سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب: -

صفحو :5

 

يوسف زليخا قصو*

خليفو غلام الله عباسي*

       

حضرت اسحاق عليہ السلام کان پوءِ حضرت يعقوب عليہ السلام کي نبوّت ملي. نبوّت ملڻ کان پوءِ حضرت يعقوب شام ملڪ کي ڇڏي اچي ڪنعان ۾ رهيو. ڪنعان ۾ حضرت يعقوب رڍن ۽ ٻڪرين جا ڌڻ پاليندو هو ۽ ماڻهن کي خدا تعاليٰ طرف متوجهه به ڪندو هو:

 

نبوّت جو جڏهن وارث ٿيو وير،
ڇڏي سو شام ٿيو ڪنعان جو مير.
جڏهن ڪنعان ۾ ٿيو وطن وارو،
رڍن ۽ مال جو ٿيس نا شمارو.

        حضرت يعقوب عليہ السلام کي ٻارهن فرزند هئا. جن مان ٻه حضرت يوسف ۽ ابن يامين هڪ حرم مان ۽ باقي ڏهه ٻئي حرم مان هئا.

 

ابن يامين ۽ يوسف ٻئي برادر،
هئا هڪ مان، ٻين ڏهن ٻيءَ مادر.

 

حضرت يوسف جڏهن ٻن سالن جو ٿيو تڏهن سندس ماءُ وفات ڪري وئي. ماءُ کان پوءِ حضرت يوسف پنهنجي پڦيءَ وٽ پرورش وٺڻ لڳو. حضرت يوسف پنهنجي سڀني ڀائرن کان وڌيڪ سهڻو ۽ سلڇڻو هوندو هو:

 

آيو سڀ جي نظر يوسف مثل ماهه،
بلند شهر شان سو سج جي طرح واهه.
حسن ٻاهر هو تنهن جو عقل کؤن،
فڪر جي حد ڪنان سمجهڻ نقل کؤن.

 

انهيءَ وقت ۾ مغرب ولايت ۾ ”شاهه طيموس“ نالي هڪڙو بادشاهه حڪومت ڪندو هو. ان کي: ”زليخا“ نالي هڪ تمام سهڻي ڌيءَ هئي:

 

نه هئي دختر بلڪ اختر ستارو،
گويا روسن گوهر بنشاهه وارو.
اچي نان وصف ۾ تعريف تنهن جي،
طبع کي ٿو سيکاريان ڳالهه جنهن جي.

 

هن جي سونهن ۽ سوڀيا جي هاڪ ملڪان ملڪ پکڙيل هئي. ڪيترن ملڪن کان شاهه طيموس وٽ زليخا جي سڱ لاءِ پيغام آيا، پر شاهه انڪار ڪري پئي ڇڏيو. هڪ دفعي زليخا خواب ۾ هڪڙو تمام سهڻو مرد ڏٺو. اهو خوبصورت نوجوان هن کي اهڙو ته وڻي ويو جو ڏسڻ شرط موهت ٿي پئي ۽ اٿئي ويٺي انهيءَ خواب ۾ ڏٺل شهزادي کي سارڻ لڳي. سهيليون ٻانهيون حيلا هلائي بيهي رهيون، پر هن اهو راز ڪنهن سان به نه سليو. اتفاق سان وري ٻئي ڀيري به ساڳيو شخص خواب ۾ ڏٺائين. هاڻي ته ويتر آرام ڦٽي پيس، ڏينهن رات آهُن ۽ دانهن ڪندي گذرندو هوس.. نيٺ پيءُ هن کي چريو سمجهي محلات جي هڪ ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري ڇڏيو. سڀئي سهيليون ٻانهيون مٿانئن عجب کائينديون هيون پر هيءَ ويچاري قرب جي ڪٺل سڀني کان هڪ طرف پنهنجي موج ۾ مگن رهندي هئي. قدرت سان ٽيو ڀيرو به ساڳيو شهزادو خواب ۾ ڏٺائين، تڏهن دامن کان جهلي کانئس نالو نشان پڇڻ لڳي. انهيءَ نوجوان جواب ڏنس ته منهنجو نالو ’عزيز‘ آهي. آءٌ مصر ملڪ جي بادشاهه جو خاص ماڻهو آهيان:

 

روئي تنهن کي وڌائين دست دامن،
پئي پيرين رني رت عين عام نه.
چيائين ڪر اندوهه منهنجي کي جهڪيرو،
اسم ڏَس پانهنجو تو ملڪ ڪيرو.

 

ائين چئي اهو شخص ته غائب ٿي ويو، پر ان کان پوءِ زليخا جي بي آراميءَ ۾ آهستي آهستي فرق اچڻ لڳو. شاهه طيموس هن خبر ملڻ شرط ڌيءَ کي آزاد ڪري ڇڏيو ۽ سندس هڪ رازدار سهيليءَ کي زليخا کان سڀ حقيقت معلوم ڪري وڃي بادشاهه کي ٻڌائي. بادشاهه مجبوراً ٻيو ڪوبه چارو نه ڏسي مصر جي عزيز ڏانهن شاديءَ جو پيغام موڪليو. عزيز هن پيغام کي غنيمت سمجهي خوشيءَ سان قبول ڪيو ۽ پوءِ جلد ئي زليخا جي ڏولي سنڀري مصر ڏانهن وڃڻ لڳي. ڏولي جڏهن مصر جي ويجهو پهتي، تڏهن عزيز پاڻ استقبال لاءِ شهر کان ٻاهر آيو. شهر کان ٻاهر عاليشان طنبو لڳايا ويا. سج لٿي مهل زليخا جي ڏولي حفاظتي جٿي سميت اچي اتي پهتي، پوءِ سڀڪو وڃي پنهنجي پنهنجي مقرر طنبوءَ ڀيڙو ٿيو. اڃا رات اڌ کن گذري هئي ته زليخا پنهنجي رازدار دائيءَ کي روئي چيو ته: جيسين انهي شخص سان ملاقات ٿئي تيسين هينئر ڪنهن اٽڪل سان سندس ديدار ڪراءِ. دائي تمام سياڻي هئي تنهن ڇا ڪيو جو اٽڪل سان طنبوءَ جي وچ واري پردي کي اهڙيءَ طرح سان چهڪ ڏنائين جو ان مان نهارڻ سان سڌي عزيز جي پلنگ تي نظر ٿي پئي. پوءِ اچي اهڙو سُر زليخا کي ڏنائين. زليخا خوشيءَ مان ٽپ ڏئي وڃي انهيءَ چير مان ڀر واري طنبوءَ ۾ نهارڻ لڳي ۽ سامهون پلنگ تي عزيز کي ڏسي هاءِ هاءِ ڪري پٽ تي ڪري پئي. دائي ڊوڙي اچي خبر پڇيس. تنهن کي روئي چيائين ته: هيءَ اهو شخص ڪونهي جنهن کي مون خواب ۾ ڏٺو هو. جنهن مون کي هن منزل تي پهچايو اهو شهزادو اڃائي ڪو ٻيو آهي:

 

زليخا جو ڪيئن تنهن تؤن نگاهي،
ڏٺائين سو نه جنهن منجهه خواب گاهي.
پئي ليٽي ڪري دانهون الاهون،
وڃن جنهن جون اتي پيون عرش آهون.
اهو هي نا ڏٺو مون خواب ۾ جو.
اهو هي نا ٿيس جنهن لئي مسافر،
مثل مجنون ٿيس مستان وافر.

 

        ائين چئي اچي آهه و زاريءَ ۾ پئي ۽ ٻئي هٿ آسمان ڏانهن کڻي ٻاڏائڻ لڳي ته: اي قدرت جا مالڪ! تون منهنجي دل جي حال کان واقف آهين. هاڻي جيڪڏهن مون کي اهو دلبند يار نه ملي سگهيو آهي ته ڪرم ڪري هن ڌارئي شخص سان منهنجو پيوند نه ڳنڍ. ڇو ته مون دل ئي دل ۾ انهيءَ دوست سان واعدو ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي مون کي خواريءَ کان بچاءِ. اڃا زليخا هيءَ دعا گهري بس ئي مس ڪئي ته هڪ غيبي آواز ٻڌڻ ۾ آيس ته: اي زليخا! هاڻي زمين تان منهن کڻ ۽ روڄ بند ڪر. عزيز تنهنجو دوست ناهي پر تنهنجو مطلب انهيءَ وٽان حل ٿيندو:

 

آيس بخشش سندو پوءِ راز راضي،
ڏنو آواز سر جبرائيل قاضي،
اڙي ويچارڙي منهن خاڪ تان کڻ!
اجهو مشڪل ٿيندي آسان تو ڄڻ.
عزيز مصر نه تنهنجو دوست آهي،
بلڪ حاصل اتانهون حاج ساهي.
اتانهون دوست جو ديدار پائين،
اتانهون سو ڳچيءَ ڳل لعل لائين.

 

انهيءَ دلاسي کان پوءِ زليخا صبر سان عزيز وٽ رهڻ لڳي. چون ٿا ته جڏهن به عزيز صحبت جو خيال ڪندو هو تڏهن کيس همت نه ٿيندي هئي. اهڙي طرح عمر جا ڪيترا ڏينهن گذري ويا.

هوڏانهن حضرت يوسف اڄ ننڍو سڀان وڏو اچي سمجهه لائق ٿيو. حضرت يعقوب جي گهر ۾ هڪ سهڻو وڻ هوندو هو. ان جي سڌين ٽارين مان ٻين سڀني ڀائرن سٺيون سٺيون لٺيون ٺاهي پاڻ وٽ رکيون هيون. اهي لٺيون ڏسي حضرت يوسف هڪ ڏينهن پنهنجي پيءُ کي چيو ته: بابا! مون کي به ڪا اهڙي لٺ ٺهرائي ڏيو جا سڀني ڀائرن جي لٺين کان سهڻي هجي. حضرت يعقوب دعا پئي گهري ته حضرت جبرائيل هڪ نهايت خوبصورت لٺ کڻي اچي اڳيان بيٺو ۽ چيائين ته هيءَ لٺ بهشتي باغ جي آهي ۽ الله تعاليٰ يوسف کي تحفي طور موڪلي آهي.

 

خدا کي ڪيون پدر زاريون گهڻيريون،
يوسف لئي سي دعائون اڻ ڳڻيريون.
آيو پوءِ جلد سو قاصد خدائي،
عصا جنهن زبرجد آندي ادائي.
زبرجد سبز جي لاثان سنگ جو،
سڄي دنيا اندر اصلي نه رنگ جو.
قوي قوّت گران قيمت ۽ هلڪي،
نه روغن رنگ جنهن کي سبز سلڪي.

 

حضرت يوسف جا ڀائر جي اڳئي کيس ڏسيو پيا سڙندا هئا، سي هيءَ لٺ ڏسي حسد ڪرڻ لڳا.

هڪ رات حضرت يوسف خواب ۾ ڏٺو ته کيس سج، چنڊ ۽ يارهن تارا سجدو پيا ڪن. صبح جو اٿي اها ڳالهه پيءُ سان ڪيائين جنهن کيس روڪيو ته هن ڳالهه جو ذڪر ڪنهن سان به نه ڪج:

 

چيس پيءَ اي پسر مٺڙا مٺائي،
کلين ڪهڙي سبب ڪر ڪا چٽائي.
چيائين خواب ۾ سج چنڊ سارو،
وري يارنهن ستارن جو ستارو.
ڪئي سڀني اچي تعظيم توڙئون،
مڙن سجدا ڪيا ٿم جال جوڙؤن.
چيس يعقوب اي پٽڙا! صبر ڌر،
سخت هن ڳالهه جو ڪنهن سان نه تون ڪر.

 

ٿورن ڏينهن کان پوءِ اها خبر ڪنهن طرح سندس ڀائرن تائين وڃي پهتي جي هن خواب جو مطلب هڪدم سمجهي ويا ۽ حضرت يوسف جي مارڻ لاءِ سٽون سٽڻ لڳا. هڪ ڏينهن سڀئي ڀائر صلاح ڪري پيءُ وٽ آيا ۽ ادب سان جهڪي چوڻ لڳا ته: بابا! يوسف اسان جو به ڀاءُ آهي. جيتوڻيڪ توهان کيس حد کان زياده پيار ڪريو ٿا، پر آخر اسين به سندس ڀائر آهيون. اڄ اسين شڪار ڪرڻ لاءِ ڀر وارن ميدانن ۾ وڃون ٿا. ادي يوسف کي به اجازت ڏيو ته کيس پاڻ سان گڏ شڪار تي وٺي وڃون. نيٺ گهڻي ريڙهه پيڙهه کان پوءِ حضرت يعقوب اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ حضرت يوسف ڀائرن سان گڏجي شهر کان ٻاهر نڪري ويو. ڳچ پنڌ ڪرڻ بعد هڪ گهاٽو جهنگل آيو. حضرت يوسف جي ڀائرن اتي حضرت يوسف کي هڪ کوهه ۾ کڻي اڇلايو ۽ سندس ڪپڙا شڪار ڪيل جانورن جي رت سان ڀري شام جو اچي پيءُ کي چيائون ته: بابا! اسين شڪار کيڏڻ ۾ مشغول هئاسين ته پٺيان ادي يوسف کي ڪو بگهڙ کائي ويو. اجهو هي رت ڀريل ڪپڙا شاهديءَ لاءِ آندا اٿئون. چون ٿا ته حضرت يعقوب جهنگلي جانورن کي گهرائي کانئن پڇا ڳاڇا ڪئي. جن قسم کاڌو ته اسان کي حضرت يوسف بابت ڪابه خبر ڪانهي.

 

گهرائي گرگ ٽي تن کؤن پڇيائين،
کاڌو يوسف توهان جنهن لئي لڇيائين.
چيائون قسم ربّ، کاڌو اسان نان،
چرا چغلي ڪيون وارث وسان نان.

 

هن غمناڪ خبر کان پوءِ حضرت يعقوب ايتريقدر ته رنو جو آخر اکين جو نور وڃائي ويٺو. حضرت يوسف جا ڀائر روز صبح ۽ شام جو انهيءَ کوهه وٽ اچي سڏ ڪندا هئا. جڏهن کين برابر جواب ملندو هو تڏهن هيڪاري حسد ٿيڻ لڳندو هون ۽ صلاحون ڪندا هئا ته آخر هن کي ڪيئن مارجي. اهڙيءَ طرح ٽي ڏينهن گذري ويا. چوٿين ڏينهن قدرت سان ڪو قافلو مدين شهر کان مصر ويندي راهه ڀلجي اچي ان کوهه وٽ نڪتو.

 

شهر مدين منجهان جو قافلو ٿيو،
ايرادي مصر جي سان ٿي مصر ويو.
ڀُلي پيو واٽ کؤن سر کوهه آيو،
اتي آرام لئي تن ساٿ لاهيو.

 

        ان قافلي جي هڪ ماڻهوءَ جيئن پاڻي ڀرڻ لاءِ دلو کوهه ۾ ڍاريو ته حضرت يوسف ان دلي سان چنبڙي پيو ۽ انهيءَ وسيلي ٻاهر نڪري آيو. قافلي وارا ههڙي سهڻي صورت واري نوجوان کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا ۽ پاڻ وٽ رهائي ڇڏيائونس. ٿوري وقت کان پوءِ حضرت يوسف جا ڀائر دستور مطابق آيا ۽ سڏ ڪيائون ته کين ڪو جواب ڪونه مليو. سامهون هڪ قافلو لٿل ڏسي پڪ ٿين ته حضرت يوسف انهن وٽ هوندو. نيٺ هي سڀئي گڏجي قافلي جي اڳواڻ وٽ ويا ۽ اتي حضرت يوسف کي ڏسي چيائون ته: هي اسان جو نافرمان غلام آهي. آخر ڪلام ٿوري ريڙهه پيڙهه کان پوءِ ڪجهه ملهه تي حضرت يوسف کي وڪڻي واپس موٽي ويا. اهو قافلو ڪجهه وقت آرام ڪرڻ کان پوءِ وري اٿي پنڌ پيو ۽ ڳچ ڏينهن پڄاڻا اچي مصر کان نڪتو. مصر جي بادشاهه ”ريان“ کي جڏهن قافلي جي اچڻ جي خبر پئي تڏهن پنهنجي وزير عزيز کي استقبال لاءِ شهر کان ٻاهر موڪليائين. عزيز شاهي حڪم مطابق اچي قافلي وارن سان مليو ۽ انهن کي بادشاهه جي طرفان دعوت ڏنائين، جا هنن قبول ڪئي ۽ چوٿين ڏينهن شهر ۾ اچڻ جو خيال ظاهر ڪيائون. عزيز اتان موٽڻ تي سڄي خبر اچي بادشاهه سان ڪئي ۽ ان سان گڏ حضرت يوسف جي سونهن جو بيان اهڙي ته شدومد سان ڪيائين جو بادشاهه ريان اڻ ڏٺي سندس ديدار لاءِ مشتاق ٿي پيو. انهيءَ وقت حڪم ڏنائين ته اهڙي خوبصورت مهمان جي استقبال لاءِ هڪ هزار تمام حسين نوجوان ساڳي پوشاڪ ۾ تيار هجن ۽ هن قافلي جو نهايت شاهاڻو آڌرڀاءُ ڪيو وڃي:

 

حڪم ڪيائين هزارين سونهن سهڻا،
اچي گڏ ٿينم مڙيئي معشوق مهڻا.
هجن سڀ کي ڪلاهون زر مٿن ۾،
قبا زرڪش همه رٿون رٿن ۾.
جڙاداري ڪم بند قيمتي ڪي،
شڪر شيرين کلن کيڪار سان جي.

 

        چوٿين ڏينهن صبح جو حضرت يوسف نيل درياءَ مان وهنجي سهنجي جڙائدار پوشاڪ پهري اچي ڏوليءَ ۾ ويٺو. تنهن کان پوءِ هيءَ سواري نهايت شان ۽ شوڪت سان اچي درٻار ۾ پهتي. حضرت يوسف ڏوليءَ مان لهي بادشاهه کي ادب سان سلام ڪيو. بادشاهه هن جي تعظيم ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين ته: اي خوبصورت شهزادا! هاڻي رخ تان پردو هٽاءِ ڇو ته اسين سڀ تنهنجي ديدار جا مشتاق آهيون. چون ٿا ته جيئن حضرت يوسف پنهنجي منهن تان پردو هٽايو ته بادشاهه سميت سڀ درٻاري سندس سونهن ڏسي حيران ٿي ويا. زليخا هي گوڙ ٻڌي ٻانهين کان پڇيو ته: ٻاهر ڇا آهي؟ ٻانهين سڄي حقيقت ڪري ٻڌايس. هي خبر ٻڌي زليخا به درٻار ۾ اچڻ جو اطلاع موڪليو. شاهي اجازت تي هڪدم اهڙو بندوبست ڪيو ويو. چون ٿا ته زليخا حضرت يوسف کي ڏسڻ شرط بيهوش ٿي وئي. سهيليون ٻانهيون کيس کڻي محلات ۾ ويون ۽ گلاب جو پاڻي ڇڙڪائي هوش ۾ آندائونس. هن واقعي کان پوءِ زليخا ڏاڍي خوش گذارڻ لڳي. سندس خاص دائي هي حال ڏسي ڪجهه ڪجهه ته سمجهي وئي پر وري به خاطريءَ لاءِ پڇيائينس ته: سائڻ! ڇا خبر آهي جو اڄ اهڙي بهار بهار پئي ڏسجين. زليخا پنهنجي رازدار دائيءَ جي اصرار تي کيس پنهنجي خوشيءَ جي سڄي ماجرا ڪري ٻڌائي.

        ٻئي ڏينهن قافلي جي اڳواڻ، جو هڪ سوداگر هو، حضرت يوسف کي وڪڻڻ جو ارادو ڪيو. منادي ٻڌي شهر مصر جا ڪئين دولتمند بازار ۾ اچي گڏ ٿيا. خود بادشاهه ريان به خريداريءَ جي خيال سان اتي آيو. واڪن تي واڪ چڙهندا ويا. هي خبر جڏهن زليخا کي پئي تڏهن عزيز کي چيائين ته اسان کي اولاد ڪونه آهي، تنهنڪري ڪيتري به ملهه تي انهيءَ نوجوان کي وٺي اچ ته کيس پاڻ وٽ پٽيلو ڪري رهايون. عزيز بازار ۾ اچي بادشاهه کي پنهنجو ارادو ٻڌايو بادشاهه ان جو سبب معقول سمجهي خريداريءَ تان هٿ کنيو ۽ عزيز، حضرت يوسف کي خريد ڪري گهر وٺي آيو. هاڻي زليخا جي آهه و زاري خوشين ۽ ٽهڪن ۾ بدلجي وئي ۽ نئين سج نوجوان رنگ ڪرڻ لڳي. هڪ ڏينهن خبرن چارن ڪندي حضرت يوسف پنهنجي گذريل وقت جو سمورو احوال زليخا کي ڪري ٻڌايو ۽ زليخا پڻ پنهنجي خواب ۽ تڪليفن جو سمورو ذڪر حضرت يوسف کي ٻڌايو. اهڙي طرح هنن کي هڪٻئي جا حالات ٻڌندي ٻڌائيندي ڪئين ڏينهن گذري ويا. زليخا هنن رهاڻين جي آڌار تي خوش فهمين جو هڪ جهان آباد ڪندي رهي. هڪ ڏينهن حضرت يوسف زليخا کي چيو ته: مون کي رڍن ۽ ٻڪرين چارڻ جو شوق آهي. زليخا جيئن ته حضرت يوسف جي هر شوق خواهه ارادي کي پورو ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهندي هئي. سو پنهنجي دلبر جو هي رايو ڏسي هڪدم اهڙو انتظام ڪري ڏنائين ۽ حضرت يوسف ڏاڍي چاهه سان ڌنارپ جي ڪم کي لڳي ويو:

 

يوسف کي هئا هزارين ناز نعمت،
ٻڌي رايو ڌنارپ جو ته راوت.
چوي چاريان جيڪر دنبيون رڍون ميش،
رکي رايو اندر ۾ خاص هي خويش.
تنهين کون پوءِ ڏنو فرمان ساري،
زليخا تان يوسف ڌڻ کي ته چاري.

 

        ڪي ڏينهن انهي حال ۾ به گذريا. ان وچ ۾ زليخا ڪيترائي ڀيرا ڳالهين ٻولهين ۾ حضرت يوسف کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر حضرت يوسف ڏانهنس ڪوبه ڌيان نه ڏيندو هو. هنن ناڪامين زليخا کي آهستي آهستي وري ڳارڻ شروع ڪيو. هڪ ڀيري وجهه وٺي دائيءَ کي پنهنجي نئين درد جو داستان ٻڌايائين ۽ پاڻ ۾ ويهي صلاح ڪيائون ته شهر جي ٻاهرئين باغيچي ۾ هڪ تمام عاليشان رنگ محل ٺهرائجي جنهن ۾ عيش و عشرت جو سڀ سامان ميسر هجي؛ پوءِ يوسف کي ڪجهه وقت لڳاتار انهيءَ محلات ۾ رهائجي ته جيئن سندس طبيعت ۾ ڪو ڦيرو اچي. دائيءَ هن محلات جي هڪ ڳجهي ڪمري ۾ زليخا ۽ حضرت يوسف جي گڏيل تصوير ٺهرائي، لڳارائي ڇڏي.

 

گڏيل سي سون جان جايون جڙي ويون،
ڏسي تن کي مون جنّت مڙويون ياڙي.
وري تنهن ۾ ڪاريگر هڪ ڳجهي جاءِ،
ڪڍي يوسف شڪل ٻي تان زليخا.
ويٺا گڏ عاشق و معشوق وانگي،
مهر محبت منجهون تن ساءِ سانگي.

 

        هڪ ڏينهن زليخا پنهنجين سهيلين ۽ ٻانهين سميت سير جي بهاني سان انهيءَ محلات ۾ وئي. محلات گهمڻ کان پوءِ زليخا انهيءَ ڳجهي ڪمري جي ڪنڊ ۾ وڃي لڳي ويهي رهي. پٺيان دائي اٽڪل سان حضرت يوسف کي انهيءَ ڪمري ۾ وٺي آئي ۽ حضرت يوسف کي اندر ڪري پاڻ دروازو ٻاهران ڪلفي وئي هئي. زليخا پنهنجي محبوب کي ڪمري ۾ اڪيلو ڏسي نڪري ظاهر ٿي ۽ پنهنجي محبت جو کليو کلايو اظهار ڪرڻ لڳي. حضرت يوسف خدا جي خوف ۽ شاهي ادب کان صفا انڪار ڪيو ۽ واپس پوئتي موٽڻ لڳو. جيئن جيئن بند دروازي وٽ ايندو ويو تيئن تيئن ڪلف ازخود کلندا ويا ۽ حضرت يوسف اچي محلات جي صحن ۾ پهتو:

 

زليخا جي تڪڙ جلدي ڪرڻ تي،
يوسف هو دير جي ڌيانن ڌرڻ تي.
چيائين ٿئي مون کؤن شرم توکي،
بتن بيڪار کؤن پڻ مرد توکي.
اٿي ڊوڙيو کنيائين گام تي گام،
کليا دروازا ٿي عام تي عام.
اشاري ساڻ آڱر جي ويا ٿي،
ڪنجون تن جون ته آڱريون ٿيا ٿي.

 

        پنهنجي محبت ۽ شوق جو هي جواب ٻڌي زليخا جلي خاڪ ٿي وئي ۽ ڊوڙي حضرت يوسف کي جهلڻ لڳي. حضرت يوسف جئن اڳتي ڀڄڻ لاءِ قدم وڌايو ته سندس پهراڻ جو پويون ڳچ حصو ڦاٽي زليخا جي هٿ ۾ رهجي ويو. عين انهيءَ وقت عزيز به اچي اتي پهتو ۽ هن ڇڪتاڻ جو سبب پڇڻ لڳو. زليخا بروقت ٻيو ڪوبه چارو نه ڏسي، پنهنجي عزت بچائڻ خاطر عزيز کي چيو ته: آءٌ هن محلات جي بلڪل اندر ئين ڪمري ۾ آرامي هيس ته يوسف بنا اجازت اندر لنگهي آيو ۽ مون سان گستاخي ڪرڻ لڳو. مون کي سجاڳ ٿيندو ڏسي ڊپ کان وٺي ڀڳو ۽ مون کيس سزا ڏيڻ جي خيال کان جهليو ٿي ته سندس پهراڻ جو هي حصو ڦاٽي منهنجي هٿ ۾ رهجي ويو. ۽ يوسف آزاد ٿي اڳتي وڌي ويو. هاڻي بهتر آهي ته هن کي قيد ۾ بند رکجي ته ڀل پنهنجي ڏوهه جي سزا ڀوڳي. اها ڳالهه ٻڌي عزيز حضرت يوسف کي ڏاڍو شرمايو ۽ کيس حڪم ڪيائين ته تون پنهنجي صفائي ۾ ڪجهه ٻڌاءِ نه ته توکي قيد ۾ بند رکيو ويندو. هي حڪم ٻڌي حضرت يوسف چپ چاپ ۾ اکيون آسمان طرف کڻي دل جو دل ۾ ڌڻيءَ کي ٻاڏايو. خدا تعاليٰ سندس دعا قبول فرمائي. بروقت هڪ ٻانهيءَ جي ٽن مهينن جي ننڍڙي ٻالڪ ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ سڄي حقيقت سڀني جي روبرو ڪري ڏنائين:

 

ٻوليو هو زبان جنهن جي اڳ ڪين،
هيو ڀاڪر اندر جو ماءُ پيءُ نين.
ڪئي تنهن دانهن تان سڻ اي عزيزا!
تڪڙ ڇڏ ترت ڪر ڪو تل تميزا.
اصل يوسف عقوبت جو نه لائق،
آهي ڪامل مڪمل فيض فائق.
زليخا جو چيو سڀ ڪوڙ ڄاڻج،
سچو يوسف صداقت ۾ سڃاڻج.

 

        هن غيبي شاهدي تي عزيز کي يقين اچي ويو ۽ يوسف کي آزاد ڪري ڇڏيائين. هن حقيقت بعد زليخا کي سڀ سهيليون طعنا مهڻا ڏيڻ لڳيون. جن کان تنگ اچي هڪ ڏينهن زليخا مجلس سڏائي هن مجلس ۾ آيل مصري عورتن کي زليخا هڪ صوف ۽ ڇري ڏئي کين چيو ته: هن صوف کي ان مهل وڍجو جنهن مهل يوسف توهان جي اڳيان اچي. ائين چئي يوسف کي مجلس ۾ آڻڻ جو حڪم ڪيائين. حضرت يوسف کي ڏسي سڀني عورتن جا عجب کان حواس خطا ٿي ويا ۽ سڀ پنهنجون پنهنجون آڱريون وڍي ويهي رهيون.

 

مصري زالون پسي گلزار گل کي،
ٿيون پوءِ بيخبر بيحال ڀل کي.
وين اختيار جون واڳون ڇڏائي،
ڏٺو جن روءِ دلبر کي سڏائي.
هيا تن کي بدست ترنج چاقون،
وڍي هٿڙا پيون ڪن ڦاڪ ڦاڪون.

 

        مجلس ختم ٿيڻ کان پوءِ سڀ سهيليون زليخا جي غلطيءَ جو احساس ڪري چوڻ لڳيون ته: زليخا! تنهنجو ڪوبه ڏوهه ڪونهي. هاڻي زليخا جي عشق جو چرچو سڄي شهر ۾ پکڙجي ويو ۽ روزانو ڪئين عورتون زليخا وٽ اچي بدناميءَ کان بچڻ لاءِ حضرت يوسف کي قيد ۾ رکڻ جي صلاح ڏينديون هيون. نيٺ زليخا سڀني جي صلاح مڃي کڻي حضرت يوسف کي بيگناهه بند ۾ رکايو. ڏينهن ٻن جي صبر کان پوءِ نيٺ جدائيءَ جو داغ سهي نه سگهي ۽ روز رات جو دائيءَ سان گڏجي حضرت يوسف کي قيدخاني ۾ ڏسڻ ويندي هئي. اهڙيءَ طرح ڏينهن روئندي گذاريندي هئي ۽ رات جو ديدار ڪري دل ٺاريندي هئي.

        حضرت يوسف کي خدا تعاليٰ خوابن جي تعمير ڪرڻ جو علم ڏنو هو ۽ انهيءَ علم جي آڌار تي هن قيدخاني واري وقت ۾ ڪيترن قيدين جا خواب تعبير ڪيا. هڪ رات مصر جي بادشاهه ريان خواب لڌو ته ست متاريون ڍڳيون ستن ڏٻرين ڍڳين کي کائي ويون آهن ۽ ستن سڪل سنگن ٻين ستن ساون سنگن کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي سڪائي ٺوٺ ڪري ڇڏيو آهي. صبح جو درٻار ۾ ايندي شرط اهو خواب درٻارين کي ٻڌايو، پر هن خواب جو تعمير ڪير به ٻڌائي نه سگهيو. اتي هڪ درٻاري حضرت يوسف جي خوابن کي صحيح تعمير ڪرڻ جو ذڪر ڪيو. هيءَ خبر ٻڌي بادشاهه هڪدم ماڻهو موڪلي حضرت يوسف کان هن خواب جو تعبير گهرايو. حضرت يوسف تعبير هن ريت ڪيو ته: هن ملڪ ۾ ست سال لڳاتار سڪار ٿيندو ۽ ان کان پوءِ ست سال لڳاتار سخت ڏڪار پوندو. ڏڪار واري وقت ۾ هي حالت ٿيندي جو رعيت بک وگهي مرڻ لڳندي. ان ڪري بهتر آهي ته سڪار واري وقت ۾ ڪفايت ڪري اناج بچائي رکجي جو ڏڪار واري وقت ۾ ڪم اچي. هي تعبير ٻڌي بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو ۽ حضرت يوسف کي باعزت آزاد ڪري کيس پنهنجي درٻارين ۾ جاءِ ڏنائين ۽ اناج بچائڻ جو ڪم سندس حوالي ڪيائين. هن واقي کان ٿورو وقت پوءِ عزيز وفات ڪري ويو. عزيز جي وفات بعد حضرت يوسف جي دل ۾ زليخا لاءِ ازخود محبت جو جذبو پيدا ٿيڻ لڳو. زليخا ته اڳيئي حضرت يوسف جي عشق ۾ بيحال گذاريندي هئي سا هاڻي حضرت يوسف کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڏسي خوش ٿيڻ لڳي. هڪ ڏينهن وري به جراءت ڪري حضرت يوسف جي لنگهڻ وارو رستو جهلي بيهي رهي ۽ حضرت يوسف جي اتان لنگهڻ تي کيس نيزاريون ڪري پنهنجي حال تي رحم ڪرڻ لاءِ ستائڻ لڳي. زليخا جي عشق جو هي ڪمال ڏسي حضرت يوسف ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ کيس ايمان آڻڻ لاءِ چيائين. زليخا کي ته هر حال ۾ حضرت يوسف جو چوڻ مڃڻو هو سو اتي جو اتي مسلمان ٿي پئي. هاڻي حضرت يوسف به زليخا جي حق ۾ دعا گهري ۽ قدرت الاهي سان زليخا اتي جو اتي اڳئين کان به اڳري، حسين ۽ نوجوان ٿي پئي. ٿوري وقت کان پوءِ حضرت يوسف ۽ زليخا جي شادي ڏاڍي ڌام ڌوم سان ٿي گذري. هاڻي هي ٻئي عاشق ۽ معشوق پاڻ ۾ ڏاڍي قرب ۽ پيار سان وقت گذارڻ لڳا.

        اڳتي راوي هن طرح ٿو بيان ڪري ته مصر ملڪ ۾ اچي ڏڪار پيو. حضرت يوسف جيئن ته سڪار واري وقت ۾ ڪئين گدام انّ جا ڀرائي ڇڏيا هئا. انڪري هن ڏڪار جو ڪوبه اثر سندس ملڪ تي ڪونه پيو. پر ٻين ٻاهرين ملڪن کي به هتان اناج ميّسر ڪيو ويندو هو. حضرت يوسف جي هن سخا جي هاڪ ڏيهان ڏيهه پکڙجي وئي. اها خبر ٻڌي ڪنعان کان حضرت يوسف جا ڀائر به اناج وٺڻ لاءِ مصر ۾ آيا. حضرت يوسف پنهنجي ڀائرن کي سڃاڻي کين ڏاڍي عزت ڏني ۽ کين اناج جون خرزينون ڏئي واپس ڪيو. ڳچ وقت کان پوءِ حضرت يوسف جا ڀائر ابن يامين (حضرت يوسف جي سڳي ڀاءُ) کي ساڻ وٺي ٻيهر مصر ۾ آيا ۽ حضرت يوسف چوريءَ جي بهاني سان ابن يامين کي پاڻ وٽ رهائي ڇڏيو. باقي ڀائرن کي ساڳيءَ طرح اناج ڏئي واپس ڪيو. حضرت يوسف هن ڀيري پنهنجو پهراڻ حضرت يعقوب کي هڪ قاصد هٿان ڏياري موڪليو. حضرت يعقوب پنهنجن ٻين پٽن سان ابن يامين کي نه ڏسي ويتر زار زار روئڻ لڳو. پر پوءِ جڏهن حضرت يوسف جو پهراڻ مليس تڏهن ڏاڍو سرهو ٿيو ۽ سمجهي ويو ته حضرت يوسف زندهه آهي ۽ ابن يامين هٿيڪو آهي. چون ٿا ته حضرت يوسف جو پهراڻ حضرت يعقوب بروقت کڻي اکين تي رکيو ۽ قدرت الاهي سان اڳئين وانگر چاق چوبند ۽ نظر وارو ٿي پيو.

 

رکي منهن تي پيراهڻ لال لاتو،
اکيون روسن ٿيس جنهن سڀ سڃاتو.
کليا اکيون تنهين جا نيڻ ساڳا،
سئي ۾ پيو وجهي دستين سو ڌاڳا.

 

        هاڻي حضرت يعقوب لاءِ ڪنعان ۾ رهڻ ڏکيو ٿي پيو ۽ باقبيلي لڏي اچي مصر ۾ رهيو. اهڙيءَ طرح ڪيئن سال خوشي ۽ شادمانن سان گذارڻ کان پوءِ حضرت يوسف وفات ڪئي ۽ زليخا به انهيءَ ڏک ۾ جلد ئي وفات ڪري وئي.


* * خليفو غلام الله ڪلهوڙي جي نظم ۾ ڇپيل قصي جو اختصار. هي قصو سيٺ ويڙهو مل، ليٿو آرٽ پريس ڪراچي مان ڇپايو.

*  قصي يوسف زليخا جي ٻئي ڀاڱي ”اخوان يوسف عرف يوسف زليخا“ جي سرورق تي مصنف جو نالو هن طرح ڄاڻايل آهي ته مولوي غلام الله خليفو ولد ميان دائود صاحب قوم عباسي، ساڪن چودره، تعلقو وارهه ضلعو لاڙڪاڻو. قصي جي آخر ۾ سندس فرزند جو نالو محمد ڪامل ڄاڻايل آهي. هي قصو مثنوي نظم ۾ پهرين شعبان – صفر 1318هه ۾ جوڙيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org