امان جي بابا سان ايتري محبت هئي، جو سياري جي مند ۾ جڏهن هو
مري ويو، تڏهن امان رک سان ڀريل ڪُل، جنهن ۾ ٻرندڙ
ڪجهه ننڍا ٽانڊا به هئا، پنهنجن وارن تي پيٽيو هو.
جو اسان جي مائٽياڻين هن کا کسي، هن جي مٿي کي
يڪدم ڇنڊيو هو. امڙ، منهنجي پيءُ جي وفات کان پوءِ
به ڪيئي سال جيئري رهي ۽ جڏهن هن کي ڪئنسر ٿي پئي،
تڏهن مان هن کي لاهور جي ميو اسپتال ۾ وٺي ويو
هوس. جتي منهنجي پنجابي دوست مونس ۽ هن جي سؤٽن
امڙ جي ۽ منهنجي ڏاڍي خدمت ڪئي هئي ۽ هوءَ شفاياب
ٿي موٽي هئي. جنهن جو ذڪر مان اڳ ئي ڪنهن ڪتاب ۾
ڪري چڪو آهيان.
امڙ مون کي ۽ منهنجي ڀيڻ کي جنهن وقت پنهنجي ماضيءَ جا واقعا
ٻڌائيندي هئي، تڏهن هن جي منهن تي بيحد وقار هوندو
هو ۽ هو ظاهر نه ڪندي هئي ته هن جا مٽ مائٽ دولت
مند هوندا هئا. هوءَ هندو بيوهه هئي ۽ ٽي ڌيئر
پنهنجي ماءُ وٽ ڇڏي، منهنجي پيءُ سان شادي ڪئي
هئائين، جنهن وٽ ڪنهن ڪيس جي سلسلي ۾ آئي هئي. پر
لکيو منجهه لِلاٽ قلم ڪياڙيءَ نه وهي، هن جي پيٽ
مان منهنجو جنم لکيل هو. مان جو ڪيئي سال پنهنجو
قلم پنهنجي ڪياڙيءَ تي وهائيندو آيو آهيان.
منهنجي ڪُپڙيءَ مان ڪڻا ختم ٿيڻ وارا آهن. پر تقدير کي پاسيرو
ڏسي، مان ڪجهه ڪڻان وڌيڪ وجهي ٿو ڇڏيان ۽ چاهيان
ٿو ته پنهنجو قصو پاڻ پورو ڪيان. مون کي محقق نه
وڻندا آهن. مان ڀانيان ٿو ته اهو ’محقق‘ لفظ ’حقي‘
مان نڪتو آهي، جنهن ۾ بُڙ بُڙ گهڻي هوندي آهي ۽
پرائي ٽانڊي تي ٽيڳربو آهي. انومان، ڌڪا، ٻڌل سُڌل
ڳالهيون، اهوئي ته محقق ڏيندا آهن. هن وقت تائين
ته ڪنهن به سنڌي محقق منهنجي باري ۾ حق جي ڳالهه
نه ڪئي آهي.
امڙ، بابا لاءِ سڀ ڪجهه واري ڇڏيو. هوءَ گهريلو عورت هئي.
مسلمانڪو لباس، شلوار، قميص ۽ رئو پائيندي هئي ۽
منهنجي پيءُ هن کي نماز پڙهڻ لاءِ وضوءَ جو طريقو
سيکاريو هو ۽ طهارت جي اهميت ٻڌائي هئي. هوءَ گهڻو
ڪري فجر، ظهر، عصر، مغرب ۽ عشا جي نماز، هر روز
پڙهندي هئي، پر ڪڏهن ڪم ڪار ۾ هن کان ڪائي نماز
رهجي ويندي هئي.
شاديءَ کان پوءِ ڪجهه عرصي تائين هندڪا ڏڻ ملهائيندي هئي. جن
مان ڪن جا نالا مون کي اڃان ياد آهن. چيٽي چنڊ،
رام نومي، اکڻ ٽيج، ٿڌڙي، دسهڙو، ڏياري، بسنت،
پنچمي، مها شوراتڙي ۽ هولي. ڌيري ڌيري هوءَ مسلمان
تقريبون ملهائڻ لڳي، پر پوءِ به منهنجي ذهن تي اهي
ڏڻ اڃان تائين اُڪريل آهن. هندو چيٽ جو سائو پک
پوتر ڏينهن سمجهندا آهن. ڇو ته ان ڏينهن برهما
سرشٽيءَ جي رچنا ڪئي هئي. اڃان تائين سنڌي هندو
چيٽي چنڊ جو ميلو ڪندا آهن. ٿڌڙيءَ تي شيتلا
ديويءَ جي پوڄا ڪئي ويندي هئي. شيتلا ديويءَ کي
هندو ’ننڍي ماتا‘ (ارڙيءَ) جي ديوي ڪري سمجهندا
آهن ۽ هنن جو ويساهه هو ته چيٽ کان وٺي سانوڻ
تائين شيتلا ديوي جي پوڄا ڪرڻ گهرجي. مان 1963ع ۾
بمبئيءَ ۾ سندري اُتم چنداڻيءَ جي گهر ويو هوس،
جيڪو شيتلا ديوي روڊ تي هو. ارڙيءَ جي نڪرڻ سان
ماڻهوءَ کي ڏاڍي گرمي ٿئي ٿي ۽ ان گرميءَ کي شيتل
(ٿڌو) ڪرڻ لاءِ هندو نم جا پن رکندا هئا. مون کي ۽
منهنجي ڀيڻ کي جڏهن ننڍي ماتا (ارڙي) نڪتي هئي ته
منهنجي ماءُ ڪوٺي تان نم جا پن پٽي، اسان جي
چوڌاري رکيا هئا، پر هوءَ ڪنهن به بت جي پوڄا نه
ڪندي هئي، جو بابا کيس سمجهائي ڇڏيو هو ته اسلام ۾
بت پرستي حرام آهي. رام نوميءَ تي هندو ڇا ڪندا
هئا، مون کي ياد نه آهي، پر منهنجا ڪلاس فيلو
چوندا هئا ته ان ڏينهن رام جنم ورتو هو. دسهڙو،
ڏياري، بسنت، پنچمي ۽ هولي ته هندن جا مشهور ڏڻ
هوندا هئا. دسهڙي جي ڏند ڪٿا هيئن هئي ته، رام،
رانوڻ جي ڏهن سرن لاهڻ لاءِ ڪاهه ڪئي هئي. ڏياري
جي ڪارڻ بابت منهنجا هندو ڪلاس فيلو گهڻيون
ڳالهيون ڪندا ها، جي مون کي ياد نه آهن، باقي اهو
ياد آهي ته هو مهينو کن اڳ گهر ۽ هٽن کي ٻوهاريون
ڏئي صاف ڪندا هئا ۽ پوءِ ليپا ڏيندا ها.
مون ان وقت پهاڪو ٻڌو هو ته :”ڏياريءَ جو ڏيئو ڏٺو، ننڍو وڏو
چڀڙ مٺو.“ ڇوته امڙ ڏياريءَ کان پوءِ چڀڙن جون
ڪچڙيون تري اسان کي کارائيندي هئي، جي ٻهراڙيءَ
جون مسلمان عورتون اسان جي پاڙي ۾ هندن ۽ مسلمانن
کي وڪڻنديون هيون. ڏياريءَ رات هندو ڪﺂڙي تيل مان
ڏيئا ٻاري ڀتين يا پلويڙن تي رکندا هئا، مسلمان
ڇوڪرا کجيءَ جي ڇڙيءَ سان ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪندا
هئا. ڏياريءَ رات هندو مسلمان ساري رات ننڍي
بازار، ڍڪ بازار ۽ شهر جا چڪر ڏيندا هئا. دڪانن تي
رنگ برنگي رانديڪاچاٻين تي هلندا نظر ايندا هئا.
ڏياريءَ جي ڏينهن منهنجي پيءُ جا هندو مؤڪل ۽ دوست
ڪافي مٺائيءَ جون پنڊيون ڏئي ويندا هئا. جن ۾
ڄمون، سڱر جو مائو، کوهيو، برفي، جليبيون، پيٺي جي
مٺائي، پستن جو مائو ۽ ميسو پاڪ پيل هوندو هو. اها
ساري پنڊي رپئي ڏيڍ ۾ ملندي هئي.
بسنت جي مند جي آجيان ڪندي، هندو بسنت پنچمي ملهائيندا هئا.
بسنت جي رت، ڦڳڻ ۾ شروع ٿئي ٿي ۽ چيٽ جي پڇاڙيءَ ۾
پوري ٿئي ٿي. انهيءَ عرصي ۾ شاهي باغ ۾ چهچٽا لڳا
پيا هوندا هئا. سارو باغ رابيل، ڪرني، گلاب،
ڪيتڪي، ٽانگڙ ۽ ٻين گلن سان جهنجهجي ويندو هو. جن
جا ٻج ولايت مان گهرائي، شاهي باغ ۾ پوکيا ويندا
هئا. انهيءَ مند ۾ توت، شهتوت، ڪارا ۽ ڳاڙها انجير
پچندا هئا. ڊيليا ۽ سوسن جو پاڻي سڪائي ڇڏينداهئا
۽ انهن کي ڪونڊين سميت رکي ڇڏيندا هئا ۽ آڪٽوبر ۾
ٻين ڪونڊين ۾ پوکيندا هئا. هندو مسلمان سڀ چوڄ سان
صبح شام چڪر ڏيندا هئا. ٻيو هوليءَ جو ڏڻ هوندو
هو، جنهن ڏينهن آئي وئي کي هندو رنگن جون پچڪاريون
هڻندا هئا ۽ جيڪڏهن پچڪاري ڪنهن مسلمان کي لڳي
ويندي هئي ته به ورلي ڪوئي جهيڙو ٿيندو هو. نه وري
هندو ان تي جهيڙو ڪندا هئا، جو هڪ مسلمان فقير اچي
دردر تي سئن هڻندو هو ته ’’ڪؤنروءَ ڏاند ڪُهايو،
ڪيول دين تي آيو.‘ ڪنهن ڪنهن وقت هُو اها سئن ڪنهن
هندوءَ جي در تي به هڻندو هو. هندو تهذيب کي رنگا
رنگي ته هوندي هئي. پر بت پرستيءَ سبب اها اسلام
کي ائين جذب ڪري نه سگهي، جيئن جين ۽ ٻڌ ڌرم کي
جذب ڪيو هئائين.
اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان وٽ چار پنج پيڙهيون مسلمان ٿئي گذريون
هيون، ان ڪري اڃان اسان وٽ مهينن ۽ مُندن جا نالا
هندڪا هوندا هئا، جي مون پنهنجي بيتن ۾ به استعمال
ڪيا آهن. هندوستان ۾ جوتش موجب ڇهه مندون ٿينديون
هيون ۽ هر ڪا مند ٻه مهينا هلندي هئي. بسنت ۾ ڦڳڻ،
چيٽ جو مهينو پورو ٿيندو هو ته اونهاري ۾ ويساک ۽
چيٽ جو مهينو ايندو هو، ان کان پوءِ اونهاري ۾
ورکا جي مند، آکاڙ ۽ سانوڻ ۾ ايندي هئي. چٽ، بڊي ۽
اسوءَ ۾ ايندي هئي، جڏهن گرمي جهڪي ٿيندي هئي.
کلئي آسمان هيٺان چادر پائڻ جي ضرورت ٿيندي هئي ۽
پوءِ سياري جا مهينا، پوهه ۽ مانگهه ايندا هئا، جن
۾ شڪاپور ۾ ڏاڍا سيءَ پوندا هئا. سوڙيون ويڙهڻيون
پونديون هيون، جن جي ڪپهه اسان کي پيڃارا هر سال
پڃي ڏئي ويندا هئا. اِهي ڇهه مندون هند ــ پاڪ کان
سواءِ دنيا جي ٻئي ڪنهن به ملڪ ۾ نه ٿينديون آهن.
ڪجهه عرصي کان پوءِ امڙ هندڪا ڏڻ وساري ڇڏيا ۽ عيد ــ ميلاد،
عيدالفطر، عيدالاضحيٰ (قرباني) ۽ محرم سان
مانوس ٿي وئي هئي. پر شيخن جون ذاتيون،
’بلراڻي‘، ’هرواڻي‘، ’ڇتاڻي‘، ’خانواڻي‘،
’جاناڻ‘ هيون، جي هندو ذاتين وانگر هونديون
هيون.
مون اڃان مٿيان اکر لکيا پئي ته ٽي. ويءَ تي خبر آئي ته: ”پشاور
۾ بم جو خوفناڪ ڌماڪو ٿيو، سٺ ماڻهو مئا ۽ ٻه سؤ
زخمي.“
يا الله، يا رب پاڪ! اسان ڪهڙي ڪئي جو ڪيتو ڀوڳي رهيا آهيون؟
آخر هيءَ خونريزي ڪڏهن ختم ٿيندي؟ آخر ڪشمير ۽
ڪابل ۽ ڪراچيءَ جو مسئلو ڪڏهن حل ٿيندو؟ انسان چئن
جي ننڊ ڪڏهن ڪندا؟ افسوس، اسان ۾ جمهوري روايتن
گهر نه ڪيو هو. جڏهن انگريزن ملڪ مان ٽپڙ ويڙهيا
هئا. ايم. اين. راءِ ٺيڪ چوندو هو ته انگريزن جي
وڃڻ جو وقت اڃان نه آيو آهي. انگريزن جي زماني ۾
چيو ويندو هو ته شير ٻڪري گڏ چرندا هئا. پوري
برصغير کي آزاديءَ جي نعري ديوانگيءَ جي حد تائين،
وچڙائي ڇڏيو هو. ايم. اين. راءِ جيتوڻيڪ پاڪستان
جو حمايتي هو، پر هو اِهو به چوندو هو ته، آزاديءَ
کان پوءِ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ فاشسٽ حڪومتون
ٺاهينديون. مان ڪڏهن ڪڏهن ايم. اين. راءِ جي دور
رس نگاهه تي سوچي حيران ٿي ويندو آهيان.
ورهاڱي کان پوءِ سارو پنجاب، سک، هندو، مسلمان لهولهان ٿي ويا.
ريل گاڏيون يا ته لاشن سان ڀريل يا بنهه خالي
اسٽيشن تي اينديون هيون ۽ لاش رستي تي لاهي ڦٽي
ڪندا ها ۽ انهن کي ڳِجهن جو ڳاهه ٿيڻ ڏيندا ها.
جنهن به چمن لال جو انگريزي ناول ’آزادي‘ خشونت
سنگهه جو ناول ’ٽرين ٽو پاڪستان‘ ۽ ڪرشن چندر جا
ناولٽ ’هم وحشي هين‘ ۽ ’غدار‘ پڙهيا هوندا، اهو
ڳوڙها روڪي نه سگهيو هوندو. بنگال ۽ بهار ۾ بي
تحاشا خونريزي، ٻارن، عورتن، ٻڍن ۽ جوانن جا
قافلا، بي سرو سامان، لڄون لٽائي، لڏپلاڻ ڪري،
سرحد جي هڪ پار کان ٻئي پار ويا. مهاتما گانڌيءَ
کي گاڊسي گولي هنئين، ڇاڪاڻ جو هو اهنسا جو اوتار
هو. قائداعظم، جنهن اسان کي پاڪستان تحفي ۾ ڏنو ان
جو لاش جڏهن زيارت کان ڪراچيءَ پهتو ته ايئرپورٽ
تي فقط هڪ نرس، هن تان مکيون هڪلي رهي هئي.
وزيراعظم لياقت علي خان جو قتل، جنهن جي قاتلن جو
سراغ اڃان تائين نه لڳايو ويو آهي، پنجاب ۾
قادياني مخالف فساد، هڪ بيمار ذهن واري گورنر جو
اسيمبليءَ کي برطرف ڪرڻ، سڪندر مزار جو اقتدار تي
زبردستي قبضو، ايوب خان جي آمريت، پاڪستان جي عوام
جون هن جي آمريت تي خوشيون، نهروءَ جو دلشڪستو ٿي
مرڻ، پنج شيلا جي سپني جو ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ، 1965ع
واري هندوستان ۽ پاڪستان جي جنگ لڳڻ، 1970 ۾ اوڀر
پاڪستان ۾ قتل وغارت، يحييٰ خان جي آمريت جو ڪجهه
عرصي لاءِ، شهيد ڀٽي جو اقتدار ۾ اچڻ، جنرل ضياءَ
الحق جو اقتدار تي قبضو، ڀٽي جي دارو رسن تي شهادت
۽ هاڻي ڪشمير، ڪراچي ۽ ڪابل جي مسجدن ۾ نمازي
شهيد، امام بارگاهن ۾ گوليون ۽ تخريب ڪاري، وڃي
ايتري چوٽ تي پهتي آهي، جو مولانا حاليءَ جي دعا
ٿي ياد اچي.
اي خاصهءِ خاهان رسل وقت دعا هي
امت په تيري آنِ عجب وقت پڙا هي.
اسان سوچي به نه ٿا سگهون ته آمريڪا، يورپ، چين، وچ اوڀر ڪٿي
پهتو آهي. محترمه بينظير صحيح چيو آهي ته، اڻويهين
صدي يورپ جي هئي، ويهين صدي آمريڪا ۽ ايڪويهين صدي
جپان ۽ ايشيا جي ۽ ٻين ملڪن جي ٿيندي. افسوس جي
ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ جيڪڏهن اڳي ڪنهن کان پڇيو
ويندو هو ته، ”ڇا حال آهي؟“ ته هو جواب ڏيندو هو:
”خدا جو شڪر آهي. دال ماني ته ملي پئي.“ پر هاڻي
چڻن جي دال چاليهن رپئي هڪ ڪلو آهي ۽ ڪڻڪ جو اٽو
اسي رپئي ڏهه سير آهي. اسان وٽ ويهينءَ صديءَ ڪو
ته گناهه ڪيو آهي، جنهن جو ڪيتو اڃان تائين ڏئي
رهي آهي. جي شاعري مون کي نه بچائي ها ته تاريخ ۾
ايترو اضطراب هيو جو مان گهڻو اڳي مري وڃان ها.
مون ۽ زرينا اِن دؤر ۾ ڇا سٺَو آهي، اهو بيان کان
ٻاهر آهي.
مون کي چئن ڏينهن کان کنگهه، زڪام ۽ بخار آهي، جو معلوم نه آهي
ڇو مون کي هر ڊسمبر جي مهيني ۾ ٿيندو آهي. مان
کاڌي پيتي ۾ ڏاڍو احتياط ڪندو آهيان ۽ فقط جيئڻ
لاءِ کائيندو آهيان. بيماريءَ جي باوجود مان مسلسل
لکندو رهيو آهيان، ڇو ته آءٌ ڄاڻان ٿو ته موت جي
هٿ ۾ قئنچي هوندي آهي، سئي ڌاڳو نه هوندو آهي. مون
کي اهڙي درزيءَ کان نفرت آهي ۽ ان جون درزان اڏائڻ
چاهيان ٿو. هو به ڇا ياد ڪندو ته هن سان ڪوئي پڳو
آهي!
جذبات مون کي ويهينءَ صديءَ جي توڙ تائين پهچايو آهي. پر مون ته
اڃان سنڌيءَ جي پنجن ڪلاسن جي تعليم جو احوال به
پورو نه ڪيو آهي. مان موٽان ٿو اسڪول ڏانهن.
بابا ڪاٺ جي ڦرهي، ڪلڪ ۽ ڪاري مس جي ڪُپڙي ڏئي، مون کي هڪ اسڪول
۾ داخل ڪرايو هو، جيڪو لکيدر جي ڀرسان هو. مون
تمام ٿوري وقت ۾ صورتخطي سکي ورتي ۽ منهنجا اکر
استاد کي ڏاڍا پسند هوندا هئا. ٽئين درجي سنڌيءَ
تائين مون کي پنهنجي مادري زبان تي ايتري مهارت ٿي
وئي هئي، جو مون ڪي ذڪر ڪيل سنڌي ناول پڙهي پورا
ڪيا ها ۽ اردو ڪتاب به پڙهڻ شروع ڪيا ها. تن ڏينهن
۾ شڪاپور ۾ ٻه سئنيمائون هيون، هڪ لکي در تي
ڪئپيٽال سئنيما ۽ ٻي هري ولڀ سئنيما، اسان جي گهر
کان ٻه اڍائي سؤ قدم پري هوندي هئي. جن ۾ گونگا
فلم ايندا هئا. مون کي زيبو ۽ جئراج جا فلم ڏاڍا
وڻندا هئا. هر فلم ۾ هيٺان اردوءَ ۾ لکيل هوندو هو
ته ڪردار ڇا ڳالهايو آهي. اهو پڙهي، مون اردو زبان
تي وڌيڪ عبور حاصل ڪيو. هري ولڀ سئنيما جي ڀرسان
’نوجوان برادر منڊل لائبريري‘ هوندي هئي، جنهن ۾
مون چوٿين سنڌيءَ ۾ هوندي داخلا ورتي هئي. اتي مان
سکر واري پبلشر هري سنگهه جون ڇپايل سنڌي ڪافين
جون چوپڙيون وٺي پڙهيون، جي ايتريون ننڍيون
هونديون هيون، جيتريون 1976ع ۾ تاشقند رائيٽر
يونين جي سيڪريٽري جنرل مومنوف مومن جي رباعيات جي
چوپڙي هئي، جا هن مون کي تحفي ۾ ڏني هئي ۽ جا هن
جي نالي جي تحرير سان مون وٽ موجود آهي. مون ان
وقت ئي مسلم يو. ايس. ايس. آر جي ڪمپرسي محسوس ڪئي
هئي ۽ يقين ٿي ويو هو ته مسلم ملڪ روس کان ڇڄي
ويندا، جيئن مون کي بنگلاديش جي الڳ ٿيڻ جو ڊاڪا ۾
يقين ٿي ويو هو، جنهن جو ذڪر مان ’جي ڪاڪ ڪڪوريا
ڪاپڙي‘ ۾ ڪري چڪو آهيان. مان ادبي هاءِ جمپ جو
ماهر ٿي چڪو آهيان. اڌ صديءَ کان مٿي ٽپو ڏنو اٿم.
مون ڳالهه ٿي ڪئي جڏهن چوٿين سنڌيءَ ۾ پڙهندو هوس
۽ نوجوان برادر منڊليءَ مان هري سنگهه جا ڇپايل
ڪافين ۽ بيتن جا ڪتاب ميمبر جي حيثيت ۾ ورتا هئم.
جن مان مون کي ڪجهه سٽون اڃان ياد آهن.
ڪُٺيءَ وٽ ڪَٽِي، رات نه ڪيچين ريءَ
مـيهر تــان نه مَٽي، ڇا جي لوڪ مٽيندو.
سهڻي ــ ميهار جي ڪهاڻيءَ مان مٿيون سِٽون ڪنهن سنڌي داستان گو
جي واتان الف شاهه جي پڌر ۾ ٻڌيون هيم. جتي هو
ايندو هو ۽ هڪ ڪهاڻي ٻڌائي، ڌرتيءَ تي چادر وڇائي
چوندو هو ته الله جي نالي ڪجهه سِڪا ڦٽي ڪيو ۽ هن
جي چادر پائين، پئسن، آنڪين، ٻي آنين ۽ پائلين سان
ڀرجي ويندي هئي. انهيءَ ۾ ٽاميءَ جا ڏاڍا پراڻا
سِڪا به هوندا هئا، جي هن دؤر ۾ هجن ها ته نادر
سِڪا سمجهي ڪٺا ڪيا وڃن ها. ڪافين جون ڪجهه سٽون
مون کي ايڏيون وڻيون هيون، جو اهي مون بار بار
پڙهيون هيون ۽ مون کي اڃان ڪي سٽون ياد آهن. هڪ
ڪافي ته هيمنداس نالي شاعر جي هئي.
اٿي جاڳ تون ننڊ نهوڙي
ننڊ نڀاڳي دوست وڇوڙي
ڇڏ گمراهي گينوار
چوٿين سنڌيءَ جون ٻه ٽي ڳالهيون، مون کي اڃان ياد اچن ٿيون.
پهرين ته اسان کي ڪلاس ۾ چيو ويو هو ته جيڪو ڦڙڪي
تي پکين جا کنڀ چنبڙائي، انهن تي پکين جا نالا لکي
ايندو، ان کي امتحان ۾ ويهه سيڪڙو مارڪون وڌيڪ
ڏنيون وينديون. ان ڳالهه تي گهڻن ڇوڪرن توجهه ڏنو،
پر اسان ٻن چئن هم ــ ڪلاسين ان ڪم کي تڪميل ڏيڻ
لاءِ، شڪاپور جا سارا باغ چڪاريا ها ۽ جڏهن ڪوئي
نئون کنڀ ڳولي لهندا هئاسين ته باغائيءَ کان ان
پکيءَ جو نالو پڇندا هئاسين، جنهن جو اهو کنڀ
ڪِريو هوندو هو. اهي ڪٺا ڪيل کنڀ ڪبوترن، ڪانَون،
طوطن، هيڙهن، سانهن (جا پاڻيءَ جي تلاؤن تي ايندي
هئي.) چانهه، پٽ تتر، ڪارڙي تتر، هِل، ڳجهه، ڪاٺ
ڪُٽي، باز، جهرڪي، ڳيري، گهگهه، ڪويل، ڇاپاڪي،
هُدهُد، چيهي، چٻري، چڙيءَ، متاع، بانشي، ٻٽير،
ٽيٽيهر وغيره جا هوندا هئا. جي اسان ڦڙڪي جي پاٺن
تي لئيءَ سان چنبڙائي، هيٺان انهن جا نالا لکي،
ويهه في صد مارڪون کنيون هيون. باغائي ڪنهن ڪنهن
وقت اهو پکي ڏيکاريندا به هئا، پر اسان انهن جي
ويجهو ويندا هئاسين ته اهي ڀڙڪو ڏئي اڏامي ويندا
هئا. ڪڏهن انهن جا ولر هوا ۾ گهمرا ڏيندا نظر
ايندا هئا. انهن جي چين چين ۽ چانگار ۽ مٺي تنوار
ٻڌي اسان وٺجي ويندا هئاسين. مون ڪن ڏئي ٻڌو هو ته
باغ باغ ۾ ايندڙ پکين جي ٻوليءَ ۾ ٿورڙو فرق هوندو
هو، جيئن شهر شهر جي ماڻهن جي ٻوليءَ جو فرق آهي.
مون تيستائين ته شهر فقط شڪاپور، ڳڙهي ياسين،
سلطان ڪوٽ ۽ سکر ڏٺا هئا. هڪ ڀيري بابا ڀلي ڏني
آباد، ضلعي جيڪب آباد به وٺي هليو هو. جتي هو
پنهنجي ڪن اصيلن وٽ مهمان ٿي رهيل هو، جي ذات جا
اُستا هئا.
منهنجو الفاظن جو ذخيرو نهايت تيزيءَ سان وڌي رهيو هو. سياري ۾
مستونگ جون پٺاڻيون يا ٻروچاڻيون اسان وٽ سڪل
ميوو، توت، ڳاڙها سڪل ٻير، سڪل انجير، پستا،
باداميون کڻي اينديون هيون. ڪنهن ڪنهن وقت هٽ
واڻين وٽان، مان امان جي چوڻ تي مڱن، چڻن ۽ مهريءَ
جي دال وٺي ايندو هوس، ڪنهن وقت ٿري زالون ڪرنگهه
کڻي اينديون هيون ۽ جوڳياڻيون ٺڪر جون ڏاند
گاڏيون، ڪُپڙا، ٺڪر جون گڏيون، ڏويون، چلهيون،
گهگهيون، وڏا ڪُپڙا جنهن کي ديڳيون چونديون هيون،
اسان کي اٽي لپ تي وڪڻي وينديون هيون. انهن کي هٿ
۾ لٺ ۽ مٿي تي ڪڻڪ جي تيلين جي کاري هوندي هئي.
پڙو ۽ گج جي اڌ ٻانهن ڪاون سان ڀريل، اگهاڙي
پٺيءَ واري وچولي هوندي هين ۽ ڪليوپيٽرا ڪٽ وار
هوندا هُين، جي سندن نرڙ تي وينڊي وانگر لڙڪندا
هئا. اڳيان نرڙ مٿان سيند ڪڍي ٻه چوٽيون ڪنديون
هيون ۽ ٻانهن ۾ بڪن جي مٿان ڪافور جا چوڙا ۽ وچ ۾
ڪيٽوڙو چوڙو پائينديون هيون، جن تي نيريون ٻُڙيون
هونديون هيون. انهن جي مردن کي چتين ڳنڍيل ڳوٿريون
هونديون هيون، هنن کي ڳچيءَ وٽ چيپ لڳل هوندي هئي.
انهن کي ڳچيءَ ۾ ڳاڙهي سنگ مرمر جا داڻا پويل ۽ ڪچ
ڪوڏيون به پيون هونديون هيون. اهڙيون ڪچ ڪوڏيون
سندس ڳوٿرين تي به لڳل هونديون هيون. هنن جي
ڳوٿرين ۾ پيرَ مڻيا هوندا ها، جي چؤڪنڊا هوندا هئا
۽ جن کي سوراخ ۾ ڌاڳو پوتل هوندو هو ۽ اهو پير ۾
ٻڌبو هو ته وائي سور لهي ويندو هو. ممڪن آهي ته
اهو اعتقاد جي علاج
(Faith Cure)
جو نمونو هجي. هنن کي سائي سنگ مرمر جو دل پاڪ به
هوندو هو، جنهن کي مسجد جي قبن وانگر اُڪر ٿيل
هوندي هئي، جو هندو ۽ مسلمان ٻئي ڳچيءَ ۾ پائيندا
ها. هنن کي روهيءَ جي بُونبيءَ وانگر مڻيو به
هوندو هو، جنهن ۾ ٻه ٽُنگڙا هوندا هئا، جو ڏند
ڪرٽڻ کي روڪڻ لاءِ پائيندا ها. هنن وٽ اڇو چنڊ
مڻيو به هوندو هو، جنهن تي اڌ چنڊ وانگر نشان
هوندا ها، جيئن ٻار تي چانڊوڪيءَ جو اثر نه ٿئي.
هو مَليءَ لاءِ مرمر جون ننڍيون ميخون به کڻي
ايندا ها ۽ ڀڳل ٽامي جي ڪٽورين ۽ تسرين کي هڻندا
ها ۽ اهي ڳنڍجي سُڪَ ٿي وينديون هيون.
ٻيا جوڳي شب برات جو ايندا ها ۽ ڇٻين ۾ نانگ ۽ مرليون ۽ ڍارو
کڻي ايندا ها. هو ڍارو اڇلي قسمت ٻڌائيندا ها ۽ شب
برات جو جيڪو حلوو ٺهندو هو، اهو وٺي ويندا ها.
هاڻ گهر ۾ اسان جون ڏوهٽيون، پکيئڙن جيان چون چون ڪنديون اچي
نڪتيون آهن ۽ ڏاڍيءَ اُڪير مان نانا نانا ۽ ناني
امان چئي مليون آهن. مان پنهنجي آتم ڪٿا اتي
روڪيان ٿو. ڪجهه ڏينهن کان منهنجو پٽ سليم ۽ هن جا
ٻار لاهور ويل آهن ۽ ڪجهه ڏينهن کان گهر ٻُسو ٻُسو
ٿو لڳي. ٽئي ڇوڪريون ڪنول، ماه رخ ۽ بشريٰ منهنجي
ڌيءَ ياسيمن جون ڌيئر آهن. ڪنول فرسٽ ايئر ۾ فرسٽ
ڪلاس ۾ پاس ٿي آهي. ماهه رخ ڇهين ڪلاس جي فرسٽ ٽرم
۾ اسي سيڪڙو مارڪون کنيون آهن. بشريٰ جنهن کي اسين
بشن چوندا آهيون، جا هاڻي کان ئي پاڻ کي ڊاڪٽر
چوندي آهي، اها ڪي. جي 2 ۾ پڙهندي آهي. هو پيءُ
سان گڏجي آيون هيون، جو حيدرآباد ۾ انجنيئر آهي ۽
زال سوڌو عمري لاءِ وڃڻ ٿو چاهي ۽ ان لاءِ موڪل
منظور ڪرائڻ لاءِ سنڌ سيڪريٽريٽ وڃڻو هو. هن جي
وڏي ڌيءَ پري انٽرميڊيئيٽ سائنس ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ آئي
آهي ۽ سندس سڀني کان وڏي ڌيءُ روماسا فرسٽ ايئر
ايم. بي. بي. ايس ۾ آهي. کيس ٻئي سال ڪٺو امتحان
ڏيڻو آهي. ڪنول کان ننڍي سونيا اٺين درجي ۾ فرسٽ
ڪلاس ۾ پاسي ٿي آهي ۽ هاڻ نائين ڪلاس ۾ وئي آهي.
منهنجي ٻي ڌيءَ ڊاڪٽر روحي، ڊاڪٽر الطاف کيڙي سان شادي ڪئي آهي
۽ اها به جلد اچڻي آهي. هن جي وڏي ڌيءَ رابيل به
ڇهين ڪلاس ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿي آهي. هاڻي ستين
ڪلاس ۾ وئي آهي. هن جو وڏو پٽ روحيل ڪلاس چوٿين ۾
آهي، ان کان ننڍو سرمد ڪلاس ون ۾ آهي ۽ هن جي ننڍي
ڌيءَ ڪومل ڪي. جي. ون ۾ آهي. هوءَ ڏاڍي چيڙاڪ آهي
۽ مون هن تي چڻنگ نالو رکيو آهي.
منهنجو ننڍو پٽ سليم، جيڪو ڊاڪٽر آهي، مون سان گڏ رهندو آهي. هو
ويانا مان ڊپلوما وٺي آيو آهي ۽ هن کي پنهنجي
پنجابي زال لبنا مان ٻه ڏيئر نين تارا ۽ پرهه آهن.
نين تارا ڇهين ۽ پرهه پهرين ڪلاس ۾ آهي.
منهنجي ٽين ڌيءَ نگهت کي ٽي ٻار هئا. پر هن جي فرشتي صفت ڌيءَ
شفق اوچتو گذاري وئي ۽ هن کي ٻه پٽ جهانزيب ۽
شاهزيب آهن. سندن پيءُ جو نالو اورنگزيب آهي، جو
ڪراچيءَ ۾ باغات جو ڊئريڪٽر آهي. منهنجي ٻئي پٽ
انيس کي ٻه پٽ شهريار ۽ شاهه رخ آهن، جي به
انگريزي اسڪول ۾ پڙهندا آهن ۽ هڪ ڌيءَ نِينا نالي
آهي، جا به پڙهندي آهي.
قطع ڪلامي معاف، مون کي وقت سارو پنهنجي ٻارن جو تعارف ڪرائڻ
لازمي ٿي لڳو. منهنجي طلاق ڏنل گهر واري اقبال مان
مون کي ٽي ٻار آهن. مونس، جو آمريڪا ۾ پڙهندو آهي.
تنهن جو ذڪر مان ڪجهه وقت پوءِ ٿو ڪيان. وينگس جا
ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽرآهي ۽ سرمد جو نئشنل بئنڪ ۾ آفيسر
آهي. پر اڳينءَ پهاڄ جو ذڪر زرينا کي نه ٿو وڻي،
جنهن سان شاديءَ جي اجازت به مون زرينا کان نه
ورتي هئي، ان ڪري هن حصي ۾ ان جو ذڪر نه ٿو ڪريان.
هونءَ ته شاعر جي صحيح معنيٰ ۾ تخليق شاعري آهي. جنهن جي محرڪ
جذبي ۽ هن جي ماحول سان آشنائي ضروري آهي. مون کي
هر ٻار لاءِ محبت ۽ شفقت آهي. پر پاڻ کان وڌيڪ
پنهنجو ماحول وڌيڪ پيارو اٿم. سو موٽي ٿا هلون، ان
مٽيءَ ڏانهن، جنهن مٽيءَ مون کي ۽ منهنجي وڏن کي
جنم ڏنو هو. ايتري عرصي جي جدائيءَ جي باوجود جا
منهنجي روح ۾ ايتري رچيل آهي، جو منهنجي سٽ سٽ ۾
موجود آهي. هر شهر ۽ ديس، ڪنهن نه ڪنهن فاتح ٻڌو
آهي. اصل حقيقت پاڙو اوڙو آهي جو ماڻهوءَ جي
نفسيات ۾ آهي. ماڻهوءَ کي پاڙي اوڙي کي آغوش ۾ آڻي
۽ پوءِ شهر، ديس ۽ ساري ڪائنات کي آغوش ۾ آڻڻ
گهرجي. اسان جون تصوراتي طبيعتون اسان جي نفسيات
جي خلاف آهن.
هر آرٽسٽ هر ٻئي ماڻهوءَ وانگر آخر ۾ مٽي آهي ۽ غالب وانگر ڪنهن
کي يقين نه آهي ته اها صورت جا خاڪ ۾ ڇپي وئي لاله
وگل ۾ نمايان ٿيندي به يانه؟
هاڻي مون جڏهن پنهنجا نوٽ بوڪ کوليا آهن ته ائين پيو لڳي ته
پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ لکڻ جي لاءِ مون ڏهه ڀيرا ڪوشش
ڪئي هئي ۽ اهي لوڻياٺيون چميون ياد ڪيون هيون، جن
کي اکين مان وهندڙ ڳوڙهن منهنجن چپن کي کارو ڪري
ڇڏيو هو. باقي نوٽ بوڪ جي حصي تي نظم لکيل آهن.
انهن ۾ هيٺيون نثري نظم به آهي، جو پتو نٿو پوي ته
منهنجو آهي يا ترجمو آهي:
ڪنهن پرڏيهي پکيءَ وانگر
مان پنهنجي ڳوٺ ۾ به
مسافر وانگر ننڊ ڪندو آهيان.
دراصل شاعر جي حيثيت ۾ منهنجي شاعري ئي منهجي سوانح عمري آهي.
پر شاعريءَ جي فدائيءَ جي شاعر جي زندگيءَ ۾
دلچسپي ٿئي ٿي ۽ هو ڄاڻڻ چاهي ٿو ته هن جي شاعريءَ
جي پس منظر ۾ ڇا آهي؟ جي شاعر پنهنجي باري ۾ ڪجهه
لکڻ نه ٿو چاهي ته ٻيا هن جي موت کان پوءِ لکڻ ٿا
چاهين ۽ چتي چتي ڳنڍي رلهي ٿا ٺاهن. ماڻهو پنهنجي
آپ –بيتي پاڻ لکي ته اها هن جي زندگيءَ جي مؤثر
تصوير ٿيندي. غالب جا خط، هن جا بهترين آئينه دار
آهن. بنسبت مولانا حاليءَ جي ”يادگار غالب“ جي يا
عبدالرحمان بجنوريءَ ۽ بين جي ڪتابن جي، جيڪي غالب
جي باري ۾ لکيا وياآهن. ٽئگور، ٽالسٽاءِ، گورڪي
وغيره جون يادگيريون ان ڪري ئي دلچسپ آهن ڇوته هو
پنهنجي دؤر جا عيني گواهه هئا، اِها ٻي ڳالهه آهي
ته ڪي شاعر ڪبير وانگر چوندا هئا:
بــيد مـــوا، روڳــــــــي موا، موا سڀ سنسار
ايڪ ڪبيرا نا موا، جنهن ناهين روئڻهار،
ترجمو: (ويڄ مئو، روڳي مئو سڀ سنسار،
هڪ ڪبير نه مئو، جنهن جو ڪونهي روئڻهار.)
اهي اهڙا شاعر هئا، جن کي پاڻ کان پوءِ ڪنهن به روئڻهار جي
ضرورت ڪانه هئي ۽ جن لاءِ پنهنجي ذات جي تڪميل ئي
انهن جي منتها هئي.
مون کي ساري زندگي اهو احساس رهيو آهي ته جڏهن مان ٻين مصروفيتن
جي ڪڍ ڀڄان ٿو ته شعر منهنجو انتظار ڪن ٿا. شاعري
گهٽيءَ جي موڙ وٽان ليئو پائي ڏسي ٿي ۽ ان لاءِ
منتظر آهي ته هي ڪڏهن ٿو مڙي ۽ دنيا جا ڌنڌا هن
لاءِ بي معنيٰ ٿي وڃن.
مان پنهنجي 1982ع جي ڊائريءَ جي وچ تان لکان ٿو ته 31 آڪٽوبر تي
لکيل هيٺينءَ تحرير تي نظر پوي ٿي. ”انسان کي ڏاڍي
دير سان معلوم ٿئي ٿو ته زندگيءَ جي اهم ترين
حقيقت موت آهي. هن جي زندگيءَ ۾ اهڙو وقت به اچڻو
آهي، جڏهن اميري غريبي، بورجوازي پرولتاري، اوچائي
۽ نيچائيءَ جو فرق ڪائي معنيٰ نه ٿو رکي ۽ جي ڪوئي
فرق معنيٰ رکي ٿو ته اهو اگهائيءَ ۽ سگهائيءَ جو
آهي. ڏس! هُو لينن فالج ۾ بستري تي پيو آهي ۽
ڳالهائي نه ٿو سگهي ۽ پنهنجي زال ڪروپسڪايا
(Krupskaya)
کي اکين جي اشاري سان پنهنجي ڪنهن ضرورت ڏانهن
ڌيان ڇڪائي ٿو. شايد هن کي ياد ٿو اچي ته زار جو
موت هن کان گهڻو آسان هو. جنهن جي ڇاتيءَ تي گولي
پوري دم جو نشان ڇڏي وئي هئي ۽ هن جي زندگيءَ کي
هڪ اڌوريءَ سٽ وانگر بي معنيٰ ڪري نه وئي هئي.“
اوچتو منهنجي نظر هڪ ڪتاب تي پئي ٿي، جو ڪافي وقت کان بوڪ شيلف
تي پيو آهي، جيڪو منهنجي پٽ مونس آمريڪا مان مون
کي موڪليو هو. مون کي شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور
جي اڳئين وائيس چانسلر حميد سنڌيءَ ٻڌايو هو ته هن
مونس ڏانهن ڏنل ايڊريس تي خط موڪليو هو. خط موٽي
آيو هو ڇو ته هو اتان هليو ويو هو. مون هن جي ماءُ
کي 1965ع ۾ طلاق ڏني هئي ۽ مونس زياده تر زندگي
مون کان الڳ گذاري آهي. هو نهايت چڱو ادبي ذوق
رکندو آهي. هن کي انگريزيءَ تي ايتري دسترس آهي،
جو هن منهنجي شاعريءَ جا ڪجهه ترجما ڪيا ها، جي
مشهور ٽرٽسڪائيٽ طارق عليءَ جي پيءُ مظهر علي خان
لاهور مان نڪرندڙ پنهنجي هفتيوار ويو پوائنٽ
(View Point)
۾ پهرين صفحي تي ڇاپيا ها. هن جي ادب سان دلچسپي، دوريءَ جي
باوجود مون ۾ هن لاءِ دلچسپي برقرار رکي آهي.
جنهن ڪتاب جو مون ذڪر پئي ڪيو، ان جو نالو آهي
Things I meant to say to you when we were old (اهي ڳالهيون جي مون توکي ٻڌائڻ ٿي چاهيون، جڏهن اسان
پيرسن ٿي چڪا هياسين.) ان ڪتاب جي مصنفه ميرٽ
مئلاءِ
(Merrt Malloy)
آهي ۽ ان ڪتاب جي پهرين صفحي تي لکيل آهي:
Not only because we may not grow old together. But because we
may not grow old at all.
(نه فقط ان ڪري ته متان اسان گڏجي پوڙها نه ٿيون.
متان انڪري ته اسان پوڙها ئي نه ٿيون.)
زرينا ۽ مان جڏهن ننڍپڻ ياد ٿا ڪريون ته ائين ٿو
لڳي ته اسان پوڙها نه ٿيا آهيون. غالب جو هڪ شعر
آهي:
هي روَ مين هي رخش عمر کهان ديکهئي تهمي
نــي هــــاتهه بـــــاگ پر هي نا پا هي رکاب مين
ترجمو: (عمر جو گهوڙو ڊوڙي رهيو آهي، ڏسجي ته ڪٿي ٿو ٿڪجي بيهي،
نه هٿ واڳ ۾ آهي، نه پير رڪاب ۾ آهي.)
في الحال ته پنهنجو هٿ واڳ تي ۽ پير رڪاب ۾ پيل آهي. خدا جو شڪر
آهي جو مان ۽ زرينا گڏ پوڙها ٿيا آهيون يا پوڙها
ئي نه ٿيا آهيون ۽ پنهنجيءَ ننڍيءَ وهيءَ کي ترو
تازه گلاب وانگر سنگهي ٿا سگهون. هاڻي مان ٻنهي جي
گڏيل آتم ڪهاڻي جاري رکان ٿو.
اسان جي گهرن ويجهو يا اسان جي گهرن جي ڪجهه پنڌ تي، نيرولي،
پاٽولي، کهنباتي، ٺاٺارا، ڪوري، پيڃارا، ڊکڻ،
ڪنڀر، حجام، لوهار، بهشتي، ڪمانگر، اُستا، پساري،
وينجهر، سونارا، صراف، چوڙيگر، باغائي، مڃاري،
ساڳائي، کٽاڻ وارا، قيمائي، حلوائي، لنگها،
دهلاري، دايا، جوڳي، سوچي، قلعي گر، کٽي، ڌوٻي،
ڀوڳڙي، تيلي، رانڌا، واڍا، راڳي، شرنايا، مولودي،
ويڄ ۽ طبيب رهندا هئا. دراصل مون کي ڀٽائيءَ وارو
گهماگهميءَ ۽ تنوع وارو ماحول ميسر ٿيو. اسان جي
گهر کان ٻه سؤ قدم پري هڪ ڀوڳڙيءَ جو دڪان هو، جتي
هو تئي ۾ وارِي وجهي ڀڳڙا ڀُڃندو هو، جهڙا اسان کي
جئوير الهاس ننگر ۾ کارايا ها ۽ ڇاڪاڻ جو اهي
زرينا کي ڏاڍا وڻيا ها ته کيس هڪ ڪلو ڀڳڙا تحفي
طور ڏئي ويو هو، جي کيس پنجاهه رپئي مليا ها.
زرينا ڀڳڙا چاهه سان کائيندي آهي، سو مان کيس
ڪلفٽن جي گهر هيٺان ريڙهيءَ واري کان سورهين رپئي
سير ڀڳڙا وٺي ڏيندو آهيان. جن ۾ ٽي حصا ته رڙا
هوندا آهن جي اسان ڦٽي ڪندا آهيون. شڪاپور ۾ ڀڳڙن
۽ ترن، چانورن جون لايون به ڀوڳڙين وٽ ملنديون
هيون، جي اسان وري تڏهن کاڌيون، جڏهن پوني ۾ زرينا
ريٽا شاهاڻيءَ جي سس کان طبيعت پڇڻ هلي، جنهن جي
ٽنگ حادثي ۾ ڀڃي پئي هئي ۽ اڃان سڌي نه ٿي هئي.
ريٽا شاهاڻيءَ جي سس (نالو وسري ٿو وڃي.) ريٽا جي
مڙس وشنو شاهاڻيءَ جي سڳي ماءُ هئي، پر هن جو الڳ
گهر هو، جتي نوڪرياڻي هن جي ٽهل ٽڪور ڪندي هئي.
هوءَ ويل چيئر ۾ ويٺي هئي ۽ زرينا سان بيحد پيار
سان ملي هئي. هن زرينا کي چيو: ”جڏهن کان تنهنجي
اچڻ جي خبر پئي آهي، تڏهن کان مان تنهنجو انتظار
ڪندي رهي آهيان.“ ۽ پوءِ نوڪرياڻيءَ کي چيائين:
”مهمانن لاءِ ڪجهه مٺائي کڻي اچ.“
مٺائيءَ ۾ تل شڪڙي (ڀڳڙن جي لائي) دندان گيري حلوو ۽ پستن جي
مٺائي هئي. تل شڪڙي سچي گيهه جي هئي ۽ اسان کي
شڪاپور جي ياد اچي وئي. زرينا ٿڌو ساهه ڀري چيو:
”ڪراچيءَ ۾ گريس جي ٺهيل مٺائي ٿي ملي. هڪ ديوان
جو شڪاپور لکيدر تي دوڪان هو، جيڪو پوءِ ڪراچيءَ ۾
مٺائي ٺاهي وڪڻندو هو، ان کي به ڪنهن شاهينگ گولي
هڻي ماري وڌو هو.“
مون هن کي چيو: ”تاريخ اسان جي مخصوص ڪلچر سان گڏ اسان جو ماضي
به اسان کان کسي ورتو آهي“ علامه اقبال ته چئي
سگهندو هو:
”دوڙ پيچهي کي طرف اي گردش ايام تو.“
(اي ايام جي گردش، پٺتي ڊوڙ.)
اسان ته جڏهن ساروڻين
(Nostalgia)
وقت اها ڳالهه سوچي ته گردن زدني سمجهيا وياسون. ريٽا شاهاڻيءَ
وٽ پوني ۾ رهائش جو ذڪر مون ’ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان‘
جي مهاڳ ۾ ڪيو آهي.
هڪ ڳالهه ان ۾ مون نه لکي هئي ته شهاڻي فئمليءَ جو دوست عطر
سنگتياڻي وڏو مالدار شخص هو. هن پوني کان سٺ ميل
پري، سرڪار لاءِ هڪ پاڻيءَ جو ڊئم ستر ڪروڙ رپين ۾
ٺهرايو هو. ان ڊئم جي ڀرسان هن هڪ ڪالوني ٺهرائي
هئي. جنهن ۾ هن جا مزدور، ڪارندا ۽ انجنيئر رهندا
هئا. اتي کُلي هوا، نيرو آسمان، چوڌاري پهاڙيءَ تي
سرسبز زمين ڏسي منهنجو زندگيءَ جو ٿڪ لهي ويو هو.
هن ڊائيننگ هال ۾ اسان لاءِ ڪافي سوادي لنچ ڪئي
هئي. مان ڀانيان ٿو ته پوني ڏانهن موٽندي، هن مون
کي شيواجيءَ جو قلعو ڏيکاريو هو، جو پهاڙيءَ تي
ٺهيل هو. شيواجيءَ جو مجسمو بمبئيءَ جي شاهراهه تي
کتل آهي. ان وقت سج لهي رهيو هو ۽ ان تي ڪِرڻا
ائين ٿي لڳا ڄڻ شيواجيءَ جا واگهه ــ نک افضل خان
جي پٺيءَ ۾ کپي ويا ها، جنهن مان خون ڌارون ڪري
نڪري رهيو هو. مون خشونت سنگهه ۽ روميلا ٺپر جا ۽
ٻيا ڪيئي انڊيا جي تاريخ تي ڪتاب پڙهيا آهن، پر ڇا
اسان وٽ ڪو اهڙو مؤرخ ٿيندو جو انهيءَ خونچڪان
تاريخ جي ديانتداريءَ سان عڪاسي ڪري.
|