سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب: -

صفحو :4

 

يوسف زليخا

حضرت اسحاق نبي سڳوري جو ٻيو پٽ حضرت يعقوب عليہ السلام به نبي هو. کيس ڇهه حرم هئا ۽ هرهڪ حرم مان ٻه ٻه پٽ هئس. سندس هڪڙي حرم مان ٻه فرزند هئا: جن مان هڪڙو هو حضرت يوسف عليہ السلام، جنهن کي نبوّت جو درجو عطا ٿيو ۽ ٻيو فرزند يامين هو. باقي ڏهه فرزند ٻين حرمن مان هئا. حضرت يوسف ٻن سالن جو ٿيو ته سندس والده وفات ڪئي، تنهنڪري پنهنجي پڦيءَ وٽ پرورش ورتائين. حضرت يوسف سڀني ڀائرن کان وڌيڪ سهڻو ۽ سلڇڻو هو، حضرت يعقوب کي پڻ سڀني پٽن مان حضرت يوسف سان وڌيڪ محبت هئي.

حضرت يعقوب وٽ بيشمار ٻڪريون هيون، ۽ ٻين فرزندن جي ڀيٽ ۾ هن حضرت يوسف کي وڌيڪ ٻڪريون ڏنيون هيون. تنهن کان سواءِ حضرت يعقوب جي گهر ۾ هڪڙو خوبصورت وڻ هو جنهن مان سندس ٻين پٽن سڌيون لٺيون ٺهرايون. حضرت يوسف جڏهن اهي ڏٺيون تڏهن پنهنجي والد کي چيائين ته: مون کي به اهڙي لٺ ٺهرائي ڏيو، جا سڀني ڀائرن جي لٺين کان سهڻي هجي. حضرت يعقوب اڃا انهيءَ ڳالهه جو خيال پئي ڪيو ته حضرت جبرائيل هڪ نهايت خوبصورت لٺ کڻي اچي حاضر ٿيو ۽ چيائين ته هيءَ بهشتي باغ جي لٺ کڻي اچي حاضر ٿيو ۽ چيائين ته هيءَ بهشتي باغ جي لٺ حضرت يوسف لاءِ عطا ٿي آهي. اهي عنايتون ڏسي حضرت يوسف جا ڀائر حسد ڪرڻ لڳا.

هڪ رات حضرت يوسف خواب ۾ ڏٺو ته کيس سج چنڊ ۽ يارهن تارا سجدو پيا ڪن. صبح جو اٿي اها ڳالهه پنهنجي پيءُ سان ڪيائين جنهن کيس منع ڪئي ته اها ڳالهه ڪنهن کي به نه ٻڌائج. حضرت يعقوب کي انديشو ٿيو ته هن جي تعظيم کان ٻين ۾ حسد پيدا ٿيندو. پر اها ڳالهه ڪنهن طرح حضرت يوسف جي ڀائرن تائين وڃي پهتي ۽ خواب جو مطلب سمجهي ويا، تنهنڪري کيس مارڻ جون سٽون سٽڻ لڳا.

هڪ ڏينهن سڀئي ڀائر صلاح ڪري پيءَ وٽ آيا ۽ ادب سان جهڪي کيس عرض ڪيائون ته: بابا سائين! توهين ڇو يوسف کي هر وقت نظر ۾ ٿا رکو ۽ اسان سان ملڻ گڏجڻ نٿا ڏيو، سو اسين سندس ڀائر ۽ سڄڻ نه آهيون ڇا؟ اڄ اسين شڪار تي ٿا وڃون؛ ادي يوسف کي به موڪل ڏيو ته اسان سان گڏجي هلي. پهريائين ته حضرت يعقوب انهن جو چوڻ نه مڃيو پر هنن جي زور ڀرڻ تي لاچار حضرت يوسف کي موڪل ڏنائين.

سڀئي ڀائر ڳچ پنڌ ڪرڻ کان پوءِ هڪڙي گهاٽي جهنگ ۾ پهتا، جتي حضرت يوسف جي ڀائرن کيس هڪڙي کوهه ۾ کڻي اڇلايو ۽ سندس ڪپڙا شڪار ڪيل جانورن جي رت سان ڀري، شام ڌاري اچي پيءُ کي ٻڌايائون ته: اسين شڪار ۾ مشغول هئاسين ته پٺيان حضرت يوسف کي ڪو بگهڙ کائي ويو ۽ هي رت ڀريل ڪپڙا شاهدي طور آندا اٿئون.

هن افسوسناڪ خبر ٻڌڻ سان حضرت يعقوب ايترو ته رنو جو سندس اکين جي نظر هلي وئي پر حضرت يوسف جا ڀائر روز انهيءَ کوهه تي اچي ان کي سڏ ڪندا هئا ۽ جڏهن کين سڏ جو جواب ملندو هو تڏهن کيس پٿر هڻندا هئا ته جيئن هو اندر ئي اندر مري وڃي. اهڙيءَ طرح ٽي ڏينهن گذري ويا.

چوٿين ڏينهن ”مداين“ شهر کان مصر ڏي ويندڙ هڪ قافلو اتان لنگهيو. قافلي جي ڪنهن ماڻهوءَ جيئن پاڻي ڀرڻ لاءِ ٻوڪو کوهه ۾ ڍاريو ته حضرت يوسف ان ٻوڪي کي چنبڙي پيو ۽ ٻوڪي سان گڏ ٻاهر ڇڪجي آيو. قافلي وارن جو ههڙو حسين جواب ڏٺو سي ڏاڍا خوش ٿيا ته هن کي وڪڻڻ سان چڱي رقم ملندي؛ تنهنڪري پاڻ وٽ رهائي ڇڏيائونس. ٿوري وقت کان پوءِ حضرت يوسف جا ڀائر دستور مطابق اتي آيا ۽ کوهه تي سڏ ڪيائون، پر کين جواب ڪونه مليو. تڏهن سامهون قافلو لٿل ڏسي گمان آين ته متان انهن وٽ هجي، سو اتي اچي حضرت يوسف کي ڏٺائون ۽ قافلي جي سردار کي چيائون ته: هي اسان جو نافرمان غلام اسان وٽان ڀڄي آيو آهي، تنهنڪري اسان کي ڏيو. پر سردار حضرت يوسف ڏانهن نهاري سهي ڪيو ته هو هنن وٽ وڃڻ لاءِ تيار ڪونهي، تنهنڪري هن جي ڀائرن کي ڪجهه رقم ڏئي واپس ڪيائين. حضرت يوسف جي ڀائرن به اهو ئي ٿي چاهيو ته ڀلي هي قافلي وارا هن کي ڪنهن ڏورانهين هنڌ وٺي وڃن جتان وري نه موٽي.

قافلو ڪجهه وقت آرام ڪرڻ بعد اتان اچي مصر پهتو. ان وقت مصر جو حاڪم ”ريان“ نالي هو. ان کي جڏهن قافلي جي اچڻ جي خبر پئي تڏهن دستور موجب ان جي استقبال لاءِ هن پنهنجي وزير ”عزيز“ کي موڪليو، جنهن اچي قافلي جي آجيان ڪئي ۽ بادشاهه طرفان انهن کي دعوت ڏني، جا هنن قبول ڪئي. چيائون ته چوٿين ڏينهن شهر ۾ پهچنداسون. عزيز اتان موٽي اچي سڄي خبر بادشاهه کي ٻڌائي ۽ ان سان گڏ حضرت يوسف جي حسن جو بيان اهڙي ڍنگ سان ڪيائين جو ريان هن جي ديدار جو خواهان ٿيو. حڪم ڏنائين ته هن قافلي جو شاهاڻي نموني آڌرڀاءُ ڪيو وڃي، ۽ ان لاءِ هڪ هزار حسين نوجوان هڪ جهڙي شاهاڻي لباس ۾ استقبال لاءِ وڃي حاضر ٿين.

ريان بادشاهه جي وزير عزيز کي ”زليخا“ نالي هڪ حسين زال هئي، جا مغرب ولايت ۾ ”شاهه طموس“ نالي بادشاهه جي ڌيءَ هئي. جڏهن هوءَ اڃا ڪنواري هئي تڏهن هن جي حسن جي هاڪ ٻڌي ڪيترن ئي ملڪن کان زليخا جي سڱ لاءِ پيغام آيا، پر بادشاهه انڪار پئي ڪيو. ان وقت جي ڳالهه آهي ته زليخا خواب ۾ هڪ نهايت حسين نوجوان ڏٺو، جو هن کي اهڙو ته وڻي ويو جو ان تي عاشق ٿي پئي ۽ اٿئي ويٺي خواب ۾ ڏٺل شهزادي کي سارڻ لڳي. هن کي ڳڻتيءَ ۾ ڏسي سندس سهيلين ۽ ٻانهين گهڻئي حيلا هلايا پر هن راز ڪنهن کي به نه ٻڌايو. اتفاق سان ٻيو ڀيرو به هن ساڳيو شخص خواب ۾ ڏٺو پوءِ ته هيڪاري سک ڦٽي پيس ۽ رات ڏينهن آهون ۽ دانهون ڪندي رهي ۽ انهيءَ حد تي پهتي جو پڻس هن کي چريو سمجهي محلات جي هڪ ڪوٺي ۾ کڻي بند ڪيو. سندس سهيلين هن جي حال تي عجب ۽ ارمان پئي ڪيو، پر هوءَ حال کان بيحال ٿي هڪڙي هنڌ پئي هوندي هئي. قدرت سان هن ٽيون ڀيرو به ساڳيو شهزادو خواب ۾ ڏٺو، تڏهن ان دامن جهلي کانئس نالو نشان پڇيائين. هن جواب ڏنس ته آءٌ مصر ملڪ جي بادشاهه جو وزير آهيان.

زليخا سجاڳ ٿي ڪجهه سرهي ٿي ۽ آهستي آهستي سندس بي آراميءَ ۾ فرق آيو ۽ کائڻ پيئڻ جي خواهش ڪيائين. انهيءَ حالت جي خبر شاهه طموس کي به پهتي جنهن کيس ان ڪوٺيءَ کان ٻاهر ڪڍيو ۽ هن کان حقيقت معلوم ڪرڻ جو ڪم هڪ رازدار دائيءَ تي رکيائين. انهيءَ دائيءَ ڏينهن ٻن ۾ زليخا کان سندس دل جو راز معلوم ڪري بادشاهه کي ٻڌايو، جنهن مجبوراً مصر جي وزير عزيز ڏانهن شاديءَ جو پيغام موڪليو. عزيز خوشيءَ سان اهو سڱ قبول ڪيو. پوءِ جلد ئي دستور موجب زليخا جي ڏولي مصر ڏانهن وڃڻ لڳي. عزيز کي جڏهن خبر پئي ته ڏولي مصر جي ويجهو اچي پهتي آهي تڏهن پاڻ استبقال لاءِ شهر کان ٻاهر آيو ۽ اتي عاليشان طنبو لڳايا ويا. سج لٿي مهل زليخا جي ڏولي به حفاظتي جٿي سان اتي اچي پهتي ۽ هنن به پنهنجا طنبو کوڙيا پوءِ هرڪو وڃي پنهنجي طنبوءَ ڀيڙو ٿيو. اڌ رات جو زليخا پنهنجي رازدار دائيءَ کي چيو ته جنهن شخص سان منهنجي هميشه جي زندگي گذرندي، ان جو ڪنهن اٽڪل سان ديدار ڪراءِ.

دائي سياڻي هئي، تنهن طنبوءَ جي پردي کي اهڙي هنڌان چهڪ ڏنو جتان نهارڻ سان عزيز جي طنبوءَ تي نظر ٿي پئي. زليخا انهيءَ چير مان ان طنبوءَ ڏي نهاريو ته کيس سامهون پلنگ تي عزيز ڏسڻ ۾ آيو. ڏسڻ سان هاءِ هاءِ ڪري پٽ تي ڪري پئي. دائيءَ خبر پڇيس، جنهن تي کيس روئي چيائين ته: هيءُ اهو شخص ڪونهي جيڪو مون خواب ۾ ڏٺو هو. ائين چئي ٻئي هٿ کڻي آسمان طرف منهن ڪري ٻاڏائڻ لڳي ته: اي قدرت جا مالڪ! تون منهنجي دل جي حال کان واقف آهين. جيڪڏهن مون کي من گهريو محبوب نه مليو آهي ته پنهنجو ڪرم ڪري هن ڌارئي شخص سان منهنجو پلؤ نه ملاءِ. مون پنهنجي انهيءَ دوست سان واعدو ڪيو آهي؛ ان ۾ ڪوتاهي ٿيڻ نه ڏي ۽ انهيءَ خواريءَ کان مون کي بچاء. زليخا اها دعا گهري اڃا بس ڪئي ته هڪ غيبي آواز آيو ته: اي زليخا! هاڻي زمين تان مٿو کڻ ۽ روڄ بند ڪر. عزيز تنهنجو اهو ساڳيو دوست نه آهي پر تنهنجي دل جو مطلب ان وٽان پورو ٿيندو. اهو آواز ٻڌي هن لاچار صبر ڪيو ۽ عزيز وٽ صبر سان زندگي گذارڻ لڳي. چون ٿا ته عزيز ڪڏهن به هن تي قادر نه ٿي سگهيو، جنهن ڪري هوءَ پاڪدامن رهي.

جڏهن حضرت يوسف واري قافلي جي استقبال لاءِ مصر جي بادشاهه ريان، حسين جوان موڪليا تڏهن حضرت يوسف نيل درياءَ مان وهنجي سهنجي جڙادار پوشاڪ پائي ڏوليءَ ۾ سوار ٿي، قافلي جي سردار سان گڏ بادشاهي درٻار ۾ پهتو ۽ بادشاهه کي باادب سلام ڪيائين. بادشاهه سندس طور طريقي کان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس چيائين ته پنهنجي رخ تان پردو هٽاءِ ته اسين توکي ڏسون. جيئن ئي هن نقاب پري ڪيو ته بادشاهه ۽ درباري هن جي سونهن جي تعريف ڪرڻ لڳا. انهيءَ گوڙ تي زنانخاني ۾ به چرپر ٿي، جتي زليخا به موجود هئي. هن ٻانهين کي چيو ته معلوم ڪري خبر ڏيو ته اهو ڇا جو گوڙ آهي. جڏهن ٻانهين کيس ٻڌايو ته ڪنهن بيحد حسين نوجوان جي اچڻ تي اهو گوڙ ٿيو آهي، تڏهن پاڻ درٻار ۾ اچڻ جو اطلاع موڪليائين. بادشاهي اجازت تي اهڙو بندوبست ڪيو ويو. زليخا جڏهن پردي مان حضرت يوسف کي ڏٺو تڏهن هڪ آه ڀري ڪري پئي ۽ بيهوش ٿي وئي. ٻانهين کيس اتان کڻي محلات ۾ آندو ۽ گلاب ڇڙڪائي کيس هوش ۾ آندائون. هن واقعي کان پوءِ زليخا ڏاڍي سرهي گذارڻ لڳي. اها حالت سندس رازدار دائي کان ڳجهي نه رهي، جنهن زليخا کان سربستو احوال ورتو.

ٻئي ڏينهن قافلي جي سردار حضرت يوسف کي وڪڻڻ خاطر پڙهو ڏياريو؛ جنهن تي شهر جا ڪئين دولتمند بازار ۾ اچي گڏ ٿيا. خود ريان بادشاهه پڻ اتي حضرت يوسف کي خريد ڪرڻ لاءِ اچي نڪتو. اها خبر زليخا جي ڪن پئي تنهن وري عزيز کي چيو ته: پاڻ کي اولاد ڪونهي تنهنڪري انهيءَ نوجوان کي خريد ڪري اچ ته کيس پٽيلو بنائي پاڻ وٽ رکون. عزيز کي اها ڳالهه وڻي ۽ هو به اچي اتي پهتو. بادشاهه کي ڏسي هن پنهنجو ارادو کيس ٻڌايو جنهن حضرت يوسف جي خريد ڪرڻ جو ارادو بدلائي هن کي اهڙي اجازت ڏني. گهڻئي واڪن تي واڪ آيا پر هن جي واڪ سان ڪو پڄي نه سگهيو ۽ هن حضرت يوسف کي خريد ڪري پنهنجي محلات ۾ آڻي رهايو.

زليخا کي پنهنجو دل گهريو دوست ملي ويو، تنهن هن کي هر طرح خوش رکيو. آخر ڪجهه عرصي کان پوءِ ٻنهي هڪ ٻئي کي پنهنجي گذريل زندگيءَ جو احوال ٻڌايو، جنهن تي ٻئي عجب کائيندا رهيا. هڪ ڏينهن حضرت يوسف زليخا کي چيو ته: مون کي رڍن ۽ ٻڪرين چارڻ جو شوق آهي، ڇو ته اهو منهنجو اباڻو ڌنڌو آهي. زليخا  چاهيو ٿي ته هيءُ ڪا نه ڪا خواهش ڪري ته ان جي پورائي ڪريان. تنهن هن کي اهڙو بندوبست ڪري ڏنو ۽ هو انهيءَ ڌنڌي کي لڳي ويو.

سندس ڪي ڏينهن انهيءَ حالت ۾ گذريا. زليخا حضرت يوسف جو توجهه پاڻ ڏانهن ڇڪائيندي رهي ۽ کيس محبت جي نگاهن سان ڏسندي رهي. هر موقعي تي پنهنجي دل جو حال هن جي آڏو پئي رکيائين. حضرت يوسف اهڙي ڳالهه ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ڏنو. انهيءَ ناڪاميءَ سبب زليخا غمگين ۽ فڪرمند رهڻ لڳي. نيٺ دائيءَ سان پنهنجي اُڪير ۽ حضرت يوسف جي انڪار جو ذڪر ڪري صلاح ڪيائين ۽ چيائين ته شهر کان ٻاهر هڪڙي باغيچي ۾ هڪ عاليشان رنگ محل تيار ڪرائي ان ۾ عيش عشرت جو سامان رکائي، ان ۾ حضرت يوسف کي رهائجي ته جيئن سندس طبيعت انهن شين ڏانهن مائل ٿئي. دائي انهيءَ ڪم جو پاڻ ذمو کنيو. تجويز مطابق محل تيار ٿيو ۽ دائيءَ هڪ خاص مخفي ڪوٺيءَ ۾زليخا ۽ حضرت يوسف جون تصويرون ٺهرائي رکي ڇڏيون. اها ڪوٺي محلات جي سڀني ڪوٺين کان پڇاڙيءَ ۾ هئي. جيئن اندر ايندڙ ماڻهو اهي ڪوٺيون لتاڙي ان خاص ڪوٺيءَ ۾ پهچي.

هڪ ڏينهن سير جي بهاني سان زليخا باغ مان گهمندي انهيءَ محلات جي خاص ڪوٺيءَ ۾ اڳ ئي وڃي ويٺي ۽ دائي پڻ حضرت يوسف کي ڳالهين ۾ مشغول ڪندي انهيءَ خاص ڪوٺيءَ ۾ اماڻي، ٻاهران سڀني ڪوٺين جا دروازا بند ڪري پاڻ هلي وئي. زليخا حضرت يوسف کي ڏسي اٿي ۽ هن سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪيائين. حضرت يوسف کي اتي خدا تعاليٰ جو خوف جاڳيو ۽ واپس موٽيو. دروازو بند ڏسي هن الله تعاليٰ کان دعا گهري ته اوچتو بند روازو کليو ۽ وري ٻئي دروازي وٽ پهتو. اهڙي طرح سڀئي بند دروازا کلندا ويا ۽ حضرت يوسف ڀڄندو ويو، پٺيان زليخا به ڊوڙندي آئي. حضرت يوسف جڏهن آخري دروازي تي پهتو ته زليخا به اچي پويان رسي ۽ سندس پهراڻ جي پوئين حصي ۾ هن جو هٿ پئجي ويو. حضرت يوسف جي ڀڄڻ ۽ پاڻ ڇڏائڻ سبب اهو پهراڻ جو پويون حصو ڦاٽي زليخا جي هٿ ۾ رهجي ويو.

اتفاق سان انهيءَ وقت عزيز به اتي اچي نڪتو، جنهن هنن کان انهيءَ ڇڪتاڻ جو سبب پڇيو. زليخا ٻي واهه نه ڏسي پنهنجي عزت بچائڻ خاطر چيو ته: آءٌ محلات جي اندرئين ڪوٺيءَ ۾ ستل هيس ته اتي يوسف بنا اجازت اچي نڪتو ۽ مون سان گستاخي ڪرڻ لڳو، پر مون کي سجاڳ ٿيندو ڏسي ڊپ کان وٺي ڀڳو، مون سزا ڏيڻ جي خيال کان کيس جهليو ٿي ته سندس هي پهراڻ جو ٽڪر منهنجي هٿ ۾ اچي ويو ۽ هو ڇڏائي اڳتي وڌي ويو. عزيز حضرت يوسف تي ڏمريو ۽ کيس چيائين ته: توکي ڇا چوڻو آهي؟ حضرت يوسف ڪوبه جواب ڏئي نه سگهيو پر اکيون آسمان طرف ڪري الله تعاليٰ جي درگاهه ۾ سوال ڪيائين. الله تعاليٰ سندس سوال اگهايو ۽ اتي انهيءَ مهل هڪڙي ٻانهيءَ جي ٽن مهينن جي ٻار شاهدي ڏني ته حضرت يوسف بيڏوهه آهي ۽ زليخا جيڪي ڳالهائي ٿي اهو ڪوڙ ۽ بهتان آهي. هن غيبي شاهديءَ تي عزيز کي يقين اچي ويو ۽ حضرت يوسف کي آزاد ڪري ڇڏيائين.

هن واقعي ٿيڻ کان پوءِ مصر جي زالن زليخا کي طعنا ۽ مهڻا ڏنا ته تو هڪڙي ٻانهي تي موهجي پنهنجي عزت وڃائي آهي. هن ڇا ڪيو جو هڪڙي مجلس ڪوٺايائين، جنهن ۾ مصر جي زالن کي دعوت ڏئي گهرايائين. آيل زالن کي هڪ صوف ۽ وڍڻ لاءِ ڇري ڏنائين. ساڳئي وقت ان بندوبست به رکيو هو ته حضرت يوسف سندس حڪم تي انهي مهل اچي نڪري. جيئن ئي انهن زالن صوف ٿي وڍيو تيئن حضرت يوسف به اتي اچي نڪتو ۽ هن کي ڏسي زالن جا حواس اهڙا خطا ٿي ويا جو صوف جي بدران پنهنجون آڱريون ڪٽي ويهي رهيون. جڏهن حضرت يوسف ويو ته زليخا چيو ته: اوهان هي ڇا ڪيو؟ تڏهن زالن کي احساس ٿيو ته زليخا واقعي مجبور آهي.

زليخا جي هن عشق جي خبر سڄي شهر ۾ هُلي وئي. انهيءَ بدناميءَ کان بچڻ خاطر ڪن عورتن زليخا کي صلاح ڏني ته يوسف کي قيد ۾ رکائي ڇڏ. نيٺ اها صلاح مڃي حضرت يوسف کي بيگناهه قيد ۾ رکائي ڇڏيائين. ڏينهن ٻن جي صبر کان پوءِ ان جي جدائيءَ ۾ ڳرڻ لڳي، تان جو رات جو دائيءَ سان گڏجي هن کي قيدخاني ۾ ڏسڻ ويندي هئي. اهڙيءَ طرح سندس ڏينهن روئيندي گذرندو هو ته رات محبوب جي ديدار سان خوش گذرندي هئي.

حضرت يوسف کي ڌڻي تعاليٰ طرفان خواب تعبير ڪرڻ جو علم عطا ٿيل هو. قيدخاني ۾ رهندي هن ڪيترن قيدين کي خوابن جا تعبير ٻڌايا هئا. هڪ رات مصر جي بادشاهه اهو خواب صبح جو درٻارين کي ٻڌايو پر ان جو تعبير ڪير به ڪري نه سگهيو. اتي هڪ درٻاري ٻڌايو ته حضرت يوسف صحيح تعبير ڪري ٿو سگهي. اها ڳالهه ٻڌي بادشاهه ماڻهو موڪلي حضرت يوسف کان ان جو تعبير ڪرايو. جنهن چيو ته هن ملڪ ۾ ست سال لڳاتار سڪار ٿيندو ۽ وري ست سال سخت ڏڪار پوندو؛ تنهنڪري مناسب آهي ته ان سڪار واري وقت ۾ ڪفايت ڪري انّ بچائي رکجي جو ڏڪار ۾ ڪم اچي. هي تعبير بادشاهه کي دل سان لڳو ۽ حضرت يوسف کي گهرائي آزاد ڪري پنهنجي درٻار ۾ جاءِ ڏنائين ۽ اهو ڪم ان جي حوالي ڪيائين.

انهيءَ واقعي کان پوءِ جلد ئي عزيز وفات ڪئي. ان جي وفات بعد حضرت يوسف جي دل ۾ زليخا جي سچائيءَ ۽ محبت جو احساس پيدا ٿيو ۽ ان ڏانهن توجهه ڪرڻ لڳو. زليخا ان جو رخ ڏسي دل ئي دل ۾ خوش ٿيندي رهي. هڪ ڏينهن جيئن حضرت يوسف محلات مان ٿي لنگهيو ته هن جو رستو روڪي بيهي رهي ۽ هن کي عاجزي ۽ منٿ سان پنهنجو درد ڀريو حال ٻڌايائين. حضرت يوسف ان جي لازوال محبت ۽ ان جو استقلال ڏسي ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ کيس الله تعاليٰ تي ايمان آڻڻ جي دعوت ڏنائين. زليخا هي ارشاد ٻڌي ان وقت ئي ايمان آندو. حضرت يوسف به زليخا لاءِ مغفرت جي دعا گهري. الله تعاليٰ جي قدرت سان زليخا اڳي کان به زياده حسين ۽ نوجوان ٿي پئي. ٿوري ئي وقت کان پوءِ زليخا جي حضرت يوسف سان شادي ٿي ۽ ٻئي ڄڻا قرب ۽ محبت سان رهڻ لڳا.

حضرت يوسف سڪار واري وقت ۾ انّ جي بچت ڪرائي گدام ڀرائي ڇڏيا. سندس خواب سچو ثابت ٿيو جو ستن سالن کان پوءِ ڏڪار اچي پيو، پر مصر انهيءَ مصيبت کان بچي ويو. پاڻ آسپاس جي ملڪن ۾ به مصر مان انّ وڃڻ لڳو. حضرت يوسف جي هن سخا جي هاڪ ڏيهان ڏيهه پکڙجي وئي. اها خبر ٻڌي ڪنعان کان حضرت يوسف جا ڀائر اناج وٺڻ لاءِ مصر ۾ آيا. حضرت يوسف انهن کي سڃاتو ۽ کين عزت ڏئي اناج جون خرزينون ڏئي واپس ڪيو. ڪجهه وقت کان پوءِ حضرت يوسف بهاني سان اتي جي قانون مطابق ابن يامين کي چوريءَ جي تهمت هيٺ پاڻ وٽ رهائي ڇڏيو. جڏهن ٻيا ڀائر روانا ٿيا تڏهن ساڻن گڏ پنهنجي قاصد هٿان پنهنجو پهراڻ پنهنجي والد حضرت يعقوب کي ڏياري موڪليائين.

حضرت يوسف جا ڀائر جڏهن پنهنجي والد وٽ پهتا تڏهن هو ابن يامين نه ڏسي فڪرمند ٿيو، پر جڏهن کيس پهراڻ مليو تڏهن سمجهي ويو ته هي پهراڻ ته يوسف جو آهي. اتي کيس ابن يامين جو فڪر لٿو ته هو صحيح سلامت پنهنجي ڀاءُ وٽ آهي. حضرت يعقوب، حضرت يوسف جو اهو پهراڻ اکين تي کڻي رکيو ته سندس نظر موٽي آئي ۽ پاڻ الله تعاليٰ جو شڪرانو ادا ڪيائين. ان بعد پنهنجي فرزند وٽ رهڻ لاءِ ڪنعان ڇڏي اچي مصر پهتو ۽ باقي حياتيءَ جا ڏينهن اتي گذاريائين

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org