ڄامن جا سياسي تعلقات پيدا ٿيا. ملتان ۽ اُچ جي بزرگن ۽ عالمن سان سنڌ جي بزرگن، عالمن توڙي عوام جا ناتا وڌيا، ۽ سنڌ اندر اهلِ علم فارسي جي ادبي شاهڪارن سان روشناس ٿيا. سمن جي دور جي آخر (ڏهين صدي هجري جي شروع) تائين، نظامي، امير خسرو ۽ جامي جي شهرت سان گڏ ’ليليٰ مجنون‘، ’سڪندر نامي‘ ۽ ’يوسف زليخا‘ جهڙن داستانن جو ذڪر پڻ علمي حلقن ۽ درسگاهن ذريعي سنڌ ۾ رائج ٿيو. ڏهين صدي هجري ۾ ارغونن ۽ ترخانن جي دور (927-1000هه) ۾ سنڌ اندر فارسي تعليم جو سلسلو جاري ٿيو، ۽ عربيءَ سان گڏ فارسي جو علمي ۽ ادبي سرمايو سنڌ جي علمي حلقن جي رس رهاڻ جو هڪ مکيه باب بنيو. فارسيءَ جي منظوم قصن سنڌ جي شاعرن کي پڻ فارسي نظم ۾ قصن جوڙڻ تي آماده ڪيو. ڏهين صدي هجري جي خاتمي کان اڳ، ۽ غالباً مرزا محمد باقي ترخان جي حڪومت جي آخري سالن ۾، ابوالقاسم سلطان جي هم مجلس ۽ نوازيل شاعر اِدراڪي بيگلاري سنڌ جي مقامي قصي ’ليليٰ چنيسر‘ کي ’چنيسر نامي‘ جي عنوان سان فارسيءَ ۾ منظور ڪيو.

’چنيسر نامو، انهن اوائلي مقامي قصن مان آهي، جي برعظيم ’پاڪ-هند‘ ۾ فارسيءَ ۾ منظوم ڪيا ويا. سواءِ امير خسرو ۽ ٻين شاعرن جي، جيڪي دهليءَ جي شاهي درٻار سان وابسته هئا، ڏهين صدي هجري ۽ ان کان اڳ، ٻين اهڙن صوبائي شاعرن جا نالا ڳوليا ملندا جن مقامي افسانا فارسيءَ ۾ منظور ڪيا هجن. مقامي طور سنڌ ۾ فن قصه-خواني جو ايترو چرچو هو، جو اڪبر بادشاهه پنهنجي دربار ۾ مرزا جاني بيگ کان ’مارئي جي قصي‘ بابت پڇيو. البت يارهين صدي هجري ۾ قصن جوڙڻ جو سلسلو سڄي برعظيم جي مختلف صوبن ۾ قدري عام ٿيو ۽ سنڌ جي شاعرن پڻ ان ۾ سبقت ڪئي. غالباً  ’چنيسر نامي‘ کان متاثر ٿي، مير محمد معصوم ڏهين صدي جي آخر کان يارهين صدي جي شروع واري عرصي ۾ فارسيءَ ۾ افسانا منظوم ڪيا، جن مان هڪ ’سسئي پنهون‘ (’حسن و ناز‘) بابت هو. اهڙيءَ طرح مير طاهر محمد نسياني ’ليلان چنيسر‘ نثر ۾ جوڙيو ۽ پڻ پنهنجي تاريخ ۾ ’بديع الجمال‘ جي قصي جي مقامي روايت قلمبند ڪئي. ’تاريخ طاهري‘ واري اها روايت خالص سنڌ جي مقامي روايت آهي، جا ’سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال‘ جي عام مشهور قصي کان بالڪل الڳ آهي. ان مان ظاهر آهي ته سنڌ ۾ اهو قصو تاريخ طاهري جي تصنيف (1027هه) کان گهڻو گهڻو اڳ رائج هو، ايتري قدر جو سنڌ وارن ان کي پنهنجو بنائي ڇڏيو*.

جيئن ته عوامي سنڌي شاعري جو سرمايو سڄو سربستو لکيت ۾ محفوظ نه رهيو آهي، انهيءَ ڪري چئي نٿو سگهجي ته سنڌ اندر مقامي شاعرن ڪڏهن کان انهيءَ

قسم جا قصا ۽ داستان سنڌيءَ ۾ منظوم ڪرڻ شروع ڪيا، البت 12 صدي هجري (18 صدي عيسوي) کان وٺي قدري اهو سرمايو اسان کي لکيت ۾ ملي ٿو، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ’تاريخ طاهري‘ جي تصنيف کان هڪ سؤ ورهيه کن پوءِ سنه 1136هه ۾ فاضل شاهه ’ليليٰ مجنون‘ سنڌيءَ ۾ منظوم ڪيو. اهو ميان نور محمد ڪلهوڙي جو بالڪل اوائلي دور هو. ان کان پوءِ ڇَتي کٽيءَ غالباً ميان نور محمد جي آخري يا ميان غلام شاهه جي اوائلي دور ۾ شيخ ابراهيم ’لَس‘ واري ’قصو شاهه بهرام گور ۽ حسن بانو جو‘ ۽ ٻيا قصا جوڙيا، ۽ بهار ٻَپڙ ۽ جمال نالي شاعرن جدا جدا ”سيف الملوڪ“ جو قصو منظوم ڪيو. انهيءَ ساڳئي عرصي ۾ محمد ملوڪ نالي شاعر ’يوسف زليخا‘ سنه 1189هه ۾ لکيو، ۽ پڻ ٻين شاعرن ’يوسف زليخا‘ توڙي ’جمجما سلطان‘ انهيءَ 12 صدي واري دور ۾ لکيا. اهي جملي قصا هن سلسلي جا نسبتاً آڳاٽا آهن، جي اسان تائين لکيت ۾ سلامت پهتا آهن. ان مان ظاهر آهي ته ڪم از ڪم 12 صدي هجري جي پهرئين اڌ کان وٺي سنڌيءَ ۾ منظوم قصن جي مقبوليت عام ٿي ۽ اهو سلسلو اڄ تائين جاري رهيو آهي.

تيرهين صدي هجري (19- صدي عيسوي) ۾ سنڌي منظوم قصن ۽ عام مقبوليت جا نشان وڌيڪ پڌرا ۽ پيرائتا موجود آهن. ٽالپورن جي اوائلي دور ۾، خليفي عبدالله نظاماڻي سنه 1208هه ۾ ’ليليٰ مجنون‘ منظوم ڪيو ۽ عبدالرحمان نالي ڀُڄ (ڪڇ) جي هڪ شاعر ”اربعا ڏينهن تاريخ 5- جمادي الآخر سنه 1226هه“ تي ’جمجمہ جو قصو‘ جوڙيو ٽالپورن جي دور ۾ پڄاڻي وقت پڻ سنڌي قصن جو ذوق ايتري قدر عام هو، جو سنڌ تي قبضي ڪرڻ (1843هه) بعد پهرين ڇهن سالن اندر انگريز مصنفن ان کان متاثر ٿي، سنڌي قصن جي اشاعت ڏانهن توجهه ڪيو. مثلاً، ڪئپٽن اسٽَيڪ پنهنجي ’سنڌي گرامر‘ ۾، جو سنه 1849ع ۾ ڇپيو، ’راءِ ڏياچ‘ جي قصي جا بيت مثال طور قلمبند ڪيا، ٽُرمپ سنه 1858ع ۾ فاضل شاهه جو ’ليليٰ مجنون‘ ڇاپايو، ۽ گولڊ سُمِڊ سنه 1862ع ۾ ’سسئي پنهون‘ جو متن انگريزي ترجمي سميت شايع ڪيو. ان بعد تعليم کاتي جي توجهه سان سنڌي منظوم قصا سرڪاري خرچ تي ڇپجڻ لڳا. ساڳئي وقت خانگي طور ڪتب فروشن پڻ ڇاپخانن جي سهوليت سببان انهن قصن جي اشاعت جو سلسلو شروع ڪيو ۽ 19- صدي جي خاتمي کان اڳ ڪافي منظوم سنڌي قصا بمبئي، لاهور ۽ ڪراچيءَ مان ڇپيا، ۽ ان بعد سنڌ جي ڇاپخانن خصوصاً ڪراچي شڪارپور، سکر ۽ لاڙڪاڻي مان شايع ٿيا. هن وقت اڪثر اهي اڳيان ڇاپا ۽ ڪي نيون روايتون، خصوصاً حيدرآباد جا ڪتب فروش ڇپائي رهيا آهن. هيٺ اسان هر هڪ قصي جي ٽاڻن اهڃاڻن کي ورجائيندي انهن جي ڪن آڳاٽن ڇاپن جا حوالا ڏينداسون*.

قصن ڳائڻ جو رواج:

لوڪ ادب سلسلي جي ستاويهين ڪتاب ”ڳاهن سان ڳالهيون“ جي مقدمي ۾ اسان سنڌ ۾ فن قصه- خواني جي اوسر ۽ ارتقاء تي قدري روشني وڌي آهي، ۽ ان کي ٽن دورن ۾ ورهايو آهي. هن جلد ۾ شامل قصن جي ڳائجڻ جو تعلق ٽئين دور سان آهي، جنهن ۾ سنڌي فن قصه-خواني عروج کي

 پهتو ۽ سنڌ جا هنرمند ۽ ظريف ڀان ۽ چارڻ، ڀٽ ۽ مڱڻهار ۽ ٻيا سڄاڻ سگهڙ انهن ڊگهن قصن کي سازن جي وڄت ۽ ڪافين جي جوڙ سان ڀرين مجلسن ۾ ڳائڻ لڳا. انهن پيشه ور قصه-خوانن کان سواءِ، اندازاً ڪلهوڙن جي دور کان وٺي، سنڌ جي مختلف ڀاڱن ۾ ’بيت ڏيندڙ‘ سگهڙ ساماڻا، جن وري ”نڙ“ جي لئي تي ’عام ڊگهن سنڌي بيتن‘ ۾ ڪن قصن کي ڳائڻ جو سلسلو شروع ڪيو. هن جلد ۾ شامل ڏهن قصن ۽ داستانن مان ڇهه اهڙا آهن، جن کي هنرمند قصه-خوانن توڙي بيت ڏيندڙ سگهڙن ڪافي عرصي کان وٺي پئي ڳايو آهي. بانڪي شاهه بهرام، سيف الملوڪ، خدا دوست، مل محمود ۽ مهرنگار کي هنرمند قصه-خوانن ڳايو آهي جن مان ’بانڪو شاهه بهرام‘ ’مجني‘ ۽ ’سيفل‘ کي ’بيت ڏيندڙ‘ ملوڪن ’نڙ-بيت‘ جي ڪچهرين ۾ ذوق شوق سان پئي ڳايو آهي.

هن پوئين دور جي هنرمند قصه-خوانن ’بانڪي شاهه بهرام‘ جي ٻن روايتن کي ڳايو آهي، جي خصوصاً ٺٽي ۽ حيدرآباد وارن ڀاڱن ۾ عام مروج آهن: هڪ ڇتي کٽيءَ جو جوڙيل قصو (ص ص 227-272)  جو گهڻي قدر مقبول رهيو آهي، ۽ ٻيو ’بانڪو بهرام ۽ حسن گل راڻي‘ واري روايت (ص ص – 303- 315) جا خاص طرح ٺٽي ضلعي جي اترئين اراضي ۾ رائج آهي. اسان سنه 1955ع ۾ نصرپور جي سگهڙ مڱڻهار علڻ فقير کي ’بانڪي شاهه بهرام‘ جو قصو ڳائيندي ٻڌو ۽ بروقت ڪي فني ٽاڻا ۽ خاص فقرا قلمبند ڪيا، انهيءَ لاءِ ته سنڌي فن قصه- خواني جو عملي خاڪو قدري ذهن نشين ٿي سگهي. هيٺ انهيءَ ڪچهري جا ڪي خاص اهڃاڻ ڏجن ٿا، انهيءَ لاءِ ته هن موجوده دور ۾، باوجود ذوق جي ڪمي ۽ عام مجلسن جي ڍرائي جي، سنڌ جي هن آڳاٽي فن جو قدري اندازو ٿي سگهي.

’اسين ڪچهريءَ لاءِ ٺهي ويٺاسون ته علڻ فقير (عمر اٽڪل 58 سال) به دهل ساڻ ڪري اچي سلام واريو. فقير تڏي تي مجلس کي سامهون ٿي ويٺو. سڀ هڪ ڪَنا ٿيا ته علڻ فقير اڪيلي سر دهل جي وڄت تي بانڪي شاهه بهرام جو قصو کنيو. ’آسا‘ جي راڳنيءَ سان شروعات ڪيائين، ۽ مجلس کي مچائڻ لاءِ اول ڪافي چيائين. ڪافي پوري ٿيڻ تي، قصو ساراهه سان هن طرح شروع ڪيائين:

”اي سائين! حڪم الله جو، حڪم الله جي رسول جو دائم قائم:

دنيا جون ڳالهيون، دنيا جا طبقا...“

ان بعد ’اي صاحب!‘ جي سڏ سان قصي جو پير کنيائين، ۽ ڳالهه جي هر نئين موقعي ۽ واقعي جو بيان حاضرينن کي ”اي صاحب!“ يا ”اي سائين!“ جي خطاب سان ٿي ڪيائين. پنهنجي بيان ۾ ماضي جو ڪوبه جملو ڪونه ٿي آندائين ۽ ڳالهه جا سڀ واقعا مضارع يا حال ۾ بيان پئي ڪيائين، ڄڻ ته هر واقعو هوبهو هن وقت ٿئي پيو. مؤثر لفظن ۽ آواز جي لهه-چڙهه سان ڪاوڙ، پريشاني، حيرت، هراس ۽ خوشي جي موقعن کي ڊرامائي انداز ۾ ٿي ادا ڪيائين. شاهه بهرام جي ساٿين ۽ سولي بخت کي جسون پئي ڏنائين ۽ سندس مخالفن ۽ مقابلي ڪندڙ ديون وغيره کي نهايت ظريفانه انداز ۾ ٿي ٽوڪيائين، جنهن تي ڪچهريءَ ۾ گاهي بگاهي کل جا ٽاڪوڙا پئجي ٿي ويا ۽ ڳالهه جي ڳورائي ۽ ڊيگهه محسوس ئي ڪانه ٿي ٿِي. نثر ۾ ڳالهه جي ٿوري بيان کان پوءِ ’ڳاهه‘ طور قصي جو بيت ٿي ڳايائين، پر حاضرينن جي توجهه ۽ ذوق وڌائڻ خاطر (۽ بيت جي مضمون ۽ موقعي جي لحاظ سان) ڪن خاص فقرن ذريعي ۽ خاص لهجي ۾، ۽ خاص انداز سان ڳالهه جي موقعي جي نزاڪت ڏانهن هن طرح ڌيان ٿي ڇڪايائين ته:

”اي سهڻا! ڪوڙو لقاء ٿو ٿئي سو ته ٻڌجانء!“

يا

”هرڻ ڏسي، شاهه بهرام ٿو پويانس گهوڙو لائي:

پر ڪيئن ٿو هرڻ پويان گهوڙو لائي، سو ته سڻجؤ!“

ائين چِتائي، دهل تي خاص ”ڳالهه جي وڄت“ جو تڪڙو هٿ هڻي ’ڳاهه‘ واري نوع ۾ بيت ٿي ڳايائين، جنهن سان دهل جي ”ڳاهه واري وڄت“ شامل ٿي رهي. بيت جي پوري ٿيڻ تي تار چُڪائي، وري ”اي صاحب!“ يا ”اي سائين!“ جي خطاب سان نثر ۾ ڳالهه جو بيان شروع ٿي ڪيائين، جنهن ۾ پنهنجي طرفان عجب قسم جا حريفانه ۽ ظريفانه نڪتا ٿي ڳنڍيائين. اهڙن موقعن تي جڏهن سورهيه شاهه بهرام، ڪو ڪشالو ڪاٽي ڪاميابيءَ سان پار ٿي پيو ته هيءَ فقرو هڪ خاص انداز ۾ ادا ٿي ڪيائين ته:

”اي صاحب! ڪِلڪِليو بادليو شهزادو پنهون

ڪان سُجان ٿيو ويٺو اُهي!“

يا وري شاهه بهرام کي هن طرح جَس ٿي ڏنائين ته:

”هن کي ته شابس هجي، پر هن جي بابي کي به رنگ هُونِ.“ ڳالهه ڳالهائيندي هر اڌ ڪلاڪ يا ذرا گهٽ وقفي بعد ڪافي ٿي چيائين ۽ تار چُڪائي پنجن منٽن کن لاءِ ساهي ٿي کنيائين، جنهن ۾ ٻڌندڙن کي واه واه چوڻ، ڳالهه بابت پنهنجن خيالن ظاهر ڪرڻ جو موقعو ٿي مليو، ۽ انهيءَ ويساهين سببان وري هر ڪنهن جو اڳتي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ چاهه ٿي وڌيو. علڻ فقير ڪچهري جو رخ ڏسي واري دهل تي سوار ٿِي ٿي ويٺو ۽ دهل تي ’تياريءَ جي وڄت‘ جو هڪ خاص هٿ ٿي هنيائين، جنهن تي سڀني جو توجهه ڏانهس ٿي ٿيو. پنهنجي نثر واري بيان ۾ پڻ هر جملي يا هڪ ٻن جملن بعد دهل تي هڪ خاص قسم جو هلڪو هٿ ٿي هنيائين ۽ وري ’ڳاهه‘ واري موقعي تي وڄت جو تڪڙو هٿ هڻي بيت ٿي ڳايائين. ڳالهه هلندي سندس اڪثر تڪيو ڪلام ته:

”مڙئي گم ٿين، پر اهو گل بَهاريل هجي.“

پنهنجي نثر واري بيان کي چپي چپي تي سهڻن جملن ۽ دلچسپ فقرن سان پئي سينگاريائين، جن مان ڪي ٿورا فقرا جي اسان ڳالهه هلندي تڪڙو تڪڙو قلمبند ڪيا، سي هيٺ ڏجن ٿا:

- الا اسرار لڳو پيو آهي، رات مان ڏينهن لڳو پيو آهي.

- جمعي جمعي تي گل اندام پري ديدار ڏيکاريندي هئي.

- اي صاحب! رب راضي ته جڳ راضي.

- چيائين ته: اسان منڊي ماڪوڙي به ڪانه لتاڙي آهي

- دانهن بنان دوا نه ٿئي.

- فقير چيو، الله سُئو.

- اِهي خدا کان مون وِيرُون پئي پِنيون.

- وٺو ته اِهين ڪرون، پوءِ به جاڳي شهباز!

- وٺو ته گڏ هجون، پوءِ قاضي ڄاڻي قيام ڄاڻي!

- جيڪي ٻول ڪن، سي ڏسن.

- ڇا منهنجي ڪاٺي! ڇا منهنجي هاٺي! ڇا تنهنجي ڪاوڙ!

- جيئري جو جهان، مئي جو مقام

- جيڪو ويندو چين، سو ايندو ڪين

- ڪوسو رت هڻندو ڪنهن هاڃي ۾

- پَريُون ويون پنهنجِي نشِي

- اِلاچي جي وگهار سان، ڦودني جي داڳ سان، ترڪڻو گِراهه!

- هيڏانهن ڪارو کَهو، هيڏانهن ڀڳو ٽوڙو!

- اي صاحب! ڳالهيون سگهيون ٿين، ڏينهن ميعاد تي نبرن. غالباً جون يا جولاءِ جو مهينو هو، ۽ اٽڪل ڏينهن جا ٻه وڳا هئا جو فقير قصو شروع ڪيو. هڪ سخت ڪاڙهو، ٻي هوا بند ۽ هر ڪو پگهر ۾ شل؛ پر فقير پنهنجي هنر ۽ فن سان ڳالهه جي اها ته لئي بيهاري جو ٽي-چار ڪلاڪ ڄڻ منٽن ۾ گذري ويا. واه علڻ فقير واه! پيريءَ ۾ به پوريون ڪري ڇڏيائين! کيس ڳالهه ڳائيندو ٻڌي، قدري اندازو ٿيو ته اڄ کان چاليهه- پنجاهه سال اڳ، جڏهن سنڌ ۾ ڪچهرين جا مانڊاڻ متل هئا، تڏهن پيشه ور ڀانن ۽ ڀٽن، چارڻن ۽ مڱڻهارن، ۽ ٻين سڄاڻ سگهڙن ڳالهيون ڳائيندي ڪهڙا نه رس لاتا هوندا!

 

قصن بابت اشارا ۽ اهڃاڻ

1- جمجما سلطان: هي قصو سنڌ ۾ آڳاٽي وقت کان رائج آهي. لکيت ۾ منظوم قصو غالباً اول ٻارهين صدي هجريءَ ۾ ڪنهن بزرگ ’الف اشباع‘ واري قافيي سان جوڙيو، جنهن جو قلمي نسخو برطانوي متحف (برٽش ميوزيم) ۾ محفوظ آهي. شاعر قصي جي شروعات ’ساراهه سان ڪئي آهي ته:

ساراهجي سو ڌڻي، جو سڀن ساراه

اپائي ۽ کپائي، لهي سڀن پساء

صفت جي سبحان جي آهين، ڌوراء

ڪارساز [ڪمن جو] صانع ارض وسماء

هي قصو غالباً اوائلي جوڙيل آهي. ان بعد ٽالورن جي  دور ۾، ڀُڄ شهر (ڪڇ) جي شاعر عبدالرحمان نالي ’جمجمہ سلطان‘ جو قصو ”اربعا ڏينهن تاريخ 5- جمادي الآخر 1216هه“ تي جوڙي راس ڪيو، جو سنه 1305هه ۾ ’مطبع فتح الڪريم‘ بمبئي مان هڪ مجموعي جي صورت ۾*ڇپيو. هيءَ نظم هن قافيي مصراعن وارن ڊگهن بندن ۾ چيل آهي، جن مان هر هڪ بند جو قافيو نرالو آهي، ٻولي توڙي اسلوب بيان جي لحاظ سان هي منظوم قصو قابل قدر آهي. شاعر قصي جي شرعات هن طرح آهي:

ڪرهو حمد حڪيم کي، سائين ساراهيو
واکاڻيو واحد کي، هيڪا هيڪ ٿيو
نڪو شريڪ تنهن سين آهي ڪو ڀيڙو
وحدهُ لاشريڪ لہ پاڪ ئي پاڪ ٿيو
نڪين ڄڻي پاڻ سو، نڪين ڪنهن ڄائو’لم يلد ولم يولد‘ مُنزّه مولو
پاڪ پرور پاتشاه سائين سٻاجهو-الخ
ڪيپراٽيءَ جو حضرت عيسيٰ کي جواب
ناء منهنجو پڌرو جمجمہ سلطان
پڻ ’جمجم،‘ چون هڏي کي منجهه عربي لسان
پر هڏو مٿي جو ڪاسِي جي اهڃاڻ
مالڪ هوس مصر جو سڀ ڌرتي جو ديوان
مثل هوس ڌنار جي، ٻڪريون سڀ جهان
چلندا هوا چئين ڪنڊين منهنجا امر فرمان
شام سڄو ئي منهنجي ڪم ۾ حيران
روم، بخارا، بلخ پڻ مڃين منهنجي آڻ – الخ

اڳتي شڪار تي وڃڻ ۽ سور جي سامائجڻ جو ذڪر ته: ”جان سمهان تان سور مران، وهان تان واڪا“ قصي جي پڄاڻي هن طرح ته:

جڏهن هي قصو ٿئو تمّت تماما
تڏ هجرت کي حبيب جي، جو خاصو خليل خدا
هزار پورو ٻه سئو سورهن ورهه گذرئا
هو مهينو جمادالآخر جو ليکي شمارا
ڏينهن اربع جو هئو پنجئي تاريخا
ٿئو جمجم سلطان جو تڏهن قصو طيارا
الاهي عبدالرحمان کي مرهين تون موليٰ
جو ساڪن شهر ڀڄ ۾ ڪري گذرانا
ساڻ سڀني مومنين، جي ڪلمون چُونِ مُها

قصي جون مٿيون ٻئي روايتون اسان کي هن جلد مرتب ڪرڻ وقت دستياب ٿي نه سگهيون، مگر انهن کان سواءِ پڻ سڄيون ساريون ست ٻيون روايتون مليون، جي متن ۾ شامل آهن. اهي ست ئي عوامي شاعرن جون چيل آهن، جنهن مان سنڌ ۾ هن قصي جي عام مقبوليت جو اندازو ٿي سگهي ٿو. هن قصي کي خاص طرح ’نڙ-بيت‘ جي ڪچهرين ۾ بيت ڏيندڙ سگهڙن پئي ڳايو آهي ۽ اڃا تائين پيا ڳائين. انهن عوامي روايتن کان سواءِ حمل فقير جو جوڙيل جمجما سلطان ’ڪليات حمل‘ ۾ شايع ٿي چڪو آهي*. هن موجوده دور جي عوامي شاعرن پڻ بيتن ۾ هي قصو جوڙيو آهي ۽ قصي جي مقبوليت عام آهي.

’جمجمہ‘ عربي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي مٿي جي کوپري، ۽ ’جمجمہُ سلطان‘ جي فارسي (اضافي ترڪيب) ۾ معنيٰ ٿيندي ’سلطان يا بادشاهه جي کوپري‘ قصي جي روايت موجب حضرت عيسيٰ اها کوپري ڏٺي جنهن سان سندس گفتگو ٿي. انهيءَ ڪري هن قصي جو سڌو سنئون نالو ٿيندو ”قصو جمجمہ جو.“ بمبئي مان ڇپيل قصي تي پڻ اهو ئي عنوان ڏنل آهي. البت سنڌ جي عوام توڙي سگهڙن وٽ اهو قصو ’جمجما سلطان‘ جي نالي سان† مشهور ٿي ويو آهي ۽ انهي لحاظ سان متن ۾ پڻ انهيءَ عام مقبول عنوان سان رکيو ويو آهي.

2- يوسف زليخا. قرآن شريف (سورة ’يوسف‘) ۾ حضرت يوسف جي ذڪر ۾ هن قصي جو پس منظر جامع لفظن ۾ بيان ٿيل آهي، ۽ انهيءَ ڪري هيءَ قصو اسلامي دنيا ۾ ڪافي مقبول رهيو آهي؛ خصوصاً اوائلي فارسي شاعري ۾ فردوسي جي منظوم ’يوسف زليخا‘، شيخ عبدالله انصاري جو نثر ۾ جوڙيل قصي، ۽ آخر ۾ ’جامي‘ جي منظور شاهڪار ذريعي هي قصو افساني طور ملڪان ملڪ مشهور ٿيو. سنڌي ۾ هي قصو اول قرآن شريف جي مثالي روايت جي ترجمي سان عام مروج ٿيو. محمد ملوڪ (وفات 1180هه) پهريون معلوم مصنف آهي، جنهن قرآن شريف جي مثالي روايت جي ترجمي سان هي قصو سنڌي ۾ جوڙيو، جو ناقص صورت ۾ ”انڊيا آفيس لائبريري“ (لنڊن) ۾ موجود آهي. غالباً ان بعد، احمد نالي شاعر پڻ ان ساڳئي مثالي روايت جي بنياد تي ’الف اشباع‘ واري قافيي سان ’يوسف زليخا‘ منظوم ڪيو:

الاهي احمد چئي، آهيان عاصي اپارا

ڏڏ ڏهاري نڪڻين، عاجز اسارا

انهيءَ ساڳئي عرصي ۾ ٻئي هڪ شاعر جو جوڙيل ’يوسف زليخا‘ پڻ احمد واري جوڙيل قصي سان گڏ ”انڊيا آفيس لائبريري“ ۾ محفوظ آهي. اهو ٻيو قصو ساراهه سان هن طرح شروع ٿئي ٿو:

شروع ڪريان ٿو قصي کي سان نالي ذات خدا

جو سائين سٻاجهو سڀين پَريِين، سميع سلطانا

۽ هيٺين مصراعن تي ختم ٿئي ٿو:

اذن آگا تون ڪريِين رُش رحمانا!
ته ڪهان ڪلمون حضرت نبي ڪريم تي سچي  شوق منجها.

’يوسف زليخا‘ جون اهي روايتون، هن جلد مرتب ڪرڻ وقت دستياب نه ٿي سگهيون؛ پر انهن آڳاٽين روايتن مان ظاهر آهي ته سنڌي ۾ هي قصو ڪم از ڪم 12 صديءَ هجري کان وٺي لکيت ۾ رائج ٿيو.

متن ۾ هن قصي جي تفصيلي روايت شروع ۾ ڏني وئي آهي، ۽ ان بعد ٻه روايتون ٻيون شامل ڪيون ويون آهن، جن مان هڪ ’مولوي غلام الله خليفي ولد ميان دائود صاحب عباسي‘ (ساڪن چودره تعلقي وارهه) جي آهي. اهو قصو هن سنه 1318هه ۾ سنڌي مثنوي ۾ منظوم ڪيو ۽ ڪراچي مان ڇپيو. ٻي روايت عوامي شاعر شيخ محمود جي جوڙيل بيتن جي آهي. انهن ٻن روايتن کان سواءِ سنڌ جي ٻين شاعرن، بزرگن ۽ سگهڙن پڻ هي قصو جوڙيو، جن مان ٻه قابل ذڪر آهن. مشهور شاعر غلام مرتضيٰ شاهه ’مرتضائي‘ ٺٽوي، سنڌي مثنوي ۾ ’يوسف زليخا‘ منظوم ڪيو، جو تاجر ڪتب پوڪرداس سنه 1920ع ۾ شڪارپور مان شايع ڪيو. ٻيو سنڌ جي مشهور اهل دل ۽ مجاهد بزرگ شاهه تاج محمود امروٽي منظوم ڪيو، جو ”پرت نامہ سندي يعني يوسف زليخا“ جي عنوان سان اول سنه 1346هه ۾ ڇپيو ۽ وري موجوده وقت ۾ مولوي محمد عظيم سنه 1952ع ۾ شڪارپور مان ڇپايو. انهن معياري تصنيفن کان سواءِ، يوسف زليخا جا بيت ۽ ڏوهڙا هيٺينءَ طور ڪتب فروشن طرفان ڇپيا:

- زليخا جا بيت ۽ ڏوهيڙا، لاڙڪاڻو 1914

- زليخا جا بيت (ٽي ڀاڱا)، شولداس ٿانورداس، شڪارپور 1918

- يوسف زليخا جا بيت (گرمکي صورتخطيءَ ۾)، شڪارپور 1919

- زليخا جا بيت ۽ ڏوهيڙا، سکر 1919

2- حضرت سليمان ۽ بيبي بلقيس: قرآن شريف ۾ هن حڪايت جي حقيقت بابت ذڪر آهي، مگر ’بلقيس‘ جو نالو ڪونهي. مغرب جي يهودين ۽ ڪرستانن جي روايتن ۾ ’حضرت سليمان ۽ شيبا جي راڻي‘ جي ڳالهه مشهور آهي. ٿي سگهي ٿو ’شيبا‘ ساڳيو ڏکڻ عربستان وارو ملڪ ’سَبا‘ هجي، مگر سَبا جي حڪمرانن بابت عرب روايتون وڌيڪ واضح آهن. علامہ زمخشري جي تحقيق موجب بلقيس ڏکڻ عربستان جي حِميَري بادشاهه تُنّع بن شَراحِيل جي گهراڻي مان هئي. تُبع ’قصر مَعارِب‘ (معارب جو محل) جو مشهور والي هو. حبش جي روايتن موجب، حبش جي شاهي گهراڻو (جنهن مان موجوده بادشاهه هيلي سيلاسي آهي) حضرت سليمان ۽ شيبا جي راڻي جي اولاد مان آهي، مگر انهن روايتن ۾ ’شيبا جي راڻي، کي ’ماڪيدا‘ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو.

4- شاهه بهرام: هي قصو سنڌ ۾ ڪافي آڳاٽي وقت کان مشهور ۽ مقبول رهيو آهي، ۽ هن جلد جي مواد سهيڙڻ وقت پڻ ان جون ست روايتون مليون، جن جي بناء تي هن قصي جون ٽي مستقل روايتون متن ۾ قائم ڪيون ويون آهن.(1)

انهن مان پهرئين روايت (ص ص 117-150) سڀ کان به اول غالباً لس ٻيلي جي نامور شاعر شيخ ابراهيم جي جوڙيل ”قصو شاهه بهرام گور ۽ حسن بانو جو“ ذريعي سنڌ ۾ رائج ٿي. شيخ ابراهيم اهو قصو 18- صدي عيسوي جي پوئين اڌ ۾ سنڌي بيتن ۾ جوڙيو، جو ٻولي توڙي اسلوب بيان جي لحاظ سان هڪ شاهڪار آهي. اها ساڳي روايت ويهين صدي جي شروعات کان وٺي هيٺين ڇاپن ذريعي عام پڌري ٿي:

وڏو قصو بهرام بادشاهه جو، تاليف ڪيل حاجي امام بخش خادم جو، جنهن جو پهريون ڇاپو منشي پوڪرداس، مفيد عام پريس لاهور مان سن 1902ع ۾ ڇپايو. ٻيو ڇاپو جنوري 1916ع ۾، ۽ ان بعد ٽيون ڇاپو پڻ شايع ٿيو.

وڏو قصو بهرام شاهه بادشاهه جو، جو منشي اَوترام ولد ديوان نيڻو مل ڀرين جي رهندڙ اردو مان ترجمو ڪيو ۽ هريسنگ، مصطفائي پريس لاهور مان سنه 1903ع ۾ ڇپايو، ٻيو ڇاپو 1921ع ۾ سکر مان شايع ٿيو.

اصل وڏو قصو بهرام شاهه بادشاهه جو، جنهن جو پهريون ڇاپو هيمنداس بڪ سيلر سيپٽمبر 1922ع ۾ سکر مان شايع ڪيو.

قصو بهرام شاهه جو، سکر 1926ع.

شيخ ابراهيم جي جوڙيل قصي توڙي مٿين ڇاپن واري ڳالهه، ايران جي مشهور بادشاهه بهرام گور جي آهي، جنهن کي گورخرن جو شڪار ڪندي، ’سفيد ديو‘ گهوڙو بنجي، اڏائي کڻي وڃي پنهنجي باغ ۾ رهايو، جتي هو ’حسن بانو‘ پريءَ تي عاشق ٿيو، ۽ بالاخر حسن بانو کي ڳولي لڌائين، ساڻس شادي ڪيائين، ۽ ڪشالن بعد وري موٽي اچي پنهنجي بادشاهي هٿ ڪيائين.

ٻي روايت (ص ص 218-226) شاعر ڇتي کٽيءَ جي بيتن ۾ جوڙيل قصي ”بانڪو شاهه بهرام“ (ص ص 228-282) جي آهي. هي روايت پهرئين روايت کان غالباً اڳ سنڌ ۾ رائج ٿي؛ ڇاڪاڻ ته ڇتو کٽي، شيخ ابراهيم کان اڳ جو هو ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي آخري دور ۾ يا ميان غلام شاهه جي اوائلي دور ۾ ٿي گذريو. هيءَ ڳالهه روم جي بادشاهه ’ڪشوَر شاهه‘ جي پهلوان شهزادي ’شاهه بهرام‘ جي آهي، چين جي بادشاهه ’فغفور شاهه‘ جي ڌيءَ ’گل اندام‘ تي عاشق ٿيو، ۽ ڪشالا ڪڍي ديون سان مقابلا ڪري، نيٺ وڃي گل اندام ماڻيائين.(1)  ڇتي کٽيءَ جا چيل بيت پڻ پنهنجو مٽ پاڻ آهن، جن کي سنڌ جي هنرمند قصه-خوانن ڳاهن طور بانڪي شاهه بهرام جي ڳالهه سان گڏ مجلسن ۽ محفلن ۾ پئي ڳايو آهي. هي قصو غالباً ٿاڻي بولا خان يا ڪراچي طرف جي ڪنهن سنڌ استاد جي ڪوشش سان ڪافي آڳاٽو ليٿو مان ڇپيو (2) تازو هن پوئين دور ۾، اتر سنڌ جي هڪ عوامي شاعر بهاول پٽ ڦلڻ مهر (ويٺل عزيز پور، تعلقو پنوعاقلَ پڻ ’بانڪو شاهه بهرام‘ هن ساڳي روايت سان سنڌي بيتن ۾ ”16- ربيع الاول 1385هه“ تي جوڙي راس ڪيو، جو سنه 1938ع ۾ ’مطبوع محموديه پريس‘ سکر مان شايع ٿيو.

ٽئين روايت (ص ص 303-315) ٺٽي ضلعي جي اترئين ڀاڱي جي آهي، ۽ سٽاء ۾ پهرين ٻنهي روايتن کان نرالي آهي. ان موجب شهزادي بهرام جي ڄمڻ بعد سندس پيءُ مري ويو ۽ وڏي وزير ملڪ تي قبضو ڪيو.(3) شهزادي بهرام کي بچائڻ خاطر سندس ماءُ ملڪ ڇڏي هڪ ٻئي بادشاهه وٽ وڃي پناهه ورتي، جنهن جو نالو ’شامون‘ هو، ۽ جنهن شهزادي بهرام جي پٽ وانگر پرورش ڪئي. بهرام جڏهن وڏو ٿيو ته مصر ويو ۽ بالآخر اتي جي بادشاهه جي ڌيءَ ’حسن گل راڻي‘ سان شادي جو خيال ڪيائين. ساڳئي وقت چين جو بادشاهه پڻ حسن گل راڻي جي هاڪ ٻڌي، سندس سڱ لاءِ اچي مصر ۾ سهڙيو؛ ۽ پڻ جابر جادوگر طرفان ’روشن ديو‘ سڱ لاءِ پيغام کڻي اچي پهتو. فتح بانڪي بهرام جي ٿي، جنهن ديون جي لشڪر کي ماريو ۽ بالآخر ’حسن گل راڻي‘ سان شادي ڪري، واپس شامون بادشاهه وٽ پهتو. پوءِ کيس ماءُ کان معلوم ٿيو ته سندن ملڪ تي وزير قابض آهي ۽ هو ٻئي هت پناهگزين آهن. پوءِ شهزادي بهرام شامون بادشاهه جي صلاح سان پنهنجي ملڪ تي چڙهائي ڪئي ۽ وزير کي شڪست ڏيئي بادشاهه هٿ ڪيائين.

مٿين ٽنهي روايتن ۾، سورهيه شاهه بهرام آهي. پهرين روايت ۾ هو ايران جو بادشاهه بهرام گور آهي، جو ايران جي روايتي تاريخ ۾ معلوم ۽ مشهور آهي. هو ساماني سلسلي جي بادشاهه ’يَزد جرد اول‘ جو پٽ هو ۽ ساماني خاندان ۾ پنجون بهرام بادشاهه هو، جنهن 430 کان 438/440ع تائين حڪومت ڪئي. اڃا ننڍو هو جو پڻس کيس تعليم ۽ تربيت خاطر عرب بادشاهه مُذر ڏانهن موڪليو.(1) جتي هو عربي توڙي يوناني سکيو ۽ پڻ جوانمردي جو ثبوت ڏنائين جو گورنر ماريائين، جنهن ڪري ’بهرام گور‘ جي نالي سان مشهور ٿيو. سندس پيءَ جي مرڻ بعد موبذن (مذهبي اڳواڻن) کيس گادي تان ٿڏڻ ٿي چاهيو پر منذر بادشاهه جي وچ ۾ پوڻ سان بهرام کي بادشاهه چونڊيو ويو ۽ هو ايران جي تخت تي ويٺو. ٽئين روايت هن تاريخي روايت سان ملي ٿي. ’شامون بادشاهه‘ مان مراد شام جي سرحد تي غساني حڪومت سان دنگئي ’حيرا‘ جي حڪومت جو بادشاهه منذر ئي سمجهڻ گهرجي.

بهرام گور جي قصي کي فروسي شاهنامي ۾ تاريخي روايت طور بيان ڪيو، پر انساني طور ان جي مشهوري تڏهن ٿي، جڏهن نظامي گنمجوي پنهنجي ’خمسہ‘ اندر چوٿون نمبر مثنوي ۾ بهرام گور جو افسانو ’هفت پيڪر‘ جي عنوان سان سنه 595هه ۾ منظوم ڪيو. سنڌ جون روايتون سٽاء ۾ ’هفت پيڪر‘ جي روايت کان نراليون آهن. ڪن پارسي روايتن موجب بهرام گور شڪار جي خيال سان هندوستان واري اراضي ۾ ويو ۽ اتي ڪنهن ڀاڱي جي حڪمران جي ڌيءَ سان شادي ڪيائين. ان آڳاٽي سمي ۾ ايران جي اڀرندي طرف هندستان جي حدن اندر اول ’سنڌ‘ هئي ۽ پوءِ هند. ٿي سگهي ٿو ته بهرام سنڌ ۾ آيو هجي، جتي سنڌوندي جي ٻيلن ۽ ماٿري ۾ گورخرن جي شڪار جي شهرت هئي. ساساني دور ۾ سنڌ ۽ ايران جا سياسي لاڳاپا تاريخ مان پڻ ثابت آهن، ۽ بهرام گور جي افساني بابت سنڌ ۾ ايترين سارين روايتن جو ويندي اڄ تائين رائج هجڻ، غالباً انهن آڳاٽن تاريخي لاڳاپن جو يادگار آهي.

5- سڪندر بادشاهه. سنڌ ۾ سڪندر بادشاهه بابت ڪافي ڳالهيون هلندڙ آهن. هن جلد ۾ ٽن ڳالهين بابت روايتون شامل آهن، جن مان ٻي (ص ص 321-329) سنڌ ۾ زياده عام مروج آهي. سڪندر بادشاهه سنه 325 ق.م. ۾ پنجاب مان ٿيندو سنڌوندي ذريعي سنڌ مان لنگهيو هو. جيئن ئي سنڌ جي سرحد ۾ گهڙيو ته اول اپر سنڌ (الور-روهڙي وارو ڀاڱو) ۽ لاڙڪاڻي جي حڪمرانن سندس مقابلا ڪيا. ان بعد سيوهڻ جي قلعي کي گهيرو ڪيائين، جتي سندس مقابلو ٿيو. سيوهڻ جو شهر توڙي قلعو ساڳيءَ ڀيڻيءَ تي آهن، جتي سڪندر جي زماني ۾ هئا ۽ انهيءَ آڳاٽي دور جا قديم يادگار آهن. ان بعد سڪندر اعظم، سنڌوندي جي دو-آبي واري مرڪزي شهر ۾ پهتو، جنهن جو نالو يوناني تاريخ نويسن ”پٽالِين“ لکيو آهي. غالباً ان مان مراد ’پاتال‘ يعني لاڙ جو ڪو شهر آهي، جنهن جا آثار اڃا تائين تحقيق طلب آهن. سنڌوندي جي ڇوڙ وٽان سامونڊي ڪناري جي بستي ”بابريڪان“ ۾ لنگرانداز ٿيو، جنهن کي ڪن لکندڙن ”ڀنڀور“ واري بستي قرار ڏنو آهي. ڀنڀور حقيقت ۾ ’ديبل بندر‘ آهي، جنهن جي تاريخ اسلامي فتوحات جي شروعات کان وٺي معلوم آهي. ديبل بندر ستين صدي عيسوي جي پوئين نصف ۾ هڪ بين الاقوامي شهرت وارو سنڌ جو بندر هو، ۽ ٿي سگهي ٿو ته ان کان هڪ هزار ورهيه اڳ، سڪندر بادشاهه جي آمد وقت پڻ ننڍي بندر جي صورت ۾ موجود هجي.

بهرحال سڪندر بادشاهه سنڌ ۾ آيو، ۽ انهيءَ ڪري سنڌ ۾ سڪندر بادشاهه بابت ڳالهين جي مقبوليت فطري آهي. مگر ارغونن ۽ ترخانن جي دور (16- صدي) کان وٺي نظامي جي فارسي شاهڪار ”سڪندر نامي“ (جو ’خمسہ‘ ۾ پنجون نمبر مثنوي آهي، جا نظامي سنه 587هه ۾ تصنيف ڪئي) جي مطالعي ذريعي سنڌ ۾ سڪندر بادشاهه جون يادگيريون تازيون ٿيون. گذريل صدي جي آخر ۾ ٺٽي جي مشهور شاعر مير سيد غلام مرتضيٰ شاهه ’مرتضائي‘ سڪندر نامي جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ۽ سندس ”سنڌي سڪندرنامون“ محمد يوسف ڪتب فروش ڪراچي، لاهور جي اسلامي پريس مان ليٿو ۾ سنه 1312هه/آگسٽ 1894ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. انهيءَ سنڌي ترجمي ذريعي سنڌ ۾ سڪندر بادشاهه بابت روايتون ويتر عام ٿيون.

6- شيرين فرهاد: هي ايران جي ساساني دور جو مشهور عشقيه داستان آهي، جنهن موجب بادشاهه خسرو پرويز (590-627هه) عشق پئي شيرين سان شادي ڪئي. ان بعد سنگتراش معمار فرهاد، شيرين واري محلات ۾ ڪم ڪندي، شيرين کي ڏسي مٿس عاشق ٿيو ۽ ديوانو ٿي ’شيرين شيرين‘ ڪندو ڦرندو رهيو. بدنامي کي روڪڻ لاءِ هن ديواني کي ريجهائڻ جي رٿ رٿي وئي ۽ کيس بادشاهه طرفان چيو ويو ته جي هو ”بيسِتون“ پهاڙ کي ٽاڪي آرپار سرنگهه تيار ڪندو ته شيرين سندس ٿيندي مقصد هو ته فرهاد ايڏو پهاڙ ٽاڪي ڪونه سگهندو ۽ سندس عمر انهيءَ ڪشالي ۾ پوري ٿي ويندي. مگر هن سچي عاشق شيرين خاطر سرنگهه کي ذري گهٽ وڃي پار پڄايو، جنهن تي بادشاهه پريشان ٿيو ۽ وزيرن سان صلاح ڪري فرهاد کي خبر پهچايائين ته شيرين مري وئي. هن خبر ٻڌڻ سان فرهاد پنهنجي تيشي سان پاڻ کي پورو ڪيو يا صدمي سببان پساهه ڏنائين. شيرين کي هن سچي عاشق جي سڄي ڄاڻ هئي ۽ هن صدمي کان متاثر ٿي هوءَ پڻ محلات ڇڏي فرهاد تائين پهتي ۽ مٿس دم ڏنائين.

بادشاهه خسرو پرويز ۽ شيرين جي ڳالهه آڳاٽي دور کان ايران ۾ توڙي ايران کان ٻاهر مشهور ٿي. غالباً مُتَنبي (يا ڪنهن ٻئي عرب شاعر) پڻ پنهنجي  شعر ۾ قصر شيرين‘ (شيرين جي محلات) ۽ خسرو پرويز جي شيرين سان محبت ڀرين رس رهاڻين جو ذڪر ڪيو آهي: ”فنا خسرو شاهنشاهه يَلهُو بِشيرينِ“ (ان محلات ۾ شهنشاهه خسرو، شيرين سان محبت ٿي ونڊي). ’قصر شيرين‘ جا آثار اڄ تائين کنڊرن جي صورت ۾ موجود آهن. فرهاد وارو افسانو غالباً بعد ۾ فارسي شاعري ذريعي هن قصي جو مکيه باب بنيو ۽ نظامي گنجوي جي افساني (’خمسہ‘ جي ٻي مثنوي، تصنيف سنه 571هه) ذريعي ملڪان ملڪ مشهور ٿيو. سنه 991هه ۾ شاعر ’وحشي‘ ”فرهاد شيرين“ جي عنوان سان مثنوي لکڻ شروع ڪئي، جنهن کي پوءِ ’وصال‘ شيرازي پورو ڪيو. فارسي شاعرن جي جوڙيل انهن افسانن ۾ هي قصو تفصيل سان موجود آهي.

سنڌ ۾ هي داستان ڪافي آڳاٽي وقت کان مشهور رهيو آهي. لس ٻيلي جي روايتن موجب، اهو جبل جو فرهاد ٽاڪيو هو، سو ’ٻيلي‘ جي شهر کان اتر-اولهه طرف لس ٻيلي جي سرحد تي واقع آهي. ’شيرين فرهاد‘ جي ڪتابي روايت غالباً پهرئين وطڻ مل، اردو مان سنڌي نثر ۾ ترجمو ڪئي ۽ ان ۾ پنهنجي طرفان موقعي بموقعي سنڌي بيت اضافو ڪيا. اهو ترجمو پوڪرداس پهريون ڀيرو سنه 1920ع ۾ شڪارپور مان شايع ڪيو ۽ ان جو ٻيو يا ٽيون ڇاپو سنه 1924ع ۾ ڇپيو. سنه 1928ع ۾ سکر مان پڻ قصو ’شيرين فرهاد‘ شايع ٿيو.

هن جلد ۾ وطڻ مل واري ترجمي جي اختصار کي قصي جي ’پهرين روايت‘ طور رکيو ويو آهي. ان بعد ’ٻي روايت‘ ڏني وئي آهي. جا ٽنڊي الهيار مان ملي ۽ سنڌ ۾ عام مشهور آهي. ان ۾ بادشاهه خسرو پرويز جو نالو ڪونهي ۽ فقط ’ايران جي شهزادي‘ شيرين ۽ فرهاد جي محبت جو داستان سمايل آهي.

مشهور شاعر شاهه محمد ديدڙ، ”شهزادي شيرين“ جو قصو بيتن ۾ جوڙيو، جنهن جي سٽاء ’شيرين فرهاد‘ واري داستان کان نرالي آهي. اهو قصو مصر جي شهزادي شيرين ۽ حڪيم عبدالرحيم جي عشق جو داستان آهي، پر جيئن ته ان جو عنوان ”شيرين شهزادي“ آهي، انهيءَ ڪري نالي جي نسبت جي لحاظ سان اهو داستان پڻ ’ٽئين روايت‘ (ص ص 363-381) طور هن جلد ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

7- ليليٰ مجنون: هي عرب  جي مشهور عشقه قصن مان آهي؛ بلڪ دنيا جي عشق ۽ محبت جي اهم داستانن مان آهي جو ملڪان ملڪ مشهور آهي. اصل عربي حڪايت مختصر طور هيئن آهي ته: قَيس بن المُلوَح (يا قيس بن مُعاذ) بَنُو عامر قبيلي جو هڪ نوجوان هو، جو پنهنجي قبيلي جي ڇوڪري ليليٰ بنت سَعد تي عاشق ٿيو ۽ سندس سڱ گهريائين، پر ليليٰ جي پيءُ کيس سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيو؛ جنهن تي قيس، ليليٰ جي عشق ۾ ديوانو ٿي پيو ۽ بربيابان ووڙيندو ’ليليٰ‘ ليليٰ پڪاريندو رهيو ۽ انهيءَ ڪري ’مجنون‘ (ديوانو) جي لقب سان مشهور ٿيو. انهيءَ عشق ۽ ديوانگي واري حالت ۾ سنه 80 هجري ۾ وفات ڪيائين. عالمن جي راءِ ۾ ’مجنون‘ محض ’ليليٰ مجنون‘ افساني جو هڪ خيالي ڪردار آهي. فارسي شاعرن خاص طور ’ليليٰ مجنون‘ جي حڪايت ۾ پنهنجي شاعري جا گل پوتا، ۽ ان کي هڪ دلپذير افساني جي صورت ۾ پيش ڪيو، جو خصوصاً نظامي، امير خسرو، جامي، هلالي ۽ هاتفي جي جوڙيل شاهڪارن ذريعي مشهور ٿيو. نظاماڻي گنجوي جي ’خمسہ‘ ۾ مثنوي ’ليليٰ مجنون‘ تُرڪي ۾ حمدي ۽ فضولي جا جوڙيل ’ليليٰ مجنون‘ شاهڪارن جي حيثيت رکن ٿا. ٻين ٻولين ۾ پڻ هي داستان منظوم ٿيو، جن مان حيثيت رکن ٿا. ٻين ٻولين ۾ پڻ هي داستان منظوم ٿيو، جن مان ٽيون نمبر آهي، جا هن سنه 584هه ۾ جوڙي ۽ سڀ کان اول مشهور ٿي.

سنڌ ۾ ’ليليٰ مجنون‘ جو داستان آڳاٽي وقت کان وٺي مشهور آهي. سنڌي شاعرن سنڌيءَ ۾ جيڪي ٻاهريان قصا منظوم ڪيا آهن ۽ اسان تائين پهتا آهن، تن ۾ ’ليليٰ مجنون‘ سڀ کان آڳاٽو آهي، جو ڪڇ جي شاعر سيد فاضل شاهه تاريخ ”27- رمضان 1126هه“ تي جوڙي راس ڪيو. ان کان 75 سال کن پوءِ خليفي عبدالله نظاماڻي سنه 1208هه سنڌي مثنوي ۾ ليليٰ مجنون‘ منظوم ڪيو. اهي ٻئي قصا آڳاٽو ڇپيا: سنه 1858ع ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ ’عربي صورتخطي ۾ سنڌي انتخاب‘ (1) لنڊن مان شايع ڪيو، جنهن ۾ فاضل شاهه جو ’ليليٰ مجنون‘ پڻ شامل آهي. ان بعد ’مطبع فتح الڪريم، بمبئي‘ مان فاضل شاهه توڙي خليفي عبدالله نظاماڻي وارا جوڙيل قصا ”ليليٰ مجنون فاضلي“ ۽ ”ليليٰ مجبون خليفه“ جي عنوان سان ڇپيا.(2) غالباً ان بعد سنه 1889ع ۾ ماستر هريسنگ، مصطفائي پريس لاهور مان ’ليليٰ مجبون‘ ڇاپارايو، جنهن جي سرورق تي عنوان هن طرح ڏنل آهي. ”قصو ليليٰ مجبون جو، اصل جوڙيل جناب سيد فاضل محمد صاحب، مترجم ميان قادر بخش ولد محمد سليمان رهندڙ شڪارپور جي ترجمون ڪري موڪليو“. اهو عنوان ذرا منجهائيندڙ آهي؛ ڇاڪاڻ ته اهو قصو ساڳيو سيد فاضل شاهه وارو آهي، جو ميان قادر بخش، ٽرمپ واري ’انتخاب‘ يا ڪنهن قلمي نسخي تان هريسنگ وارن ڏانهن اتارو (۽ نه ترجمو) ڪري موڪليو. خوش نصيبيءَ سان اسان کي فاضل شاهه جي ’ليليٰ مجنون‘ جو ڊاڪٽر ٽرمپ واري ’انتخاب‘ کان به اڳ سنه 1275هه ۾ خود ڪڇ ۾ لکيل هڪ قلمي نسخو مليو، جنهن کي ميان قادر بخش واري اتاري سان ڀيٽي، هن جلد ۾ شامل ڪيو ويو آهي (ص ص 395-436)

فاضل شاهه ۽ خليفي عبدالله نظاماڻي جي جوڙيل ’ليليٰ مجنون‘ کانسواءِ هي قصو سنڌ جي ٻين شاعرن پڻ سنڌي ۾ منظوم ڪيو آهي، جن ۾ مل محمود پلي، عرف محمد چانڊئي(1) ۽ فقير علي محمد قادري جا جوڙيل ’ليليٰ مجنون‘ شايع ٿي چڪا آهن. حاجي امام بخش خادم پڻ ’ليليٰ مجنون‘ مرتب ڪيو پر شايع نه ٿيو آهي.(2) سنه 1920-1930ع واري عرصي ۾ سنڌ ۾ ڪتب فروشن ڪافي ڀيرا ليليٰ مجنون جو قصو ڇپايو. جيئن ته:

اصل وڏو قصو ليليٰ مجنون جو، بيتن ۾ جوڙيل ميان عرض محمد چانڊيي جو، هريسنگ ۽ سنس، سکر (8- ڊسمبر) 1921ع

ليليٰ مجنون، مل محمود پلي، سيد مٺن شاهه، حيدرآباد

ليليٰ مجنمون تصنيف فقير علي محمد قادري، لاڙڪاڻو

ليليٰ مجنون (53 صفحا)، هيمداس بڪ سيلر، شڪارپور (24 مئي) 1921ع

ليليٰ مجنون مرتب هوتچند، سکر 1921ع

ليليٰ مجنون، پوڪرداس ۽ سنس (؟)، شڪارپور 1924ع

ليليٰ مجنون، ڪراچي 1926ع

قصو ليليٰ مجنون جو، سکر 1927ع

8- قصو خدا دوست جو: هڪ عشق ۽ محبت جو داستان آهي جنهن کي سلطان محمود غزنوي جي دور ۾ غزني شهر جي ماحول ۾ ڳايو ويو آهي. لس ٻيلي، ڪوهستان ۾ ميرپور ساڪري طرف جي سگهڙن وٽ هن داستان جي رهاڻ عام آهي، ۽ هن جلد ۾ شامل بيتن جون ٻه روايتون پڻ لس ٻيلي ۽ دُريجي مان مليون، تازو سن جي خوشگو شاعر ميان ثناءالله ثنائي جو جوڙيل قصو ”مثنوي محمود غزنوي عرف سچو عشق“ جي عنوان سان پاڪستان پريس لاڙڪاڻو مان ڇپيو؛ جنهن مان پڻ متن ۾ شامل ڳالهه (ص ص 500-508) جي ڪن ٽاڻن ۽ اهڃاڻن کي حاشين ۾ نروار ڪيو ويو آهي. هن جلد مرتب ڪرڻ وقت، اسان کي هن قصي جون اهي ئي روايتون دستياب ٿي سگهيون، پر سنڌ ۾ هي قصو گهڻي وقت کان وٺي مشهور آهي ۽ گذريل صدي جي آخر ۾ ان جي ڇپجڻ جو پڻ اهڃاڻ ملي ٿو. قاضي محمد عنايت الله مٽيارن واري جو ”مسجع عبارت ۽ غزلن سان“ جوڙيل ”تتيجہ عشق، خدا دوست جو قصو“ 1313-ع ۾ يا ان کان ٿورو اڳ ڇپيو؛ (1) ”خدا دوست“ جي عنوان سان ۽ وري سنه 1927ع ۾ ”قصو خدا دوست ۽ هڪ عورت جو“ عنوان سان سکر مان ڇپيو.

9- سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال: هي داستادن دنيا جي وڏي ۽ پهرئين مشهور افسانوي دفتر ”الَف لَيلَہ“ (هڪ هزار ۽ هڪ راتين جا داستادن) جي ڳالهين مان هڪ ڳالهه آهي،(2) جا سنڌ توڙي هند ۾ هڪ مستقل انساني طور مشهور ٿي ۽ ان کي ڪيترن ئي شاعرن فارسي توڙي علائقائي ٻولين ۾ منظوم ڪيو.

سنڌ ۾ هي قصو سمن جي دور يا اڃان به آڳاٽي وقت کان مشهور رهيو؛ ايتري قدر جو سنڌ وارن هن قصي کي پنهنجو بنائي ڇڏيو. نديع الکجمال ’الف ليلہ‘ واري افساني جو ڪردار آهي، پر سنڌ جي پنهنجي مقامي روايت موجب ’بديع الجمال‘ جو داستان، دلوراءِ جي دور ۾ سنڌو درياء جي اروڙ وٽان وهڪري بدلائڻ سان وابسته آهي. ان روايت مطابق دلوراءِ جي حڪومت واري دور ۾، هڪ سوداگر اچي اروڙ وٽ لنگر انداز ٿيو. کيس بديع الجمال نالي هڪ سهڻي ڌيءَ هئي ۽ دلوراءِ دستور موجب حڪم ڪيو ته سوداگر ’بديع الجمال‘ کي شاهي محل ڏي موڪلي. سوداگر مهلت گهري، ۽ ان عرصي ۾ اروڙ وٽان درياء کي ٻند ڏياري، درياء جو رخ ڦيرائي، پنهنجا ٻيڙا ان نئين وهڪري مان ڪڍي ويو ۽ سندس نياڻيءَ جي لڄ رهجي آئي. درياء جي رخ ڦيرڻ سببان پوءِ دلوراءِ جي بادشاهي پڻ برباد ٿي وئي. ’بديع الجمال‘ جي قصي جي هيءَ آڳاٽي سنڌي روايت، مير طاهر محمد نسياني پنهنجي ڪتاب ”تاريخ طاهري“ (تصنيف سال 1027هه) ۾ قلمبند ڪئي آهي، جنهن ۾ فقط بديع الجمال جو نالو ڄاڻايل آهي. پر سنڌ جي عوام ’بديع الجمال‘ سان گڏ ’سيف الملوڪ‘ کي به ڪونه وساريو ۽ سندن اهڃاڻن کي اڄ تائين ياد رکيو آهي. مقامي روايتن موجب ’اڀرندو نارو‘ ان وقت مکيه درياء هو ۽ سيف الملوڪ انهيءَ درياء رستي ’بديع الجمال‘ جي ڳولا ۾ آيو ۽ درياء جي ڪناري تي منزلون ڪيائين. سندس ٻَڌايل کوهه، تعلقي بدين ۾ ’ڪڍڻ‘ جي شهر کان 15 ميل کن اوڀر-ڏکڻ طرف، هڪ شاهي ڀٽ تي موجود آهي ۽ اڄ تائين ”سيف الملوڪ جي وانءِ“ جي نالي سان سڏجي ٿو. انهيءَ وانءِ کي ويجهو اتر-اوڀر طرف، هڪ ڪافي وڏي تانگهي ڍنڍ موجود آهي جا ”پهرين جي تلاء“ جي نالي سان سڏجي ٿي. بديع الجمال پري انهيءَ تلاءَ تي چوڏهين چوڏهين رات وهنجڻ ايندي هئي ۽ کيس ملڻ لاءِ سيف الملوڪ سامهون ڀٽ تي کوهه کڻائي، محل اڏائي اچي رهيو. اسان اهي آثار ڏٺا آهن ۽ ڏسڻ وٽان آهن. ازانسواءِ شهزادو سيف الملوڪ جڏهن اتي ڪي ڏينهن رهيو ته سندس ساٿ مان ڪن وفات ڪئي، جن کي (سيف الملوڪ جي وانءِ کان) 3 ميل اتر-اوڀر طرف، هڪ مقام ۾ دفن ڪيو ويو ۽ انهيءَ ڪري اڄ تائين ان کي ”سيف الملوڪ جو مقام“ سڏين ٿا.(1)

”الف ليلہ“ جي افساني مطابق سيف الملوڪ مصر جي بادشاهه عاصم شاهه جو پٽ هو، جو بديع الجمال پريءَ تي اڻ ڏٺو عاشق ٿيو ۽ پنهنجي والد جي وڏي وزير صالح جي پٽ ۽ پنهنجي هم عمر رفيق ’سعد‘ کي ساڻ ڪري، مصر مان ٻيڙن جو ساٿ سنباهي روانو ٿيو؛ ڪيترن ڏکن ڏاکڙن بعد آخر وڃي بديع الجمال پري کي ڳولي لڌائين ۽ ساڻس شادي ڪري، ڪشالن بعد خير سان وري واپس وطن وريو. ’الف ليليٰ‘ وارو هي افسانو پڻ يارهين صدي هجري کان اڳ سنڌ ۾ مشهور ۽ مقبول رهيو، تان جو ٺٽي جي نواب امير ابوالبقا (1025-1057ع)  جي فرزند امير ابوالمڪارم شهود ان کي فارسيءَ ۾ منظوم ڪيو. نثر ۾ پڻ هي قصو سنڌ ۾ رائج رهيو. تازو لنڊن ۾ (سيپٽمبر 1963ع) فارسي نثر ۾ ٺٽي جو لکيل هڪ خوشخط ۽ مصور قلمي نسخو ”داستان قصه سيف الملوڪ پسر عاصم بن صفوان و بديع الجمال“ جي عنوان سان اسان جي نظر مان گذريو، جنهن جي آخر ۾ هيٺين ريت قلبند ٿيل آهي:

”تمت کتاب سيف الملوڪ و بديع الجمال بعنوان حضرت الوهاب ان دست فقير پر تقصيرالراجي الي رحمة ربہ الغني عبده محمد وارث و بتاريخ چهارم شهر شعبان المعظم سنه 1189هه در دارالصفا بلده تهتہ في يوم السبت بوقت نماز عصر بالخير و الظفر صورت اختتاح يافت“.

سنڌ ۾ هن افساني جي مقبوليت انهيءَ مان ظاهر آهي، جو هن جلد مرتب ڪرڻ وقت سڄيون ساريون يارهن مختلف روايتون (ص ص 517-180) دستاب ٿيون؛ جن مان تاريخ طاهري واري روايت ۽ پنج منظوم روايتون متن ۾ شامل ڪيون ويون آهن، ۽ ٻين جا اختلاف شروع واري تفصيلي ڳالهه (ص-ص 521-548) جي حاشين ۾ نروار ڪيا ويا آهن. موجوده معلومات جي بناءَ تي چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ۾ هي قصو پهريائين شاعر بهار ٻَپڙ، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي آخري دور ۾ ميان غلام شاهه جي اوائلي دور ۾ سنڌي بيتن ۾ جوڙيو. ميان غلام شاهه جي اوائلي عروج بابت بهار ٻپڙ جي سرائڪي نظم جي هيءَ مصرع مشهور آهي ته: ”گُلان وچون گل پيدا ٿي، ڪجهه کُليا هي ڪجهه کُلسي“، بهار بعد سنه 1199هه ۾ لطف علي ’سيفل نامون‘ جوڙيو جو پهريون ڀيرو لاهور مان سنه 1872ع ۾ شايع ٿيو. بهار جو چيل ’سيف الملوڪ‘ سرڪاري تعليم کاتي جي طرفان سنه 1884ع کان اڳ ٻه ڀيرا شايع ٿيو ۽ سنه 1884ع ۾ ان جو ٽيون ڇاپو 87 صفحن (ڊيمي سائيز) تي مشتمل آهي ۽ مٿان سرورق تي عنوان ۽ ٻي عبارت هيٺينءَ طرح ڏنل آهي:

”قصو صيفل ملوڪ ۽ بديع الجمال جو.

سنڌي بيتن ۾ ٺاهيل بهار نالي ذات ٻيڙ، جو آخوند عبدالرحيم پٽ محمد وفا عباسي جي تعليم کاتي لاءِ ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽي جي پيش ڪيو.“

بهار ٻپڙ کان سواءِ، جمال نالي هڪ شاعر ’سيف الملوڪ‘ جي قصي کي ابوالحسن، مخدوم محمد هاشم ۽ ٻين بزرگن جي ’الف اشباع‘ واري قافيي سان نظم جي نموني تي، هم قافيه مصراعن سان ڊگهن بندن جي صورت ۾ منظوم ڪيو، جو سنه 1305هه کان اڳ ’مطبع فتح الڪريم، بمبئي‘مان ليٿو ۾ ڇپيو. اسان کي اهو ڪتاب شڪسته حالت ۾ (اڳيان توڙي پويان صفحا ڦاٽل) مليو،(1) جنهن جو اختصار متن ۾ (ص ص 459-602) شامل ڪيو ويو آهي. نطم جي سٽاء مان ڀانئجي ٿو ته شايد جمال پنهنجو قصو ٻارهين صدي هجري جي شروع يا وچ ڌاري جوڙيو. بهار ۽ جمال جي جوڙيل قصن کان سواءِ، هن قصي جون ٽي ٻيون روايتون به هن پوئين دور جي عوامي شاعرن (محمود شيخ، منو چانڊيو ۽ (قاسم) جون چيل هن جلد ۾ شامل ڪيون ويون آهن.

10- مل محمود ۽ مهرنگار: هي خالص سنڌ جو عوامي قصو آهي، ۽ ’نيرون ڪوٽ‘ جي اسلامي فتح جو هڪ افسانوي يادگار آهي. ان جو مرڪزي نقطو مل محمود ۽ نيرون جي ڌيءَ ’مهرنگار‘ جي محبت جو داستان آهي. نيرون ڪوٽ موجوده حيدرآباد جي قلعي واري ماڳ تي هڪ قديم بستي هئي، جنهن کي چوڌاري شاهي ڪوٽ هو. راجا ڏاهر جي ڏينهن ۾، جڏهن سامونڊي ڪناري لڳ مسلمانن جي ٻيڙن کي ڦريو ويو ته اهي مسافر نيرون ڪوٽ ۾ نظر بند ڪيا ويا. اتي جو حاڪم ٻڌڌرم جو پوئلڳ هو، جنهن قيدين سان سهڻو سلوڪ ڪيو. هو صلح جو خواهان هو ۽ محمد بن قاسم جي فتح وقت پڻ هن ساڻس صلح ڪيو ۽ قلعي جو دروازو کوليو. هن افساني جي لحاظ سان، منل محمود عربستان مان نيرون ڪوٽ ۾ آيو ۽ مهرنگار تي عاشق ٿيو، جنهن تي راجا نيرون کيس قيد ڪري هڪ اونداهي کوهه ۾ رکيو. پوءِ حضرت علي، مل محمود جي مدد لاءِ آيو ۽ جنگ لڳي جنهن ۾ مل محمود ۽ مهرنگار (جنهن مل محمود جو ساٿ ڏنو) ٻئي مارجي ويا، جيتوڻيڪ فتح حضرت علي جي لشڪر جي ٿي. ظاهراً اهو بيان هڪ افسانو آهي، جنهن جو تاريخ سان ڪو تعلق ڪونهي. عوام جي خيال ۾ مل محمود ساڳيو ’شاهه محمد مڪي‘ آهي، جو حيدرآباد جي ڪچي قلعي ۾ مدفون آهي. تحريري روايتن موجب سيد محمد مڪي 5- صدي هجري ۾ مڪي کان نيرون ڪوٽ ۾ آيو، مگر اهڙي پڪي ثابتي موجود ڪانهي. افساني جي اهڃاڻن مان گمان نڪري ٿو ته شايد سيد محمد مڪي، محمد بن قاسم جي لشڪر سان گڏ يا ان کان به اڳ نيرون ڪوٽ ۾ آيو هجي ۽ مهرنگار سان سندس محبت جو داستان شايد سچو هجي. سنڌ جي سگهڙن، ڏورن ۽ ڳجهارتن ۾ هن قصي جا ڪافي اهڃاڻ ڏنا آهن.

مواد جي ترتيب:

هن جلد جو مواد تحريري توڙي سگهڙن جي صدري روايتن ذريعي ڪافي محنت ۽ ڪشالي سان گڏ ڪيو ويو آهي: انهن قصن بابت نڪي آڳاٽا ڇپيل ڪتاب آساني سان ملي ٿي سگهيا ته نڪي جن سگهڙن کي ڪي قصا ياد هئا تن جا نالا معلوم هئا. ڦڙي ڦڙي تلاءَ بعد جڏهن مواد گڏ ٿيو ته مضمون جي وسعت ۽ روايتن جي ڪثرت سببان ان جي ترتيب مشڪل نظر آئي. ڪوشش ڪري هن جلد جي سٽاء کي ڪافي قدر آسان بنايو ويو آهي. جڏهن ڪنهن قصي جون محض منظوم روايتون مليون (مثلاً جمجمہ سلطان‘) ته انهن کي ڀيٽي شروع ۾ انهن جو اختصار نثر ۾ ڏنو ويو آهي، انهيءَ لاءِ ته پس منظر پڙهندڙ جي آڏو اچي وڃي ۽ هو منظوم روايتون انهيءَ روشنيءَ ۾ پڙهندڙ جي آڏو اچي وڃي ۽ هو منظوم روايتون انهيءَ روشني ۾ آساني سان پڙهي ۽ سمجهي سگهي. ڪن وڏن قصن (مثلاً شاهه بهرام ۽ سيف الملوڪ) جون نثر توڙي نظم ۾ مختلف روايتون مليون ته انهن کي ڀيٽي، ساڳيءَ سٽاء واريون روايتون هڪ جاءِ جمع ڪيون ويون، جن جي بناء تي مهاڳ طور هڪ مستقل روايت نثر ۾ قائم ڪئي وئي. اهڙيءَ طرح وڏن قصن کي هڪ کان زياده مستقل روايتن ذريعي مرتب ڪيو ويو آهي. گهڻين روايتن واري حالت ۾ هر قصي جي مهاڳ ۾ انهن روايتن تي جماع نموني ۾ روشني وڌي وئي آهي. اهي مهاڳ هر قصي جي مضمون توڙي مختلف سٽائن کي سمجهڻ ۾ مدد ڪندا. هر روايت جي شروع ۾ هيٺ حاشيي ۾ شاعر يا راوي جي سڃاڻپ توڙي روايت جي اصليت بابت مفيد پڻ اشارا قلمبند ڪيا ويا آهن.

اسان کي هن قسم جي قصن جو مواد ٻن جلدن ۾ مرتب ڪرڻ جو ارادو هو؛ پر تازو بورڊ طرفان عائد ڪيل پائبندين سببان في الحال هن هڪ جلد تي اڪتفا ڪرڻي پئي ۽ سڄي مواد کي ان ۾ سموهيو ويو آهي. انهيءَ ڪري اهي ڪتاب جي ڇپيل آهن ۽ قدري آساني سان ملي سگهن ٿا (مثلاً لطف علي جو ’سيفل نامون‘، مل محمود پلي جو ’ليليٰ مجنون‘، ثناءالله ثنائي جو قصو خدا دوست جو ’مثنوي محمود غزنوي عرف سچو عشق‘) انهن ڏانهن صرف اشارا ڪيا ويا آهن، حالانڪه انهن ۾ شامل قصن جي سٽاء جو اختصار ڏيڻ مفيد ٿئي ها. اهڙيءَ طرح هن موجوده دوري جي ڪن عوامي شاعرن جي جوڙيل قصن کي ڇڏيو ويو آهي، ۽ اڪثر اڳين شاعرن ۽ روايتن واري مواد کي جڳهه ڏني وئي آهي؛ بلڪ صفن جي ڪوتاهي سببان ڪن اڳين روايتن کي پڻ ڇڏيو ويو آهي. البت هن مقدمي ۾ موقعي بموقعي پڙهندڙ ۽ محققن جي دلڇسپي خاطر ڪن اڳين ڇپيل ڪتابن جا نالا نروار ڪيا ويا آهن. باوجود انهيءَ ڪفايت جي، هن موضوع تي آڳاٽو ۽ اهم مواد گهڻو ڪري سڄو سهيڙي هن جلد ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جو سنڌي قصن ۽ افسانن جي اوسر ۽ عروج بابت آئينده تحقيق لاءِ ڪافي ڪارگر ثابت ٿيندو.

اڪثر قصن کي سنڌ جي شاعرن ۽ سگهڙن ڪافين ۽ ڪلاڪن، سَت سُرن بيتن، ۽ ڏورن ۽ ڳجهارتن جي ٽاڻن ۽ اهڃاڻن ذريعي پڻ ياد پئي ڪيو آهي، ۽ موقعو مليو ته انهن حوالن تي آئينده ڪنهن سلسلي ۾ روشني وڌي ويندي. هنن قصن جو مطالعو نه صرف ادبي لحاظ سان سنڌ ۾ افسانن جي رواج يا فن قصه-خاوني جي عروج کي سمجهڻ لاءِ ڪارگر آهي، مگر تاريخي سرمايي، سنڌي ٻوليءَ جي مطالعي توڙي سنڌي عوامي شاعرن جي ملوڪت ۽ نزاڪت کي پروڙڻ لاءِ پڻ قيمتي آهي. فاضل شاهه، ڇتي کٽي، بهار ٻپڙ، شيخ ابراهيم، بهاول مهر، شاهه محمد ديدڙ ۽ عرض محمد چانڊيي جي جوڙيل سربستن داستانن توڙي سانوڻ، منو چانڊيي، محمود شيخ ۽ ٻين عوامي شاعرن جي بيتن ۾ شاعرانه اسلوب بيان توڙي سنڌي ٻولي جي نج سهڻن لفظن ۽ اصطلاحن جي مطالعي لاءِ ڪافي ادبي مواد موجود آهي.

 

       ن-ب

(نيويارڪ، 28- جنوري 1964ع)


* هندوستان ۾ غالباً دکن جي شاعري سڀ کان اول ”سيف الملوڪ“ جي قصي کي منظم ڪيو گولڪنڊي جي بادشاهه عبدالله قطب شاهه (1020-1083هه) جي درٻاري شاعر ”غواصي“ جو فارسيءَ ۾ منظم ڪيل ”قصہ سيف الملوڪ“ آڳاٽي تصنيف آهي پر غواصي به اهو قصو تاريخ طاهري جي تصنيف واري ساڳئي سال 1027هه ۾ لکيو، جنهن کان متاثر ٿي پوءِ ٻين شاعرن هن قصي کي دکني زبان ۾ پڻ منظوم ڪيو (وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو هيٺ ص ص 24-28)

*   ڏسو عنوان ”قصن بابت اشارا ۽ اهڃاڻ“ ص 9

*  هڪ پڪي جلد ۾ جنهن ۾ ڪافيون ۽ مولود پڻ شامل آهن. ڪتاب جو عنوان ”قصو جمجمہ جو سنڌي، مجموعہ ڪافين جو سنڌي، مجموہ مولود ننجو سنڌي“ جنهن جي پهرين ايڪونجاهه صفحن ۾ يقصو سمايل آهي.

(1)  ڏسو قصي جو مهاڳ، ص ص 115-116

(1)  هن روايت جو ٻيو مثال پشتو ۾ شاعر فياض جي منظوم ڪيل ”قصه بهرام گور“ ۾ ملي ٿو، جنهن جو هڪ قلمي نسخو (ڇتي کٽي جي زماني کان هڪ سؤ ورهيه کن پوءِ جو، سنه 1317هه ۾ ملتان ۾ لکيل) متحف برطانوي (برٽش ميوزيم) ۾ محفوظ آهي. ’هيوز‘ (Hughes) اهو ساڳيو قصو ’کليد افغاني‘ ۾ سنه 1872ع ۾ پشاور مان شايع ڪيو.

(2)  پڻ غالباً ’قصو بانڪي شاهه بهرام جو‘ عنوان سان سنه 1927ع ۾ سکر مان ڇپيو.

(3)  روايت جي شروع ۾ ڄاڻايل آهي ته هڪ ٻئي بادشاهه ڪاهه ڪري ملڪ هٿ ڪيو، (ص-304) پر آخر ۾ شهزادي بهرام جي ماءُ جي زباني آهي ته نمڪ حرام وزير ملڪ تي قبضو ڪيو هو. (ص 314)

(1)  تاريخ طبري، لئيڊن ڇاپو، جلد- 1 صفحو 855

(1) ‘Sindhi Selctions in the Musalsan Characters`

(2)  اسان کي بمبئي وارا اصل ڇاپا ملي نه سگهيا، مگر ’قصو جمجمهہ جو سنڌي‘ (ڪافين ۽ مولودن جي مجموعي سان گڏ) جو سنه 1305هه ۾ مطبع ’فتح الڪريم بمبئي‘ مان ڇپيو، ان جي آخر ۾ ساڳئي مطبع مان ڇپيل ٻين سنڌي ڪتابن جي فهرست ۾ ’ليليٰ مجنون‘ جا عنوان انهيءَ طرح ڏنل آهن.

(1)  ميان عرض محمد چانڊيي اهو قصو ’1 رمضان 1308هه کان هڪ رات اڳ جوڙي راس ڪيو‘

(2)  محترم لطف الله بدوي جي خط موجب سندس والد جي جوڙيل ’ليلي مجنون‘ جو قلمي نسخو وٽس محفوظ آهي.

(1)  ’ديوان بچل‘ مطبوع اسلامي پريس لاهور، سنه 1313هه، جي آخر ۾ جن ڇپيل ڪتابن جو اشتهار ڏنل آهي، ان ۾ هي قصو پڻ شامل آهي.

(2)  تصديق لاءِ ڏسو: رِيُو جي تاليف ڪيل ’متحف برطانوي جي فارسي مخطوطات جي فهرست،‘ جلد 2، ص 734، ۽ پڻ جي. فِلُول گَل، (G.Flugel)  فهرست جلد 2، ص 27

(1)  تصديق لاءِ ڏسو محترم محمد اسماعيل عرساڻي جو مضمون، رساله نئين زندگي، ماه فيبروري 1945ع.

(1) هي ڪتاب محترم ولي محمد طاهري زادي (ٽنڊه الهيار) کان مليو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org