تهه اونهاري ۾ جڏهن ڇُڙيو پاڻي واهن ۾ ايندو هو ۽ ٽاڪ منجهند جو
جڏهن ڪانوَ جي اک نڪرندي هئي، هُو اسان جي گهرن ۾
گهڙي اينديون هيون ۽ ٺڪر جي ڪنگرين مان پيرون ڪڍي
وڪڻنديون هيون، جي اسان چاهه سان کائيندا هئاسين.
ڇا دنيا جي ڪابه طاقت اسان کي انهن ساروڻين کان روڪي سگهي ٿي؟
ڇا ساروڻين تي زنجير پئجي سگهن ٿا؟ اها ٻي ڳالهه
آهي جو اسان جو نئون نسل ويسر جي انڌي کوهه ۾
ڪِريو آهي ۽ دنيا ۾ ان ڇا وڃايو آهي، ان جو هن کي
ڪوبه احساس ڪونهي. ڇا مان پنهنجي تحرير ۾ اها دنيا
بچائي سگهان ٿو، جا برصغير جي تاريخ جو حسين ترين
خواب هئي. ڇا پبلو نرودا جي شاعري ميڪسيڪو ۽
لاطيني آمريڪا جي جهوني تهذيب کي بچائي سگهي هئي؟
ڇا برصغير ۾ ڪوئي اهڙو شاعر يا اديب آهي؟
مان سرفراز جي گفتگوءَ جي تسلسل کي ٽوڙڻ نه ٿو چاهيان ۽ جيئن هو
چوي ٿو لکندو ٿو وڃان: ”اسان ڇتين ۾ ڪاٺ جا پينگها
به ٽنگيندا هئاسين ۽ جنڊيءَ لٿل ڪاٺ جي پاون سان
هندورا به هوندا ها، جي ڪشمور ۽ هالا جا ٺهيل
هوندا ها. اونهاري ۾ اسان هالا جي هندوري ۾ لڏندا
هئاسين. ڏنومل، پمن مل، گندومل ڀرسان رهندا هئا.
ڀرسان راڌا نالي هڪ بنگالي عورت به رهندي هئي، جا
هڪ سنڌي هندو خريد ڪري آيو هو. هوءَ جڏهن وهنجندي
هئي ته مان نم جي ڏار تان پنن ۾ لِڪي، هن جي در
مٿان کتل لوهي سيخن جي اندر ڏسندو هوس. هوءَ
سانوري هئي ۽ ڪچي زيتون وانگر لڳندي هئي. گهر جي
سامهون ٽِڪي رهندي هئي، جنهن جو ڪرڙوڍ پٽ هڪ ننڍي
نيٽيءَ سان شادي ڪري آيو هو. اها مون کي ڏاڍا پاسا
ڏيندي هئي، جڏهن مان فرسٽ ايئر ۾ پڙهندو هوس ۽
بلوغت تي پهتو هوس. ڪرڙوڍ مڙس مان هن کي رڄ نه
ٿيندو هو. ڌني جي گهر ۾ هن کان اڳ وشنا رهندي هئي،
جنهن جو مڙس ڪوئيٽا ۾ زلزلي ۾ مري ويو هو. زلزلي
جي خبر جڏهن شڪاپور ۾ پهتي هئي، تڏهن ماڻهو ڍڍڪرا
ڪري روئي رهيا هئا ۽ مٿو پٽي رهيا هئا، ڇوته
اونهاري ۾ غريب شڪارپوري هندو به ڪوئيٽا وڃي
ڌرمشالائن ۾ رهندا هئا ۽ انهن مان ڪيئي مري ويا
هئا. وشنا کي هڪ ٻار هو. جوان وڌوا هڪ پَٽ تي
ڪِريل پڪي انب وانگر لڳندي هئي. ان ٻال وڌوا کي
ڏسي، مون کي ٽئگور ۽ شرت چندر چئٽر جي جا ناول ياد
ايندا هئا.
اي هومر کان هائنيءَ تائين شاعرؤ! اي. ٽي. ايس. ايلٽ،
ازراپائونڊ، اي سُوريلي شاعرؤ! لوئي آرگون پال،
اليوار، اي.ليو پارڊي، اي تاريخ نويسؤ! آرٽسٽؤ! جن
کي مون راتين جون راتيون جاڳي پڙهيو آهي ۽ دوستي
رکي آهي، مون لاءِ ايتري معنيٰ نه ٿا رکو، جيتري
اهي عام ماڻهو، اهي گمنام ماڻهو پنهنجي گذران لاءِ
پريشان ماڻهو، آرٽ ۽ ادب کان بي بهره ماڻهو رکن
ٿا. مون لاءِ پنهنجي ڌرتيءَ جي ڪنڊ ڪنڊ ڏاڍي وسيع
آهي. ڪريملن، ميرشاهه جي قبي ۽ لينن گراڊ ، لکي در
کان ننڍا آهن. نه گهرجن مون کي اهي ميوزيڪل ڪنسرٽ،
مون لاءِ مسرور فقير جي سِتار ڪافي آهي. اي دنيا
جا اهم ماڻهؤ! اوهان ناراض نه ٿيو، مان اوهان مان
ڪن تي اڳي ئي لکيو اهي ۽ ٻين تي ڪنهن وقت لکندس.
قدرت مون کي ايتري وٿي ڏيندي جو سڀ سان ليکو چوکو
لاهي وڃان! مون کي واري واري سان خدا بچائي ان ڪري
ورتو آهي، جيئن مان هن ڌرتيءَ جو قرض موکي وڃان.
شڪارپور ميونسپالٽيءَ ۾ هڪ ڊريو صاحب نالي انگريز ايڊمنسٽريٽر
ٿي آيو، جو هڪ هندو طوائف نونا سان عشق ڪندو هو،
جيڪا هاٿي در لڳ رهندي هئي. مون اها نونا ڏٺي هئي.
ڪافي سال اڳ مون کي امراؤ جان ادا ۾ راڻيءَ جو
ڪردار ڏسي اها عورت ياد آئي هئي. هوءَ شڪارپوري
هندياڻي هئي ۽ ريشمي پڙو ۽ گج پائيندي هئي ۽ کيس
پيرن ۾ سونا گهنگهرو ٻڌل هوندا هئا ۽ هاٿي در تي
ايندي ويندي وڄ وانگر لشڪارا ڏيندي هئي. تن ڏينهن
۾ مون لاءِ هوءَ طلسم هوشربا هئي، جا مون ٻئي يا
ٽئين درجي سنڌيءَ ۾ پڙهي هئي. پوءِ ته جوانيءَ ۾
ايتريون طلسم هوشربائون منهنجي آغوش ۾ آيون جو
ڪئسانووا مون کي ڏسي ها ته مون سان رشڪ ڪري ها! ڇا
هي مان پاڻ ۽ پنهنجي خاندان سان زيادتي ڪري رهيو
آهيان؟ عيسائيت ۾ ته اعتراف ۽ اقبال جرم
(Confession)
ماڻهوءَ جي هر گناهه کي ڌوئي، هن کي اڇو اجرو ڪري
ڇڏيندو آهي؟ ڇا روسو کي اولاد نه هئي، جنهن پنهنجا
اعتراف لکيا هئا. ڇا هيمنگ وي کي اولاد نه هئي؟
جنهن ڪلمنجارو جي برف
(Snow of Kilmanjoro)
۽ ٻين ناولن فيسٽا
(Fiesta)
وغيره ۾ پنهنجا معاشقا لکيا آهن. هيمنگ وي جي ته
پٽ پيءُ جي سوانح حيات لکي آهي. سعادت حسن منٽو جو
لاهور ۾ رهندو هو ۽ ترقي پسند هو، سو ته پنهنجي
جاءِ تي، پر شورش ڪاشميريءَ جهڙي اسلام پسند اديب
به ”اس بازار مين“ ڪتاب لکيو آهي.
عيسائيت ۾ اعترافِ گناهه ارتدادِ گناهه آهي ۽ منهنجا ڪتاب ئي ته
منهنجا خطبه گاهه
(Pulpit)
آهن.
مون ۾ عيب اپار جو اعتراف اهو کنڀ آهي، جنهن جو کٽي صرف خدا جي
ذات آهي. مان پنهنجي شاعريءَ جي سٽ، ”سڀ سانگ
سجايو آ پيارا“ موٽائي ٿو وٺان، پر پوءِ به پنهنجي
ذات جي تڪميل لاءِ اهو تفصيل ضروري آهي. جڏهن عارض
و لب ائين لهلهائيندا هئا، جو منهنجي زندگي لاله
زار ٿي ويندي هئي.
هاڻي وري موٽان ٿو پنهنجي سالي سرفراز ڏانهن. هو سَتي جَتي رهيو
آهي ۽ هن مهل تائين شادي نه ڪئي اٿس ۽ انهيءَ اميد
تي آهي ته ڪنهن وقت حوران هن جي هنج ۾ هونديون. هو
ٻين به ڪيترن هندو مسلمان پاڙي وارن جو ذڪر ڪري
ٿو. اسان جي پاڙي ۾ هڪ آچر اپاهج رهندو هو، جنهن
کي نه ٻانهون، نه ٽنگون هونديون هيون ۽ جنهن کي هڪ
گاڏڙي ۾ هيٺان رلهي وجهي ليٽائي ڇڏيو هئائون ۽ هن
کي هٿ سان ماني کارائيندا هئا. هن جي ڳالهه مون ان
ڪري ڪئي آهي ته اهو ڏيکاريان ته جنسي ناآسودگي هڪ
اپاهج کي به ڪيترو بيچين بڻائي ٿي ۽ جنسي آسودگيءَ
کان پوءِ، هن جو منهن ائين ٿو ٽڙي جيئن برسات ۾
ڀتر جو گل ٽڙي پوندو آهي.
هڪ ڀيري مان شڪاپور ۾ سُڪي تلاءَ وٽان نعيم صديقيءَ جي گهر
ڏانهن وڃي رهيو هوس. جتان تلاءَ شروع ٿئي ٿو، اتي
هڪ وئشيا رهندي هئي. اڃان مان موڙ وٽان لنگهيس ته
ڇا ڏسان ته اها وئشيا ان اپاهج آچر کي هنج تي کڻي
پنهنجي گهر وڃي رهي آهي. آچر هن کي چيو ته هن
رلهيءَ هيٺان ٻه رپيا رکيا آهن. وئشيا رلهي مٿي
کڻي پائليون ۽ آڌيون ڳڻي ٻه رپيا کنيا. آچر ائين
هشاش بشاش لڳي رهيو هو، ڄڻ سڪندر اعظم مئسي ڊونا
فتح ڪئي هئي. آچر کي ياد ڪري مون کي وڪٽر هيوگو جو
ناول ”ناٽرڊيم جو ڪُٻو“
(Hunchback of Notredam)
۽ مغرب جو عظيم مصور تلوس لوترڪ
(Tolouse Lautric)
ياد آيا، پر اهي ٻئي ايترا اپاهج نه هئا. ڇا آچر
ڪنهن عورت سان شادي ڪري سگهي ها؟ اهو سوال آسمان
جي ڪنگري ۾ ڪنهن ڪمند وانگر وڃي اٽڪي ٿو.
هن جي تقدير ائين ڇو ٿي، ان جو ڪوئي غيب جو ڄاڻو ئي جواب ڏئي
سگهي ٿو. هو اهي ٻه رپيا هفتي ۾ بيک وٺي ڪٺا ڪندو
هو ۽ رتيءَ جي رهاڻ تي گهوري ڇڏيندو هو. مان جڏهن
موٽي آيس تڏهن ڏٺم ته اها وئشيا آچر کي ڪڇ ۾ گاڏڙي
۾ ليٽائي رهي هئي.
مون کي ڪنهن دوست ٻڌايو هو ته هو ڪنهن پٺاڻيءَ طوائف وٽ شب
باشيءَ لاءَ ويٺو هو ۽ اڃان ڪپڙا لاهي رهيو هو ته
هڪ فقير وئشيا جو در کڙڪائي سئن هنئين. وئشيا در
کولي هن کي چيو ته ڀر واري ڪمري جي در وٽ اچي، ڇو
ته هن جا پئسا اتي پيا آهن. مُنهنجو دوست کٽ تي
ويٺو رهيو، پر پورو ڪلاڪ هوءَ نه آئي. جڏهن واپس
آئي تڏهن، هن کان معافي ورتائين ۽ چيائينس ته:
”فقير بابا ڏاڍو چرس پيتو هو ۽ گهڻي دير لاتائين.“
”فقير توکي خيرات ڏني يا تو فقير کي خيرات ٿي ڏني.“ منهنجي دوست
پڇيس. ”چرس پيتو هئائين يا نه، هڪ رپئي ڏيڻ ۾
ڪيتري دير ٿئي ها؟“
طوائف جوان ڏنس: ”رپئي جو سوال نه آهي، فقير خيرات ۾ تو وانگر
شب باسي گهرندو آهي ۽ جي مان هن کان انڪار ڪندي
آهيان ته هو هليو ويندو آهي، مون کي پِٽ جو ڏاڍو
ڀؤ ٿيندو آهي.“
اي شرت چندر چئٽرجي، توکان چترليکا وسري وڃي، جي آنءُ توکي اهي
سڀ مشاهدا ٻڌايان، جيڪي مون تائين پهتا آهن. اي
هينري ملر! اي. ڊي. ايڇ. لارينس! اي سعادت حسن
منٽو! اي عصمت چغتائي! اي ڪرشن چندر! اي راجندر
سنگهه بيدي! اي موهن ڪلپنا! ڇا اوهان معاشري جي
ناسور جي پوري جراحت ڪري رهيا هُئو يا ان کي
لاعلاج ڪري رهيا هئو؟
اوهان کي معلوم آهي ته منهنجي ڪتاب ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙِي“ تي
بندش وقت هڪ الزام اهو به هو ته ان ۾ فحاشي آهي.
ڇا سچ به فحش ٿي سگهندو آهي؟
سرفراز کان نيو ايرا اسڪول وسري نه ٿو وسري. هو به مون سان
ساڳئي اسڪول ۾ پڙهندو هو ۽ مون کان هڪ سال سينيئر
هو. نيو ايرا اسڪول جي باغ ۾ هڪ کوهه هو. جنهن جي
ڀرسان ڄمون، توت ۽ زيتون جا وڻ هوندا هئا، کوهه
جون ڪنگريون مون کي جنم جنم جي چڪر وانگر لڳنديون
هيون ۽ پنهنجي پاڻي اوتي ڦرنديون رهنديون هيون.
طوطا ۽ بربليون، توت ٽڪي اڏامي ويندا ها. بربلين ۽
طوطن تي ڪابه پابندي نه هوندي هئي ته هڪ ئي توت يا
زيتون کي ٽڪين. نيو ايرا اسڪول جو مالڪ مينگهراج
هو، جنهن جي ڌيءَ شانتي، اڃان تائين الهاس ننگر ۾
رهندي آهي. هو اسان کان سڏ پنڌ تي رهندا هئا.
نيو ايرا اسڪول ۾ ماستر کيئل داس فاني، پيتامبر داس، بودا رام
ڀوڄراج، پريم چند گانڌي، لڇي رام ۽ ڦتي چند هوندا
ها. انهن مان کيئل داس بچيو هو ۽ مون سان ڀارت جي
سيمينار تي ڀوپال مان ڪهي ملڻ آيو هو ۽ ان تي فخر
محسوس ڪري رهيو هو ته هو منهنجو استاد آهي. هو ڏيڍ
ٻه سال کن اڳ گذاري ويو. هن وقت تائين سندس رک
گنگا مان لڙهي وڃي سمنڊ تائين پهتي هوندي. ڪيڏا نه
اهي هڏ ڏوکي استاد هئا! انهن مان ڦتي چند ڪلاس مان
ڇُٽي ٿيڻ کان پوءِ، ڏهن ڇوڪرن جو اسپيشل ڪلاس
وٺندو هو ۽ ان لاءِ هو ڪائي وڌيڪ في نه وٺندو هو.
ايتريءَ ننڍيءَ عمر ۾ هن اسان کي 1857ع واري بلوي
تي ڪافي ليڪچر ڏنا ها ۽ سمجهايو هو ته آزاديءَ جي
بيک نه ملندي آهي، نه اها گهه ڳڙندي ڳٽي (ڪُٽي)
آهي جا ڳڀرو کائي سگهن. آزادي ڪاليءَ وانگر خون جي
ڀيٽا گهرندي آهي ۽ جڏهن ڌرتيءَ جي خون سان آبياري
ٿيندي آهي، ان مان اهي سدا گلاب ٽڙندا آهن، جي
ڪڏهن به نه مرجهائبا آهن. ڌرتي ماتا آهي، ان جي
مٽيءَ مان مٿي تي تلڪ ڏيندؤ ته اهو اوهان جي ماٿي
تي چنڊ وانگر چمڪندو. ڪيترن قوم پرستن هندن ۽
مسلمانن کي انگريزن جنم ٽيپ ڏئي انڊمان ۽ نڪوبار
ٻيٽن تي قيد ڪري رکيو هو. جتي هنن جا هڏا به ڳري
ويا هوندا. جن کي سج ۽ چنڊ جا ڪِرڻا روز چمندا
هوندا. اوهان کي انگريز سامراج کي تهس نهس ڪرڻو
آهي. ان لاءِ گانڌي ۽ نهرو جيان مزاحمت ڪريو.
آزادي ڏني نه ويندي آهي، ڇني وٺبي آهي، بيک ۾ فقط
اوبر جا ٽڪر ملندا آهن.
هُو 1857ع جو پس منظر به ٻڌائيندو هو ته ڪيئن روٽيون ورهائي
پيغام ڏنو ويو ته انقلاب آڻڻو آهي. هن وير ساورڪر
جو ان موضوع تي ڪتاب به پڙهيو هو. جڏهن ساورڪر کي
انگريزن پاڻيءَ جي جهاز ۾ انگلنڊ ٿي وٺي ويا ته هو
جهاز مان سئيز ڪئنال ۾ ٽٻو ڏئي، مصر جي گهٽين ۾ گم
ٿي ويو، جتان هو فرانس پهتو هو، جتي هن اهو ڪتاب
’1857ع‘ غالباً فرينچ ۾ لکيو هو، جو پوءِ
انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيو هو. ماستر ڦتي چند پوءِ
انقلاب جي ڪارڻن تي ٻڌائيندو هو. جيڪي دهلي،
ڪانپور، اوڌ، بهار، جهانسي، راجپوتانا، مڌيه پرديش
۾ ٿيو هو، ان جي باري ۾ ٻڌائيندو هو. انگريز،
بهادر شاهه ظفر جي ٻن پٽن کي قتل ڪيو هو ۽ پوڙهي
بادشاهه کي نظربنديءَ ۾ رنگون موڪليو هئائون.
جهانسي جي راڻي ۽ تانتيا ٽوپي انگريزن کي خوب ٽوٽا
چٻايا، پر آخر هو به ماريا ويا ها. هندو ۽ مسلمانن
جو گڏجي خون وهيو هو ۽ مذهب جي فرق جي باوجود رت
جو رنگ ساڳيو ٿيندو آهي.
پوءِ هن ٻڌايو ته 16 صديءَ عيسويءَ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي خاص
تجارتي پروانو ڏنو ويو هو، پر آهستي آهستي ڪمپني
ديس تي قبضو ڄمائيندي وئي هئي. 1639ع ۾ ايسٽ انڊيا
ڪمپنيءَ مدراس فتح ڪيو ۽ 1668ع ۾ ممبئي حاصل
ڪيائين، جو هڪ ننڍو ڳوٺ هو. جيستائين 17 صدي پوري
ٿي، انگريز سؤرت کان ممبئي تائين ۽ مدراس کان
ڪلڪتي تائين قبضو ڪري ويا هئا. فرينچ قوم جي قبضي
۾ فقط پانڊيچري رهي هئي ۽ پورچو گيزن جي قبضي ۾
گوڊامن ۽ ڊيو. 1676ع ۾ پهريون ڌڪ ڪمپنيءَ کي بنگال
۾ هنيو ويو، جتي نواب سراج الدوله ڪجهه انگريز مرد
۽ زالون جيل ۾ وجهي ڇڏيا. پوري تفصيل تي انگريز ۽
هندوستاني تاريخدان متضاد رايا ڏين ٿا. 1646ع ۾
انگريز جن ۾ 123 مرد ۽ عورتون هيون، رُکهه ۽ ٻوساٽ
۾ مري ويون. انگريزن ان ڪاري ٻلکڙي جو پورو پورو
فائدو ورتو.
رابرٽ ڪلائيو ڪجهه سَوَن سپاهين سان گڏجي، نواب سراج الدوله کي
پلاسيءَ جي جنگ ۾ شڪست ڏني. ان کان پوءِ بهانا
ڳولي ڪلائيو بهار ۽ اوڙيسا هٿ ڪئي. ان ڪري انعام
طور هن کي ٻه ڀيرا گورنري ملي. مغلن کي پئسا ڏئي،
کانئن انهن تي هن قبضي جي اجازت ورتي، جا کيس ستن
سالن تائين ڏني وئي. جڏهن 1921ع ۾ اهي ست سال ختم
ٿيا، تڏهن ڪمپنيءَ انهن صوبن تي پنهنجي سلطنت قائم
ڪري ڇڏي. هندوستان ڦري لٽي ڪلائيو گهر موٽي ويو.
هن تي سندس ضمير ايتري ملامت ڪئي، جو هن خودڪشي
ڪئي. ان وچ ۾ انگريزن مدارس جي چوڌاري پنهنجي
حڪومت مضبوط ڪئي. هنن مرهٽن سان معاهدو ڪيو هو، جو
ختم ڪيو ويو ۽ 1782ع ۾ هنن کي وعده خلافيءَ جي سزا
ڏني وئي. 1767ع، 1780. 94ـ1790ع ۾ حيدر علي ۽ ٽيپو
سلطان انگريزن کي ٽوٽا چٻايا ها. مون ٽيپو سلطان
جو پنهنجي نظمن ۾ ذڪر ڪيو آهي. تازو مون ٽيپو
سلطان جي تلوار
(The Sword of Tipu)
انگريزيءَ ۾ هڪ عاليشان ناول پڙهيو، اهو تحفي طور
منهنجي دوست لڇمڻ ڀاٽيا مون کي جئپور ۾ ڏنو هو.
اهو ناول ڀڳوان گدواڻيءَ لکيو آهي، جو 1923ع ۾
ڪراچيءَ ۾ ڄائو هو ۽ چوئٿرام گدواڻيءَ جو ڀائيٽو
آهي، جيڪو انڊين نئشنل ڪانگريس آف سنڌ جو صدر هو ۽
جي. ايم. سيد جو دوست هو ۽ جنهن سان ۽ جي. ايم.
سيد جي منظور نظر ڄيٺي سپاهي ملاڻي سان منهنجي
ملاقات پروفيسر رام پنجواڻيءَ جي ڪراچيءَ واري
فلئٽ ۾ ٿي هئي. تڏهن مان بي. اي جو شاگرد هوس. ان
ڪتاب تي ڪافي محنت ۽ ريسرچ ٿيل آهي. ان ۾ لکيل آهي
ته جڏهن لارڊ ويلسليءَ ميسور تي گهيرو ڪيو، تڏهن
ٽيپو سلطان نئپولين بونا پارٽ کي مدد لاءِ خط لکيو
هو. نئپولين خط جو جواب لکيو، جيڪو ناول جي صفحي
313 تي ڏنل آهي. نئپولين اهو جواب مڪي جي امير
ذريعي موڪليو، جيڪو جدي ۾ پڪڙجي پيو هو. ٽيپو،
فرينچ انقلاب ۽ نئپولين جو مداح هو. پوءِ انگريزن
مرهٽن جي ٻڌيءَ کي ڊاٺو ۽ هڪ هندو راجا کي ميسور
جي تخت تي ويهاريو. مون جنگ آزاديءَ جي عظم هيرو
نانا صاحب تي منوهر مال گونڪر جو ناول ”شيطاني
طوفان“
(The Devil’s Wind)
به پڙهيو آهي.
برما 1814ع کان ڪجهه سال پوءِ فتح ڪئي وئي. افغانن جو 1842ع
تائين زور ٽٽو، پر هنن کان حڪومت کسي نه وئي.
1839ع کان 1842ع تائين سنڌ کي فتح ڪيو ويو، جيڪي به محب وطن ان
جنگ ۾ ماريا ويا، انهن مان هوشو شيديءَ کان سواءِ
ٻئي ڪنهن جي به قبر جو نشان نه مليو آهي. آخر ۾
1849ع ۾ سکن کي شڪست ڏني وئي ۽ انهن کان اڌ سلطنت
کسي وئي. ڦتي چند پوءِ 1857ع تي بلوي جي باري ۾
ٻڌائيندو هو ۽ چوندو هو ته اهو انقلاب ۽ آزاديءَ
لاءِ پهرين جنگ هئي، جيڪا ناڪامياب ٿي هئي. انگريز
ڪهڙي به جک مارين، پر اها جنگ آزاديءَ لاءِ هئي.
اهڙيءَ جنگ ۾ ليکا چوکا نه ٿيندا آهن ته ڪير ڏوهي
۽ ڪير بيڏوهي ماريا ويا. باهه اهو نه ڄاڻندي آهي
ته ڪهڙو ڪانو سُڪو آهي ۽ ڪهڙو ڪانو آلو آهي!
ڪاليءَ جي تلوار کي رت جي پياس آهي. رت، رت آهي،
پوءِ بي گناهه جو هجي يا گنگهار جو. ڦتي چند 1857
کان وٺي 1931ع تائين اسان جي تاريخ ۾ ڇا ٿيو آهي،
اسان کي ٻڌائي چوندو هو ته اها خوني جنگ ايندي،
جنهن ۾ رت جا درياهه وهندا ۽ جن ۾ انگريزن جا
ايترا لاش هوندا جو انهن کي کائڻ لاءِ مانگر مڇ به
نه ملندا. هن کي اها خبر نه هئي ته انگريز ته ڦرلٽ
جو مال کڻي وڃي لنڊن وسائيندا، نهرو جنهن ڪرپس مشن
پلان نه پئي قبوليو، ليڊي مائونٽ بيٽن جي عشق ۾
ورهاڱو قبول ڪندو ۽ هندو مسلمان ۽ سک هڪ ٻئي کي
ڪپي ماريندا ۽ ايترو رت وهندو جو هيءَ ڌرتي گهٽ ۾
گهٽ ويهينءَ صديءَ جي خاتمي تائين ڌوئي نه سگهندي.
کيئل داس فاني، جيئن مون اڳ چيو هو، منهنجي شاعري درست ڪندو هو
۽ مون کي بحر وزن به سيکاريندو هو، جو مون ڪجهه
مهينن ۾ سکي ورتو.
سائين هاسانند مون کي ٽئين درجي ۾ انگريزيءَ ۾ پڙهائيندو هو ۽
هن ئي مون کي انگريزي ادب سان روشناس ڪرايو هو. ان
وقت مون کي شيلي جي نظم جو هڪ بند هر هر ياد ايندو
هو، جيڪو هاسانند مون کي لکايو هو:
The desire of the moth for the star
Of the night for the morrow
The devotion to some thing afar
From the sphere of our sorrow.
ترجمو: (پرواني جي ستاري لاءِ تمنا
رات جي ڏينهن لاءِ
ڪنهن ڏورانهين شيءِ لاءِ پنهنجي عقيدت
پنهنجي غم جي دائري مان.)
مان شيلي کان ته گهڻو اڳتي نڪري چڪو آهيان- پر اهو شعر منهنجي
روح ۾ واسو ڪري ويو آهي. مصحفيءَ جو هڪ شعر ياد
اچي رهيو آهي:
”چلي چلي بهي جا جرس غنچھ کي صدا په نسيم
کهين تو قافلھء نو بهار ڻهري گا.“
ترجمو: (اي هوا! ان سنک جي آواز تي هلندي رهه
ڪٿي ته نئين بسنت جا پانڌيئڙا ترسندا.)
هاڻي وري نيو ايرا اسڪول ڏانهن. اسان جا ٻه ماستر ڌني چند
بودارام ڀوڄراج، پريم چند گانڌي هوندا.
ڪَبوءَ نالي هڪ ڇوڪري هوندي هئي، جنهن جو گهر سائينءَ جي اوتاري
۽ لکي در جي وچ تي هو. هن کي اڇا ڪبوترائي ڳل
هوندا هئا. مان جڏهن به هن جي گهر وٽان لنگهندو
هوس ته هوءَ ۽ هن جي وڏي ڀيڻ وائک لاءِ ڏاڪڻ مٿان
ٺهيل چبوتري تي، ڪرسيون وجهي ويٺيون هونديون هيون.
سن ستيتاليهه جي شروعات ۾ پاڪستان ٺهڻ جون ڳالهيون
ٿي رهيون هيون ته مون کي ۽ هڪ ٻئي ڇوڪري کي ماستر
ڀوڄراج چيو: ”هيڊ ماستر مينگهراج جي گهر وڃو ۽
اندر وڃي سڌو هن جي ڪمري ۾ هليا وڃو.“ هن جي گهر
جو ٻاهريون دروازو کليل هو ۽ پهرين ماڙ تي سندس
زال ماني پچائي رهي هئي ۽ سيخن واري ڪٽهڙي مان نظر
اچي رهي هئي. انهيءَ جا ساري عمر ڦلڪا ويليندي،
وار اڇا ٿي ويا ها، ڄڻ انهن تي ڪنهن اڻ ڳوٿل اٽو
هاريو هو. اسان سڌو اندر ڪمري ۾ هليا وياسين، جيڪو
هال وانگر هو. ڏٺوسين ته ڪبوءَ جي وڏي ڀيڻ، جا
ڀرپور جوانيءَ تي رسي چڪي هئي ۽ جنهن جو اڃان ڪنهن
سڱ نه ورتو هو. مينگهراج جي ڪڇ ۾ پئي هئي ۽
مينگهراج هن مان سيتا ڦل پٽيندو، ٽوڪرو ڀريندو ٿي
ويو. اسان کي ڏسي ٻئي ڇرڪي ويا ۽ جيئن پٿر لڳڻ سان
ڪبوتر ۽ ڪبوتريءَ جي ڳٽ ڳٽ بند ٿي ويندي آهي ۽ هو
ڇڄهري تان پٽ تي لهي ايندا آهن، هو ٻئي چپ ٿي ويا.
مون کي وڌيڪ ڌڌڪو آيو ۽ پنهنجي ماستر ڀوڄراج تي
ڪاوڙ آئي.
مان مينگهراج وٽ ويندو هوس ۽ شانتيءَ سان منهنجي ڏيٺ ويٺ هئي.
هڪ ڀيري هوءَ اسٽيشن تان موٽي آئي ته زار زار روئي
رهي هئي ۽ چيائين ته: ”بابا، هاڻي اسان هتي نه رهي
سگهنداسون. مان ساهيڙيءَ کي ٽرين تي ڇڏڻ وئي هئس،
جو هوءَ ۽ هن جو ڪٽنب مدراس پئي لڏي ويا. جڏهن
ٽرين هلي ته مان پليٽ فارم تي اڪيلي رهجي ويس. اتي
ٻن مسلمان غنڊن اچي مون ۾ هٿ وڌا ۽ مون رڙيون ڪري
پاڻ ڇڏايو. پر اها ڳالهه 1947ع کان پوءِ جي ڳالهه
آهي، جڏهن مان ايل. ايل. بي پاس ڪري چڪو هوس ۽
ابراهيم جويو جي سفارش تي، هڪ ڊپٽي سيڪريٽريءَ مون
کي سيڪريٽريٽ ۾ نوڪري ڏني هئي. مان موڪل تي شڪاپور
۾ آيو هوس. تڏهن مان مينگهراج جي گهر ويو هوس ۽
منهنجي موجودگيءَ ۾ هن جي ڌيءَ مٿين شڪايت ڪئي
هئي.
ان تي مينگهراج چيو هو: ”پٽ هن کي ڪراچيءَ وٺي وڃ ۽ اتي پاڻ
جهڙي ڪا نوڪري وٺي ڏينس. مان چاهيان ٿو ته پنهنجي
پُٽ آنند کي به ڪنهن مسلمان ڇوڪريءَ سان شادي
ڪرايان ۽ پاڻ به مسلمان ٿي وڃان.“
تيستائين مان پڪو انقلابي ٿي چڪو هوس. مون کي هن تي رحم اچي ويو
۽ خاموش ٿي ويس. ٻئي ڏينهن مان ڪراچيءَ واپس موٽي
آيس. جڏهن وري ڪجهه ڏينهن کان پوءِ شڪاپور آيس ته
خبر پئي ته مينگهراج، آنند ۽ شانتيءَ سميت
هندوستان جي ڪنهن شهر ڏانهن هليا ويا ها. مون ڏٺو
ته ڏاڍو زور سان طوفان ٿو لڳي ۽ ساوا ۽ ڪڪا پن
اڏامن ٿا. ڪجهه ٻوٽا جهڪي وڃي ڌرتيءَ سان لڳا آهن
۽ اڌ مان ٽٽي پيا آهن، پر اها ڪجهه وقت پوءِ جي
ڳالهه آهي.
مان پنجين درجي ۾ پهريون نمبر پاس ٿيو هوس ۽ نيو ايرا اسڪول
ڇڏي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪاپور ۾ ڇهين درجي ۾
شامل ٿيو هوس. نيو ايرا اسڪول پوري برصغير ۾ ورلي
ٿيو هوندو. مان جڏهن چوٿين درجي ۾ هوس، تڏهن اسان
ڪنهن هندو سيٺ جي باغ ۾، جيڪو سنڌ واهه ڏانهن
ويندڙ رستي تي هوندو هو، ماڪ
(Mock)
پارليامينٽ ڪندا هئاسين. جنهن ۾ رام ڄيٺملاڻي
پرائيم منسٽر ٿيندو هو ۽ هري يا ڀڳوان آپوزيشن جا
ليڊر ٿيندا ها. (انهن جي ذات وسري وئي آهي) ۽ ٻيا
ڪئبنيٽ جا ميمبر ٿيندا ها. رام اڻويهين ورهين ۾
ڪراچيءَ مان ايل. ايل. ايم ڪئي هئي ۽ اي. ڪي
بروهيءَ جو جونيئر هوندو هو. مون پاڻ اي. ڪي
بروهيءَ جي بئنڪ آف انڊيا بلڊنگ واري آفيس ۾، هن
جي ميز جي شيشي هيٺان رام جو فوٽو رکيل ڏٺو هو.
جڏهن مان 1963ع ۾ ممبئي ويو هوس ته هن کي تاج
محل هوٽل ۾ چار ڪمرا هوندا ها، جن مان ٻن ۾ هو پاڻ
رهندو هو ۽ ٻن ۾ آفيس ڪندو هو. هن مون کي مانيءَ
تي به گهرايو هو، پر ان ڏينهن منهنجي دهليءَ لاءِ
رزرويشن ٿيل هئي، جنهن ڪري هن جي دعوت تي وڃي نه
سگهيو هوس. ان کان پوءِ آل انڊيا بار ڪائونسل جو
پريزيڊنٽ ٿيو هو. ڪجهه وقت پوءِ وزيراعظم اندرا
گانڌيءَ سان تڪرار ٿيڻ ڪري آمريڪا هليو ويو هو. هن
ڀارت جي پريزيڊنٽ لاءِ به گياني ذيل سنگهه خلاف
چونڊ وڙهي هئي.
جڏهن 27 سالن کان پوءِ مان هندوستان ۾ ’شاهه سچل سامي‘ سيمينار
تي ويو هوس، تڏهن هو پرائيم منسٽر وي. پي. سنگهه
جي پارٽيءَ جو وائيس پريزيڊنٽ هو ۽ ڪيسن جي سلسلي
۾ دهليءَ ويل هو. وقت چهرا به مٽائي ٿو ڇڏي. نه
ڄاڻان ته هو، هن وقت منهنجي صورت به سڃاڻي سگهندو
يا نه ۽ نه ئي مون کان هن جي صورت سڃاتي ويندي!
اصغر گونڊويءَ جو هڪ شعر آهي، جيڪو ننڍي هوندي کان
مون کي پسند آهي:
جو نقش هي هستي کا دهوکا نظر آتا هي،
پردي په مصور هي تنها نظر آتا هي،
لو شمع حقيقت کي اپني هي جگھ پر هي،
فانوس کي گردش مين کيا کيا نظر آتا هي.
ترجمو: (جو به هستيءَ جو نقش آهي، نظر جو ڌوڪو لڳي رهيو آهي،
پردي تي مصور ئي هيکلو نظر اچي ٿو.)
ڏسو حقيقت جي شمع پنهنجي ئي جاءِ تي آهي.
فانوس جي گردش ۾ ڇا ڇا نه نظر اچي ٿو.)
وري ٻه سال پُٺ تي. ٻئي درجي انگريزيءَ ۾، مان، هوند راج داس ۽
بهاري ڇاٻڙيا، جيڪي گڏ ساڳئي اسڪول ۾ پڙهندا
هئاسين، گڏجي هڪڙو رسالو ’سدرشن‘ جي نالي سان ڪڍيو
هو. هوند راج داس، جو افسانه نويس هو، تنهن کي
رسالي جي ايڊيٽرشپ جو شوق هو. ان ڪتاب ۾ منهنجو
پهريون نظم شايع ٿيو هو. اهو خليل مورياڻيءَ جي
ڪتاب ’شڪاپور‘ ۾ ٻيهر ڏنو اٿائون. هوند راج داس،
ايسرداس جو پٽ هوندو هو ۽ ذات جو چگهه هو. هن جي
اباڻي جاءِ سائينءَ جي اوتاري کان ٻن چئن قدمن تي
هوندي هئي. هو ڪنهن هيڊ ماستر جي ڌيءَ ديا وٽ مون
کي وٺي هلندو هو جا مون کي ڏاڍي وڻندي هئي. هو
اوچتو شڪاپور مان ڪراچيءَ هليو ويو ۽ اتان روزاني
”سنسار سماچار“ ۾ ’کڙکٻيتي‘ جي نالي سان مزاحيه
ڪالم لکندو هو. هن جو پٽ مون سان ممبئيءَ ۾
سيمينار تي مليو هو ۽ هن تي لکيل ڪتاب ’گپ شپ‘ ڏنو
هئائين. هوند راج کي مزاح جو چڱو حِس هوندو هو.
بهاري ڇاٻڙيا 1947ع ۾ ’زندگي‘ ۾ منهنجا ڪجهه نظم
ڇپيا ها. هو اڳئين ڀيري بمبئيءَ ۾ مون سان ملڻ
لاءِ هوٽل ۾ آيو هو. هو دنيا جي ارب پتي هندوجا جو
سؤٽ يا ڀائيٽو هو. مون ڏٺو ته هو ٽٽي چڪو آهي. هو
فيڊر باٽل مان ٻار وانگر کير پي رهيو هو. هن زار
زار روئندي مون کي چيو ته: ”مون کي تنهنجو اهو شعر
ياد ٿو اچي، جو مون ’زندگي‘ جي پوئين پرچي ۾ ڇپيو
هو.“
”ڪهڙو شعر؟“
”نه وِســـام، وسام، وسام نه تون
اي لنوَ جي لاٽ، وسام نه تون.“
”اسان ته هندوستان ۾ اچي رلي ويا آهيون. تو ته اسان جي پريس ۽
لکيدر جي ونگ وٽ چؤماز جاءِ ڏٺي هئي؟ هتي منهنجي
چاچي هندوجا جهڙا ماڻهو ارب پتي ٿي ويا ۽ اسان عام
شرنار ٿي رلي وياسين.“ هن چيو. مون کي لفظ نه هئا
جو هن کي دلجاءِ ڏيان.
سمنڊ جون ڇوليون مون کي ڪيترو پري ٿيون ڌڪي وڃن ۽ ورائي پير ٻوڙ
پاڻيءَ تي ٿيون ڦٽو ڪن!
13 ورهين جي عمر ۾ زرينا به اسان جي پاڙي جي ٻين ڇوڪرين وانگر
پردو ڪندي هئي ۽ گهر کان ٻاهر نه نڪرندي هئي.
مون هاءِ اسڪول ۾ داخلا وٺي، ڏاڍا عشق ڪيا. جن پوءِ منهنجي
شاعري ڪيتري وقت تائين اتساهي. عشق شاعريءَ جي وڻ
لاءِ کاڌ وانگر ٿيندو آهي. هاڻي مون کي شاعريءَ تي
ايترو عبور هيو، جو ڪنهن جي مدد جي ضرورت نه هئي.
مان علامه اقبال جا اردوءَ ۾ ڪتاب ’بانگ درا‘،
’بال جبريل‘، ’ضرب ڪليم‘ ۽ سندس فارسيءَ جا ڪتاب
’پيام مشرق‘، ’ارمغان حجاز‘، ’اسرار خودي‘، ’رموز
بي خودي‘، ’پس چه بايد ڪرد اي اقوام مشرق‘ ۽
’جاويد نامه‘ پڙهي چڪو هوس. زرينا جي مامي واجد
عليءَ مون کي هن جو انگريزيءَ ۾ ڪتاب
Reconstruction of Religious Thought in Islam
به ڏنو هو.
مون جوش مليح آباديءَ جو ’شعله وشبنم‘ به پڙهيو هو، جو تن ڏينهن
۾ مون کي شيخ واجد عليءَ آل انڊيا مسلم ليگ جي
ڪانفرنس تان موٽندي، دهليءَ مان آڻي ڏنو هو. تن
ڏينهن ۾ مون داغ دهلويءَ جو ديوان، ديوان ذوق،
ديوانِ غالب، ديوان ظفر وغيره اردوءَ جا ڪلاسڪ
پڙهيا ها. منهنجن مائٽن وٽ اردو رسالا، عالمگير،
نيرنگ خيال، دين ودنيا، ادبي دنيا، ساقي وغيره
ايندا ها، جن ۾ ان وقت جي چوٽيءَ جا اردو شاعر
لکندا ها. گڏوگڏ مون سنڌيءَ ۾ ديوانِ سانگي،
ديوانِ فاضل، ديوانِ قاسم، ديوانِ خاڪي ۽ ديوانِ
واصف وغيره به پڙهيا ها ۽ ائين لڳندو هو ته اهي
اردو شاعريءَ جا نقال ها. جمعيت الشعراءَ سنڌ جي
ماهوار رسالي ’اديبِ سنڌ‘ ۾ مشاعرن ۾ پڙهيل ڪلام
جو انتخاب پڙهي، مون کي قيءِ ايندي هئي. ان ۾ مصرع
طرح سان گڏ قافيو ۽ رديف به ڏيندا ها. مثلاً جوابِ
خالص، ڪباب خالص، شراب خالص، جلاب خالص ۽ سڄو وقت
ان تي ضايع ڪندا ها ته هن شعر ۾ بندش آهي يا نه.
مون کي ’بيوس‘ جي هيٺئين شعر جهڙا شعر وڻندا ها:
”ڪر دنيا ۾ دل وڏيري، تون به رهه مان ڀي رهان،
آڻ من ورتيءَ ۾ ڦيري، تون به رهه مان ڀي رهان.“
لطف الله جوڳيءَ جي باري ۾ ته مان اڳ ئي، ”جڳ مڙيوئي سپنو“ ۾
لکي چڪو آهيان، ان ڪري هن تي وڌيڪ نه ٿو لکان. هڪ
ڀيري غلام حسين جهلڻ جي هاٿيدر واري پريس ۾ ويٺا
هئاسين ته هو مجتهد ۽ مجدد ۾ فرق سمجهائي رهيو هو.
”مار تون ته....“ مون دل ۾ سوچيو. جڏهن ڪاليج ۾
پڙهندا هئاسين ته لعل محمد احمر مون کي هن سان
ملائڻ لاءِ وٺي هليو هو ۽ هن ’اسرار خودي‘ جي طرز
تي فارسيءَ ۾ پنهنجي مثنوي مون کي ڪلاڪ کن پڙهي
ٻڌائي هئي ته علامه اقبال تان ئي ارواح کڄي ويو
هو.
مون زيب لاڙڪاڻوي ۽ صنعت شڪاپوري جا فارسي ديوان به پڙهيا ها،
اهي ڄڻ مشهور فارسي شعراءَ تان قافيه، رديف وٺي
لکيا ويا ها. مشهور ايراني شاعر شهريار کان ڪنهن
هندوستان ۾ پڇيو هو ته: ”تنهنجو غالب جي فارسي
شاعريءَ جي باري ۾ ڪهڙو خيال آهي؟“ جواب ڏنو
هئائين: ”بوءِ دال مي آيد.“ (دال جي بوءِ ٿي اچي.)
اهو جواب غالب جي باري ۾ ته غلط ٿي ٿو سگهي، پر
زيب لاڙڪاڻوي ۽ صنعت شڪاپوريءَ جي باري ۾ صحيح
آهي.
اهو ڪاليج جو دؤر هو. مان وري پٺ تي اوڀارو ٿو تران. ڇهين درجي
۾ مَنوءَ ڏانهن ويندڙ گهٽيءَ جي سِر سِر منهنجي
بوٽ جي ڄاڻو سڃاڻو ٿي وئي هئي. ان تي مون کي والٽ
وٽمئن جون ڪجهه سٽون ياد اچن ٿيون.
”ڪامريڊو! هي ڪتاب نه آهي،
هن کي جيڪو ڇُهي ٿو، انسان کي ڇُهي ٿو.“
والٽ وِٽمئن جي دخل در معقولات کي پاسي رکي، مان پنهنجي دوست
عبدالقادر مطلباڻيءَ کي ياد ڪيان ٿو، جيڪو مون سان
گڏ پڙهندو هو. مَنوءَ جي گهر وٽان لنگهندي، منهنجو
پنڌ هاٿي در اندران، ساميءَ جي پاڙي جي ٻئي پاسي،
عبدالقادر جي گهر تي کٽندو هو. سامي انهيءَ خيالات
جو تسلسل هو، جي هندوستان ۾ ڀڳتي تحريڪ سان شروع
ٿيا هئا. هندوستان ۾ بجرياني سُڌ ۽ ناٿ پنٿي،
مذهبي رسمن ريتن کان بيزار ٿي چڪا ها. هُو تيرٿ
ياترا، اشنان، بت پرستي، مندرن جي ياترا کي فضول
سمجهندا ها. ان تحريڪ ويشنو ڌرم جي بڻايل ساري
تاڃي پيٽي کي ڌاڳا ڌاڳا ڪري ڇڏيو هو. ويدانيت جو
اثر عام ٿي ويو هو. گيتا، اپنشدن ۽ ٻين ڌرمي پستڪن
تي ٽيڪا ٽپڻيون لکيون ويون هيون. پر عوام جن جي
سمجهه ۾ اِهي نه ٿي آيون، دانشور طبقي کان دور ٿي
چڪا هئا.
فٽر جيرالڊ جي لفظن ۾ :
”هڪ دروازو هو، جنهن جي پٺيان مان ڏسي نه ٿي سگهيس.“
ڀڳتي تحريڪ ۾ مخالف قوتن کي للڪارڻ جي همت نه هئي. هندو ان وقت
مسلمانن جي يلغارن جو مقابلو ڪري نه ٿي سگهيا.
ڀڳتي تحريڪ جيتوڻيڪ انهن کي پنهنجي حالتن کي
برداشت ڪرڻ جي طاقت ڏني، پر غور سان ڏسبو ته اها
روحاني فرار ۽ گريز جي تحريڪ هئي.
ڀڳتيءَ جو فلسفو رامانند سان سنبت 1073ع ۾ شروع ٿئي ٿو. رامانند
جي مشهور چيلي رامانج وري ويشنو تحريڪ کي اُڀاريو
۽ پوءِ ڪرشن ڀڳتي ۽ رام ڀڳتيءَ جون تحريڪون شروع
ٿيون. ڀڳتي تحريڪ جو مقصد عوام ۾ روحانيت ۽ مذهب
جي باري ۾ عقيدت کي اتساهڻو هو، ڇوته اها عقيدت
عوام جي اندر ۾ لڪل هئي. ڀڳي تحريڪ جا ٻه حصا هئا.
هڪ اهو جو نرگن ۽ نرآڪار ۾ ويساهه ڪندو هو ۽ ان کي
نرگن واد چيو ويو، جنهن تي اسلامي تعليم جو اثر
هو. ڪبير ڀڳت ۽ ملڪ محمد جائسيءَ جي شاعريءَ ۾
انهيءَ سوچ جون جهلڪيون آهن. نرگن ڀڳتيءَ جي پس
منظر ۾ ويدانيت، تصوف ۽ اسلام جي خدا جو تصور آهي.
رامانند جي ويشنو خيالن ۾ جي اصطلاح ۽ علامتون
آهن، اهي تانترڪ يوگين سان ملن ٿيون.
ٻيو حصو انهن جو هو جي مورتي پوڄا ۾ ويساهه ڪندا هئا ۽ انهن جي
تحريڪ کي رام ڀڳتي چيو ويو هو. مهاراشٽرا، بينگال
۽ ڪشمير ۾ ڀڳتي تحريڪ عام ٿي. ڪرشن ڀڳتي۽ ۾ خاص
ڪري چيتنيه جو نالو بنگال ۾ مشهور ٿيو ۽ هن جي
ڪيرتن ۾ ڪرشن سان بي پناهه عقيدت هئي. مون ڪافي
سال اڳ هن تي فرانسيسي اديب رومين رولان جو ڪتاب
پڙهيو هو. رامانج اتر هندستان ۾ رام ڀڳتيءَ ۽ ڪرشن
ڀڳتيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. شنڪر آچاريه دنيا کي
مايا ڪوٺيو هو، جنهن جو اثر ساميءَ تي به گهڻو پيو
هو. پر رامانند به دنيا کي مايا ڪوٺيو ۽ ان جي
پٺيان سچ کي ايشور چيو. هو ان خيال جو هو ته
ڀڳتيءَ وسيلي ماڻهوءَ جي اُنتي (نجات) تائين رسائي
ٿي سگهي ٿي. ساميءَ جي دؤر ۾ ڀڳتي تحريڪ سنڌ
تائين پهچي چڪي هئي. ساميءَ چيو هو ته: ”ڪيٽي ۽
ڪنچر ۾، پسي هڪ ڌڻي.“ هنديءَ ۾ ڪيٽي ڪِئليءَ کي ۽
ڪنچر هاٿيءَ کي چوندا آهن. شنڪر آچاريه، ايشور کي
مختلف صورتن ۾ ڏسڻ جي هدايت ڪئي هئي ۽ هُو بت
پرستيءَ جي خلاف هو. جيتوڻيڪ رامانند جي تعليم
هندو ڌرم جي پراڻين ريتن رسمن تي ٻڌل آهي، پر ان
به ذات پات جي مخالفت ڪئي آهي.
پربلڀ آچاريه چيو هو ته :”رام ۽ ڪرشن، ايشور جو اصل روپ آهن.“
شنڪر آچاريه چيو ته :”ايشور جي اصل روپ کي ڪائي
شڪل ناهي.“
پربلڀ آچاريه جي پرچار جي اثر هيٺ ڪيئي ديوداسيون به هن جي ٽولي
۾ شامل ٿي ويون. اها ڪافي فاصل هيون. انهن مان هڪ
ديوداسي اندل هڪ هنڌ لکيو آهي:”هاڻي مان پوري جوڀن
تي آهيان، پر ڪرشن جيءَ کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي پتي
نه ٿي مڃيان.“
اهائي روايت اسان کي ميران ٻائيءَ ۾ ملي ٿي.
عيسائيت ۾ به سينٽ ٽيريسيا ۽ ٻيون راهبائون هيون، جي مسيح سان
ساڳيءَ طرح عشق ڪنديون هيون. ان کان پوءِ نرگن واد
تحريڪ ڪبير شروع ڪئي. سردار جعفريءَ جو چوڻ آهي ته
ڪبير مسلمان هو ۽ ذات جو جولاهو (ڪوري) هو. ڪبير
خدا جي وحدت جو قائل هو. سردار جعفريءَ وڌيڪ لکيو
آهي: ”روميءَ دولت کي هڪ ڪُلاهه سان تشبيهه ڏني،
جنهن ۾ گنجو پنهنجو مٿو لڪائيندو آهي.“ اڳتي هن
لکيو آهي:”ڪبير چيو آهي ته: مايا سورنهن سينگار
ڪري، پنهنجي مست اکين جي لال تلوار سامهون آڻي ٿي.
هوءَ شاعر کي پنهنجو ڀتار (ڀوتار) ڪوٺي مخاطب ٿئي
ٿي ته ڪبير طنز سان چوي ٿو:”اسان جي ذات جولاها
آهي ۽ نانءُ ڪبير آهي. تو اسان کان ڪڏهن پڇيو
ناهي. تون اتي وڃ جتي تخت وڇايل آهي، باغ ٽڙيل
آهن، اناج جون ٻوريون ڀريل آهن. ريشم جي کوٽ نه
آهي ۽ اگر بتيون چندن جون آهن، تون اسان وٽ ڇا
ڪندينءَ؟“
”مايا مها ٺڳي آهي، ڪٺور شڪاري آهي... ڪپڙن لاهي ڇڏڻ سان يا
پنهنجا پنج ئي حواس قتل ڪرڻ سان يا پهاڙن ۾ ويهڻ
سان ۽ جهنگ ۾ ڀٽڪڻ سان ڀڳوان نه ٿو ملي، ڀڳوان ته
ان تي ريجهي ٿو، جنهن جي دل ۾ ديا آهي، ڌرم آهي ۽
جو پاپ کان پاسو ڪري ٿو، جو جڳ ۾ رهي، جڳ کان اداس
آهي ۽ سردار جعفريءَ جي اردو ٻوليءَ ۾: ”جو هر ذي
حيات ڪو اپني طرح جانتا هي، اسي کو حُي اور قيوم
ملتا هي.“
نرگن واد اسلام جي ڪيڏو ويجهو اچي چڪو هو، اهو ڪبير جي دوهن مان
صاف ظاهر آهي. ”ڪبير، منصور وانگر ’انا الحق‘ ته
نه ٿو چوي، پر ’انا الحق‘ جو پورو جذبو هن ۾ موجود
آهي.“ هو چوي ٿو:
’نرگن ڪي آگي سَرگن ناچي، باجي سُونهنگ تورا.‘
يعني، ”ذات جي سامهون صفات نچي رهي آهي ۽ انا الحق جو ساز وڄي
رهيو آهي.“
ساميءَ به مايا لاءِ، ’مايا ڏائڻ ڏندري‘ يا ’مايا ڌوتي‘ چيو آهي
۽ وحدت جو اپديش ڏنو آهي. ان ڪري هو شاهه لطيف ۽
سچل سرمست کان پوءِ سنڌ جي ادبي ٽه ــ مورتي ۾
کُپي اچي ٿو.
ساميءَ جي گهر وٽان ٿي، مان پنهنجي دوست غلام قادر جي گهر وڃان
ٿو، جنهن لاءِ زيبو گهر جو تاڪ کولي واجهائي رهي
آهي. زيبو هڪ زيتوني رنگ واري پرڻيل ڇوڪري آهي، جا
پنهنجي مڙس سان ناراض آهي. هن جو مڙس ڪم تي ويندو
آهي ته عبدالقادر ساڻس ملاقات ڪري ايندو آهي. هن
جو قد وچولو ۽ ڳلن تي ڪنڍڙا ڪاڪل آهن. هٿن پيرن کي
ميندي ۽ چپن تي مساڳ لڳل اٿس. هوءَ هيڏانهن
هوڏانهن ڏسي ڪري، سڏ ٿي ڪري، ’قادر‘ ته ڄڻ بنسريءَ
مان آواز اچي ٿو. مون کي ايندو ڏسي هوءَ در جو
تاڪ ٻوٽي ڇڏي ٿي. مان قادر کي گهران سڏي چوان ٿو
ته، ”زيبو سڏئي ٿي.“
”تو زيبو چڱيءَ طرح ڏٺي. هن کي بمبئيءَ جي ڪيلي جهڙو بدن ۽
ناگپور جي نارنگيءَ جهڙا مٺا چپ آهن. تون هن کان
چمي وٺندين؟“
مان لڄي ٿي هن کي چوان ٿو ته: ”مون هن وقت تائين ڪنهن کان چمي
نه ورتي آهي.“
”تون بالغ ٿيو آهين!“
”بالغ ڇا آهي؟“
هن ٽهڪ ڏئي چيو: ”پاڻ ئي اوچتو پتو پوندئي.“ ڇهين مهيني کان
پوءِ مون کي محسوس ٿيو ته منهنجي پڪل ليارن جي ڇڳي
تي لت اچي وئي آهي.
|