سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب: -

صفحو :17

 

 ليليٰ مجنون

[هن قصي بابت سنڌ ۾ مختلف روايتون رائج آهن، جي هتي شامل ڪيون وييون آهن: (1) هڪ روايت موجب قيس، عربستان جي هڪ محموداڻي قبيلي جي سردار جو پٽ هو. خواب ۾ ليليٰ جي صورت تي عاشق ٿي، مصر ڏانهن سفر ڪيائين. ليليٰ جي پيءُ قاضي قمر وٽ، مڪتب ۾ پڙهڻ جي بهاني سان ويٺو ۽ ليليٰ مٿس عاشق ٿي پيئي. خواريءَ سببان ماءُ پيءُ شاديءَ جي صلاح ڏنيس، پر ليليٰ انهيءَ ماڻهوءَ سان شادي قبولي، جيڪو سندس هٿ جو رڌل ۽ زهر پيل طعام کائيندو. ٻئي ڪنهن به اهو طعام نه کاڌو. مجنونءَ ليليٰ جو چوڻ آهي اکين تي رکي، زهر کاڌو. ان بعد قاضي خواريءَ کان بچڻ لاءِ، ڪٽنب سميت لڏي، وَس تي روانو ٿيو. ٻئي ڏينهن مجنون به پيرين پنڌ پٺيان ڪاهي پيو، ۽ واٽ تي اچي قافلي کي رسيو. ليليٰ، مجني کي موٽي وڃڻ جو چيو، پر هو اتي ئي انتظار ۾ بيٺو رهيو. سانوڻ جي مند ۾ مٿس وَليون وري وييون. ٽن مهينن بعد، ليليٰ مصر ۾ موٽي آئي. مجنونءَ کي اتي نه ڏسي، آهون دانهون ڪرڻ لڳي. آخرڪار هڪڙي ڪاٺير کان ڏس ملڻ تي، هوءَ ٻانهي ساڻ ڪري اُتي آئي. ٻئي عاشق معشوق پاڻ ۾ مليا ۽ اتي ئي ساهه ڏنائون. قصي جي هن روايت تي ٻن شاعرن فاضل شاهه ۽ عرض محمد چانڊيي جو چيل ڪلام شامل ڪيو ويو آهي. (2) ٻي روايت موجب مجنونءَ کي ڄائي ڄم کان عشق جي لنؤ لڳل هئي. ننڍي هوندي ئي کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنائين. خواب ۾ ليليٰ جي صورت ڏسي، ان لاءِ مستانو ٿيو گهمندو هو. مصر شهر جي هڪڙي اوٺي قاصد کان ليليٰ جو ڏس مليس. پوءِ ان اوٺيءَ جي پٺيان ڊوڙندو، هڪ سؤ ڪوهه پنڌ هڪ ڏينهن ۾ طي ڪري، وڃي مصر شهر ۾ پهتو. آخر قاضي قمر وٽ وڃي ليليٰ سان گڏ پڙهڻ لڳو. ٻنهي ڄڻن جي عشق جي خبر پکڙجڻ تي قاضيءَ هن کي مڪتب مان ڪڍي ڇڏيو، جنهنڪري هو ”ليليٰ ليليٰ“ ڪندو گهٽين ۾ گهمندو رهيو. ڪنهن صورت چيس ته: ليليٰ چيو آهي ته ’کوهه کي گيڙو ڏي.‘ اهو ٻڌي، ايترو ته نار ڪاهيائين جو پاڻي شهر ۾ ڪاهي پيو. وري به ليليٰ جي چوڻ تي نار بند ڪيائين. ٻئي ڀيري ليليٰ جي چوڻ تي جسم مان رت ڪڍي، پيالي ۾ ڏنائين. شهر جا ماڻهو کيس چريو سمجهڻ لڳا. آخرڪار مجنون، ليليٰ جي هٿان زهر جو پيالو پيتو. مجنونءَ جي مرڻ ۽ خواريءَ جي ڊپ کان قاضي قمر راتو واهه شهر ڇڏي، ڪٽنب سميت ڪنهن پاسي روانو ٿيو. مجنون به پٺيان ڪاهي پيو. اڌ پنڌ تي ليليٰ کيس هٿ سان اشارو ڪيو، ته هو اتي ئي بيهي رهيو. پنج مهينا بيٺو رهيو. وليون وري ويس. آخرڪار هڪڙي ڪاٺير جي ڏس تي، ليليٰ ٻانهي ساڻ ڪري اڌ رات جو اُٺ تي چڙهي، اچي مجنونءَ سان ملي. ٻئي عاشق معشوق هڪٻئي سان ملي، اتي جو اتي بيهوش ٿي ڪِري پيا، ۽ مري ويا. هن روايت تي شيخ محمود بيتن ۾ قصو چيو.

دراصل هيءَ قصو فارسي شاعريءَ ذريعي سنڌ ۾ رائج ٿيو، ۽ ايترو مشهور ٿيو جو ڪيترن ئي آڳاٽن سنڌي شاعرن هن قصي تي مثنويون چيون، جن مان خليفي حاجي عبدالله نظاماڻيءَ (سنه تصنيف 1208هه)، ۽ مل محمود پليءَ جون چيل مثنويون مشهور آهن. مرتب.]

 

روايت [1]*

سڀڪا ساراهه ۽ صفت ڌڻي پاڻ کي جڳائي، جنهن هي عالم اُپايو ۽ پنهنجا مقدس نبي موڪلي، انسان ذات کي سنئين واٽ ڏيکاري. راوي روايت ڪن ٿا ته ڪنهن زماني ۾ مڪّي شهر ۾ ’محموداڻي‘ نالي عربن جو هڪ قبيلو رهندو هو. انهيءَ قبيلي جي سردار کي ”قيس“ نالي هڪڙو سڪيلڌو پٽ هو(1)، جنهن جي حسن جي ڪهڙي تعريف ڪجي. سڄي عربستان ۾ سندس ثاني ڪونه هو.

هڪڙي ڏينهن ”قيس“ مڪتب ۾ قرآن شريف جو دؤر پئي ڪيو ته دؤر ڪندي ڪندي، جڏهن ”وانحن اَقرب اِليہ من حبل الوريد“ آيت تي پهتو، تڏهن ان آيت جي معنيٰ سمجهي نهايت سَرهو ٿيو ته ”واحد جو وصال، ساهه ۽ رڳن کان به ويجهو آهي.“ انهيءَ وقت استاد به اچي نڪتو، جنهن کي اها آيت ٻڌائي، عرض ڪيائين ته: جڏهن ڌڻي تعاليٰ ساهه ۽ رڳن کان به ويجهڙو آهي، تڏهن اهڙو ذڪر ٻڌايو، جنهن سان محبوب جو مشاهدو ماڻيان. تڏهن استاد چيس ته: مراقبي ۾ ويهي ”لا مقصود في الدارين“ جو ذڪر ڪر ته محبوب جو مشاهدو ماڻين.(1)

قيس پنهنجي استاد ۽ مرشد کان اِسم وٺي، ذڪر ڪرڻ شروع ڪيو. رات ڏينهن مراقبي ۾ ويٺو زاروزار روئندو هو. آخر هڪڙي ڏينهن مراقبي ۾ ڪنهن سهڻيءَ صورت جو ديدار نصيب ٿيس. هن جي سونهن قيس جا حواس گم ڪري ڇڏيا. ڪجهه وقت جي ديدار کان پوءِ، جڏهن هوءَ وڃڻ لڳي، تڏهن قيس کانئس پڇيو ته: اي محبوب، توکي وري ڪڏهن پسندس؟ هن وراڻيس ته: مون کي اڌ رات جو ننڊ ۾ پسندين. ائين چئي، هوءَ گم ٿي ويئي. قيس هن جي جدائيءَ سببان وجد ۾ اچي، بيهوش ٿي ڪري پيو. قيس مراقبي ۾ جنهن سهڻيءَ صورت جو ديدار ڪيو هو، سا قاضي قمر جي ڌيءَ ليليٰ هئي. سجاڳ ٿيڻ کان پوءِ، هو ”ليليٰ ليليٰ“ ڪري وڦلڻ لڳو، ۽ انهيءَ حالت ۾ بيحال بنجي ڀٽڪندو رهيو. نه رات جو ننڊ، نه ڏينهن جو آرام، اهائي ”ليليٰ“ جي وائي وات هيس. کائڻ پيئڻ به وِهُه ٿي آيس. عربي ٻوليءَ ۾ رات کي چون ”ليل“، تنهنڪري قيس جي واتان اهو لفظ ٻڌي، مڪّي جا ماڻهو اچي مڙيا. ڪو چئي نه جِنّ آيو اٿس؛ ڪو چئي ته چريو ٿي پيو آهي. گهڻئي پڇا ڪيائونس، پر هن جي ڪو ڳالهه ئي نه سمجهي، مَن توسان سچي ڪري! تڏهن ماڻس پاٻوهي پڇيس ته: پُٽ! مون کي ٻڌاءِ ته تنهنجي جيءَ سان ڪهڙي جهوري لڳل آهي؟ مجني جواب ڏنس ته: اي جيجل! مون کي ليليٰ جي لوري لڳل آهي، جيستائين اُها نه ڏسندس، تيستائين منهنجو جيئڻ جنجال آهي. قدرت سان انهيءَ وقت اتي ڪو مصر شهر جو مسافر(1) موجود هو، تنهن، جڏهن اها ڳالهه ٻڌي، تڏهن چيائين ته: برابر، مصر شهر ۾ قاضي قمر رهي ٿو، جنهن کي ليليٰ نالي تمام سهڻي ڌيءَ آهي؛ سندس سونهن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! حورون پريون به هن جي اڳيان هيچ آهن. جهڙي آهي سهڻي تهڙي وري آهي سلڇڻي. مسافر جي واتان ليليٰ جي حقيقت ٻڌي، مجبون ماءُ وٽ آيو، ۽ ان کان مصر شهر ڏانهن وڃڻ جي موڪل گهريائين. ماڻس گهڻوئي سمجهايس، پر هن ڳالهه نه مڃي. پوءِ ته ماءُ پيءُ کان موڪلائي، فقيراڻا ڪپڙا ڍڪي، ڪِستو ڪڇ ۾ کڻي، مصر وڃڻ لاءِ تيار ٿيو(2). اتي سنگتي ساٿي به مڙي آيا، ۽ انهن به گهڻو ئي سمجهايس، پر هو سڀني کي روئندو ڇڏي، مصر شهر ڏانهن راهي ٿيو.

قيس کي هلندي هلندي، ڪيترا ڏينهن گذري ويا- رڻ جهاڳيندو، ڏونگر ڏوريندو هلندو رهيو. واٽ تي اُڃ ۽ بک جي تڪليف کان بدن ڳري ڪنڊا ٿي ويس. آخر، جڏهن ڏٺائين ته هاڻي هڪڙيءَ وِک هلڻ جي به توفيق نه رهي اٿم، تڏهن نااميد ٿي، هڪڙي هنڌ ويهي رهيو. قدرت سان انهيءَ هنڌان هڪڙو واٽهڙو اچي لنگهيو، جنهن کان مصر شهر جو ڏَس پڇيائين. ان ڏس جڏهن ٻڌايس ته اڳيان ٿوري پنڌ تي مصر جا وڻ پيا ڏسجن، تڏهن وري ڪجهه پيٽ ۾ ساهه پيس، ۽ ليليٰ سان ملڻ جي شوق ۾ اٿي پنڌ پيو. آخر هلندي هلندي، مصر شهر ۾ اچي پهتو.

مصر جي ماڻهن جڏهن هڪڙي ڌارئي ملڪ جو ماڻهو ڏٺو، سي هن کي کيڪاري، کانئس خبرون چارون پڇڻ لڳا. قيس ٻڌاين ته: آءٌ هتي علم پرائڻ لاءِ آيو آهين، تنهنڪري ڏس ڏيوم ته وڃي ڪنهن اهڙي مڪتب ۾ رسان، جتي پرديسي کٿابي پڙهندا هجن. پوءِ قيس هنن جي ڏس تي انهيءَ مڪتب ۾ آيو، جتي قاضي قمر، کٿابين کي حجري ۾ ويٺي پاڙهيو. قيس به نهايت ادب سان ٻانهون ٻڌي، قاضيءَ جي اڳيان اچي ويٺو. قاضي هن کي پرديسي سمجهي، کائنس خبرون چارون پڇيون. قيس ٻڌايو ته: آءٌ انصاري آهيان، نالو قيس اٿم. ائين چئي، جيڪي ميوا پاڻ سان آندا هئائين، سي ڪڍي، ادب سان قاضيءَ جي اڳيان رکيائين. قاضيءَ اهي ميوا ڪجهه اتي ويٺل شاگردن ۾ ورهايا، ۽ ٻيا پنهنجي ڌيءَ ليليٰ کي ڏياري موڪليا(1).

ليليٰ جڏهن ميوو کاڌو، تڏهن چت چريو ٿي پيس، ۽ دل ۾ چيائين ته ’ههڙا مٺا ميوا مون سڄيءَ ڄمار ۾ نه کاڌا آهن، هنن جي کائڻ سان دل جان ۾ بهاري اچي ويئي آهي. پوءِ قاضيءَ، قيس کان مصر شهر ۾ اچڻ جو سبب پڇيو. تڏهن هن ٻڌايس ته: آءٌ هتي پڙهڻ لاءِ آيو آهيان. اهو ٻڌي، قاضي هن جي گفتگوءَ ۾ ادب کان تمام خوش ٿي، کيس پنهنجي کٿابين ۾ داخل ڪري، سبق ڏيڻ شروع ڪيو. قيس جي اها عادت هوندي هئي ته سبق وٺي، مڪتب جي هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ ويهي، مٺي آواز سان پڙهندو هو. قاضيءَ جي حوالي ويجهي هئي. هڪڙي ڏينهن اهو مٺو آواز جڌهن ليليٰ جي ڪنين پيو، تڏهن پڇا ڪيائين ته: ڪير آهي، جو اهڙي مٺي آواز سان پيو پڙهي؟ ٻڌايائونس ته قيس نالي عربستان کان هڪڙو کٿابي آيو آهي، جو اهڙي الحان ۽ سوز سان پيو پڙهي. قيس جو نالو ٻڌندي ئي ليليٰ کي هن سان لنءُ لڳي ويئي(1). مجنون ته اڳي ئي سندس عشق ۾ گرفتار هو. پوءِ ته ٻيئي ڄڻا بِرهه جي باهه ۾ لڇڻ لڳا. آخر ڇا ڪيائون جو پڙهڻ جي بهاني سان حويليءَ جي باغ جي هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ لڪي، هڪٻئي سان ملاقاتون ۽ رهاڻيون ڪرڻ لڳا.

هاڻي ليليٰ جو اهو دستور هوندو هو ته مجني کي سٺا ڪپڙا پارائي، ڪئين ميوا ۽ مٺايون کارائيندي هئي، ۽ رات جو ٻيئي ڄڻا مقرر هنڌ تي هڪٻئي سان اکيون اکين ۾ اڙائي، ويهي قرب ونڊيندا هئا. ائين چار مهينا گذري وين. هڪ دفعي هي ٻئي عاشق معشوق پاڻ ۾ راز و نياز جون ڳالهيون ڪري رهيا هئا، ته اتفاق سان ڪي کٿابي اتي اچي نڪتا؛ جن ڊوڙي وڃي ساري حقيقت قاضيءَ کي ٻڌائي. اهو ٻڌي، قاضيءَ کي تمام گهڻي ڪاوڙ لڳي، ۽ يڪدم لڪڻ کڻي انهيءَ هنڌ آيو، جتي مجنون ويٺو هو. پوءِ ته اچي مجني کي مارڻ لڳو، ۽ هڻي هَڏ گُڏ ڀڃي ڇڏيائينس. وري حويليءَ ۾ موٽي وڃي ليليٰ کي سمجهائڻ لڳو ته: تو هڪڙي اجنبي ماڻهوءَ سان نينهن لائي، پاڻ کي دنيا ۾ محشر ۽ ڪانيارو ڪيو آهي. تڏهن ليليٰ جواب ڏنو ته: بابا سائين! قيس سان منهنجو نينهن روز ازل کان وٺي آهي. ازل جو انگ اڳيئي منهنجي قسمت ۾ لکيل آهي، سو ضرور پاڙڻو پوندو. ايترو ٻڌندي قاضي تپي باهه ٿي ويو ۽ ليليٰ کي گهٽ وڌ ڳالهائيندي، وڃي ماڻس کي ٻڌايائين. ماڻس به ليليٰ کي گهڻو ئي سمجهايو، پر هوءَ چئي ته: مجني کان سواءِ منهنجو جيئڻ محال آهي. تڏهن ماءُ وري به سمجهايس ته: مجنون سُک ۾ برابر توسان نينهن نڀائيندو، پر ڏک ۾ ڀڄي ويندو، تنهنڪري تون پنهنجي سؤٽ سان کڻي شادي ڪر، جيڪو توتان ساهه به قربان ڪري ڇڏيندو(1). ماءُ جي اها ڳالهه ٻڌي چيائين ته: امڙ! قيس کان سواءِ مون کي ٻيو نه ڏَس، پر جي تنهنجي مرضي آهي ته پوءِ تنهنجي مائٽ ۽ قيس جو آزمودو ٿا وٺون: آءٌ هڪڙو طعام ٿي رڌيان، پوءِ جنهن اهو خوشيءَ سان کاڌو، سو ئي منهنجو سيڻ ٿيندو.

پوءِ ڇا ڪيئين جو هڪڙي ديڳ طعام جي رڌائي، ان ۾ ساڍا نَوَ سير زهر جا ملائي کڻي رکيائين، ۽ ماءُ کي چيائين ته: هاڻي ڀلي پنهنجا مِٽ مائٽ ۽ کٿابي گهرائي، کين هي طعام کاراءِ. گهڙيءَ کن کان پوءِ، سڀئي مِٽ مائٽ ۽ کٿابي اچي مڙيا ۽ کلي کاڄ کائڻ ويٺا. پر جڏهن طعام ۾ زهر جو رنگ ۽ زهر جي بُوءِ آين، تڏهن وٺي ڀڳا، چي: هر ڪنهن کي ساهه پيارو آهي، ڇو هروڀرو زهر کائي، سِر وڃايون (1)! اتي ليليٰ مجني کي سڏائي، زهر وارو طعام کائڻ لاءِ ڏنو. مجني کي جو ليليٰ چيو، سو گوڏا کوڙي ويهي رهيو. ٿالهه طعام جو کائي، چيائين ته: سڄڻ! تنهنجي هٿن جو رڌل طعام کاڌم، پر اڃا سڪ ئي ڪانه ڀڳي اٿم، تنهنڪري اڃا به هجي ته کائڻ لاءِ ڏي! مجني جي اها حالت ڏسي، قاضي ۽ سندس زال حيران ٿي ويا. پوءِ ٻنهي کي کڻي ڇڏيائون، ته ڀلي پيا پاڻ ۾ خوش گذارين(2).

ليليٰ ۽ مجني جو قرب ڏسي، ٻيا ماڻهو ۽ کٿابي اندر ۾ سڙڻ لڳا، سي گهٽ وڌ ڳالهيون ٻڌائي، قاضيءَ کي پيا مهڻا ڏيندا هئا. هو اهي مهڻا ٻڌي، آخر هڪڙي ڏينهن ڪڪ ٿي پيو، سو پنهنجن عزيزن ۽ شهر جي ماڻهن کي گهرائي، کانئن صلاح پڇيائين. هنن صلاح ڏنيس ته: تون مجني کان جند ڇڏائڻ لاءِ، وَسَ تي هليو وڃ. هو هتي جڏهن بکن ۾ بيزار ٿيندو، تڏهن ليليٰ تان آسرو پلي، موٽي مڪي شهر هليو ويندو. انهيءَ رٿا موجب، قاضي قمر لڪ ڇپ ۾ کاڌو پيتو ۽ ثمر اُٺن تي کڻائي، تياري ڪرڻ لڳا. ليليٰ کي جڏهن انهيءَ ڳالهه جي خبر پيئي، تڏهن اندر ۾ وِجهلڻ لڳي. مصر شهر ۾ ته ٻيئي ڄڻا هڪٻئي سان ملي پيا جيئندا هئا، پر هاڻي پرديس جي وڇوڙي ۾ الائي ڪهڙو حشر ٿيندو؟ اهو ويچار ڪري، ويچاري ليليٰ روئڻ لڳي. آخر وجهه وٺي مجني کي اها خبر ٻڌايائين.

قاضي قمر جڏهن مڪمل تياري ڪئي، تڏهن جمعو بعد ۾ ڪري، طنبو طولان ساڻ کڻي، قافلي سان گڏ روانو ٿيو.(1). مجني جڏهن اها خبر ٻڌي ته ليليٰ کي به پاڻ سان وٺيون ٿا وڃن، تڏهن هو به بيٺ ٻڌي، پرين پنڌ قافلي پٺيان روانو ٿيو(2). ڪجهه پنڌ ڪرڻ کان پوءِ، قيس قافلي کي ويندو ڏٺو، تڏهن اندر ۾ ڏاڍو سرهو ٿيو. ليليٰ ويچاري به مجني جي انتظار ۾ واٽ نهاريندي پئي ويئي، تنهن به جڏهن مجني کي ڏٺو، سا به ڏاڍي سَرهي ٿي.

اتي قاضيءَ جي نظر وڃي مجني تي پيئي، جو هن کي قافلي جي پٺيان ايندي ڏسي، اندر ۾ سڙي پچي ويو(3). ڪاوڙ مان مجني کي چيائين ته: اڳيان رڻ ۾ پاڻي به ڪونهي، تنهنڪري اُڃ مري ويندين، سٺو ائين آهي ته موٽي وڃ. تڏهن مجني جواب ڏنو ته: ’مران تان مانُ لهان‘ نه ته سڄڻ جي پٺيان پيو هلندس. جتي هوءَ تني آءٌ. قاضيءَ کيس موٽائڻ لاءِ گهڻو ئي مٿو هنيو، پر مجنونءَ نه مڃيو. تڏهن هن خيال ڪيو ته ليليٰ کي مجني جي مارجڻ جو ڊپ ڏجي، ته من اها اڳتي هلڻ کان منع ڪريس. سو، ليليٰ کي چيائين ته: مجني کي دلاسو ڏيئي اتان ئي پوئتي موٽاءِ، نه ته آءٌ کيس مارائي ڇڏيندس. تڏهن ليليٰ پيءُ کي چيو ته: توهين منهنجي محبوب کي مارايو نه، آءٌ کيس منع ٿي ڪريان ته موٽي وڃي. پوءِ اُٺ تان لهي اچي مجني سان ملاقات ڪيائين، ۽ کيس چيائين ته: مجنان! اسين سگهوئي موٽي اينداسين، تنهنڪري تون موٽي مصر ۾ هلي منهنجو انتظار ڪر! تڏهن مجني روئي چيس ته: تنهنجي موٽي اچڻ تائين آءٌ اِتي ئي بيٺو رهندس.

ليليٰ پوءِ مجني کي دلاسا ڏيئي قافلي ڏانهن موٽي آئي، ۽ هو اتي ئي بيهي رهيو. مجنون ويچارو ليليٰ جي انتظار ۾ ٽي مهينا اتي بيٺو رهيو(1)، نه کاڌو نه پيتو، اصل هڪڙو پير به اتان نه چُريو. سانوڻ مهيني ۾ برساتون پيون، رڻ پٽ ۾ ساوڪ لڳي ويئي، وليون ۽ گاهه جام ٿيا. ڪي وليون ۽ وڻ ويڙهيون مجني کي به وڪوڙي وييون؛ ايتريقدر جو انهن ۾ سڄو ڍڪجي ويو. پهريائين مرون ۽ پکي کانئس ڊڄندا هئا، پر پوءِ اهڙا هري ويا، جي انهن ولين ۾ اچي ويهندا هئا. هوڏانهن وري ليليٰ رات ڏينهن پيئي مجني جي فراق ۾ رڙندي هئي. قاضيءَ هن کي تسليءَ ڏيڻ لاءِ ڪي ماڻهو سيکاري ليليٰ وٽ موڪليا، جن کيس اهو ٻڌايو ته مجنون مصر شهر ۾ خوش ويٺو آهي، ۽ اتي مسجد ۾ کٿابين کي ويٺو پڙهائي. اهو ٻڌي، ليليٰ کي دلداري آئي؛ پر جيئن پوءِ تيئن وطن ورڻ لاءِ زور ڀرڻ لڳي.

آخر ٽن مهينن کان پوءِ، قافلو مصر شهر ڏانهن موٽيو(1). ليليٰ کي پڪ هئي ته مجنون مصر ۾ خوش ويٺو آهي، سا اتي پهچڻ شرط مسجدن ۽ حجرن ۾ مجني کي ڳولڻ لڳي. پر مجنون هجي ته لڀي، ويچاري آهون دانهون ڪرڻ لڳي. ليليٰ کي مجني جي ڳولا ۾ لوهون ڏيندي، ٻيو مهينو به گذري ويو، گهڻئي پڇا ڳاڇا ڪيائين، پر مجنونءَ جو ڪٿان به ڏس نه مليو. قدرت سان هڪڙو ڪاٺير، گڏهه پلاڻي، ڪاٺين ڪرڻ جي سانگي، انهيءَ جوءِ ۾ وڃي پهتو، جتي مجنون ولين ۾ ويڙهيو، ليليٰ جي انتظار ۾ بيٺو هو. ڪاٺير جي ليکي ته ڪو سڪل وڻ جو ٿڙ بيٺل آهي، جنهن تي وليون وري وئيون. آهن. سو ٺڪاءُ ڪيائينس ڪهاڙو. ڏڪ جي ايذاءَ سبب مجني کان دانهن نڪري ويئي. تڏهن ڪاٺير ڊپ کان ڀڄي پري ٿي بيٺو، ۽ اُتان ئي پڇا ڪيائين ته: ميان! انسان آهين، يا جِنّ ڀوت؟ مجني وراڻيو ته: ادا! آءٌ نڪو جِنّ آهيان، نڪو ڀوت؛ پر انسان آهيان، جنهن کي محبوبن جي ڪانَ گهائِي، اتي بر ۾ بيهاري ڇڏيو آهي. پوءِ ڪاٺير هن کان حال احوال پڇيو، جنهن تي هن سمورو حال ڪري ٻڌايو. اتي ڪاٺير هن کان حال احوال پڇيو، جنهن تي هن سمورو حال ڪري ٻڌايو. اتي ڪاٺير هن کي چيو ته: ميان مجنا! جنهن ليليٰ لاءِ تون هتي چار مهينا بنا اَنّ پاڻيءَ جي هتي آيو بيٺو رهيو آهيان، تنهنڪري بدن سُڪي پيو اٿم. هاڻي ايتري ڀلائي ڪر، جو هتان وڃي ليليٰ کي رڳو اهو نياپو پهچاءِ، ته مجنون تنهنجي انتظار ۾ اڃان تائين اتي ئي بيٺو آهي، جتي تون بيهاري وئي هئينءَ. پوءِ، ڪاٺير هن کان نشاني طور ڪِستو کڻي مصر شهر ۾ آيو. گڏهه کي گهر ۾ ٻڌي، پاڻ سڌو اچي ليليٰ جي در تي سڏ ڪيائين. ليليٰ اندر گهر ۾ جڏهن سڏ ٻڌو، تڏهن ڏاڍي سرهي ٿي، ۽ يقين ٿيس ته اِهو ماڻهو مجني موڪليو آهي. ڏاڍيءَ اُڪير مان ڊوڙي اچي در تي بيٺي، ۽ ڪاٺير کان خبر پڇيائين. ڪاٺير هن کي مجني سان ملڻ جي سموري ڳالهه ٻڌائي، ۽ مجني وارو ڪستو نشانيءَ طور کڻي ڏنس. ليليٰ هن کي ٿالهه موتين جو انعام ڏيئي روانو ڪيو، ۽ پاڻ هڪڙي ٻانهيءَ کي ساڻ ڪري، اُٺ تي چڙهي، ان طرف رواني ٿي، جتي مجني جو ڏس مليو هوس.

قصو ڪوتاهه، ليليٰ، مجني کي ڳولي اچي لڌو. هن جي ههڙي حالت ڏسي زاروزار روئڻ لڳي ۽ پاڻ کي ملامت ڪرڻ لڳي ته ’حيف اٿم، جو پنهنجي دوست جي خبر به نه لڌم.‘ پوءِ وليون پٽي، مجني کي ويڙهه مان آزاد ڪيائين. ولين کان آزاد ٿيندي ئي مجنون دانهن ڪري، اتي ئي ڪِري پيو، ليليٰ کي چيائين ته: ليليٰ! تنهنجي ڇڏي وڃڻ کان پوءِ اهي ئي گل ڦل ۽ وليون هيون، جن جي ڏڍ تي آءٌ جيئرو رهيو آهيان. رڳو تنهنجي مُنهن ڏسڻ جو انتظار هئم، سو تنهنجو ديدار ڪيم، هاڻي الله تهار! ائين چئي، مجني دم ڏنو. اهو حال ڏسي ليليٰ به دانهن ڪري سندس پيرانديءَ کان ڪِري پيئي، ۽ اتي ئي دم ڏنائين. اهڙيءَ طرح، هنن ٻنهي سچن عاشقن جو پاڻ ۾ ميلو ٿيو.

 

قصو ليليٰ ۽ مجنون جو*

جوڙيل سيد فاضل شاهه جو

 

1-سراهجي سو ڌڻي، جو ربّ سڀني راءِ(1).
قادر، قدي، قائم دائم، ڌڻي ڌُرياء
(2)،
صفت نِہ صاحب جي، اُتي ڪَرهو ڪاء،
جِيڻي جڳ اُپائيو، نبيءَ جي نُورا،
عرش ڪرسي، لوح قلم، مَنڊيائين مورا
(3)،
سج، چنڊ، ستارن سين، پائي ڪيائين بُورا،
ڏنائين رونق روشني، ڏسجن ٿا ڏوراء،
مڃئو امر الله جو، ڦريو ڏينِ ڦيرا.

 

2-نڪو سک سائِر کي، نڪين وسامي واء،
ماڙُهو مِرُو سڀڪو، کڻي ساهه پَساهه
(1)،
ڪِہ کي قرار ناهه ڪو، آمر ڪِئو الله.

 

3-ڏينهن منجهان رات ڪري، راتين منجهان ڏينهن،
مٿي موسم پاهنجي، اچيو وسن مينهن.

 

4-رِي پوکِي اوپڙ اُڀرن، ڀُونؤن ڪن بهار(2)،
ولڙيون وڻن کي هليو ٻڌن هار
(3)،
ڪِينَ منجهائي ڪِين ڪري، وڏي سگهه ستّار،
اُتِ اُپايا بادشاهه، عالم گهڻا آپار
(4).

 

5-ايڏا ڪم ڪريم رِي، بئو ڪير ڪري!
مٿي شاخين سائين، ڳاڙها گُل ڌري.

 

6-واکاڻ تِہ واحد جي، ڪِہ پَرتُون ڪندو (5)!
تَڪِي رهندو منجهه ٿورڙي، عقل نو سندو.

 

7-عِجز آندو مَلَڪِس ۽ نياز نبيّن،
”ماعرفناڪ حقّ معرفتڪ“، ٻئو ڪين ڪُڇن.

 

8-رحمت تِہ رحمان جيءَ آهيون اُميدوار،
جِہ مُڪو محمد مصطفيٰ سٻاجهي ستّار.

 

9-اوّل اُپائي ڪري، پيدا پوءِ ڪياس،
موليٰ مُلڪ پاهجو، لکي ڏات ڏناس.
”اَنامولٰڪ اَنت محبوبي“ اِيهين پاڻ چياس.

 

10-اِلهي عفو ڪري، آسان ڪر آسان،
ته هِينين ۾ هوش ٿيِي، زَينُ منجهه زبان،
ته منجهان نعمت نبيءَ جي، ڪريُون ڪِين بيان،
خالق خاص خلقئو محمد مهربان.
جہِ تاب جِهان صدقو، ڪِئو تو قربان،
”آفديت ملڪي عليڪ يا محمد“ ڦرئِواِي فرمان.

 

11-شفيع سڀ جهانَ جو محمد موچارو،
عفو ڪري عاصين کي چڏڻ نَ وارو
(1)
پارَ پسندا پَيَڙا، سي سڀ سَوارو،
تِہ شفيع جي شفاعت جو آهئيُون آسارو.

 

12-هوءِ رحمة ربّ جي، مٿي محمد مصطفيٰ،
حرڪت تِہ حبيب جي، سائين ڏِهُ صفا.

 

13-۽ مٿي آل رسول جي ۽ مِڙنين صحابن،
هوءِ رحمة ربّ جي، نازل مٿي تَنِ.

 

14-هوءِ رحمة تِن تي، هي چوکا چارئي يارَ،
اعليٰ هئا افضل گهڻو خاصا خبردار.

 

15-پِهرو صِدق شفيع تي اَبابڪر آندو،
غوطو نه آيس غارَ ۾، ٿئو نه درماندو.

 

16-پَسي آمر الله جو، تضہ سَچي صدق ڪئو،
”لانُحاربواُد خلوافي الغارَ“ حڪم اي تئو
(1)،

 

17-وِسُوڙو ويساه ڪري، ڪانه ڪِيائين ڪَٿ،
هوءِ تمام تِہ تي، رّباني رحمت.

 

18-پُڻ آمير عمر بئو، جہ عدل ڪِئو اَلَم،
ڪڍيائين پهجي پُٽ ڪنا، هڻي دڙين سين دَمُ
(2).

 

19عثمان پٽ عفان جو، جِہ جمع ڪئو قرآن،
سُوروُن سِيپارا ٿِئا، ”فاضل“ چئي فرقان.

 

20-جيئن لکئو لوح محفوظ ۾، تيئن ڪيائين تمام،
هوءَ رحمت ربّ جي، مٿي تِہ مُدام.

 

21-عَلي پٽ ابوطالب جو، سندو سائين شير،
قاتل ڪفارن جو، دائم هئو دلير.

 

22-دروازو علم جو ۽ حاصل حِليمُ ڪيائين،
ماري منافقن کي، ڪُفر ڪوٽ ڀڳائين،

 

23-مهدان محمّد مصطفيٰ، سو اُڀو منجهه ادب،
هوءِ مدام تِہ تي، رحمت سندي ربّ.

 

24-سائين مُهجا سڏڙا، شفيع لڳ سڻيج،
حرمت حسن مير حسين جي، مومنن کي مرهيج
(1)،
مائٽن سين مُهجِي، قادر ڪرم ڪريج،
موت وقت محشر ڏينهن، مون ڏُهلو ڏک مَ ڏيج،
گناهه هن غريب کي، تون کانڌيراه کميج
(2).

 

25- فڪر ڏِئين ”فاضل“ کي، موليٰ هن مسڪين،
هه جو اٻوجهه گهڻو، ڪِٿهين ڄاڻي ڪين.

 

26-اچي ڪو عشق جو تِہ کي پَهُه پئو(3).
پردو ڏيئي پِريءَ کي، تِہ ڏک ڳالهايو.

 

27-الله عالم ڌڻي، قادر ڪرم ڪري،
قلب منجهه قدرت جا، آڻيو دُرَ ڌري.

 

28-ڪي عارف عاشق، ڪي پڻ عابد ٿئا،
ورُونہَ ڪن واحد سين، منجهائين پرت پئا.

 

29-ڪي مُصّلي متقي، ڪي پڻ عابد ٿئا،
وِرُرنہَ ڪن واحد سين، منجهائين پرت پئا.
پڙهيو پڙهن پرت سين، قاري کي قرآن.

 

30-محموداڻي مجني جان ويٺي دور ڪِئو،
”ونحن اقرب اِليہ من حبل الوريد“ اتي جان آئيو،
تان معنيٰ لڳس دل سين، فڪر منجهه پئو.

 

31-سُڻِيندي سَرهو ٿئو، خبر اِي خوشحال.
ساهه رڳن ئون اوڏڙو، واحد جو وصال.

 

32-اُٿي آئيو استاد ڏانہ، اُڀي عرض چياس،
آية اِيءَ اول ڪنان، پڙهي سڻاياسِ:

 

33-تابع کي توجہ ڪري، شغل ڪو سڻاءِ(1)،
ته اَٿي طلب توحيد جي، جان آءٌ ڪريان ڪاءِ.

 

34-تڏه مرشد ڪئو مريد کي، اُتي هيءَ ارشاد:
”لا مقصود في الدارين اِلاهُو“، ٿئو شغل سين شاد.

 

35-ڪثرت ڪري قلب سين، روئين راتو ڏِينہَ،
پهتو آهي پورَ ۾، چڙهيو مٿي چِيئن
(2)،
اکين آر تو لايو گهڻو، ڪر واسي وسن مِنہ،
جو وَسان وئو پاهجي، تِہ سين ڪبو ڪيئن!
”العشق نارالله اِذا وقع في القلوب اُلعارفين يحرق ماسِويٰ الله“، اصل آهي اِيئَن.

 

36-مشغول مراقبي ۾، ويٺو جان هئو،
مشاهدو محبوب سين، نِہ کي تِت ٿئو.

 

37-هيڪڙو دم حبيب اُو، وِهِي وٽ جِهين،
رهي ته هوش هينين ۾ عقل کي تِهين.

 

38-محبوب وٽان مجنون جڏه سو هلئو،
عقل ان عاشق جو ڪري ناز نئو،
تڏهن قيس قريب کي، اُٿي اِيئن چيو:

 

39-ته ڪڏهن پسندس توکي، جِہ مون تون جي تات،
تان چِي: مون کي پسندين ننڊ ۾ سُتي اڌ رات.

 

40-ڪنان فراق ”فاضل“ چئي، سو ٿئو بيهوش،
وري ٿئو وجد ۾، ڪري جوش خروش.

 

41-ماخوليا کي مجني، ڪئو خوش خيال،
ليليٰ ڪارڻ لڇندو ڀُوڻِي سو بيحال.

 

42-نڪا سار سرير ۾، نڪا رات ۽ ڏينهن،
پَچي سو پرين لئي، آٽي ٿيو اِيئن.

 

43-ليليٰ نالو رات جو، جا منجهه عربي وائيءَ،
۽ ليليٰ نالو نارَ جو، جا قمر قاصي ڌيءَ،
هُن کي راتيون روح ۾، هي تان ڀاين هيءَ.

 

44-ڏيهان روئي رات کي، راتيون پَرَ کي رات،
رويو روئي رات کي، ڇڏيائين بي نات
(1)،
ويدا سي ايمان سين، ڪلمون جنين وات
(2).

 

45-تڏه ماڙهُو مڪي شهر جا، مڙئو ميڙا ڪن،
ٿئو ڪڄاڙو قيس کي! اچيو ايئن چون.

 

46-ڪوچئي: پيس جِنّ جُثي ۾، ۽ عقل ڦرئوس،
پڙهيا پُڇي پنڊتا، ڪو دارون دوا ڪر هوس
(3).

 

47-ماڙهوئن چيو ماڻس کي: تان تون ڪين پاڻ پُڇينس،
جيڪا هوئس هينيين ۾، سا تون ڳالهه ڳِنهينس.

 

48-تڏهه ماءُ پڇئو کي مجني: ڪهڙي لڳي ڪيڻاءِ،
جا تو جي من ۾، سا مون ڳال سڻاءِ.

 

49-مجني چيو ماءُ کي: ليليٰ لاءِ لُڇان،
سڻ ڪارڻ پرينءَ جي، پانڌي پهچي پڇان
(1).

 

50-ڪو مسافر مصر جو، ويٺو تت هئو،
ماءُ وٽان کي مجني، ڪوٺي تِہ چيو.

 

51-چئي: آهه مصر شاهه ۾، ههڙي ليليٰ لال ڪنوار،
سُنہَ سمانگر سُندري، عاقل عقلدار،
هرڻ اکيون، هنج کڻي، ڪَٺَ ڪووَل جي ڪار
(2)،
نڪ نِيري ڦر جهڙو، ڀِروءَ ڀَنڀائي وار،
جاءِ ڦلن جهڙا، ڏنس ڏند ڏاتار،
پاٻوهِيندي پڌرا، ڪَر گڙيا گٽڻهار،
ڪُنگُوءَ وَرنِي ڪَرائيون، بازو بند بهار،
ميناڪاري مُنڊيون آڱرين اُپار.

 

52-پَڪِي وَرَن پَدمڻي، سانولي سُرنگ،
سَرب ڪنان سُنهڻي، اَپَر مڙوئي انگ
(3)

 

53-ڪبوتر جئن ڪَسَئي، سيني سُنهاري(4)
چيل چيٽائين سُنهڻي، ڍَرئي ڪرڍاري
(5)

 

54-نٿ نموري، مِٺڙي حمالَ هَرائي(1)
ماڻڪ موتي تِن ۾، جوهر جڙائي،
ڳهڻا سڀئي ڳچيءَ ۾، پُويون ٿي پائي،
ماڻهو پسي مُنڌَ کي، سائين ساراهي،

 

55-ڪنَٻين سوُنهنس سونَ جا، ڀونرا بهاري،
لُڏي لال ڦُلن سين، ڪر ڏاڙهونءَ ٽاري.

 

56-ڪُنجيءَ جيئن ڪر کڻي، چوٽو جِهونانگ(2).
مَڙهِي جا موتين سين، منہ مِڙوئي مانگ
(3)،
اِيئن ڏورائين ٿي ڏسجي، ڪَر ڦلارَ ئِي ڦانگ.

 

57-هيڪڙو نِيہُ نماز سين، ٻي پڙهڻ جي پِرت،
روزا رکي رمضان جا، چڱا لائيو چِتِ،
رِي سخاوت سَتِيءَ کي، ناهِه ڪا ٻِي نِرت،
متيون ڏئي ماڙهوئن کي، سُنهاريءَ سُرت.

 

58-ايءَ سڻندي ڳالهڙي، سو اُٿئو تِهين ويرَ،
موٽي هلئو ماءُ ڏانہ، پائون ڀري ايءَ پير
(4).

 

59-اچي چيائين ماءُ. کي، ته رخصت ڏئينم رضا،
آءٌ سو مصر ڀيٽيان، جِت قمر جي قضا،
صلح جا شرع سين، ماڙهو ڪن مزا،


*    هي قصي جو مدار ٽن منظوم روايتن تي آهي، جي هن بعد ڏنيون ويون آهن: (1) ”قصو ليليٰ مجنون جو“ چيل سيد فاضل شاهه جو، ڪڇ جي قلمي نسخي تان ورتل (روايت ف). (2) ”ليليٰ مجنون“ چيل عرض محمد چانڊيي جو (روايت ع). (3) مثنوي ”ليليٰ مجنون“ چيل مل محمود پلي جو (روايت پ).

(1)    (1) پ جي روايت موجب قيس جي پيءُ جو نالو ”غزنوي“ هو، جيڪو سندس ڄمڻ کان اڳي وفات ڪري ويو:

                        ته پٽ ”غزنويءَ“ جو اسم ”قيس“ تنهن،

                        نسب ۾ ”انصاري“، ”مڪو“ ديس تنهن.

(1)    ع روايت موجب استاد چيس ته محبوب جو مشاهدو ماڻيندين، ۽ خواب ۾ ڪا نازڪ عورت ڏسندين.

(1)    ع روايت موجب مصر جا وزير ڪچهريءَ ۾ ويٺل هئا؛ پ روايت موجب مڪّي ۾ هڪڙو فقير آيو، جنهن قيس کي ليليٰ جو ڏس ڏنو.

(2)    پ روايت موجب پاڻ سان تمام گهڻا ميوا سوکڙيءَ طور کڻي ويو.

(1)    پ جي روايت موجب کٿابين قيس کي وڏو عالم سمجهيو، سو سندس هٿ پير چمي، کيس عزت سان ويهاريائون. آخر جڏهن قاضي آيو ۽ ساڻس خبر چار ڪيائين، تڏهن اهو ٻڌي، قاضي ڏاڍو خوش ته قيس علم حاصل ڪرڻ لاءِ آيو آهي. پوءِ کيس وڏي خوشيءَ سان پنهنجي شاگرديءَ ۾ قبول ڪيائين، ۽ قيس جا مڪي مان آندل ميوا ڳترا ڪرائي، پڙهو ڏياري، سڄي شهر ۾ ورهايائين.

(1)    روايت موجب ليليٰ به قيس کي خواب ۾ ڏٺو هو، جنهنڪري مٿس عاشق ٿي پيئي هئي.

(1)    ع روايت موجب انهيءَ کان پوءِ ليليٰ وري وڃي مجنونءَ سان ملي ٿي، ۽ سندس علاج ٿي ڪري. اهو حال ڏسي، سندس ماءُ ليليٰ جي ٻين مائٽياڻين، جيڏين ۽ سرتين کي وڃي ٿي چئي ته توهان مان ڪا ليليٰ کي هلي سمجهائي، من توهان جي ڳالهه مڃي. پوءِ انهن کين حرم ۾ سڏائي سمجهايو، پر ليليٰ مڙني کي اهڙا کتا جواب ڏنا، جو هرڪا ماٺڙي ڪري ويندي رهي. سڀني مائيٽياڻين جي وڃڻ کان پوءِ ليليٰ وري به قيس وٽ موٽي آئي. سندس مائٽياڻيون وري قاضيءَ وٽ وييون ۽ وڃي کيس ٻڌايائون ته ليليٰ اسان جي سمجهائڻ جي ناهي، تنهنڪري ڪنهن ٻئي حيلي سان مجنونءَ مان جند ڇڏائجي. اهو ٻڌي، قاضي هڪڙي طبيب کان زهر وٺي آيو، ۽ واٽ الله جي خيرات ڪري، ليليٰ جي هٿان مجنونءَ کي کارايائون.

(1)    ع روايت موجب ٻين ماڻهن جي اهو زهر وارو طعام کاڌو، جنهنڪري ڪي اُتي ئي ڪري پيا ۽ ڪي وري رڙيون ڪري وٺي ڀڳا؛ پر مجنون آخر تائين کائيندو رهيو. نيٺ جڏهن کائي ڍؤ ڪيائين ۽ باقي پوئتي ڪجهه نه بچيو، تڏهن ليليٰ سان گڏجي مسجد ۾ آيو، جتي ٻنهي ڄڻن سڄي رات رهاڻيون ڪيون.

(2)    ع روايت موجب قاضي جا ماڻهو مجنونءَ جي پٺيان ويا، ۽ وڃي ڏٺائون ته ٻئي عاشق ۽ معشوق رهاڻ ۾ مشغول آهن، تڏهن سڙي ويا، ۽ قاضيءَ کي ٻڌايائون ته: مجني تي زهر به اثر نه ڪيو، تنهنڪري ڪنهن ٻئي حيلي سان کانئس جند ڇڏاءِ. تڏهن قاضيءَ لڪچوريءَ مصر ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن جي ليليٰ کي ڪا خبر ڪانه هئي

(1)    ع روايت موجب قاضي قمر اُڌيءَ رات جو قافلو تيار ڪيو، ۽ ليليٰ کي مُتي ٻَڌي کنيو.

(2)    ع روايت موجب ڪنهن شخص مجنونءَ سان اها حقيقت اچي ڪئي ته ڪلهه رات قاضي ليليٰ کي وٺي، عراق پاسي، قدوس شهر ڏانهن هليو ويو آهي. اها خبر ٻڌي، مجنون روئڻ ۽ دانهون ڪرڻ لڳو. خبر ڏيندڙ جا احسان مڃيندو، ڪستو ٻڌي پيرين پيادو پرينءَ جي قافلي پٺيان روانو ٿيو.

(3)    ع روايت موجب قاضيءَ مجني کي ايندو ڏسي، ليليٰ تي تلوار ڪڍي بيهي رهيو، ۽ چيائينس ته جيڪڏهن تون مجنونءَ کي واپس نه ڪندينءَ ته آءٌ کيس اتي ئي ماري ڇڏيندس. جنهن تي ويچاري ليليٰ روئيندي پٽيندي مجنونءُ وٽ ويئي ۽ کيس مصر موٽي وڇڻ لاءِ ٻاڏائڻ لڳي؛ پر مجنونءَ مصر موٽڻ جي هام نه ڀري ۽ اتي ئي بيهي انتظار جي انجام ڪيائين. جنهن کان پوءِ، ليلي قافلي سان گڏ اڳتي رواني ٿي ويئي.

(1)    ع روايت موجب مجنون انهيءَ بر ۾ سانده ايڪٽيهه مهينا بيٺو هو.

(1)    ع روايت موجب ليليٰ اڍائي سالن کان پوءِ مصر موٽي آئي.

*    هن روايت جو مدار غالباً ڪڇ جي لکيل هڪ قلمي نسخي تي آهي، جو محترم مير علي احمد خان ٽالپور وٽان مليو. اهو نسخو سنه 1275هه ۾ لکيو ويو. نسخو نهايت صحيح ۽ سهڻي صورتخطيءَ ۾ لکيل آهي، جنهن جي هڪ صفحي جو عڪس پڻ شامل ڪيو ويو آهي. گذريل صديءَ ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ، سن 1858ع ۾، لنڊن مان “Sindhi Selections in the Musalman Character”  (سنڌي انتخاب) جي نالي سان ڪتاب ڇاپايو هو. ان ۾ سنڌي نثر جي ڪن ٽڪرن ۽ مينگهي ڀڳت جي بيتن سان گڏ، هيءُ ساڳيو قصو به ڇپيل آهي. ان بعد، هيءُ قصو ماستر هريسنگ، سنه 1889ع ۾، مصطفائي پريس لاهور مان ڇاپارايو. انهيءَ ڇاپي جي سرورق تي قصي، مصنف ۽ مترجم (؟) جو نالو هن طرح ڄاڻايل آهي: ”قصو ليليٰ ۽ مجنون جو، اصل جوڙيل جناب سيد فاضل محمد صاحب، مترجم ميان قادر بخش ولد محمد سليڪان، رهندڙ شڪارپور جي ترجمون ڪري موڪليو“. هن روايت جون پڙهڻيون ق روايت جي نشانيءَ سان حاشيءَ ۾ ڏنيون وييون. ڪڇ جي قلمي نسخي مان معلوم ٿئي ٿو ته شاعر فاضل شاهه ڪچ جي طرف جو هو ۽ ٻارهين صدي هجريءَ جي اوائل ۾ ٿي گذريو. جيئن ته قصي جي آخر ۾ قصي پوري ٿيڻ جي تاريخ 27- رمضان، 1136هه، بروز اڱارو، ڄاڻايل آهي.

(1)    اصل: راه.

(2)    ق: قادر قائم قدير سو دائم ڌڻي ڌُريا.

(3)    ق: عرش ڪرسيون آسمان...

(1)    ق: ماڻهو مرون بکڻان، کڻن ساهه پساهه.

(2)    ق: ري ٻهج اوڀر اُڀرجي ڀويون ڪن بهار

(3)    اصل: ولڙيون ورن...

(4)    ق روايت مان.

(5)    بند 6 کان 23 ق روايت ۾ نه آهن.

(1)    اصل لَوارو

(1)    اصل ٿي

(2)     اصل: پٿر.

(1)    ق ... مومن سبڀ مرهيج.

(2)    ق تون قادر ڪم ڪريج

(3)    اصل: پوهُ.

(1)    ق: طالب کي توجہ سين...

(2)    ق: پرتو آهي پور ۾، اٺئي پهر اِيئَن.

(1)    (1)     روايت ۾ هن مصراع بعد هي سٽون آيل آهن:

                        ڪڇي پڇي ڪينڪي ۽ نڪي ڪري بابت،

                        راتيان ڏيهان روح، ۾، اٿس لالن لات،

(2)    هي مصرع ق روايت ۾ ناهي

(3)    ق : پڇي پڙهيا پير ڪي...

(1)    اصل: پانڌي پَيّ پڇان.

(2)     اصل : هرن اُکي هنج کني ڪٽ ڪووَل جِي ڪارَ.

(3)    اصل: سَربَ ڪنائي سهڻي...

(4)    اصل: ڪبوتر جيَ ڪَسَئِي سيني سُنهاري

(5)    اصل: ڊَرَئي ڪر ڍاري.

(1)    ق: نٿ نموريون مٺڙا مينڍا ڳُتائي،.

(2)    ق : ڪُونجن جيئن.

(3)   ق: مڙوئي جا مون نفيس، تنهن مون من موهيو مانگهه.

(4)    ق:... ڀري پايو هيو پير.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org