مون زيبوءَ جهڙيون ٽي چار ڇوڪريون ڏٺيون آهن. ساڳيو وچولو قد،
اهڙو بدن جنهن منهنجا هٿ ريشمي ڪري ڇڏيا ها. کٽيءَ
جي کنڀ تي ڪپڙي وانگر منهنجي لونءَ لونءَ کڙي ٿي
وئي هئي. هڪ هاٿي در جي پريان سنڌ جي پهرين جديد
شاعره، ٻي مستري عبدالله جي پاڙي ۾، ٽين هڪ
حجمياڻيءَ جي نُنهن، جا اسان جي پاڙي ۾ رهندي هئي
۽ چوٿين منهنجي هڪ مرحوم دوست جي سنڱ ۾ هئي ۽ جا
ضرورت سبب جسم فروشي ڪري رهي هئي. ڇا اهي سڀ ئي هڪ
ئي ڪالب ۾ ٺاهيون ويون هيون؟ ڇا اهي سڀ هڪ پيءُ
جون ڌيئرون هيون؟ مون کي ان تي آرٿر ڪوئسلر جي
ڪتاب ’ڪار تخليق‘
(The Act of Creation)
مان هڪ لطيفو ٿو ياد اچي: تفريح ڪندي روس جي زار جي هڪ
شخص تي نظر پئي، جو هوبهو هن جهڙو ٿي لڳو. هن ان
شخص کان پڇيو: ”تنهنجي ماءُ اسان جي محل سرا ۾ ڪم
ڪندي هئي؟“ ”نه.“ هن وراڻيو: ”منهنجو پيءُ ڪم ڪندو
هو.“ شايد اهي چارئي عورتون، ڪهن حملي آور مغل جي
جينيات جو چئن عورتن سان جماع جو نتيجو هيون ۽
پيڙهي به پيڙهي ساڳي صورت ۾ وري وري ٿي پيدا ٿيون.
مٿيون آرٿر ڪوئسلر جو لطيفو پڙهي، مون کي ڏاڍا ٽهڪ آيا ها. ائين
ته مان ورلي ٽهڪ ڏيندو آهيان، پر ڪالهه عبدالستار
پيرزادو منهنجو ڪتاب ’ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ نقل
ڪري رهيو هو ته، پرک رسالي جو ايڊيٽر نثار منصور ۽
جناب عبدالحميد ابڙو اچي نڪتا. (عبدالحميد ابڙو نه
صرف سيشن جج آهي، پر منهنجو ۽ اي. ڪي. بروهيءَ جو
مداح به آهي. هو وسيع مطالعي وارو شخص آهي.)
ڳالهين ڪندي نثار منصور چيو ته: ”سائين مون ٻه
سنڌي ڪتاب جيڪي اوهان کان ورتا ها، فوٽو اسٽيٽ
ڪرائي رکيا آهن. هاڻ ستيش روهڙا جو ڪوئي ڪتاب
هجيوَ ته ڏيوم.“ مون هن کي چيو: ”پهرين اڳيان ڪتاب
موٽاءِ.“ ان تي عبدالحميد ابڙي هڪ لطيفو حڪيم
رازيءَ جو ٻڌايو: ”هڪ شخص حڪيم رازيءَ وٽ آيو ۽
پڇيائينس ته: ”اوهان وٽ ماکي آهي؟“
هن هڪدم وراڻيو: ”هائو، چاليهه سال پراڻي.“
ان شخص چيس ته: ”مون کي ڏهه ڦڙا ماکي گهرجي، اوهان ڏيوم.“
ان تي حڪيم رازيءَ وراڻيس: جي مان ڏهه ڏهه قطرا ماکي جا هر
سواليءَ کي ڏيان ها ته هيءَ ماکي چاليهه سال پراڻي
ڪيئن هجي ها!“
اسان سڀني کي بيساخته کل اچي وئي، جا بدمزگيءَ جي هر امڪان کي
ريٽي وئي. ائين ته ڪيئي لطيفا منهنجي زندگيءَ ۾
آيا آهن، جي موقعي ۽ مهل تي ڏيندس، پر عبدالحميد
ابڙي چيو ته: ”ائين جي اياز صاحب ڪتاب ڏيندو اچي
ها ته ايترا ڪتاب ڪيئن ڪٺا ٿين ها!“
هاڻي رات جا ٻارنهن وڳا آهن. ڪوشش سان به ننڊ نه ٿي اچي.
اي خدا! تو مون کي سونهن لاءِ ايتري ڪمزوري ڇو ڏني آهي؟ ڇا
سونهن شاعريءَ جي سؤٽ آهي؟ شاعريءَ کي دنيا ماٽيلي
سؤٽ جيان ڇو ٿي لڳي. منهنجي دل به هڪ وڊيو ڪئسٽ
وانگر آهي، جنهن ۾ ڪيئي پيارا چهرا ۽ سندن گفتگو
محفوظ آهي. مان ننڊ مان اٿي، اول پنهنجي ذهن جو
وڊيو ڪئسٽ هلائيندو آهيان ته مٺي ننڊ ٻيهر اچي
ويندي آهي. الائجي ڇو مون تي اها ساڳي ڪيفيت ڇو
طاري ٿيندي آهي، جڏهن مان رجنيش جا ڪبير ۽ ميران
تي وڊيو ڪئسٽ هلائيندو آهيان. 1963ع ۾ هندوستان ۾
هڪ مهينو رهيو هوس ۽ ٻه ڪلاڪ روز ننڊ ڪئي هئم.
راج، گيتا ۽ رشيد ڀٽي دهليءَ ۾ هڪ سئنيما ۾ ديوداس
فلم ڏسي رهيا هئاسين. جيئن ريل هليو، مون کي گهري
ننڊ اچي وئي ۽ جڏهن فلم پوري ٿي تڏهن مون کي ننڊ
مان جاڳايائون. هونءَ هن وقت تائين مون ننڊ کي پري
رکيو آهي ۽ ساري زندگي ائين ننڊ ڪئي آهي، جيئن روس
تي ڪاهه وقت نئپولين گهڙيءَ لاءِ اک لائي وٺندو
هو. پر هاڻ ته مون کان ننڊ به رُسي وئي آهي ۽ مون
کان ڀڄي ٿي وڃي، جيستائين ننڊ جون ٻه گوريون نه ٿو
کاوان تيستائين ننڊ ئي نه ٿي اچي.
سونهن لاءِ ڪمزوريءَ جي ڳالهه ڪندي مون کي وليم ورڊسورٿ جي نظم
مان هڪ بند ياد ٿو اچي.
A prim rose by a river’s brim
Was one and six lines to him
And nothing more
(هڪ بسنتي گلَ نديءَ جي ڪنٺي تي
هڪ سِٽ ۽ ڇهه سِٽون هيون هن لاءِ
۽ ان کان وڌيڪ ڪجهه نه هو.)
مون زندگيءَ ۾ ائين محسوس نه ڪيو آهي. عورت بسنتي گلاب وانگر
آهي، پر ان جي خوشبو شاعريءَ ۾ رچي بسي وڃي ٿي.
ڪيئي سال ٿيا ته منهنجا ٻه دوست ۽ انهن مان هڪ جي زال معصوم
شاهه جي مناري جي ڏاڪڻ تان چڙهي رهيا هئاسون.
منهنجا دوست ته اڳ ۾ چڙهي ويا، پر مان ساهي پٽڻ جو
بهانو ڪري وچ تي بيهي رهيس. منهنجي دوست جي زال کي
ڪجهه شڪ پيو ۽ هوءَ مون کان ٽي ڏاڪا هيٺ بيهي رهي.
ان کان پوءِ هڪ چُمي اڃان تائين معصوم شاهه جي
مناري جي پهرين ڏاڪي کان پوئين ڏاڪي تائين چڙهندي
۽ لهندي رهي آهي ۽ اهي چپ تلاش ڪندي آهي، جي ملڻ
چاهيندي به نه ملي سگهيا ۽ هڪٻئي کان دور هليا
ويا.
مان هن کي ٻيهر به مليو آهيان ۽ اسان جي اکين هڪٻئي کي پيار جا
انوکا سنهيا ڏنا آهن، پر چپن ڪوئي اظهار نه ڪيو
آهي. هوءَ منهنجي شاعريءَ ۾ اڃان تائين سدا گلاب
وانگر پنهنجي خوشبو ڦهلائي رهي آهي. مان اڳي ساري
رات لکندو هوس، هاڻ صبح جو پنجين وڳي اُٿي لکندو
آهيان.
فارسيءَ جو هڪ شعر آهي:
علي الصباح که مردان به کارکار رَوند
بلا کشان محبت به کوئي يار رَوند
ترجمو: (صبح سويري جڏهن ماڻهو، پنهنجن جدا جدا ڪمن سان وڃن ٿا.
پريت جا جاکوڙي پنهنجي پرينءَ جي گهٽيءَ ۾ وڃن ٿا.)
افسوس کوئي يار هن وقت ڪيترو نه پري آهي!
وچ ۾ ويزا جي ديوار آهي، نه ته اُڏامي هن وٽ پهچان!
هيءَ آتم ڪهاڻي هن وقت جي ڊائري به آهي، جنهن وقت مان اها لکان
ٿو. اهو ادب ۾ هڪ نئون تجربو به آهي.
اڄ 15 جنوري 1996ع آهي، هي حيدرآباد ۾ سنڌ جي ورهاڱي جي باري ۾
ڪهڙي سازش جو انڪشاف ٿيو آهي؟
مون کي ياد آيو ته برصغير جي تاريخ ئي اهڙي سازش سان شروع ٿئي
ٿي. پانڊوَن، ڪورون کي چيو هو ته اسان سان حڪومت
ورهايو ۽ اسان کي پاڻي پٽ، سوني پٽ، اندرا پٽ، ڀاڳ
پٽ ۽ تل پٽ ڏيو. ڪوروَن انڪار ڪيو. تنهن ڪري جنگ
لڳي. فيصله ڪُن جنگ ڪُر کيتر ۾ ٿي، جو دهليءَ کان
ستر ميل پري هو.
مان سياست کي هڪ وَبا سمجهي، اخبار ويڙهي ٿو رکان. ويهين صديءَ
جا انسان ڇتي ڪُتي کان به بدتر آهن ۽ پهريون چڪ ئي
مالڪ کي پائيندا آهن. مون کي ڪنهن پنهنجي دوست جي
باري ۾ ٿي ٻڌايو ته هو چوندو آهي: ”نه ماڻهوءَ جو
ڪو سدائين دوست آهي ۽ نه ماڻهوءَ جو ڪو سدائين
دشمن آهي. فقط هن جا مفاد سدائين آهن.“
اڄڪلهه دوست دشمن کان بدتر آهن، هُو تنهنجا همراز ٿي، تو خلاف
سازباز ڪن ٿا، توکي بانس جي ڏاڪڻ وانگر استعمال
ڪري، ڪوٺي تي پهچي ڏاڪڻ کي ٿيڙ ڏين ٿا. الائي ڇو
منهنجي پٺيءَ کي ڪنهن بروٽس جي مسلسل تلاش آهي.
ڪيترو نه ويساهي آهيان مان! مان ڀاڪر جو آدرڀاءُ
ڪندو آهيان ۽ اهو نه سوچيندو آهيان ته متان ان
بهاني ڪوئي واگهه نک مون ۾ چڀائي ڇڏي. اڄ ڪلهه
دوستيءَ ۾ مروت ۽ وفا اڻ لڀ شيءِ آهي.
ٻئي ڪنهن سان اها ايمرسن جي سٽ لڳي نه لڳي، پر مون سان ته ضرور
لڳي ٿي:
”دوست افسانا آهن، جن جو بنياد هڪ پل جي عارضي تجربي تي رکيو
ويندو آهي.“
ٽيپو سلطان کي مير صادق مارايو، سراج الدوله کي مير جعفر
مارايو. منهنجي زندگيءَ ۾ به ڪيترائي مير جعفر ۽
مير صادق آيا، انهن جي وچوڙ اجائي آهي. حضرت عيسيٰ
جو ڊاس کي پهرين نظر ۾ سڃاتو هو ۽ پنهنجي هڪ ساٿي
پيٽر کي چيو هئائين: ”جڏهن عصر جو ڪڪڙ ٽي ڀيرا
ٻانگ ڏيندو، تڏهن هي مون کان ڦري ويندو.“ پر حضرت
عيسيٰ ته خدا جو پيغمبر هو، اها ٻئي ڪنهن جي وس جي
ڳالهه نه آهي ته بُري دوست جي اندر جي ايڪسري ڪري
سگهي.
بهرصورت ايتري قنوطيت سان دنيا نه هلندي. دوست تي اعتبار ڪرڻو
پوي ٿو، جيستائين هو غدار ثابت نه ٿئي. انگريزيءَ
جو هڪ پهاڪو صحيح آهي ته دوستي ستِار جي تار وانگر
آهي، ان کي گهڻو تاڻبو ته اها ٽٽي پوندي. ڪڏهن
ڪڏهن مون اها تار ايترو تاڻي آهي، جو اها ڇڄي پئي
آهي. پر گهڻو ڪري اها بروٽس جي خنجر وانگر منهنجي
پٺيءَ ۾ اهڙو گهاءُ ڇڏي وئي آهي، جو ڇُٽي نه ٿو
ڇُٽي. ٻئي کي ڪهڙي ميار ڏيان! گلا آهي ته پاڻ سان
آهي، جو مون ۾ بري ڀلي جي پرک نه آهي. هاڻي پنهنجي
استغراق مان نڪري زرينا سان هن جي والد جي باري ۾
گفتگو جاري ٿو رکان.
ڪولرج چيو آهي: ”وقت پاڪيزه بنائي ٿو ۽ جنهن ڳالهه جا وار عمر
اڇا ڪيا آهن، اها مذهب ٿي وڃي ٿي.“
هن جي والدين ۽ زرينا جيڪي پرڻي ۽ مرڻي جو رسمون پاڻ پاڙي ۾
ڏٺيون هيون، اهي سندس لفظن ۾ ڏيان ٿو.
شاديءَ کان اول مڱڻو ڪندا ها. مرد مڱڻو پڪو ڪري پتاشا ورهائيندا
ها، عورتون ڍولڪيون وڄائينديون هيون ۽ سهرا
ڳائينديون هيون. ’اکيون ادل جون ٻرن مشالا، بئنسر
جوڙ بڻايو‘ مان ڄاڻان ٿو ته ڪيئن پرڻي رات اکين
جون مشالان ٻرنديون آهن. آنڌ مانڌ ۽ اڻ تڻ، تن کي
کٽ جي تانگهه وانگر ڇڪي ڇڏيندي آهي. باک مهل ڪنوار
لاءِ وڇايل چادر تي ڪارن گلابن جي ڇُرَ نظر ايندي
آهي.
مون وٽ مصر جي قديم تهذيب جا چار ضخيم جلد آهن، مون انهن ۾ بربط
نواز جي گيتن ۾ پڙهيو هو:
”اڄ جي رات عيش ۽ طرب ۾ گذار،
بهترين ۽ فرحت ڏيندڙ خوشبوئن جو مزو وٺ!
مَهوَ جا گل ۽ ڪنول جا هار
پنهنجي ڪنوار جي ڳچيءَ ۽ ٻانهن ۾ سجاءِ
تنهنجي زال، تنهنجي دل جي پياري
ان کي پنهنجي ڪڇ ۾ ويهار
نغما ٻڌ، ساز ٻڌ
اڄ جو ڏينهن مسرت ۽ شادمانيءَ ۾ بسر ڪر،
سوچ ۽ وهم ويچار کي ڀڄائي ڇڏ
رڳو خوشين کي ڌيان ۾ رک.“
ائين صحيح آهي ته جنسي ڪشش لاءِ جنسي تعلقات ضروري ناهن. رڊيارڊ
ڪلپنگ هڪ هنڌ چيو آهي: ”حُسن لاءِ ضروري نه آهي ته
ان سان گفتگو ڪئي وڃي. ڪي عورتون تنهنجي ياد ۾
رهجي ٿيون وڃن، جن سان تون فقط گهٽيءَ جي ڇيڙي
تائين گهميو آهين!“
شيڪسپيئر صحيح چيو آهي: ”منهنجا دلڪش دوست، تون ڪڏهن به پوڙهو
ٿي نه سگهندين، ڇو ته تنهنجي اکين ۾ جا چمڪ پهريون
ڀيرو ڏٺي هئم، اها اڃان تائين تو ۾ موجود آهي ۽
تنهنجو حُسن وڌائي ٿي.“
پر پرڻي رات، مرد جي اکين جي چمڪ ئي ٻي ٿيندي آهي.
ائين لڳي ٿو صديون اڳي به انسان جا سک ڏک ساڳيا ها. صديون اڳي
به پرڻي رات، من ۾ طوفان اٿاريندي هئي. جديد
ٽيڪنالوجي اسان کي ريڊيو، ٽي. وي، وڊيو ۽ آڊيو
ڪئسٽ، ڊش اينٽينا وغيره ڏنا آهن، پر اها خوشي ڪٿي،
جا سنڌي ڳيچ ۽ مصري بربط نواز جي گيت ۾ هئي. جا
مسرت خوشي ۽ اعصاب لاءِ توانائي ۽ تازگي هئي، اها
ڳالهه جديد دنيا ۾ ناپيد ٿي چڪي آهي. زرينا وڌيڪ
چيو: ”شاديءَ کان هڪ ڏينهن اڳ گهوٽ کي مُري وٽ
ڳاڙهو ڳانو ٻڌندا ها. شاديءَ کان ست ڏينهن اڳ
ڪنوار کي ونواهه ۾ ويهاريندا ها ۽ ونواهه ۾ ڪنوار
کي پيلا ڪپڙا پارايا ويندا ها. ڪنوار کي ونواهه ۾
ويهارڻ کان اڳ تـڙ ڪرائي ويهارينديون هيون ۽ ستين
ڏينهن وري شاديءَ واري ڏينهن تـڙ ڪرائينديون هيون.
جنڊ ۾ هيڊ وجهي ست سهاڳڻيون ڪنوار کي جنڊ
پيهرائينديون هيون. ڪنوار کي کنهنبي ۾ ڍَڪي ماءُ
جنڊ وٽ وٺي ايندي هئي. ان جي باري ۾ چيو ويندو هو
ته هِن کي ستن سهاڳڻين سڳن ڪرايو آهي. اهو سڳن
ڪرائي ڪنوار کي اندر موڪلينديون هيون. پوءِ
برادريءَ جي وڏي ڪراڙي کٽوليءَ تي ويهي، ٻين کي
ٺڪر جي ڪُني مان ٽويو ٽويو کنڊ جو ڏيندي هئي. دائي
ونواهه جا ست ڏينهن ڪنوار جو بدن اٽي سان مهٽيندي
هئي، جنهن کي اٽو لائڻ چونديون هيون ۽ اردوءَ ۾ ان
کي ابٽن چوندا آهن.
شاديءَ واري ڏينهن ڪنوار کي تـڙ ڪرائي، ڳاڙهو پڙو ۽ ڳاڙهي انگي
پارائينديون هيون، جنهن کي ادرنگي چونديون آهن ۽
کنهنبي جو رئو به پارائينديون هيون. ٺڪر جي ڍڪڻ تي
ٺڪر جو ڏيئو ٻاري، مٿان ڪڻڪ جي تيلين جي کاري
رکنديون هيون، ان تي ست ڀيرا اٿارينديون ۽
ويهارينديون هيون، جنهن کي کاري تي ويهارڻ چونديون
هيون. پوءِ ڪنوار کي ڪوٺيءَ ۾ وڃي ويهارينديون
هيون. جڏهن گهوٽ جي ڄڃ ايندي هئي، تڏهن ڊڪي،
سهيليون ڪنوار کي اها ڄڃ ڏيکارينديون هيون ۽ پوءِ
کيس سيج تي ويهارينديون هيون. ڪنگڻيون، ڪنگڻ،
منڊيون، چندن هار يا ننڍو سڳو، دهري، نڪ جو ڪوڪو،
جهومڪ، پيرن ۾ نورا ۽ پٽيون پارائينديون هيون.
ڪنوار کي مٿي تي اڇي بوڇڻي پائينديون هيون، جنهن
جي تر تي پڪي ڀرت جا گل ڀريل هوندا هئا ۽ وٽين ۾
پَٽ جا گل ٻڌل هوندا هئا، لؤنگ ۽ ڦوٽا پويل هوندا
هئا. ڪنوار کي پيرن ۽ هٿن تي ميندي لائينديون هيون
۽ هٿن جي پٺيءَ تي مينديءَ جا پٽا ڪڍنديون هيون.
هاڻ ته ڪنوار کي بيوٽي پارلر مان ڪار تي وٺي اچي
شادي هال ۾ گهوٽ سان گڏ صوفا سيٽ تي ويهارن ٿيون.
ڇا نه کوکلي تهذيب آهي، جنهن جون پاڙون ڌرتيءَ مان
پٽجي ويون آهن.
شاديءَ جي ٽئين ڏينهن تي ڪنوار پنهنجي پيءُ ماءُ ڏانهن ويندي
هئي، جنهن کي ستاواڙو چوندا آهن.
ٻار جي ڄمڻ کان پوءِ ڇهين ڏينهن سندس نالو رکنديون آهن، جنهن کي
ڇٺي چونديون آهن. ان ڏينهن يعني ڇٺيءَ تي کير ۽
چانور پسائي رکنديون هيون ۽ رات جي وقت عزيز اقربا
کير مان ڏهه ئي آڱريون ڀري ٻار جي نرڙ تي رکندا
ها. پوءِ ڏاڏو يا ڏاڏي، نانو يا ناني، جو به هجي
ٻار جي مٿي تي ٽوپي ۽ بدن تي چولو پائيندا ها ۽
آڱر ۾ سونو يا روپو ويڙهه پائينديون هيون. ٿلها
ڪنڍلا، جن ۾ چنڊ مڻيو، چراخ جو ڏند، عودِ سليم جو
داڻو ۽ ننڍڙو چاقون پوتل هوندا ها، اهو به ٻار کي
پارائينديون هيون. ائين ٿيندي هئي هڪ نئين زندگيءَ
جي ابتدا.
چنڊ مڻيو ان ڪري پارائينديون هئس ته جيڪڏهن ٻار چانڊوڪيءَ ۾
سمهي ته هن تي چنڊ جو ڪو اثر نه ٿئي.
ڇٺيءَ جي رسم کان پوءِ هرڪو مائٽ پنج پنج رپيا رکندو هو ۽ ڪُنو
مصريءَ ۽ دونون لڏن جو وٺي ويندو هو. ٻار تي نالو
ڏاڏو، نانو يا چاچو رکندو هو. ٻار جي ماءُ کي
کنهنبو رئو پارائي، ٻار کي سينگاري، ماءُ کي ڪڇ ۾
ڏينديون هيون. اٽي ۾ کنڊ، وڏف، جيرو، ڪارا مرچ،
ننڍا ڦوٽا ۽ مکڻ جو گيهه ملائي، لولا پچائي، سس
ننهن کي ڏيندي هئي.
ٻار کي جيڪڏهن ڊيڄڙو ٿيندو هو ته بگهڙ جي کل تعويذ ۾ پوئي
ٻڌاندا هئا ۽ ننڍڙو قرآن به پوئي ڳچيءَ ۾
پارائينديون هيون. ٻار کي پهرين ٺڪر يا ڪاٺ جي
گاڏيئڙي ۾ پير پير ۾ پنڌ سيکارينديون هيون. پنڌ
سيکارڻ مهل ڌيءُ کي گجريون ۽ پُٽ کي پير ۾ ڇير
ٻڌنديون هيون.
جڏهن ٻار قرآن شريف پورو ڪندو هو ته ايمي ڪندا ها، برادريءَ جي
زالن کي سڏيندا ها، ملان کي جوڙو پهرائيندا ها،
پوءِ پاڙي وارن کي ماني کارائيندا ها ۽ جڏهن ٻار
جي ماءُ جي نڙان يا ڏيراڻي وٺڻ ايندي هئي ته هوءَ
اتان ماءُ تان ڀتر گهوري اڇلائيندي هئي. ڀاڄايون
جڏهن نڙان ڏانهن وينديون هيون، ڪڏهن گبت، پاپڙ،
وَڙيون، مصري ۽ پڪوڙن جو دونو دستر خوان ۾ هڙ کڻي
اينديون هيون.
پهرين ٻار ڄمڻ کان پوءِ جڏهن ڇوڪري ماءُ ڏانهن ويندي هئي ته
انهن کي اڍائي جوڙا ملندا ها يعني ٻه جوڙا ۽ رئو،
چولو ملندو هيو ۽ ٻار لاءِ ٽوپيون، چولا، سٿڻان ۽
رلڪا ڇوڪريءَ جي ماءُ وٽان ملندا ها. انهن کان
سواءِ ٻار لاءِ سوني منڊي، پنج ست کيڏوڻا، ننڍڙي
وٽي، ننڍڙو گلاس ۽ ننڍي ديڳڙي به ڏني ويندي هئي.
ان ساري ڏيب کي ڦلا چيو ويندو هو. ٻار جي پيءُ
لاءِ قميص ۽ رومال به ڏنو ويندو هو. چاليهارو لولا
ڳڙ جا ۽ لولي تي منڊيءَ جا گول نشان ۽ کنڊ وجهي،
ٿلهو لولو پچائي ڏيندا ها. هن کي ڇاٻ ڦلن جي، لوڻ
جي پُڙي ۽ سڄي هيڊ جي پڙي ڏيندا ها ۽ هن جي نڙان
کي ڏوري پَٽ يا خاني پٽ جو رئو به ڏيندا ها. جڏهن
ڇوڪريءَ کي نائون مهينو پيٽ هوندو هو ته دائي هن
جي بدن کي تيل هڻندي هئي. دائي پنهنجن پئسن سان
ڇهارا وٺي ايندي هئي. ڇوڪريءَ جي سس دائيءَ کي پنج
رپيا ڏيندي هئي، جنهن کي موکا چيو ويندو هو ۽ هڪ
هڪ ڇوهارو ساري برادريءَ ۾ ورهايو ويندو هو.
هي هيو هڪ نئين جنم جو استقبال، جو سنڌ جي ثقافت جو حصو ٿي چڪو
هو. اهڙيءَ ثقافت کي ڪنهن نهوڙي نيو هيو. ڪنهن ان
جو ڳلو گهٽي، ان کي خاموش ڪري ڇڏيو هو؟ جا شيءِ
دنيا ۾ بي مثال هئي، ائين ڇو لتن هيٺان لتاڙجي
وئي؟ ڇا جديد دؤر جي يلغار سبب هو يا ان جا اسباب
ڪي ٻيا هئا؟ ڇا ان جو ڪارڻ ٽي. ايس. ايليٽ وارا
’کوکلا ماڻهو‘
(Hollowmen)
ها. اي سنڌ جي ڌرتي! تون ڪيتري لوئي لتاڙي وئي
آهين. تاريخ جي سنبن هيٺان ڪچلي وئي آهين؟ ڇا
تنهنجو وجود به ائين مٽجي ويندو، جيئن بابل ۽
نينوا جي تهذيبن جو مٽجي ويو هو ۽ ڇا نارائڻ شيام
جي پيشن گوئي پوري ٿيندي:
”الا! اِيئن نه ٿئي جو ڪتاب ۾ پڙهجي،
ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.“
وس پڄي ته تاريخ جي دن ۾ اهو ٺونشو هڻان، جو ان جي ناسن مان رت
ٺينڊيون ڪري نڪري اچي.
اسان جي مرڻ جون رسمون گهڻو ڪري اسلامي روايات موجب هيون. موت
کان پوءِ ٽي ڏينهن تڏو وڇائيندا ها، پر پرائي تڏي
هرڪو پنهنجا سور روئندو آهي. ٽيجهو ڪندا ها. مون
رجنيش جي نانڪ تي ڪئسٽ ٻڌي هئي ته سک به ٽيجهو
ڪندا ها، ڇوته انهن جو ان ڳالهه تي اعتبار هوندو
هو ته ٽئين ڏينهن ماڻهو نئون جنم وٺي ٿو. جڏهن
ڪوئي مري ويندو هو ته ڪڻڪ جو ٿالهه هن جي مٿن کان
رکندا ها ۽ مسجد ۾ پورو سال ڏيئو ٻاريندا ها ته
جيئن مُئي لاءِ اوندهه ۾ روشني ڪندو رهي ۽ ست ملان
گهرائي انهن کي ماني کارائيندا ها ۽ جوڙا ڏئي دعا
گهرائيندا ها. چاليهي تي ساري برادريءَ کي ۽ ملان
کي ماني کارائيندا ها ۽ ملان کي جوڙو پارائيندا ها
۽ مُئي جي حق ۾ دعا گهرائيندا ها. مُئي کان پوءِ
قرآن شريف بخشائيندا ها. ڪي جيئري ئي پنهنجا لٽا
پنهنجي نانءُ تي ڏئي، ماني کارائي قرآن بخشائي
ڇڏيندا هئا ته، متان موت کان پوءِ ڪوئي قرآن
بخشائڻ وارو نه هجي. هر عيد تي وڏن جي قبرن تي
پٽهي وجهندا ها، جنهن ۾ انب جا پن، دال ۽ گلاب جا
گل هوندا ها. ايم.مجيب هندوستاني ڪلچر تي هڪ ڪتاب
۾ ڏيکاريو آهي ته هر صوبي جي مسلمانن جا جدا جدا
رسمون رواج هوندا هئا. فقط وهابي ڪنهن قبر وغيره
کي تسليم نه ڪندا ها ۽ نه پيرن ۽ شهيدن کي زنده
جاويد تسليم ڪندا ها.
جمال ابڙي مون کي ٻڌايو هو ته جڏهن هو جج هو تڏهن هن وٽ هڪ
وهابيءَ تي مذهب جي توهين لاءِ 294 الف. پ. پ ڪ
هيٺ ڪيس هليو هو. هن ڪي قبرون مسمار ڪري ڇڏيون
هيون. جڏهن سرڪاري ڌر جي شاهدي ختم ٿي ته جمال هن
کي چيو ته: ”توکي ڪوئي بچاءَ ۾ شاهد ڏيڻو آهي؟“ هن
جواب ڏنو ته: ”شاهد ته ڪيئي آهن، پر تون فقط ٽي
نالا لک. قلندر شهباز، شاهه عبدالطيف ڀٽائي ۽ جهوڪ
وارو شاهه عنايت.“
جمال ان تي کيس چڙي چيو: ”تون ڪورٽ سان مذاق ٿو ڪرين!“ هن
وراڻيو: ”مذاق نه ٿو ڪريان. جي پير زندهه جاويد
آهن ته شاهديءَ ۾ اچي سگهن ٿا.“
خير، مرڻي جي رسم ۾ هر اسلامي ملڪ يا صوبي ۾ ڦير گهير ٿي سگهي
ٿي. پر هڪ شيءِ انسان ذات ۾ ساڳي آهي. يعني موت
کان اڳ مايوسيءَ جي ڪيفيت، جا مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب
’مصر جي قديم ادب‘ ۾ ڏنل آهي.
اڄ مان ڪنهن سان ڳالهايان،
ڀائر ڪميڻا ٿي ويا آهن،
۽ اڄ دوستن ۾ محبت باقي نه رهي آهي.
اڄ مان ڪنهن سان ڳالهايان،
دليون لالچي ٿي ويون آهن،
۽ هر ڪوئي پنهنجي ساٿيءَ جو سامان تڳائي ٿو.
اڄ مان ڪنهن سان ڳالهايان،
شرافت ختم ٿي وئي آهي،
۽ هر تشدد وارو شخص ٻئي تي تشدد ڪري رهيو آهي.
اڄ مان ڪنهن سان ڳالهايان،
ماڻهو بُرائيءَ تي آماده آهن،
۽ چڱ مڙسيءَ جي هر طرف کل لاٿي ٿي وڃي.
اڄ مان ڪنهن سان ڳالهايان،
ماڻهو لٽي رهيا آهن،
هر ڪوئي پنهنجي پاڙيسريءَ کي لٽي رهيو آهي.
اڄ مان ڪنهن سان ڳالهايان،
بد اعمال سان ته دوستي ڪري سگهجي ٿي،
پر گڏ ڪم ڪندڙ ڀاءُ دشمن ٿي پيو آهي.
اڄ مان ڪنهن سان ڳالهايان،
ڪوئي گذريل وقت کي ياد نه ٿو ڪري،
جنهن مدد ڪئي هئي، ان جي ڪوئي مدد نه ٿو ڪري.
اڄ مان ڪنهن سان ڳالهايان،
پنهنجا بدڪردار ٿي ويا آهن،
۽ محبت لاءِ پراون جو سهارو وٺڻو ٿو پوي.
اڄ مان ڪنهن سان ڳالهايان،
ماڻهو منهن ڦيري ٿا وڃن،
۽ هر شخص پنهنجي ڀاءُ کي شڪ جي نظرن سان ٿو ڏسي.
اڄ مان ڪنهن سان ڳالهايان،
دليون حِريص ٿي ويون آهن،
ڪنهن شخص تي ڀروسو نه ٿو ڪري سگهجي.
اڄ مان ڪنهن سان ڳالهايان،
سچائي ماڻهن مان گم ٿيندي ٿي وڃي،
۽ ملڪ بدڪردار ماڻهن جي هٿ چڙهي ويو آهي.
اڄ مان ڪنهن سان ڳالهايان،
اعتبار جوڳا دوست ڳوليا نه ٿا لڀن،
ماڻهوءَ کي اجنبين کي دانهن ڏيڻي ٿي پوي.
اڄ مان ڪنهن سان ڳالهايان،
ڪوئي به مطمئن نه آهي،
ساٿ ڏيڻ وارو ڪوئي نه رهيو آهي.
اڄ مان ڪنهن سان ڳالهايان،
مان ڏکارو آهيان،
منهنجو ڪوبه دوست نه آهي.
اڄ مان ڪنهن سان ڳالهايان،
ڌرتيءَ تي بُرائيءَ جو دؤر دؤرو آهي،
ان جي (بُرائيءَ جي) ڪائي انتها ناهي.
چاليهه پنجاهه صديون پراڻو مصري گيت ڪهڙو نه صحيح آهي! جڏهن انت
ويجهو اچي ٿو، تڏهن ماڻهوءَ جي ساڳي نفيسات ڇو ٿي
ٿي وڃي؟ منهنجو هڪ دهريو دوست هو، جنهن سان
گفتگوءَ بعد مون کي مغربي فلسفي ڊيوڊ هيوم
(David Hume)
جي باري ۾ هڪ خط ياد آيو. هڪ ماهر معاشيات ايڊم
سمٿ، ڊيوڊ هيوم جي موت تي پنهنجي ڪنهن دوست کي
هيٺيون خط لکيو هو، جيڪو ڪنهن ڪتاب ۾ شامل آهي،
مون کي ياد آهي:
”مون هن کي چيو ته جيڪڏهن ائين آهي ته موت ناگزير آهي، تڏهن به
توکي ڪيئي دوست آهن. توکي خاندان آهي ۽ توکي ڪافي
مال ومنال آهي.“
هن جواب ڏنو: مون اهو اطمينان چڱيءَ طرح محسوس ڪيو آهي. مون
جڏهن ڪجهه ڏينهن اڳ ليوسن
(Lucian)
جو ڪتاب موت سان گفتگو پڙهيو هو، تڏهن مون اهي سڀ
دليل پڙهيا ها، جي هن چارون
(Charon)
کي ڏنا ها. ته هُو، هُن جي موت جي ٻيڙي ۾ ڇو نه
چڙهي. پر اهڙا دليل هن کي دل سان نه لڳا ته هن جو
ڪوئي گهر زير تعمير آهي يا هن کي ڪنهن ڌيءَ کي
اخراجات ڏيڻا آهن يا هن جو ڪوئي دشمن آهي، جنهن
سان هو پلؤ ڪرڻ ٿو چاهي. هن چيو ته: ”مان تصور به
نه ٿي ڪري سگهيس ته مان چارون (موت جو يوناني
ديوتا) کي ڪهڙو بهانو ڏيان، جو هو مون کي ڪجهه
مهلت ڏئي. مون هيءَ اها ڳالهه ڪئي، جا مون ڪرڻ ٿي
چاهي ته مان پنهنجن مائٽن ۽ دوستن کي ابتر حالت ۾
هن وقت ڇڏي نه ٿو وڃڻ چاهيان، جنهن وقت مان کين
ڇڏي رهيو آهيان. مون کي مطمئن ٿي مرڻ لاءِ هر سبب
هو.“
هن پوءِ به ڪيترائي مضحڪه خيز بهانا ڳوليا، جيڪي هن جي نظم ۾
چارون کي اطمينان ڏيارڻ لاءِ ڪافي ها. نيٺ هن کيس
چيو ته: ”مون وڌيڪ سوچيو آهي ته مون کي نئين اشاعت
لاءِ پنهنجا ڪجهه ڪتاب درست ڪرڻا آهن. مون کي ٿوري
مهلت ڏي، جيئن مان ڏسان ته اهي درستيون منهنجي
پڙهندڙن کي ڪيئن ٿيون لڳن.“ پر چارون هن کي جواب
ڏنو: ”تو جڏهن انهن درستين جو تاثر ڏنو، تڏهن وڌيڪ
درستيون ڪرڻ چاهيندين. تنهنجا بهانا ختم نه ٿيندا،
سو منهنجا ديانتدار دوست، منهنجي ٻيڙيءَ ۾ قدم
رک.“ ان تي هن چيس: ”اي نيڪ خصلت چارون! ٿورو صبر
ڪر! مان عوام جي اکين کولڻ جي ڪوشش ڪري رهيو
آهيان. جيڪڏهن مان ڪجهه سال وڌيڪ جيئندس ته هن وهم
۽ وسوسي تي ٻڌل دنيا کي ڊانوان ڊول ٿيندو ڏسندس.“
چارون کي غصو اچي ويو ۽ هن ڳالهائڻ جو پهرين طريقو
ڇڏي ڏنو ۽ چيائين: ”رولو، حرامزادا، اها ڳالهه ته
سوين سال نه ٿيندي. تون ڇا ٿو سمجهين ته مان توکي
ايتري مهلت ڏيندس. يڪدم منهنجي ٻيڙيءَ ۾ چڙهه.
ڪاهل، رولو، حرامزادا!“
شڪاپور ۾ جانو ڪوري هڪ مشهور چور به هوندو هو ۽ جانٺو مڙس به
هو. هڪ ڀيري سٽي مئجسٽريٽ وٽ جانوءَ تي هڪ وزني
لوهه جي گارڊ جي چوريءَ جو ڪيس هليو. سٽي مئجسٽريٽ
جانوءَ کي چيو ته: ”جانو جيڪڏهن تون هي لوهي گارڊر
ڪلهي تي کڻي ڏيکارين ته مان نه صرف ڪنهن بهاني
توکي ڇڏي ڏيندس، پر اهو گارڊر به توکي ڏيندس.“
جانوءَ گارڊر کي ڪهلو ڏنو ۽ سڌو پنهنجي گهر کڻي
ويو. جانو ڪوري اسان جي پاڙي ۾ ڏند ڪٿا وانگر
هوندو هو.
هڪ ڀيري هو چوريءَ خاطر هڪ هندو سيٺ جي گهر ٽپيو. سيٺ کي ڪوٺي
تي کڙڪ پئجي وئي ۽ هن کڏ تان چور چور ڪرڻ شروع ڪري
ڏنو. جانوءَ دريءَ جي انچ ٿلهين شيخن کي بسم الله
چئي زور ڏنو ته اهي ايترو مڙي ويون، جو هُو ان
ٻلکڙي مان ٽپي ڀڄي ويو.
هڪ ڀيري مان ۽ مشتاق ابڙو چهل قدميءَ لاءِ وڃي رهيا هئاسين ته
رستي تي هڪ فقير هٿ ڊگهو ڪري خيرات گهري رهيو هو.
هن جي هٿن، پيرن ۽ منهن تي ڦرڙيون هيون. مشتاق
کيسي مان آڌي ڪڍي فقير جي ٻُڪ ۾ مٿان ڦٽي ڪئي هئي.
هن کيس دعا ڪئي ته مشتاق مون کان پڇيو: ”سڃاتئه ته
ڪير آهي؟“
مون چيو: ”نه.“
مشتاق چيو ته: ”اهو جانو ڪوري هو، جنهن جي جانٺن هڏهن کان لوهه
به ڊڄندو هو. ها هُن کي باد فرنگ کائي ويو آهي ۽
هو پني پورت ٿو ڪري.“
هفتي کان پوءِ اسان ساڳئي رستي تان وڃي رهيا هئاسين ته جانو نظر
نه آيو. مشتاق ٻڌايو ته هو هڪ ڏينهن اڳ مري ويو
هو. هاڻ لوهه ته ڇا، مٽيءَ مان به نڪري نه سگهندو.
هر ڏاڍي ۽ ان جي ڏاڍ کي فنا آهي. انسان جيڪڏهن اهو
ڄاڻن ته هُو اهي زيادتيون نه ڪن، جي هو روز ڪن ٿا.
موت ڪنهن وقت به ڪنهن کي ڪن کان وٺي چئي ٿو سگهي
ته: ”هاڻي هل!“
زرينا جو مامو علي احمد ڏاڍو مڙس هوندو هو. جنهن کي اسان علڻ
چوندا هئاسين. هڪ ڀيري هڪ ڇتي ڪتي هن تي رومڙ ڪئي
ته هن ڪتي کي ڄاڙين کان وٺي، سندس وات چيري ٻه اڌ
ڪري ڇڏيو هو. ان کان پوءِ علڻ کي هائڊرو فوبيا
(Hydrophobia)
ٿي پئي هئي. جڏهن هو کوهه جي نيسر هيٺان وهنجيو
ته هن کي پاڻيءَ ۾ ڪتڙيون نظر اچڻ لڳيون، هن کي
پيٽ ۾ سُيون هنيون ويون، جي هن کي ڏاڍو سور ڪنديون
هيون ۽ هُو وهلور ويندو هو ۽ وٺ نه ڏيندو هو. نيٺ
هو گذاري ويو. هو اسان جي پاڙي ۾ سڀني کان ڏاڍو
مڙس هوندو هو. مون هن جي ڪيفيت کي تڏهن سمجهيو
جڏهن سئزرلينڊ جي مشهور مصنف ايڪزل منٿي جو شاهڪار
’سينٽ مائيڪل جي ڪهاڻي‘
(Story of St: Michle)
پڙهيو هو، جنهن ۾ هن ڏيکاريو آهي ته هن موت کي
پنجن ئي حواسن سان ڪيئن محسوس ڪيو آهي. ان ۾ نه
رڳو هُن هڪ ڪتي جي کاڌل جي ڪيفيت ڏيکاري آهي، پر
چپن سان موت کي ڇُهڻ جي به هڪ عجيب واردات بيان
ڪئي آهي. هن پليگ ۾ مري ويل هڪ خوبصورت راهبه کي
چپن تي چمي ڏني هئي ۽ ان ڳالهه جو فڪر نه ڪيو هو
ته پليگ هڪ وچڙندڙ بيماري آهي ۽ ڪيترن ئي کي ٿي
چُڪي آهي. اهو ڪتاب مون وٽان ٽيهارو سال اڳ ڪوئي
دوست کڻي ويو هو، جنهن واپس نه ڪيو هو. هي مان
يادگيريءَ مان لکي رهيو آهيان.
ڪنهن به انسان کي موت مان فرار نه آهي. اريانا فلاچيءَ جنهن
ذوالفقار علي ڀٽي کان انٽرويو ورتو هو، تنهن اردن
جي شاهه حسين کان به انٽرويو ورتو هو، جو هن جي
انٽرويوز ڪتاب ۾ ڇپيل آهي. ڪيئي سوال پڇي، هن شاهه
حسين کان آخري سوال پڇيو: ”موت جي باري ۾ تنهنجو
ڇا خيال آهي؟“ هي به مان پنهنجي حافظي مان لکي
رهيو آهيان. اهو ترجمو نه ڪيو آهي. شاهه حسين جواب
ڏنو هوس: ”هڪ شخص پنهنجي بيٺڪ روم ۾ ويٺو هو ته هن
جو دروازو کڙڪيو. جڏهن مهمان اندر آيو ته کانئس
خير عافيت پڇي، نالو ۽ اچڻ جو سبب پڇيائينس. هن
جواب ڏنس ته: ”مان تنهنجو موت آهيان ۽ توکي وٺڻ
آيو آهيان.“ اهو شخص حراسجي ويو ۽ وڦلڻ لڳو. ”هاڻي
ته ڇڏ.“ هن چيس: ”مون کي ڪيئي ڪم پورا ڪرڻا آهن.
ڪجهه سال رکي پوءِ اچجانءِ.“ ان تي موت هن کان
موڪلائي هليو ويو. اوچتو هن شخص کي اچي ڀوَ ورتو ۽
گهوڙي تي زين وجهي ٽپو ڏنائين ۽ گهوڙي کي هوا
وانگر ڊوڙائيندو اچي تاشقند ۾ پهتو. اتي گهوڙي تان
لهي، ان جي واڳ هڪ وڻ سان ٻڌي، اطمينان سان سراءِ
۾ ڪمرو ڀاڙي تي ورتائين. جڏهن هن ڪمري جو در کوليو
ته اهو شخص، جنهن پنهنجو نالو موت ٻڌايو هو، هڪ
مُوڙي تي ٽيڪ ڏئي ويٺو هو ۽ هن کي يڪدم چيائين:
”مرحبا! مون تنهنجو انتظار ٿي ڪيو، توکي هتي ئي
مرڻو هو.“
مون کي ن .م. راشد جو هڪ خوبصورت نظم، ”حسن ڪوزه گر“ ٿو ياد
اچي. موت هڪ ڪوزه گر وانگر آهي، جو ڪوزا ٺاهيندو
آهي ۽ انت ۾ انهن جي ڳچي ڀڃي وجهندو آهي. مون کي
ياد آيو ته مون سان ڪجهه دوست منصور گهمي رهيا
هئا. جنهن کي اڳ برهمڻ آباد چيو ويندو هو. برهمڻ،
منصور ڪيئن ٿيو، اهو منهنجي سمجهه ۾ نه آيو. شايد
هن کي به ڪنهن وقت دارو رسن جي آزمائش مان گذرڻو
پيو هجي! شام ٿي رهي هئي، سج ڪنهن ازلي ڪنڀار جي
تازي دلي وانگر چڪيءَ تي ڦري رهيو هو. مون اتي
انساني کوپڙيون، هڏا، ڀڳل ٽٽل مٽيءَ جا ٿانءَ ڏٺا
۽ سوچيو :”آخر ٺڪريءَ ۽ کوپريءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
ماڻهوءَ جا ساري آڏ وڏائي نيٺ مٿي آهي. ڪوزيءَ سان
ڪنهن امير جو ارغوني جام ڀريو وڃي يا ڪنهن فقير جي
آب خوري لاءِ پاڻي ڍڪ وڌو وڃي. وقت گذرڻ سان ٺڪر
ڀڄي ڀُري ٿو وڃي. فنا، فنا، سرشتي کي فنا آهي. بقا
آخر ڇاکي چوندا آهن؟
ساڳيءَ طرح مان ۽ مرحوم رشيد ڀٽي اروڙ جي ٽڪريءَ ۽ ان جي هيٺان
گهمي رهيا هئاسين. سنڌو پنهنجو وهڪرو هميشه جيان
ڦيرائي وئي هئي ۽ پٺيان بٺ ۽ ويران شهر ڇڏي وئي
هئي. نادان سي. آءِ. ڊي وارن رپورٽ ڪئي هئي ته
اسان اروڙ ۾ ڪائي خفيه گڏجاڻي ڪري رهيا هئاسين.
اسان ته اتي ڀڳل هڏا کڻي سوچي رهيا هئاسين :” ڇا
هي راجا ڏاهر جو هڏو آهي؟ ڇا هي لاڏيءَ جو هڏو
آهي؟ ڇا اهي وري ٻيهر ڳنڍبا ۽ شهنائيءَ وانگر
وڄندا! تاريخ جي لس ليٽ کي ڪائي ڪنڌي ڪنارو ناهي.
جنهن کي چاهي ٻوڙي، جنهن کي چاهي تاري. جنهن کي
چاهي ميڪسيڪو جي ازٽيڪ، مايا انڪا ۽ مچو پچو تهذيب
وانگر تباهه ڪري ڇڏي ۽ محققن جي رحم ڪرم تي ڇڏي
ڏئي، ته اهي ويهي ٽڪرا ڳنڍين! تاريخ جو واڳون زور
سان ڇڪڻ سان گهوڙي جون واڇون نه چيربيون، تنهنجا
هٿ ڇلجي پوندا. تاريخ دارا شڪوه جو سر لاهي
اورنگزيب اڳيان پيش ڪري ٿي ۽ سرمد کي دليءَ جي
جامع مسجد جي ڏاڪي تان ڇڪي اُٿاري ٿي ۽ هن جو سر
جلاد اڳيان جهڪائي ٿي. موت تاريخ تي رحم نه ٿو
ڪري. اسٽالن دماغ جي رڳ ڦاٽڻ ڪري مري وڃي ٿو ۽
روز ويلٽ ويل چيئر
(Wheel Chair)
تي ريڙهيون پائي مري وڃي ٿو. ٻي جنگ عظيم جا هيرو
هڪ عام سپاهيءَ کان به واهيات موت مرن ٿا.
منهنجي ڪمري ۾ ٻه تصويرون منهنجي بستري جي سامهون ٽنگيل آهن، جي
منهنجي ڌيءَ نگهت، سنگاپور مان وٺي آئي آهي. هڪ ۾
گوتم ٻُڌ ٻوڌي وڻ هيٺان ڌيان گيان ۾ گم آهي ۽ مارا
(ٻڌ ڌرم ۾ موت جي ديوتا کي مارا چوندا آهن.) کي پٺ
ڏئي ويٺو آهي، جيڪو پشيمان ٿي ڀڄي رهيو آهي. ٻيءَ
تصوير ۾ ٻه نوجوان رقاصائون آهن، جي ڪوئي اجنبي
ناچ نچي رهيون آهن. اهي نچڻيون به اچڻيون آهن موت
جي ڦندي ۾ ۽ گوتم ٻڌ کي به هڪ ڏينهن مارا نهوڙي
نيندو. ڀلي ڪري وٺي اهو جپ تپ. ڏئي وٺي اهي
وياکياڻ. اها ٻي ڳالهه آهي ته گوتم ٻڌ، جيڪو ڪنهن
خدا ۾ اعتبار نه ڪندو هو، سو مرڻ کان پوءِ خود خدا
ٿي ويو ۽ دنيا ۾ هن جون ايتريون مورتيون رکيون
ويون آهن، جيتريون ڪنهن به ديوتا جون نه رکيون
ويون آهن!
زرينا، مون من ساگر ۾ اونهي ٽٻي ڏئي، ان جي تري کي ڇُهيو آهي.
تون منهنجي ماٺ تي هري وئي آهي ۽ ان آئيني کي ٻڙڪ
ٻاڦي ڪڏهن به نه ٽڙڪايو اٿئي.
مون تنهنجي والد صاحب جي ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي هئي. هن ئي مون کي
گربخشاڻيءَ واري شاهه جي رسالي جي ٽي جلد آڻي ڏنا
هئا، جي پڙهي مون سنڌي ٻوليءَ جي وسعت ۽ سنڌي
استعاري ۽ تشبيهه جو حسن ۽ نزاڪت محسوس ڪئي هئي.
ڀٽائيءَ لفظ ائين استعمال ڪيا آهن، جيئن مون
ترڪيءَ ۾ ڏٺو هو ته هڪ باغبان ڊاک جا ڇڳا پٽي
ٽوڪريءَ ۾ وجهندو ٿي ويو. ٻولي هڪ وڏي ول آهي،
جنهن ۾ لفظ ڊاک جي ڇڳن وانگر لڙڪندا آهن.
هاڻي اچ ته تنهنجي والد بزرگوار جي ڪهاڻي پوري ڪيون. هو تهجد
گذار ۽ صوم صلوات جو پابند هو ۽ پرهيزگار شخص هو،
کاڌي پيتي ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جو سادو هو. پاڙي ۾ جوا
هلندي هئي ته هو ان کي نفرت سان ڏسندو هو، نه ڪنهن
جي غلا ڪندو هو ۽ نه ٻڌندو هو. هو اڃان سٺ ورهين
جو ٿيو هو، جو سخت بيمار ٿي پيو ۽ شڪارپور جي سول
اسپتال ۾ گذاري ويو. مان هن جي وفات کان هڪ ڏينهن
اڳ هن وٽ ويو هوس. هن شفقت سان منهنجي مٿي تي هٿ
رکيو هو ۽ مون کي دعا ڪئي هئائين.
منهنجو پيءُ دنيا جي فنا پذيريءَ تي سوچي چوندو هو، ”ڪاڏي ويو
پڻهين ماڻهين، اڃان نه ٿو ڄاڻين.“ عام عبادت جي
ڪتاب
(Book of Common Prayer)
۾ چيو ويو آهي: ”زندگيءَ جي وچ ۾ اسان موت ۾
آهيون، اها ٻي ڳالهه آهي ته جيتوڻيڪ سڀ ماڻهو مرڻا
آهن، هُو اها ڳالهه پنهنجي باري ۾ نه سوچيندا
آهن.“
زرينا جي ماءُ به هڪ نيڪ ۽ پرهيزگار عورت هئي. مرڻي پرڻي تي هن
کي وڏو ڪري ويهاريندا هئا. هڪ يهودي پهاڪو
آهي:”خدا جتي ڪٿي ته ٿي نه ٿو سگهي. ان ڪري هُن
ماءُ تخليق ڪئي.“ اسان جو مسلم عقيدو آهي ’خدا هر
جاءِ تي حاضر ناظر آهي‘. پر مان ڀانيان ٿو ته هن
جو سڀ کان درخشان جلوو ماءُ جي صورت ۾ آهي.
جيمس بئري چيو هو: ”ٻار جڏهن عبادت ڪندا آهن ته هنن جو معصوم
منهن ماءُ جي منهن وانگر هوندو آهي.“ اسان جي نبي
اڪرم جيڪي والدين لاءِ چيو آهي، ان جو مثال ته ڪٿي
نه آهي.
زرينا کان جي ٽي سؤ ڀيرا پڇيو وڃي ها ته دنيا ۾ توکي عزيز ترين
شيءِ ڪهڙي آهي؟ ته هوءَ چوي ها، ’ماءُ.‘ زرينا جي
ماءُ کي زرينا سان ايتري محبت هئي، جو جڏهن هوءَ
بيمار ٿي پئي ته اسان وٽ اچي رهي. زرينا راتيون
جاڳي هن جي خدمت ڪئي هئي. سکر ۾ ان وقت چڱا ڊاڪٽر
ڪونه ها ۽ هن کي جيري جي سوج لاءِ دوائون ٿي
ڏنائون ۽ ڪنهن کي خبر نه پئي ته هن کي جيري جي
ڪئنسر آهي. ڏاڍو دير سان معلوم ٿيو ته هن کي ڪهڙي
بيماري آهي. ٻئي ڏينهن تي هوءَ گذاري وئي. |