سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب: -

صفحو :10

107-  تڏهن اچي بدن لڳيس باهه، ڦريس ڄيري ڄندڙو،
سپيريان جي سوز ۾، ٿو سور سٽاڻا کاءِ،
ڌوڙ مَليو ٿو هو چوي: هئي هئي جانب هاءِ!
هئي حسن بانو حيران ٿيم، هاڻي ڪانَهه ڪاءِ،
هيون هنڌ نه هيڪڙي، جثو جَم نه جاءِ،
جيءَ جلي ٿو جوش ۾، ورُوڻو واجهاءِ،
ٿيو من مشاهدو، دوس تَماري صورت سونهن سواءِ،
پر جا پاڻهين ڪيم پاڻ سين، ووءِ ووءِ تهن ڪر واءِ،
سو لڇيو لالن لاءِ، هئي ڪيو هڻي هٿڙا،

 

108-  هوند نه ڀاتم هيئن، ڪو موٽي پوندس مامري،
ناتي ڏينهن قيامت سينءَ، هوند ڪنجي ڪڏهن نه ڏيان.

 

109-  هيئن نه ٿيس هوند، پر پاڻهين ڪيم پاڻ سان،
هيءَ برهه سندي بوند، جيڪس لکي هئي لوح ۾.

 

110-   لوح قلم ۾ دانهن، ڪهن جي پهچي ڪانه ڪا،
ات نه پهتيم ٻانهن، جت ٿي انگ اڳئي لکيا.

 

111-   هاڻ ڇا چوان توکي، جنہ تو ياد مُٺوءِ يار کي،
سهيو سکيو جندڙو، جيءَ وڏوءِ جوکي،
لاب کڻي سو تهڙو، پوک جهڙي پوکي،
هيءَ دل وجهي دوکي، پاڻ ٿو سمن شاديءَ جا ڪرين.

 

112-   ڪريانءِ هوند ڪنگال، آهي ڪمي ڪُريزن ڪانه ڪا،
پر سوگند سليمان جي بخت ڪيوءِ برحال،
هاڻي پڇي تهن پريءَ کان، هيڪر ثابت ٿيان سرحال،
ڪو آهيس خوشيءَ جو خيال، ڪِ تون ٿو باب بنائين پانهنجا!

 

113-   تان چئي: پڇي ڪر پروڙ، تنهن کان ثابت ديو صحي ٿئي،
ته محبت سندا مذڪور، پاڻهين ٿين پڌرا.

 

114-   هاڻي توکي بخشيم بادشاهه، پر ڪوٺي پڇان پَرياڻي،
تڏهن شاهه پريو موڪليون، تن وڃي واکاڻي،
بانو حسن، براهم چئي، آهي سٿ ڳڻ سيباڻي،
شرم، شاخت، شعور سين، ڏمجي ڏينهاڻي،
(1)
هل هلي هاڻي، ڪريون ديو مقابل مارڪا.

 

115-   ڪوٺي تن آندي، سا هلائي حضور ۾،
اها پرياڻي پَرين سان آئي هلي هيڪاندي،
جا هئي دلبر دل ماندي، تهن سين ديو دلاسي ٻوليو.

 

116-   چئي: هيءُ آدمزادو آدمي، سو شرف وڏي سين شان،
هنڌ حويليون، بنگلا، تهن جا اوچا محل مڪان،
هيري، لعل، زمرد جي، تهن کي ڪمي آهي ڪانه،
تهن کي کاڻيون خزانن جون، ٻيا آگي جا احسان،
تهن خلق پنهنجي خُلق سين، ڪئي مطيع مهربان،
وڻيم واه وجود ۾، تِهن عاقل جا ارڪان،
سو تو کي بخشيم بادشاهه، ظاهر ساڻ زبان،
ڪهن کي قدرت ناهه قدير سين، يَڪ ناخن ناتوان،
لکئي منجهئون لِک نه لهي، اچي پارڻ پيم پروان،
هاڻ مت وارئين ڪين ڳالڙي، ڪري گفت زبان در دهان،
(1)
ٻيا آن کي دا داتا دُهرا دان، ڏيندو صحبت سلابت جا.

 

117-   چئي: توکي وڻي جا، تنهن کان ڪنڌ نه ڪڍڻو،
ڪياءِ جا مُنها، تهن کي وَر وراڻي ناهه ڪو.

 

118-   تڏهن روئي جهڙو رت، تهن ڏني رخصت راؤ کي،
تهن ڪوٺايا ڪيترا ڪري، ديو پريون دعوت،
مُلڪ مِڙي مُچ ٿيا، اچي ٿيا هم ڪسان حيرت،
ٿيا راڳڻيون ريجهه گهڻا، خوب خوشيءَ خصلت،
ڪي مڙيو ڪن مشڪرا، ڪي ٿا ڪَرين ڪثرت،
ڪي پين ٿا شام شراب جا، ڪي پين شيرين شربت،
ڪن طرحين طعام تيار ٿيا، ڪي تان واه ڪرين وحدت،
ڪمي سازن ڪانه هئي آوازن عبرت،
اهڙي عشق الول ۾، ٿي روح رسي راحت،
وصل نه تهن سان واهه جو، جاسين ٿئي قسمت،
من پرڻايو پادشاهه کي، ڪري ماڳ مصلحت،
ڏان ڏنائون ڏاتيون، ڏيج ڏاجا حرمت،
شاديون شڪر شروع ٿيا، آگي جي عظمت،
اچو کيرون ڏين خان کي، ساڻ مبارڪيون مروت،
سڀ سُبيٺا ادب سين، خاڪ چمي خدمت،
ڏس قادر جي قدرت، ٿيو شرف اعليٰ شاهه جو.

 

119-   جهڙو جن نصيب، تهڙو حاصل تن کي،
جن جو قابو بخت قريب، ٿئي وار نه ونگو تن جو.

 

120-  سُتي عشق الوٽ ۾، اچي صبح ٿين سهاءُ،
اِنهِن بانو پريءَ بناءُ ڪيو، جيئن سورج جو شعاع،
تان غازي بهرام گور جو، پسن جلوو جمالا،
دولهه سندي در تي، تاڙيون تانَ وڄيا،
ناچو نچيو ڪيترا، ڪن مڙيو مشڪرا،
اچن سَهِين سوغاتون شاهه کي اڳر علوفا،
گهورون پون گهوٽ تان، جَنوَرَ ياقوتا،
نازئون ڪيا نازنين، تنهن وير تماشا،
مڙيو مڱن مڱڻا، ڏاتيون ڌاتارا،
وڏا وِناڻن وس ڪيا، اَپر آوازا،
ليکي ليکيان ڪيترا، سضهِين ساز هئا،
ڪجي صفت تهن صاحب جي، واحد واکاڻا،
ڪيائون خوشيون خير خدا، سڀ گدائي غني ٿيا.

 

121-   چئي: هي چڱا ڏينهن، جي آيم حاضر شاهه حضور ۾،
صورت سهي نه سگهان، آءٌ نهوڙيس نِيهن،
هاڻي ويهه وسايون مينهن، مٺا محبت گاڏوان.

 

122-  اچي ورين وير وصال جي، ٿا خوشيءَ ڪن خيال، آگي جي احسان سين، ٿين معافي ڏينهن محل، ڪامل مهندان ڪامڻي، رکي موتين مال،
تهن وچ طرحين ڪيترا لائق لعل،
جن جهڙائي مال، تن تهڙي ادب اندازي ڳالهيون.

 

123-  جيءَ محبت جيءَ مينهن، جيءَ سا محبت مٺي سڄڻين،
جيءَ سو ريجهڻ رَينَ جو، سنگت سارو ڏينهن،
جيءَ سو محبت مينهن، جنهن تان وسِي سوئي پُسي.

 

124-  پر محمد مٺائيم ٻيو جهڙ مٺو ناهه ڪِين:
هڪ رُٺا پرچن پاڻ ۾، ٻيا ملن ورهه واجهائي،
واهه تنين وائي، اهڳ کٿوريان اڳري.

 

125-   هاڻي قصو فارس شهر جو ٿو ڪريان بات بيان:
جڏهن کڻي ديو سفيد سلطان کي ٿيو راهه روان،
پٺديان وريامن ورهايو وزير کي، ڪري پر پرياڻ،
تهن بدڪار بدي ڪري، بد رکيو بُهتان،
ماڻهو متفڪر ٿيا، ڪُل همہ حيران،
في الحرمن نمڪ حرام ٿيو، بدنظر نادان،
جو اهڙو گَدودي گمان، سو ڏيندو هِت هُت حق حساب جا.

 

126-  تڏهن ديو ڪوٺايائين چار، پهه ڪري ديون سين:
ته ملڪزادو ۽ ملڪزادي، نيو وهلو وطن پار،
تهن سهسين سوغاتون ڪريو گهڻو درڪار،
ڏيج ڏبو تهن ڪامل کي، چڱيءَ ڀت چوکار،
تهن کي ديو سفيف ڏنا، پهنجي سِر جا وار:
ته ڏاڍي مهم ڏاکڙي، هن کي باهه دکائي ٻار،
تنهن وير توکي رسندس راڄيا، ترت اچي تڪرار؛
تڏهن جو تخت طلا، مرصع موتي، جنهوري جنسار،
سو تن آڻي رکيو شاهه حضرو ۾، وهلو تيڏيءَ وار،
پارت ڪئي تهن پادشاهه جي بيحد بيشمار،
ته هي نيئي شاهه رساڻيو شهر سندس، دم قدم درٻار،
راهه رکئو تهن جي رضا رخصت اپار،
اهڙي ئي آچار، تن بالا تخت بلند نيو.

 

127-  بالا تخت بلند، کنيو ديون تهن ديس مان،
سوتن آندو في الحال فارس شهر ۾، جت هوس حاڪمي هند،
جو سالڪ وِيرسچند تن آڻي رکيو تخت تجارن پاسي تي.

 

128-  اُتو شهزادي شعور وند اڳيان ديون کي ايئن:
ته هيڪر شڪل منجهه شتر ٿيو، هو جي اوچا جبل جيئن،
مر ته ماڻهن مشاهدو ٿئي، اوهان جي صورت پسي سئين،
آءٌ ته هيڪر هيئن، سمجهه ڪري سرحال ٿيان.

 

129-  اچي پيئي رات، اُلهي سج اوير ڪئي،
تڏهن سِرُ مُهري سوداگرن ڏانہ، راوت رکي رجعات،
عاقل کڻي اشرفي هاتڪ ڏنيس هاٿ:
ڪا جاءِ ڏسيو ته برجاءِ ٿيون، هي ڏانءُ تمهارو ڏات،
سو مانجهي منجهه محلات، نيئي شاهه ويو شان ۾،

 

130-  عزت شرف اقبال سين تنهن وهاريو وريام،
هر بابت هرڪار ۾ ٻهُون ٿين برڪام،
پاڻي عطر مشڪ آب گلابي، تن ڪوسا ڪيا حمام،
توجهه ۽ تعظيم سين طرحين پڪا طعام،
شربت ۽ شراب جا آڻي جال رکيائون جام،
تن کي مِٺي لفظ لسان سين اُڀا ڪن سلام،
موٽي تنهن کي پڇيو پادشاهه ويهاري وريام:
ته ڪهڙو مالڪ هن ملڪ جو، سنديس نيڪي بدي نام،
ڪيئن سو عادل عدالت ۾، ڪهڙا سندس ڪام،
راڄ رنجايائين رنج سين، ڪيئن منجهه رام،
اهي سچا ڪهه ڪلام، ته معلوم ٿعئي مذڪور سو.

 

131-   تڏهن روئي رت ورنو، تهن معلوم ڪيو مذڪور،
ته هٿ جو راڄا راڄن جو ڌڻي، سو هونسنگ نسورو نور،
تهن ڪيو هو لائق لحاظ سين، ملڪ مڙوئي معمور،
سو سخي صلابت سنگين سُوَڙو، ڀر ۾ حيا ڀرپور،
تهن جو عدل امور، گهڻو ليکِي سوا لک هو.

 

132-  اها سموري ڳالهه شڪار جي، ٻڌايائين شه بهرام:
هو دل درياء، دانهه غازي، عهدي عقل وريام،
هو دائم المدام، تهن جو شوق شڪار سين.

 

133-  اها سموري ڳالهه شڪار جي، ٻڌايائين شهر بهرام:
ته امر الاهي آئيو، اهو رباني فرمان،
اچي ديو ديرن جي اڳيان کڻي هليو خان،
عالم پيو اندوهه ۾، ڪل همہ حيران،
اچي مردن ڪيو مارڪو، ويهي پر پرياڻ،
تن وهاريو سندس وزير کي، جو بَدُو بي ايمان،
ڪوجهي ڪمن، ڪُوَڙو، نسورو نادان،
ڪُل حرمن نمڪ حرام ٿيو، انڌو بد ارڪان،
پر حرم هڪ هو شاهه جو، ان رکيو ايمان،
سا تهن غافل ويهاري ڪنهن گنبذ ۾، ٻيو خورد سندس طفلان،
ٻيو چئي چُوندس ڪيترا، اُنَ ڪاذب جا ڪم ڪچا ڪِردان.
اهو بهرام بات بيان، مڙوئي معلوم ڪيو.

 

134-  تان جان ٻئي ڏينهن، چڙهيو شوقئون شاهه شڪار کي،
جيڏانهن مرون آڳاندرا، تيڏانهن قصد ڪيو،
تانسين گرهه کائي ڪامڻي، جانسين صَيد نه ساڻ هو،
سو چڙهي وير ويو، مُنڌ وهاري ماڳهين.

 

135-   مُنڌ وهاري ماڳهين، هليو راڄا لاءِ امير،
پٺيان جو فارس شهر ۾، ڦٽل راڄا هو وزير،
سوخر کوٽو خنزير، جان ڦرندو بازار آئيو.

 

136-  سو ڦرندو بازار آئيو، ڪاذب منهن ڪارو،
شوم شيطان شومتي بدبخت بدڪارو،
اندو احمق لعنتي ناري نصاريو،
سو ڪنان نيڪ عملن راهي، پاپي پسارو،
دنيا هُل هُڳاءُ ڪيو، پسي پٽيل پاڳارو،
تڏهن اُٿي ڪيو ٿي ڪامڻي، ڪنهن دريءَ ديدارو،
تهن جو نظارو، پسي سگ صحي ڪيو.

 

137-  سگ سکر سؤ وار، ان ڪميڻي ڪمذات کان،
هي ڌڻ ڌڻين جو ڌڻي، بَهيو ڪري ڀؤنڪار،
هن کي لعنتن لک هزار، جو مُٺو ڳري مالڪين.

 

138-  ڪري ماڻهو مُڪائين، ساجهر سوداگر کان،
ته ’اِيءُ آهي ڪهڙو آدمي؟‘ پر ۾ پڇيائين،
ڪاٿئون ۽ ڪِيائين، هيءَ گهر اوهان جي آئيو؟

 

139-  تڏهن اُتو سوداگر: ته هيءَ آهي پُرس وڻجارو پرديس جو،
سودي سٺ سلوف کي، ساڻس خوب شتر،
سو ٻَهاري پاڻ ٻَهر، ويو ساجن شير شڪار تي.

 

140-  چئي: آڻيو مُنڌ اِها، ماڻهو مجوسيءَ موڪليو،
وڃي گهر سوداگر سُندلي، ويٺي آهي جا،
حڪمن هٿ جهلي ڪري، سا پڄي آڻيجا!
خالي جي ايندا، ته ٿيندا خالي خان خسائرا.
(1)

 

141-   تڏهن در مٿي دڙڪو، تن اچي اڳانجو ڪيو،
پسي پريزاد تن کي، ڪيو روئڻ ۽ رَڙڪو،
ڪيو ڪرف ڪڙن ڪڙڪو، هِي ٿِي پاڻ اُڀي ڪهن پاس تي.

 

142-  هي پاڻ اُڀي ڪهن پاس تي، ٿيو هُل هڳاءُ،
راڻيءَ رنجائو ٿيو، تن گوڙ سُڻي غوغاءُ،
تِهن اُتو ائين لچن کي، روئي رت مُهان:
ته اوهين پَل پاسي ٿيو، هيڪڙو دوڙي دروازي کان،
تحقيق ٿيندو تيئنه، ڪندو جيئن خدا،
اينديس هن هنڌا، ٿي پيرهڻ پرهيان پنهنجا.

 

143-  جڏهن پورا پَرهيا پانهنجا، پريءَ پيرهان،
سا ڪامڻ ڪبوتر ٿئي، نڪي دريءَ درميان،
جت هو هچارو حرڪتي، جهن جا ڪم ڪچا ڪردان،
تِهن بدڪار اڳيان ڪِهن ڀَت اچي، سو پکي ويٺو پاڻ،
جهڙا هئس نام نشان، تهڙا تهن ظالم جا ظاهر ڪيا.

 

144-  اچي پکي ڪئي پُڪار، اڳيان درس ويهي ديوار تي،
چئي: نامعقول نااهل! سندوءِ ڪم ڪڇو، ڪچا ڪردار،
اي نامرد نمڪ حرام، بدبخت بيڪار،
ڏانہ حرمن نمڪ حرام ٿئين، سو به حق ڏيندين هيڪار،
سو ورنهه وري آئيو، پنهنجي ديس مٿي دوار،
تهن کي چوکا ورهيه چار ٿيا، سر سفر سردار،
آءٌ بِي حرم تهن حاڪم جو، جهن جا ڏيهان ڏيهه ڏڪار،
تهن ڪهي ڪوهه قاف کان آنديس عقلدار،
تيڏانهن به مَدي رکياء من ۾، منافق مردار،
هاڻي الله تهار، ادا! سڻ سوداگر سنيها.

 

145-   ساري سلام ڏيج، منهنجا شاهه بهرام کي،
ته هن رنجل رنجايو جندڙو، تهن جو تابير ڪريج،
هي ڏک ڏاتر لڳ تون معلوم محب ڪريج،
ڪا جي هوندياءِ محبت من ۾، ته وهيلن وريج،
پوءِ سگهي سار لهيج، منهنجي ’سبز سليماني‘ شهر ۾.

 

146-  پوءِ تهن ڪٽڪ ڪوٺايا، ميڙي لشڪر مُچ ٿيو،
’ته سيگها ٿئي سنڀرو‘ تن کي ڦِٽل فرمايو،
چئي: ساجهر شير شڪار تي، جو وهلو وير ويو،
هاڻي پڄي تهن پادشاهه کي جيڪو ماريندو،
شهر انعامي تهن کي آءٌ ڏهوڻا ڏيندو،
سُڻي سوداگر سو، قصداً گهوڙو ڪاهيو.

 

147-  تان ويندي گڏيس واٽ ۾، شاهه سخي سلطان،
غازي دلير گُنوَ تي هوء پانڊو پهلوان،
هن کي پسي پادشاهه هُتِ ٿيو حيران،
هن پڇيو ساهُو سردار کان مِڙيئي بات بيان،
’ته مُنهن ملول مَن ماندو، اچين ڪاهيندو ڪهن ڪاڻ‘؟
چئي: هئي هئي خاني خان، هِت تون ڪهڙي ڳالهه ڳڻيندين!

 

148-  تڏهن سڀ حقيقت حال، تهن مڙيئي معلوم ڪيو:
ته اي ميان راڄا راڄن جا ڌڻي، تون شال عقل سرحال!
بيگ بهادر بهرام غازي، جڏ تو عمل هئا اقبال،
سو ڏينهن مڙوئي سُک هو، هر بابت هر حال،
تو پڃاڻا بادشاهه! هن ڪيو ڪاذب ملڪ ڪنگال،
هاڻي تهن جو وهم وبال، سو به سڀ لوڙيندو لعنتي.

 

149-  چئي: ڪيئن مان کي سڃاتوءِ، جو تون نانءُ ويٺو نروار چوين،
ڪنهن آدمزاد اُتوءِ، ڪِين پنهنجي من پاڻهين معلوم ڪيوءِ؟

 

150-   چئي: ڪيئن تون ڳجهو ٿئين، جهن جو بادشاهه ڀرتوءِ،
ڪِين کان ٻين ٻڌوم، ڪِين تنهنجي شان سڃاتم شاهه کي.

 

151-   پر هي اهکي ڳالهڙي آ، ٿو ثابت چوان شاهه کي،
جو هينئر ٿيو شاهه فارس جي شهر جو والي وزيرا،
سو ڦرندو بازار آئيو موڳو ملعونا،
تهن جو گوڙ سڻي غوغاء، اچي آدمين انبوهه ڪيو.

 

152-   تهن ڪري نظر نهاريو، مٿي ڪامِڻي ڪا،
تان پيئي تهن پِٽيل جي ناگہ نِگاها،
هو جو فاسق بدعنتي ڪريل خنزيرا،
تهن يڪدم ماڻهو موڪليو فاسق في الحالا،
تن اچي در مٿي دڙڪو لايو ڀُلي ڀُلڪارا،
اُهکيون سوهُکيون ڪري، خاوند ملڪ خدا،
تهن بانو سِر بچاء هيل ڪيو ڪهن هنڌ سان.

 

153-   سا ٿَئِي ڪامڻ ڪبوتر، ڪيو پَرءَ ويس پکين جو،
تهن هلي ٻوليو بيداد سان، جو بدو بدنظر،
جو ڪوڙو، ڪپتيو، ڪساکيو اون ڪڃر،
تهن اُتائين انڌي کي ساريءَ پر وکر،
تو ڏانهن منڌ مڪو سنيهو، ڳاڙي آب اکين اڪثر،
آڳانجهو اکين مان، تِهن ٿي جال وهايو جر،
چيائين: محب مان تي مت رکين ڪو مالڪ ڏک ڏمر،
هن پِٽيل مَن پچايم، پائي جثو جيءَ جگر،
هاڻي قيد الماءَ قوي ٿيو الاهي امر،
جي هوندياء محبت من ۾، نيڪو نينهن نظر،
تان ڏيئي بازن ڀر، اچج سبز سليماني شهر ۾.

 

154-   سالڪ مت سڌير، هاڻي کڙو خبردار رهه،
هن به تو ڏانهن ڪٽڪ ڪاهيو [بگڙي بلهزير]،
سو ڪيئن ٽرندو ڪڏهن، جانڪين تهن کي هٿ آئين امير،
هاڻي سو ڪووس هلائج وير، جيئن سائين بچاءُ ساهه ٿئي،

 

155-   اها سڻندي ڳالهڙي، من ٿيس ماندو،
چئي: جو شامل ساجن سپرين، هوم هيڪاندو،
جهن جي صحبت صلابت کؤن، وير نه هوس واندو،
سو من موافق محبوب پرين، هو ارادي آندو،
سو لالن ليلاندو، اڄ ٿيو پنڌ مسافر سپريم،

 

156-   اڳي پرديسين، مان سان وس وڏا ڪيا،
جن پانڌيڙُو سپرين، سيئي رت رئن،
پيا تن کي چاڪ چڪن، جن جا تن طبيب موٽي ويا.

 

157-   وطن ورائي ويا، جيڪس ساڻيهه ساريو سڄڻين،
اڃان هليا اڄ پرين، ته ڪر مون کي سالن سؤ ٿيا،
اچي ساڻم سک ٿيا، تنين جي تعظيم جا.

 

158-   تن ڏيئي تعظيم، واري من مطيع ڪيو،
هئا ڪامل قرب قريب جا اندر روح رحيم،
جي هوم هردم دوست حليم، سي تهن پاپي دل پنهان ڪيا.

 

159-   تڏهن تهن ورنہ ٻاري وار، باهه دکايا ديو جي،
تهن وير مڙي مُچ ٿيا ڪٽڪ ڪارونڀار،
ساهُو ديو ’سفيد‘ سين، آيا لشڪر لک هزار،
اچي تن خاڪ چمي خدمت ۾، ڪئي خوب خوشي کينڪار،
پڇيائين پادشاهه کان، پنهنجا هٿ ٻڌي هيڪار:
’ته چئو حقيقت حال مڙوئي، اي سگهه ڀريا سردار!
اي دوست دلاور يار! جان ڪو توجو تدارڪ ٿئي.‘

 

160-  اُتو شهزادي شعوروند، هاتڪ پنهنجو حال،
جو مڙوئي معلوم ڪيو، زبون ڪم زوال،
سو تهن اول آخر آکيو، ديوَ اڳيان درحال،
هڪ سبز سليماني شهر جو، فڪر ڏسيو في الحال،
ٻيو ته هِن جو مٿو ۽ مال، زيان ڪر زبون تون.

 

161-   تڏهن اُتو ديو بهرام کي: ’جا تو پڇي حقيقت،
سا سبز سليماني شهر جي مان کي ناهه ماهيت،
سوگند توسين سليمان جو، جنهن جي اسان کي هيبت،
ته ڪڏهن سئو سون ڪينڪي، هيڏي هن مُدت،
پر اوهان کي ڪندس مير مَدت، جي ڪرم واريندو ڪارڻي.

 

162-  ڀائر اٿم چار، جن جا ڪِلا ڪوهه قاف تي،
سي پڇائيندس پادشاهه اُتهِن ڳالهه ڪري،
ڪو مانَ تن کان ڏي، ڪا سڌ خبر ان شهر جي.

 

163-  تهن اُتو آفريدن کي، شاهه اڳيؤن سلطان:
ته هن بَرن ۾ بنائيو، ڪي باغ چڱا بستان،
آڻيو تخت جواهرن، جو مُرصع هوءِ مرجان،
تهن تي ويهاريو وريام کي، مانَ خوش ٿئي سو خان،
اهڙي بات بيان، تن مڙوئي معلوم ڪيو.

 

164-  تهن دم ديو مڪائين چار، جي هئا زابر زور ڪري،
تن هلي تخت ’هامُون‘ جو کنيو، قهرئون قصد ڪري،
حاضر تن حضور ۾، آندو هامون وزير کي،
جو جهڙيائي ڪري، سو تهڙيائي تيئن لهي،
مردود، منافق، مرچُوٺ، پسي کت کري،
سوبدبخت، بدڪار، بڇڙو، ڏس ڪيئن ٿو مرتد مري،
تِل تِل ديون طعام ڪيو، ڪر قل قل قُوت ڪري،
رت نه ڪو رتيءَ جيترو، پئيس تان پري،
ذرو ساڻ ذري، گڏ گڏيل جو نه پيو.

 

165-   اُتائون حڪم ساڻ خدا، آيو فارس شهر ۾،
جهن جي ڪٽڪن ڪمي ڪانه هئي، جي هئس هيڪاندا همراهه،
جن جو سَر مُهر وديو ’سفيد‘ هو، ساڻن شامل شاهه شجاع،
اچي پُٽ ۽ راڻي ڪڍيا، پنهنجا غازي گنبذ کان،
ترت وهاريو تهن تخت تي، ورنَهه پاڻ وياءَ،
خلق مڙيئي خوش ٿَئِي، ڪيائون شڪرانا،
مڙني مَن مرادون پنيون، آسون الاها،
هُن راجاءَ راڻيءَ کي شرف ڏياريو شاهه،
جي هئا حرامي حرم ٿيا، سي ڪامل قتل ڪيا،
پارت ڪارڻ پٽ جي، تهن آڻايا اُمرا،
تن کي تان هئي نصيحت ڪئي، پاڻ ويهي پادشاهه،
ڪر ڏيئي ابن آلاما، پان باغ چتايو بادشاهه.

 

166-  هاڻي وير وريام، ٻڌا ڪشالا پنڌ جا،
تهن کي ڪهن پر ڪانُ هنيو پرياڻي پيغام،
مَن وِجهلڻ وڍيس همہ هفت اندام،
نانگن نيهر نسورا، برهه ڪيس بي آرام،
برهه شاهه بهرام، وڏي مان وهلوايا،
(1)

 

167-  ’هاڻ وهان تان ورونهن، سمهان سک نه جندڙي‘-
اندر عجيبن جا اچي درد دکايس دونهن،
ڏس ته هيبئڙي هاجون ڪيون، تنهنجي صحبت سونهن،
جي آهن راهه اَسونهن، تن جو تون صاحب سونهون آهين.

 

168-  نڪا سونها راهه، اڳ نه ڏٺم ڏيهه ڪو،
سو آءٌ ڪندس ڪيئن ڪري، ڪوهن مٿي ڪاهه،
روئڻ راماڻو اکڙئين، شام، رين، سحر، صباح،
مَن ۾ محبوبن جي اَٺئي پهر اُها،
هاڻي اينهين ڪر الله، جئن هيڪر وڃي ديکيان درسن دوس جو.

 

169-  سائيم ڪريان ڪيئن، جئن هِت اسين هُت پرين،
سمهان سک نه جندڙي، ننڊ وساريم نينهن،
ٿيم پراهين پنڌ تي، روئڻ راتو ڏينهن،
ڇِڄان، کِجان، ساريان، مُنهن وسايو مينهن،
ڪج الاهي ايئن، جِئن وڃي هيڪر جيئري ملان جانب کي.

 

170-  هاڻي نه ڄاڻان، ته ميڙو مئي ڪين جيئري!
پر به ڏيندس ڏاڍي ڏونگرين، پهڻن سر پاڻان،
ڪوهه ڏوريندس ڪيترا وڃي ويڳاڻان،
ٻن سي جئڻ ڏينهڙا، جي پرين پڃاڻان،
جن سان روئڻ راماڻان، تن سان مانَ موليٰ ميلائو ڪري.

 

171-   پر سچو نانء سندوءِ سچو صاحب سائين آنهين،
آگا آزردن جو آنهين وڏو وسيلو،
تهن جي ڪرمن ڪمي ناهه ڪا، جن سين راحم رحم ڪيو،
آءٌ به سوالي سندوءِ، تون ڏاتار ڏڏن جو.

 

172-  تڏ ديو کنيو تهن شاهه، تخت وهاري تهن ديس مان،
تن آدمي کنيو آڪاس ڏان، اُپاري اُمراء،
هليا سي هوا ۾ ڪري هل هڳاء،
تن راوت راجا راءِ باغن، آندو بادشاهه.

 

173-  ڦولي سو ڳولي، کڻيو باغ نهاري بادشاهه،
تان پرين پنهنجا نه پسي، اڃان روح پيس رولي،
پاڻان روئي رتولي، رتيون اکيون رت مان.

 

174-  ٿو رويو منهن ڌوئي، اوتيو آب اکين مان،
لڙڪ لالن ورنا نيڻن نچوئي،
لؤن لالن لِيوئي، ڳاڙيو آب ڳلن تان.

 

175-   هئي هئي ڪيو هٿ هڻي، ساريو سي ويرُون،(1)
من ۾ محبت گاڏهيون، هيون جي هيرون،
سي اديون اويرون، آيس عجيبن ري.

 

176-  جئن جئن پوئِس جاد، جانب جيءَ جثي تي،
تئن تئن فراقان فرياد، آلاپي ۽ آهون ڪري.

 

177-  آهون ۽ دانهون، ڪري قريبن ري،
ساري سپيرين جو پنڌ پنڌ پراهون،
لالن لاءِ لاهون، ور ڏيو واڪا ڪري.

 

178-  چئي: ساجن وري آءُ، هي نه رسڻ ڏينهڙا،
وڍ نه وڍيل جو، جئن ڦٽيل فراقا،
هن کي اندر اولاڪا، ٻهر نه خبر خلق ۾.

 

179-  تڏهن سفيد ديوَ سڏايو غازي پنهنجو گام،
اچي مِڙي لشڪر مُچ ٿيا، تهن وٽ تمام،
جان ويٺا وري سي، سهجان پڙهي سلام،
ته شهر سبز سليماني جو، ڪهڙي طرف ڪلام،
جان پڇيو تن کي پادشاهه، آذر ڏيئي آرام:
جا هجي حقيقت حال جي، سا ڪَهو سچ ڪلام،
تڏهن سوگند سليمان جو، ڪيو تن قسام،
ته اهو پريون پري گام، جي اوري هو ته اسان سُئو.

 

180-  اُتو شاهه شتاب، ’هان هت نه گهڙي هيڪڙي،‘
تڏهن ويهي ڪيائون پاڻ ۾، ٻڌي هڪ حرف حجاب،
ثابت اِنهِين شهر جي، مانَ هجي سڌ خبر ’سرخاب‘،
وڃي تهن کؤن سوال جواب، ڪري معلوم ڪريو تهن ملڪ جي.

 

181-   تڏهن تخت کنيو ديون، شاهه بهادر بهرام جو،
ان امالڪ آڻي رکيو، جت حڪم هو کي تن،
پسي شبيهه شاهه جي، عبرت آندي اُن،
تن سڀني کي ’سرخاب‘ پڇيو، ويهي پاڻ وٽن،
چئي: هي آدمزادو آدمي، توڙان آندو ڪامل ڪن؟
تخت کنيو اٿو تهن جو، ڪامل ڪهڙي اٿو منَ،
تڏهن جيڪا ڳالهه هئي جن، سا مڙيئي تن معلوم ڪئي.

 

182-  چئي: جي ڄاڻين تون جاني، ڀلي ڪري آئين ڀان عقون،
ڪندس توسين قرب جي آن محبت مزماني،
نظر نه آيل ڪڏهين اهڙي نشاني،
هاڻي توکي بخشيم بادشاهه، هي سڀ سلطاني،
ڪج ڪا احساني، وڃڻ وارج ڪيم ڪِين.

 

183-  چئي: تانسين وهان نه مور، جانسين دوس نه ديکان پهنجو،
سپيريان جي سور کان، چت چري ٿيو چور،
سو ڪيئن من ٿئي مامور، جو وڍيل ٿو وري ڪري.

 

184-  چئي: ڪهڙو ڪم سندوءِ، ڪهڙيءَ ڳالهه ڳريو وڃين،
ڪو وٽان دوس ويوءِ، ڪين ٿو نوان دوس نهارئين.

 

185-   تڏهن رت ورنو روئي، شاهه پڇيو سرخاب کان،
آکيائين احوال سو مذڪور مِڙوئي،
درد اُٺايس دل جي، ساري سڀوئي،
چئي: هاڻي ڏس ڏي ڪوئي، سبز سليمان جو.

 

186-  تڏهن سرخاب سوز گهڻو ٿيو، تهن ڪٽڪ ڪوٺايا،
مِڙي لشڪر مُچ ٿيو، آڳانجها آيا،
تن اچي خاڪ چمي خدمت ۾ سِر نوڙي نمايا،
هن به سبز سليمان شهر ڪري پانڊؤ پڇايا،
تان سوگند سليمان جا، تن ٻيهي ٻڌايا،
تڏهن ويتر وسايا، لُڙڪ لال اکين مان.

 

187-  چئي: ميان وِسهُه ڪر ويساهه، اهو ڪنين سئو سون ڪونڪو،
توسين ٿو ڪريان سوگند سليمان جو، ۽ آهي وچ الله،
هن هيڏي عمر ۾، ان جو مون کي پيو ڪونه سماءُ،
ته ڪهڙي طرف ڪهن ديس ۾، ڪيڏان شهر ڪو آهه،
پر اڃا آهي اڳتي، منهنجو بيگ بهادر ڀاءُ،
ڪِلو اٿس ڪوهه قاف تي ’ڪندڪ‘ تهن جو ناء،
تهن وٽ اچن ڪيترا، ديسين ديو دراءُ،
وڃي تهين کان، مانَ سُڌ پوي ڪا شهر جي.

 

188-  سرخاب ايء صلاح، اڳيان چئي شاهه بهرام جي،
چئي: سانه ساريان ڪاسوکڙي، جهڙو شرف تمارو شاهه،
آهي سر جي سليماني وٽم قدرتي ڪلاهه،
هميشه حضور ۾ جان هوندي سا همراهه،
تان امر ساڻ الله، ڪڏهن پسندس ڪونڪو.

 

189-  سا حاضر ڪري هٿ ۾، کڻي سو آئيو،
بخشي شاهه بهرام کي، تهن فڪر فرمايو،
هاڻي قصد ڪيوءِ ڪوهه قاف ڏان، سمن ۽ سعيو،
تڏهن پارت ڪري پادشاهه جي، تهن لِکي لنگهايو،
ڀاءُ پنهنجي ڀاءُ ڏان چڱو چوايو،
ته خدمت ڪجائو هن خان جي، جو اوهان ڏان آيو،
آهي قدر تهن جو جهڙو، تهڙو رکجائوس رايو،
سئو سين، پانڊؤ پهچايو، حاضر ديو حضور ۾.

 

190-  حاضر ديو حضور ۾، اچي وهاريا وريام،
تهن سين مڙيئي مذڪور ڪيا، تن ساري سڀ تمام،
ته هن ملڪزادي جا ملڪ ۾ هئا ننگ موچارا نام،
هاڻي ڦوڙائي فراق جا، تهن برهه ڏٺا بهرام،
سُڻ ڪندڪ! تو ڏان ڪيترا مُڪا سُرخاب سلام،
ڪج تدارڪ تهن جو، جو عاشق بي آرام،
تهن لاءِ ماڳ مقام، پڇج شهر سبز سليمان جا.

 

191-   چئي: جيءَ جاني، جيءَ يار! جيءَ ڀلي ڪري آئين،
اڄ توکي پسي پادشاهه! نيڻ ٺريم نار،
اڄ ئي اڄوڪو ڏينهڙو، جهن ۾ دوست آئين دلدار،
جيئن هي وريم وير وصال جي، تهن ساعت تان صدقي سئو وار،
ساهه صديقي، قلب صدقي، تو تان سِر صدقي سئو وار،
تو جيئن قابل راڄا ڪونه ڏٺم، ساري سڀ ڄمار،
سو پڳ چميو پيزار، آهون ڪيو اکيِين رکي.

 

192-          تڏهن سڀ ڪندڪ ڪوٺي پڇا پاڻ، سبز سليماني شهر جا،
’اوهين ديو گهمو ٿا ديسيون، هر ڪو پاڻان واڻ،
اهڙي ئي پرياڻ، تهن جو ڪو ڏس ڪونه ٿي.‘

 

193-  چون نڪين ٻڌوسين ڪنين، نڪين ڏٺوسين اکيِين،
جي ڪوڙ ڪنداسين، ته اٿئون سو گند سليمان جو.

 

194-  تڏهن رويو راوت روءِ، هئي ڪيو هڻي هٿڙا،
ڳاڙهو آب ڳلن تان، تهن کي پلٽيو پوءِ،
آڳانجهو اکين مان، مينهن وسايو منهن ڌوءِ،
چئي: قريبن جو ڪو مان کي، ميان مارڳ اچي ڪوءِ،
رويو راوت روءِ، آلاپي ۽ آهون ڪري.

 

195-   چئي: هِت اسين هُت پرين، هاڻي ڪرم نه ڄاڻي ڪيئن،
مون کي موليٰ ميلئين، صاحب ساجن سيئن،
ڪج اِلاهي ايئن، روح ريجهائو جيئن ٿئي.

 

196-  چئي: هئي هئي هن دنيا ۾، جي آءٌ نه ڄائو،
ته جو هي ڪشالو آئو، سو هوند مڙوئي معاف ٿيو.

 

197-  هاڻي الله تو جو نام، ته مون وڏو آسرو،
هي ڏک لهندا، سک ٿيندا، ايندم دل آرام،
اها بات ڪيو بهرام، سائينءَ ڪري سڏڙا.

 

198-  چئي: دل جهلج دل يار، من مان ڪين لوڏئين،
اي غازي! غم نه رک تون، دلاور دلدار!
اُهکيون سهکيون ڪري، تهن ڏاتيون هٿ ڏاتار،
اي ميان! چوان حقيقت هيڪڙي، سا شاهه سڻج سردار!
هاڻي ٿو مير موڪليان توکي پنهنجي ڀاءُ برادر يار،
جهن جو چوٿون ڪِلو ڪوهه قاف تي، ڏيهان ڏيهه ڏهڪار،
البت ان شهر جي، هوندي تهن پيئي ڪن پڪار،
تهن خاصا خبردار، لکيا ڪاغذ ديو ’ڪندوال‘ ڏان.

 

199-  تڏهن عصا کڻي آيو، سندي حضرت سليمان،
تهن اچي اُتو شاهه بهرام کي، ظاهر ساڻ زبان:
ته هن ۾ قدرت قدير جي، بيحد بي بيان،
تان جي ڪڙاڪرف زنجير ڪِي، توڻي هُونِ گِران،
ته هِن لڳي هڪ نه رهي، اي شاهه صحي سلطان!
سا توکي بخشيم بادشاهه، پرين پهلوان!
هاڻي شاهه سفر سامان، ڪريو تان ڪندوال ڏان.

 

200-  ڪيا تڏهن ڪشالي جا ساهُن سامانا،
’ڪُندڪ‘ لکيا ’ڪندوال‘ ڏان پارت پروانا:
ته رضا رکجو راوَ جي، جهن جا ڏيهه ڏُورانا،
تڏهن هو تخت کڻي شاهه جو، ٿيا راهه سر روانا،
سي مانجهي مردانا، اٺئين پهر آئيا،

 

201-  اٺين پهر آئيا، سر ڪنهن ڪوهه قاف،
سڀ صاحب سڻائي ڪئي، منزل ٿين معاف،
سڀني سلام تهن شاهه کي ڪيو، ديون دل صاف،
تنهن گياليون گلم غلاف، ٻيو تخت مڪو تهن شاهه کي.

 

202-  سو سخت پسي پادشاهه، ٿيو سرهو منجهه سرير،
جو طلا مرصع موتين هو، جوهر جوپ جڙاء،
تن آڻي رکيو شاهه، حاضر ديو حضور ۾.

 

203-  پسي پريندي پائمال ٿيا، تهن جي صورت سونهن شعاع،
تهن جي جلوي جمالا، فسخ ڪيو فانوس کي.

 

204-  جان ديو اڳيان آيوس، تان هن مانهندان مٿاهرو ٿيو،
سِر گَريدن گبر جيئن، هٿ منار هئوس،
قدر ڏونگر ڏاڙهه جيئن، مٿو متاروس،
اهڙِ رونق آئيو، ڪر ڏَيا شينهن ڏٺوس،
تنهين دم ٿرو ۾ پسي من پيوس،
هن به جهلي حُبان هٿ سندوس، نيئي تهن وهاريو تخت تي.

 

205-  تهن ترت وهاريو تخت تي، وٺي ساڻ ادب استقبال،
عزت، شرف، شعور سين، تهن خان ڪيو خوشحال،
تهن طرحين طعام گهرايا، فهميدي في الحال،
تن شربت شوق شراب ڪيا، دم تهين در حال،
ڪمي ڪبان ڪانه هئي، اهي ٿو قرب ڪري ڪندوال،
کائي خان خوشهال ٿيو، ڪيفن من ڪمال،
تڏهن پريءَ جمال جو پادشاهه کي، وڃي پيو ياد وصال،
تهن وير راوت روئي، ڪيو حال هڻي بيحال،
جان ڏسي تان لڙڪن لال، ٿو وسي ڳاڙهو آب ڳلن تان،

 

206-  چئي: هي روئڻ رولاڪو، ڇو سمن کي سارو ڏئين،
من وڌوءِ مامري، آڻي اولاڪو،
سو ٽڪر ٽوالڪو، ڏنوءِ ڪهڙي ڪ شال ۾.

 

207-  تڏهن خط هٿ خان، ڏنا ’ڪَندڪ‘ جا ’ڪندوال‘ کي،
جان مڙيئي معلوم ڪيا، پڙهي پِرتان پروان،
تان ٻيو لفظ لکيو ئي ڪونه ڪو، ٻاجهئون ’سبز سليمان‘،
پارت لکي پادشاهه جي ٻيحد بي بيان،
پر هن به راوت رنو گهڻو، اُٿس ظاهر ساڻ زبان،
چئي: هاڻ لڳ سائين سبحان، ڪر مان سين دوس مدد ڪا.

 

208-  تڏهن دلاسي شاهه کي، اُتس ائين اڳياءُ:
ته اها حقيقت اُنهنجي، اڳيئي ثابت سُيم شاهه،
ڏک درد اوهان جي دل جو، ٿيو مان کي معلوما،
تهن خاطر ڪيترا ڪيم راهه سِر روانا،
مُڪم ديو ديسين تي تُرتان توانا،
ته شهر سبز سليماني جي، اوهين ڪل ڏيو مون ڪا،
تان جي هتان وير ويا، تن مان وري وريو ڪو نه ڪو.

 

209-  هاڻي ور جان سِي اچن، تان تن کان پڇي صحي ٿيان،
سي ڪهڙي خبر ڪن، ڏسون ته ڪيئن ڏوري آئيا.

 

210-  جڏهن وري سي آيا، خالي موٽي خابرو،
جان مڙيئي تهن مذڪور ڪري پانڊو پُڇايا،
تان تن خبر ڪانه ڪئي، جي هئا هن هيجان هلايا،
سي قسم کڻي آئيا ابن دائودا:
ته آياسون ڏونگر ڏوري ڏاڍڙا، بر ۽ بحرا،
هاڻي وسِهه ويساها، تان ڪر پتو پيوسون ڪونه ڪو.

 

211-   تڏهن جانِ جهليو روح جهلي، تان دل دانهن ري نه رهي،
جنهن جو هينيون جانب سان جلي ويو، سو ٻين سان ڪيئن روح رلي،
جهن جو نيئي هنيو ساجن ساهه سوگهو ڪيو،
سو ڪيئن حملي منجهه هلي،
سو رويو روءِ رت ورنو، مٿان مُنج ملي،
پر عام نه سور سلي، ساڻ خام نه ڪري خبرون.

 

212-  ساڻ خام نه ڪري خبرون، تهن کي روئڻ روح رهاڻ،
سپيريان جي سوز ۾، ٿو پوڄ پڇاڙي پاڻ،
سَٽي پاڻ پٽن سين، لٿي پر پرياڻ،
چئي: الله پرين آڻ، نا ته نِي اسان کي اوڏهين.

 

213-  تڏهن سوگند سليمان جو، اچي ڪندوال قسم ڪيو،
چئي: جو شهر پڇو ٿا سبز جو، سو اسان ڪنين ڪين سُئو،
جان ڏوريندڙ ڏوري آيا، تان به پرو ڪون پيو،
تان به هڪ جوڙو جوان هٿ ڪري کڻي سو آيو،
چئي: هي حضرت سليمان جو آهي ڪشف قيمت جو،
سو ٿي سانڍيم ساهه سين، جي مقابل جو،
سو هوندو جهن جي پير ۾، تهن کي ٿڪجڻ مور نه ڪو،
سو اسين ڪامل قبوليو، اٿوَ پاءِ مبارڪ پادشاهه!

 

214-  تڏهن سرهو ٿيو سلطان، تهن چيو حمد حڪيم کي،
ته قادر پنهنجي قدرت سين، آڳي ڪيو احسان،
ٿيو مان تي مولو مهربان، هاڻي پيئي ڪهل ڪريم کي،

 

215-   سو خان ٿيو خوشحال، تهن شڪرانا شروع ڪيا،
چئي: مان تي موليٰ مهربان ٿيو، ڀلي يو ڀال،
واحد هاڻي وصال، ڪندو محب جي ميلاپ جو.

 

216-  ڏِنيس ڏات خدا، اها ٿَئِي موڪل مير سان،
چئني ديون سِر جا ثابت، ڪَيس اڳرا وار عطا،
اُهي سبب ڪرم سين ڪريم جي، ٿيس حاضر سر همراهه،
آيس ڏاتيون ڏاتر ڏانہ، ٿَئِي برڪت شهه بهرام سين.

 

217-  ويٺا وِرونهِن پاڻ ۾، ته هاڻي ڪريون ڪيئن!
پر رازق جن راضي، تن نه ڏجاڻا ڏينهن،
حڪم صاحب سينءَ، آيو ديو کڻي ٻئي ديو کي.

 

218-  آيو ديو کڻي ٻئي ديو کي، ڏس الاهي اسرار،
ڏسجي تان پريو پراڻو پير مرد، وڏي کيس ڄمار،
ٻُڍو، جهن جو نجهرو جهونو گهڻو،. لاهمت هيڪار،
سو ڪري ڪُرمشون ڪندوال کي، ويجهو ويٺو وار،
تهن کي پڇو پادشاهه، ديون جي دهدار،
ته ڪيڏي عمر تو جي، ڪا سنن اٿئي سار،
چئي: جي ليکي منجهه شمار، ته هڪ هزار سالن ساريان.

 

219-  جڏهن ايڏي اٿئي عمر، تڏهن سُرت هوندي تو سڀڪا،
گهڻا ملڪ گهميو هوندين، بيحد بربحر،
شهر ’سبز سليمان‘ جي، ڪِٿهن ڪا پيئي ڪر،
ته ڪهن طرف؟ ڪهن ديس؟ ڪهن پرڏانهن؟ ڪا ڏيهُون خان خبر،
ته اُٿي اَلاهر، پُوريون تهن پار تي.

 

220-  چئي: سبز سليماني شهر جو، مان کي پُڇين پاڻ،
تهن جاتو کي وڻ وَٽ ساري وِير ڏيان، سرون سنگ پَهاڻ،
ثابت مان توکي ڏيان، انهين جا اُهڃاڻ،
اي سان مهربان! تهن جي مان کؤن ڳجهي ڳري ناهه ڪا.

 

221-  سڻ ديون جا اُمراء، توسين سڀڪا ڳالهه صحي ڪريان،
تهن سبز سليماني شهر اڳيان، جيڪي ڪوهه وريا،
تن اُتان منهنجي آهي راتو ڏينهان راهه،
سو نه ڳجهو مان کان، وسِهي ڪر ويساهه،
تهن سڻي حقيقت سان، شڪرانا شروع ڪيا.

 

222-  چئي: هاڻ ڏينهن ڀايان ڏهه ماهه، رات ته وَرهان ئي وِتري،
پَل پَهرائين پضري، پضهر نه پهر بجاءِ،
ساعت سريم سال کان، ڪريو گذر گاهه،
توکي ڪيم معلوم سڀڪا، ٻي ڪهڙي ڳرهيان ڳاهه،
هاڻي اٿي لڳ الله، ڪر سمن سڀاڳي شهر جو.

 

223-  تڏهن اُتو تهن ديو کي، آندو هو جهن ديو،
ته: هن شهزادي شاهه جي، پارت پاڻ اَٿيوَ،
تانسين جَم نه ڇڏيجاس، جانسين رضا راؤ نه ڏيو،
جيئن جتان پاڻ چئيوَ، تهان ڪوتهه ڪجا ڪانه ڪا.

 

224-  تڏهن آڻي تخت رکايو ته، تازو تخت روان هو،
اچي موڪل مڙني ڪئي، واهي آرتو آب اکين،
هي به اُڀا آهون ڪن، ته وڃي شال ملندين سڄڻين.

 

225-  تڏهن تخت کنيو تن، جيئن وهلو وهي واءُ،
سو اُپاڙي آڪاس ڏانهن، هليا منجهه هوا،
ڪهن کي معلوم ڪين هو، تن جو صاحب اي سماءُ،
او ڪيڏانهن ويا ڪاهيندا، مُعلق ارض سماءَ،
ڏيئي بازن وانگي بائليون بانڪا، ڪهي ڪوهه قاف ويا،
تهن جبل جواب ڏسي، جان ڪئي ناگہ نگاها،
تان تهن کي نظر آئيو، ڪو ساروئي ’سزا‘،
وڏائي وڏو گهڻو، بيحد حسابا،
اهڙي رونق رنگ هو، ڪر جنسار جمرودا،
اُنهن عالم جو انبوهه هو ڏٺائون ڏورا،
تڏهن ديو اُتو داناءَ کي، مِٺو ڪلري مُنها،
اجهو ’سبز سليماني‘ اٿوَ، هو دريون دروازا،
اسان کي هتان مهند هلڻ جي، ڪانِهن قدرت ڪا،
هاڻي ٻيلي تو الله، شال وڃي جانب کي جيئري ملين.
 


(1)  ڏمجي ڏينهاڻي (ڪذا).

(1)  اصل : ڪردهان.

(1)  خسائرا = خساري وارا.

(1)  اصل ائين.

(1)  اصل : ديواريون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org