سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب: -

صفحو :12

 

روايت – 2

 

بانڪو شاهه بهرام*

ڪنهن زماني ۾ روم ولايت تي ڪشور شاهه نالي هڪڙو بادشاهه حڪومت ڪندو هو. کيس ”شاهه بهرام“ نالي شهزادو هو، جو شڪار جو ڏاڍو شوقين هو، ۽ رات ڏينهن شڪار پٺيان پيو هلندو هو. هڪڙي ڏينهن شاهه بهرام امير اُمراءَ ساڻ ڪري شڪار تي نڪتو ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته جيڪو شڪار جنهن جي سامهون اچي اهو ئي شخص ان جانور جي پٺيان لڳي. انهيءَ رٿ موجب جهنگ ۾ هرڪو شڪار جي انتظار ۾ بيٺو هو ته اوچتو هڪ هرڻ، شاهه بهرام جي اڳيان ظاهر ٿيو. هن تير هنيس پر گُسي ويو، هرڻ ڇال ڏيندو ڀڄڻ لڳو. شهزادي انهي هرڻ کي پنهنجو شڪار سمجهي گهوڙو کڻي سندس پٺيان ڇڏيو. اڳيان هرڻ پٺيان شهزادو، هلندا هلندا ٻئي ملڪ ۾ وڃي نڪتا. اتي سج به اچي لٿو ۽ هرڻ به جهنگل جي اوٽ ۾ ڪنهن پاسي غائب ٿي ويو. شهزادو هي حال ڏسي ويچار ۾ پئجي ويو. گهوڙي تان لهي هڪ وڻ هيٺ ويهي رهيو. نڪي نوڪر چاڪر، نڪي سنگتي ساٿي، اڪيلو ئي اڪيلو ويهي خدا جي قدرت جو ويچار ڪرڻ لڳو. اهڙيءَ طرح شاهه بهرام رات اتي جهنگ ۾ گذاري، صبح جو اٿي ڀرپاسي مان ٿورو شڪار ڪري بک پلي، ۽ پوءِ پنهنجي گهوڙي تي سنج رکي اٿي هڪڙي طرف هليو.

اڻ سونهين واٽ ۾ اڳتي پوئتي ٿيندو ڇهن ڏينهن ڇهن راتين بعد اچي هڪڙي جبل جي وَٽ ۾ پهتو. انهي جبل ۾ چوطرف نهاريندي کيس تمام مٿانهينءَ چوٽيءَ تي هڪ گنبذ نظر آيو. سڄي هفتي جي هيڪلائيءَ بعد هن گنبذ کي ڏسي شاهه بهرام البت سرهو ٿيو ۽ گهوڙو ڊوڙائيندو اچي انهيءَ گنبذ ڀيڙو ٿيو ۽ هڪدم گهوڙي تان لهي منجهس لنگهي ويو. گنبذ جي اندرين بناوت ۽ سينگار شاهه بهرام کي ڏاڍو حيران ڪيو ۽ هيءُ گنبذ جي هرهڪ شيءِ کي غور سان ڏسندو اڳتي وڌندو هليو. اوچتو کيس هڪ صفي ۾ سفيد پٿر مان ٺهيل هڪ تمام سهڻي مورت ۽ ان جي ڀر ۾ هڪڙو پير مرد ويٺل نظر آيو. شاهه بهرام ان جي ويجهو وڃي ويٺو. اتي پير مرد هن کان حال احوال ورتو ۽ پوءِ شاهه بهرام جي پڇڻ تي کيس پنهنجو احوال هن ريت ٻڌايائين. ته: آءٌ پنهنجي وقت جو هڪ وڏو ۽ ناليوارو سوداگر هئس. قسمت سانگي واپار ڪندي ملڪ گهمندي وڃي چين ولايت ۾ نڪتس. شهر گهمندي گهمندي هڪڙي ڏينهن منهنجي نظر وڃي انهيءَ ملڪ جي بادشاهه ’فغفور شاهه‘ جي حسن ڌيءَ ’گل اندام‘ تي پيئي. هن سهڻي شهزاديءَ کي ڏسڻ شرط آءٌ مٿس عاشق ٿي پيس ۽ پوءِ انهيءَ سانگي اتي رهي پيس. بس پوءِ ته هن جو عشق جيئن پوءِ تيئن زياده ٿيندو ويو. مون به ملڻ لاءِ ڪئين حيلا هلايا. لک لٽائي ڇڏيم، پر هاءِ قسمت، منهنجي هڪ به نه هلي ۽ نون ورهين جي قسمت آزمائي بعد ۾ نااميد ٿي سندس شڪل جي هڪ مورت ٺهرائي، واپار وڻج ڇڏي اچي هتي ويٺس ۽ هاڻي هن مورت کي ڏسيو اندر جي باهه اجهائيندو رهان ٿو. شاهه بهرام انهيءَ مورت تي ته پهرين ئي موهت ٿي پيو هو ويتر پير مرد جي زباني ٻڌي اڻ ڏٺي عشق ۾ مبتلا ٿي پيو ۽ انهيءَ مهل ئي پير مرد کان موڪلائي اٿي پنڌ پيو.

ڪي ڏينهن خدا جا شاهه بهرام کي هن ڏِس ۾ ڏوريندي گذري ويا. آخر هڪ ڏينهن واٽ تي هڪڙو سهڻو باغ ڏسي، ڪجهه وقت آرام ڪرڻ جي خيال سان ان ۾ گهڙي ويو ۽ هڪڙي وڻ جي ڇانو هيٺ ويهي رهيو. اتفاق سان اهو باغ ڪو ديون جو هو.(1) ديو ان وقت ڪنهن پاسي گهمڻ ويا هئا ۽ سندس ڀيڻ ’سروان‘ محلات ۾ ويٺي هئي. سروان کي باغ ۾ هڪ آدمزاد ڏسي ڏاڍو قياس آيو، سو پنهنجيءَ ٻانهيءَ کي چيائين ته: باغ ۾ جيڪو شخص ويٺو آهي تنهن کي اول ڪجهه طعام کارائي پوءِ ٻڌائينس ته هي باغ ديون جو آهي جي ڏاڍا ظالم آهن، تنهنڪري بهتر آهي ته انهن جي اچڻ کان اڳ ۾ ئي هتان ڀڄي وڃ. ٻيءَ حالت ۾ سر جو خير ڪونهي. ٻانهيءَ حڪم مطابق اچي ائين ڪيو. شاهه بهرام جواب ڏنس ته: ديون جي ظالم ۽ بهادر هجڻ جا دڙڪا نه ڏي، باقي جيڪڏهن هونئن ئي اوهان جي مرضي هجي ته آءٌ اٿي وڃان. ٻانهي هي نياپو ۽ خالي ٿانو کڻي محلات ۾ ويئي ۽ سڄي حقيقت وڃي ديون جي ڀيڻ سان ڪيائين.

اڃان ٿوري دير مس گذري ته سروان جا ستئي ڀائر ديو اچي پهتا. انهن مان وڏي ديو ’سغفور‘ جي نظر اوچتو وڃي شاهه بهرام تي پيئي، سو پنهنجي ننڍي ڀاءُ ’شماس‘ کي چيائين ته: وڃ ۽ انهيءَ شخص کي هڪدم باغ مان هڪالي ڪڍ. شماس ديو ڏاڍيون گجڪارون ڪندو اچي شاهه بهرام جي سامهون ٿيو، پر هن ويچاري جي ڪابه حڪمت ڪانه هلي ۽ اٽلو شاهه بهرام جي هٿان گرفتار ٿي پيو. سغفور ديو هي حال ڏسي تپي باهه ٿي ويو ۽ نمبروار پنهنجن ٻين ڀائرن قماس، تميل، ڪميل، هامين ۽ شامين کي شاهه بهرام جي مقابلي لاءِ موڪليائين. پر شاهه بهرام سڀني کي قابو ڪندو وڻ ڌاري ٻڌندو ويو. آخرڪار پاڻ به ميدان ۾ آيو پر ساڻس به اهڙي ئي حالت ٿي. شاهه بهرام هنن ستن ئي ڀائرن کي قابو ڪري وري ساڳيءَ طرح بالم ٿي وڻ هيٺ ويهي رهيو. سروان پنهنجن ڀائرن کي هن طرح بيوس ڏٺو سو پاڻ هار سينگار ڪري شاهه بهرام وٽ آئي ۽ اچي ڀائرن جي آزادي جو عرض ڪرڻ لڳي. شاهه بهرام سندن نمڪ کايو ويٺو هو، تنهنڪري مجبور ٿي ستن ئي ديون کي آزاد ڪيائين، جي پوءِ سندس مطبع ٿي رهيا. اهو ڏينهن ڏاڍن شادمانن سان گذارڻ بعد شاهه بهرام اڳتي وڃڻ جو ارادو ڪيو. اتي ديون عرض ڪيو ته: اي سورهيه شاهه بهرام! هن تر ۾ هڪ ديو ’فرح‘ نالي رهي ٿو، جو تمام ظالم ۽ سخت دل آهي. ديون ۽ انسانن کي ستائڻ سندس پيشو آهي. مهرباني ڪري اول ان کي پنهنجي طاقت جو مزو چکاءِ پوءِ ٻئي ڪنهن پاسي وڃ. شاهه بهرام هي ڳالهه قبولي ديون سان گڏجي اٿي هليو.

ديو شاهه بهرام کي وٺي انهيءَ کوهه وٽ آيا، جنهن ۾ فرح ديو رهندو هو. شاهه بهرام ديون کي ٻاهر بيهاري پاڻ هڪ رسيءَ جي مدد سان هيٺ لهي ويو. ڇا ڏسي ته هڪ عجيب محلات آهي ۽ اهو ديو هن محلات جي هڪ ڪمري ۾ گهري ننڊ ۾ ستو پيو آهي. ساڳئي ڪمري ۾ هڪ سهڻي شهزادي ڏاڍي غمگين حالت ۾ ويٺي آهي. شهزادي هن محلات ۾ هڪ انسان کي ڏسي عجب ۾ پئجي ويئي ۽ شاهه بهرام کي چيائين ته: تون ڪير آهين ۽ هتي ڇو آيو آهين؟ هيءَ گهمڻ جي جاءِ نه پر هڪ ظالم ديو جو آستان آهي، تنهنڪري جيترو ٿي سگهي اوترو جلد هتان ڀڄي جند ڇڏاءِ. شاهه بهرام وراڻيس ته: تون خيال نه ڪر، آءٌ ڀڄڻ لاءِ نه پر انهيءَ ديو کي مارڻ لاءِ آيو آهيان. هاڻي مون کي ٻڌاءِ ته تون ڪير آهين ۽ هن ديو وٽ ڪيئن آئي آهين؟ شهزادي جنهن جو نالو ’روح افزا‘ هو تنهن وراڻيو ته: آءٌ هتان کان سوين ڪوهه پري هڪ ملڪ جي بادساهه جي ڌيءَ آهيان. هڪ ڀيري هيءُ ديو وڏو لشڪر وٺي اچي جنگ ڪرڻ يا منهنجي سڱ ڏيڻ جا دڙڪا ڏيڻ لڳو. هي حال ڏسي منهنجي پيءُ اميرن وزيرن سان صلاح ڪئي. نيٺ فيصلو هي بيٺو ته جيڪڏهن جنگ ڪبي ته خونريزي به ٿيندي ۽ نتيجو وري به ساڳيو نڪرندو ته هيءُ ظالم ديو شهزاديءَ کي کڻي ويندو. تنهنڪري بهتر آهي ته لکين جانين جي عيوض هڪڙي جان قربان ڪجي. ان ڏينهن کان وٺي آءٌ هن ديو جي قبضي ۾ آهيان ۽ سال ۾ هڪ ڀيرو مائٽن مان گهمي ايندي آهيان. انهيءَ احوال ڏيڻ کان پوءِ شاهه بهرام کي چيائين ته: اڃان هي ديو ننڊ مان جاڳي ئي جاڳي تنهن کان اڳ کيس تلوار جي هڪ ئي ڌڪ سان ختم ڪري ڇڏ. بانڪي بهرام وراڻيس ته: ڀيڻ! بيخبريءَ واري حالت ۾ دشمن کي مارڻ مردن جو شان نه آهي. مون کي خدا تعاليٰ طاقت ڏني آهي ته پوءِ ڇو نه هن کي هوشيار ڪري پوءِ ماريان، ته ڀل کيس به آدمزادن جي بهادريءَ جو پتو پوي. ائين چئي ديو کي تلوار جي نوڪ سان چوڪ ڏئي اٿاريائين ۽ ساڻس نهايت مراندگيءَ سان مقابلو ڪري آخر ماري وڌائينس. هن سوڀ کان پوءِ شاهه بهرام، روح افزا ۽ ديو جي گڏ ڪيل قيمتي خزاني سميت کوهه کان ٻاهر نڪتو ۽ ساڳين ستن ديون سان گڏجي سندن محلات تي آيو.

هاڻي شاهه بهرام کي چين ولايت جي اڪير وري اچي ورايو، سو ڪجهه ڏينهن کان پوءِ وري ستن ئي ديون، سروان ۽ روح افزا کان موڪلائي سفر جو سانباهو ڪرڻ لڳو. موڪلائڻ مهل ستن ئي ديون پنهنجا وار شاهه بهرام کي ڏنا ۽ چيائون ته: ڪنهن به مشڪل وقت ۾ جيڪڏهن هنن کي سيڪ ڏيندين ته اسين اچي حاضر ٿينداسين. شاهه بهرام هي امانتون ساڻ ڪري اٿي پنڌ پيو ۽ هلندو هلندو اچي هڪڙي سمند جي ڪناري تي پهتو. اتفاق سان ڪناري تي ڪن سوداگرن جا جهاز بيٺا هئا، سوداگرن شاهه بهرام کي اڪيلو ڏسي کڻي پاڻ سان کنيس. واٽ تي هنن جهازن کي هڪ سامونڊي بلا ڦري آئي. جهازن وارن بلا کي ڏسي ڊپ مان وٺي دانهون ڪوڪون ڪيون پر شاهه بهرام جي بهادريءَ هي مشڪل به آسان ڪري ورتو. اهڙيءَ طرح هي قافلو ڪن ڏينهن پڄاڻا اچي چين ولايت پهتو. ڪناري تي لهڻ وقت شاهه بهرام ڏاڍو سرهو ٿيو، پر شهر ۾ وڃڻ سان ماڻهن ۾ جو خوف ۽ پريشاني ڏٺائين تنهن کيس عجب ۾ وجهي ڇڏيو. ٻه ٽي ڏينهن لڳاتار صبح شام شهر جا چڪر هنيائين پر کيس ڪٿان به انهيءَ حالت جو سبب معلوم ٿي نه سگهيو. آخر هڪڙي ڏينهن کيس هڪ پرديسي ماڻهو مليو، جنهن کان حال احوال ڏيندي وٺندي کيس معلوم ٿيو ته ڪجهه وقت کان بلغار ملڪ جو بادشاهه(1) هن شهر کي گهيريو ويٺو آهي ۽ فغفور شاهه کان سندس ڌيءَ جو سڱ ٿو گهري. فغفور شاهه جيئن ته بلغار جي لشڪر سان مقابلي جي همت نٿو ساري سگهي، تنهنڪري بادشاهه خواهه سڄو شهر انهيءَ پريشانيءَ ۾ مبتلا نظر اچن ٿا. شاهه بهرام اهو حال ٻڌي موقعي مان فائدي وٺڻ جو ارادو ڪيو. ڇا ڪيائين جو سج لهڻ کان پوءِ لڪي ڇپي شهر کان ٻاهر وڃي ديون کان مليل وارن کي ساڙڻ لڳو. وارن کي ٿوري ئي سيڪ اچڻ شرط ست ئي ديو پنهنجي لشڪر سميت اچي حاضر ٿيا ۽ شاهه بهرام کان حقيقت معلوم ڪري وڃي بلغاري ڪٽڪ ۾ پيا. هوڏانهن بيخبر انسان ۽ هيڏانهن ديون جو لشڪر، نتيجو هي نڪتو جو ٿوري وقت اندر سڄو ميدان صفا ٿي ويو. سغفور ديو بلغاري بادشاهه جو سر وڍي آڻي شاهه بهرام جي اڳيان رکيو. شاهه بهرام ديون جي هن ڪارنامي کان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کين واپس وڃڻ جي موڪل ڏيئي، بلغار جي بادشاهه جي سِري ۽ هڪ خط جنهن ۾ لکيل هو ته هيءَ فتح بانڪي بهرام ڪئي آهي. نيزي جي نوڪ ۾ اٽڪائي پنهنجيءَ جاءِ جي اڳيان کوڙي ڇڏيائين.(1)

ٻئي ڏينهن صبح ٿيڻ سان شاهي خابرن اچي بادشاهه کي ٻڌايو ته جنهن ميدان تي بلغار جو بادشاهه لشڪر سميت لٿل هو اتي ماڻهن جا ڌڙ، سسيون، ڀڳل هٿيار ۽ رت جا درياء لڳا پيا آهن ۽ ميدان ۾ هاريل خواهه کٽندڙ ڌر جو ڪوبه ماڻهو ڪونهي. بادشاهه فغفور شاهه هيءَ خبر ٻڌي حيرت ۾ پئجي ويو ته آخر اهو ڪهڙو گمنام، مهربان ۽ بهادر شخص آهي جنهن رات وچ ۾ سڄو مشڪل آسان ڪري ڇڏيو. ايتري ۾ هڪ ٻيو سپاهي سراء جي اڳيان کتل نيزو، سسي ۽ خط سميت کڻي اچي درٻار ۾ حاضر ٿيو. بادشاهه هي خط پڙهي ويتر وائڙو ٿي ويو ۽ انهي شخص کي هٿ ڪرڻ لاءِ چوطرف سپاهي موڪلي، پاڻ ساڳيءَ طرح ويهي حڪومت هلائڻ لڳو.

بادشاهه فغفور شاهه جي ڌيءَ گل اندام جو هي دستور هوندو هو ته هر جمعي ڏينهن محلات جي دريءَ مان منهن ڪڍي پنهنجن مشتاقن کي ديدار ڪرائيندي هئي، تنهن کان پوءِ سندس خاص ٻانهي سوني ٿالهي کڻي نذر وٺڻ جي بهاني سان عاشقن جي اوڏو اچي سندن حال خواهه حيثيت معلوم ڪري وڃي شهزادي گل اندام کي ٻڌائيندي هئي. اهو دستور ڳچ وقت کان پئي هليو، پر ان وچ ۾ ڪوبه اهڙو شخص ڪونه آيو، جنهن کي سونهن ۽ بهادريءَ جي حيثيت کان شهزادي گل اندام پنهنجي لائق سمجهيو هجي.

شاهه بهرام، بلغار جي بادشاهه جي سسي ۽ خط، سراءِ جي اڳيان ڇڏي شهر کان ٻاهر هليو ويو ۽ پنهنجي شاهاڻي پوشاڪ لاهي، ڪارو فقيراڻو ويس ڍڪي هوبهو فقير بنجي اچي ديدار واري دريءَ جي سامهون عاشقن جي قطار ۾ بيهي رهيو. قصو ڪوتاهه- آخر جمعي جو ڏينهن به آيو، انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون ۽ چين ولايت جي شهزادي دريءَ مان ليئو پائي وري گم ٿي وئي. شاهه بهرام، شهزادي گل اندام جو حسن ڏسي حيران ٿي ويو. اڃان انهيءَ محويت واري عالم ۾ ئي بيٺو هو ته ’دولت‘ ٻانهي سوني ٿالهي آڻي اڳيان جهليس. شاهه بهرام به دل جهلي منڊي آڱر مان لاهي کڻي ٿالهيءَ ۾ وڌي ۽ پاڻ وري ساڳيءَ طرح اکيون دريءَ ۾ کپائي بيهي رهيو. ٻانهي سڀني عاشقن جو حال معلوم ڪري نذرانن واري ٿالهيءَ سميت وڃي شهزاديءَ وٽ پهتي. شهزادي گل اندام ٿالهيءَ ۾ هن نئين قسم جو نذرانو ڏسي ٻانهيءَ کان هن نئين عاشق بابت احوال ورتو. ٻانهيءَ ٻڌايس ته هي ڪو پينو فقير آهي ۽ عشق جي اري ۾ اوچتو ڦاٿل ٿو ڏسجي. تنهن تي شهزاديءَ وراڻيو ته ائين هرگز نه هوندو. منهنجي دل شاهدي ٿي ڏئي ته هي ڪو خانداني شخص آهي. پينو فقير، جيڪي پيٽ گذر ڪندا وتن، سي ههڙن اونهن اشارن مان ڇا سمجهن! حاصل ڪلام ٻانهي، شهزادي جي چوڻ سان ٻه ٽي ڀيرا شاهه بهرام وٽ آئي ۽ اوري پري جون ڳالهيون ڪري حقيقت معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين؛ پر شاهه بهرام هر ڀيري دردن جي داستان ۽ وصال جي واين کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ٻڌايس. هوڏانهن شهزاديءَ جو هي حال جو ديدار جا سڀ دستور وساري ٻانهيءَ کي هن عاشق ڏانهن موڪليو، پاڻ اچيو دريءَ کان بيهي. آخرڪار هي فيصلو بيٺو ته: دري بند ڪري، نياپن سنيهن جو سلسلو ختم ڪري ڇڏجي. پوءِ جيڪڏهن هو سچو عاشق هوندو ته پوءِ سر تريءَ تي رکي به اچي ملندو. هڪدم دري بند ٿي ويئي. ٻانهي وڃي ٻئي ڪم ڪار سان لڳي ۽ شاهه بهرام کي ٻاهر بيٺي انتظار ڪندي رات پئجي ويئي. اتي هن جي دل ۾ گمان پيدا ٿيو ته متان شهزاديءَ کي ڪاوڙ لڳي هجي يا ٻانهي ڪجهه کيڏ پکيڙي هجي، تنهنڪري الله تهار ڪري وڃي ماريءَ تي چڙهيو ۽ لڪندو ڇپندو محلات ۾ چڪر هڻڻ لڳو. چوطرف خدمتگارن ۽ ٻانهين جي اچ وڃ ڏسي، ڳالهه کلي پوڻ جي خيال سان موٽي آيو ۽ اچي ساڳئي هنڌ ويهي رهيو.

هوڏانهن روم ولايت جي بادشاهه ڪشور شاهه پنهنجي پٽ شاهه بهرام جي اوچتي غائب ٿيڻ جو ٻڌي، انهي ڏينهن کان جي ماڻهو چوطرف موڪلي ڇڏيا هئا؛ تن مان هڪ ٽولو انهيءَ ساڳئي پيرمرد، جيڪو جبل واري گنبذ ۾ رهندو هو. تنهن جي ڏس تي ڏوريندو، ديون کان ٿيندو، اچي چين ولايت ۾ پهتو. بادشاهه فغفور شاهه کي ڪشور شاهه جا پيغام ڏنائون، جنهن کين وڏي عزت ۽ آڌرڀاءُ ڏئي، کين اهو خط به ڏيکاريو جو شاهه بهرام ڳجهارت طور سسيءَ سان گڏ نيزي ۾ ٻڌي ڇڏيو هو. رومي ماڻهن خط جا لفظ ۽ لکڻي سڃاڻي رڙ ڪري چيو ته: هيءُ ساڳيو اسان جو گم ٿيل شاهه بهرام آهي. پوءِ بادشاهه فغفور شاهه کي عرض ڪيائون ته اسان کي هڪ ٻه ماڻهو ڏيو جن جي مدد سان اسين شهر ۾ شاهه بهرام جي ڳولا ڪريون. بادشاهه اها ڳالهه پسند ڪئي ۽ بروقت رومي مهمان ۽ چيني ماڻهو گڏجي شاهه بهرام جي تلاش تي نڪتا.

سارو شهر ڳولي جڏهن محلات جي سامهون واري ميدان تي آيا ته شاهه بهرام فقير ويس ۾ ملين. رومي ماڻهن هڪدم شاهه بهرام کي سڃاڻي ورتو ۽ ڏاڍيون عزتون ۽ تعظيمون ڏيئي، شاهاڻي پوشاڪ پهرائي کيس درٻار م وٺي آيا. ساري شهر ۾ اها ڳالهه پکڙجي ويئي ته ڪاري پوشاڪ وارو فقير ئي دراصل شاهه بهرام هو، جنهن بلغار جي بادشاهه کي شڪست ڏني هئي. پوءِ بادشاهه فغفور شاهه شاهه بهرام کي ڏاڍيون عزتون ڏيئي پنهنجي ڀر ۾ ويهاريو ۽ کانئس بلغار جي بادشاهه کي مارڻ بابت پڇڻ لڳو. شاهه بهرام وراڻيس ته: آءٌ ظاهر ته اڪيلو آهيان، پر مون وٽ باطني لشڪر تمام گهڻو آهي. ائين چئي ساڳين وارن کي کڻي سيڪ ڏنائين ته ستئي ديو اچي حاضر ٿيا. ديون کي ڏسي سڀني درٻارين کي شاهه بهرام جي طاقت جو يقين اچي ويو. شاهه بهرام پوءِ ڪجهه وقت ترسي سغفور ديو جي مدد سان سروان ۽ روح افزا کي گهرائي ورتو ۽ کين شهزادي گل اندام ڏانهن شاديءَ جو پيغام کڻي وڃڻ لاءِ چيو. سروان ۽ روح افزا جي وڃڻ کان پوءِ شاهه بهرام پاڻ به وزير جي معرفت بادشاهه سان اهڙو ذڪر ڪيو. بادشاهه پنهنجي سر ته اها آڇ خوشيءَ سان قبول ڪئي، پر ايترو چيائين ته آخرين فيصلو شهزاديءَ جي رضامنديءَ سان ٿيندو.

هوڏانهن شهزاديءَ ته انهي پيغام لاءِ واجهايو پئي، تنهن سروان ۽ روح افزا سان اول ته ڪجهه انگل ڪيو، پر پوءِ نيٺ دل جي ڳالهه ظاهر ڪيائين. شهزاديءَ کان اهڙي اطلاع ملڻ تي شاديءَ جون تياريون شروع ٿي ويون ۽ مقرر ڏينهن تي رسمي سوڻن ساٺن ۽ ڏاڍي ڌام ڌوم سان ٻنهي جي شادي ٿي گذري. شاديءَ کان پنڌرهن ڏينهن گذرڻ بعد شاهه بهرام وطن ورڻ جي ڪئي، ۽ چين جي بادشاهه فغفور شاهه کان موڪلائي ستن ديون، ٻن ڀينرن ۽ گل اندام سميت واپس وريو. واٽ تي ڪجهه ڏينهن(1) ديون واريءَ ديهه ۾، ۽ پيرمرد وٽ ترسندو، منزلون ڪندو هڪڙي ڏينهن اچي وطن پهتو.

 

 

بانڪو شاهه بهرام*

چيل ڇَتي کٽيءَ جو*

 

1-ساراهيان سچو ڌڻي، جو عالمن الله،
هادي حق وڪيل آهي باري بيپرواهه،
پنهنجون پاڻ پلڪ ۾ ڪري روح رضائون راهه،
خاوند خاڪيءَ ۾ وڌو سگهه پنهنجيءَ سان ساهه،
هڪ راؤ وڏيرو روم جو هو ڪامل ڪشور شاهه،
تنهن کي نصيب مرتبا، هيون ڏاتيون ڏاتر ڏانہ،
تنهن وٽ سَوَ ساپاهه، هيون کاڻيون خزانن جون.

 

2-هيون کاڻيون خزانن جون، تنهن نر وڏو هو نام،
پٽ تنهن کي هڪڙو هو ’بانڪو شاهه بهرام‘،
سو شهزادي شڪار ريءَ، دم نه ترسي دام،
وڳيو وير وريام، ٿو ماري مير مِرُن کي.

 

3-تنهن شهزادي شڪار سان، هو چِت وڏوئي چاهه،
سو چڙهيو شوق شڪار جي، اَنت وٺي اُمراءَ،
دماما ۽ ديميون، ساڻس سَوَ سپاهه،
ڳاڻُن ڳڻِي ڳالهڙي، ڪئي سردارن صلاح،
سوئي ڪري ڪاهه، جنهن جي منهن مرون پوي.

 

4-ٻگهڻ ٻيلين سان چڙهيو، ڪري اِيءَ انجام،
پرو کنيائون پاڻ ۾، محڪم وٺي مام،
تان آيو هرڻ اوچتو، دانَهه سندي دام،
گَنُوءَ جو تير گسي ويو، آهوءَ جي آندام،
ڪَهه ڪڍ گهوڙو ڪاهيو، بر مٿي بهرام،
تازي تيز تکو ڪيو، وؤنڪي واءَ وريام،
(1)
هرڻ هٿ آيس ڪينڪي، جُنگ جفا ڪئي جان،
(2)
وڃي پراهين پنڌ تي، ڍاريو لعل لغام،
هيڪل کان هشام، وڃي رڻ ۾ پيس راتڙي.

 

5-رڻ ۾ پيس راتڙي، ات پيو للهنگ لهي،
جُنگ جارئون جاڳڻ لڳو، ٻهڳڻ ڄام ٻهي،
عاشق اکرين تي ويئي رات وهي،
صبح سوار سهي، هليو عاقل اڳتي.

 

6-ساري حضرت شاهه کي، سنجيائين سمنڊ(3)،(3)
پهر چارئي پٽ ۾، پانَوَ ڪيو پنڌ،
نڪا وَسنوَ ويجهڙي، نڪو راهه نه رند،
اتي آسا بند، ٿيو گهوڙو ٻيلي گهوٽ سان.

 

7- پانَوَ پنجينءَ رات جو، ڄاڻڻ ۾ ڄاتوس،
ته جو جنهن کي لکيو، پير تنهين پاتوس،
منجهه هلاڪيءَ ڏکڙا، تنهن ريءَ ڪير ڪندوس،
پوءِ پيدا هرڻ ٿيوس، امر ساڻ الله جي.

 

8-ڇهه راتيون ڇهه ڏينهن، ويا ورنهه گذري،
نڪو توشو طعام جو، نڪو پاڻي مينهن،
تان نر ناتو نينهن، شهزادي شڪار سان.

 

9-مرون پکي ماريو، ڏينهان ڪري شڪار،
بر ۾ وجهي باهه تي، سو طعامون تڪرار،
حيلي هلي اهڙي بانڪو برخوردار،
جيسين ٿئي سيخ تيار، تيسين گهوڙو اڀي گاهه چري.

 

10-سبب ستين ڏينهن تي، چڙهي هليو چنڊ،
بادشاهزادو پهلوان، جنهن جو باري بخت بلند،
ڪٽڪ مان قسمت کنيو، رسيو راوت رند،
اچانڪ اٻڙند، ڪامل آيو ڪوهه تي.

 

11-ڪامل چوٽيءَ ڪوهه جي، اچي رند رسيو،
هڪ پِياسِي اڃ جو،. ٻيو ڌُپ گهڻو لهسيو،
(1)
پانَو ات پسيو، غازيءَ گنبذ هڪڙو.

 

12-غازي جان گنبذ ۾، پانڊو ويو پيهي،
تان محب روشن مهتاب جيئن، هو اتي اڳيئي،
ڪئنچن جان قريب جي دؤنڪي ٿي ديهي،
بانڪي تنهن بهرام کي ڪل نه هئي ڪيهي،
ته ڪنهن ملهه مورت جو ڪري روغن سان ريهي،
چوٽي نپٽ نانگ جيئن، کاهه کڙيءَ پيئي،
دل دانَهه ويئي، پسي حسن هراسيو.

 

13-پسي حسن هراسيو، جُنگ پيو تنهن جار،
وير گهڙي ويجهو ٿيو، چاهه گهڻي چوڌار،
ته چار صفا چئني ڪنڊين، تن ۾ تخت چوکاهن چار،
ويٺي گهڙي ويجهو ٿيو، چاهه گهڻي چوڌار،
سا پاڪيزي پوشاڪ سين، ڏاڍي ڏيک ڪنوار،
تنهن جي ڪئنچن ڀريا ڪيس هئا، ڪاريهر جي ڪار،
ٿيو ديوانو درڪار، پسي مورت موهيو.

 

14-پسي مورت موهيو، بانڪو شاهه بهرام،
ٻيو ات ڏٺائين آدمي، وڏو وير وريام،
ڏنو سُنگ سلام، اچي پانَو پيرامرد کي.

 

15-پرئي مڙس پاڻ، بات پڇي بهرام کان،
ڪير آهين، ڪيڏانهن اچين، آهين ڪير جواڻ؟
ڪڏهن آيو ڪونڪو، ماڳ انهيءَ مهماڻ،
منهنجي وير وٿاڻ، تون ناگهه اچي نڪتين.

 

16-شهزادي شعوروند، ڏني خبر هيءَ خان.(1)
راؤ وڏيرو روم جو، پٽ تنهين سلطان،
(2)
چڙهيو هوس شڪار تي، صحرا منجهه سڄاڻ،
ڪٽڪ مان قسمت کنيو، ڪاهيندي ڪيڪاڻ،
هرڻ پٺيءَ هيڪڙي تکي ڪيم تاڻ،
تنهنجي وير وٿاڻ، نانگهه اچي نڪتس.

 

17-پريا مڙس! پانهنجو، آکين ڇو نه احوا،
ڪئين خواهه خوشيءَ جا، برهه ڪئين برحال،
پنهنجي جيءَ جنجال، صاحب لڳ سليج تون.

 

18-ادا! انهيءَ ڳالهه تؤن، ٽري وَنءُ ٽاڻي،
توکي نه درد دَهوڙيون، ٿو مرڪين منجهه ماڻي،
واتان واکاڻي، صاحب لڳ سليج مون.

 

19-چئي: هوس سوداتگر اڳهين، دانهن دولتمند،
سودي ڪارڻ سُود جي، پر ڀُنئي گهميس پنڌ،
جيڪي جنهن کي لکيو، سوئي ڪري صمد،
توڙائي تقدير کان ڪير ڪڍائي ڪنڌ، اچانڪ اٻڙند، چئنچل آيل چين ۾.

 

20-فائق ڌيءَ فغفور جي، هئي منجهه ولايت چين،
سا منوّر ماهتاب کان، حسن گهڻو حسين،
سون نه ثاني سڄڻين، جلوي جوت جبين،
ڪانه ڏٺي مون ڪاٿهين، ٻي ظاهر سر زمين،
مان لائق لک خرچيا، ته به وارو وصول ٿيو ڪين،
تان پي سڪ سندين، مان نَو ورهه وطن ڦٽو ڪيو.

 

21-نَو ورهه ناتو رکيو، تو ڪهڙي بات بيان،
هئا ٻيا ڀي جنگ جوان، ڪي عاشق هئين تون هڪڙو
(1)؟

 

22-ٻيا بي انت اڪابر آدمي، دانَهه دنڌاگير،
بادشاهزادا پهلوان ۽ ٻيا ويکڻ ڪاڻ وزير،
سوين هزارين صحن ۾، ٻيا عاشق منجهه اڪير،
محب مشفق مهربان، اڳيون ماڙيءَ منهن منير،
ساوڄ کان روشن وير، ڏئي جلوو جمعي ڏينهن تي.

 

23-ڏئي جلوو جمعي ڏينهن تي، جڏهن نيڻين ڪري نگاهه،
ڪن کي ڏسڻ سان ڏندڻ پون، ڪي وير وسا ٿين واهه،
ڪي گونگا ٻوڙا گرفتي، ڪي چريا منجهئون چاهه،
عاشق ان اوٽار ڪئين کيپ ٿيا ۾ کاهه،
ڪيئي ديوانا درسن لئي، ٿي دهدڙيءَ داناهه،
هفتي ۾ هر گاهه، اچي سامت ساهه سڀڪنهين.

 

24-ٻئي جمعي جلوونِ، اپر اهڙيوئي ڏئي،
پنهنجي هر سڀڪنهين، جڏهن سري کيپ سندونِ،
سي ڇڪن ٿيندا ڇو نه، جن اهڃ اهڙوئي ڏٺو.

 

25-صبر، ننڊ، آرام، ٽيئي وهم وساريا،
تان پئي سڪ تمام، اندر اوتارا ڪيا.

 

26-نَوَ ورهه ناتو رکي، مون پئي واٽ عشق ووڙي،
ساهه سڪ ساجن سان، ساعت نه سا ٽوڙي،
جا جڙ جانب جوڙي، سا اکيلڻ اهنجي ٿئي.

 

27-ويهان تان وائي، سمهان تان سندن سوهڻو،
آڻي آڳ عشق جي، تن ۾ تپائي،
جا لنؤ پرينءَ لائي، سا اکيلڻ اهنجي ٿئي.

 

28-هو صاحب سندو صورت، منهنجو ملڻ مشڪل ٿيو،
پوءِ مون کي سا مورت، کڻي محبتين معلوم ڪئي.

 

29-ماڻهو مصور جي هئا، دانَهه دهداري،
اچي وٽ انهن جي، ڪيم ترتئون تياري،
هيجان هزارن کي بخشيم، بسياري،
تن جوڙِي خوب جهدسين، مورت موچاري،
سا هير لعل جوهر سان، سهجئون سينگاري،
نو لک ناڻي مال جي، ڪيم اُتس اوساري،
تڏهن آڌر اکين جي ٿيم، تڳان انهيءَ تاري،
 مڙي مسافريءَ جي، ڪيم عاقل اختياري،
هئي قسمت قراري، مونکي رازق هت رهائيو.

 

30-پانَو پيرا مرد کان، بات پڇي بهرام(1)،
گَنُو! تنهنجو گذران، ڪيئن آهي ڌاران آزڪي؟

 

31-چئي: عاشق اڳيئي آهيان سوداگر تجار،
اُٺ ٻيلي ٻهون اٿم، ڀاڙي تي بسيار،
سي توشو طعام تيار، آڻيو ڏينم آزاڪو،

 

32-پسيو منهن مورت جو، جانب ٿو جيئان،
لنؤ لنؤ اندر نه لهي، تار سندين تڪرار،
ڪنهن کي ڏوهه ڏيان، اهڙو قلق فراق جو.

 

33-مون کي گل اندام جو، جيءَ جثي ۾ جار،
لنؤ لنؤ اندر نه لهي، تار سندين تڪرار،
مئي متي مهراڻ جيئن، ڏي اندر ۾ اُٻڪار،
ڇوليون ڏي ڇڪار، آڻيون آب اکين مان.

 

34-مون کي ان مورت، آهي محسن مستان ڪيو،
سا پسان صورت، جنهن جي نقل نهال ڪيو.

 

35-سهسين عاشق اُت، آهن سهج پريان جا سيڪڙو،
ڇڪيءَ ۾ ڇنيو ڪري، روح تنين جا رت،
باڪا تو بهرام جي، حاجن ناهي هِت،
ڀُڻ منهنجيءَ ڀَت، وَنؤ مانجهي ماٺ ڪري.

 

36-محسن! منع ڇو ڪرين؟ مان ڀي وڪر وير پيوس،
پريان سندي پار ڏي، وڃي صدقو ساهه ڪندوس،
اڳيان ’گل اندام‘ جي کيما کوڙيندوس،
(1)
مدعي پنهنجي محب جا سڀيئي ماريندوس،
(2)
سو محب ماڻيندوس، موٽان تان ڪُر ميهڻو.

 

37-چئنچل وڃين ٿو چِينَ تي، تان رمي ٿيءَ راهي،
هو به آهن بادشاهزادا پهلوان، جن سان سهسين سپاهي،
توسين برڪت الاهي، جو ٿو ايڏيون جرئتون جوان ڪرين.

 

38-سهسين سوَ هزار، آهن سهج پريان جا سيڪڙو،
جن کي لڳي آهه لطف جي، اندر تن تنوار،
سي لکين ليلائن ٿا، پڙ ۾ پزاوار،
خوبيءَ جي خمار، آهن محبتي مجنون ڪيا.

 

39-مانجهي مورت موهيو، ڪين ٻڌي ٻي ڳال،
بانڪي تنهن بهرام کي، برهه ڪيو بيحال،
پيو جُنگ جنجال، لڳيس ناوَڪ نينهن جي.

 

40-لڳيس ناوڪ نينهن جي، دل ۾ سندي دلبر،
سو موڪلائي محسن کان، آُسهيو الله آهر،
محبت مستانو ڪيو، بيبيو، گهمي بر،
ڪاڻ قريبن ڪيترا، وڏا ڪيائين ور،
جهاڳي جبل ٿر، وهم ورونهن پرينءَ جي.

 

41-وهم ورونهن پرينءَ جي، بانڪي اڃ نه بک،
هيجان حب حبيب جي، دانَهه دل ۾ دک،
لاهه ڏولاوا ڏک، الله! عاشقن تان.

 

42-آپر ٿي عاشق کي، تن منجهه سڪ سڀر،
ٽاڻي ٽي ڏينهن گذريا، گذريو ڏيڍ پهر،
ناگاهه نظر آئيو، باغ هِڪو منجهه بر،
بانڪو تنهن بستان جي، داخل ٿيو منجهه در،
تنهن ۾ نهريون، نيون، نياڻ هئا، ٻيا گويا گل گذر،
هڪ گهري ڇانو ”ڇتو“ چوي، ٻي هئي ڇٽيدار ڇٻر،
هڪ چنبيليون چمن ۾، ٻيون جايون مٿي جر،
وَسنوَ وسيون وڏاندريون، ٻيا ميوا هئا موچر،
هي ڀي الله آهر، اچي گهوڙو ڏايو گاهه ۾.

 

43-گهوڙو ڏايو گاهه ۾، ڪري ٿو نر نهار،*
گل رنگارنگي ڪيترا، ٽڙيا سَوَ هزار،
چَونڪ چنبيليون چمن ۾، چوڪنڊين چوڌار،
ٻارن منجهه ٻَهُون هئا، رابيلا رنگدار،
املداس، انجير هئا، جِيرا، جرڦل ڌار،
مرچ، سماڳ ٻيا گهڻا هئا اندر اڪيچار،
ڇڳا ڇُهارن جا، ٻيا ڏنگهيءَ سندا ڏار،
ٽالهيون ٽڪاڻن ۾، هئا ڦارئا ڦرهيندار،
وڻ لائن وڻڪاريون، اتي ليما، انب انار،
نمون، سريهل، سئانجڙا، گل ڦل ۽ گلزار،
پست پواڙيون ات گهڻيون، ٻي ڌاڻن جي ڌڌڪار،
بڪم بيد باهڻ ٻيا، هيون کجيون منجهه خمار،
گل دالچيني، گل لال هئا، ٻي گونٽن جي گلزار،م
سورج سنبل سوسن ۽ ڪرنا منجهه قادر،
سوين تنهن ۾ سروَ هئا، ٻي مينديءَ جي ملهار،
گل لال گل ڪيتي، کڙيا کٽڻهار،
کليا گل گلاب جا، درس ٿيا ديدار،
ٻيريون ۽ ٻٻر گهڻا هئا چمن کي چوڌار،
ڪرڙ ڪانڊيرا گهڻا، جاتي ڦوڳ ڦُٽا ڦلهار،
کِپون ڳاڱيون ڳم هئا، ٿاڪ ڪندا تڌڪار،
ڪچنالو ۽ ڪيوڙا، اُت امرود اڪيچار،
گلن گلزاريون ڪيون، کليا ڏاڙهن ڏار،
پن وڃي چٻ پانَ جا، ديک ٻيا ديدار،
ڪوڙين ڪٽڪ ڪيترا، ولين جا ولهار،
ساوا وڻ سڀ هنڌين، هي قرب ڪيا ڪلنار،
چهه چهه چمن ۾ لڳي، ٻي ڪوئلن ڪوڪار،
بيحد ڀونرا باغ ۾، ٻي چتن جي چونڪار،
وٺن واس گلن جا، هوءِ هوءِ ۽ هٻڪار،
ٻوليون ڪن ٻاٻيها، ٻي ڳيرن جي ڳٽڪار،
ڳڻي ڳڻبا ڪيترا، ٿيا سوين لک شمار،
سائينءَ جا سينگار، بيحد گهڻا هن باغ ۾.

 

44-گل چونڊيندي ڦُلڙا، ٻانهي جان آئي،
 پسي زينت زيب سان، جوان ڏٺئين جائي،
بانڪي تنهن بهرام کي، ڪل نه هئي ڪائي،
دانَهه کؤن دائي، پرتئون پاڻ پڇي پئي.

 

45-عرض ڪري ٿي شاهه کي، گولي چونڊي گل:
ديهه اٿئي سيون جي، وڏي هاگامي هل،
ٻيا ڀي ملڪ امل، اٿي دانَهه انهيءَ دڳ سان.

 

46-عرض ڪري ٿي شاهه کي، گل چونڊيو گولي:
هي سر صدقو ڪيان، جند جان ڏيان گهولي،
سمجهه سٺي ٻولي، آهي آدمزاد جي.

 

47-نر پڇي ٿو نار کان: ڪامڻ! ڪهڙيءَ ڪار،
ڏينهن گهمين ٿي باغ ۾، راتيان سير پسار،
ديهه آهي ديون جي، هٽ نڪو بازار،
تنهنجو نالو ڇا هي نار! سل مون کي سچ چئي.

 

48-ديهه اٿي ديون جي، هيءَ هنن جو گانءُ،
’شامان‘ منهنجو نانءُ، ۽ دائي آهيان ديون جي.

 

49-شاهه چيو تڏ شامان کي: اڳ نه آيئي مهمان،
دڙڪا ڏيو ٿي ديون جا، ڪرين طرح طرح جا تانَ،
مون ماڻي سڀ سامان، بيٺڪ ڪندس هن باغ ۾.

 

50-موٽي ماڙيءَ ڏي هلي، نرتئون ڦري نار،
دائي ميٽ ملي ڪري، ترت ڪيو تيار،
نازڪ جاڳي ننڊ مان، ڱيپ ڇڏي خمار،
هو ڏينهن جمعي جو وار، جو ٿي وهنجي ويس وڳا ڪري.

 

51-’سل ٻانهي تون سچ چئي، تو ڪنهن سان ڳالاهيو،
اڄ اسان جي باغ ۾ ڪو آدمي آيو،
توکي راوت رهايو، وَنگي تنهن وڻراهه ۾‘.

 

52-موٽي سائڻ کي چيو،ناز ڀريءَ تنهن نار:
ڏٺو هجيئي تان مار، نه ته اڻ ڏٺا عيب نه ڏي.

 

53-ڪامل پاسي ڪُور جي، جان هيڪل بيٺو هو،
 تان محب مٿان ماڙِءَ مؤن، پاتو لال ليئو،
ناگهه نظر نر تي، پريءَ جو ته پيو،
تنهن کان وهم ويو، پسي سونهن سوار جي.

 

54-پسي سونهن سوار جي، ڪيائين طعام تيار،
ٻهڳڻ ٻانهيءَ سان ڪيو، ويل انهيءَ ويچار:
ته منهنجو هن مهمان کي، ڏي نياڇو نروار،
ديهه اٿيئي ديون جي، مانجهي! مهل مَ گذار،
ويا اٿئي شوق شڪار جي، اچي ڪاٽيندء ڪپار،
(1)
اسين ڪريون چڱائي تنهنجي، متان ڪرين پوءِ ميار،
طعام کائي تڪرار، ٿيءَ بانڪا! پاسي باغ کؤن.

 

55-کاڄ کڻي منجهه خونچي، واهه ويئي ٻانهي،
تنهن برابر بهرام سان، ڪئي ظاهر زباني:
ته ديهه اٿئي ديون جي، اي چِڪو سلطاني،
ست ڀائر ’سغفور‘ جا، آهن ڪاسڪ ڪلياني،
ويا اهن شير شڪار ٿي، ديو به دوراني،
انهن جي اچڻ جي، ٿي عاقل آوداني،
هيءَ کائي مهماني، ٿي بانڪا پاسي باغ کؤن.

 

56-تڏهن ٻهڳڻ ٻانهيءَ سان ڪئي هوريان ڳالهه هري:
هليس ڏورانهين ڏيهه کان، منهنجو پنڌ پري،
آءٌ ڀي آسائش ڪريان، گهوڙو پڻ گاهه چري،
مرجان ڏينهن ٺري، ته پوڃاڙيءَ پنڌ پوان.

 

57-ٻانهي ٻهڳڻ کي چوي، ٻئي ٻڌيو ٻانهون(2):
تون آدمزادو آدمي، هو آهن بانڪا! بلائون،
ايندا شر شار تان، ڪاوڙجي ڪاهون،
هڪلي هنڌاهون، متان جدا ڪَنِي هن جُوءِ مان.

 

58-تڏهن دانَهه دائيءَ سان ڪئي، اهڙي پر آزاي:
هي مانجهاندي جو ماڳ آهي، مر رهي ٿيان راضي،
نڪو وڻ وڍيو ٿم باغ جو نڪا بنايم بازي،
ڪندا ڪهڙيءَ ڳالهه تان ديو به درازي! اءٌ به گَنُو آهيان غازي، مڙان تان ڪُر لڄ ميهڻو.

 

59-نڪو ٿووڻ وڍيان باغ جو، نڪو ٿم دغائيءَ جو دام،
ديو ڇو درازي ڪري، منهنجو ناحق وٺندا نام،
هاڻي آءٌ به غازي گَنُو بهرام، موٽان تان ڪُڙل لڄ ميهڻو.
(1)

 

60-’وَنؤ ونهيان واٽ وٺي، ويٺو ڪيم نهار،
اٿئي اڙانگي گهڻو، ديون جي درٻار،
هو ظالم وڏي زور سان، متان ڪٽينئي ڪپار،
ڪر ڪامل ڇوکڱي ڪارم، وَنؤدانَهه پنهنجي ديس ڏي.‘

 

61-ٻاهر وسيلا وِرهه جا، انڊر عشق آڻِي،
ماني کارائي مير کي، ويئي دائي رڇ کڻي،
(2)
ڏينهن تپي ڏاڍو ٿيو، گذري ويل گهڻي،
تڏهن پيدا ٿي پَڻيص، ديون جي دوفان جي.

 

62-ذري پڄاڻا ظاهر ٿيا، ڪڻڪ جان ڪرڳل،
سڀڪو هليو گهر ڏي، لڙي مؤن لشڪر،
ست ڀائر سغفور جا، هئا ڪوپا قداور،
سي سڀ آيا ماريءَ تي، دانَهه ديو ڌڌڪر،
سواريءَ مؤن سغفور ڏٺو، ڏاڍي ساڻ ڏمر،
نامئي جي ته نظر، وڃي باغ پئي بهرام تي.

 

63-تڏهن سڀني مؤن سغفور ڪيو، ننڍي تي ارشاد،
ته هڪ بانڪو اٿئي باغ ۾، ادا! آمدزاد،
(1)
ڏيئي داٻ دهشت جو، ڪج مدعيءَ کي ماد،
چور هجي يا ساڌ، ته ٻڌي آڻج پاڻ سان.

 

64-تڏهن شوم ’شماس‘، وِڇَٽيو وانگي واءُ،
ڏنائين داٻ دهشت جو، دونڪي آيو داءُ،
تنهن برابر بهرام کي، هنيو گرز هٿاءُ،
هن ڀي کيڙي کي ”کٽي“ چوي، گهوٽ گسايو گهاءُ،
بانڪو ڏيئي بائلي، اٿيو ڪاوڙجي ڪستاءُ،
تنهن ونگي وير وچاءُ، ٻهڳڻ ديو ٻڌي ڇڏيو.

 

65-روئندي آئي رت ڦڙا، دائي مٿي در،(2)
هاڙهي جي همت جي، پيئي ڪچهريءَ ڪر،
’نه بانڪو پيو اٿو باغ ۾، ٻڌو ٻانهن ڀر’،
تنهن ڪاوڙجي ’قماس‘ اٿيو، ديو ڏيئي ڌڌڪر،
تنهن ڪيو مانجهيءَ ساڻ مقابلو، ڪوپي قداور،
هن هنيو گرز هٿ کڻي، سورهه ڏنس اوٽ سپر،
ڇوءِ ڪيهر ساهيا ڪر، ڪري وسوءَ کي وَت ۾
(1)

 

66-پوءِ منجهان تاب ‘تميل‘، ڪيا مانجهيءَ ساڻ مقابلا،
تنهن برابر بهرام سان، فند کيڏيا ٿي فيل،
تان پهتو پڄي کي پيل، اُ ڀي شيرشڪار ٿيو.

 

67-ڪاوڙجي ’ڪميل‘ اٿيو، ڪري ڪسو سؤن ڪاهه،
تنهن برابر بهرام سان، رکي سيف صلاح،
آهي سپر سڀ ڪنهين، ڪيا وؤنڪن وارا واهه،
تان دهوڙي داناهه، دولهه ديو ٻڌي ڇڏيو.

 

68-سيف کڻي سغفور ٿيو، ڏڪي ساڻ ڏمر،
ڇا ڄاڻي جنگ مان، هي ڇچوهه ڀريو ڇوڪر،
لاهيندس لپاٽ سان، ان وينگس سندا ور،
مون سان ڪٽڪ باغن جا، آهن الاهي ازگر،
هڪل همٿ سان ڪريان، ته ڏڪن ٿا ڏونگر،
وجهي ويريءَ کي ور، ٿو آڻيان آدمزاد کي
(2)

 

69-سيف کڻي سغفور اٿيو، ڀرڪ ڪري ڀَر پُنج،
تنهن اٽڪائي اڻگهيل سان، چُنچل پهرين چُنج،
هن سي سورهه سپر تي، جهليو گهاءُ گهرنج،
هو هئو ڪوپو مثل ڪونج، پيس باري هٿ بهرام جا.

 

70-’هيامين‘ ۽ ’شامين‘ هئا، ڪنهن ٽاڻي ٽڪاڻي،
هڪ هڪ همت سان وڙهيو، پانوَ سان پاڻهي،
ڄاڻندڙ ڄاڻي، ته هن ستئي سنگ سوگها ڪيا.

 

71-تڏهن ڪاهيو ڪنهن ڪٽڪ مان، هئا ڏيٺاري ڏيٺ،
ٻيا سڀ همٿ هيٺ، سي ستئي سنگ سورهه هئا.

 

72-وير سنديءَ ويڙهه جون، ٿا پُرس پچارون ڪن،
ماري ٿو مدعين کي، ڪين ڇڏي ٿو تن،
هَنيون ساڻ هٿن، دانَهه ٿو ديو ٻڌي.

 

73-دانَهه ديون جي مٿئون، وري وير ويو،
سؤنڪو تنهن سنگ جو، پرن منجهه پيو،
رايي ساڻ رهيو، نه مانيءَ جو مزمان آهه.

 

74-خان اٿي خنجر کنيو، ڪري ديون تي دهشت،
ته ڪهان ڪفارن کي، هوند لَڪئون ڏيئي لت،
پر بخت وڏي بهرام کي، ڪئي هئي والد وصيت،
ته جو دشمن دستون زير ٿئي، تنهن کان ڪجي مارڻ جي مروت،
اها نامئي جي نصيحت، اچي دل ۾ پئي دانَهه کي.

 

75-پڙو پريءَ کي هئو، گج گلابي گل،
بُوند بهري بوڇڻي، بَگ، چُني چئنچل،
ڪپڙا ڍڪي ڪل، ڪنوار هلي ٿي ڪونڌ ڏي.

 

76-ڪامڻ گهرايا ڪپڙا، اطلش اوڍيائين،
ڪو جو ڪيمخاب کي، رنگ ۾ رتائين،
گگي تي گلن جان ماڻڪ مڙهيائين،
چنبل بولو چاهه سان رخ تي رکيائين،
هٿين پيرين بُندڙا چٽيل چاڙهيائين،
جوهر جُتيءَ جي مٿئون پورا پُتائين،
هار هسيون زر زيور، ٻيا پائل پاتائين،
ڪڙيو ڪٺمالان ڪيسريون ورسي وڌائين،
جيڪي جَڙيس جانَ تي، اهي ڪپڙا ڪيئين،
چوٽيءَ تي چوڦير پئي عطر اوتيائين،
چئن شمس شعاع ڪري، اهڙي صورت آندائين،
جهڙا وَرن وڄ جا،  اهڙي عادت آندائين،
جهڙو باهه ڀڀڙ ڪري، اهڙو ٻارڻ ٻاريائين،
اها ڪامڻ آهي ڪائين، پيو دانهَهه ديون کئون پڇي.


*  هن متن جو مدار ٻن منظوم روايتن تي آهي: (1) ”بانڪو شاهه بهرام“ (روايت ڇ)، چيل ڇتي کٽيءَ جو ۽ (2) ”قصو بانڪو شاهه بهرام“ (روايت ب)، چيل بهاول مهر.

(1)  ب روايت ۾ ديون جي ملڪ جو نالو ”ڪاڪيشيا“ ڄاڻايل آهي.

(1)  ب روايت ۾ بلغار جي بادشاهه جو نالو ”بهزاد“ ڄاڻايل آهي.

(1) (ب روايت  موجب شهزادي، بهزاد بادشاهه جي سسي، خط ۽ پنهنجو خنجر در وٽ ٽنگي ڇڏيو.

(1)  ب روايت  موجب شاهه بهرام ديون وٽ 25 ڏينهن رهيو هو.

*  هن روايت  جو مدار ڇپيل ڪتابڙي ۽ اُتر (تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئي کان مليل هڪ قلمي نسخي تي آهي؛ جو ميان دوست محمد ولد بهارو خان چنا، ويٺل ڳوٺ وڪا لڳ ٿرڙي هاشم تعلقي وارهه ضلعي لاڙڪاڻي، مورخ 12- جمادي الاول 1343هه/12- جنوري 1926ع تي لکيو. دستخط قلمي نسخي واري روايت جي پڙهڻي ۽ اضافي کي (د) جي نشان سان نروار ڪيو ويو آهي. سگهڙ حاجي محمد سوڍي بگهياڙ جي زباني روايت کي پڻ مناسب جاين تي قلمبند ڪيو ويو آهي:

*  ڇتي کٽي بابت يقيني طور ڪجهه به معلوم نه آهي. البت ميرپورساڪري طرح جي سگهڙن (حاميد خان رند، حاجي سرماڻ خان، حاجي محمد سوڍو ۽ ٻيا) جي متفق روايت موجب ڇتو کٽي، سگهڙن جي سرتاج جلال کٽي جو ڀاءُ هو. حضرت جلال کٽي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ ٿي گذريو آهي.

2- د روايت ۾ هي ٻيو بيت، جنهن ۾ شاهه بهرام جي ڄمڻ جو ذڪر آهي سو هن ريت آهي.(هلندڙ هاشيہ ص-228)

(1)  سگهڙ حاجي محمد سوڍي بگهياڙ جي روايت موجب ”واچوڙي وريام“

(2)  هيءَ مصرح د موجب آهي.

(3)  هيءَ مصرع د موجب آهي.

(1)  هي مصرع د موجب آهي.

(1)  هي مصرعون د موجب آهن.

(2)  هي مصرعون د موجب آهن.

(1)  هيءَ مصرع د موجب آهي.

(1) هيءَ مصرعون د موجب آهي.

(2)  هيءَ مصرعون د موجب آهي.

 * بيت (43) کان (52) تائين د روايت مان ورتل آهن.

(1)   هي مصرعون د موجب آهن.

(2)  هي مصرعون د موجب آهن.

(1)  هيءُ بيت سگهڙ حاجي محمد سوڍي بگهياڙ جي روايت موجب آهي.

(2)  هيءَ مصرع حاجي محمد سوڍي بگهياڙ جي روايت موجب آهي.

(1)  حاجي محمد سوڍي جي روايت موجب: ادا! پنهنجي باغ ۾،ڪو ڏسجي آدمزاد.

(2)  هي مصرع د موجب آهي

(1)  هيءَ مصرعون د موجب آهن.

(2)  هيءَ مصرعون د موجب آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org