سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب: -

صفحو :20

 

ليليٰ مجنون*

چيل عرض محمد چانڊيو*

 

1-      ساراهه ڪريان سبحان جي، جو صاحب ربّ ستار،
        جنهن پيدا ڪيو پاڻ ڌڻيءَ، آڙين جو آڌار،
        واهر وسيلو واهرو، محمّد ماهه مدار،
        لڳا آسري اُن جي، هيڻا لک هزار،
        چارئي يار رسول جا، سڳورا سردار،
        حرمت حسن مير حسين جي، مڱي هي منٺار،
        حضرت پير هلي اچي، ڏاڻ ڏئي ڏاتار،
        ڪج مدد هن مسڪين جي، سائين لڳ ستار،
        پائي آيس پانهنجا، تو در عيب هزار،
        عيبن هاڻو آهيان، ميتج سي مختيار،
        من ۾ محبت جا اکين، باڪا در بهار،
        اچي سونهون ٿي سردار، اڻ سونهين جو اڳ ۾.

 

2-     اڻ سونهين جي اڳ ۾، اچي سونهون شاهه ٿيو،
اچي تنهن کي عشق جو، ڪو جو پهه پيو،
قصو ’قيس‘ قريب جو، شروع شعر ٿيو،
جو مڪّي منجهه پيو، ٿو حڪم هلائي پنهنجو.

 

3-     حڪم هلائي پنهنجو، ڪامل قيس ڪمال،
سوين نِسن پيا نَر کؤن، سورهه صورت سال،
سوين بنگلا باغ ۾، خان بنايا خيال،
ويهي جت وريام سو ڪري عدل عدال،
سوين انصاريءَ جي اڳيان، اچي هيڻا ڪن ٿا حال،
ڏئي عزت عاجزن کي، گهڻو رکي خيال،
سوين ماڻي در حمير جي، لکين لَڙڪن لعل،
ڪيو قرب ڪنگال، هيڻن ڏئِي هٿڙا.

 

4-     هيڻن ڏيئي هٿڙا، ڪيو قياس ڪبير،
شاهه آڏائِي شهر ۾، مسجد ماهه منير،
ملان تنهن مسيت ۾، رکيو طلب پڙهن تفسير،
هو پڙهندو شاهه پريت مؤن، ادب ساڻ اُڪير.
هڪ ڏينهن حجري ۾، پڙهي آيت جان اڪسير،
”وَنَحنُ اَقربُ اِلَيہِ“ سرهو ٿيس سرير،
عامل پڇي استاد کان، نازڪ هيءَ نذير:
’هن آيت جي اڪسير، سگهي ميل مراد مون‘

 

5-      تڏهن مرشد ڪيو مريد کي، اهو اشارو:
’ملندو توکي مير! ڪو، مطلب موچارو،
نازڪ سندين ننڊ ۾، پنهنجي پسارو،
ڏيندو ڏيکارو، نازڪ توکي ننڊ ۾‘.

 

6-     سڻي خير خوش ٿيو، سرهو ٿيو سلطان،
جانب آيو جاءِ تي، پنهنجي محل مڪان،
رکي سُڌ سپاهه جي، جلد گهڻي ڀي جوان،
پوءِ مير مسڪينن ڏي مڪا، نامِ خدا جي نان،
ڪَل لهِي ڪُل حال جي، رکي ڌرم ڌيان،
پوءِ کڻي خُڃيا آئيا، لائق کائڻ خان،
کِڙي خوشبوءِ کاڌي جي، ڪل پيئي ٿِي ڪان،
کائي ستو سيج تي، سک وٺي سلطان،
چئو قبلي چراغ ٿيا، روشن جاءِ روان،
پهرِي بيٺيون پلٽڻيون، سُسِي جُنگ جوان،
اچي ڏَنهن آسمان، ٿي آفت ڪل انسان تي.

 

7-     اچي آفت سڀ انسان تي، جا واحد کي وَنِي،
پر صاحب ڏئي نه سِرَ تي، جا سگهي نه ساهه سهي،
انصاريءَ تي اوچتي، آئي قضا بي ته ڪهي،
سِينڌو نه هئو سُور جو، ٿيندس سينڌا سور سهي،
لکيو لوح قلم ۾، ويَڙو انگ وهي،
مقرر ٿيو محفوظ تي، ميٽين مَس نه وَهِي،
صبح ٿيو ته سهي، اتي رات وهامي ڏينهن ٿيو.

 

8-     رات وهامي ڏينهن ٿيو، اٿيو ڪامل ڪَر ساهي،
نَرَ جا ڏٺي ننڊ ۾، نازڪ سا ناهي،
ستي ڏٺائين سيج تي، سا خالي کٽ آهي،
ڪري دانهون ڪِري پيو، سڄڻ سو ناهي،
عقل ڇڏيو امير کي، ٿو لعل لٽا لاهي،
پيو ڪُوڪن ۾ ڪاهي، اڄ مجني ڪاڻ ماتام ٿيو.

 

9-     مجني ڪاڻ ماتام ٿيو، ٿيس نيڻز، ننڊ حرام،
ڪنهن سا ڪچي ڪينڪي، نڪي ورندي ڏي وريام،
’ليليٰ‘ وائِي وات ۾، ڪامل ٿيو ته ڪلام،
کٽ تان ڪِري پٽ پيو، ڪيو اکڙين رت روئام،
دانَهه بنان دوست جي، نڪي طلبي طعام،
ڏسي خيال گهڻو ئي خام، ماڻس کي ماتام ٿيو.

 

10-    نادر هنيان مُنهن تي، دَست ٻڌي ٻانهون،
درد پسي دلدار جو، پيون داين ۾ دانهون،
ڪامل نڪتي ڪوٽ مان، روهه وٺي رانهون،
چڙهيا گهوٽ گهوڙن تي، ويا ڪاڏنهن ڪيڏانهون،
ٻڌيون عالم آگاهيون، ٿيو ڪڄاڙو قيس کي!

 

11-    سُڌ سهڻي سلطان جي، پيو شهر اندر شغلو،
ڪهڙو شور شهر تي، رات انهيءَ رولو،
حال پسي حيران ٿيا، ٿيو مشڪل مرحلو،
روئي راوت رت ڀريو، چواڪن سان چولو،
هي ڀايائون ڀلولو، ڪو ٿيڙو مرض ملوڪ کي.

 

12-    تَڏ مرض ڪاڻ ملوڪ جي، آيا حڪيمن هزار،
ڏين سُتيون سلطان کي، جيڪي برهه اڳيؤن بيڪار،
سوين برهه بيڪار ڪيا، سرڪش جي سردار،
سوين اڪابر اياڻا ڪيا، اڪابر عقلدار،
ويڌن نه سمجهن ويرِ جي، ته ڪا ٿيس الستي تار،
ڪي چون جِنّ پيس جامي منجهه ڪي منتر چون مار،
ڪي چون ديوَ دٻايو، ڪي پَرين ڏَسينِ پار،
ڪي مٿاهنيو موٽيو وڃن، ڪي بَهُت اچن بيسيار،
ڇا عاقل ٿيندو عسق سان، مَٽ سپاهي سردار،
جَڏ انت نه ٻين آزار، تَڏ سڀئي ويڄ وري ويا.

 

13-    اتي ماڻهن چيو ماءُ کي: تون پڇينس پيارِي،
ته سُڌ سموري حال جي، وٺ سڄڻ کؤن ساري،
تڏهن پانَهه پڇيو پُٽ کان، ويهي ويچاري،
مس سڄي مجني ڪئي، زورن سان زاري،
سڀ حقيقت حال جي، تنهن پرتئون پڇاري،
ته سُتي ڏٺم سيج تي، نينگر جا نارِي،
ڏي موڪل موچارِي، ته وڃي درسن پسان دوست جو.

 

14-    تَڏ مصر سندي ملڪ جا، هئا ويٺا تِت وزير،
تن مرڪي مجني کي ڏنو، نازڪ هيءَ نظير:
ته منصف مصر ملڪ جو، قاضي قمر ڪبير،
نازڪ نياڻي تنهن جي ڏسي، وهسن گهڻا وير،
پر سَتيءَ جا سڀني پريين، صاحب رکيا سير،
ليليٰ نالو نار جو، آهي سَرس پَرين کؤن سير،
حوران آڳس حيران ٿيو، ڏسي عين سندس اڪسير،
ڪبڪ ڪبوتر ڪونجهڙي، مڄالبَ شڪر کؤن شِير،
سُگهڙ سَروَ قد سانولي، وتي تکا ڀريون تير،
سو ڏٺم ماهه مصر ۾، نه ڪيم ڦير فقير،
اهو ٻڌي حال حمير، سورهيه اُٿي سنڀريو.

 

15-    سورهيه سنڀري نڪتو، ٻڌي خان خبر،
پڇي پانڌيءَ کان گهڻو، حال وڃي هر هر:
صدقو ڪندس ساهه کي، هت وڃي هيڪر،
کڻي گام گوهر، دانَهه نڪتو در کؤن.

 

16-    اُت ڏيڻ مَت ملوڪ کي، آيا مڙي مير،
سڀ اڪابر آئيا، ورنَهه سب وزير:
ميڙ آندي سهي مجنا! ٻي واهر ناهي وير،
تَرڪ ڏئين ٿو تخت کي، ويندا مُلڪ ڦٽي سڀ مير!
تون صاحب ٿيءُ سڌير، ته عالم آرامي هجي.

 

17-    مجني ڏني منهن تي، هيءَ ورندي ورائي:
در حق جنهن جي دوست ٿو، قادر ڪرائي،
اوهين جلدي وڃو جاءِ تي، هيءَ ورندي ورائي،
ڪڏهن ٽڪندس ڪينڪي، توڙي ڪير حيلا هلائي،
صدقو ڪندس ساهه کي، هٿ گهوري گهمائي،
پاند ڪڍيءَ پائي، وڃي دارون وٺندس دوست کان.

 

18-    چئي: قيس! رهين ٿو ڪينڪي، ته سڻ سائينءَ لڳ سوال،
اسين خدمت هلون توخان جي، ڪري ڪٽڪ ڪمال،
تابُ رکي تهمت گهڻي، وجهون مصر منجهه مقال،
وٺي سڱ سلامي ڪيو، آهي ملڪ مهال،
مڃ الله لڳ احوال، ڪامل قيس قريب تون!

 

19-    اچي سنگت صاحب جي، گهرن ماڙ مدت(1)،
سدا ساٿ ساڻي هجي، شآل ڪري شفقت،
اهڙو زور ظالم تي، ڪجي تاب رکي تهمت،
اصل عاشق جي هلِي، ازي ماهه منت،
اچي حامي ٿي حضرت، ٿيو روانو راهه سان.

 

20-    اتي پانِهه ڏٺو پٽ کي، ويندو جڏ وري،
سور تنهنجي ۾ سپرين! وينديس ماڳ مري،
ناهي واهَه ولهيءَ جي، تو ري داد دري،
تو ريءَ ماءُ مري، ويندي سورن ۾ هت سپرين!

 

21-    چئي: واهه ته واحد جي هجي، ٻيو آهي ڪير انسان،
آءٌ ڪڏهن ٽڪندس ڪينڪي، ٿئين ڇو پريشان،
دوست بنان هن ديس ۾، هينئڙو ٿيم حيران،
متان محبن ري مري وڃان، ساهه نئي سبحان،
”ڪل نفسِ ذائقةالموت“ تون ڪامل ڏس قرآن،
مادر! مڃ فرمان، ڪج ڪا دعا درويش کي.

 

22-    چئي: ابا! اونداهو، اڄ اکين کي آئيو،
ڪونه پويئي ٿو قياس ڪو، هِن رُليءَ جو رايو،
آيل ڇڏيو اوندهه ۾، ٿو راس ڪرين رايو،
چولو چاڪن جو کڻي، تو پُٽ مونکي پايو،
مون کي سورن سڪايو، متان مهڻن منجهه مري وڃان.

 

23-    چئي: مادر مٺڙي! ماٺ ڪر، ڇڏ طلب اها تات،
توڙي پاڻ هڻين پَٽ سان، ته به هڪ نه رهندس رات،
ڪن پيم ڪا اوچتي، لنؤن لطيفي لات،
درسن بنان دوست جي، ٻي وائي ناهيم وات،
ڏاتر ڏ0يندم ڏات، مادر! مَ پئو مامري.

 

24-    چئي: زلزلو ۾ ڪوٽ ڀانيان، جاين منجهه جوانَ!
کٽون لائڻ ٿيون اچن، اهي ماڙيون محل مڪانَ،
وجهيو وڇوڙو ٿو وڃين، جيئري اڄ جوانَ!
سگهو شل سلطانَ! جانب جيئري تون اچين.

 

25-    چئي: جيئري اچڻ جي نه ٿئي، کڻ آيل! تون آرو،
مُئو سهسائج مجنون، وينگس ويچارو،
دليئون ڪج دعا تون، شل پسان پيرو،
پيرين پئي پيءُ ماءُ کان، ڪيائين توڪل تنوارو،
ڪري مُنهن مصر ڏي، ڪيو عاشق اُمارو،
هاڻ مجنون موچارو، پيو پلٽجي پنڌ ۾.

 

26-    مون جي مڃيون مجنا! هيون سوين سُکائون،
پوريون پُنيون ڪينڪي، اڃان آسون سي نه آيون،
مون هُوندي هتائون، اڄ پرين! پٺيرو ٿئين.

 

27-    سُڌ تنهين کي سور جي، وٽئون جن وڃن،
آنڊا هن ايذاءَ کان، وِهَه وانگي وڍجن،
جيرا ٽُڪر اندر مؤن، آنڊن اڌ اچن،
نيڻن ننڊ حرام ٿي، سمهي ساءَ نه ڪن،
عرض محمّد چئي، اِن سور جي، ڪل آهي ڪِن ڪِن،
ماريو مسڪينن کي، لڏيو لوءِ وڃن،
پوءِ پڄاڻئون پرين“ گوندر ٿي ته گذاريان.

 

28-    تڪڙو هليو تَوَ مان، جاڏي سانگ سبيل،
بنا اور عجيب جي، قال نه ڪا ٻي قيل،
رضا جا رحمٰن جي، رکي اکڱين سڀ اصيل،
اچي واهر ٿي وسيل، ميٽ مدايون منهنجون!

 

29-    ميٽ مدايون منهنجون، مالڪ تون مختار!
عيبن منجهه آهيان، تون باري بخشڻهار،
فضل جو ڦيرو گهُران، تنهنجو ڀي ته تبار،
هڪ ڏونگر واتون ڏکيون، ٻيا وَلين ور هزار،
تڪڙو وڇي نَوَ مؤن، رکيو جيءَ اندر ۾ جار،
ٻيا تکا پاهڻ تن جا، ڪپينِ پير قهار،
نازڪ چُٽڪيا نار، دهشت کؤن دانهون ڪري.

 

30-    دهشت کؤن دانهون ڪري، جهجهو جَرُ هارِي،
ڇِنا پير ڇِپن، سي وڍيا ويچاري،
دانهون ڪيون دوست لئي، ٻَر ٻَري ٻاڪاري،
ڪيو منهن مصر ڏي، نازڪ نهاري،
من مؤن تنهن محبوب کي، هڪ ويل نه وساري،
عاشق اُڃ نه بک ڪا، ميِس ڇڏيائين ماري،
کَڻي وِکڙيون واڌاري، عاشق امالڪ اوڏهين.

 

31-    اتي پانهه کي به پنڌ ۾، پهرين رات پئي،
ڪا دانَهَه پنهنجي دل ۾، ڳجهي ڳالهه ڪئي،
وسئون ڳالهه وئي، سڪ وٺي سگوهو ڪيو.

 

32-    پر سڪ انهيءَ سياڻا ڪيا، مَٽي متوالا،
ڇا پانَهه ڄاڻي پنڌ مؤن، ڪيڏا ڪشالا،
اِنشاءالله تعاليٰ، وجهندين سائين! صاحب تون.

 

33-    صاحب وجهندين صاب تون، ڪري سائين ستّاري،
ڪرم بنان ڪريم جي، ٻي واهه نه ويچاري،
هڪ پيرين اگهاڙي پنڌڙو، ٻي واٽن ٽي وارِي،
روهَه ته رهڙيس پيرڙا، رت جام وهي جاري،
وَسنهُن ويجهي ڪانڪا، بَر گهڻا باري،
پنجين رات به پنڌ ۾، غازيءَ گذاري،
هينيڙي هيڪاري، دوستن لاءِ دانهون ڪيون.

 

34-    دوستن لاءِ دانهون ڪيو، وکڙيون وڌائي،
تڪڙو وڃي تَوَ مؤن، هڪ لحظو نه لائي،
ايندي ڏٺائين آدمي، وَهندي ورائي،
صورتوند سڏي انهي سان، ڳوڙهو ڳالهائي:
ميان! مون کي مصر جو، ڏَس چارو چِتائي،
پڪو ڏَس پرينءَ جو، ڏنس سورهه سمجهائي،
سو مجنون مَنُ لائي، رڙهي هليو تنهن رند سان.

 

35-    رند وٺيو ريهان ڪري، دانهون درد فراق،
اندر نه آهي آرام ڪو، مجني کي مشتاق،
دانهون ڪري درد مؤن، چُرنس پيا چاڪ،
دردن اچي دل ۾، اڏيس پئي اوطاق،
پوءِ ماري ٿي مزات، متان ملڻ ري مري وڃان.

 

36-    جي مران ته مانُ لهان، جي موٽان تان ميار،
ڪڏهن لهندين ڪينڪي، دل تؤن دوستدار،
جيئري جانب يار، اکڙين اور عرب ڏي.

 

37-    پرين! وٺي وڃ پاڻ سان، ڪُوڪان سڻي ڪَن،
عضوا اُلڙيا پنڌ ۾، ناهي طاقت تن،
پِنبڻين سان ڪيو پنڌڙو، هي اکيون ٿيون اچن،
اهي سورهه ڪيئن سَنگن، جن ناهي سانگو سِر جو.

 

38-    سانگو لاهيو سر جو، سورهه ساهه پساسُ،
مارڻ لڳو پاڻ کي، مَر مِرون کائِن ماس،
ڀَڄي چڙهيو پِٽ تي، وٺڻ اهو واس،
عاشق هو ته اُداس، پر وڻَ ڏٺائين ويجهڙا.

 

39-    وڻَ وسي وهسيو گهڻو، ته ڪاهي لهان ڪر،
پسي مير مصر کي، نيڻ اُگهيا نينگر،
چڱپو لکيو جن کي، ڪيئن مَندو پسن پر،
هينئڙي کي هر هر، داور دلاسا ڏئي.

 

40-    ڏيئي دلاسو دل کي، ويجهو ٿيو وَهِي،
درد سڀو دلدار کان، ويو لحظي منجهه لهي،
ڏکن پٺيءَ سُکڙا، ايندا ساهه سهي،
وِڙس سور وَهيي، سِير ڏسي سرهو ٿيو.

 

41-    سرهو سِرن ۾ ٿيو، روح پُنس رايو،
مصر ۾ محبت گهڻي، راز گهڻو رايو،
قرب گهڻو ڏين قيس کي، سورهه ڪيو سعيو،
جو هُنن پڇو هِن کان، سو سورهه سمجهايو،
ميان! مون کي مِهت جي، بازو بتايو،
پوءِ هڪ هلي آيو، مجنون وٺي مهت ڏي.

 

42-    بيهي اڳيؤن بَيت جي، مرڪيو ته مزمان،
اڄ مون تي مالڪ ٿيو، موليٰ مهربان،
ويا سور سرير مؤن، اڄ ٿيو احسان،
مُرڪي هليو مِهت ڏي، کِلي لنگهيو خان،
جُنبي اُت جوان، سورهه سلامي ٿيو.

 

43-    قاضيءَ پڇيو قيس کان، اهو بات بيان:
ڪير آهين، ڪاڏنهن اچين، آهين ڪير جوان؟
ڏَس نالو پانهنجو، ڪر انسان تي احسان،
ڪر ذڪر تون ذات جو، پنهنجي محل مڪان،
ڏورانهون ڏسجين جوان، ڪهڙي آئين ڪم سان؟

 

44-    چئي: مجنون نالو منهنجو، پڇي رکيو پيءُ ماءُ،
آءٌ انصاري آهيان، مڪي شهر منجهانءُ،
ڪري پنڌ پهوڙ جو، آيس هن هنڌاءُ،
تنهن سار منهنجي سور جي، نه ٿئي سڌ سماءُ،
جو پيم پرين جي اوچتي، طلب گهڻيري تانءُ،
مِٽَ ڇڏيم ماتام ۾، منهن پِٽيندي ماءُ،
هاڻي ڦَرهِي لک فقير جي، هاڻي ڪر حياءُ،
”اُطلبو العلم ولوڪان بالسين“ آهي ايءَ آزماءِ،
پوءِ ريجهي ويٺو راءُ، عرض ڪري استاد کي.

 

45-    ميوا ڪڍيا مجني، جي عربئون آندائين،
قاضي! مُنج قريب ڏي، سگهو ڪر سائين،
قاضي ڪري قطرا، ڏاري ڏٺائين،
کائي سڀني خوش ٿيا، ڪن دم دم دعائين،
ڪُڇُ نازڪ نياني ڏي، مِهرؤن مڪائين،
ليليٰ کنيا لاڏ مؤن، سي ڪل نه ڪيائين،
اتي جادو لڳس جان کي، ڪُوڪان ڪيائين،
اهڙو اڳهين ڪينڪي، ساءُ ورتم سائين!
سڪان تنهن ساجن کي، جو ڏوري ڏٺائين،
سڪان موليٰ ملائين، جُنبِي جامع ڏي هلي.

 

46-    اتي قاضي ڏنو قيس کي، سبق سوئي راز:
تون وڃي پڙهه ناز مؤن، ڪري دم دراز،
مجني ويهي مِهت ۾، ڪيو الحاني آواز،
صادق پٺيءَ سچ جي، پيو بحري ڳولو باز،
ڪجن پيو ڪامل کي، وڃي عاشق جو آواز،
اڄ راڻو راڻِي راز، ڳجهه ڳرهيندا پاڻ ۾.

 

47-    ٻُڌي دانهن دوست جي، آئي ڪامل به ڪاهي،
ڪامڻ مٿئون قيس جي، آئي ڪامل به ڪاهي،
تير هنيس تقدير جو، سيني ۾ ساهي،
اهو انگ ازل جو، لکيو نه ڪو لاهي،
انهيءَ انگ سوين اوجهڙ ڪيا، لحظن ۾ لاهي،
اهو ٺاهه ڌڻي ٺاهي، مقرر ڪيو محفوظ تي.

 

48-    مقرر ٿيو محفوط تي، سڀ جو ڏوهه ثواب،
ريجهِي ويٺا رنگ ۾، هلي وين حجاب،
هي ڪنهن جو ناهه حساب، انگ لکجي اڳ ۾ ويو.

 

49-    انگ به آهي ان جو، لکيل مٿي لوح،
ڪهڙو پڇي ڪوهه، جي ميٽِي مٽائي ڇڏي.

 

50-    پوءِ ويهي واسينگ سان، جوڳيءَ ڪئي جنگ،
مَنڊ پڙهي محبت سندا، تنهن ۾ ڪيائين تنگ،
سِر ڏنائين سوز ۾، نوائي ته نسنگ،
جوڳي جوڳڻ پاڻ ۾، ريجهي گهُيار رنگ،
اتي جوڳي کٽي جنگ، ويهي تنهن واسينگ کان.

 

51-    مهر پڇي ماهه کان، ڳجهي ويهي ڳالهه،
ورندي ڏنيس وِر سا، هلي حال في الحال،
پِيَڙا ماهه مقال، سورن جي سر حال ۾.

 

52-    ڪامِڻ پڇيو قيس کان: سڻ پرين پيارا!
سُتي پئي هيس سيج تي، سک وٺيو سارا،
سپني ۾ تو سپرين، ڏنم ڏُوران ڏيکارا،
تنهن ڏينهن پڄاڻا ڏک ۾، ٿي ڪيم گذارا،
سڪ مقابل سپرين! ٿيا مطلب موچارا،
وِيڙا سور سرير مان، ٿيا پري پسارا،
اڄ ور ڏنم وارا، ويڙا سور سَنڌا ڪري.

 

53-    تڏه مجني چيو مُنڌ کي: سڻ حال حقيقت،
هوس مالڪ پنهنجي ملڪ جو، حاڪم سان هيبت،
ٿي حڪم هلايم پانهنجو، عزّم رکيو عظمت،
سُتو پيو هوس سيج تي، وٺيو سُک صحت،
سُتي ڏٺم سوجهرو، اچي تاب رکيو تهمت،
ريجهي انهيءَ رات ۾، ڪيئي مون سان ڪا محبت،
جاڳي انهيءَ جاءِ تي، ڪيم دانهون سان دهشت،
پوءِ سنڀري نڪتس سيگهه ۾، ڪاهيم سين قسمت،
سِيڻ ڇڏيم هُت سِڪندا، مادر روئندي رت،
ڪيم پنڌ پهاڙ جو،م جتي پٿر وڏا پربت،
گهڻيون بلائون بَرَ ۾، ديوَ وڏي دهشت،
صاحب! رکيم سڃ ۾، ڪري ماڙ مدت،
آيس اڳؤن تنهنجي، رکي رازق جي رغبت،
ڇڏ شوخي، ڪج شفقت، کڻي نيڻ نهار تون.

 

54-    ٻُڌي حال حمير جو، ٿيس اندر گهڻو ارمان،
صدقو ڪنديس ساهه کي، قيس! توتان قربان،
هينئڙو ٿئي حيران، جي پرين! دم پري ٿئين.

 

55-    تڏ ڪامل، ڪامڻ جي اڳيئون، ويهي رت رنو:
سِر توکي مون سوز ۾، ڏِس ڏورِي ڏيهه ڏنو،
دوستي تنهن درويش جي، متان ڇوڙي نينهن ڇنو،
ڪوجهو آءٌ ڪِنو، ته به ڏوري پيڙس در تي.

 

56-    اُت ليليٰ کؤن به لڇندي، پيا ڳوڙها ڳل ڳڙي،
تنهن جي عاجزي، ”عرض محمّد“ چئي، ٻَڌي ڌم ڌڙي:
متان سڄن! تنهنجي سوز ۾، وڃي ساهه سڙي،
ٿيا مطلب پورا من جا، اڄ پوري ڳالهه پَڙي،
وسان جيءَ جڙي، ڪڏهن وسري ڪينڪي.

 

57-    تڏهن مجني ڏنو منڌ کي، ويهي اهڙو اشارو،
ته دور گهڻو دنيا سندو، لذت ڏي لارو،
متان من مان مجنون، وڃئِي وسري ويچارو،
سِرَ تي کڻج سنڀري، اهو بيڪس جو بارو،
متان لوءِ مِٺو لارو، ڏسي ڀيرُ ڀڄي وڃين!

 

58-    جي ڀڄان تان ڀلجي وڃان، اَوجهضڙ اَن ته امير،
ڪَش نه لڳن تو قيس ري، کاڄ کنڊو ۽ کير،
نه ته پاڻ مارينديس پانهنجو، هرهر چئي ته حمير،
سانگو لاهيم سر جو، مان سنڀري گهڙيس سير،
جيڪي مهڻا ڏين مير، سي ڀائر ڀانيان ڀيڻ مون.

 

59-    سڄن سَرتا پاڻ ۾، ڪري قولَ قرار،
جيوري دم جهان ۾، شل يا ڪِي ٿين يار،
سارهه ڪن سبحان جي، سهجؤن سي سردار:
شل واصل هجون وصال کي، وِٿَ مَ پوي وار،
اکيون اکين سامهون، ٻي محبن ناهه ميار،
سورهه سڃاتو سچ کي، ڪوڙ ڪڍيو ڪلتار،
سولي ڪر ستّار! ڪل عاجز جي اڪسير تون.

 

60-    عاجز جي اڪسير تون، ڪج مدد ماڙ مِلي،
سدا سا ساڻي هجي، تنهنجي نگاهه نِلي،
ڪپڙا چڱا قيس کي، ڏي خاصا کاڄ کِلي،
هر هر حال هلي، سُڌ لهي سلطان جي.

 

61-    سُڌ لهي سلطان جي، ٿئي دانَهه دم نه پري،
اچي ويئي“ ”عرض محمّد“ چئي، هيٺئون عشق آري،
عشق هن عليل جو، ڏسو ڌيان ڌري،
لڳو جنهن کي لونءَ ۾، سو محبن ريءَ مري،
ڏس ڪامل! قياس ڪري، ليليٰ تير لڳي رهيو.

 

62-    پر دلبر جي ديدار رِي، ساعت بانئن سال،
هڪٻئي ڪاڻ حيران ٿيا، پيا خاصي منجهه خيال،
انهيءَ چار مهينا چال، عاقل هئا آرام ۾.

 

63-    گڏيا هئا گوشي پرين، هئا ويهي قول ڪندا،
هئڙن اورَ اکين جي، ڀانئن غير گندا،
دست هنيو دانءَ کي، ڪري خان خندا،
اهي قاصيءَ ساڻ ڪندا، ڪي دوس بيٺا هئا در تي.

 

64-    ڪي دوست بيٺا هئا در تي، سي قاضي چور چون،
حضرت! هيئن نه گهرجي، جو هر هر هٿ هڻن،
ليليٰ مجنون مِهت ۾، چوريءَ پيا چهڪن،
اسان گهڻو ارمان ٿيو، ڏسي حال هنن،
دانَهه! چيوسي دل ۾، وجهو مجني ماهه مرن،
پر قاضي گهري قيس کي، پيارو کان به پٽن،
ادب جي اُستاد جو، رُليا ڪين رکن،
سي ڌاريا نا ڌرجن، دانَهه دوس درس ۾.

 

65-    سچي ڳالهه سچن جي، سالڪ سمجهن سچ،
ڪوڙي ڳالهه ڪَچن جي، ڪوڙا ڀانئن ڪچ،
مجني ٻَريو مچ، کڻي خونين خلل وڌائيو.

 

66-    مئا کر خراب ٿِي، رُليا سڀ رقيب،
مئا شال شقيب، جي وجهن وڇوڙو وچ ۾.

 

67-    جي وجهن وڇوڙو وچ ۾، سي موليٰ! سڀ مرن،
ٿيو ڪارو منهن ڪتن جو، جي کريا کارَ وجهن،
شرڪت تن شيطان جي، رکي رغبت رقيبن،
وجهن وڇوڙو وچ ۾، ڪوڙهيا قياس نه ڪن،
سي حشر ڏينهن هَڄن، ٿيندا يار يزيد جا.

 

68-    پر تيتر مارج ڪينڪي، رازق رقيبن،
اسان پرين پاڻ ۾، صلحت شال ڏسن،
هتان پوءِ مرن، سڙي انهيءَ سور ۾.

 

69-    پر شرم پيارو سڀ کي، آهي نازڪ پيارو ننگ،
ماڻهن چيس منهن تي، چڙهي روءِ هلي هي رنگ،
ٻڌي ڳالهه ٻڏي ويو، زور ٿيس ڀي زنگ،
ڏس هنيس پئي ڏنگ، اتي قاضي قمرقهار ٿيو.

 

70-    قاضي قمرقهار ٿيو، ڪلهي کنيائين ڪام،
قاضي ڪاوڙ کؤن چئي، مجني اها مام:
ادب نه ڪيئي استاد جو، هَي هَيا حرام،
قاضيءَ هِئين ڪست مؤن ڪڙڪو ڪيو ڪام،
مجني لڳي مغز ۾، ڪيا رت رغام،
ڪل پيس ٻي ڪامَ، ٿي ماندو ڪِريو مهت ۾.

 

71-    قاضي ڪوٺيءَ پنهنجي، ويو وهلو ڀي وري،
مران پنهنجي مرم ۾، ويڙو مانُ مري،
ڪنهن سان ڪڇي ڪينڪي، ويو ڳڻتين منجهه ڳري،
خبر هيءَ کري، وڃي ڪيائين زال سان.

 

72-    چئي: ليليٰ لڇڻ ڇڏيا، ٿي چرِي بيٺي چَٽ،
مجني سان مُرڪي گهڻو، ٿي نانگي اڄ نپت،
سو ٻڌي منڌ مُرٽ، منهن موڙي مونن هنيو.

 

73-    تڏهن مرم ماڻس کي ٿيو، ويڙي جوش جلي،
ته ههڙي ڳالهه حرم ۾، ڪڏهن ڪانه هلي،
تنهن ظاهر زالن سان ڪئي، پنهنجي سيڻن ساڻ سلي،
ڪئي معلوم منڌ مِٽز سان، تنهن جهوري ڪين جهلي،
هاڻي ڳائين در ڳَلِي، مصر منجهه مقال ٿي.

 

74-    عاشق هئا اُڪير ۾، هُيڙن سڪ سچي،
پختا ٿيا پرهيز ۾، رحمت ساڻ رچي،
هئڙن اورَ اکين جي، نه ڪو ڪوڙ ڪَچِي،
سا پڌري ڳالهه پري ويئي، ويا ڌمچر ڌُم مچي،
انهيءَ ڳالهه اچي، شهر ۾ شعلو ڪيو.

 

75-    مجنون اٿيو مِهت مان، ٿيس ساهه سڌير،
هڻي ڌڪن هلاڪ ڪيو، هو ڦٽيل تن فقير،
عضوا ساهي اٿيو، لڳو واجهائڻ وير،
لِڪڻ ڇِپڻ ڇا لڄ ڪندي، ٿيو ظاهر ڳالهه ذڪير،
سوين عاشق اهڙيون سختيون لنگهن سر،
پوءِ مرڪي ويٺو مير، مهڙ مسجد جِي مجنون.

 

76-    قاضيءَ ڪڍي ڪن تي، ڏنو اهو اهڃاڻ،
چئي: منڌ! منڱيندو تنهنجو، سڳو سؤٽ سڄاڻ،
ڪهڙو منهن ماڻهن ۾ کڻي، نينگر سو ته نياڻ،
ڪهڙو جيئڻ جڳ ۾، هاڻ پنهنجو ماريو پاڻ،
تون ڪامل قرب سڃاڻ، ماڻهو ڏيندا مهڻا.

 

77-    اتي ليليٰ کي ڀي لِڪ ۾، مادر ڏني مت:
ڪهڙي ڏٺئي قيس ۾، انهيءَ لوٺئيي منجهه لذت؟
ڇو پنهنجي ڇڏيئي پَت، کَري ٿيئن خراب تون.

 

78-    کَري ٿيئن خراب تون، ڄاڻي واڻي ڄٽ،
ائين چوندي چنبِي ٻوٿ ۾، وڃي چَڀڪو ڪيس چٽ،
صورت ليٽِي سيج تان، پانَههءِ ڪِري پٽ،
مَدي اها تون مَٽ، نه ته ٿيندءِ ڪارو منهن قيام ۾.

 

79-    چئي:ڙي ڪارو منهن ڪتن جو، جن مون ڏانهن دل مَٽي،
پوندي شال پِٽين تي، تن چغلن تي ته چَٽي،
منهنجو سر مٽي، سدا ٿِي انعام انهيءَ کي.

 

80-    چئي: ليليٰ لڄ لڏي ويئي، ڏين ويهندي وراڻو،
شعور تنهنجو شهر ۾، وکر وڪاڻو،
اسان تخم ڏسي تسليٰ ڪئي، ته صالح سماڻو،
ٿيئن جيئري جهوراڻو، ٻنڌڻن منجهه ٻڏي مرين ها.

 

81-    چئي: مرن ڇو نه مندا، جن مارايو محبوب،
صحبت وڻيم ساهه کي، ڏيئي قيس قروب،
ساهَه خوشي اٿم خوب، مون کي تنهن محبوب جي.

 

82-    چئي: مرين محبوب ڪاڻ، لنگهي بيٺيئن لاج،
سؤٽ توڪاڻ سامانَ ڪيا، ڪارڻ تنهنجي ڪاج،
سي سرسلا سامان ٿيا، سرتن سڀني ساج،
کائين کٿابين کي، جيڪي حقي چَونِي هاج،
تڪبير پائي تاج، پوندءِ ڪم قهار سان.

 

83-    چئي: هر هر هُڏيون ڇو ڏين، لکَ ڏيکارين تاءُ،
الستي ارواح کي، آيو ساجن منجهؤن ساءُ،
معلوڳم ڳجهه مالڪ کي، ٻين ناهه سماءُ،
مجنون مون ڪاڻ مهت ۾، ٿو روئِي ويٺو راءُ،
ڇو مهڻا ڏين ماءُ! دل لڳِي دانهون ڪري.

 

84-    چئي: دانهون ڪندينءَ دربار ۾، جاتي هُل حشر،
پاڻهي ٿيندو پڌرو، ڪُل جو ڪوڙُ مڪر،
جن وَرَ وساريا پنهنجا ڏاڍو تن ڏمر،
آڌار اُمت جو ٿيندو، محمّد منجهه محشر،
تن تي ڏمر تنهن جو، ڏاڍو ڪوپ قهر،
هت دنيا کليل در، گهڻو ڏسيو گهوران ڏئين.

 

85-    چئي: حق جو هادي هڪڙو، اٿم ڏاتر ڏسڻهار،
منهنجي مدائيءَ جو، آهي آگي وٽ اظهار،
نڪو حقّ نڪاح جو، نڪو هئم حقدار،
هڻين ڪارا ڪوڙَ ٿي، ناحق هيءَ نروار،
ٻيا به لکين عيب بنديءَ جا، ڍڪيا حضرت هزارين هزار،
ڏين هر هر طعنا هُن جا، جو اکڙين جِي آڌار،
مون جيئري دم جهان مؤن، يا ڪِي ٿيو يار،
ائين چئي آسري هلي، رکي جامعہ جار،
هوءَ دلبر جا ديار، ڪري ويٺي ڪنڊ ۾.

 

86-    اتي مجني پڇي منڌ کان، ڳڻي ڳالهه ڳوجهي،
ڏنس جوان جواب جي، سالڪ ڳالهه سچي،
پوءِ ويٺو راءُ ريجهي، ڪرڻ اورَ اکين جي.

 

87-    ڪئي اورَ اکين جي، ٻهڳڻ يار ٻنهي:
قيس! مون کي قلوب ۾، وڌء ڳوڙها ته ڳنهي،
تنهنجي عهد انهي، ٿيس ٻانهي ٻول، ”ٻروچ“ چئي.

 

88-    ريجهي ويٺا رنگ ۾، لاهي شڪ شُبو،
ماڻهن جي ته مقال تي، ڪهڙو قياس ڪبو،
چڱيءَ طرح طَبو، ڪارڻ ڪيائين قيس جي.

 

89-    ڪارڻ ڪيون قيس کي، چِٺِي ڦٽ فراق،
جي قاضيءَ وڌا هئا قيس کي، ماري جي مشتاق،
دارون ڪري درد جو، چيٺيائين ٿي چاڪ،
پوءِ طلب کوليائون طاق، ڪن نوان نظارا نعمتون.

 

90-    اتي مادر مِٽياڻين کي، ڏني ڊوڙي دانَهه دانهه:
ته سمجهايو هن سيڻ کي، من وٺي سرتين جي صلاح،
سي آيون جڙي ”عرض محمد“ چئي، وٺي راڻيون راهه،
ماڻهو طرف مڪائين ماهه، وٺي هيڏي آڻيو حور کي.

 

91-    تڏهن آئي حور حرم ۾، پيئي داين تي دهشت،
ليليٰ تن سان لاغرض ٿي، ڪئي کيڪر ۽ خوشڪت
(1)،
وڳي تند تنوار ٿِي، هلي سا حرڪت،
ڦُڦيءَ ڪيس ڦِڪَت، تنهين ترت طعنو ڏنو.

 

92-    چئي: طعنا ڏئين تنهن جا، ناهي جوڙ جنهين،
تحقيق آهي ٻي تنهن جي، هيءَ واريل وَرَ وَنِي،
پوءِ ڪتا ماه کِنِي، ڪڍ چَٻِي ڳالهه چپن مؤن.

 

93-    تڏهن ماميءَ چيو منڌ کي: مڃ آمر ۽ آزي،
اهو قرب ڪمينن جو، ٿي بيهودن بازي،
ليليٰ! تنهنجي لَڇڻ م، هو راڄ سڀو راضي،
ڪر ڪارو نه قاضي، ڌر ڌرم ڌيءَ ڌيان تون.

 

94-    چئي: مامي! ڪر تون ماٺ، اڳي ڦڦيءَ چوريم ڦٽُ،
ڪپيان وات ڪِنيءَ جو، وجهي ڪَپُ ڪَرٽُ،
نه مان کائڻ اوڏي کٽ، وڃي پٿر پيس پريت سان.

 

95-    چئي: ڙي سئوٽ سهيلي، منهنجي حرم ڌياڻي حور!
پٿر پراون سان پَوين، ڪهڙي ڪاڻ ضرور،
سک ڇڏي تو سيڄ تي، وڃي سُڃي وڻجيا سور،
ڪر عرض مڃي منظور، شل ٿين گهر سهاڳڻ سؤٽ جي.

 

96-    چئي: سؤٽ سياڻي سمجهه ڪر، چؤچڱيان ڳالهه ڳڻِي،
ويڻ وڍي تنهنجو گهڻو، ٿو هر هر ڌَڪ هَڻي،
اها مصلحت مون کي مورهين، ڪَرَ وِهُه ڪين وڻي،
نه ٿي دانهه دل کڻي، آرو انهيءَ دوست تان.

 

97-    تڏهن ماساتن مڙي چيو: آهن هڪجيڏيون هزار،
تن سڀني منجهؤن سُور جا، اچي بارِي پيئي بار!
لڳي ويٺينءَ لُچَ سان، ڪري ڀيڻ ڀتار،
راڄ سڀوئي رنج ٿيو، تنهنجا پؤڻا ڏسي پار،
اڄ اَٿِي مُنڌ ميار، ٿي نانگِي نڪتينءَ ننگ مؤن.

 

98-    چئي: سمجهه رکو، سڙي مرو، منهنجو وارث وير،
اهڙا عسق اوهين ڪريو، مهنجو پردو رکي پير،
راڄ رنج ٿئي ڇا ڪري، شل دوست مَ ٿئي دلگير،
کُچ لانگوٽيو ڇو چئو، ٿئي شهر مڪّي جو مير،
فراقن ڪيو فقير، اڄ عشق هڻي اهڙو ڪيو.

 

99-    تڏهن چاچيءَ چيس چُمي مٿو، بيهي دست بندي:
ڌري ڌرم ڌيان ڪر، ڏس ميري ڳالهه مندي،
اها ڳاهي ڳالهه گندِي، ڪڏهن چڱي ٿئي ڪينڪي.

 

100-  چئي: ڙي! گندن ڳالهه گندي، اچي سچن ڳالهه صفا،
ڪي ته ڏٺو اٿم قيس ۾، جو ڏيان جيءَ جفا،
ملندم نيٺ نفعا، هلي عشق اڱڻ ۾ آئيو.

 

101-   تڏهن ڏاڏيءَ ڏکائي ڪنن کي، ڏئي ڌڏڪو ڌوڏٻڌِي:
اَڇو سر اچي ٿيو، اسان اهڙي ٻولي ڪانه ٻُڌي،م
پاؤ پرڏيهيءَ سان هڻي، وئينءِ منديءَ منجهه وڌي،
ڇڏ ڌرم ڌيان مَ ڌيءَ! ٿيءَ سياڻي، سمجهه تون.

 

102-  چئي: ڏاڏي! ڏڪين ڦڙڪين ڇو گهڻو، اڇو سِرُ آٿِي،
مون تي واحد ڏنهن وحي اچي، لکي ڳالهه لٿي،
جي ايڏو زور آئِي، ته ميٽي اچ محفوظ تون.

 

103-  اتي مادر ڏِسيون منهن ڏي، ڳوڙها پئي ڳاڙي،
جگر تنهن جو جوش “، فڪر وڌو ڦاڙي،
سورن سِرُ ساڙي هنيڙو وڌو هن جو.

 

104-  سرتيون صف ٻڌي ڪري، اُٿيون منجهه ادب،
ڏيڻ مت ملوڪ کي، لالُن چوريان لَب:
مصلحت مڃ اسان جي، شل رحمت ٿيئي ربّ،
ڪڙم سڄو ڪارو ڪرين، چئون سائڻ! تنهن سبب،
ڏيئي زور ضرب، ڪڍي ڇڏ تون قيس کي.

 

105-   چي: ڙي! قيس بنا ٻي ڪانڪا، ڀيڻي ڀانيان ڀيڻ!
سرتيون! ريءَ سڄن جي، ويم سڀئي وسري سيڻ،
توڙي وِيهين ڏيو ويڻ، ته به بيوس ڳالهه بيان ٿي.

 

106-  چئي: ڙي! سولي ڳالهه صفا ٿئي، جي هجي سيني سچائي،
ڇاکؤن ڇني ڇو وجهين، هيءَ جيئري جدائي،
ميڙ نه موٽاءِ، منڌ ٿي، نه ڪو چوندئي چڱائي،
سُڃ ڪرين ٿي سيڄ کي، هن ٻانهن جي ٻائي،
پَرُ ته پنهنجو نه ٿئي، ريءَ مِٽَنِ مائي!
منجهند سکن سدائي، شل رَلجي هت رانديون ڪيون.

 

107-  چئي: آتڻ ويهي اديون! هيءَ مّنجهي مُنڌ مري،
سوا قيس قريب جي، هڪ ساعت ڪين سَرِي،
سک سڃاڻن ڪينڪي، جيڪي عشق آري،
ڇو هر هر چئي، هلاڪ ٿيو، مان ويٺيس قسم ڪري،
سيڻ وڃي سڀڪا وري، پنهنجي واري ور وَري،
ٿي نااميد نَسي هليون، ڪري گهور گهضوري،
پانهه پير ڀري، هلي ڪاهي ڪامڻ قيس ڏي.

 

108-  تڏهن قيس ڏنيس ڪا ڳجهه ۾، مام اڳيؤن مُرڪِي،
ڪيئن پاڻ ڇڏائي پنهنجو، ڪل ڪهڙيءَ ڪُرڪِي،
سرس پيتئي سبيل مؤن سڪ منجهؤن سُرڪِي،
ٿِي جهورِي دل جهُرِڪِي، پر ٿي حقي ڳالهه سچي سڀا.

 

109-  سچا عشق الله جا، سچي سڪ جَنِي،
سدا سانگو سر جو، سور ڪين ڪَيِئي،
گهڻي مٿي مهر تَنِي، چوڻ کان چانڊيو چئي.

 

110-   اتي مِٽيائين مڙي، وڃي ڳالهه قاضي سان ڪئي:
ته ليليٰ لنگهِي لڄ کؤن، اڄ پَري ڳاهه پئي،
اسان هر هر ڳالهه هِجِي ڪري، چڱيءَ طرح چئي،
سا مندي لڳي منڌ کي، وري مجني وير وئي،
اوهين سورهه سڀئي، ڳڻپ ڪريو ڳالهه جي.

 

111-   ڳڻپ ڪيائون ڳالهه جي، جهوري جهُٽَ پَٽِي،
مجني کؤن ڪنهن مام ۾، اسان ڇُٽي،
وهه وجهون وريام کي، ڪريس گهاءُ گهُٽِي،
ماريندو تنهن مير کي، پهرن ٻن پٽِي،
ويڄ کؤن وٺي اچي، رکيائون ڪڻهي مجهه ڪُٽِي،
اڳيون ليليٰ حال لُٽِي، قاضي ڪيو ڪونج سان.

 

112-   قاضيءَ چيو ڪونج کي، مُونن منهن هڻي:
رنڌيون طعام طلب جو، ڏيونئي کاڄ کڻي،
ڏي مجني پنهنجي محب کي، ڪري گهُور گهڻي،
پوءِ ڄاڻي ڏيهه ڌڻي، سچي سڪ سبيل ٿي.

 

113-   تڏهن ليليٰ چيو لحاظ مؤن، مٿي نينگر نيڻ ڪري:
اها ڳالهه اکين ڌريان، جيڪا ڪيئي قياس ڪري،
سگهو ڏئينم سبيل تون، رنڌيان تازو طعام ڪري،
تڏهن نَوَ پاءَ نسوري وِهنجا، ڏنا قاضيءَ ڪوڙ ڪري،
پوءِ الله آس ڪري، کڻي دانَهه چاڙهيو ديگ کي.

 

114-   تڏهن ڪاٺيون ڪڻهي کي ڏئي ڪري، راڻيءَ راض رڌا،
ڏنائين باهه برهه جي، اچي ساعت منجهه سڌا،
پوءِ وڌائي وِير وڌا، ڪري انور ٿڌا ٿاءَ ۾.

 

115-   ڪري چانور ٿڌا ٿانءَ ۾، ڪيائين مادر ساڻ مقال:
اچ مادر وٺي محبوب کي، ڪوٺي قيس ڪمال،
اڄ قاضيءَ قرباني ڪئي، صاحب ٻُڌيس سوال،
 رکي کٿابي خيال، آيا مڙي ملان جي گهر ۾.

 

116-   در لنگهي گهر آئيا، تن آيو اعتباري،
ٿيا سُري سوڙها ٿانوَ کي، چُري چوڌاري،
آين واس وِهاٽ جو، ٿين جگر گهري جاري،
ڪِي ڪرِي ڪيهِه ڪري پيا، ڪي نڪتا نڪاري،
ڪي ڪاهي نڪتا ڪوٽ مان، زور ڪري زاري،
مجني بنان مير جي، ڪونهي وِهَه جو واپاري،
ڱائڻ منجهه خوشيءَ کان چيائين: پانَهه پياري،
ههڙو هزاري، مون طعام نه کاڌو تو بنان.

 

117-   تڏهن طعام مٿؤن ڀي تڪڙا، ويهي گوڏا کوڙيا گهوٽ،

 ويو لُٽي لحظي ۾، کڻي چنچل چوٽ،
اتي مير ڏني جا موٽ، سو هڪ نه بچايائين هوڏ کان.

 

118-   پوءِ منجي اڳيؤن منڌ کي، ڏاهي ڏس ڏنو:
جي هجي هيڏي آڻ تون، قيس کائي منڌ مُنو،
ٿورو هئو ٿانوَ ۾، ڪين پورو قوتُ پُنو،
چئي: پرين نه آهي پوئتي، مون ڪڍي ڪُل ڏنو،
پوءِ ڪڍي مُنڌ ڪُنو، کڻي دانَهه ڀڳو در تي.

 

119-   اتي پانَهه پرين پاڻ م، ويا طرف مَسِيت،
ٿي بيشڪ ويٺا بيت ۾، راول چڱيءَ رِيت،
شل هجون هميشہ هِتُ، وِٿ مَ پوي وارَ جي.

 

120-  ائين اوريندي پاڻ ۾، لنگهين رات رنگن،
شل هجون هيڪاندا هت، ٿا سائينءَ سوال گهرن،
دشمن لِڪا در تي، لِيا لک هڻن،
مجنون مئو ڪينڪي، ڏسي خَر گهڻو کامن،
قاضي وٽ قيس جي، وِڌي ڏاهَه ڏُکين،
”سائين! ويٺا خوش کلن، مجنون مريئي ڪينڪي“.

 

121-   پر وِهه ته وڙهندو ڪينڪي، جي صاحب ساڻ هجي،
سوين دشمن دغائن جا، ڪيون منتر مَنڊ مُنجي،
جي ربّ جو حڪم هجي، ته ڪڏهن وڙهندا ڪينڪي.

 

122-  تڏهن قاضي ڪارو ٿي ويو، اُدو ۾ ارمان،
اچي پيو اوچتو، جنجل ڀي ته جوان،
اچي قاضيءَ مِٽَ ڪٺا ٿيا، حيرت ۾ حيران،
ويٺا ڳڻپ ڳڻين ڳالهه جي، جنبيو جنگ جوان،
لِڪي ڀڄ لغور کان، جيئن ڪل پوي هن ڪان،
ٿي صلاح پڪي سلطان، هاڻي سعيو سنڀرڻ جو ٿيو.

 

123-  هلڻ هارا سپرين، وڃڻ واريون ڪن،
ڪل ته هئڙي ڪانڪا، اهڙي عاشقن،
ته ڪي لڏيون لاڏاڻا ڪيون، ڏاڍا ڏک ڏين،
جدا جالين ڪيئن سي، هيڪاند هير هُون،
اهي ٻيلي سانگا ٻَن، جو جيئري جدائي ٿئي.

 

124-  انهيءَ رات اُٿي وڃي، سُگهڙِ گهر سُتي،
رضا جا رحمٰن جي، اچي مِئين خيال کُتي،
پوءِ گهائِي ننڊ گهُٽِي، ننڊ نهوڙيو نار کي.

 

125-   اُٿي کي اڌ رات، قاضي ڪرها پلاڻيا،
هل هل هت هونگار ٿي، چوريءَ چپ چپات،
صورت ليٽي سيڄَ تان، روشن ڇڏيو رات،
قاضي قهري ذات، تنهن گهُٽي گهوڙي تي وڌي.

 

126-  تنهن گهٽي گهوڙي تي وڌي، اَٿِي بيوس ڳالهه بيان،
تنهن وات وٺي سگهو ڪيو، ظالم زور زبان،
تنهن سبب سوگهي رهي، ڪوڪ ڪيائين ڪان،
ساهه سڄڻ لئي پوئتي، نِن جنازي جوان،
تڪڙا وڃن تَوَ مان، وٺيو راهه روان،
جيڪي هِيئن ٿين حيران، سي صاحب سگهڙا ميل تون.

 

127-  پر قادر ڪرين ڪين ها، دل رتي رولو،
وڇوڙين جو ته وچئون ڪڍو، ڀِت ڀڃي ڀولو،
وڇڙيا وري ميل تون، ڪڍ عرض سڻي اولو،
پوءِ ڳُڻن پٺيءَ ڳولو، سالڪ سڀاڻي ٿيو.

 

128-  ڪنهن معلم مجني سان ڪئي، اچي عاجز اٿاري،
ته قاضي ڪالهه لڏي ويو، هتئون هونگاري،
اُلٽيا پار ’عراق‘ جي، وطن وساري،
ڪري ڪاهه ’قدوس‘ تي، ويا توڏا تنواري،
دانهون ڪيائين درد مؤن، ٻُڌندي ٻاجهاري،
ليليٰ ڪاڻ لُڇي گهڻو، ساجن کي ساري،
ساجن ريءَ شهر ۾، گهائل ڪيئن گهاري،
ڪنهن نه جهليو قيس کي، ويندي ويچاري،
رند وٺيون رڙهندو وڃي، چُرندو ۾ چاري،
پيالو ٻڌي پيٽ سان، پيو وکڙيون واڌاري،
کڻي خاڪ رندن تؤن، لائي منهن کي موچاري،
هئي! مجني کي ماري، قاضي ڪالهه ڪُهي ويو.

 

129-  پر ڪٺل وڃي ڪُڏندو، گورن ڀَريون گام:
ڪڏهن موٽان ڪينڪي، هڻي هليو هام،
اکيون ٻوٽي ارڏيو وڃي، ساڻي ٿين سام،
وڃي سورهه ڪيا سلام، پهچي پنجين پَهرَ ۾.

 

130-  اتي قاضي ڏٺو قيس کي، ايندو راهه روان،
قاضي ڏسي قيس کي، ٿيو پشيمان:
ته ڀڳس جنهن جي ڀَوَ کان، اچي جلدي رسيو جواب،
تڏهن قاضيءَ ڪيو قهر مؤن، هي بيهي بابت بيان:
اچ موٽِ جهل مجنونءَ کي، رکي ڌيءءُ ڌيان،
نه ته مرندو هن مهل ۾، اڄ ٿيندو زور زبان،
سَرڙِي بيٺو سيگهه ۾، کنو ڪڍي خان،
پوءِ اهو گهڻو ارمان، منڌَ وڏو معلوم ٿيو.


*    هيءَ روايت اتر (تعلقو ڪڪڙ) مان احمد خان ”آصف“ کان ملي.

*    عرض محمد پٽ محمد خان چانڊيو، ڳوٺ ڪمال خان تعلقي قمبر، ضلعي دادوءَ جو رهاڪو هو. عربي ۽ فارسيءَ جي ڄاڻ هيس. درگاه حامد الله حضوري جو مريد هو. هيءُ قصو سندس چوڻ موجب پهرين رمضان سنه 1308هه کان هڪ رات اڳ، جمعي جي رات جوڙي راس ڪيو. اندازً ٽيهه سال اڳ وڏيءَ ڄمار ۾ وفات ڪيائين. سندس گهڻو ڪلام سگهڙ محمد نواز جوڻيجي کي ياد آهي.

(1)    (1) مدت = مدد.

(1)    خوش، خير عافيت.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org