سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب: -

صفحو :31

 

 

مل محمود ۽ مهرنگار

 

[هيءُ قصو سنڌ ۾ آڳاٽي وقت کان رائج آهي، ۽ مشهور درويش ”شاهه محمّد مڪي“ عرف ”جِئي شاهه“ (مدفون ڪَچو قلعو، حيدرآباد شهر) ڏانهن منسوب آهي. هن قصي جون ٻه روايتون مليون، جي هيٺ ڌجن ٿيون. بنيادي قصو غالباً ساڳيو هو، جنهن ۾ رفته رفته مڪاني طور تبديليون آيون. شاه محمد مڪي جو حضرت علي﷤ جي زماني ۾ سنڌ ۾ اچڻ، ۽ ان وقت جي حاڪم نيرون راجا سان لڙائي ڪرڻ، ۽ حضرت عليءَ جو سنڌ ۾ اچي ملڪ محمود جي مدد ڪرڻ، ظاهراً هڪ ڏند ڪٿا آهي، ۽ تاريخي اعتبار کان صحيح نه آهي – مرتب.]

 

روايت [1]

 

مل محمود، جنهن جو اصل نالو ”محمّد“ هو، اصل مڪي شهر جو رهاڪو هو. جهڙو سونهن ۾ سرس هو، تهڙو ئي سورهيه مڙس هو. سير شڪار جو به ڪوڏيو هو. هڪڙي ڀيري هو شڪار ۽ گهمڻ سانگي سنڌ ۾ اچي نڪتو. ان وقت حيدرآباد شهر کي نيرون ڪوٽ چوندا هئا، ۽ منجهس نيرون نالي راجا حڪومت ڪندو هو. محمّد به گهمندو ڦرندو ٿوري گهڻي ڏينهن اچي نيرون ڪوٽ وڃي ڊاٻو ڪيو، ۽ ڪوٽ جي ٻاهران جهنگل ۾ شڪار ڪرڻ لڳو.

نيرون راجا کي مهرنگار نالي تمام حسين ڌيءَ هئي، جا پڻ پهلوانيءَ ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ هئي. ملڪ جو ڪوبه پهلوان هن جي اڳيان بيهي ڪونه سگهندو هو. هوءَ پڻ شڪار جي شوقين هئي، تنهنڪري راجا نيرون خاص هن جي لاءِ شڪار گاهه رکايو هو؛ جنهن ۾ ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ کي شڪار ڪرڻ جي اجازت نه هئي. اتفاق سان ان ڏينهن مهرنگار به شڪار جي خيال سان جهنگل ۾ آئي. اتي هن جي نظر اوچتو وڃي محمّد تي پئي. سو جڏهن هڪڙي ڌاريي ماڻهوءَ کي پنهنجي شڪارگاهه ۾ ڏٺائين، تڏهن ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ويئي. ۽ سپاهي موڪلي کيس پاڻ وٽ گهرايائين.

محمّد پنهنجي هٿيارن پنوهارن سميت، سپاهيءَ سان گڏجي اچي مهرنگار وٽ حاضر ٿيو. شهزادي مهرنگار ان وقت مرداني ويس ۾ هئي. تنهن ڏاڍي رعب تاب مان هڪ کان پڇيو ته: اي شخص! تون ڪير آهين، ۽ هتي بنان موڪل شڪار ڇو ٿو ڪرين؟ محمّد نماڻائيءَ سان جواب ڏنو ته: آءٌ پرديسي آهيان ۽ سير شڪار جي خيال سان هن ملڪ ۾ آيو آهيان. شهزادي مهرنگار وري ڪاوڙ مان چيس ته: آءٌ هن ملڪ جو شهزادو آهيان، توکي خبر ڪانهي ته هن جهنگل ۾ مون کان سواءِ ٻئي ڪنهن به شخص کي شڪار ڪرڻ جي موڪل ڪانهي! تڏهن محمّد وراڻيس ته: زمين خدا جي آهي، ان جو مالڪ به فقط اهو ئي آهي. مون کي خبر ڪانه هئي ته هن ملڪ جي رعيت جا حڪمران زمين جا به مالڪ ٿيندا آهن. هڪ پرديسي ۽ اڪيلي ماڻهو کان ههڙو جريت وارو جواب ٻڌي سمجهي ويئي ته هيءُ ماڻهو ڪو معمولي ڪونهي. تڏهن وري چيائينس: ڀلا، جي اهڙو جرئتمند آهين ته مون سان مقابلو ڪندين؟ محمّد جي هائوڪار ڪرڻ تي، مهرنگار ڏانهس هٿ وڌائي چنبي ڇڏائڻ جو مقابلو ڪيو. پهريائين مهرنگار، محمّد، مهرنگار جو چنبو جهليو. هن گهڻيئي زور ڏنا، پر چنبو ڇڏائي نه سگهي. انهيءَ ڇڪتاڻ ۾ اتفاق سان شهزادي مهرنگار جو پٽڪو لهي پيو، ۽ سندس ڊگها ڪارا وار ظاهر ٿي پيا. مهرنگار پنهنجو راز ظاهر ٿيندو ڏسي، ڏاڍي شرمسار ٿي. ويتر هن پرديسي شخص جي سونهن ۽ همت تي به موهجي پئي هئي، سو پنهنجي شڪست قبول ڪندي، هن سان محبت جو اظهار ڪيائين. آخرڪار شڪار جو وقت پورو ڪري، محمّد کي ساڻ وٺي، شهر ڏانهن هلڻ لڳي. واٽ تي خيال آيس ته محلات جي چؤطرف ته سخت پهرو بيٺل آهي؛ جيڪڏهن محلات جي چوڪيدارن مون کي هڪ ڌاريي مرد سان محلات ۾ ويندي ڏسي ورتو، ته پوءِ ڪالهه ڳري ٿيندي. تڏهن محمّد کي چيائين ته: تون شهر جي ٻاهران ڪجهه وقت انتظار ڪر ته آءٌ محلات ۾ پهچي، تنهنجي لاءِ زنانو ويس موڪليان، ۽ تون انهيءَ نموني سان بنان ڪنهن کٽڪي محلات ۾ اچي سگهين ٿو. محمّد اها صلاح قبول ڪئي. مهرنگار اتي ئي هن کي ڇڏي هلي ويئي. ٿوري وقت کان پوءِ مهرنگار جي هڪ خاص ٻانهي زنانو ويس کڻي آئي. محمّد اهو ڍڪي، ٻانهيءَ سان گڏ اچي محلات ۾ داخل ٿيو. ڳچ ڏينهن هيءُ انهيءَ ويس سان محلات ۾ پنهنجي محبوب سان رهاڻيون ڪندو رهيو. نيٺ ڪن ڏينهن پڄاڻان شهزاديءَ جي شاديءَ جو وقت اچي ڀريو. راجا نيرون طرفان انهيءَ خوشيءَ ۾ جشن ملهائڻ ۽ سازن سرودن وڄائڻ جو حڪم ٿي ويو. شهزادي مهرنگار، جا هاڻي انهيءَ شاديءَ جي خلاف هئي، تنهن پنهنجي محلات اندر جشن ڪرڻ جي منع ڪري ڇڏي. راجا نيرون هيءُ حال ڏسي عجب ۾ پئجي ويو. گهڻئي پڇا ڳاڇا ڪيائين پر پتو نه پئجي سگهيس. خود شهزادي به پيءُ جي پڇڻ تي نٽائي ويندي هئي. آخرڪار بادشاهه، نجومين کي گهرائي، کين حقيقت معلوم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. نجومين ڪتاب ڏسي وراڻيس ته: جيئندا قبلا! محلات اندر هڪ مرد رهي ٿو، جنهن سان شهزاديءَ جي محبت آهي. اهو ئي سبب آهي جو هوءَ شاديءَ کان انڪار ڪري ٿي، ۽ جشن ملهائڻ جي اجازت نٿي ڏئي.

نجومين نجوم سان، سهي ڪيو مل محمود کي،

ته آهي نامحرم محلات ۾، پڪ ڏنائون راجا کي.

هن خبر راجا نيرون کي ويتر ڳڻتيءَ ۾ وجهي ڇڏيو. حيران ٿي ويو ته هيڏي ساري پهري مان ڪيئن هڪ ڌاريو مرد محلات ۾ وڃي سگهيو! تنهن کان سواءِ ان کي ڪيئن ڳولي هٿ ڪجي؟ راجا گهڻئي چاري محلات ۾ ڇڏيا. محلات جي ڪنڊ ڪڙڇ ڪري ڳولي، پر محمّد هٿ نه آيو. ڇاڪاڻ ته هڪڙو ته هو زناني ويس ۾ هو، ٻيو ته مهرنگار کيس پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ لڪائي ڇڏيو هو. انهن نجومين ۾ هڪڙو انڌو نجومي هو؛ محمّد جي هٿ نه اچڻ تي، ان نجوميءَ راجا کي چيو ته: آءٌ محلات جي وڏي دروازي وٽ ڪرسي وجهي ويهندس. پوءِ محلات جي ٻانهين مان هڪ هڪ ٿي منهنجي اڳيان لنگهي، ۽ مون کي هٿ ڏيندي محلات مان نڪري. اميد آهي ته انهيءَ طريقي سان اهو ماڻهو جهلجي پوندو. راجا نيرون اها ڳالهه قبول ڪري، محلات خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ٻانهيون هڪ هڪ ٿي محلات مان نڪرڻ لڳيون، ۽ انڌي نجوميءَ کي هٿ ۾ هٿ ڏينديون دروازي کان ٻاهر نڪتيون. محمد به زناني ويس ۾ جڏهن دروازي وٽ آيو، ۽ نجوميءَ کي هٿ قابو جهلي، سپاهين کي هڪل ڪيائين، جن يڪدم هن کي ٻڌي راجا جي اڳيان آندو. جنهن حقيقت معلوم ڪرڻ کان پوءِ هن کي قيد ۾ وجهڻ جو حڪم ڏنو. قيد ڏانهن ويندي محمّد، شهزادي مهرنگار کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته هن ملڪ ۾ سڀ منهنجا دشمن آهن، ۽ مون کي هن آفت مان آزاد ڪرائڻ جي طاقت به ڪنهن ۾ ڪانه ٿي سجهي. باقي مڪّي شهر ۾ منهنجو جاني دوست حضرت علي ڪرم الله وجہ رهي ٿو؛ ان کي جيڪڏهن منهنجي هن حالت جي خبر پيئي ته هو هڪدم هليو ايندو. اهو ئي هڪ اهڙو شخص آهي، جو مون کي هتان آزاد ڪرائي سگهي ٿو.

محمد ته وڃي اونداهي کوهه ۾ قيد جا ڏينهن ڪاٽڻ لڳو، پر هيڏانهن شهزادي مهرنگار کي اچي جهوراڻي ورايو. آخرڪار مهرنگار هڪ خاص قاصد کي مهرون ۽ موتين جا ٿالهه انعام ڏيئي، سڄو احوال حضرت عليءَ ڏانهن موڪليو. حضرت علي﷤ پنهنجي دوست بابت هيءَ خبر ٻڌي بي آرام ٿي پيو ۽ ستت ئي سهي سنڀري قاصد سميت نڪري پيو، ۽ ڪن ڏينهن پڄاڻا اچي نيرون ڪوٽ ۾ پهتو. چون ٿا ته حضرت علي﷤ پنهنجي دلدل کي سڌو آڻي نيرون راجا جي ايوان ۾ بيهاريو. هڪڙي ڌاريي شخص کي محلات ۾ ڏسي، نوڪرن ۽ ٻانهين ۾ ٿرٿلو پئجي ويو. گهوڙي جي هڻڪارن ۽ حضرت عليءَ جي دهشت اڳيان ڪير به ويجهو اچڻ ۾ ڪجهه ڳالهائڻ جي همت نه ساري سگهيو. محلات جي ٻانهين ۽ نوڪرن، شهزاديءَ کي هن حقيقت کان واقف ڪيو. ايتري ۾ اهو قاصد به اچي حاضر ٿيو، جنهن کي شهزادي خود حضرت عليءَ ڏانهن موڪليو هو. قاصد کي ڏسڻ شرط شهزادي سمجهي وئي ته حضرت علي آيو آهي. پوءِ ڊوڙي اچي حضرت عليءَ سان ملي، ۽ کيس سموري احوال کان واقف ڪيائين. حضرت علي دلدل کي ورائي انهيءَ کوهه وٽ آيو، جنهن ۾ محمد قيد هو. کوهه جي منهن تي تمام ڳري ڇپ آيل هئي، جا چاليهه پهلوان مس چوري سگهندا هئا. حضرت علي ڇپ کي لت سان هٽائي، کوهه ۾ لهي پيو. محمد زمين جي زلزلي ۽ گهوڙي جي ٽاپن مان سمجهي ويو هو ته حضرت علي اچي ويو آهي، ۽ پڪ ٿيس ته پهريائين محلات ۾ شهزاديءَ وٽ ويو هوندو. کيس اها ڳالهه نه آئڙي، سو حضرت عليءَ کي ويجهو ايندو ڏسي پٺ ورائي بيهي رهيو. حضرت عليءَ ويجهو وڃي پڇيس ته: دوست! هن روش جو ڪهڙو سبب آهي؟ تنهن تي محمّد وراڻيو ته: سائين! توهين جڏهن منهنجي مدد لاءِ آيا، ته پوءِ محلات ۾ وڃي شهزاديءَ جي روبرو ٿيڻ جو ڪهڙو ضرور هو! اتي حضرت عليءَ مرڪي وراڻيو ته: آءٌ تنهنجي ڏس پتي پڇڻ ۽ خود شهزاديءَ جي حال معلوم ڪرڻ لاءِ اتي ويو هئس. ايترو ٻڌي محمد، حضرت عليءَ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ معافي گهرڻ لڳو. پوءِ حضرت علي کيس ساڻ ڪري کوهه مان ٻاهر نڪتو ۽ گڏجي محلات ۾ آيا.

هوڏانهن نيرون راجا کي ڪن خابرن، حضرت علي جي اچڻ ۽ محمّد کي قيد مان آزاد ڪرڻ بابت سڄي خبر وڃي ٻڌائي. نيرون يڪدم پنهنجي سپہ سالار کي جنگ جو حڪم ڏنو. اڃا حضرت علي، محمد سميت محلات کان ٻاهر نڪتوئي مس ته نيرون جو لشڪر اچي سامهون ٿيس. ٻنهي ڌرين ۾ ڏاڍي جنگ لڳي. هن مقابلي هلندي اچي فجر جي نماز جو وقت ٿيو. اتي حضرت عليءَ، محمد کي چيو ته: آءٌ نماز پڙهي ٿو وٺان ۽ تون لڙائي ڪر. ائين حضرت علي وڃي نماز ۾ بيٺو، ۽ محمد ۽ مهرنگار نيروني لشڪر جو مقابلو ڪندا رهيا. جيسين حضرت علي نماز مان فارغ ٿئي، تيسين هي ٻئي ڄڻا مقابلو ڪندي ڪندي شهيد ٿي ويا. حضرت علي نماز کان فارغ ٿي وري اچي ميدان ۾ بيٺو ۽ اڪيلي سر سموري لشڪر کي ماري مڃايائين. پوءِ محمد ۽ مهرنگار جي لاشن کي شاهه مڪائي جي قلعي ۾ دفن ڪري، پاڻ واپس وڃي پهتو.

 

روايت [2]

 

ڳالهه ٿا ڪن ته ”مل محمود“ نالي مڪي ۾ هڪڙو پهلوان هو، جو حضرت علي﷤ جن جي خذمتگارن مان هو. هڪڙي ڏينهن مل محمود کي هند ۽ سنڌ گهمڻ جو شوق ٿيو؛ سو نبيﷺ جن کان موڪل گهريائين. نبيﷺ جن کيس چيو ته: تون حضرت علي﷤ کان اجازت وٺ. مل محمود وري حضرت علي﷤ کان اجازت گهري، جنهن چيس ته: تون مڪي جو پهلوان آهين. هند ۽ سنڌ جا پهلوان توکي اڪيلو ڏسي، توسان وڙهندا ۽ تڪليفون ڏيندا، تنهنڪري انهيءَ ارادي تان لهي وڃ. مل محمود عرض ڪيو ته: يا حضرت! آءٌ وڙهڻ ڪونه ٿو وڃان، فقط گهمڻ جي ارادي سان وڃان ٿو، تنهنڪري اجازت گهران ٿو. حضرت علي چيس ته: جيڪڏهن تنهنجي هروڀرو اها مرضي آهي ته پوءِ منهنجي نصيحتن کي ياد رکج. پهريون ته دشمن جي ملڪ ۾ وڃين ٿو، اتي الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن کان به نه ڊڄج. پر جيڪڏهن تون دشمن جي اڙيءَ هيٺ اچي وڃين ۽ توکي تمام گهڻيون تڪليفون ڏين، ته پوءِ الله ۽ ان جي رسول کي سنڀالي، مون کي هڪل ڪج انشاءالله، دشمن جا ڇيهه ئي ڇڄي پوندا.

مل محمود وٽ ”قيس“ نالي نهايت ڀلو گهوڙو هو. اجازت ملندي ئي هو گهوڙي تي سوار ٿي روانو ٿيو، ۽ واٽ تـي ملڪ گهمندو ٿوري گهڻي ڏينهن اچي سنڌ ۾ نڪتو. جڏهن جهرڪن جي ڀر ۾ ”ٻڌڪن“ ٽڪرن وٽ پهتو، تڏهن پنج سئو سپاهين جو هڪ ڪٽڪ ڏسڻ ۾ آيس. سپاهين جو هڪڙي ڌاريي ماڻهو کي پنهنجي ملڪ ۾ ڏٺو، تڏهن سردار کي ٻڌايائون. جنهن وري حڪم ڪيو ته هن کي جلدي ٻڌي وٺي اچو ته پنهنجي بادشاهه وٽ وٺي هلون. فقط حڪم جي دير هئي، پنج ئي سئو سپاهي مل محمود کي ڦِري ويا. مل محمود پنهنجو ارادو ظاهر ڪري، هنن کي جنگ کان پلڻ جي ڪئي، پر هو پنهنجيءَ هوڏ تي قائم رهيا ۽ تلوارون ڪڍي سندس ويجهو آيا جڏهن ڏٺائين ته هيترن سپاهين سان پڄڻ جي ڀيڻي ڪانهي، تڏهن الله ۽ ان جي رسول کي ياد ڪري، حضرت علي کي هڪل ڪيائين ته: مشڪل ۾ حامي ٿيءُ. هڪل سان ئي ڪافرن جا هٿ لڏيا، تلوارون هٿن مان ڪري پيون، ۽ گهوڙا پٺ ورائي بيهي رهيا. سپاهين ڊوڙي وڃي سردار کي ٻڌايو. سردار عجب ۾ پئجي ويو، ۽ چيائين ته: انهيءَ پهلوان سان آءٌ اڪيلو مقابلو ڪندس. سردار وڌي ويجهو آيو. سندس برابر ٻيو پهلوان ڪونه هو، سو جڏهن مل محمود جي سامهون آيو، تڏهن تلوار ڦٽي ڪري گهوڙي تان لهي هوڪاريائين ته: اي پهلوان! آءٌ هٿين خالي آهيان، مون ۾ پنج سئو پهلوانن جي طاقت آهي، تون تلوار ۽ گهڙي سوڌو اچ ته فقط پاڻ ٻئي مقابلو ڪريون. مل محمود يڪدم تلوار مياڻ ۾ وجهي، گهوڙي تان لهي جواب ڏنس ته: آءٌ به پهلوان آهيان، جنگ جهيڙو منهنجو مقصد نه آهي. جيئن ته تون هٿين خالي آهين، ان ڪري آءٌ به هٿين خالي اچان ٿو. ائين چئي، اچي پهلوان سان هٿ اٽڪايائين. پهر سوا جـي مَلهه کان پـوءِ، مـل محمود دشمن کي ليٽائي وڌو ۽ هن جي سيني تي گوڏو رکي، تلوار جو وار ڪرڻ تي هو ته کيس محسوس ٿيو ته هي سردار مرد نه آهي، بلڪ عورت آهي. مل محمود هڪدم ٽپ ڏيئي اٿي بيهي رهيو. سردار چيس ته: وار ڪر. مل محمود وراڻيس ته: هڪڙيءَ عورت تي وار ڪرڻ پهلوان جو شان نه آهي. ”ملاح“ نالي هڪ شاعر انهي واقعي تي ڏور چيو آهي ته:

 

ڪاهيو آئي ڪڻڪ سان، جوڙ وڏي جنسار،
راجا سان راهه ڪيائين، گويا اها گفتار،
جاني اتي جواب ڏنو، پسي پرِي جا پار،
حملو سارو هٽي ويو، ڀَلِي جيءَ ڀُلڪار،
ريهه ڪري راڻي پيا وار جا ڇڙي چوڌار.

 

سردار اٿي کڙو ٿيو، ۽ احسانمنديءَ جي نگاهن سان ڏسي چيائين ته: اي پهلوان! سچ ٿو چئين، منهنجو نالو نگار آهي، ۽ نيرون راجا جي ڌيءَ آهيان. تڏهن هن به چيس ته: منهنجو نالو مل محمود آهي، مڪّي جو رهاڪو آهيان ۽ حضرت علي جو خاص خادم آهيان. جيتوڻيڪ هتي ڪيترائي ڪافر پهلوان آهن، ليڪن مون کي ڪوبه خوف ڪونهي. نگار چيس ته: پهلوان! آءٌ عورت آهيان، اڪيلي سر مون ۾ پنج سئو پهلوانن جي طاقت آهي، هن وقت تائين مون کي ڪنهن نه نمايو آهي، هاڻي آءٌ تنمهنجي زال ۽ تون منهنجو مڙس. تون مون کي ۽ منهنجي لشڪر کي تڏهن جيتي سگهيو آهين، جڏهن تنهنجو الله تنهنجو رسول  تنهنجو مذهب سچو آهي. تنهنڪري آءٌ به مذهب اسلام تي ايمان آڻيان ٿي، مون کي ڪلمون پڙهاءِ. نگار ڪلمون پڙهي مسلمان ٿي. ان بعد مل محمود کي چيائين ته: ستن ڏينهن کان پوءِ منهنجي شادي ٿيڻي آهي. ڪوٽ ۾ محفل متي پيئي آهي. مون کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪئين پهلوان اچي گڏ ٿيا آهن. آءٌ پنهنجي پيءُ کان شڪار لاءِ موڪل وٺي هتي آيس، ۽ توسان ملاقات ٿي. هاڻي آءٌ محلات ۾ وڃان ٿي، ۽ تون مون کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪر. ائين چئي نگار موڪلائي رواني ٿي.

نگار جي وڃڻ کان پوءِ مل محمود ڪوٽ ۾ آيو، ۽ ڀريءَ مجلس ۾ نيرون راجا کان نگار جو سڱ گهريائين. راجا جي پهلوانن هن جي گستاخي ڏسي مٿس حملو ڪيو. پر مل محمود جي هڪڙيءَ حڪم سان ئي سندس ڍڍر ڍرا ٿي پيا، ۽ مٿس حملي ڪرڻ جي همت ئي نه ٿين. هنن کي راجا گهڻو ئي هشڪاريو، پر پهلوانن جواب ڏنو ته: هن پهلوان کي قابو ڪرڻ اسان جي وت کان ٻاهر آهي. کيس فقط ڪاپڙي پهلوان ئي وٺي سگهندو.

نيرون راجا يڪدم ڪاپڙي پهلوان ڏانهن ماڻهو ڊوڙايو. ڪاپڙي پهلوان ان وقت سئو ورهين جو هو، ۽ اکين کان انڌو هو. هو راجا جي حڪم تي اچي حاضر ٿيو، ۽ حقيقت ٻڌي راجا کي صلاح ڏنائين ته: ڪچهريءَ جا ٻيا دروازي بند ڪري فقط هڪڙو دروازو کليل رکو. پوءِ ان دروازي مان سڀڪو نڪرندو مون کي هٿ ڏيندو وڃي. حڪم موجب سڀڪو دروازي مان نڪرندو ڪاپڙيءَ سان هٿ ملائيندو ويو. آخر مل محمود جو وارو آيو. اُن خيال ڪيو ته: جن هٿن سان نبي صلعم ۽ حضرت علي﷤ جا هٿ ڌئاريم، اهي هٿ ڪيئن هن ڪافر جي هٿ ۾ ڏيان! اهو خيال دل ۾ آڻي فقط ڏائي هٿ جو آڱوٺو ڪاپڙيءَ جي هٿ ۾ ڏنائين، جنهن ورائي کڻي قابو ڪيس، ۽ چيائينس ته: اي پهلوان! آءٌ ٻڌندو آهيان ته حضرت علي تمام پهلوان آهي، ان سان مقابلو ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هئم، ليڪن سئو ورهين جو ٿي ويس، پر نه اکين سان ڏٺم ۽ نه وري مقابلو ٿيو. اتي سپاهين مل محمود کي ورائي کڻي سوگهو ڪيو. پوءِ راجا جي حڪم موجب هن کي گنجي ٽڪر جي هڪڙي غار ۾ وجهي، مٿان هزار مڻن جي ڇپ رکي ڇڏيائون. مل محمود پڇاڙيءَ جو ايترو چيو ته: حضرت علي ضرور منهنجي مدد لاءِ ايندو.

عشق ڪن کي ڪاهيو، ڪن کي پيڙايو ۽ ڪن کي ٻوڙايو. مل محمود به نگار جي عشق ۾ غار جو باندي ٿيو. هن قصي جي انهيءَ واقعي تي هڪڙي سگهڙ ڏور چيو ته:

 

ساهڙ کان سهڻيءَ، بيهي پڪا پڇيا پار،
موٽ منهنجا من تون، محبتي ميهار،
عاشق کي اداس جي، تن ۾ لڳي تار،
سٽي ويو ساڻيهه ۾، جت هئا چنيسر چوڌار،
اُت بگل بينون بيهي ويا، ڏسي حسن جو هٻڪار،
جڏهن لکيو لکڻهار، تڏهن پوري ڇڏيائونس پورب ۾.

مل محمود جي گرفتار ٿيڻ کان پوءِ ستين ڏينهن نگار جي شادي اُتم نالي پهلوان سان ٿي. رات جو جيئن گهوٽ خوشيءَ ۾ ڀرجي نگار ڏي ٿي ويو، تيئن هن هڪل ڪيس ته: خبردار، جو پير پلنگ تي رکيو اٿئي! آءٌ مسلمان آهيان، منهنجي شادي ان پهلوان سان آهي، جيڪو غار ۾ بند آهي. اتم پهلوان، نگار جي همت ڏسي ماٺ ۾ اچي ويو. شهزاديون ۽ وڏ گهراڻيون، نگار سان ملڻ آيون. انهن ۾ هڪڙي پوڙهي اصحابڻ به هئي، جا نگار کي شاديءَ جون مبارڪون ڏيڻ آئي هئي. جنهن وقت نگار جي نظر اصحابيءَ جي ماءٌ تي پيئي، تڏهن هن ٻين عورتن کي ڇڏي اچي اصحابڻ کي ڀاڪر پاتو، ۽ پاسو وٺي چيائينس ته: آءٌ مسلمان ٿي آهيان، منهنجو مڙس مل محمود مڪّي جو پهلوان آهي. جنهن کي راجا ڪنهن ريب سان گنجي ٽڪر جي غار ۾ قيد ڪرايو آهي. مون اُتم سان ستن ڏينهن جو انجام ڪيو آهي. جيڪڏهن ستن ڏينهن اندر حضرت علي﷤ اسان جي مدد ڪري جند آزاد ڪرائي ته واه نه ته اُتم جي زال ٿي رهڻو پوندم. هاڻي تون هيئن ڪر، جو جيڪا دولت کپئي، سا کڻي وڃ ۽ پنهنجي پٽ کي حضرت عليءَ ڏانهن موڪل ته تنهنجو اصحابي گنجي ٽڪر جي غار ۾ دشمن بند ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي اچي ڪا مدد ڪر. اصحابڻ چيس ته: ڌي! تون منهنجي نياڻي آهين، تنهنجو نياپو موڪلڻ منهنجو فرض آهي، دنيا دولت جي مون کي گهرج ڪانهي.، ائين چئي موٽي گهر آئي.

ٻنپهرن جو اصحابي ڪاٺيون ڪري آيو(1). ماءُ، پٽ جي اڳيان ماني رکي، کيس واءُ هڻڻ لڳي. پٽ بسم الله ڪري گرهه کنيو ته قدرت سان گرهه وات تائين نه پهتو ۽ ڪري پيو. اصحابي، ماءُ کي چيو ته: اما! اڄ ڪا ڳالهه تنهنجي پيٽ ۾ آهي، جا مون کي ٻڌائڻ کان پيئي هٽڪين. ماءُ چيس ته: پٽڙا! تون پهرين ٿانيڪو ٿي، ماني کاءُ ته پوءِ توکي ڳالهه ٻڌايان. پٽ چيس ته: اما! مانيءَ جو فڪر نه ڪر، پهرين ڳالهه ٻڌاءِ. آخر پٽ جي گهڻي زور ڀرڻ تي چيائين ته: ابا! نيرون راجا جي ڌيءَ نگار، مسلمان ٿي آهي. هن جي محبت مل محمود مڪي جي پهلوان سان ٿي آهي، جنهن کي نيرون راجا گنجي ٽڪر جي غار ۾ قيد ڪرايو آهي. شهزادي نگار جي مرضي آهي ته تون حضرت عليءَ ڏانهن قاصد ٿي وڃ، ۽ سموري ماجرا ٻڌائي مل محمود لاءِ مدد وٺي اچي. اهو ٻڌي اصحابي ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ ماءُ کي چيائين ته: هاڻي اَنّ پاڻي مون تي حرام آهي، پهرين نياپو پهچائيندس، پوءِ ماني کائيندس. ماءُ چيس ته: ابا! ٻارهن مهينن جو پنڌ آهي، تون ٻارهن ئي مهينا مانيءَ کان سواءِ ڪيئن رهي سگهندين؟ اصحابي وراڻيو ته آءٌ ٻارنهن مهينن جو يڪو روزو رکندس. پوءِ ماءُ کيس چادر جي پلؤ ۾ ماني ڳڀو ٻڌي ڏنو؛ ۽ هو ماءُ کان دعا گهري مڪّي ڏانهن روانو ٿيو. اصحابي گهوڙي تي چڙهي روانو ٿيو، ته خدا جي قدرت سان زمين سوڙهي ٿي ويئي، ۽ اصحابي جو گهوڙو ڄڻ اڏامڻ لڳو. تان جو ٻارهن مهينن جو پنڌ هڪڙي ڏينهن ۾ ڪري، هو سج لٿي مهل اچي مڪّي ۾ پهتو. اصحابي سڌو نبي صلعم جن جي ڪچهريءَ ۾ آيو، جتي حضرت علي سميت جملي اصحابي ويٺا هئا. ڪچهريءَ ۾ گهڙڻ سان، جڏهن نبي صلعم جن جي نگاهه اصحابيءَ تي پئي، تڏهن فرمايائون ته: ڀلي آئين هندستاني اصحابي. پوءِ حضرت عليءَ کي اشارو ڪيائون، جنهن اصحابيءَ کي ڀر ۾ ويهاري احوال پڇيو. اصحابيءَ احوال ڏئي ڇيهه ڪيو، تڏهن حضرت عليءَ، نبي صلعم جن کان اجازت وٺي پنهنجي پهلوان جي مدد لاءِ تيار ٿيو. ان واقعي تي ڪنهن سگهڙ ڏور چيو ته:

 

هير پنهنجي رانجهي لاءِ وڏا ڪيا وس،
ڳوليئين پئي ڳوٺن ۾، گام نهاري گس،
قاصد ڪيائين ڪست مان، ڏيئي دنيا جا دس،
سو به سٽي ويو ساڻيهه ۾، جت راجائن جا رس،
سڃاڻي سڀ سرس، جهلئين هٿ حبيب جو.

 

حضرت علي ڏاڍي جوش مان ان وقت ئي سنڌ ڏانهن روانو ٿيو. دلدل اُڏامڻ لڳي، تان جو ساڳئي ڏينهن اڌ رات جو نيرون ڪوٽ ۾ اچي لٿا. پهريدار سڀ ستا پيا هئا، تنهنڪري حضرت علي هلندو اچي نگار جي ڪوٺيءَ ۾ پهتو. ان وقت هوءَ ستي پئي هئي. سندس ڀرسان ٻئي پلنگ تي اُتم ستو پيو هو. اوچتو نگار جي اک کلي ته هڪ نوراني شخص کي پنهنجي پلنگ وٽ ڏٺائين. يڪدم اُٿي ويٺي، ۽ حيرانيءَ مان ڏسڻ لڳي. تڏهن حضرت علي چيس ته: آءٌ اهو آهيان، جنهن ڏانهن مدد لاءِ تو نياپو موڪليو هو. نگار اهو ٻڌي تمام خوش ٿي.، پوءِ اُتم ڏانهن اشارو ڪيائين. حضرت علي اُتم کي حڪم ڪيو ته هن جو رت سڪي ويو. ٽپ ڏيئي پلنگ تان اٿيو ۽ تلوار کڻي حضرت علي جي مقابلي ۾ آيو، پر حضرت علي جي هڪڙي ئي وار ۾ وڍجي ٻه اڌ ٿي پيو. پوءِ حضرت علي نگار کي ساڻ وٺي، مل محمود کي ڇڏائڻ لاءِ گنجي ٽڪر تي آيو. غار جي منهن تي هزار مڻ جي ڇپ پيل هئي، جنهن کي سئو پهلوان گڏجي چوريندا هئا. حضرت علي ان ڇپ کي اهڙي لت هنئي، جو ڏري چار ٽڪر ٿي پري وڃي پئي، ۽ غار ۾ هٿ وجهي مل محمود کي ٻاهر ڪڍيائين. اتي مل محمود خدا جو شڪرانو ادا ڪيو. پوءِ ٽيئي ڄڻا دلدل تي سوار ٿي مڪّي ڏانهن روانا ٿيا. جڏهن ”ٻڌڪن ٽڪرن“ وٽ پهتا، تڏهن فجر ٿي وئي، تنهنڪري نماز پڙهڻ لاءِ اتي لهي پيا.

هوڏانهن روزانو صبح جي وقت نيرون راجا پوڄا لاءِ مندر ۾ ويندو هو. سندس رستو نگار جي محلات هيٺان هو. سو جيئن اتان اچي لنگهيو، تيئن محلات جي ڇت مان رت ٽمندو ڏٺائين. يڪدم محلات ۾ آيو، ۽ اتم پهلوان کي به ڏسي پڪ ڪيائين ته حضرت علي اچي ويو آهي. تڏهن يڪدم لشڪر کي حڪم ڪيائين ته: گنجي جي غار تي وڃي حضرت عليءَ کي گرفتار ڪري اچو. حڪم جي دير هئي، لشڪر گنجي جي غار تي پهتو. ڏٺائون ته ڪاريءَ وارا ڪک لڳا پيا آهن. لشڪر پيرو کڻي ٻڌڪن جي ٽڪرن وٽ پهتو، ته هنن کي نماز ۾ مشغول ڏٺائون. سپاهين کي همت نه ٿي جو اڳتي وڌن. نگار جڏهن ڏٺو ته دشمن اچي ويا آهن، تڏهن تلوار مياڻ مان ڪڍي، هنن تي ڪاهي پئي ۽ ڪئين سپاهي اڪيلي سر ماريائين. آخر پاڻ به وڙهندي وڙهندي شهيد ٿي ويئي. مل محمود نماز مان فارغ ٿي دشمن جو لشڪر ۽ پنهنجي شهيد ٿيل زال ڏسي، هڪل ڪري لشڪر ۾ ڪاهي پيو. ڳچ جيتر دشمن ماري، آخر پاڻ به شهيد ٿي ويو. اتي حضرت علي نعرو هڻي ذوالفقار سان حملو ڪيو. سندس هڪڙيءَ هڪل ئي دشمن جا هِنيا ڏاري ڇڏيا هئا. آقي باقي جو ذوالفقار وانگر سندس گردن لاهڻ لڳي، تڏهن لشڪر جا باقي پهلوان ڀڄڻ جا سانباها ڪرڻ لڳا. پر حضرت علي کين ڀڄڻ جو موقعو ئي ڪونه ڏنو. اک ڇنڀ ۾ دشمن ماري ميدان خالي ڪيائين. پوءِ نگار ۽ مل محمود جي لاشن کي ڏسي ڏاڍو غمگين ٿيو ۽ ٻنهي شهيدن جا سر ڌڙن سان گڏي بارگاهه ايزدي مان دعا گهريائين. خدا جي قدرت، جو دعا قبول پئي ۽ ٻئي ڄڻا ڪلمون ڀري اٿي ويٺا. حضرت عليءَ ٻنهي کي دلدل تي سوار ڪيو. ان واقعي تي شاعر ملاح ڏور چيو آهي ته:

 

رانجهو پنهنجي راز سان، ويو کيت کڻيو،
فرض ۾ فالم ٿي، ويو قرب ۾ ڪڙيو،
پلٽڻ انهيءَ پليت جي، وئي چوڌاري چڙهيو،
سخا شهزاديءَ جي، اوهين ويهي ڳالهه ڳڻيو،
کنو انهيءَ خان جو، پئي لشڪر ساڻ لڙيو،
ويو مانجهي مير کڻيو، مل انهيءَ ”ملاح“ چوي.

ڪجهه وقت بعد ٽيئي ڄڻا مڪّي شريف ۾ حضور جن جي ڪچهريءَ ۾ اچي حاضر ٿيا. حقيقت حال حضرت عليءَ پيش ڪيو. چئني طرفن کان مبارڪون وري ويون. ان کان پوءِ حضور جن، حضرت عليءَ کي چيو ته: هاڻي مل محمود کي اسين ”شاهه محمود مڪّي“ سڏيون ٿا ۽ کيس نيرون ڪوٽ جي بادشاهي وٺي ڏي. حضرت علي، نبي صلعم جن جي حڪم موجب نيرون تي حملو ڪري آيو، ڪوٽ فتح ڪري شاهه مڪيءَ کي حڪومت وٺي ڏنائين ۽ پاڻ واپس مڪي روانو ٿي ويو. ڪجهه وقت بعد مل محمود ۽ نگار وفات ڪئي، کين نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) جي ڪچي قلعي ۾ دفن ڪيو ويو؛ جتي ٻئي قبرون گڏجي هڪ ٿي ويون، ۽ اڃا سلامت آهن.


[1]    هيءَ روايت سگهڙ ٻيڙي فقير ڪنڀار جي زباني قلمبند ڪئي وئي.

[2]    هيءَ روايت وچولي (تعلقي هالا) مان قاضي نور محمد کان ملي.

(1)    چون ٿا ته اهو اصحابي، راجا نيرون جي لشڪر سان جنگ ڪندي شهيد ٿيو. پوڙهي اصحابڻ به انهيءَ اصحابيءَ جي ماءُ هئي. حيدرآباد واري قلعي جي اترئين دروازي سامهون ”اصحابيءَ جي قبر“ جي نالي سان ڊگهي قبر مشهور آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org