سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب: -

صفحو :18

ڪڇ واري قلمي نسخي جي هڪ صفحي جو عڪس

 

 

تِن کي طريقت سين، ساري ڏينِ سزا،
هِنيون حقيقت گڏئو، غازي ڪري غزا،
مشاهدو معرفت سين، جانڪيتان جزا.

 

60-تان چي: پرين! وڄ مَ پرڏيهڙي، موٽي چيس ماءُ،
ويٺو آنءُ وطن ۾، جتي توکي سک سواءُ،

 

61-تان چِي: اصل آءٌ نه هتي جو، وطن هي نه مامَ
سوئي ساڻيهه مُهجو، ساجن جت سندامَ
(1).

 

62-تان چِي: محب مُهجا مجنا! وطن تو جو هيءُ،
پرين! پراهون مَ ٿيءُ، جانڪيتان تو جِيءُ
(2).

 

63-خوشيون ڪر کُٿاب ۾، کلئو کُٿابين ساڻَ،
اَٺئي پهر اُستاد سين، ريجهئو ڪر رهاڻَ
(3).

 

64-حوضَ، حويليون، حجرا، اڇا اَڏائيان.
ڪارڻ تو ترتيب سين، چڱا چٽائيان.

 

65-مُلان مڙئو مجني کي، اچئو متيون ڏين،
احسن اخلاق تهنجا ويٺا واکاڻين
(4).

 

66-تان چي: ميان! منع مون کي، آئين ڪام ڪرهو،
جِہ مهجي جيءَ ۾، اچي ڏوهه ٻرئو.

 

67-وساري وطن کي وري نه وِهندوس،
”حُبّ الوطن من الا ايمان“ ڪُوڙو تان نه ڪندوس

 

68-تڏهه جر هاري جال گهڻو، روئي ماءُ ورياس،
ماڙهو مڪي شهر جا، ڪارؤن ڪن ڪيڻاس.


 

69-ڪہ جو وارئو نه وري، ٿيو سٽاڻو شاهه،
کڻي حَمال هلئو، رڙهي مٿي سو راهه،
ڪاسو ڪَچَ ڪپور جو، کنيائين کٻيداه،
”ڪلُ نوم علي المحب حرامُ“ ڪيائين ڳالهاءُ،
ڏوري ڏونگر لڪيون، چڙهيو چوٽين تان،
جهوتون ڏي جهَرين ۾، ورائي وراڪار
(1)،
تکو وڃي، تڪڙو، رائي رِنَ منجها،
وهي ويساههَ نه کڻي، ڏکويو ڏجها
(2)،
اَنگهن مٿان اُتري، ٿئس انگ آڇا
(3)

 

70-ڏوري ڏونگر لَڪيون، سپريان جي ساءِ،
آڻيو آب اکين ۾ ويچارو واجهاءِ،
لوچئو لوهَ پرين ري سور سٽاڻا کاءِ
(4)،
مصر جي مارڳ جي، مون کي سائين ڏيين ساڃاءِ،
وينتيون واحد ڌڻي! ڪريان ٿو ڪِيڻاءِ،
الله! عاشقن کي، تون ميان محب ملاء.

 

71-رِيهُون ڪيو رُڃن ۾، رويو جر هاري،
ڏکيا ڏينہ پريز، ري، گهنگهر ٿو گهاري،
ڇِنا پير چَپرين، وڍجي ويچاري،
دانهون ڪئو درد سين، ٻَر ٻَر ٻاڪاري،
منجها من محبوب کي، وير نه وساري،
نڪتا اُڃ نه بُک ڪا، مِيس ڇڏيائين ماري،
ويهو وڃي ويِر تهين، اَلله آساري
(1)،
مانَ مڙان کي سڄڻين، آءٌ ڄڻين، آءٌ گوندر گذاري.

 

72-سُڪِي م هڏن اُتي، ڪارو ڪڙهي ٿئوس،
من ۾ محبوبن جو، ويتر وَهه پئوس،
جَر هاري جال گهڻو، ڏاڍو ڏک لڳوس،
ڏوريندي منجهه ڏونگريِن، ماڙهُو ڪو مڙئوس،
مصر جي مارڳ جو، تِهين ڏس ڏنوس،
پَسي وَڻ واڳئو، وَهِي سُور وئوس.

 

73-سرهو ٿئو سرير ۾، وئس ڏل وَهِي،
مصر آئيوپ مجنون، ڪوڏان قيس ڪَهي.

 

74-ڪَهِي قيس آئيو، مصر محبتي،
و هسئو واڙيءَ ڦُلّ جيئن، ٿيس روءِ رَتي،
سرهو ٿيو سرير ۾، جاتيرو جَتِي
(2)
ڳالهاري ڳوٺِين کي هليو حالتي
(3)

 

75-ڪِها قصر قاضين، اُڀو گهڙي گهاٽَ،
50ميان! مون کي مِهِت جي، ڪو ڏيکاري واٽَ،
اوڏو ٿي استاد ي، جان آءٌ ڪريان جاٽ،
پِرينَ جي پسڻ جي، آهيم اُڃ اُساٽ،
اوري اکڙين سِين، مان پرايانَ ماٽ
(1)

 

76-تان چي آهه آڳانجهي گهڻي، ڪا مصرين مروت(2)
کلي تن کيڪارئو، هلئو ڏينس هٿ.

 

77-چي: هوءِ ملان مهيتيون، هوءِ قَصَر قاضين،
هُڳا جت هُل ٿئي، اوءِ پرڏيهي پڙهن.

 

78-قاضي ڏينَ ڪپڙا، ٻيا کارائين کيڻ،
ويٺا پڙهن پِرت سين، نت نِمايو نيڻ
(3).

 

79-جلد سونِيري سهڻا مصحف موچار،
رڱاڻِئل رِحل ڪمانگري، غلاف گُلذار
(4)

 

80-دَواتون درست ڪئو، وجهن قلمن قَطَ،
لايو ’لام‘ ’الف‘ سين، ٿا خوب لکن خَط.
فرض واجب سنّتون، سکڻا شريعت.

 

81-طريقت جو تن ۾، اچي ورئو واءُ،
علم ڌاران اُنهين منجهه ٻِئي ڪانہِ ڪاءَ
(1)

 

82-حقيقت هِنين ۾، ڪيائون معرفت منَ،
آهينِ نِيہ نماز سين، روزا سڀ رکن،
بيزار ڪنا بدعت جي، مَٺِي مور نه ڪن،
مورنئون مِٺا گهڻو، سونهن سڏ سڀن
(2)
حافظ هزارين گهڻا ٿا قاضيءَ ڀر ڪنبن،
هڏ گهڻئي هارئا، محبت پائي من،
پوڙهي پوڙها سي ٿي، چڱيءَ راه رسن
(3)

 

83-پوڙها پڙهي سي ٿئا، رسئا راه رحمت(4)
ٿيءُ محرم مجنا! تون پڻ تِنين جيءَ سَٿ
(5)

 

84-هوءِ حويليون، هوءِ حجرا، هوءِ منارا مَست،
ڪُرنِش ڪِج قاضيءَ کي، سڃاڻي سو ڏِيت
(6)

 

85-تڏه مرڪي پِيٺو مهت ۾، سرهو شاهه ٿئو(7)،
گهرَ پڇي قاضيءَ جا، حجري هلي آئيو.

 

86-منجهان حبّ هلي ڪري، ڏنائين سلام،
قاضيءَ چيو قيس کي: وعليڪم السلام.

 

87-هٿ ٻنڌي حضور ۾، اُڀو ادب ڪري،
قاضي گهڻي قرب سين، تہ کي ڳالاري،
غربت ساڻ غريب کي کلئو کيڪاري،
آءٌ تون اوڏو اُسري، پرڏيهي پير ڀري،

 

88-آهين شرط سنّت جا، سُڄن چوکا چار،
قاضيءَ چيو قيس کي: اسان سِي آڇارَ.

 

89-ڪبر آهِين ڪٿي رهي، ڪڄاڙو نالوءِ،
آءٌ ٿو پڇان ڳوٺيا! ڪيسينءَ قصد ڪيوءِ؟

 

90-تان چي: گهاريان مڪي شهر ۾، هِيسينءَ قصد هوم،
آءٌ انصاري آهيان، قيس نام سندوم.

 

91-تڏهه ميوا ڪڍئا مجني، عربان جي آندائين،
سُنّة قاضيءَ سامُهان، چڱي چِت رکيائين.

 

92-قاضيءَ ڪري ڪَترا، وڍي وراهِيا،
ماڙهون مُلان مِهت ۾، کائي سي خوش ٿيا
(1)

 

93-ڪي پرزا پاند ۾ رلائين سِي ليليٰ لاءِ،
کٿابئا! کڻي وڃو، جان سِي خوشيا کاءِ.

 

94-تڏهه کِيندي خماري، چرئو ٿئس چتِ،
ٻائي ٻاتاڙي ٿئي، نيڻ ٿائي نت
(1)

 

95-چي: هن مٺائيءَ ميوو، ڪڏهين نه کاڌوم،
ساهو ٿئو سرير ۾، جان چڱڻ سو چکئوم،
سڪان تہ ساجن کي، آڻي جہ ڏنوم،
سٻاجهو ٻاجهه ڪري، تِہ سين ميڙيندوم.

 

96-تڏهن قاضي چيو قيس کي، چي: مَنان لاهه مرم،
مصر آئين مجنا! تون ڪهڙو وٺي ڪم؟
تان چي: ڦر هِي لک فقير جي، قاضي ڪر ڪرم،
”طالب العلم ولو ڪان بالصّين“ آهيم اِيءَ عزم،
سبق ڏنائين شاهه کي، تِت ”نون وَ القَلَمُ“،
وڃي پڙهه پرت سين، درست جهلي تون دم،
محرم آهين مجنا! يانئج ڪو مَ ڀرم.

 

97-تڏه سڻي سبق سَرهو ٿئو، ناهه ڪو نياز،
محبت منجهان مجني، ڪئو ٿي الحاني آواز،
سڻي سُرود شاهه جو، پکي ڪن ته پرواز،
ڪنين پتو ڪامڻيءَ جي، تہ عشق جو آواز
(1)،
ويچاري واڍوڙئي، جہ کي مضَن مجاز.

 

98-ڪو کٿابي آئيو آهي سو عربي،
پڙهيو پڙهي پرت سين، ڪري نِڀائي نِيبي
(2)،
تِہ سين ڪري ٻي ڪانه، پرينءَ پُئون ڪِبي.

 

99-محبت ڪري مجني، لَيليٰ لوهُ لڳوُ (1)
ٻنهين کي ٻَهون ٿئو ويچارن وِروه.

 

100-ڳُجهه ڳَرهين پاڻ ۾، انت نه آڇارين،
هَي هيڪڙا ٻئن کي سڏائين، سارين
(2)،
کڻئو هٿ خدا ڏانہ، دائم دعا ڪرين
(3)

 

101-الله! اولا لاهيِن، تون ميان محبتين،
جي نِنين جا سيڪڙو، سي ميڙيين کي تِن
(4)

 

102-الله اولا لاهيِين جان سڄاڻئون سچ(5)،
اورئي سين ڪي اجهامي، جو من ۾ ٻرئو مچ
(6)،

 

103-ليليٰ لڇي لُونء ۾، پريان لاءِ پيئي،
محبتي وٽ مجني، ويٺي جان هئي.

 

104-گوشي پرين گڏئا، ٻئو ڪونه هئو،
محبتي کي مجني، تڏهن تِہ چو،
چي: مون سهڻي ۾ سپرين! توسين سير ڪيو.

 

105-تونهين رهين روح ۾، نت توڏانہ ئي نيڻ،
سڀئي وئم وسري، جيڪِين سڳا ۽ سين.

 

106-نيڻين ننڊ وِهُ ٿي، نڪا اُڃ نه بک،
ٻئا سڀئي گهوريان، ساجن تو ري سک.

 

107-ڪَرَ موڙي قيس، ڏنو هي جواب:
من تو جي مامري، آءٌ ڪُسي ٿئو ڪباب،
پرين پرچي پاڻ ۾، لاٿائون هور حجاب،
مَندي ناهينِ من ۾، سڃاتائون ثواب.

 

108-اکيون اکين سامهيون، ڏينہ سڄوئي رات،
ويٺا ووڙين پاڻ ۾، ڇڏي ٻي تات.

 

109- ڪري وڇاڻ وِهسئا، منجهه موچاري ماڳ،
اچي ويهه تون سپرين، ساجن سين سهاڳ،
ڪامل ڏهاڻي قيس کي، چڱا ڪاري چاڳ،
ڦوٽا، ڦُل، سوپاريون، سنڊي لونگن ٽاڳ
(1)،
رَندي کين خوشيءَ سين، سهسين ڀَتين ساڳ.

 

110-نوري نرمل ڪپڙا، اڇا اوڇائي،
اَگر، چندن، چُئو، ڪيوڙو، لالن لائي.

 

111-گهورئو پاڻ پرينءَ تان ڪري قرباني،
ذات زبوني آهيان نالي نماڻي.

 

112-اِئين چيو عاشق کي، وِهسي وير وتار:
پيرن هيٺ پرينءَ جي، آءٌ وڇايان وار.

 

113-ڪاڙهي گهڻيءَ ڪارَسين، کَنڊُون پايو منجهه کير،
پياري پرينءَ کي، اچئو ساڻ اُڪير.

 

114-ڪري خذمت خوشيءَ سين، پيئي پريان پار،
ايئن اوريائون پاڻ ۾، چوکا مهينا چار.

 

115-تڏه پاٻوهيندي پاڻ ۾، ليليٰ لاڏ ڪئو،م
محبتي کي مجني، تنهن کلي هٿ هنيو.

 

116-ڪِنين ڏٺو ڏُجهَڻين،. اُڀا اچي اوچتا اُت(1)،
اچي چيائون قاضيءَ کي، ڪري چاوت چِت.

 

117-چي: دُزد ديوانو ڌاريون، پرڏيهي پڙهِي،
سو تو جِي ڌيءَ سين، کلئو هٿ هڻي.

 

118-تڏه قاضيءَ گهڻو ڪَرپئو، اِن ڏکويو ڏنجهه،
جي ٻئا ويٺا ٻهر پڙهن، مجنون گهاري، منجهه.

 

119-مَٺِي موراهين من ۾، ان کي ڪا هئي،
منجهه افواهه عام جي، پڌري ٿي پئي.

 

120-ههڙي مهنجي حرم منجهه، ڪڏهين ڪنہ نه ڪئي،
’نامعقول نااهل!، پَسي اٿئو ايئن چئي،
ماري وڌائين مجنون، ڪامُن ساڻ ڪُهي.

 

121-اُٿي ديوان! دُور ٿي، هاڻي هٿ مَ ويهه،
ادب نه ڪيئي استاد جو، تو ۾ مڪر مِيهه،

 

122-تان چي: قاضي! ڪامون ڪيئن هڻين؟ ميان! پسي مريض،
هن منهنجي حال جي توکي ناهه تميز.

 

123-هن منهنجي حال جي، تون پڇي ڪر پرک،
اصل عشقن پٺئان، چغل چاري لک،
مَٺِي ناهه من ۾، اُو جُٺا مارين جک،

 

124-هِنيون هڪلي هنڌ ڪر، قاضيءَ ڪوهه ٿئو؟
هيڏو ڏمر ڏِيلَ ۾، ڪڄاڙي کي ڪئو؟
صحيح لوڙيو لکيو، لکئان ڇٽي نه ڪو،
”لاتحرّڪ ذَرّةِ اِلا بِاذنالله“ لکئو تان ڏٺو.

 

125-تڏه قاضي ليليٰ ڪوٺَئي، اُڀو چئيس ايئن:
ديواني! سين ڌڏارئين، تو هٿ هنيو ڪيئن؟
سُڀان ٿينديِن شرمندي، سندي محشر ڏينهن.

 

126-قاضي ليليٰ ڪوٺِي، اُڀو ڪري بيان:
جت حاضر ڪبو حضور ۾ سڀ جهان،
آگهٽ ٿيندين عملين، جتي منڊبو ميزان،
وؤڙيو جنين نه وَرَن سين، سي پونديون پشيمان.

 

127-تان چي: سڻ ٻاٻا! سچي ڪريان، جان تون پڇين تون،
من رَتو سِين مجني، جڏه ”ڪُن فَيڪون“.

 

128-لکئو انگ ازل ۾، پارڻ سو پئوم،
جو آهه خواهش خدا جي، تان نه مِيٽيندوم.

 

129-تڏه لڇيو چئي ليليٰ: کاڻِي ڏسجين کريل،
ڪهڙو آه ڪم تو جو، اِن چُرٽِي سين چريل؟

 

130-تان چي: ابا! ڪو انصاف ڪر، ٻاٻا ٻرل مَ ايئر،
محبتي کي مجني، تون چريو چئين ڪيئن؟
جو عاقل اکرين پُورو، مِٺو جڙو مينهن،
ڀرئا آهين بيکَ لئي، نيڻن سدا نينهن
(1)،
پِيئم جي پرينءَ رِي، سي ڏُجارا ڏينهن،
قلب منهنجو قيس ري، چڙهيو مٿي چِيئن.

 

131-محبتي سين مجني، وڏي جاڙ ڪَيئي،
هن اسان جي حال جي، خبر تان نه پيئي.

 

132-ري گناهه غريب ڏانہ، ڪئو جن گمان،
ويڇون ٿئو وِير تهين، سندو تنہ ايمان
(1).

 

133-تڏه موٽي ماڻس کي چيو، قاضيءَ ڪَپَ ڪري،
چي: ليليٰ لَکَڻ ڇڏئا، واريان تان نه وري.

 

134-تون ڌتاري ڌيءَ کي، پير ڀري پَلينس،
منهنجو چيو نه ڪري، هلي تون هَڪَلينس،
منهنجا ڀيڻج ڀائٽيا، سي تون آڇارِ يِيننس،
جئن چرئي مٿان چِت کڻي، وِرُ تِهين واريينس.

 

135-پَرِ پنهنجيءَ ۾ تڏهن، متيون ڏئيس ايئن ماءُ،
چئي ليليٰ! ۾َ ڇڏ لڄ تون، ڪر لياقت ڪا،
ڪهڙي منهن قاضيءَ سين، اُڀي ڪرين ڳالهاءِ
(2)؟
رِيسا جي روح ۾، مون تي تپئو ڪري تاءَ
(3)،
دز ديوانو ڌاريو، چريو لاهه چِتاءَ،
ماڙهو ڏينداءِ ميهڻا، سڳا سيڻ سِيا،
پر ڪرينِ ٿا قاضيءَ جو، سڀئي روح ريا.

 

136-تان چي: ”محب منهنجو مجنون، پُڇيان سو بيزار،
ري گناهه غريب سي، ڪئو کٿابين کار،
چارِيَن جو چيو ڪري، قاضي ٿئو قهار،
ڪُٽيائين ڪامُن سين، اُکڙين جو آڌار،
تِنهان پوءِ پرائيو، جيءَ منهنجي جار،
اندر اٽن آڱرا، ڪَڻمَ ناهه قرار.“

 

137-تان چي: ڪيهان قيس آيو، کاڻو مُئو کريل،
ڇورو ڇاٻين ڪپڙين، ليڪو ڏسندهِين ڏَل،
ٽِيرُ ٽڪريءَ هيرئون، نڪو ليڪو نه لَل،
چريي مٿان چِت کڻي، هارِي! هٺ هڪل.

 

138-مسافر سين مِٽي، ڇوري ڇني ڇڏ،
مڇڻ لوڪ لک ٿئي، ڪر مَ وڏي سڏ،
سڳا سؤٽ سندا جي، مَن تِن سين گڏ.

 

139-تان چي: مادر! مون پِرين ڏي، وِلهي وائي مَ وار،
عاقل گهڻي ادب سين، پئي مَ مَٺيءَ پار،
ويٺو پڙهي پرت سين، محبتي موچار،
طعنا ڏيئي تنہ جا، وڌئي مون جيءَ جنجار،
محبتيءَ سين مجني، اتم لڳمِ آرَ،
سڳا سؤٽ سڀئي، مون کي مَ آڇار،
جنہ جو لڳم، ميهڻو، آءٌ پيئي تنہ جي پار،
ڪم نه اچن قيس ري، هندورا ۽ هار،
سڀئي ويم وسري، ساجن ري سينگار.

 

140-ڪِين منهنجي قيس ري، وجهه مَ ٻئو ويڻ،
رنڌيان طعام طلب جو، خوب پچايان کٻڻ،
کيندو جو خوشيءَ سين، سو منهنجو سيڻ.

 

141-تڏه ساڍا نوءَ سيرَ سُندريءَ تُراري توري(1)،
وڍي رکيائين وِهه جا، ڪاتيءَ سين ڪوري،
دارو پايو ديڳ ۾، سو اوري ۽ گهوري.

 

142-ڪاڙهي گهڻيءَ ڪار سين، رنڌي راس ڪيائين،
’ڪوٺي آءُ قرابتي تون‘ ماڻس کي چيائين.

 

143-تڏه کلي کٿابي آئيا، وِهيسن لاءِ ويهان،
پسي وَنَڪ وهه جي، هٽڪئن هيٺيان،
سک سڀڪنهن ساهه سين، مري ڪير ميان!

 

144-ڪِنين مضنيون کڏيون، ڪي ڀڄي ٿئا بيزار(2)،
ڪندو ڪونه قيس ري، سندو وِهه واپار.

 

145-تڏه آيو مرڪي مجنون، جا سيڻين سڏ ڪئوس،
تڏه سرهو ٿئو سرير ۾، وَهِي سور وئوس.

 

146-هٿ وڌائين وِهه ۾، گوڏا کوڙي گهوٽ،
کائي وئو خوشيءَ سين، چنچل ڏيئي ڇوٽ.

 

147-مٺو ماکيان ئي گهڻو، کائيو کِلئو چوءِ،
سو پڻ ڏئينم سپرين، جيڪِين ٻئو هوءِ.

 

148-ٿورو هئو ٿانءَ ۾، هڌڏ مَ ڀڳيم هِڪ،
خاطر ههڙي کيڻ جي، آءٌ سدا مران سڪ.

 

149-تڏه ڪامل چيو قيس کي: ساجن تو سندوم.
توهي سندو ميهڻو، ور ڀلي ڪري لڌوم،
ڇني سياڪا، سڳايُون، توسين روح رتوم،
انگ اڳهين لکئو، سو پارڻ پوءِ پئوم،
پورو ڪئو پاتشاهه، قادر ڪيم سندوم،
هنيِين حُب جنہ جي، محب سو مڙئوم.

 

150-تڏه پرين پرچئو پاڻ ۾، ويٺا دور پڙهن،
پسئو صلح سڄڻين، سي کَرَ ٿا کامن،
قيس جا قاضيءَ سين، وڄيو ڪُرنِش ڪن،
چئي: حضرت! هيئن نه گهرجي، هٽڪئو هٿ هڻن.

 

151-تڏه قاضيءَ سو ويڻ سڻي، وهم پئو وري،
اڄ مون سين ڳالهڙي، ڪئي کٿابين کري.

 

152-تڏه قاضي قرب ڪوٺائيو، اُڀو چئي ايئن(1)،
محمود داڻي مجني سين، هاڻي ڪريان ڪيئن؟

 

153-تڏه قرب چيو قاضيءَ کي، چي: ويٺو ڪيم وِماس،
مصر ڇڏي مجنون هل، جان وڄو واس.

 

154-خبر اِن کرئل کي، هڏ نه ڪرهو ڪامَ،
ٿيندو بيزار بک جي، ترت ريءَ طعامَ،
 ويندو رهندو ورچي، منجهان مصر شامَ،
ويندا سي ايمان سين، ڪلمون جن ڪلامَ
(2)

 

155-تڏهن سنڀوڙا ”سيّد“ چوئي، ٿا پَر ۾ پلاڻين،
مصر ڇڏي مجنون، ٿا اهڙا گهاٽ گهڙين،
سٽون سڀ سنڀايو، ڪئو درست ڌرين،
ثمر ڀتا سَر ڪئو، پاڻي پاڪ ڀرين،
اُٺن مٿي آڻئو، سي پخالون پاڻين،
ڳويون، مينهون، ٻڪريون، سَرڪِيون سنڀائين.

 

156-ليليٰ کي لاڏاڻي جي، جڏه سڌ پيئي،
وِرچي واريءَ مُٺ جيئن، ويچاري ويئي.

 

157-جر هاري جال گهڻو، پسئو کٿابين کِيرَ،
سرها سڀئي سزا، ڇورُون ڪن ڇُڳِير،
کڻئو منڌيون مَٽ، اُڀا ڏينِ اُلير،
ڪارُون ڪري ڪريم درِ، ويچاري تنہ وير،
تنين ڃوڙائو مَ ڏي، جنين هيڪاندي هير،
اٿي هلي هوت ڏي، پَر ۾ ڀري پير.

 

158-ڳجهه ڳِرهيائين پرينءَ سين، اچي ساڻ اُڪير،
نيڻئون نار ڪري، نِڪون لائيو نِير،
ته اسانب پَرڀُون پُوريون، اي محب منهنجا مير،
هلڻ جي هِنين ۾، تون ڪا ڪر تدبير.

 

159-اِيَ سڻيندي ڳالهڙي، چَرئي ورُ وڻو چِتُ(1)،
جر هاري جال گهڻو، نيڻ ٽمائي نِت
(2)

 

160-پرين هلئا پرڏيهڙي، هاڻي ڪريان ڪيئن،
سانگ مَ ڇڄي سڄڻين، اُڀو چئي ايئن.


(1)    ق: روايت ۾ هن بعد هيٺيون مصراعون آيل آهن:

            پاسي تنهن پرينءَ کان، جيئڻ جَلُ ٿيام،

            مجني چيو ماءُ کي: آءٌ آيل اُڪنڊيوس،

            محبت آهيم مَنَ ۾، وطن آءٌ ويندوس.

(2)    ق : پرين پراهون مَ ٿئي، جانڪيتا پئو جيّ.

(3)    اصل: اَٺُو پَهر.

(4)    اصل: احسن اخلاق تو جا...

(1)   اصل: جَريَنَ ۾...

(2)    اصل:... ڏوکويون ڏجان.

(3)    اصل: اَنگَنَ مٿان اُتَري ٿئس انگ اَڇاه.

(4)    (4) ق: لوچئو لاءِ پرين جي...

(1)    ق: وِهه پيو وڃي ويرين ۾ الله آساري.

(2)    ق: سرهو ٿيو سرير ۾، جاڳيو جنتي

(3)    اصل کالاري کوٽين کي هلئو حالتي.

(1)    ق: اوري اکڙين سين، من پريان مؤن ماٽ.

(2)    ق روايت ۾ هي ٻه مصراعون هن طرح آيل آهن.

                        آهي آڳانجي گهڻو، ڪا مروت مصرين،

                        کِلي تني کيڪاريو، مڙني محبتين.

(3)    اصل: نِت نِرمايو نين.

(4)    اصل: رُوکانِئَل رحل ڪماکر، غلاف گلذار.

(1)    هي مصرع ق روايت ۾ ناهي.

(2)   ق مُورئون مِٺا گهڻو، سونهن سڏ سندن.

(3)    اصل: پري پُوارا سي ٿي جَنِکي راه رسن. هيءَ مصرع ق روايت ۾ ناهـــي

(4)    ق پڙهي سي پورا ٿيا، رسيا کي رحمت.

(5)    ق: ٿي مهرئون منجان...

(6)    اصل: سڃاتي سو ڏِيٽَ

(7)    ق: تڏهن سُرڪِي بيٺو مجنون....

(1)    ق: ماڻهو مڙئي مهت ۾، کائي خوش ٿيا

(1)    اصل: نِينَ نِرمائي نِت

(1)     هي مصراع ق ۾ ناهي..

(2)    ق: پڙهبو پريت سين، ٻي ڪانه ڪبي.

(1)    ق: محبتي سين مجني، ليليٰ لڳي لئون.

(2)    ق: ۾ هن بعد هيٺين مصرع آيل آهي:

                        پاڻئون آڻي پريتڙي، منجهيئي ٿا مارين.

(3)    ق روايت ۾ هن بعد هيٺين مصرع آيل آهي:

                        کنيو هٿ خداءِ ڏي مدامي مڱن.

(4)    ق روايت ۾ هن بعد هيٺين مصرع آيل آهي:

                        اوريو اورين پاڻ ۾، روز ٿا کر کامن.

(5)    ق موجب: ...جنين سڃاڻي سچ.

(6)    ق: اوري اکڙين سين س جا اُجهاريون مچ.

(1)    ق... سندي لونگن لاڳ.

(1)    ق: ڏٺو ڪنين ڏڄڻين، جي اوچتا آيا اُت.

(1)    ق ڀرڻا آهين نيڪ لاِ، نئن سدائين نينهن؛ اصل: ڀرڻا آهين ڀيکَ لئي....

(1)    (1) ق: روايت موجب:

                        قادر ڪندو تن سين، آگو ڪيئن احسان

(2)    ق... تپيو ڪرين تاءَ. 

(3)    هي مصرع ق ۾ ناهي.

(1)    ق: تڏهن سانڍيائو سير سنڌ جا، ترازو توري.

(2)    اصل: ڪِن مَنَيءَ کَڏيءَ، ڪرڀڄي ٿنا بيزار، ق؛ کسي ڇڏيائون کڏيون...

(1)    ق تڏهن قاضي ڪڙم ڪوٺايو...  

(2)    ق: روايت موجب ۾ هن بعد هيٺيون مصرعون آيل آهن:

                        مڙي مومن مجمع ۾، پنو در غلامَ،

                                ته حرمت حضرت حبيب جي، خاصي خير انام

                        وري ورجو ماهه ٻئي، موٽي مصر شام،

                        نه ته بدي رهي مدام، هن سڃي جي سڱ سين.

(1)    ق: ائين سڻندي ڳالهڙي، چڙي ويڙو چت.

(2)    اصل: ... نِينَ نِرمائي نت

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org