هاڻي جڏهن بابا جي ڳالهه نڪتي آهي، تڏهن مان هن تي ڪجهه لکڻ
چاهيان ٿو. مون کي هن جي صورت ياد اچي ٿي، هُو ان
وقت سٺ ورهين جو هو. وچولي قد ڪاٺ جو ۽ بدن جو
سنهو، منهن جو گندمي رنگ، ٿري پيس گرم سوٽ جي مٿان
اوورڪوٽ، مٿي تي ڪنهن زريءَ ڀريل خلي تي ريشمي پڳ،
هٿ ۾ لوهي ڇڙي، لارڊ ڪچنر وانگر مڇون، پيرن ۾ اوني
جورابا ۽ چمڙي جو ولائتي بوٽ. جيڪڏهن سردي تيز
هوندي هئي ته هٿن ۾ اوني دستان پائيندو هو. ڪوٽ جي
مٿئين کيسي مان نڪتل رومال ۽ کيسي جي اندر واچ پيل
هوندي هيس. اهو منهنجو پيءُ شيخ غلام حسين، جو
خودي شيخ بنگل جو پٽ هو، جيڪو ميونسپل ڪائونسلر
هو. هو لا ايجنٽ هوندو هو، جو بئريسٽر کان ڪجهه
گهٽ ڄاتو ويندو هو. هو اڪثر بمبئيءَ ويندو هو ۽
بئريسٽر ملا کي ڪيسن جي ذميواري سونپيندو هو ۽ کيس
سارو ڪيس تيار ڪري ڏيندو هو. بمبئيءَ مان گوا به
ويندو هو ۽ پاڻ سان گواني شراب جون ڪيئي خوبصورت
بوتلون آڻيندو هو. خالي بوتلون منهنجي ماءُ سجائي
رکندي هئي. گواني شراب جو ذڪر مان گواني پس منظر ۾
ڪندس.
اسان جي گهر وٽان گهٽي ويندي هئي، جنهن جي هڪ پاسي ڪاڪڙن جو
ٿلهو هوندو هو ۽ ٻئي پاسي ننڍي بازار جا وڏي بازار
تي کٽندي هئي ۽ اها وڃي ڍڪ بازار ۾ پوندي هئي.
ننڍي بازار ڏانهن ويندڙ رستي تي هڪ جهونو پپل جو
وڻ هوندو هو. جنهن ڀرسان هڪ هندو جوتشي رهندو هو،
جو بابا جو دوست هو. بابا جو جوتش ۾ ڏاڍو اعتبار
هوندو هو. منهنجي ڄم کان پوءِ يڪدم هن وٽ وڃي
منهنجي جنم پتري ٺهرائي هئائين، جا مون وڏو ٿي ڏٺي
هئي ۽ جا ڪنهن ڳاڙهي ڪپڙي جي پوش اندر ڊگهن پنن تي
هنديءَ ۾ لکيل هئي. جڏهن مان ٿورو وڏو ٿيس، تڏهن
بابا مون کي ٻڌايو هو ته جوتشيءَ هن کي منهنجي
باري ۾چار ڳالهيون خاص طور تي ٻڌايون هيون:
1. هي چڙهندڙ سج وقت ڄائو آهي، ان ڪري هن ۾ غصو گهڻو ٿيندو.
2. علم لاءِ ديوانو هوندو ۽ جتي هن کي ملندو، اتي ان جي تلاش
ڪندو.
3. کيس سفر جو شوق ٿيندو ۽ ولايت جو سفر به ڪندو.
4. ساري عمر پئسو هن جي ڪڍ رهندو ۽ هي پئسي جو محتاج نه هوندو.
تن ڏينهن ۾ شڪاپور مان ڪوئي مسلمان ولايت نه ويو هو، سو بابا کي
ان ڳالهه تي اعتبار نه آيو. پر چيائين ته ڪيئن
چئجي، اها ڳالهه به سچي نڪتي. علم جي تلاش ۽ سفر
جي شوق واري ڳالهه هن کي ڏاڍي وڻي، ڇوته کيس به
اهڙي تلاش ۽ اهڙو شوق هوندو هو. مون کي هن جي پيري
ياد آهي، جڏهن مان پهرين درجي انگريزيءَ جو امتحان
ڏئي موٽي آيو هوس، ان کان ڪجهه ڏينهن پوءِ هو
گذاري ويو. هن سڪرات جي عالم ۾ اکيون پٽي مون کان
پڇيو: ”بابا، تون ڪلاس ۾ پهريون نمبر آيو آئين؟“
جڏهن مون چيو: ”هائو.“ تڏهن هن هميشه لاءِ اکيون
پوري ڇڏيون ۽ وڃي انسان ذات جي اڪثريت سان مليو.
بابا اٺ ڏهه سوٽ بمبئيءَ مان سبائي آيو هو، ڇو ته اتي بئريسٽر
مُلا کي ڪيسن ۾ وڪيل ڪرڻ ويندو هو ۽ ان وقت سنڌ
بمبئيءَ جو حصو هئي. هن کي ٻه ٽي ڀيرا سياري ۾
نمونيا ٿي پئي هئي ۽ جڏهن سيءُ شروع ٿيندو هو ته
هو اُهي اوني ڪپڙا پائيندو هو. مون کي هڪ پراڻي
منشيءَ عبدالغفور دائي ان باري ۾ بابا جي خوش
طبعيءَ جي ڳالهه ڪئي هئي ته هو بابا سان فريئر هال
۾ سير ڪري رهيو هو. بابا کي ٿري پيس سوٽ ۽ اوور
ڪوٽ پيو هو. عام ماڻهوءَ کي ايتري سردي نه پئي ٿي.
جڏهن ڪجهه پارسي ڇوڪرين بابا کي ڏٺو ته ٽهڪ
ڏنائون. جنهن تي منشي عبدالغفور بابا کي چيو:
”چاچا ڏسين ٿو، هي ڇوب چينيون توتي کلن ٿيون.“
بابا جواب ڏنو: ”غفور کلڻ ڏين، خدا جا گل آهن، ٽڙندا رهن ته
چڱو.“
ٻئي ڀيري بابا پاڙي جي پڌر ۾ ڪرسيءَ تي ويٺو هو ۽ بلغاري حقو پي
رهيو هو. جنهن جي نڙ ۾ چانديءَ جا ڇلا پيا هئا.
ڀرسان ٻه ٽي مُوڙا به آئي وئي لاءِ رکيا هئا، جن
مان هڪ تي آءُ ويٺو هوس. ميونسپالٽيءَ جي بتيءَ تي
سنڌيءَ ۾ قصو، ’گل با صنوبر چه ڪرد‘ پڙهي رهيو هوس
ته ايتري ۾ شيخ ساز علي ’ساز‘ اچي نڪتو، جيڪو بابا
جي سئوٽ جو پٽ هو. هو سي ائنڊ ايس ڪاليج ۾ فرسٽ
ايئر ۾ پڙهندو هو ۽ شڪاپور جي مشهور شاعر آغا
صوفيءَ جو شاگرد هو. هن منهنجي هٿ مان ڪتاب وٺي
ڪجهه پڙهيو ۽ پوءِ مون کي ڪتاب موٽائي ڏئي، بابا
کي چيائين: ”چاچا، هي هن عمر ۾ ئي عشق جا قصا ٿو
پڙهي!“
”پٽ نيٺ ته ڪرڻو اٿس.“ بابا مختصر جواب ڏنو. ڪيترو نه سچو نڪتو
اهو جواب! ساز علي ساز پوءِ فوج ۾ ميجر ٿيو ۽ برما
۾ هيو، جڏهن سباش چندر بوس، جپانين جي مدد سان
انگريزن کي اتان ڌڪي ڪڍيو هو.
مون کي هر عشق ۾ مات يا جيت وقت ان ڪتاب جو نالو ”گل با صنوبر
چه ڪرد“ (گل، صنوبر سان ڇا ڪيو.) ياد ايندو رهيو
آهي. مون جارج برنارڊ شا جي ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هو
ته: ”صنفِ نازڪ لاءِ ڪشش جيتوڻيڪ انسان ذات جي
آدمشماريءَ برقرار رکڻ لاءِ ضروري آهي، پر ان جو
محبت سان ڪوئي تعلق نه آهي.“ ڪيترا ڀيرا ئي عورت
جي خوبصورتيءَ مون کي ڌوڪو ڏنو آهي.
مان جڏهن ٻئي درجي سنڌيءَ ۾ پڙهندو هوس ته بابا مون کي پوڪرداس
ائنڊ سنس نالي ڪتاب گهر مان ’گل با صنوبر چه ڪرد‘،
’امير حمزي جو داستان‘، ’چار حصا‘، ’حاتم طائيءَ
جو قصو‘، ’چار حصا‘، ’الف ليليٰ جو قصو‘ (جيڪو
غالبا رچرڊ برٽن جي ڪتاب مان ترجمو هو) ’چندر
ڪانتا‘ اٺاويهه حصا خريد ڪري ڏنا هئا. مون اهي
پندرنهن ڏينهن ۾ پڙهي پورا ڪيا هئا ۽ بابا کي چيو
هو ته: ”هاڻي ٻيو ڪتاب وٺي ڏي.“ بابا مون کي
پوڪرداس جي دڪان تي وٺي هليو هو ۽ هن کي چيو
هئائين: ”هن سنڌي قصا ته پورا ڪري ڇڏيا، هاڻ هن کي
اردوءَ ۾ ڪي سراغ رسانيءَ جا ناول ڏي، ته مان هن
کي اردو سيکاريان.“
پوڪرداس وٽ اردو ناول ڪونه هئا، ڇوته ان وقت بابا کان سواءِ
شڪاپور ۾ اردو پڙهندڙ ٻيو ڪوبه نه هو. پوڪرداس هڪ
سنڌيءَ ۾ ضخيم ناول ڏئي چيو ته: ”سائين، هي ماڻهن
کي ڏاڍو وڻيو آهي.“ اهو ناول ڏاڍو دلچسپ هو. مون
ٽي راتيون جاڳي ساندهه پڙهيو هو. اهو روس جي زار
شاهيءَ خلاف پولينڊ جي قوم پرست انقلابين جي بغاوت
جي باري ۾ هيو ۽ ڪنهن انگريزي ناول تان ترجمو ڪيو
ويو هو. پوءِ بابا مون کي دليءَ مان اردو ۾ ’طلسم
هوشربا‘ ۽ ٻيا ڪيئي سراغ رسانيءَ جا ڪتاب گهرائي
ڏنا هئا، جنهن ۾ اهم ڪردار شرلاڪ هومزز ۽ ڊاڪٽر
واٽسن ها. پر مون کي پوءِ پتو پيو ته اهي ڪتاب
سنڌيءَ ۾ به ترجمو ٿيل هئا. منهنجي زال جو مامو
واجد علي شيخ ڪافي پوءِ علي ڳڙهه مان لا گريجويٽ
ٿي آيو هو ۽ پاڻ سان ڪيئي اردو ڪتاب ۽ رسالا آندا
هيائين. ان دؤر ۾ منهنجي زال جو سؤٽ ادا اختر به
علي ڳڙهه مان موٽيو هو ۽ پاڻ سان اردو ڪتاب ۽
رسالا آندا هئائين. جيتري قدر مون کي يادگيري آهي
ته انهن وٽ عالمگير، نيرنگِ خيال، خيام، دين و
دنيا، مولانا ابوالڪلام آزاد جا الفلاح ۽ الهلال
رسالا هوندا هئا. انگريزيءَ ۾ مولانا محمد عليءَ
جو هفتيوار ’ڪامريڊ‘ به ايندو هو. هونءَ ته هنن وٽ
’ساقي‘، ’ادبي دنيا‘ ۽ جو ش مليح آباديءَ جو
’ڪليم‘ به ايندا هئا، پر شايد اها پوءِ جي ڳالهه
آهي. بابا جي به عجيب سرگذشت هئي، جا هو حقي جو
وزم هڻي ٻڌائيندو هو. پيريءَ ۾ هو هڪ عزت پسند
انسان هو. پر هروڀرو مردم بيزار نه هو. باقي مون
ٻڌو آهي ته جوانيءَ ۾ ڪافي وجيهه هو ۽ اک سان
اڏامندڙ پکي چُٽي سگهندو هو. بابا ڪنهن مئجسٽريٽ
جي ڪورٽ ۾ سرشتيدار هو ۽ جيڪي به قانوني ڪتاب
گورنمينٽ پريس سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائي ڇپايا هئا،
انهن جو غور سان مطالعو ڪري چڪو هو ۽ کيس ڪيئي
قانوني فقرا ياد هوندا هئا. هڪ ڀيري هن جو
مئجسٽريٽ سان تڪرار ٿي پيو ۽ غصي ۾ کيس گهٽ وڌ
ڳالهايو هئائين ۽ توهين عدالت جي مقدمي جي خوف کان
هندوستان هليو ويو هو. هو ڪافي سال حيدرآباد دکن ۾
رهيو هو، جتي اردوءَ ۾ هندوستان جا لا رپورٽر
مطالعو ڪيو هئائين. هو نه رڳو دهلي، ديرادون، لکنو
۽ الله آباد ۾ رهيو هو، پر راجستان ۾ به ڪافي وقت
گذاريو هئائين. اتي هن کي اٺ سواريءَ جو شوق پيدا
ٿيو. ان وقت شڪاپور ۾ صرف ٻه موٽر ڪارون هيون، جي
ريل جي انجڻ وانگر دونهون ڪڍنديون وينديون هيون.
اهي ٻئي هندو واپارين جون هونديون هيون، جن مان
چندر ڀان کان، ڪڏهن بابا موٽر ڪار وٺندو هو. بابا
اُٺ لاءِ سچيءَ زريءَ سان ڀريل جُهل راجسٿان مان
آندي هئي. اسان سندس وفات کان پوءِ، پندرهين سوين
ته فقط ان جي زري وڪي هئي. ان وقت جا پندرنهن سئو
اڄ جي پنجاهه هزار جي برابر هوندا هئا، ڇو ته ان
وقت رپئي سير سڳداسي چانور ملندا هئا، جي هاڻي
ڇويهن رپئي به نه ٿا ملن.
اٺ جي پاکڙي تا ٺاهوڪي اڪر ڪرائي، ان تي چانديءَ جا پڙڇ به
هڻايا هئائين ۽ ان جا جهاٻا به من ڀاوڻا هئا ۽ اٺ
جي پيرن ۾ چانديءَ جا گهنگهرو هوندا ها، جي ڇمڪندا
ويندا هئا. آواز ٻڌي پريان ئي ماڻهو سمجهي وٺندا
ها ته شيخ غلام حسين ٿو اچي.
بابا ٽي شاديون ڪيون. هڪ پنهنجي برادريءَ جي عورت سان، ٻي ڪڙئي
نواب خان جي ڪنهن سنڌي پٺاڻيءَ سان ۽ ٽين منهنجي
ماءُ سان. چوندا هئا ته هن جي ٻي نوجوان زال نهايت
خوبصورت هوندي هئي ۽ هن جي پهرينءَ زال بيگم کيس
زهر ڏئي ماري ڇڏيو هو. ان ڪري بابا، بيگم کي طلاق
ڏني هئي ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ منهنجي ماءُ سان شادي
ڪئي هئائين. منهنجي ماءُ هڪ هندو وڌوا هئي، جا
آنربل علي بخش جي جاءِ جي ڀرسان رهندي هئي. آنربل
علي بخش هندوستان جي ڪائونسل آف اسٽيٽ جو ميمبر
هو. مون هن کي فقط هري ولڀ سئنيما ڏانهن ويندي،
پنهنجي اوطاق ۾ پسار ڪندي ڏٺو هو. هو شڪاپور
ميونسپل جو پريزيڊنٽ به رهيو هو.
هڪ ڀيري منهنجي ماءُ، بابا وٽ ڪنهن ڪيس جي سلسلي ۾ آئي ته هن جو
ڪوڙڪيءَ ۾ پير ڦاسي پيو. منهنجي پيءُ سان هن جي
نڪاح جي ڳالهه اڃان هلي رهي هئي ته ذري گهٽ هندو
مسلم فساد ٿي پيو هو. ڪجهه وقت کان پوءِ هندو سيٺ،
جيڪي بابا جا به واقف هئا، جهيڙي ٽارڻ لاءِ منهنجي
ماءُ کي لاڙڪاڻي مائٽن ۾ ڇڏي آيا. پر لوح قلم جي
لکئي کي ڪير ٿو مِٽائي سگهي! قسمت جي ڦرهي ميساربي
ناهي.
ٻئي ڏينهن راتوواهه منهنجي ماءُ ريل رستي، لاڙڪاڻي مان شڪاپور
منهنجي پيءُ جي گهر هلي آئي. شهر ۾ ڏاڍو تاءُ ڏسي
هندو چپ ٿي ويا. خاص ڪري آنربل علي بخش جي چوڻ تي،
جنهن جي بابا سان پاڙيسري هئڻ ڪري چڱي واقفيت هئي
۽ ساڻس همدردي به هئي. بابا راڻي پور جي پير صالح
شاهه جو به مريد هو، جو هڪ نهايت لائق انسان هو.
بابا هندستان مان پاڻ سان اردوءَ ۾ لا رپورٽر ۽ ٻيا قانون جا
ڪتاب به آندا هئا. انهن سان گڏ ’ديوان حافظ‘،
’رباعيات عمر خيام‘، ’غالب جو ڪلام‘، بيخود
دهلويءَ جي شرح سان، ’فيروز اللغات‘ ۽ ’جامع
اللغات‘ به آندا هئائين. هن جو آندل ’ديوان حافظ‘
اردو ترجمي سان اڃان منهنجيءَ لائبريريءَ ۾ موجود
آهي. حيرت آهي ته هن جي ڪتابن ۾ ڪليات جعفر زٽلي
به هو، جو هڪ دلچسپ ڪتاب هو ۽ جنهن جو نالو اردوءَ
جي اديبن به ورلي ٻڌو هوندو.
بابا جڏهن بمبئي ويندو هو، تڏهن هن جي هڪ رقاصا نيلم سان آشنائي
ٿي هئي. ان ڪري بابا منهنجي طُهر تي رقص لاءِ نيلم
ٻائيءَ کي گهرايو هو ۽ پير صالح شاهه جي اوتاري
(سائينءَ جي اوتاري) تي هڪ خاص ڪمري ۾ رهايو
هئائينس. جتي ٽي چار ايراني قالين پٿاريا هئائين.
انهن تي هالا جي جنڊيءَ جو پلنگ ۽ پينگهو رکايو
هئائين. ڇت ۾ هڪ ريشمي ڪپڙي جي جهلي به هڻائي
هئائين، جا هر وقت هن جو نوڪر ڇڪيندو رهندو هو.
بابا هڪ بگين جي قطار به ڪڍائي هئي، جنهن ۾ زالن ۽
مردن کي شڪاپور جا اٺ ئي دروازا گهمائي آيو هو. ان
۾ مشڪي ۽ سنجاف گهوڙن جي ڊُڙڪي چال ڏسڻ جهڙي هئي.
جلوس ڪڍڻ کان هڪ ڏينهن اڳ انهن گهوڙن کي جَون جا
توٻرا ڀري کارايا هئائون.
نيلم ٻائي ڏاڍي خوبصورت هئي. هن کي ڪنن ۾ جهومڪ، سونو گلوبند،
سونا بازو بند ۽ ڪنگڻيون پيون هيون. پيرن ۾ سوني
ڇير به پيل هئس. هوءَ ائين پئي لڳي ڄڻ راجسٿان جي
ڪنهن پينٽنگ مان نڪري آئي هئي. هن ناچ ائين ٿي
ڪيو، جيئن ڌوڙئي جي ڏڻ تي اتر واءُ ۾ پن ڦرندا
آهن. مون کي ان وقت موسيقيءَ جي ڪابه خبر ڪانه
هئي. پر ڪي تماشبين چون پيا ته هوءَ سارنگيءَ تي
’نٽ ڀيرو‘ ڳائي رهي آهي. مان هن وٽ صبح کان شام
تائين ويٺو رهيس ۽ هن مون کي ماني به پاڻ سان
کارائي هئي، جا بابا هن لاءِ موڪلي هئي. پلاءُ،
ڀُڳل گوشت، نان ۽ چانورن جو زردو. مان جڏهن هن جي
ڪمري مان نڪتو هوس ته سرءُ جي ٻجهندي ۾ سج هڪ ٻڍي
سود خور وانگر ڏسي رهيو هو ته ان وٽ ڪو سون چاندي
به رهيو آهي يا نه! وري جڏهن رات جو ويو هوس ته
آسمان مان بوندا باندي ٿي رهي هئي ته هن، ”گهر آئي
بدروا ڪاري“ ڳاتو هو ته هن جي اڳيان رپين جو ڍير
ٿي ويو هو. اوچتو پاڙي ۾ هُلي ويو ته بابا نيلم
سان شادي ٿو ڪري. پاڙي جي هڪ پوڙهيءَ اچي منهنجي
ماءُ کي چتاءُ ڏنو ته مڙس هٿان ٿو نڪري وڃئي.
جيستائين دير سان رات جو بابا گهر اچي، تيستائين هُن جاڳي مون
کي ۽ منهنجي ڀيڻ کي لوڪ ڪهاڻيون ٿي ٻڌايون. بابا
آيو مس ته هوءَ اوڇنگارون ڏئي رئڻ ۾ ڇٽڪي، ڄڻ ڪنهن
زخمي ڪبوتريءَ جيان ڦٿڪي رهي هئي ۽ بابا کي
چيائين: ”مون تنهنجي لاءِ سڀ ڪجهه ڇڏيو، گهر ٻار،
پاڙو اوڙو، جات جمات، ڌرم، پوڙهي امڙ، کاٽائو
ڀائر، سڀ تنهنجي لاءِ ڇڏيم. تون مون کي اهو نتيجو
ٿو ڏين.“ پوءِ هوءَ ڍڍڪرا ڏئي روئڻ لڳي.
”ڪهڙو نتيجو ٿو ڏيان؟“ بابا هن کان نرميءَ سان پڇيو.
”تون نيلم سان شادي ٿو ڪرين. انهيءَ بازاري زائفان سان.“ امان
چيس.
بابا کيس ڳراٽي پائيندي چيو: ”توکي ڪنهن غلط ٻڌايو آهي.“ پر
امان کي تيسين اعتبار نه آيو ۽ ٻئي ڏينهن تائين
روئندي رهي، جيستائين نيلم رات واريءَ گاڏيءَ ۾
بمبئيءَ هلي وئي. ها بابا ڪيترو وقت اها سٽ
جهونگاريندو رهيو هو: ”عاشق پسڻ لئه آيو، محبوب گل
سناسي.“ پوءِ بابا وفات تائين وڏي شيشي ۾ مڙهيل
نيلم جو فوٽو اسان جي گهر جي ديوار تي لڳائي رکيو.
بابا جي وفات کان ڪجهه پوءِ، امان اهو فوٽو ابتو
ڪري ٽنگيو هو، پر لاٿو نه هئائين.
بابا پنهنجي ڪمائي مان خوبصورت جاءِ ٺهرائي، جنهن ۾ مشهور مغربي
مصورن جي تصويرن جا اتارا شيشي ۾ مڙهائي هال جي
چوڌاري ڪاٺ جي مضبوط پٽيءَ جي ٽيڪ ڏئي ديوار تي
ٽنگيا هئائين. معلوم نه آهي ته اهي اتارا بمبئيءَ
مان آندا هئائين يا شڪاپور مان ورتا هئائين. ڇو ته
شڪاپور ۾ نيوند حلوائيءَ جي ڀرسان ٻه ٽي دڪان
هوندا هئا، جتان اهي ملي سگهندا هئا. مون کي هاڻي
ياد اچي ٿو ته انهن ۾ هسپانوي مصور گويا
(Goya)
جي تصوير ’ننگي ماجا‘
(Naked Maja)
به هئي. مان ڀانيان ٿو ته هسپانوي زبان ۾ ’ماجا‘ عورت کي چوندا
آهن. باقي مون کي اها خاطري آهي ته بجليءَ جا جهاز
هن بمبئي مان آندا هئا. هن جي ستر ايڪڙ زمين ديهه
لوڊا، تعلقي سلطان ڪوٽ ۾ هئي. جتي هن ڪجهه وڻ
پوکايا هئا ۽ هڪ ننڍو سنگ مرمر جو تلاءُ ٺهرايو
هو. جنهن جي ڇپري مٿان ڪاريءَ ڊاک جون وليون
هڻايون هئائين. ڇُڙئي پاڻيءَ جي مند ۾ هو ان تلاءَ
کي پاڻيءَ سان ڀرائيندو هو ۽ ايترو نفاست پسند هو
جو وهنجڻ مهل ڊبل گهوڙو بوسڪيءَ جو انگوشو ٻڌندو
هو ۽ ميٽ ۾ ليمي جا پن وجهرائي ڇڏيندو هو. ڪلاڪ
ڏيڍ اهو ميٽ لائي، پوءِ وهنجندو هو. بابا کي صابڻ
سان چڙ هوندي هئي. اونهاري ۾ هو منهنجي ماءُ کي
بار بار ياد ڏياريندو هو ته هو هٿن پيرن تي ميديءَ
سان گل ڪڍي ۽ لکي در تان هن لاءِ رابيل جون
ڪنڍيون، موتيءَ جي ڪلفي ۽ پنهل علي شاهه جا ڍير
سارا ڪباب ۽ نان وٺي ايندو هو، جي اسان رات جو
کائيندا هئاسين. هو قئنچي ڇاپ سگريٽ به پيئندو هو،
جي ان ڏينهن ۾ ماڻهو شوق سان پيئندا هئا. باقي
پان کان هن کي نفرت هئي. جڏهن ڪوٺي تي کٽ وجهندو
هو ته گلاب دانيءَ سان کٽ جي چوڌاري گلاب جي
پاڻيءَ جو ڇڻڪار ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن خس جو عطر به
لائيندو هو، جو هن کي وڻندو هو. اسان جي گهر ۾ هيٺ
لوهي سيخن سان دري هئي، جنهن تي خس جي ٽِٽي لڳل
هوندي هئي، جنهن تي ڏيهن ۾ ٻه ٽي ڀيرا پاڻيءَ جو
ڇڙڪاءُ ڪبو هو.
منهنجو پيءُ هر هفتي ٻه پهريءَ جو پاڙي واريءَ مسجد ۾ جمعي جي
نماز پڙهندو هو. هو جنازي نماز ۾ به ضرور شريڪ
ٿيندو هو ۽ عيد نماز وقت عطر عنبير لائي، پاڙي جي
هڪ سيٺ چندر ڀان کان موٽر ڪار وٺي، اسان کي
عيدگاهه تي وٺي هلندو هو، جتي عيد نماز پڙهڻ کان
پوءِ هو اسان کي ڪاغذ جون ڦرڻيون، ساوا ڳاڙها
جهنڊا، ڊٻڪيون، جهنجهڻ، جيڪي مٽيءَ جا ٺهيل هوندا
هئا ۽ جن ۾ ڪڻڪ جا داڻا وجهندا هئا، جي انهن ۾
وڄندا هئا ۽ ڏيڏر به وٺي ڏيندو هو. ڏيڏر مٽيءَ جي
ننڍي پيالي هوندي هئي، جنهن تي ڪاغذ چاڙهيو ويندو
هو ۽ جنهن تي ڌاڳي سان کجيءَ جي ڇڙيءَ جو سنهو
ڌاڪولو هوندو هو. جڏهن ڌاڳي کي ڇڪيندا هئاسين ته
اهو ڏيڏر وانگر آواز ڪڍندو هو. انهن کان سواءِ
ڦوڪڻا، پوپريون، چانديءَ جا پنا، مٽيءَ جا گهوڙا،
مٽيءَ جون زائفان، جن کي ڌاڳو ٻڌل هوندو هو، جنهن
کي ڇڪ ڏبي هئي ته اهي ڦرنديون هيون. مٽيءَ جون
جهرڪيون ۽ طوطا جن کي رنگين پنا لڳل هوندا هئا.
چدا، سونجنيون، بائليون ۽ ڪوڏ ملندا هئا، جي به
اسان چاهه سان وٺندا هئاسين.
عيدگاهه جي هڪ پاسي اسٽوئرٽ گنج نالي مارڪيٽ هوندو هو، جتان
بابا اسان کي طرح طرح جا ميوا وٺي ڏيندو هو.
شڪاپور ۾ انب، انجير، ننڍا صوف، توت، ڪارا شهتوت،
ڄمون، کارڪون، ڦاوران، ککڙيءَ بنا کارڪون، باد رنگ
(کيرا)، ونگيون، ڏوڪا ۽ ڏنگ ڏوڪا، لوڻيون کارڪون،
سايون خشيون، سنڌي ۽ مڪئي ٻير، ڪنگري ٻير، پيرون،
گدرا، ڪاٺ گدرا، تمام ننڍو ڪمند، پتائي گجرون،
لاهوري گجرون، هنداڻا، ڏوڏيون جن کي چئني طرف چير
نڪتل هوندا هئا ۽ جن مان آفيم نڪتل هوندو هو. ڪُم،
زريتون، ڊاک وغيره ٿيندا هئا. جي مند آهر وٺي اسان
ڍوَ ڪندا هئاسين. پوءِ وڏن جي قبرستان ويندا
هئاسين، جتي منهنجو ڏاڏو ۽ ڏاڏي پوريل هوندا هئا.
انهن جي مزارن تي دعا گهري، انهن جي قبرن تي پٽهي
وجهندا هئاسين. پٽهيءَ ۾ گلاب جا پن، انب جا پن ۽
مَهري دال هوندي هئي. اسان جن عورتن کان پٽهي
وٺندا هئاسين، تن کي آرائڻيون چوندا هئاسين.
آرائڻيون مند تي اسان وٽ گلاب ۽ رابيل جا گل پوئي
آڻينديون هيون. انهن جي ڳري قيمت گهرنديون هيون ته
به انهن کي موٽائبو نه هو، جن کي ساري مون لکيو
هو:
’عشق اسان وٽ آرائينءَ جيئن، آيو جهول ڀري،
ڪوئي ڪيئن ڪري؟‘
عيد جي ڏينهن تي شڪاپور ۾ هندستاني گويا ايندا هئا، جي فارسيءَ
۾ مختس ڳائيندا هئا، جنهن جون آخرين ٻه سِٽون
هونديون هيون:
”آهــــسته برگ گل بفشان بر مـــــــزار ما
ڪهِ نازڪ است شيشھءِ دل درڪنار ما“
ترجمو: ”اسان جي مزار تي گل آهستي رکو ـــ
ڇو ته اسان جي ڪک ۾ دل جو شيشو نازڪ آهي.“
مون کي ان وقت به خيال ايندو هو ته ڇا هتي منهنجي پيءُ جا ماءُ
پيءُ پوريل آهن؟ ڇا مٽيءَ جو ڀڀ ڀرجڻو ئي نه آهي؟
مٽي ڪيئي دارا ۽ سڪندر ڳڙڪائي چڪي آهي؟ ڇا انهن جي
ماس ۾ ٻين ماڻهن جي ماس کان سواد وڌيڪ آهي؟ اهي
ويچار ياد ڪري مون نظم لکيو هو:
”آيو موت ته روح مري ويو، جسم ٿيو آزاد،
مـٽــي اول مـٽــي آخـــر مــٽـــــي زنـده باد.“
هاڻي مان مڃان ٿو ته ’مٽي زنده باد‘ صحيح ناهي، انسان ۾ ٻي ڪا
شيءِ آهي، جا زندهه رهي ٿي، پر اهو خيال مون کي
ڏاڍو پوءِ آيو، جڏهن مون موت کي پٺيءَ تي هٿ هڻي
چيو: ”هاڻ ته ٽر، مان واندو نه آهيان.“
بابا جا ٻيا دوست هئا، ڦولناٿ جوڳي، جنهن هن کي ڪيميا جي علم
سيکارڻ جا ڏٽا ڏنا هئا. ڦولناٿ ڪن ڦاڙ جوڳي هوندو
هو. يا جنهن لاءِ ڀٽائيءَ ’ڪَنوٽياءِ‘ ’ڪن چير‘
لفظ ڪم آندا آهن. هو ڳچيءَ ۾ پٿر جو ڪنٺو پائيندو
هو ۽ هن کي گهاٽيون جٽائون هونديون هيون. هڪ ڀيري
هن بابا کي چيو هو ته اڌ تولو سون ۽ ڏهه سير ٽامون
وٺي ڏي ته هو کيس ٽامي جا ڏهه ئي سير سون ڪري
ڏيندو. هو اسان کي شهر کان ٻاهر، هڪ باغ ۾ وٺي
هليو، جتي هن ڇيڻن جو ڍير دکايو ۽ ان ۾ ڪجهه جڙي
ٻوٽيون ۽ اڌ تولو سون ۽ ڏسهه سير ٽامون
وجهارايائين. چوڌاري وڏو ڇيڻن جو ڍڳ دکارايائين ۽
بابا کي چيائين ته اهي صبح جو سون ٿي ويندا. صبح
جو جڏهن مان بابا سان گڏجي ويس ۽ ڇيڻن جي رک پري
ڪري ڏٺوسون ته اڌ تولو سون ته ڪونه هو، پر ڏهه سير
ٽامي تي سونهري جهلڪ نظر آئي پئي. ڦولناٿ بابا کي
چيو ته سون ٿورو هو، تنهن ڪري پوري ٽامي تي چڙهي
نه سگهيو. ٻئي ڀيري ٻه تولا سون وجهنداسون، پر
بابا هن جو نسخو وري نه آزمايو. هو بابا کي جوڳين
جي باري ۾ عجيب غريب ڏند ڪٿائون ٻڌائيندو هو. هو
جپ تپ ڪري، هوا ۾ اڏامي سگهندا هئا ۽ ڪنهن وقت
نانگا پربت تي وڃي نڪرندا هئا، يا دم روڪي پاڻ کي
ڌرتيءَ اندر پورائي ڏينهن جا ڏينهن جي سگهندا هئا
۽ جڏهن ٻاهر ڪڍيا ويندا ها، تڏهن انهن جي ڏاڙهي
ائين ڪوڙيل هوندي هئي، جيئن پورجڻ وقت هئي، پر
بابا هن تي اعتبار نه ڪندو هو ته ڦولناٿ ڦل ۾
گانجي جو وزم هڻندو هو ۽ چوڌاري گانجي جي ڌپ ڦهلجي
ويندي هئي ۽ پوءِ هو دعويٰ ڪندو هو ته هن اهڙو به
جوڳي ڏٺو هو، جيڪو اڀين سنگينن تي سمهي سگهندو هو
۽ هن جي پٺيءَ تي سنگينن جو ڪوبه اثر نه ٿيندو هو.
ڪيترو وقت پوءِ هن جون ڳالهيون مون هڪ انگريزي
ڪتاب ۾ پڙهيون هيون. ڪيترو وقت پوءِ ڍاڪا وڃي رهيا
هئاسين ته مون سان پنجاب جو اردو شاعر صوفي غلام
مصطفيٰ تبسم هوائي جهاز ۾ گڏ هو. هن ۽ مون پنجابي
ادب تي پئي ڳالهايو ته هن هڪ لوڪ بيت ٻڌايو:
”گـــــوري وچ تلاوان نڪتي
جيئن سلفي دي ڌار ورگي ــ“
(ڇوڪرو تلاوَ جي وچ تان نڪتي. (وارن کي ڇنڊڪو ڏنائين) ته ڄڻ
سلفيءَ مان دونهين جي ڌار نڪتي.) ان وقت مون کي
ڦولناٿ جوڳي ياد آيو هو.
ٻيو ماڻهو جيڪو روز بابا وٽ ايندو هو، ان جو نالو گهڻو ڪري امير
علي هو. هن جي ڇاتي ويڪري، منهن موڪرو، ڏاڙهي مڇون
چٽ هونديون هئس ۽ هن جي مٿي تي ڦندڻ واري ڳاڙهي
ترڪي ٽوپي هوندي هئي. هو خلافت تحريڪ ۾ شريڪ ٿيو
هو، جڏهن 1919ع ۾ مهاتما گانڌيءَ انگريزن جي خلاف
اَسهڪار جي هل چل
(Non- Co-operation Movement)
هلائي هئي ۽ ڪانگريسي هندن جو خلافت تحريڪ ۾
مسلمان سان انگريزن جي خلاف غير معمولي ۽ تعجب خيز
اتحاد ٿي چڪو هو. مانٽيگو چيلمس فورڊ سڌارو
(Mantego Chelms Ford Reform)
کي ڪامياب بنائڻ لاءِ، لارڊ جارج پنهنجي ڪئبينيٽ
جي ماڻهوءَ کي وائسراءِ بنائي هندوستان موڪليو هو،
جنهن هندو مسلمان اتحاد ختم ڪرائڻ لاءِ مهاتما
گانڌيءَ کي گرفتار ڪرايو هو. 1926ع ۾ اها اَسهڪار
جي تحريڪ ختم ٿي وئي. پر ان وچ ۾ پوري برصغير مان
ڪيترا مسلمان ۽ سنڌ مان جان محمد جوڻيجي جي
رهنمائيءَ هيٺ ڪيئي نوجوان ٻارين ٻچين ڪابل
(افغانستان) لڏي ويا ها، ڇو ته هندوستان دارالحرب
هو ۽ ڪابل دارالامان هو. جوڻيجي سان جيڪي مسلمان
گڏجي افغانستان ويا هئا، انهن سان اُتان جي
مسلمانن ڀاءُ سمجهي همدردي ته نه ڪئي، پر هنن کان
سڄو سَرو سامان ته ٺهيو، پر زالون به ڦري ورتيون.
مون اهي سڀ ڳالهيون ڪيئي سال پوءِ، جوانيءَ ۾
پڙهيون هيون. دراصل پهرين مها ڀاري لڙائيءَ ۾ ترڪن
انگريزن خلاف آسٽريليا ۽ جرمنيءَ جو ساٿ ڏنو هو.
نومبر 1918ع ۾ انگريزن ترڪيءَ کي شڪست ڏني هئي. 2
جنوريءَ تي انگلنڊ جي وزيراعظم لارڊ جارج
پارليامينٽ ۾ تقرير ڪندي چيو ته: ”ترڪيءَ جي حڪومت
۽ ان جي گادي قسطنطنيا کي ڪوئي خطرو ناهي ۽ اسان
ترڪيءَ جي اندروني معاملن ۾ دخل نه ڏينداسيون.“ پر
1919ع واري صلح ڪائونسل ۾ ترڪيءَ جي سلطنت کي ونڊڻ
ورڇڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ خلافت کي به عملي طور ختم
ڪيو ويو. خلافت تحريڪ جي باري ۾، مون ايم. اين.
راءِ جي حوالي سان ”جڳ مڙيوئي سپنو“ ۾ الڳ مضمون
لکيو آهي ۽ ان جي باري ۾ لارينس آف عريبيا جي ڪتاب
Seven Pillars of Wisdom
(سڃاڻپ جا ست ٿنڀا) ۾ به ڪجهه پڙهيو آهي.
هندوستان جي مسلمانن ان ڳالهه جي باري ۾ سخت احتجاج ڪيو. نومبر
1919ع ۾ مسٽر افضل حق جي صدارت ۾ ميڙ ٿيو، جنهن ۾
گانڌي، موتي لا، نهرو، پنڊت مدن موهن مالويه به
ڪٺا ٿيا. گانڌيءَ مسلمانن کي هندن جي پوريءَ حمايت
جي خاطري ڏني. اهي ڳالهيون مون سڀ ڪيترو وقت پوءِ
پڙهيون. بابا جو دوست امير علي ڪابل مان دلشڪستو
ٿي موٽيو هو ۽ بابا سان روئڻهارڪو ٿيندو هو ته هن
کي ٺڳيو ويو هو.
ٽيون شخص سلطان ڪوٽ جو هو، پورو نالو ياد نه ٿو اچي، شايد هن جو
نالو ڪشن چند هيو. هو بابا کي نل ’دمينتي‘،
’شڪنتلا‘، ’شوپاروتيءَ‘ وغيره جا ديو مالائي قصا
ٻڌائيندو هو. ان وقت بابا اڱرن تي ناگلي گجرون به
پچائي کائيندو هو ۽ مرغيءَ جا انڊا اوٻاري پاڻ به
کائيندو هو ۽ ٻين کي به کارائيندو هو. اها رات جي
وقت هن جي مرغوب غذا هئي.
زرينا هاڻي ترس ڪجهه دوست آيا آهن. انهن سان ملي وٺان. ٻيو قصو
پوءِ ٿو اڳتي وڌايان.
اڄ پير محمد ڪيلاش، شاهه محمد پيرزادو ۽ آصف فرخي آيا. آصف
فرخي، شاهه محمد جي مدد سان سنڌي شاعريءَ جي
ائنٿالاجيءَ
(Anthology)
جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري رهيو آهي. فرخي، عطيه
دائود جي شاعريءَ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو اڳ ئي ڪري
چڪو آهي. هن جڏهن موڪلايو ته پنهنجا ٽي ڪتاب تحفي
طور ڏئي ويو، جي منهنجو پٽ ڊاڪٽر سليم لاهور کڻي
ويو ۽ چيائين ته فرصت جي وقت پڙهندس. هڪڙو ڪتاب
ذيشان ساحل جو ’ڪراچي اور دوسري نظيمن‘ به ڏنائين.
ٻئي ڏينهن تي مشتاق باگاڻي، عبدالحميد ابڙو ۽ بدرالدين اڄڻ آيا.
عبدالحميد ابڙو ملير ۾ سيشن جج آهي ۽ منهنجي
شاعريءَ جو مداح آهي. بدرالدين اڄڻ لاڙڪاڻي ۾
اسسٽنٽ ڪمشنر آهي ۽ ٽي. ايس. اليٽ تي ڪتاب لکيو
اٿائين ۽ جڏهن سکر ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر هيو، تڏهن
منهنجي دعوت ڪئي هئائين، جا مون آتم ڪهاڻيءَ جي
پهرين حصي ۾ فتاح ملڪ جي نالي سان منسوب ڪئي آهي.
ٽئين ڏينهن تي پير محمد هڪ لڄاريءَ ۽ سٻاجهيءَ
اردو شاعره سان گڏجي آيو، جنهن مون کي پنهنجو ڪلام
ٻڌائي، منهنجو رايو وٺڻ چاهيو ته هوءَ وڌيڪ مشق
جاري رکي يا نه؟ مان هن جي ڪلام ۾ ايترو محو ٿي
ويس، جو هن کان سندس نالو به نه پڇيم. ممڪن آهي
ته هن پنهنجو نالو ٻڌايو، پر مون کان وسري ويو
آهي. هوءَ ايم. بي. بي. ايس جي پوئين سال ۾ آهي ۽
چيائين ته امتحان ڏئي پنهنجي ساري شاعريءَ کي
ترتيب ڏيندس ۽ ان جي فوٽو ڪاپي اوهان کي ڏيندس.
ويندي وقت مون هن کي چيو: ”ڌيءُ! تنهنجي لاءِ
منهنجو دروازو هر وقت کليل آهي. تون جڏهن چاهين،
اچي سگهين ٿي.“ مشتاق باگاڻي پنهنجي بيتن ۽ وائين
جو مجموعو ڏئي ويو هو ته ان تي مان پيش لفظ لکان.
مشتاق باگاڻي پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي جاگرافيءَ
کي امر ڪيو آهي. هو هڪ شوقين شڪاري آهي ۽ جڏهن
سکر ۾ هوندو هو، تڏهن مون کي بار بار شڪار جي دعوت
ڏني هئائين، پر مان هن سان نه وڃي سگهيو هوس. هو
وائيءَ جو ماهر آهي. مان هن جي پوئين صفحي تي ڏسان
ٿو ته مون کي هڪ عجيب وائيءَ تي نظر پئي ٿي:
منهنجا موسيٰ يار،
هاڻي ڇڏ شڪار،
تو پڻ ليکو ڏيڻو.
ڇمر ڪيو پيا ڇلن ــ اوچي ساڻ اڏار،
تو پڻ ليکو ڏيڻو.
ڪَوڙين ڪنڌ ڪپي ڇڏيئه، ساري سڀ ڄمار،
تو پڻ ليکو ڏيڻو.
موسيٰ هڪ ڳوٺاڻي جو نالو آهي. يار باگاڻي! تو هڪڙا شڪار ڪيا
آهن، مون ٻيا ۽ ٻئي اڄ تائين ليکو ڏئي رهيا آهيون.
زرينا! توکي معلوم آهي ته منهنجي ماءُ اصل هندياڻي هئي ۽ پوءِ
مشرف به اسلام ٿي هئي ۽ بابا سان شادي ڪئي هئائين.
امان جا ڀائر باغن جا ٺيڪا کڻندا هئا. اتي هو
سبزيون پوکيندا هئا. ڪريلا، توريون، ڀينڊيون،
واڱڻ، گجرون ۽ موريون وغيره. باغن ۾ کوهه هوندا
هئا، جي سارو ڏينهن ڍڳا گيڙيندا ها. منهنجي ماءُ
کي هڪ خوبصورت ڀيڻ به هئي، جنهن جي اتفاق سان ننڍي
هوندي ڪُتر جي مشين ۾ اچي، اڌ ٻانهن ڪپجي وئي هئي.
ٻئي ڀينر ڪنهن نه ڪنهن کوهه جي نيسر هيٺان وهنجي،
ڪچيون گجرون ۽ موريون به کائينديون هيون ۽ جوئر جي
ڍوڍي سان پڪل ڪريلا يا واڱڻ جو برٿو به کائينديون
هيون. جنهن ۾ انبڙين جون ڪپيل ٽڪريون به وجهنديون
هيون ۽ ڪريلن کي چير ڏئي، انهن ۾ مصالحا ڀري،
ٽانڊن تي پچائينديون هيون. انب چور هو انبڙيون
سڪائي، حمام دستي ۾ ڪٽي ٺاهينديون هيون. اهڙيءَ
طرح منهنجا ماما ساوا مرچ سڪائي ڪٽيندا ها. هو توت
يا شهتوت کي ڌوڻي، ڌرتيءَ تان توت ميڙي کائينديون
هيون ۽ ڪڏهن ڪارن انجيرن جي وڻن مان انجير پٽي
کائينديون هيون. منهنجن مامن جي باغن ۾ کجيون به
هونديون هيون، جن ۾ بنا ککڙيءَ جي کارڪون ٿينديون
هيون. جي جهول ۾ ڀري، منهنجي ماءُ ۽ ماسي رڌل
چانورن سان کائينديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن چانورن سان
پتاشا انب به کائينديون هيون. باغن ۾ ڄمن جا ٻه ٽي
وڻ به هوندا هئا، جن مان مند ۾ ڄمون به پٽي
کائينديون هيون. توتن، شهتوتن، انبن ۽ انجيرن جي
وڻن تي ساوا طوطا کين ڏاڍا وڻندا هئا، ڇو ته اُهي
وڻن جي پنن وانگر لڳندا هئا. انهن مان ڪنهن کي
جهار هڪليندي باغائيءَ جو ڳوڙهو لڳي ويندو هو ۽ هو
ڦهڪو ڪري پٽ تي ڪِرندو هو ته هو ان کي پيار سان
کڻي پاڻي پيارينديون هيون ۽ جي هو ڪنڌ لاڙي مري
ويندو هو ته روئنديون هيون ۽ نڪ اگهي اگهي طوطي جي
چهنب وانگر ڳاڙهو ڪري ڇڏينديون هيون. کارڪن جي مند
۾ وهيا هزارين ڪوهه ڪهي ايندا هئا. اهڙي ڪهڙي اجهل
ڇڪ هنن جي رڳ رڳ ۾ ڇُپيل هوندي هئي، جا هنن کي پاڻ
رستو ڏيکاريندي هئي. وهئي جو سائبريا مان مُند تي
اچڻ، خدا جي وجود جو بهترين ثبوت آهي. فطرت سان بي
انتها محبت مون کي ماءُ کان ورثي ۾ ملي آهي.
|