سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب: -

صفحو :22

 

روايت [2]*

قيس انصاري، مڪّي شهر جو ويٺل هو. ڄمڻ کان پوءِ ڪڏهن به خوشيءَ مان طعام نه طلبيائين؛ نه ستي سک هئس. ليليٰ جي گهڻي پڇا ڪيائين، پر ڪٿان به ڏس ڪونه مليس. آخرڪار شهر جي ٻاهران وڃي بيهندو هو، پوءِ اتان جيڪي به پرديسي مسافر ۽ قافلا لنگهندا هئا، انهن کان ليليٰ بابت پڇا ڪندو هو.

هڪڙي ڏينهن مصر جو ڪو قاصد اتان اچي لانگهائو ٿيو، جنهن کان پڻ ليليٰ بابت پڇيائين. هن ٻڌايس ته: اسان جي شهر ۾ قمر قاضيءَ کي ”ليليٰ“ نالي هڪڙي ڌيءَ آهي، جا تمام سهڻي آهي. تڏهن قاصد کي پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ لاءِ آزيون ڪرڻ لڳو. قاصد چيس ته: آءٌ به انهيءَ قاضيءَ جو ئي قاصد آهيان، سندس پيغام مڪّي ۾ پهچائڻو اٿم. هاڻي تون اتي ئي بيهي منهنجو انتظار ڪر. مون کي اڄوڪي ڏينهن ۾ ئي مصر شهر پهچڻو آهي، تنهنڪري پيغام ڏيئي موٽان ته مون سان گڏيو هل. مجنون اتي ئي بيهي رهيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ قاضي به پيغام پهچائي موٽيو. مصر شهر اتان سؤ ڪوهه پري هو. قاضي کي به انهيءَ ئي ڏينهن سج لٿي مهل مصر ۾ پهچڻو هو، تنهنڪري اُٺ تي مجنون کي ٻيلهه به نٿي کڻي سگهيو. رستو اهڙو اڻانگو هو، جو سونهين کان سواءِ مسافر ڪڏهن به اتي پهچي نٿي سگهيو؛ ۽ نه وري مجنون موٽي مڪّي شهر وڃڻ قبول ڪيو، تنهنڪري اڳيان قاصد اُٺ تي، پٺيان مجنون سندرو ٻڌي اُٺ تي پيل جهُل جي ٽونرن کي جهلي، قاصد جي پويان ڊوڙڻ شروع ڪيو. اهڙيءَ طرح ٻيئي ڄڻا هلندا هلندا، سج بيٺي اچي مصر شهر ۾ پهتا. قاصد هن کي اچي انهيءَ مسجد ۾ ڇڏيو، جنهن ۾ قاضي قمر پرديسي شاگردن کي پڙهائيندو هو. رات ٿي ويئي هئي، تنهنڪري  مسجد خالي هئي. مجنون به پنهنجي محبوب جي شهر ۾ پهچي تمام خوش ٿيو، ڌڻي تعاليٰ جا شڪرانا بجا آڻي، هڪڙي حجري ۾ وڃي آرامي ٿيو(1).

قاصد، مجنونءَ کي ڇڏي اها خبر وڃي بادشاهه سان ڪئي ته هڪڙو شخص اڄوڪي ڏينهن ۾ سؤ ڪوهه پنڌ ڪري، مڪّي کان هتي پهتو آهي. بادشاهه جي طبيب اهو ٻڌي يڪدم چيو ته: اهو شخص رات وچ ۾ مري ويندو. بادشاهه حيران ٿي ويو، ۽ اهڙي ماڻهوءَ جي مرڻ تي افسوس به ٿيس. آخر طبيب کان پڇيائين ته: ڪهڙي طريقي سان اهو شخص بچي سگهي ٿو؟ طبيب ٻڌايو ته: انهيءَ شخص کي جيڪڏهن ڳُڙ ۾ رڌل، تمام پٽڙي رٻ جهڙي، طهري کارائي، پوءِ اونڌو ٽنگي ڇڏجي ته بچي پوندو.

مجنون کي حجري ۾ ويٺي گهڙي به ڪانه گذري، ته قدرت سان هڪڙو پيالو طهريءَ جو ڀري کڻي آيو، جا پٽڙي رٻ جهڙي هئي. جيئن ته مسجد ۾ ان وقت مجني کان سواءِ ٻيو ڪوبه مسافر ڪونه هو، تنهنڪري اها آڻي هن جي اڳيان رکيائين. مجنون ويچارو سڄي ڏينهن جو بکيو، ۽ پنڌ جي ڪري ٿڪل هو، سو هم نه تم، کڻندي ئي پيالو، اها رٻ پِي ويو. وري سمهڻ مهل خيال ڪيائين ته ليليٰ جو گهر الائي ڪهڙي پاسي، متان بيخبريءَ ۾ ان پاسي پير ڪري سمهي رهان ۽ ليليٰ جي بي ادبي ٿئي، تنهنڪري پٽڪو ڇت ۾ ٻڌي، پنهنجا پير ان ۾ لٽڪائي، اونڌو ٿي لٽڪي پيو. صبح تائين انهيءَ حالت ۾ لٽڪيو پيو هو. پوءِ پاڻ کي ڇوڙي مسجد ۾ ويهي رهيو. صبح جو شهر جا ڪيئي ماڻهو هن کي ڏسڻ لاءِ مسجد ۾ آيا، پر هن کي جيئرو جاڳندو ڏسي حيران ٿي ويا.

صبح ٿيڻ سان قاضي قمر به مسجد ۾ آيو ۽ پنهنجي کٿابين کي سبق ڏيڻ لڳو. قيس به حجري مان نڪري سلام ڪري، ادب سان سندس آڏو اچي ويٺو. قاضيءَ کانئس خبرچار ورتي. مجني ٻڌايس ته: مڪّي کان پنڌ ڪري، تو وٽ علم پڙهڻ آيو آهيان. قاضيءَ کي قيس جي سهڻي صورت ۽ گفتگو وڻي ويئي، تنهنڪري کيس پاڻ وٽ کٿابي ڪري ويهاريائين، ۽ رهڻ لاءِ هڪڙو حجرو به ڏنائينس.

چون ٿا ته ليليٰ پڻ ٻين ڇوڪرين سان گڏ، اتي پڙهڻ ايندي هئي. ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي وچ ۾ ڪپڙي جو پردو هوندو هو. قيس استاد کان سبق وٺي، هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ ويهي ياد ڪرڻ لڳو، ۽ سبق اهڙي ته سُريلي آواز ۾ پڙهيائين، جو سڀئي کٿابي حيران ٿي ويا. ليليٰ جو اهو آواز ٻڌو، تنهن ٻين کٿابين کان پڇا ڪئي، جن ٻڌايس ته: هي اهو ئي ماڻهو آهي، جيڪو مڪّي کان هڪ ڏينهن ۾ سؤ ڪوهه پنڌ ڪري هتي پهتو آهي. سندس نالو قيس آهي. هوءَ اها حقيقت ٻڌي، لڪ ڇپ ۾، پردي مان قيس کي ڏسڻ لڳي ۽ سندس سهڻي صورت ڏسي، مٿس موهت ٿي پئي(1).

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ قيس کي پڻ ليليٰ جو ديدار نصيب ٿيو ۽ ٻنهي ڄڻن جون اکيون اٽڪي وييون. پوءِ ته کٿابين کان لڪ ڇپ ۾ هڪٻئي سان قرب ونڊڻ لڳا. ويتر جو قيس پنهنجي ساري حقيقت ٻڌايس ته: آءٌ فقط تنهنجي حسن جي هاڪ ٻڌي هتي پهتو آهيان، تڏهن هيڪاري مٿس قربان ٿيڻ لڳي. سندس کاڌي پيتي ۽ ڪپڙي لٽي جو به بندوبست ڪندي رهي.

هنن ٻنهي ڄڻن جي لڪ چوريءَ ملاقات جي خبر کٿابين مان ڪن کي پئجي ويئي، تن وڃي قاضيءَ سان حقيقت ڪئي. قاضيءَ دل ۾ خيال ڪيو ته جي اها ڳالهه ظاهر ٿي ته مفت ۾ بدنامي ٿيندي. تنهنڪري هن ليليٰ جو کٿاب ۾ اچڻ وڃڻ بند ڪري، کيس گهر ۾ ويهاري ڇڏيو. قيس جڏهن ٻه ٽي ڏينهن ليليٰ کي نه ڏٺو، سو هيڪاري حيران ٿيو ۽ ليليٰ جي ملڻ لاءِ واجهائڻ لڳو. قاضيءَ جو گهر مسجد سان لڳ هو، وچان فقط هڪ ننڍي ڀت هوندي هئي. تنهنڪري ليليٰ ۽ قيس جي ملاقات وقت بوقت ٿيندي رهندي هئي. آخر اها خبر به قاضيءَ کي پئي، جنهنڪري هن کيس مسجد مان ئي تڙي ڪڍي ڇڏيو. قيس مسجد مان نڪرڻ کان پوءِ ”ليليٰ، ليليٰ“ ڪندو، گهٽين ۾ ڦرندو رهيو. هن جي اها حالت ڏسي هرڪو کيس ”مجنون“ سڏڻ لڳو. ماڻهن کي ته رونشو ٿي آيو، سي ڪوبه ڪتو وغيره ڏسي مجنون کي چوندا هئا ته هي ليليٰ جو ڪتو آهي، ته هو ڊوڙي وڃي ان کي ڀاڪر پائي چميون ڏيندو هو. هوڏانهن وري ليليٰ جي اهڙي حالت هئي، جو اُٿي ويٺي، مٽن مائٽن، سرتين سهيلين جي پرواهه نه ڪري ”مجنون مجنون“ چيئي ڪندي هئي، ۽ ان جي فراق ۾، ڏينهون ڏينهن ڳرندي ڪنڊا ٿيندي ويئي.

هڪڙي ڏينهن مصر شهر جون ڪي عورتون کوهه تان پاڻي ڀرڻ ويون. نار تمام ڳرو هو، تنهنڪري هنن صلاح ڪئي ته ڇو نه مجني کي وٺي اچجي، ۽ ان کان نار کي گيڙا ڏيارجن. تڏهن انهن مان هڪ ڄڻيءَ مجني کي وڃي چيو ته: ليليٰ کوهه تان پاڻي ڀرڻ آئي آهي، تون هلي نار کي گيڙو ڏي ته هوءَ پاڻي ڀري. ليليٰ جو نالو ٻڌندي ئي اچي نار کي هٿ ڳنڍيائين. هو ته پاڻي ڀري روانيون ٿي وييون، پر مجنون نار کي ڳيڙا ڏيندو رهيو. تان جو اهو پاڻي وڃي شهر ۾ پهتو. ماڻهن هن کي گهڻو ئي سمجهايو، مگر هن نار مان هٿ نه ڪڍيو. نيٺ ماڻهن ڊوڙي وڃي ليليٰ کي چيو ته: هلي مجني کي منع ڪر، نه ته هُو سڄو شهر ٻوڙي ڇڏيندو. تڏهن ليليٰ پنهنجي ٻانهيءَ سان گڏجي کوهه تي آئي، ۽ چيائين ته: مجنا! هاڻي نار وهائڻ بند ڪر! هن جڏهن اهي لفظ ٻڌا، تڏهن نار مان هٿ کڻي ڪڍيائين، ۽ ماٺ ڪري اچي هڪ مسجد ۾ ويهي رهيو.

ليليٰ کي جڏهن خبر پئي ته مجني کي بابي مسجد مان ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ هو ڪنهن ٻيءَ مسجد ۾ رهي ٿو، تڏهن ڪٽيءَ جو وٽو تيار ڪري، پنهنجي ٻانهيءَ کي ڏيئي، کيس پار پتا ٻڌائي، چيائينس ته لڪي وڃي مجني کي پهچائي اچ. ٻانهي اهو ڪٽيءَ جو وٽو کڻي ان مسجد ۾ آئي ۽ اچي مجني جي پڇا ڪيائين. اُتي جيڪو ملان رهندو هو، تنهن جو پڻ مجنون نالو هو، تنهن ٻانهيءَ کان وٽو وٺي کائي ڍؤ ڪيو ۽ وٽو خالي ڪري ٻانهيءَ کي ڏنائين. اهڙيءَ ريت هوءَ روزانو ڪُٽيءَ جو وٽو موڪليندي هئي، جا ملان کائيندو هو ۽ مجنون رُکي سُڪي ماني کائي پيو گذاريندو هو.

هڪڙي ڏينهن ليليٰ پنهنجي ٻانهيءَ کان پڇيو ته: مجنون ڪهڙي حال ۾ آهي؟ ٻانهيءَ چيو ته: هو ته مچي مچي دهل ٿي پيو آهي. انهيءَ تي ليليٰ کي شڪ جاڳيو. سو ان ڏينهن ٻانهيءَ کي وٽي ۾ ڪاتي ڏيئي چيائين ته: اڄ مجني کي وڃي چؤ ته ليليٰ چوي ٿي ته هيءُ وٽو رت سان ڀري ڏي. ٻانهي وٽو کڻي وري به مسجد ۾ آئي. ملان به ٻانهيءَ کي ايندو ڏسي، گرڙيون ڪري، ڪٽيءَ کائڻ لاءِ تيار ٿيو. ٻانهيءَ خالي وٽو هٿ ۾ ڏيئي، ليليٰ جو نياپو ڏنس ته: هيءَ وٽو رت سان ڀري ڏي! تنهن تي ملان چيس ته: مائي! رت ڏيڻ وارو مجنون اندر ڪنڊ ۾ ويٺو آهي، آءٌ فقط ڪٽي کائڻ وارو مجنون آهيان. اهو ٻڌي ٻانهي اندر آئي، ڏٺائين ته سچو پڇيو مجنون برابر هتي ويٺو اهي. پوءِ هن کي ليليٰ جو نياپو ڏيئي، وٽو ۽ ڪاتي کڻي هٿ ۾ ڏنائين. مجني، وٽو ۽ ڪاتي وٺي، پنهنجي سڄي جسم کي سيرون سيرون ڪري ڇڏيو، مگر فقط ٻه ٽي ڦڙا رت جا نڪتا. پوءِ ٻانهي اهي رت جا ٻه-ٽي ڦڙا کڻي ليليٰ وٽ آئي، جيڪا مجني جي حالت جو ٻڌي، فراق ۾ ڦارون ٿيڻ لڳي(1).

مجني ۽ ليليٰ جي عشق جي ڳالهه مصر ۾ باهه وانگر پکڙجي ويئي. هرهنڌ اهائي مقال هئي. ڪيترن چڱن ماڻهن قاضي قمر کي صلاح ڏني ته ليليٰ کي پرڻائي ڇڏ. قاضيءَ پنهنجي زال سان سموري حقيقت ڪئي، ۽ ليليٰ کي سمجهائڻ لاءِ چيائين. هن وري جڏهن ليليٰ کي شاديءَ لاءِ چيو، تڏهن ليليٰ جواب ڏنو ته: آءٌ هڪڙو طعام تيار ٿي ڪريان، جيڪو ماڻهو اهو سڀ طعام کائي ختم ڪندو، ان سان شادي ڪنديس. اهو شرط هن وڃي قاضيءَ کي ٻڌايو، جنهن قبول ڪيو. ليليٰ سان شادي ڪرڻ جي ارادي سان ڪيترائي ماڻهو طعام کائڻ لاءِ تيار ٿيا. جڏهن سڀ ماڻهو اچي گڏ ٿيا، تڏهن ليليٰ ديڳڙو چلهه تي چاڙهي، ان ۾ زهر وڌو، جو سڀني ماڻهن ڏٺو. اتي جيڪي به عاشق آيل هئا، سي زهر ڏسي آهستي آهستي کسڪڻ لڳا، ۽ ڪوبه ماڻهو زهر پيئڻ لاءِ تيار نه ٿيو. جڏهن ليليٰ ڏٺو. ته ميدان صاف آهي، تڏهن ٻانهي موڪلي مجني کي گهرايائين ۽ کيس زهر پيئڻ لاءِ چيائين. مجنون ليليٰ جي واتان حڪم ٻڌي تمام خوش ٿيو ۽ چيائين ته: ليليٰ! تون مون کي پنهنجي هٿ سان وٽيون ڀري ڏيندي وڃ، ته آءٌ پيئندو وڃان. پوءِ ليليٰ زهر جون وٽيون ڀريندي مجني کي ڏيندي ويئي ۽ هو يڪساهيءَ هڪٻئي مٿان وٽيون پيئندو ويو، تان جو سڄو ديڳڙو ختم ٿي ويو. مجني زهر جي اڃان به وڌيڪ گهُر ڪئي. اها حالت ڏسي قاضي ۽ ٻيا ماڻهو عجب ۾ پئجي ويا.

مجني جي زهر پيئڻ ڪري قاضيءَ کي اچي ڊپ ورايو ته جيڪڏهن مجنون مري پيو ته خون ڳچيءَ ۾ پوندو، ۽ جي نه مئو ۽ زنده رهيو ته ليليٰ جو سڱ کيس ڏيڻو پوندو. هر حالت ۾ بدنامي ٿيندي. تنهنڪري ان بدناميءَ کان بچڻ لاءِ هن راتو واه مصر ڇڏي وڃڻ جو ارادو ڪيو. جي هن ڳالهه جي مجني کي خبر پيئي، ته هو پٺ نه ڇڏيندو. اهو خيال ڪري لڪ چپ ۾ تياري ڪرڻ لڳو. اڃان اڌ رات ئي ڪانه گذري ته قاضي پنهنجي ڪٽنب سميت لڏي پلاڻي، ٻئي ڪنهن شهر ڏانهن روانو ٿيو.

مجنون ويچارو، جنهن کي ليليٰ جي فراق ۾ ننڊ به حرام هئي، ۽ سڄي رات ليليٰ جي گهر کي چڪر لڳائيندو هو ته من ليليٰ جو ديدار نصيب ٿئي، تنهن جو اوچتو ڏٺو ته قاضي لڏي پيو وڃي، سو پاڻ به ان قافلي جي پويان وڃڻ لڳو. ٻن چئن ڪوهن پنڌ ڪرڻ کان پوءِ اچي صبح ٿيو. قاضي اوچتو پويان نهاريو ته مجنونءَ تي نظر پيس. ڪاوڙ مان ليليٰ کي چيائين ته کيس اڳتي اچڻ کان منع ڪري. جيتوڻيڪ ليليٰ جي مرضي ڪانه هئي، پر پيءُ جي اڳيان ڪجهه ڪڇي به نه ٿي سگهي. سو لاچار مجني کي هٿ سان اشارو ڪري بيهڻ لاءِ چيائين. هو اشارو ملندي ئي اتي بيهي رهيو، ۽ قافلو اڳتي روانو ٿيو.

قاضي قافلي سميت اچي ڪنهن شهر ۾ رهيو ۽ ٻن ٽن مهينن بعد جڏهن پڪ ٿيس ته هاڻي مجنون جو نالو به ڪونه ٿو ٻڌجي، تڏهن وري پويان پير ڪري اچي مصر پهتو ۽ کٿابين کي پڙهائڻ لڳو. هوڏانهن مجني کي جڏهن ليليٰ هٿ جو اشارو ڪيو، تڏهن هو اتي ئي بيهي رهيو. نه کاڌو نه پيتو پنج مهينا گذري ويا. مٿان برساتون اچي پيون، جهرجهنگ سائو ٿي ويو. مجني کي به وليون ويڙهي ويون ۽ هو بُنڊ بنجي اتي ئي بيٺو رهيو.

هڪڙي ڏينهن ڪو ڪاٺير ڪاٺين ڪرڻ لاءِ ڪهاڙو کڻي اچي اُن جهنگ ۾ نڪتو. هيڏانهن هوڏانهن جهوتن ڏيڻ کان پوءِ مجني کي ولين ۾ ويڙهيل ڏسي، بنڊ سمجهيائين، ۽ ان کي اچي ڪهاڙيءَ جو ڌڪ هنيائين. ڌڪ لڳڻ سان بنڊ مان آواز آيو: تون ڪي ليليٰ! ڪاٺير اهو ازغيبي آواز ٻڌي ڊپ ۾ ڪهاڙو کڻي وٺي ڀڳو، ۽ پگهر به اچي مصر شهر ۾ ٺاريائين. اتي هن هرهڪ ماڻهوءَ سان اها حقيقت ڪئي. آخر اها ڳالهه پکڙندي پکڙندي وڃي ليليٰ جي ڪن تائين پهتي. هوءَ پڻ مجني جي ملڻ لاءِ ماندي هئي، ۽ رات ڏينهن ان جي فراق ۾ ڳوڙها ڳاڙيندي رهندي هئي؛ تنهن جڏهن اها خبر ٻڌي، تڏهن ٻانهي موڪلي ڪاٺير کي گهرايائين ۽ کيس پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ چيائين. پر ڪاٺير تي ڪو اهڙو خوف ويٺو هو، جو ليليٰ کي ڏس پتو ڏيئي، هلڻ کان جواب ڏنائين.

اڌ رات کان پوءِ، ليليٰ ٻانهيءَ سان صلاح ڪري، ٻيئي ڄڻيون اُٺ تي سوار ٿي، ان جهنگل ۾ آيون، ۽ ڪاٺير کان مليل ڏس تي اچي ان بنڊ وٽ پهتيون. اتي بنڊ مان آواز آيو: تون ڪي ليليٰ؟ مجنونءَ جو درد ڀريو آواز ٻڌي، ليليٰ کان دانهن نڪري ويئي ۽ يڪدم وَليون پري ڪري، مجني کي آزاد ڪيائين. پوءِ ته ٻنهي ڄڻن هڪٻئي کي ڏٺو، اکيون اکين سان مليون ۽ اُتي جو اُتي پساهه پورا ٿين.

 

5-      خبر ڏيِ خط جي، ڪڏهن ورندين وير؟
        محبتي ”محمود“ چئي، اچي نِئي ساهه سُڌير،
        موچارا مُلڪ جا، مون پئي پوڄيا پير،
        ڏيئي دلاسو دلگير، تو عاجز کي به اُٿاريو.

 

6-     خبر ڏيئي خط جي، ويل انهيءَ ورندو،
لکيو لوح قلم ۾، ٽَڪو نه ٽَرندو،
ميان! شهر مصر جا، چانگو وڻ چرندو،
ڍوپل هلي ڍرندو، انهيءَ سج جو هوندو سوجهرو.

 

7-     خبر ڏيئي خط جي انهيءَ ويل وريو،
جنهن کي محبت من ۾، تنهن کي لوڪ چئي چريو،
مڪراني ”محمود“ چئي، وَڏيي پيرُ ڀريو،
اچي ڍول ڍريو، جتي قيس رهيو هو قرب ۾.

 

8-     حقيقت تنهن جي حال جي، سڀيئي ڳالهه سَليج،
مڪّي جي ملڪ کان، پنهنجو پاڻ پَليج،
محبت محبوبن جي، اندر روح رَليج،
هڻي جهٽ جهَليج، جيڪي آهن ٽؤنر ٽَپُرَ کي.

 

9-     پاند وٺي پوشاڪ جو، ٿيو هلڻ تي هوشيار،
هن ڪرهو ڪاهيو ڪست مان، ٿيو بيحد دل بهار،
ميان شهر مصر جو، ديکيو اچي ديدار،
قلم هٿ ڪريم جي، ڪري جيئڻ قهار،
هوندي سج سوار، ميزل ماڻي آئيو.

 

10-    مجنون شهر مصر ۾، پيو راز سان رهِي،
رٿِي پنهنجي روح ۾، هئائين پر ۾ ڳالهه پهي،
پيرا ٿين پرين ڏانهن، جيلانهن آيس قاصد ساڻ ڪهي،
جاءِ وڏي جامعہ هئي، سا بيهي ڪيائين سهِي،
نيچِي مٿو، اوچي پڳ، لَٿي درد دُئي،
ويئي رات وضهي، صبح اچي سرهو ٿيو.

 

11-    ڪٿي آ قاضي قربدار، جيڪو پرديسي ٿو پاڙهي،
قسمت آڻي قيد ڪيوس، ڪنهن لحظي ۾ لاڙي،
هِنئيون هاڻ هڄي ويو، جيئن ڌڻ لڳي ڌاڙي،
ڀاءُ بنان پاڙي، مون کي اوٺي وٺي آئيو.

 

12-    ڪاتب قمر قاضيءَ جو، هوم ڏوران ڏس پيو،
قسمت آڻي قيد ڪيو، وس منهنجو ويو،
’الف‘ اکر هڪڙو، پوءِ لکي ’لام‘ ڏيان،
ٿورو مون تي ٿيو، آهي ڪيترو انهيءَ قاصد جو.

 

13-    ڪير آهين، ڪٿي رهين، ڪهڙو تنهنجو ملڪ ميان؟
جيسين تنهنجي جُوءِ جو، آءٌ حال واقف ٿيان،
’الف‘ اکر هڪڙو، پوءِ لکي ’لام‘ ڏيان،
جيسين ٿو جيان، تيسين پاڙهيان پرديسين کي.

 

14-    مڪّو ملڪ اسان جو، ’قيس‘ منهنجو نالو،
ويٺو هوس ويچار ۾، ٿيس پڙهڻ کان پالهو،
محبت لڳي من ۾، تڏهن طاق کليو تالو،
سبق سُنئالو، من ڪو پاڙهين پريت سان.

 

15-    لکي ”لَم يَڪُّن“ جو، ڏينم سڄو سيپارو،
قسمت قيد ڪيو هوس، آڻي اوڀارو،
محبت ٿئي مصحف سان، پڙهون علم سونهارو،
ٿيندو محشر موچارو، ڪرينم واقف واٽ جو.

 

16-    برڪت بسم الله سين، ڪيائين سبق صحيُ،
پڙهڻ لاءِ پريت سين، جوڙي رکيائين جيءُ،
قيس! پيالو ڪيف جو، پُر ڀري تون پيءُ،
هت ورهائجي ٿو ويءُ
(1)، اُتي عاشق ٿيندا اڳ ۾.

 

17-    عاشق ورايون اکيون، آهن سدا نيڻ نهال،
خاصو خليفو هو، تنهن کي اوچي ٿيو خوب خيال،
ڪاتب قمر قاضيءَ سان، هيءُ ونڊيائين حال،
ماڻهو شهر مڪّي جي، اچي تڪيو تنهنجو مال،
جان جادو آهيس جان ۾، جان اچي تو وٽ ڪيائين تال،
وٺئون ڪيف ڪمال، ته پوءِ عالم اڇائي ٿئي.

 

18-    ليليٰ لاکيڻي کان، ٿِي پَر ۾ پڇيائين،
چوري ڳالهه چپن سان، ڪا جا ڪُڇيائين،
نياڻي رهج نياز ۾، متان ڪُر نه لڄائين،
مون ڪر ڪچائي ڪانه، تون ڇو پيو ڪاوڙ لَکائين،
ڀولو جي ڀانئين، هي پنا پڙهه ته پروڙئين.

 

19-    پنج چار پنا پڙهي، لُڙڪ لاڙيائين،
آڻي آب اکين مان، ڳوڙها ڳاڙيائين،
ڪيف وجهي منجهه ڪَنَهِي، سو ڪچو ڪاڙهيائين،
ڪاٺيون اڙائي ڪست مان، سي سڪيون ساڙيائين،
جيڪي ٿي پڪا پاڙهيائين، سي قاضي ڪوٺيا قرب سان.

 

20-    جيڪو مون تازو طعام تيار ڪيو، سو ڪو کائيندو کاڄ کڻي،
محبت جي ”محمود“ چئي، آهي جنهن کي حب گهڻي،
جنهن کي ڏياري ڌڻي، هيءَ منڌ مِلڪَ آهي ان جي.

 

21-    جيڪو تو طعام تيار ڪيو، سو ڪير کاڄ کڻي کِندو،
حياتيءَ تان هٿ کڻي، سو وڃڻ کي ويندو،
ملڪ ڇڏي ”محمود“ چئي، سو پري وڃي پِيندو،
ڪير اهانياڻي نِيندو، جنهن تي آهي هٿ حبيب جو.

 

22-    هاڻي وِيسهه ڏيئي واندا ٿيا، مڙني موڪلائيو،
وريا پنهنجي وطن تي، ڪشي هئاون ڪاهيو،
اچي بيٺو ادب سان، پوءِ ڳَهڻِي ڳالهايو،
اهو طعام اسان ڏيو، جو قاضي آ ڪمائيو،
برڪت بسم الله سين، ويو کاڄ مڙوئي کائيو،
ڪيف ڪجهه نه ڪيو قيس کي، هئائين ڀور نه ڀائيو،
پوءِ مجني مُچائيو، مَن تي مچ مجاز جو.

 

23-    قاضي قلبُ ڪنبي ويو، ته ڏاڍو ڪيم ڏوهه،
ڪيف گهرائي قيس کي، ڪوٺي ڏنم ڪوهه،
ڏمربو ڏيهه ڌڻي، راجا ڪندو روهه،
تڏهن ٿئي توهه، جڏهن وڃون ٻِي ولايت کي.

 

24-    کڏي ملڪ مصر جو، ڪنهن ٻيءَ ولايت ويو،
قدري ڪوهه سوا جو، قاضيءَ پنڌ ڪيو،
اتي مجني کي محبت جو، اچي پهه پيو،
لاڙي پنهنجي لَڏ کي، بيهي هُو رهيو،
ڪاوڙجي ڪارو ٿيو، آهي قمر ڪَست ڪيو،
ان کي ڏڍ ڏيو، ته سڄڻ وڃون ٿا سانگ تي.

 

25-    محبت مان مجني کي، ليليٰ چوري چَپ چيو،
اسان سڄڻ وڃون ٿا سانگ تي، تنهنجو سولو ڪم ٿيو،
ملڻ ڪو ”محمود“ چئي، پنهنجو ٿيندو پوءِ،
جيڪو سور ڪَنِين ٿِي سُئو، سو گوندر اچي گڏيو.

 

26-    ڇڏيائين حُجَ هلڻ جي، بيٺو مٿي بَر،
آئي مند ملهار جي، ڪارا ٿيا ڪَڪَر،
وَٺا ٿي وَڏڦڙا، ڪريو اوهيرا اَپر،
وٽس وليون ڄائيون، ڏنائون ويچاري تي ور،
اُڀو رهيو ارمان ۾، ثابت منجهه سفر،
اُتي هلي آئيو، ڪو آدمي ساڻ اَمر،
ڌڪ هنيائين هيڪڙو، هٿ کڻي هيڪر،
متان ليليٰ آئي، اچي قيس لڌائين ڪر،
ڪيئن ڏهاڙا ڪيترا، ويا گڏجي منجهه گوندر،
ڦري منجهه فڪر، آهي پورهيت موٽيو پوئتي.

 

27-    پورهيت موٽيو پوئتي، جتي هوس ماڳ ڪان،
ماڻهو شهر مصر جا، تن سان ڪيائين بات بيان،
بُنڊ ڏٺو هوم بَر ۾، ڪو نظاري نيشان،
هنيم ڌڪ هٿن سان، اُتي ٿيم، ارمان،
تو ٿي ليليٰ لائق ڪيا، جو ڪشي هَنيئِي ڪان،
ساڻ کڻي سامان، وري آيو هوس وات تان.

 

28-    اِها قيس سندي ڳالهڙي، اچي ليليٰ جي پئي ڪن،
طلب نه آهي طعام جي، آرام نه اکين،
ماڳ رهيو مجنون، مِرون سي مَرڪن،
وري واهيرا ڪيا، پرچائي پکين،
بيحد بَدُو بڇڙا، ٿا مٿي سڃ سُڄن،
ادا! هل ته هلون اوڏهين، من ڪي سڄڻ سڃاڻن،
مون کي تان پرينِ، اچي ساعت منجهه سنڀاليو.

 

29-    ڪهڙو ڪنڌ کڻي هلان، جو قيس ڏنم ڪهڪاءُ،
هنيم ڌڪ هٿن سان، ان جي ثابت مٿي ساهُه،
محبت لڳي مجني، جنهن سڃ چڱيو ساءُ،
راتيان گڏ گلن سان، ڏينهان سج نه تاءُ،
ماڳ منهنجي ماءُ! آهي واجب وڃڻ سڄڻين.

 

30-    ڪڏهن ڏٺو هُئِي قيس کي، ڏي اها خبر چار،
گهڻي سڪ سرير ۾، ٻيا نينين وهن نار،
محبت ريءَ ”محمود“ چئي، ڪير ڪندو پرين پچار،
نه ڄاڻان ٻيهار، ڪير ملندا ڪن کي!

 

31-    ڪالهه ڏٺو هوم قيس کي، نيڻن سان نروار،
محبت لڳي مجني، جو ديکايائين ديدار،
راتيان گڏ گلن سان، ڏينهان بوءِ بهار،
پرور نه ڇڏي پانهنجو، غافل گنهگار،
مير محمّد مصطفيٰ، آهي اڙين جو آڌار،
صاحب ربّ ستار، ٿو عيبدار اڳتي ڪري.

 

32-    محبت لڳي مجني، تنهن کي ڪهاڙو هنيئي ڪيئن؟
نه ڪنهن جي اڱڻ آئيو، نه ڪنهن اوڏو سينئين
(1)،
قيس وَسايا ڪيترا، محبت سندا مينهن،
اُڀو هو ارمان ۾، ٿي ڏکيا گذاريائين ڏينهن،
مون کي تنهن جي ماريو، نيو نهوڙي نينهن،
هوندو نه توکي هينئن، ڪي مون ڪيون ٿي منٿون.

 

33-    مون کي ڪرين منٿون، ته به ڪين هلندس هاڻ،
قاضي ڪندو ڪاوڙون، جي سڻندو ڳالهه سڀاڻ،
محبت گهڻي آهي مجني، ٻي توسان روح رهاڻ،
تن کي ڪهڙو ڪاڻ، جن کي آهي نينهن نهوڙيو.

 

34-    محبت لڳي آهي مجني، رميو مٿي راهه،
نڪي سڻي سڏ سڄڻ جو، نڪا ويجهي واهه،
وَٺا مينهن مندائتا، ٿيا گسن مٿي گاهه،
وٽس وليون ڄائيون، ڪري قيس مٿي ڪاهه،
اُڀو هو ارمان ۾، سانگو لاٿائين ساهه،
اَجهوريءَ الله، ڪنهن جو آهي ڪونه ڪو.

 

35-    ليليٰ ليلائي گهڻو، ماڻهن جي مَهندا،
ماڳ رهيو جنهن مجنون، اوڏانهن هل ادا!
مالڪ لڳ ”محمود“ چئي، منهنجي سڻج هيءَ صدا،
لوچيندن لڌا، موتي تنهن مهراڻ جا.

 

36-    جنهن ماڳ رهيو مجنون، تيڏانهن ڏيانءَ ٿو ڏَس،
پيرَن سان پنڌ ڪري، پاڻهي هلي پَس،
ڪانه ڏٺيسون ڪڏهن، ريءَ جفا ڪنهن کي جَس،
قيس نه لڳِي ڪَس، اٿئي اڳئين کان به اڳرو.

 

37-    پانڌي پريان جي پار جا، تو قيس ڏٺو ڪهڙو؟
بيهي رهيو هو بر ۾، ٻَڌي جيءَ مٿي جهيڙو،
واءُ وڄايس جندڙي، ٻيو لُڪن ڪيس ليڙو،
محبتي ميڙو، مون سان من ٿئي سڄڻين.

 

38-    پنج مهينا پيرن ڀر، ٿِي بر ۾ بيٺو بُنڊ،
ولهيون ويڙهي ويون، هڻي جهولِي ڪارڻ جهُنڊ،
سڪ وارن جو ”شيخ“ چئي، مجنون آهي مُنڊ،
ليليٰ وڙهئي لُنڊ، توڪل نه لڌي قيس جي.

 

39-    پانڌي! پريان جي پار جا، تو ڪو مجنون مست ڏٺو؟
خيال پيو هوس خواب ۾، تنهن تان ڪيائين ملڪ ڦٽو،
قيس کائي ويو ڪيف کي، ڪري ماکيءَ جيئن مِٺو،
جهڙو چوڏهينءَ چنڊ چٽو، تهڙو پيشاني پرينءَ جي.

 

40-    ڪالهه ڏٺو هوم قيس کي، بيٺو مٿي بَر،
وليون ويڙهي ويون، وڪڙ ڏيئي وَر،
عاشق تي ايڏي هئي، مٿي نيڪ نظر،
هيس ڇڄهريون ڇانوَ جون، جيئن پکين مٿي پر،
حال وڃي هيڪر، پسان پاڻ پرينءَ کي.

 

41-    محبت رکي مجني لاءِ، ٿي کنيائين وک وڏي،
سُڃ ۾ ماڙي ”شيخ“ چئي، هئي عاشق جي آڏِي،
جيڪو مٿي بُر بَيران ٿيو، تڏهن وڃي گس گڏي،
ڏسي حال حبيب جو، ٿي پيئي جوءِ جَڏِي،
ولين ويڙهي جهلي، سا ڪا محب مڏي،
سَنڌ کان ڇڙڪي ڌار ٿي، هئي جا هَڏ هڏِي،
ٻي آهي ڪُل ڇڏي، آءٌ وريس وَسهن پنهنجي.

 

42-    ڪڇين پڇين ڪونه، توکي قيس ٿيو آهي ڪوهه؟
آءٌ پرين وس نه پنهنجي، منهنجو ڪونهي ڏوهه،
اِئين محبت من نمائيو، جيئن باهه نمائي لوهه،
اهو اٿم اندوهه، تون مجنا! ڪهڙي موج ۾.

 

43-    محبت لڳي من ۾، جنهن ههڙا ڪيا آهن حال،
قيس قبوليا ڪينڪي، مڏيون خزانا مال،
اِهو در الله جي، ٿي ڪيم سدائين سوال،
آئيو آب اکين مان، ٿي جر وهايم حال،
ليليٰ ٻائِي لال! منهنجو حرف نه توتي هڪڙو.

 

44-    محب مجنا! تنهنجا، آهن مون تي حرف هزار،
آءٌ کڙي هيس کوهه تي، تون ٿِي ڦرئين منجهه نار،
وچان وڇوڙو پيو، جنهن دم ڪياسون ڌار،
ساري سڀ ڄمار، آهي سنگت سورن گڏي.

 

45-    وس ته ڪنهن جو ڪونهي، لکيو پيو لوڙيان،
راهه پسيو ربّ جي، تنهن کان منهن نه موڙيان،
سئو سئو جايون سپرين! تو لاءِ اندر ۾ جوڙيان،
ڏينهان ٿڌي چانوَ ٿي، راتيان گل روڙيان،
ڇِني ڪيئن ڇوڙيان، مون سان ولهين ڪين وڃائيو.

 

46-    ولهين مون سان وَڙِ ڪيا، ليليٰ! ٿي لائق،
بيهي رهيو هوس بَر ۾، سڄڻ! تنهنجي سِڪ،
وَٺا مينهن مُندائتا، ٿي چوڳڌاري چِڪ،
قلم قضا نه ٿئي، لِکئي منجهان لِک،
محبت ۾ ”محمود“ چئي، آهن آرامي عاشق،
لوڪان ڪريان لِڪ، هوم پورو وٺو پرينءَ کي.

 

47-    محبت منجهان مجنا! آهي هلي تنهنجي هاڪ،
بيهي رهيو هُئين بر ۾، نڪا اَڏايئي اوطاق،
وُٺا مينهن مندائتا، ٻي مٿان پيئي ماڪ،
ولهيون ويڙهي ويون، آهن چارئي پَلؤ پاڪ،
محبت اچي ”محمود“ چئي، چوريا آهن چاڪ،
مارئي ٿي تنهنجي مذاق، جو حَقِي تنهنجو حرف ٿيو.

 

48-    لاڳاپا لاهي ڇڏيئي، سندا حرفن حق،
بيهي رهيو هوس بر ۾، جڏهن پاڻ ڏني هُيئي پَڪ،
وري اينداسون واٽ تان، ڀَلي سڄڻ لهنئي شڪ،
لڳي لُڪَ لڱن کي، ٿي جهٽوُن ڏنيون جهَڪ،
وُٺا مينهن مندائتا، هي رازق رکي رک،
وليون ويڙهي ويون، آهن ٻهڳڻ هڻي ٻک،
سچائي جي ”شيخ“ چئي، پوندي پوءِ پرک،
ليليٰ ڏٺم لک، مشاهدا مجبوب جا.

 

49-    مشاهدا محبوب جا، تو قيس ڏٺا آهن ڪيئن،
ٿئي سيسراٽ سرير ۾، جانب پسجي جيئن،
وليون ويڙهيون آهن، جيئن نوان ويڙهين نينهن،
جيڪي گذاريئي ڏينهن، سي مون کي معاف رکجانءِ مجنان!

 

50-    سُکن ۽ سورن جي، ڳالهه پچارج ڪامَ،
مونکي بيهاري بَر ۾، سنڀري هليو شام،
ڪَيا پارِيوَ ڪينڪي، جي اچڻ جا انجام،
ڪري آس الله ۾، هڻي رهيو هوس هام،
نيڻين ننڊ ڇڏي ويئي، ٻي طلب نه هئي طعام،
مون ڀانيو ”محمود“ چئي، ري قريبن ٿيندي قيام،
مير محمّد ڄام، آڻي اَٿئي سانگ سڻائو ڪيو.

 

51-    ليليٰ تو لائق لک ڪيا، راضي ٿئي رحمان،
بيهي رهيو هوس بَر ۾، لاهي غير گمان،
وڄون وسڻ آئيون، سُڀر ڪري سامان،
پَهريا پاڻي پَٽن تي، ٿِيا عالم ۾ ايمان،
موريا گاهه ملير ۾، ٿيا مال چَرِي مستان،
روز مون وٽ ڪچهريون، اچيو هميشه ڪندا هئا حيوان،
ڪن پچارون پاڻ ۾، اسان جا ارمان،
هُن ٿي ڪم ڪَچا ڪيا، ظاهر منجهه زيان،
ٻي ڪنڌِي هيم ڪانه، صاحب ٿو سَهِنجايون ڪري.

 

52-    صاحب ربّ ستّار ڪنهنب کي ڪين ڇڏي،
ميڙي محمّد مير جي، غافل پاڻ گڏي،
سڃين ماڙين ”شيخ“ چئي، تو عاصين تي اڏي،
هِت هميشہ هوندو ڪونه ڪو، ويندو لوڪ لَڏي،
تُنهنجي ميڙَ تڏي، آءٌ ڪهڙي قيس! ڪري اچان.

 

53-    ميڙيُون ڪرين ٿي مون کي، جڏهن رهيو اچي پڃري منجهه پساهه،
ويو لهي ماس لکن تان، ٿيو اُداسي ارواح،
قيس اڳي ڪونه هو، ڀيڻ نه ڪو ڀاءُ،
ملڪ وري ”محمود“ چئي، وڃي منهن ڏيکاريان ماءُ،
ڪنهن سانگي لڳي سپرين! تون اڱڻ اسان جي آءُ،
اڳيان سر گهرندا سچ جو، مون پورو نه کنيو پاءُ،
احمد اتي عربي ڪندو، سوڙهيءَ منجهه سئاءُ،
هو ادب اڳي، هاڻي ويو حياءُ،
ليليٰ سڀ لقاءُ، مون هو پسيو پرينءَ جو.

 

54-    پريت پراڻي نه ٿئي، ڏينهان ڏينهن نَئِين،
رضَا ربّ ڪريم جي، تون ڇو ٿو وِڪَر بَهِين
(1)،
پنهنجي مطلب لاءِ ”محمود“ ڇئي، ڪندو سڀڪو ڳالهه سَنئين،
تون جي قيس آچئين، ته آءٌ وجهان هٿ ولين ۾.

 

55-    ڀلي آئين، جيءُ آئين، تو پرين! ڀَلايو پاڻ،
وڃن ويل وريام کي، ڄولي ڪَيُئي ڄاڻ
(2)،
بيهي رهيو هوس بَر ۾، ٿي مِرُن جو مهماڻ،
لڳي لُڪَ لکڱن کي، جڏو ٿيو جيڏاڻ
(3)،
ليليٰ اسان ساڻ، ولين ڪين وڃائيو.

 

56-    وڌائين هٿ ولين ۾، پَٽن لاءِ پاڻهي،
روئي ڏنائين رت ڦڙا، اکين مان آڻي،
سچي راهه رسول جي، من ڪو سهي سڃاڻي،
تنهن کي ڪڍي تار مان، تهتان سو تاڻي،
جيڪي آهي هن جهان ۾، سو موجون ٿو ماڻي،
هڪ ڄاڻندڙ ڄاڻي، ٻي ڪل ڪنهن کي ڪانه ڪا.

 

57-    قدرت ربّ ڪريم جي، ٻي ڪنهن کي ناهي ڪل،
بيهي رهيو هوس بَر ۾، مون پاڻ ڪئي هئي پَل،
مجنا! تنهنجي موج جو، آهي هنڌين ماڳين هُل،
لڳيئي لُڪ لکن کي، ڱامي ويئي هُيَئِي کَل،
محبت تنهنجي ”شيخ“ چئي، آڻي ٻاريا جيءَ مٿي جَل،
جي مون کي ڏين موڪل، ته لاهيان ويڙهه ولين جو.

 

58-    ولين ويڙهي جهلي آهي، جان سڄي جوڙي،
لڳي لُڪ لکن کي، ويئي عضوا لوڙي،
رضا ربّ ڪريم جي، ليليٰ ٿي لوڙي،
ويٺو سڄڻ منهن موڙي، جڏهن ڪين رهيو هو قيس ۾.

 

59-    ائين مَ چئجانَ قيس! قابو ڪيس ڪَڙن،
قاضي وٽ ڪيترا، ٿا پرديسي پڙهن،
ماڙيءَ پاسي ملڪ جي، لحظي ڪين لڙن،
جن کي سِڪ سڄڻ جي، سي ترسيا ڪين تڙن،
محبت بنان ”محمود“ چئي، اکيون ڪيئن اڙن،
جن جا سڄڻ سُڃ سڙن، تن کي ناهي طلب طعام جي.

 

60-    تون ٿي طلبين طعام کي، مون پيتو نه پاڻي،
بيهي رهيو هوس بَر ۾، صاحب سڃاڻي،
لڳِي لُڪ لڱن کي، جڏِي ٿي جواڻي،
ميلا جي مِرُن جا، سي ڏٺم ڏهاڻي،
ڏکن ۽ ڏولاون جي، ڇو تند اٿئي تاڻي؟
موٽي وڃ مُلڪ ڏي، سگهي سياڻي!
پُنا دم پساهه جا، آهن روح گڏيا راڻي!
محبت سان ”محمود“ چئي، ڪئي مجني موڪلاڻي،
سُڻي حال حبيب جو، ٿي وينگس ويڳاڻي،
روئي ڏنائين رت ڦڙا، ان جي آڳ اُجهاڻي،
ڀريو ڪلمون محمد رسول تي، ان سان سيّد ٿيو ساڻي،
هيءَ به هَڏِ وهاڻي، من ڪو ميڙائو ٿئي.
لا اِلٰہ اِلاالله محمّد رسول الله


*    هن قصي جو مدار ٻن روايتن تي آهي: (1) محمود شيخ جي بيتن ۾ چيل ”ليليٰ مجنون“؛ روايت ش ۽ (2) وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان محمد بچل کان مليل ”ليليٰ مجنون جي ڳالهه“ روايت م.

(1)    روايت ش مطابق.

(1)    روايت م مطابق.

(1)    روايت م موجب.

(1)    ويءُ = وِهُه، زهر.

(1)    سيئن = وَسَنئُن، آبادي.

(1)    بهين = ڀَؤنڪِين

(2)    ڄولِي = ڳولي.

(3)    جيڏاڻ = جيئدان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org