سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب: -

صفحو :19

 

 

161-سُپِيريان جي سور جو، نڪو ويڄ نه وِيرُ،
مَن اندر مچ ٻري، نيڻين ٽمي نير،
جي ڦوڙايو سڄڻين، ته هنيئڙو ٿيو فقير.

 

162-تڏهِ جمعي بعد ئي جُنبئا، اُٿي پار عراق،
طنبو طنابون تڪئا، پوش کنيائون پاڪ.

 

163-هونگاري هلئا، سي ڪرها قطاري،
ڪاهيائون قدوس ڏانہ، واڳَ چڏيائون واري،
ويچاري وير تِهين، رويو جر هاري،
”فاضل“ چئي، فراق ۾، گهايلَ ٿي گهاري،
اتر بيهو ان پار ڏي نظر نهاري
(1)،
آسر ڀَري آهيان، آءٌ الله آساري،
مانَ مِڙان کي سڄڻين، آءٌ گوندر گذاري.

 

164-تڏه چريي کڻي چمڙو، ڀيڙي ٻڌو بِٺُ(2)،
پيرين ڪري پنڌڙو، محبت جي مِيٺُ.

 

165-کڻي حمالَ هلئو، ڪچ ۾ ڪري ڪاسو،
ڦوڙائِي فراق جو اندر جيءَ جاسو،
ڪنہ نه ڏنو قيس کي، دوستن دلاسيو،
رويو چوءِ رڃ ۾، هُو کٿابي خاصو،
قادر ڏئين مَ ڪِن کي، پرينءَ ري پاسو.

 

166-موليٰ مون مَ منجهائيين، ڪنا واٽ تِهين(1)،
قاضي پسي قيس کي، روح ۾ ريساڻو،
منڊيائين مجني سين، رڻ ۾ راماڻو،
چئي: موٽي مصر وڃ تون، پاهون ڏئي پاڻو.

 

167- تڏه پسي سڳر ساٿ جو، سرهو ٿئيو شاهه،
ليليٰ ڏٺو لال کي، ايندو اندرين راهه.

 

168-اونُون ڏئي عقاب جيئن، اچي اُماڻو(2)
قاضي پسي قيس کي، روح ۾ ريساڻو،
منڊيائين مجني سين، رڻ ۾ راماڻو،
چئي: موٽي مصر وڃ تون، پاهون ڏئي پاڻو.

 

169-پاڻي ناه پنڌ گهڻو، اڳيان رڻ رائو ۽ رڃ،
مري رهندين مجنا! تون اُساٽجي اُڇ
(3).

 

170-تان چي: مران ته مانُ لهان، جي موٽان ته مِيهڻو،
جتي ويندا سپرين، صحي سو ڏيهه مون ڏسڻو
(4).

 

171-جِت صحي سڄڻ ويهندا، ڏسان سو ڏيهُ،
مان نه موٽان مورهين، ڏسندو صحي سِيہُ
(5)

 

172-تان چي: موٽي وڃ تون مجنا! وَهن واري جهل،
هٺ هڪلي هنڌ ڪري، پاڻ پروڙي پل،
ڏک مَ وجهه ويل کي، جان پئين پار خلل
(1).

 

173-تان چي: ڏک نه ساريان ڏيل جا، جي هئاسني ساڻ (2)،
اکيون اکين سامهون، راتو ڏينهن اِيءَ رهاڻ،
ميان! محبوبن سين، مون کي قاضي وجهه مَ ڪاڻ،
مر مران مارڳ ۾، آءٌ هڏ نه موٽان هاڻ.

 

174-تڏه قاضي چيو ليليٰ کي، ڏمرجي ڏَند،
چئي: ايندو پس اُڇل سين، روڏو مٿي رَند،
اچئو اُنَ سين آکڙي، جي بالا قد بلند
(3)،
ڪُهي وجهندا قيس کي، ڪاتيون هڻي ڪُند،
سڻج هِنين ڪنن سين، مت مهنجي مُنڌ!
نا ته ڇڏ موٽائي مجنون، ڪنہ فڪر ساڻ فند.

 

175-جيلاهه آيس مت، وڃئو ٿي واريس،
ته هوت مهنجو هيڪلو، مڇڻ ڪو ماريس.

 

176-چئي: محب مهنجا مجنا! مصر ونءُ موٽي،
هوت توجِي هٿ ۾، مون چَڳن سين چوٽي،
ڦوڙائي فراق جي، لالن آءٌ ٿي لوٺي،
رجهِي تان نه رهو، پئو ٻئن سين ٻوٽي
(4)؟
آءٌ توجِي آهيان، کري جي کوٽي.

 

177-ٿي موٽائيين مجنا، جيلاهه لڳيم ڪان،
تکا ٿو تير هڻي، قاضي ساڻ ڪمان.

 

178-تان چي: موٽان ته لڳي مهڻو، جي پاهُون پير ڏيان،
اُڀو آهيان اِنهين، جانسينءَ ٿو جيان.

 

179-تان چي: اُڀين مجنا! اتهين، محب ڪارڻ مون،
اسين ’قُدوسان‘ ڪاهي ڪري سگها اينداسون.

 

180-تان چي: جان ايندا، تان اُسهو، الٰهي تُهار،
ڦري هن فقير جي، سگهي لهجا سار.

 

181-سگها موٽو سپرين، وڃو تان ورجاه،
وٺئو وڃو پاڻ سين، هنيون، هُبّ ۽ ساهه،
حالو مهنجو ههڙو، آئين پسو ٿا پِرياء!

 

182-پيرين پئي پرين کي، جڏه نِڱي نار،
ويچاريءَ جو وپَري، پئو جيءُ جنجار
(1).

 

183-اُتري بيهو اُن پار ڏُونہ، سا نظر نهاري(2)،
جو ڦوڙائو سڄڻين، تِنہ رويو جَر هاري.

 

184-اُرندي اُرُو ٿئو، جيئن سو ڪوئي واءُ(3)،
ڦوڙائيندي سڄڻين، تَن پُڻ تهڙو ساءُ.

 

185-رويو پَرني ربّ کي، ڪِئو ڪنڌ ڦِيرُون،
هُيون جي هوتن سين، هئي ڀڳيون هِيرُون
(1)

 

186-تڏه پسئو پُٺيرا سپرين، قيس ڪَرَ موڙي،
پاتائين اُن پار منجهه، اکيون اُکوڙي،
نيڻين سندا نار وئا، ڇڏيائين ڇوڙي،
اُڀو روءِ رنجاڻيون، وڍئو وڇوڙي
(2).

 

187-عاشق اُڀيِي اتهين، پيئي پهرين رات،
اُڀو ڪَنبِي ڪانڊرجي، وائي نه ڪري وات،
هاڃي هنيو هڻي ڪري، سيڻن نئو ساٿ،
سي قادر ايندا ڪڏهين؟ تَن ۾ جنہ جي تات.

 

188-ٻِيجيءَ ماهه ٻَهون پَرين، سُورين ڏنس سَلَ،
لڙئو پون لطيف جا، ڳوڙها مٿي ڳَلَ،
هِنين هُبّ حبيب جي، اندر ٿئي اُڇَل.

 

189-اکيون اوهيرا ڪري، ٽيجِيءَ ماهه ٽِمن،
اچي اوهيرا ڪئو، هاگامون مَنجُن،
ڦاٽئو ڦٽ فراق جا، لائيو جهُڙ جهِڄن،
راهه جنِي راتيون، الله! اوءِ اچن
(3)،
سانگهيڙا سُور ڪئو، چوٿينءَ ماهه چُرن،
هنيين ۾ هوتن جا، ورهه وَڍَ وجهن
(1)،
مَن اندر مچ ٻري، لائيو دُونهن دکن
(2)،
سي پرين وئا پرڏيهڙي، جي تَن ۾ طُبو ڪن.

 

190-پنجينءَ ماهه پلٽئا، نِڪُون لائي نيڻَ،
وئا ويچاري، وسري، کِل، خوشيون ۽ کٻڻ،
چارئي پهر چِت ۾، اُڀو ساري سيڻَ.

 

191-اچي سور سرير ۾، ڇچهينءَ ڇلڪئا،
دوست دائم دل ۾، ڏيئي ڏکل ويا،
ورهنئون وڏا ڀائيان، پَلَڪ جي پئا،
مجهان ئي مَن محبوب مون، وير نه وسرئا،
ڏينہ مهنجا ڏک کي، جهجها جار ٿئا.

 

192-ستينءَ ماهه سڪي وئو، منجهان رت رڳن،
وئا اُساٽي انگڙا، لُڙڪ تان نه لڙن،
اَٺينءَ عاشق سنديون اکيون اُڃ مرن،
نوئين نرمل نه پِئِي، پاڻي ري پرين،
ڦاٽئو لڱ فقير جا، ڏهيءَ ماهه ڏرن،
ڪارهين ڪِئا قيس تي مانڊاڻا مينهن،
ٻارهينءَ ماهه ٻَهون پَرين، اچئو وِڏُرَ وسن،
تيرهينءَ ماهه تيز سين، گوڙيون ڪئو گجن،
چوڏهينءَ ماهه چمڪئو، وڄڙيون ور وجهن،
پنرهِين ماهه پلٽئو، پاڻي منجهه پٽن،
لڳي واءُ واڪا ڪئو، سورهينءَ ماهه سانگن
(1)،
سترهينءَ ماهه سَره، سوئر، شينهن، رابهون ڪثورڙن
(2)،
جهُڙن جهوري ڇڏئا، ڪانهي طاقت تِن
(3)،
ارڙهينءَ ماهه اوڀڙ ابڙئا، سبز ڪئو سونهن،
اوڻهينءَ ماهه عاشق جو، پئو نظر مٿي تِن،
گَڊَ، گينڊا، گورخر، گَلا ڪئو ئي گهمن،
وڌي گاهه وڏو ٿئو، ٿا چڱيءَ ڀَت چرن،
پاڻي پاڪ پٽن ۾، ڪئو تماشو تَرن،
مينہ وَسي واسي ڪئا، سڄڻ تان نه اچن
(4)،
گهڻا لايائون ڏينهڙا، پسو پرڏيهيڙن،
آوسَر جي وڇوڙئا، سِي اُٺي مانَ مِلن،
موليٰ! محب ميڙئين، ميان محبتين
(5)

 

193-آسر لڳي اُن جي، ڏُکيءَ ڏينهن ويا(6)،
ٿي وَس وڏاندري، مولِي مينہ ڪِئا،
ساڻيهه ۾ سک ٿئو، موٽو پرڏيهيا!

 

194-موٽي او مون پرين! سُهايو ساڻيهه(7)،
جتي لائِيان ڏينهڙا، گهورئو سو پرڏيهه
(8)

 

195-واٽون ولڙين ڇانئيون، ڀؤنر ڀِرڪا ڪن(1)،
مندون موٽي آئيون، سڄڻ مانَ اچن،
وساريان نه وسرن، سدائين چِت چُرن،
اچڻ آذُون ٻڌيون، سي وچان پَئي کَرن
(2)،
لاٿو ڏرت ڏيهه تان، وسي وڄڙين،
اُڀو واٽ نهاريان سندي سپرين،
ڪر نه لڌي ڪڏهين مهنجي مجھبوبن،
پرين جي پرڏيهه منجهه، سي ڪوهه ڄاڻان ڪين ڪن!
جُڪس وئس وسري، آءٌ منان محبوبن.

 

196-تڏه ٿئو نماڻو نِڪڻِي، ڪانهي اميد ڪا،
ڇڏي مراد مقصود جي، تعلق تِنہ جها
(3)،
مجني تي مهر جو، واحد وارئو ئي واءٌ،
وئس درد دماغ جو، موٽي ماخوليا.

 

197-من ۾ محبوبن سين، ٿيس ويهينءَ ماهه وصال،
سوا الله صفت جو، ناهس خواب خيال،
ڪنان رياضت روح ۾، اچي پئو احوال،
سيني کي صاف ڪري، حاصل ڪيائين حال
(4)،
”وَفِي انفسڪم اَفلانُبصرون“ اني قيل نه قال.

 

198-ايڪهينءَ ماهه عاشق کي، وئو وسري پاڻ،
مخفي ٿئو محبوب سين، بايَهين ماهه ٻهڄاڻ،
نَزڪيہ جو تَن ۾، تِريهين ماهه ڪري ٿاڻ،
اُڀِي رهئو اُتهين، نِرتو ٿي نيشاڻ
(1)

 

199-اُڀو رهي اوراهون، چارئي چويَهيءَ ماهه(2)
پنجيهين ٿئو پاڻهين پنجِهون پاتشاهه
(3)،
ڇهين ماه چئين ڏِسين جي، رَسي ڇڏيائين راهه
(4)،
ستايَهِين ماه سير ڪئو، عالم منجهه اوراح،
اَٺايَهِين اَتم ڪئو، سو عالم منجهه الله
(5).
وڃي وحدت ۾ پئو، اُوڻٽيهين ماهَ اُهاءُ،
ڪنا عشق عارف ٿئو، پُنو پِهرو ماه.

 

200-تڏه ابتدا آراڙ جيءَ، وراڪئو وِليَن(6)
آنٽا ڏِهو عاشق کي، ڪيو جوپ جهَلن.

 

201-عشق پيچ اُٺايون، ڦانگِينَ مٿي ئي ڦل(7)،
کِيلوڙين کِچيون، ڪِئا مٿس گولاڙن گُل
(8)،

 

202-سِڱرين سندا سهرا، هَس کُر جا هار
چڱا ڪئا چادرين، سي ڀَليءَ ڀَت بهار

 

203-ولهڙين واراڪئو، کِيلو جئين اُت کتو،
اِئين اُڀي عاشق کي، ٻِئو ماه ڀُنو.

 

204-مٿي شاه سِرَ اُنَ منجهه، بار نه پکِيَڙن،
ٻوليون ڪئو ٻاجهاريون، چڱي لات لَوَنِ،
اچي اوطاقون ڪيون، تِنهين ماڳ مِرُوئن،
محبتي ڏانہ مجني، ترسي نان نَه تَرسن
(1).

 

205-چِيا، چٻوُن، چمڙا، چَنُون گهڻا چڪور،
ڪبوتر ۽ قُمريون، ٻاٻيَڙَن ٻَرٻور
(2)،
ڪارايَل ڪَرَ کڻيو، ڪن مِيائُو مور،
واسينگ وتن ويڙههَ ۾، نانگ نماڻا نور.

 

206-ليلها، تِتر، لاَورا، ۽ سُرخ سي سُرکِلِيُون،
ڪانگ ڪٻرون قيس تي، بُچَڪَ بُربُليون
(3).

 

207-هرڻ ڇِٽا هيڪ ٿِئو، هيڪاندا هلن،
ڪَئِي بگهاڙن ڀائِپي، ڦِري سي ڦاڙَهن،.

 

208-اُنِي نِبہ اُت گهڻِي، سَها ۽ سِيار،
ڪن ڪُرڍُون پاڻ ۾، مِڙئو مجني دار.

 

209-سَرِهه، سانوَر، سينهن گهڻا، رڇ، راڱا ۽ روجهه،
اولياء جي اوصاف ۾، ساڱاه ٿِيَن سوجهه.

 

210-ڪونه ماري ڪِنہ کي، نَڪِين آزارين،
محبت سندي مجني، گڏ ٿِئو گذارين.

 

211-اکين ٿي اُليي لڳي، جُثو ٿيو جهُنو،
اِيئن اُڀِي عاشق کي، ٿيو ماهه پُنو.

 

212-سچي سڪ سيڻن جي، اندر ڪئو اُها(1)،
ويندا سي ايمان سين، جي ڪلمون چؤنِ مُهار
(2)

 

213-تڏه ليليٰ ڀُوڻي لڇندي، پوتِي اندر پُور،
پرين ري پرڏيهه ۾، ٿِئِي منڌ ملُور،
سَگهِي ساعت نه هيڪڙي، چار ئي پهر چُور،
ڀُوڻِي ويچاري واڳئي، سدائين سين سور،
سٻيڻ پڏيائين سُڃ ۾، ماري تنِہ مامُور.

 

214-اَٺو پهر آڻ نِمَري، گهڻو روئي سين رنج،
هيڪلو واريائين هوت کي، اِنَ ڏکوئِي ڏنج.

 

215-جر هاري جال گهڻو، نت ٽِمائي نيڻ،
اَنّ کاڌي اُٿئو وڃي، کامئو مٺا کيڻ،
رويو چوءِ ريهُون ڪِيو، ويچاري هي ويڻ:
قادر! ڪڍ ڪِيائين تون، سائين! منهنجا سيڻ.

 

216-محب مهنجو مجنون، تون واحد واري آڻ،
جان آءٌ قيس قريب سين، ڪريان روح رهاڻ.

 

217-تڏه قاضي چئي: کتابيا! لَيليٰ ڪئي اُڪير،
وڃي ڏُرندي ڏِيل ۾، جيئن ڦوڙائو فقير،
سُڪي ڀوڻِي سندري، دوستن ري دلگير،
ڪري ڳالهيون قيس جون، آئين ڌُنِي ڏهو ڏير.

 

218-تڏه لَيليٰ کي لِوَ ڏهو، اچئو ڌُتارين(1)
وٽس ويهو ڳالهيون، سنديون قيس ڪرين.

 

219-چئي: اڃ پڻ اوٺي آئيو، منجهان مصر شامَ،
قيس جا قاضيءَ کي، ٿي ڏنائين سلامَ،
ته سکي سلامت سو گهڻو، ناهِين ڪا ملامَ
(2)

 

220-خوش خبرون کٿاب جوُن، ٻيو ڏنائين هي،
چئي: مصر ويٺو مجبون پاڙي کٿابي.

 

221-تڏه سرهي ٿي سرير ۾، وِهسَئِي وير وتار،
کڻي هٿ خدا ڏانہ، ويچاري تِنہ وار،
چئي: قادر! قاضي وارئين، تون سٻاجها ستّار،
جان مِڙان آءٌ مجبوبَ سين، پسان پِريَزِپار.

 

222-تڏهِ بَڊي بحرين جَر ناه، جِهَر آيتُ اُڀرئو(1)،
موٽڻ سندو من ۾، قاضيءَ قصد ڪئو،
ڦوڙائو فراق جو، وچان وهي وئو.

 

223-مٿي مصر موٽيا، پُرئا پير ڀري،
صحي سلامت آئيا، ڌَڻ ڄَڻ مال ڪري،
جي جِنين جا سيڪڙو، سي لڳا تِن ڳَري.

 

224-موٽي مصر آئيو، قاضي قرب ساڻ،
مصر جي ماڙهوئن تي، وڏي ٿِي وَراڻ،
سڀئي سرها سندا، ريجهئو ڪن رهاڻ،
اَچئو پڇي قيس لئي، ڪَرَ لَيليٰ منجهه لالاڻ،
هينئڙو هوت حبيب سين، ٻڌس ڪنہ ٻَڌاڻ،
هلئو نهاري حجرا، سَٽُون ڏهو سڄاڻ،
’محب منهنجو مجنون، هت نه ڏسجي هاڻ‘،
پئي ويچاري وِپَري، پِريَنِ لئي پاڻ،
آهون ڪئو آٽِي گهڻو، ڪاجا آهيس، ڪاڻ
(2):
ساجن ڇڏئو سڃ ۾، محبتي مهراڻ،
ڪوه ڄاڻان ڪيڏانہ وئو، جانيئڙو جواڻ
(3)،
اِيئن چيو عاشق لئي، پئي پَڇاڙي پاڻ.

 

225-پاڻ پڇاڙي پرينءَ لئي، ڻيو مٿان کَٽ:
ساڄن ڇڏئم سڃ ۾ وڏيءَ ڪِنہ وَرَٽَ
(1)،
جُڪس عاشق مون اُڃَ مَري، ڪ لڳي پَٽ
(2).

 

226-تڏه وهن ويچاري وِکَري، ويٺي ڪارڻ وِير،
مسافر مصر مَنجهه، ڦرئو پڇي سا فقير.

 

227-ڪِنہ ڪو ڏٺو مجنون، اِهڙيِن اُهڃاڻي،
حليم گهڻي حيا وارو نيڻين نماڻي
(3)،
فهيم گهڻي فڪر سين، ويٺي سٿ سڃاڻي
(4).

 

228-فهيم گهڻي فڪر سين، ويهي سڃاڻي سَٿ،
اَڌورا پورا ڪري، عاقل گهڻا اَرٿ.

 

229-ماڙُ هو وِئي وٽ تِنہ، کلي ٿين خوشحال،
نئڙائي نَمَت جو آه قيس ڪمال،
ڪونه ٿيندو ڪڏهين، ڪنان محب ملال،
روئِي تِنہ جي رهاڻ کي، هَي وڃايم حال،
مونکي موليٰ ميڙئين، تون ڀلا ڪريين ڀال.

 

230-کڻي اُڇني ڇڏئو، مون ساڄڻ منجهه سُڃَ (1)،
محب مهنجو مجنون، جُڪُس مارئو اُڃَ.

 

231-خبر سندي سڄڻين، جي ڪا مون کي پوءِ،
ته پيرين ڪري پنڌڙو، آءٌ وڃان لالن لوءِ.

 

232-تڏه ’بدو‘ پُڄي آئيو، ’آسو‘ آس ڪري،
اُٿي گڏهه پلاڻئو، اِيَ ڀاڳئي بٺاري،
ڪيو ڪهارو ڪنڌ تي، ڪوڏان ڪاٺياري،
سَٽي وئو سڃ ۾، الله آساري،
اڄُ مونکي فُوت ڪِين، مانَ ڏاتر ڏِهاري،
تان حطب ڏٺائين هيڪڙو، سُڪو سو ساري،
رڙهي رسئو رَنک کي، وليون وِيڇاري
(2)،
ٺاٺوڪِئو ٺُڪائيو، نَمِئو نِهاري.
ديواني جي درد جي، وِڌ نه ويچاري.

 

233-کڻي ڪهاڙو ٺوڪئو، جان هلي هنيائين(3)،
منجهه محبتي مجني کي، سوڌو سٽيائين.

 

234-ڪپي ڪهاڙي ڏنو، عاشق کي عذاب،
منجهان دل درد جي، جوان ڪئو جواب:
چئي: ميان! مون کي ماري، ڪُهِي ڪَيئي ڪباب.

 

235-تڏه بَٺاري ڀؤ ٿئو، سُڪي سو وئو،
آئيو آواز اوچتو، اِي ڪوڪٽ ڏسجي ڪو.

 

236-ڏَهڪجي ڏُور ٿئو، سار ڇڏيائين سُڌ،
اُڀو پُڇِي اوتهين، ويچارو سائيءَ وِڌُ.

 

237-ڪر تون عارف آهيين، ڪِ آدمي اَبَدُوت،
ڪِ تون جِنّ شاهه پري، ڪِ تون آهين ڀُوت؟

 

238-تان چئي: جِنّ نه ڀوت شاهه پري، آهيان آءٌ انسان،
هٿان حبيبن جي، ڪارو لڳم ڪان
(1)،
اُڀِي رهيس اِتهين، نِرتو ٿي نيشان،
وجهي وئم وِپَري، سو هَي هَي ڪري حيران،
آسر لڳو آهيان، چان موٽي اچي مانَ.

 

239-تان چئي: جِنين ڪارڻ تو ڪئو، حال پهنجو هيئن،
لُڪُون لڳيون ڪوسيون، ۽ ٻئا ڏک گذاري ڏينهن،
۽ ڇوماسي جا چار مهينا، مٿي وسائي مِينهن،
اُو پِرين پاڻ نه آئيا، طلب ڪري تو سِين،
ڪونه مُڪائون ڪڏهين، توڏانہ نياپو نينهن،
ڪارن تنين ڪڄاڙي کي، چڙهئو آهين چِيئن.

 

240-تان چئي: ڏهه مهينا ڏيل ۾، ڪانه هُئي ڪاڻ،
پلپل پِرين پاس مون، هت پڻ اچن هاڻ
(2)،
ڪَن سُهڻِي ۾ سُپرين، مون سين روح رهاڻ،
اچڻو اُڪير سين، پِرين پڇن ئي پاڻ.

 

241-تان چئي: ڪِ تون گهُريءَ گهرايو، ڪِ مُئين پَسِي مال،
ڪڄاڙي کي تو ڪئو، هي پهنجو حال؟

 

242-تان چئي: مال مٿانءِ گهوريان، پر گهُريءَ گهرايوس،
حب حقيقت تِنہ جي، گوندر آءٌ گڏيوسِ
(1)
هِنياريءَ مِيٺُ ڏيئي، گوندر جن هنيوس،
جي جيارينءَ ته جيان، تِنِين وَس ٿئوسِ.

 

243-تان چئي: ڪير هئا، ڪيڏانہ ويا، ڪهڙي هئا ذات؟
جِنِين ڪارڻ تو پئي اچي رڻ ۾ رات.

 

244-تان چئي: ويا جي وِهاء منجهه، وانڍين مٿي واسَ(2)،
آهين تڏوڻا تن ۾، روح جن سين راس
(3)

 

245-تِن رِي تَنُوريا تن ۾، ٿيم سُر سَهس،
گهڻو سٻاجها سپرين، مون کي ڇڏيائون مَس،
آسر لڳو اُنَ جِي، آءٌ گهاريان مٿي گس.

 

246-تان چئي: مون نه سڃاتوءِ مجنا! وئين اُساٽِي انگ(4)،
ڪوه وِڌڏئي جار جئي کي، ڀورا هيڏو ڀَنگُ
(5)،
مُوراهِين کي مهرين، آهه سان سين سنگ،
اُوءَ نار ٻين، نَرَن سين، رچئو ڪري رنگ.

 

247-تان چئي: ميان! مون پرينءَ ڏي، مَ ڪر اِي گمان،
سَتِيءَ جو سڀني پَرئين، سائين رکيو شان،
آهس آرُ الله ڏُونہ ۽ اسان ڏانہ ايمان
(1)

 

248-هَڏِ نه ڪو هنيين ۾، ٻئو پهه پُوندوس(2)،
داغ مهنجو دل اُتي، هميشاه هوندوسِ
(3).

 

249-اسان نِئو وَه وِترو، سِي سُپريان سِيڻ(4)،
آسر لڳي ان جي، نِت اُڪِير ئي نِيڻ،
(5)

 

250-جِبَهِين چڪور چنڊ سين، تِيَهين ساهه سيڻانَ(6)،
ويهان جان ماٺ ڪئو، وساريو ويڻان،
تان واريءَ جيئن ورچي، هينيون ڪَر ڪيڻان.

 

251-تان چئي: جنين ڪارڻ جهنگ ۾، جهِيڻو ٿئين جهُوري،
اُوءَ موٽي مصر آئيا، چوماسو چَرِي،
دوسان سندي دائري، وهلو هَل وري،
لَيليٰ تو ري مجنا! مَڇَڻ رهي مَري.

 

252-تان چئي: تاريءَ تڳان جن جي، مَرن سي مَ ميان!
مندو ڪنين مَ سُڻيان، جانسينءَ ٿو جيان.

 

253-تاري تڳان جن جي، ميان سي مَ مَرن(1)،
الله! اُنين پِرين جا، سڀئي ڪاڄ سَرَن،
جڪس هلي هوت حضور ۾، آءٌ گهاريان گهَرن
(2)،
پر سُڪي لَڱَ ساڻا ٿيا، واريان تان نه وَرنِ.

 

254-ميان! موٽي وڃ تون، گڏهه ڀري اِي گاههَ،
ڪاسو جهَل ڪيرايو، تون اي بٺارا ڀاءَ!
منهنجو ڪِج محبوب سين، تون عرض لڳ الله.

 

255-نيئي ڏج نيشاني، تون هي ڪاسو کي قريب،
ڇوڪَرَ نه لڌي ڪڏهين، هِن گولي جِي غريب،
آسر لڳو آهيان، تون هلي اچ حبيب!
هن مهنجي حال جو، تون طبو ڪر طبيب.

 

256-تڏه ڪاسو وٺي قيس کان، پُري پنڌ ڪِيائين،
موٽي مصر آئيو، گڏهه اچي گهر ٻنڌائين،
جيڏانہ، قصر قاضيين، سوئي ماڳ مڻيائين،
دست هڻي در تي، اچي لَيليٰ سڏ ڪِيائين.

 

257-تڏه سڻي سڏ سَرهي ٿي، چِت ۾ اِيَهين چوءِ:
ته ماڙهو وٽان مجني، هي ڪو الله آئيو هوءِ.

 

258-اُٿي گهڻي اُڪير سين، اُڀي ادب ڪري،
ميان آڇار مُون، جا توءِ ڳال ڳَرِي

 

259-چئي: محموداڻي مجني مون کي هلائيو،
پيرين ڪري پنڌڙو، آءٌ توڏانہ ٿي آئيو.

 

260-ڪاسو ڪنان قيس، مون آندو اُهڃاڻِي،
توڏانہ هوت هَلائيو، سو جهل تون سڃاڻي.

 

261-تان چئي: پرين پاڻ نه آئيو، ڪاسي ڪريان ڪوهه،
پڻان ڏک ڏئي ڏيل ۾، ڪوه وِهايان وروهه.

 

262-منجهان سڪ سيّد چئي، ڪاسو کنيائين،
پسي پيالو پرينءَ جو، رتو رنائين،
درد ڪري دَستن اُتي، سو ڀِيري ڀڳائين،
چئي: پرين پاڻ نه آئيو، جي ڪاسو مڪائين،
ٿار ڀري موتين جو، سو ڀاڳيِي ڏنائين،
جهل پهنجو پورهئو، ۽ ڪاروُن ڪيائين،
ڪوٺي آءٌ قيس کي، تون ڦِري هتائين.

 

263-تان چئي: محموداڻي مجنون، اچڻ تان نه جِهو،
سڙي تو جِي سڪ ۾، ڪارو ڪَڙهِي، ٿئو.

 

264-پر ڪانه پسجي قيس ڏانہ، توکي سچِي سِڪ،
محبتي مجني جي، توسين لڳي نِيہ نائُڪَ،
نا ته سنجهي مِڙين سپرين، هوند لوڪان ڪري لِڪَ،
پر مائٽن جا مصر منجهه، تو سيباڻا سُکَ،
تيلانہ ٿي ڪرين قيس تي، تون ڏوراپا ۽ ڏک.

 

265-تان چئي: درد آءٌ دوستن ري، ٻئو ڪريان مٿي ڪَن،
آر مهنجي اڳهين، اوءِ کانڌيرا سي کمن،
کامي پئو خَمار منجهه، هِنيون کي هوتن،
هَي هَي وڃايو حال مون، لُچي لئي پِرين،
منجهان مَنَ محبوب مون، وير مَ ڪا وسرن،
ته ڪاري مُنہ قيام ڏينہ، آءٌ اُٿيان منجهه عاصين.

 

266- اُڀو اوڀالا ڏئين، تون ڪاٺيارا ڪئين؟
خبر سندي سڄڻين، جيڪا مون کي ڏِئين،
ته اکڙيون پير ڪري، ساڄن سئين.

 

267-تان چئي: سگهي رس ساڄن کي، ڪامل تون ڪاهي،
سُڪو آهي سڃ ۾ لاڳاپا ئي لاهي،
جتي نو ڇڏئو، اُڀو اُنهِن سو آهي.

 

268-تڏه ٻائِي چئِي ٻانهيءَ کي: اٿي اُٺ پلاڻ،
دائي مهنجي دوست ڏانہ، هلجا وڃو هاڻ،
محبتي کي مجني، وڃي پهچون پاڻ.

 

269-تڏه اٿي اُٺ پلاڻئو، بغدي بختاور،
ڪاهي نِکيُون ڪرهو، ڪِنہ پنهنجيءَ پَر.

 

270-آڙيون هئي اُٺ کي ڪاهيائون سين ڪام،
سڄي رات سڃ ۾، گُگو ويو ٿي گام.

 

271-رات وهاڻِي رِڻ ۾، اچي ماڳ تهِين،
ويئي اُڀياري عاشق کي، مٿي جُوءِ جَهِين.

 

272-ماڳ سڃاتو مُنڌ سو، سَتِئيءَ ساڻ سُرتِ،
تان پِير پاساهُون ناهي ٿئو، اُڀو آهه اُت.

 

273-اوڏو اکڙين سين، جڏهِ ڏٺائين،
تڏه پَسي حال حبيب جو، رتو رنائين
(1)،
دانهون ڪري درد سين، هنجون هاريائين،
هَي هَي ڪئو هٿڙا، کلئو کنيائين،
اوراڻيون عاسق تان اچي ڪيائين،
’آءٌ مٿان ئي گهوري،‘ اِيهين چيائين.
(2)

 

274-حيف مهنجي حال کي، جا بُڇي آءٌ بيڪار،
جي مون ڪر نه لڌي ڪڏهين، ساڄن ٿو جِي سار.

 

275-اِي چئي اوڏي ٿي، نيڻ ٽِمائي نارَ،
وجهي هٿ وَلين کي، کوسِئو منجهان کارَ،
ٽاريون چِنِي ٿُڙئون ٿي، ڏور وجهي دار
(1)

 

276-تان مهندا مرڪي مجني، عاشق چيو آتور،
وَلين وڏي ڪئي، مون سين وندر وور،
ڏينهان ڇانوَ ڇٽ جيئن، ۽ راتيان ڦُلن ڦور.

 

277-اِيءَ سُڻِيندي ڳالهڙي، لَيليٰ لَڄاڻي،
ٿِي نماڻي نِڪَڻِي ڪامل ڪوماڻي.

 

278-صورت سندي سڄڻين، وِيس وهم وڻي،
ساهه پِريان تان صدقو، ڪئو خاص کڻي،
ڪري آهه اُٽِليئو، پئو سو ڇُهلَ ڇَڻِي.

 

279-ڪِري پيو پٽ ۾، عاشق ڪري آهه،
وئو ويچاري نڪري، اکين نِئو ارواح،
رحمت تنهن تي رحيم ڪري، آپر گهڻي الله
(2).

 

280-”اِنّالِله واِنااِليہ راجعون“ خبر اِيءَ کَري،
پيراندي پرين جِي، رَمِي مُڌَ مَري.

 

281-سچا عاشق سچ سِن، لڏي وئا لوءِ،
پرين ٿئو پاڻ ۾، ميڙو مُوا پوءِ،
اهڙا عاشق هونِ جي، ڪر تِنين سين توهَه،
ته صورت سندي سڄڻين، ڏٺِي ڪونهي ڏوهه.

 

282-هونِ سَم،انا، سيّد چئي، جي پڙهي ياد ڪَريِنِ(1)،
موليٰ مرهِي تِن کي، جي ڏيئي ڪن سُڻين.

 

283-فاتحہ پڙهئو پاڻ ۾، صلح سُهد ڪِجا،
ڪَچائي کي ڪرم جو، پردو پوش ڏِجاه.

 

284-ماهه مبارڪ رمضان جي، سَتاويهين ساري.
قَدر رات قصو پئنو، ڏينہ اڱاري.

 

285-ڪارهن سؤ ڇَٽيہ وره هو هجرة سن،
عِرفانَ جي عشق جو، ”فاضل“ جوڙئو فن،
ويندا سي ايمان سين، ڪلمون جِي ڪَهَنِ.

 

لا اِلٰہ اِلاالله محمد رسول الله


(1)    اصل: اُتر ڀِئو....

(2)    اصل: ... ڀيني ٻڌو بيٽُ.

(1)    اصل: موليٰ مون مُنجهائي...

(2)    اصل: اوتو ڏي اوقاب جي اچي اومانون.

(3)    ق: ... اُساٽجي سين اڃ؛ اصل: تون اُساٽي اڃ.

(4)    ق: صحيح ڏسان سو ڏيهه.

(5)    هي ٻه مصراعون ق روايت ۾ ناهن.

(1)    ق: ڏکئيءَ وجهه مَ ڏيل کي، پئي پار خلل

(2)    ق: تانچي: ڏک نه ساريان ڏيل جا، جي هون پرين ساٿ، اکئين اورڻ پرينءَ سين، ڏينهن سڄو ۽ رات.

(3)    ق: اچئو انهن سين اکڙئين، جي بالا قد بلند؛ اصل: .... جي بالا ڪند بلند..

(4)    اصل: رجي تانرؤ ئو ٻئن سبن ٻوٽي. ق: رجهي تان نه تو ريءَ مون ٻئن سين ٻوٽي.

(1)    ق: ويچاريءَ جو وير تنهين....

(2)    هي ٻه مصراعون ق روايت ۾ ناهن.

(3)    اصل: ائين؛ ق: الرندو اندو ٿئي، جيئن سو ڪونجراءُ.

(1)    ق: هوئي هِنيو هوت سين...

(2)    هيءَ مصراع اصل نسخي ۾ ناهي، ق روايت مان آندل آهي....

(3)    ق: روح جنين جي رتيون...

(1)    اصل: .... پِرج وڍئي وجهن.

(2)    اصل .... لائيو ڏوهه ڏکن.

(1)    اصل: لَلِي وُه واڪا ڪئو، سورهِم ماهَ سان کَن

(2)    ق: سترهين شنهين مڃن جا...

(3)    اصل: جُري جوري ڇڏئا...

(4)    ق: مينهن وَسي وسڻ ڪئي...

(5)    هيءَ مصراع فقط ق روات ۾ آيل آهي ۽ اصل نسخي ۾ ناهي.

(6)    اصل: ڏکِي ڏيہ وئا.

(7)    اصل: .... سُوا هئو سانيہ.

(8)    هن کان پوءِ ق روايت ۾ هيءَ مصراع آيل آهي: لَئُون کنياتا ڪا بگڙا، سڄڻ مانَ اچن

(1)    ق:... ٿا بونر ڀَڙڪا ڏين.

(2)    ق: اچڻ اڏون ٻڌيون...

(3)    ق تعلق تني جا....

(4)    ق: روايت ۾ هن بعد هيءَ مصراع آيل آهي: پرين ڏٺائين پاڻ ۾، ٿيو قيس ڪمال.

(1)    هيءَ مصراع فقط اصل نسخي ۾ آهي، پر ق روايت ۾ ناهي

(2)    اصل: آپر رهي اوراهُم چارَئِي چويهم ماه؛: اُڀي رهيا اورهان، چارئي چوويهينءَ مان

(3)    ق: پنجويهين ٿيو پاڻ ۾، پنجون پاتشاه

(4)    ق: ڇويهين ڇهين ڏسجي...

(5)    ق اَٺاويهين اَتم ڪيائين، عالم ۾ الله. ان بعد هيءَ آيت بطور مصراع آيل آهي: اذانتم الفقراء فهو الله تعالي”

(6)    اصل: تڏه اِبدا آرارجِيَ...

(7)    ق: عشق پيچ اڙائيو، ڦانگيءَ مٿي ڦُل؛ اصل: عشق پيچ اَڏي ڦاک مٿي ئي ڦُل

(8)    اصل؛ کِيلو ري کِچيءَ ڪئا مٿس گولار، گل؛ ق: کير وليون ۽ کجيون، ڪئا گولاڙن گُل.

(1)    ق: ترسيو ٿا ترسن. اصل: تَرسِي تانَ تَرسن.

(2)    اصل:... ٻاٻيرن ٻرٻور.

(3)    اصل: ڀُچَڪَ بُربليون. ق: بُچَڪ بربليون.

(1)    ق: روايت ۾ هن بعد هيٺيون مصراعون آيل آهن:

                        ماڻهن ليکي دکڙا، پر اندر سک ٿيا،

                        رتو وتي رنگ ۾، ڄاڻن ڪين ٻيا،

                        شڪر تنهن صاحب سندو، چوي پيو سُها.

(2)    هي مصراع فقط اصل نسخي ۾ آهي، ۽ ق : روايت ۾ ناهي.

(1)    ق: تڏهن لُرّ ليليٰ کي اچئو ڌتارين.

(2)    هي مصراع فقط روايت ۾ آهي

(1)    ق: جڏهن پهرين ماه ۾، آيتُ اُڀرئو. اصل: تڏه بَدري سِحرين

(2)    ق: ڪو جر لڳس ڪاڻُ.

(3)    اصل: جاتِيرو جواڻ.

(1)    ق:.. وڏيءَ ساڻ ورت.

(2)    ق: عاشق موا اُڃَ مري، جيڪس لڳس لُکَ. ان بعد ق روايت ۾ هيءَ مصراع آيل آهي: گهوريو گهوريان جندڙو، سڀ سيڻن تا سک.

(3)    ق: حليم گهڻي حلم سين...

(4)    هيءَ مصراع فقط اصل نسخي ۾ آهي.

(1)    ق: گهڻي اوسيڙي ڇڏيو.

(2)    ق: رڙي رسئو درخت کي ولڙيون وياري.

(3)    ق: کڻي ڪهاڙو قهر جو...

(1)    ق: قهري لڳم ڪان..

(2)    اصل: پليل پِريان سين مون هِت پُڻ اچن هانَ.

(1)    هيءَ مصراع  فقط ق روايت ۾ آهي، اصل نسخي ۾ ناهي

(2)     ق: وييون جي وهامي وانڍيون مٿي واس.

(3)    اصل : آهين تڏوارا تن ۾ ...

(4)    ق : ... وائين اسان جي انگ.

(5)    هن بعد ق روايت ۾ هيٺيون مصراعون آيل آهن

            محبت ۾ جن جي تو ذرا ڪئي ڄاڻ،

            تن وساريو توکي، ڪري ٻين سين رهاڻ

(1)    ق روايت ۾:

                        اَهيس ڪلمون قلب ۾، ٻيو اسان ڏانهن ايقان،

                        ۽ آر گهڻي الله سين ۽ اسان ڏانهن ايمان.

(2)     اصل:... ٻئو پوه پُندوس.

(3)    هن بعد ق روايت ۾ هيءَ مصراع آيل آهي: اسان نه هو وهم و ترو، ٻيو ڪونه پوند وس

(4)    اصل ائين. ق: اسانهين و ترو نينهن، پڻ سنڀريا سيڻ

(5)    ق: نِت اکڱوڙي نيڻ.

(6)    هن بعد ق روايت ۾ آيو مصراع:

                        رچي رهيا روح ۾ نماڻا نيڻان.

(1)    ق: آءٌ وڃان لالن لو. هن بعد ق روايت ۾ هيٺيون مصراعون آيل آهن.

                        خبر سندي سڄڻين، ڏنين اڄوڪي ڏينهن،

                        ته راتيان ڪري پنڌڙو، رسان ساجن سِيئن.

(2)    اصل ائين.

(1)    ق: روايت ۾ هن بعد هيءَ مصراع آيل آهي: اُڀو آهي اُسَ ۾، مڪر سدائين.

(2)    ق : آءٌ مٿان تو گهوريان، ائين چيائين.

(1)    ق: تاڻيو ڇني ٽاريون، ڏور وجهي ٿي ڏار. اصل: ٽاريءَ ڇِنِي تُهريءَ ٿي ڏور وجي ڏار.

(2)    هي مصرع فقط ق روايت ۾ آهي، اصل نسخي ۾ ناهي

(1)    ق : روايت ۾ هن کان اڳ هيءَ مصراع آيل آهي: جي هئي حبيب ڏي، پاڪ گناه هونِ؛ ۽ ان بعد هيءَ مصراع آيل آهي سنجهي صبح ساه سين تنهن جي حب رکن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org