سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر

شيخ اياز

صفحو : 4

شيڪسپيئر کي انسان ذات تي رحم آيو هو ۽ هن اهي قوتون ڄاتيون ٿي جن سان هڪ ماڻهوءَ، هڪ حاڪم يا احمق کي مقابلو ڪرڻو ٿي پيو. اسان سڀني ۾ پنهنجي تباهيءَ جا جراثيم آهن، جيڪي وڌي وڃن ٿا، جنهن وقت به انهن لاءِ حالات سازگار ٿين ٿا. ان ڪري ئي شيڪسپيئر جا جيڪي الميا آهن، انهن ۾ هن جا ڪردار المناڪ انجام تي پهچن ٿا ۽ پنهنجي الميئي جي خلاف ائين ٽپا ڏئي ڦٿڪن ٿا، جيئن هڪ مڇي ڄار ۾ ڦاسي پوندي آهي، پر پوءِ به هن جي غم واندوهه جي د‍ؤر ۾ به اهڙا متوازن ڪردار ملن ٿا، جن کي دوستيءَ جو احساس ۽ موسيقيءَ لاءِ ڪن ـــ رس آهي ۽ جي زندگيءَ کي نعمت سمجهي ماڻن ٿا. ڪافي وقت پوءِ هن جي بي چين من ۾ چئن آيو ۽ آنڌي (The Tempest) جي تخليق ٿي، جنهن ۾ هڪ ڪردار پراسپيرو، مرڪي اطمينان سان چوي ٿو:

“We are such stuff as dreams are made on and Life is rounded with sleep.”

ترجمو: (اسان اهڙي شيءِ آهيون، جنهن تي سپنا اُڻيا وڃن ٿا ۽ زندگيءَ کي ننڊ چوڌاري ورائي ڇڏي ٿي.)

ڪيڏو نه عظيم هيو هي انسان، جنهن غالبا ڇٽيهه طربيه (Comedies) ۽ الميا (Tragedies)  ۽ ڪيترائي سانيٽ لکيا هئا! مان شيڪسپيئر تي لکڻ چاهيان ته هڪ پورو ڪتاب لکي سگهان ٿو، پر ان ڳالهه تي اڪتفا ٿو ڪيان ته هن جهڙا جينيس صدين ۾ هڪ ڀيرو پيدا ٿيندا آهن ۽ موت کان پوءِ هنن جي خوشبوءِ هر ڏسا ڦهلجي ويندي آهي. رڳو اڳين يو. ايس ايس. آر ۾ شيڪسپيئر جون 28 ٻولين ۾ پنج ملين ڪاپيون ڇاپيون ويون هيون. ملڪ ۾ هن جا ناٽڪ ٽي سؤ کان وڌيڪ ڀيرا اسٽيج تي آندا ويا هئا. مان هڪ ٿڌو ساهه ڀري ويسٽ منسٽر ائبي مان نڪران ٿو ۽ هدايت پريم کان پڇان ٿو: ”تو هري رام هري ڪرشنا مندر ڏٺو آهي؟“

هدايت چيو: ”اهو لنڊن ۾ آهي ڇا؟“

مون کي ياد آيو، اڳيئن ڀيري جڏهن 1976ع ۾ برٽش ڪائونسل جي دعوت تي مان لنڊن آيو هوس ۽ چيئرنگ ڪراس هوٽل پڪاڊليءَ جي سامهون رهندو هوس، ته گيتا ۽ راج مون کي هري رام هري ڪرشنا مندر وٺي هليا هئا، جو لنڊن کان اٽڪل ويهه ميل پري ٻهراڙيءَ، ۾ هو. چوڌاري ايترو سڪون هو جو دل پئي چاهيو ته ڀرسان ڪنهن ٻنيءَ ۾ ليٽي ٿڪ ڀڃان. مندر ۾ اندر وياسين ته ڪجهه انگريز مٿا ڪوڙائي برهمڻن جيان ڪارا ٿلها چوٽا ٻڌي ويٺا ها، جن ۾ پٺيان ڳنڍ ڏنل هئي، جيئن ڪارٽيج جي جنرل هني بال ۽ هن جي لشڪر کي ڏنل هوندي هئي. ٻه ٽي انگريز عورتون به ويٺيون هيون. هڪ ٺوڙهو انگريز ميران ٻائيءَ جا ڀڃن ڳائي رهيو هو.

”گهايل ڪي گيت گهايل جاني، اور نه جاني ڪوءِ.“

هونءَ ته ميران ٻائيءَ سان منهنجو عشق آهي، جيئن منهنجو پنجابي دوست ۽ پنجابيءَ ۾ منهنجو مترجم اديب احمد سليم، امرتا شيرگل، سک مصوره سان عشق ڪندو آهي، جنهن جي موت کان ويهه سال پوءِ هو ڄائو هو ۽ جنهن تي هن انگريزيءَ ۾ ڪتاب به لکيو آهي. سامهون شرڌالو انگريزياڻيون کڙتال ۽ چپڙيون وڄائي رهيون هيون، جن جي سرتار تي ڳائڻي انگريز جو چوٽو لڏي رهيو هو. مون کي اهو ماحول ڏسي، ميران ٻائيءَ جي اهڙي پياري گيت کان ئي ڪرڀ اچي وئي ۽ مون چپن ۾ جهونگاريو:

”پاگل ڪي گت پاگل خاني، اور نه جاني ڪوءِ.“

وري جو گيتا ڏنڊوت ڪيو ته مون کي سارو ماحول اجنبي لڳو ۽ دل چاهيو ته اتان ڀڄي وڃان. راج مون کي ٻڌايو ته گيتا اندر ۾ ٽٽي چڪي هئي ۽ ڪنهن ماهر نفسيات سان مشورو ڪندي هئي. اهو مندر سوامي پرڀو پاد ٺهرايو هو ۽ ان لاءِ ڪنهن لارڊ هن کي ويهارو ايڪڙ زمين مفت ۾ ڏني هئي. مون کي اهو معلوم ٿيو ته اها مشن پوري دنيا ۾ ڦهليل آهي. نه ڄاڻان اتي منهنجو ردِعمل اهو ڇو هو! هونءَ ته مون ۾ نه ڪوئي تعصب آهي ۽ نه ڪنهن جي مذهبي اعتقاد لاءِ نفرت يا بغض آهي. منهنجو عقيدو ته علامه اقبال وارو آهي، جنهن کي هن هيٺئين شعر ۾ بيحد روانيءَ سان سمايو آهي:

”نه تو اندر حرم گنجي نه در بتخانه مي آئي،

وليڪن سوئي مشتاقان چه مشتاقانه مي آئي.“

ترجمو: (نه تون حرم ۾ ماپي ٿو سگهين ۽ نه بت خاني ۾

پر مشتاقن ڏانهن ڪيڏي نه مشتاقانه انداز سان اچين ٿو.)

اڳي ته منهنجي به اردوءَ جي مشهور شاعر مير تقي مير واري ڪيفيت هوندي هئي.

”مير کي دين و مذهب ڪو تم پوچهتي کيا هو اس ني تو،

قشقه کينچا دير مين بيڻها کب سي ترک اسلام ڪيا.“

پر جڏهن کان ان ڳالهه جو انڪشاف ٿيو ته ڪميونزم انساني فطرت سان راڱا ڪيا آهن، تڏهن کان مان هاڻ ساڳيو ماڻهو نه رهيو آهيان ۽ هاڻي جهڙو مذهبي نظريو منهنجو ساري عمر نه رهيو آهي.

مون کي ياد آيو ته ڪافي سال پوءِ، مان سکر هاءِ ڪورٽ ۾ ڪائي اپيل هلائي، اڃان ٻاهر مس نڪتس ته هڪ آمريڪن جيڪو ڪورٽ ۾ اندر ويٺو هو ۽ مون کي ٻڌي رهيو هو، منهنجي پٺ تان ٻاهر نڪري آيو ۽ مون کي چيائين ته مون کي وقت ڏيو ته مان اوهان سان اوهان جي آفيس ۾  ملان، ڇو ته مون کي اوهان کي ڪجهه ڪتاب ڏيڻا آهن. مون کيس ڇهين وڳي جو وقت ڏنو. پوري ڇهين وڳي هو مون وٽ ڪيترائي ڪتاب کڻي آيو، جن مان مون هڪڙو پرڀو پاد جو ڪتاب ورتو. هن سنڌيءَ ۾ به پنهنجي مشن جا ڇپيل ڪتاب ڏنا، جن مان مون هن کان پرڀو پاد جو ڪتاب ’ڀڳوت گيتا جيئن آهي‘ خريد ڪيو. جنهن جو انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڀڳتي سوسائٽي، سوامي نارائڻ مندر وارن ڇپرايو هو. جنهن ۾ هندي لفظن جي جاءِ تي عام فارسي لفظ ڏنا ويا آهن، جيڪي سنڌيءَ ۾ ضم ٿي ويا آهن. مون کي حيرت آئي ته هن آمريڪيءَ مون کي ڪٿي اچي ڳولي لڌو آهي، هن کي ڪيئن خبر پئي ته مان هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس هلائي رهيو آهيان ۽ هن ڪيئن ڪئينس روڊ تي منهنجي آفيس ڳولي لڌي هئي. هن کي ڪيئن خبر پئي ته سوامي نارائڻ مندر وارن ڀڳوت گيتا جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڇاپيو آهي. مون کي ته هو ڪو سي. آءِ. اي جو ايجنٽ ٿي لڳو. اهڙو شڪ مون کي هڪ آمريڪي نوجوان ۾ به پيو هو جو ان وقت ادبي بورڊ ۾ رهيل هو ۽ ڀٽي صاحب خلاف پي. اين. اي واري تحريڪ دوران ديوانا وار سنڌ جو گشت ڪري رهيو هو ۽ تحريڪ جي چرپر تي چوڪسي رکي هئائين. هن جو راز تڏهن فاش ٿيو، جڏهن هن کي ايراني مغبچي وانگر خوبصورت ڏسي ٻن هم جنس پرست (Homo Sexual)  سنڌي انجنيئرن دعوت ڏئي گهرايو ۽ گفتگو ڪندي سنڌيءَ ۾ هن جي باري ۾ ڪجهه اعتراض جوڳا لفظ ڳالهايائون، تڏهن هن يڪدم ردِعمل ڏيکاري کين سنڌيءَ ۾ دٻ پٽي.

جن ’الوپ سرڪار‘ (Invisible Government)  ڪتاب پڙهيو هوندو، تن کي معلوم هوندو ته اهڙو تاڃي پيٽو پوري هندستان ۾ ڦهليل آهي. مون هدايت پريم کي چيو: ”هل ٻي لنڊن ڏيکار، مان مارڪس ۽ سواميءَ کي ڏسڻ نه ٿو چاهيان.“

هو اسان کي 108 بيڪر اسٽريٽ ۽ شرلاڪ هومز هوٽل وٺي هليو. مون کي هوٽل جو نالو  پسند آيو، ڇو ته ننڍي هوندي سر آرٿر ڪونن ڊائل جا شرلاڪ هومز تي ڪيئي ناول پڙهيا هئا، جي سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل هئا ۽ اسان پوڪر داس ائنڊ سنز جي ڪتاب گهر تان وٺندا هئاسين، جيڪو ڍڪ بازار جي ڇيڙي تي هو. مان ان جي باري ۾ پوءِ لکندس، جڏهن زمان جي کاهي ٽپي، زرينا سان اتي پهچندس جتي لاٽوڻي اڃان هلي پئي. اسان شرلاڪ هومز ۾ سنئڪ کائي (جيڪي ڪافي مهانگا هئا) بڪنگهام پئليس ڏانهن وياسون، جيڪو راڻي وڪٽوريا کان وٺي هيل تائين شاهي رهائش گاهه ريو آهي. اتي چاليهه ايڪڙ باغ آهي، جتي اونهاري ۾ رايل گارڊن پارٽيون ٿينديون آهن. جتي فقط ڪنوارا ۽ ڪنواريون دل وندرائينديون آهن ۽ مهمانن کي فهمائش ڪئي ويندي آهي ته پنهنجا پرڻيل پٽ ۽ ڌيئر نه وٺي اچن. وڏي طمطراق سان ٻاهر محافظن (گارڊن) جو جٿو بيٺو هو جيڪو صبح جو ساڍي يارهين وڳي بدلبو هو ۽ ڪيئي ماڻهو اهو ڏسڻ ايندا آهن. انگريز هڪ روايت پرست قوم آهي. پوءِ مون هدايت کي چيو ته ڪجهه پارڪ به ڏسون. اتي ئي ٽرئفڪ جي پيهه ۽ گوڙ شور ختم ٿئي ٿو ۽ هڪ کلئي نيري آسمان جو سائبان نظر ٿو اچي. چوندا آهن ته لنڊن جا پارڪ اتان جا ڦڦڙ آهن، جي اها آڪسيجن کڻن ٿا جا وڻ پيدا ڪن ٿا. پهرين ته پاڪ هند ۾ مغل باغات وانگر اهي شهنشاهيت جي ميراث هئا. مون ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته اورنگزيب جي ڀيڻ روشن آرا بيگم جي باغ ۾ هن جا ٻه آشنا ٽپي آيا هئا، ته انهن کي پڪڙي، قلعي جي ديوار تان هيٺ اڇلائي، سندن هڏ گڏ ڀڳا ويا هئا ۽ عاقل خان اورنگزيب جي ڌيءُ ۽ فارسيءَ جي شاعره زيب النساءَ مخفيءَ کي چيو هو:

”سرخ پوشي به لبِ بام مِي آيد.“

ترجمو: (ڳاڙهن ڪپڙن واري ڪٽهڙي تي نظر ٿي اچيم.)

ان تي زيب النساءَ جواب ڏنو هوس:

”نه به زاري نه به زور و نه به زر مي آيد.“

ترجمو: (نه زاريءَ سان نه زور سان ۽ نه زر سان اچي ٿي.)

اهو ٻڌي عاقل خان، مخفيءَ جي باغ ۾ ٽپيو هو ته اورنگزيب کيس هڪ ديڳ ۾ پورائي باهه ڏني هئي، جتي هو سڙي رک ٿي ويو هو. پر جمهوريت جي اچڻ کان پوءِ شالار باغ وانگر لنڊن جا پارڪ به عوام لاءِ کوليا ويا آهن ۽ هاڻي عوام جي ملڪيت آهن.

پوءِ هدايت پريم اسان کي سينٽ جيمس رايل بوٽنيڪل گارڊن ڏيکارڻ وٺي هليو، جنهن لاءِ چيو ويو آهي ته ان ۾ ساري دنيا جي ٻوٽن جا قسم ڪٺا ڪيا ويا آهن. اهو 1759ع ۾ سلطنت لاءِ مهم هلائيندڙن ٺاهيو هو، جن جٿان ڪٿان اهي ٻوٽا ڪٺا ڪيا هئا. اتان رايل فرنٽ گارڊن ۾ وياسون، جنهن ۾ هڪ خوبصورت ور وڪڙ ڍنڍ هئي، جنهن ۾ هنس پيا ترن. ان ۾ لنچ ٽائيم ڪنسرٽ (Lunch Time Concert)  وقت منجهند جي وقت موسيقيءَ جو پروگرام هوندو هو، پر 1882ع ۾ آئرش ريپبلڪن آرميءَ جي جوانن، ان ۾ بم لڪائي رکيو هو ۽ ان کي ان وقت تباهه ڪيو هو، جنهن وقت راڻيءَ جو رسالو وڃي رهيو هو. رسالي مان چار ماڻهو مري ويا ها ۽ ست ڦٽجي پيا ها. هاڻي ان ساڳئي آئرش ريپبلڪن آرميءَ ٻه سؤ سال جک ماري انگريز حڪومت سان ٺاهه ڪيو آهي. ان موضوع تي گوروِڊال (Gorevidal) جو مشهور ناول ٽرنٽي (Trinity)  اجايو ويو، جنهن منهنجي راتين جي ننڊ ڦٽائي هئي. ان سان گڏ انهن شاعرن جي شاعري به وئي، جن آئرش آزاديءَ جي جدوجهد کي شاعريءَ ذريعي اُتساهيو هو. ساڳئي وقت فلسطين جي باغي شاعري، جنهن جي ڪاپي نرنجن نالي منهنجي هڪ مداح ڊين مارڪ مان مونکي موڪلي هئي، بي معنيٰ ٿي وئي، جڏهن ياسر عرفات يهودين سان ٺاهه ڪيو. آخر ڀٽائيءَ ڪهڙي جدوجهد ڪئي هئي؟ هو ته ڀٽ تي ويٺو هوندو هو ۽ دنبورو هلائيندو هو، پنهنجا ٻار ٻچا به نه پالي سگهندو هو ۽ جنهن وقت ڪوئي فقير هن جي ڳورهاري زال لاءِ پلو وٺڻ لاءِ ڊوڙندو ٿي ويو ۽ ڀٽائيءَ هن کي ڊوڙندو ڏسي سبب پڇيو ته خبر پيس ته سندس گهر واريءَ کي پلي جي کائڻ جي سڌ ٿي آهي، ان ڪري فقير پلو وٺڻ لاءِ ڊوڙندو پئي ويو، تنهن وقت هن چيو: ”اهو ٻار ئي گهوريو، جيڪو ڄمڻ کان اڳ ئي منهنجي فقيرن کي ٿو ڊورائي، وڏو ٿيو ته پوءِ ڇا ڪندو؟“ چون ٿا ته بيبي سڳوريءَ جي پيٽ ۾ ئي ٻار سُڪي ويو ۽ کين وري ڪابه اولاد نه ٿي.

اڄڪلهه اها ڳالهه ورجائي ٿي وڃي ته شاعر، اديب ۽ دانشور جي ڇا سان وابستگي آهي. پر نه ڄاڻان ڇا جي لاءِ ان جو ڪوئي جواب نه ٿو ڏئي.

ڪميونسٽ پارٽيءَ جي لائين ته ان افلاطوني بڪواس جو ورجاءُ هئي، جنهن شاعريءَ کي رد ان ڪري ڪيو هو، ڇو ته سڪارٿي ڳالهه رڳو سياسي نظام جي آهي. سياسي ماڻهو شاعرن کي ڇو ٿا ميار ڏين، جڏهن سماج ڪوئي غلط رخ وٺي ٿو؟

هٽلزم ۽ اسٽالنزم جي دؤر ۾ سماج جڏهن اهڙو رخ ورتو ته اهو دؤر پنهنجي دؤر جي ناڪاميءَ جو نتيجو بڻيو، ڇاڪاڻ ته اهو دؤر سماجي ۽ سياسي جمهوريت جا آدرش بچائي نه سگهيو ۽ اها ناڪامي انهن طبقن جي هئي، جي ان دؤر جي سياست تي اثر وجهن پيا.

اهي اديب ۽ شاعر هئا، جي زبان جي پاڪيزگيءَ جي تحفظ جا سڀني کان وڌيڪ اهل هئا، يورپ ۾ اڻويهينءَ صديءَ جي پهرين حصي ۾ پنهنجي دنيا ۾ گوشه نشين ٿي ويا ۽ هنن مان ڪي وهم ۽ وسوسن ۾ وٺجي ويا ۽ هنن کي پنهنجي ماحول تي پنهنجي شاعريءَ جي برتريءَ جو احساس ٿيو ۽ ان کي مقصد بالذات سمجهيائون ۽ ماضيءَ جي پرستش ڪرڻ لڳا. بودليئر جهڙن شاعرن سياست کان نفرت ڪئي. ان ڳالهه گذريل دؤر تي برو اثر وڌو. اهو سماج بي پرواه ٿي ويو، تان جو مطلق العنانيت ڇانئجي وئي. اهو دليل اثرائتو آهي ۽ ان کي رد بالڪل نه ٿو ڪري سگهجي ته سياست جي قباحت ڏانهن شاعريءَ جو ردعمل ايڏو به نه ٿيڻ کپي. دراصل يورپ ۾ ماڻهو اخلاقي ۽ سياسي طرح بي حس ٿي چڪا هئا. پر ان ڳالهه جا به ٻه پهلو آهن. ڇا شاعريءَ ۾ ڪا اهڙي ڳالهه هئي جو مختلف سماجن ۾ عام ذميداريءَ جو بار شاعرن تي وڌو وڃي، جي خوابن جا رهواسي آهن؟ ٻيو ته شاعرن کان سواءِ دنيا ۾ ٻيو دانشور طبقو نه آهي. مثال طور سائنسدان، فلسفي ۽ سياسي مدبر جن جو به احتساب ڪيو وڃي؟ جي اسان ان پهلوءَ تي غور ڪنداسين ته سائنسدانن ۽ سياستدانن ويهينءَ صديءَ جي وچ کان وٺي اڄ تائين فرض ڪيو هو ته هنن جي ڪا ذميواري ناهي، آئن اسٽائن نيو ڪلير بم جي تجربي کان گهڻو اڳ اسان کي اطلاع ڏنو هو ته اسان کي ايتري توانائي آهي جو اسان پاڻ کي تباهه ڪري سگهون ٿا. انهيءَ ڳالهه جو انهن حالتن ڏانهن اشارو ٿي سگهي ٿو، جنهن وڏي تباهي (Holocaust) ممڪن بڻائي. اهڙيءَ تباهيءَ کان پوءِ ڪجهه الزام ته آئن اسٽائن تي به اچي وڃن ها. ڇا خدا آئن اسٽائن کان سندس ڪئيءَ جو حساب نه وٺندو؟ هن جي سائنسي تحقيق جو نتيجو هيرو شيما ۽ ناگا ساڪيءَ جي تباهي نڪتي، پر ممڪن آهي ته اهو پراڻو سوال ته ڪيترو علم انهن انسانن جي هٿ ۾ هجي، جن جي اخلاقي ۽ روحاني تعليم ڪمل نه هجي، ايترو اثرائتو نه آهي، پر ان طبقي جي باري ۾ ته بلڪل صحيح آهي، جيڪو سماج جو تربيت يافته طبقو آهي، جنهن جو نالو ملٽري آهي. حيرت آهي ته هارورڊ يونيورسٽيءَ جي پريذيڊنٽ ان وقت تاڙيون وڄايون هيون، جڏهن آمريڪا ۾ لاس الماس (Los Almas) جي بيابانن ۾ پهريون ڀيرو ائٽمي تجربو ڪيو ويو هو ۽ ان ڦاٽ کاڌو هو. اتي ٻيا به ذميدار ماڻهو بيٺا هئا ۽ جڏهن هڪ پل ۾ ائٽم بم ڦاٽ کاڌو هو ته ٽئي گد گد ٿيا هئا ۽ هڪ ٻئي سان جوش سان هٿ ملايا هئائون. اهو ردِعمل صحيح هو يانه، ان تي مختلف رايا ٿي سگهن ٿا. پر ان لاءِ ذميوار رينياسنس (Renaissances) دؤرجي لامحدود کوجنا لاءِ آزاد هئي، پوءِ  ان ۾ جديد دنيا لاءِ چڱائي هئي يا برائي هئي.

اها آزادي اسان جي پوئينءَ اڌ صدي پيدا ڪئي آهي، جا مادي حاصلات لاءِ لامحدود کوجنا ڪري ٿي. پر ان جا خطرا واضح آهن ۽ قيامت بعيد از قياس نظر نه ٿي اچي. البرٽ آئن اسٽائن کان ڪنهن پڇيو: ”توکي ٽين جنگ عظيم جي باري ۾ ڪجهه چوڻو آهي؟“

آئن اسٽائن جواب ڏنو: ”مون کي افسوس آهي ته مان ٽين جنگ جي باري ۾ ڪجهه چئي نه ٿو سگهان، پر جي چوٿينءَ جنگ عظيم جي باري ۾ ڄاڻڻ چاهين ته مان ڪجهه چئي سگهان ٿو.“

جنهن ماڻهوءَ هن کان سوال پڇو هو، انهيءَ کي اعتبار نه ٿي آيو ته جنهن کي ٽين جنگ عظيم جي باري ۾ ڪجهه نه ٿو اچي، اهو چوٿينءَ جنگ عظيم جي باري ۾ ڇا چوندو! هن بي اعتباريءَ سان کيس چيو: ”چڱو، مون کي چوٿينءَ جنگ عظيم جي باري ۾ ٻڌايو!“

البرٽ آئن اسٽائن هن کي چيو: ”چوٿين جنگ عظيم بلڪل نه لڳندي، بس ايترو ئي چوٿين جنگِ عظيم لاءِ چئي ٿو سگهجي. جيستائين ٽين جنگِ عظيم جو سوال آهي، ڪجهه به چئي نه ٿو سگهجي.“

هن جو مطلب هو ته جي ٽين جنگِ عظيم لڳي ته ڪجهه بچندو ئي ڪونه ته پوءِ  چوٿين جنگ عظيم ڇاتي لڳندي .

ڇا آدم ذات جي انهيءَ خاتمي جو علم اڳواٽ سمجهدار طبقي کي ملي نه ٿي سگهيو؟ اسان ته هڪڙي ننڍڙي ديس جا رهواسي آهيون، جن جي قول ۽ فعل کي ڪائي اهميت نه آهي. پر ناگاساڪيءَ جي تباهيءَ کان پوءِ مون لکيو هو:

”ناگاساڪي ڪافي ناهي

سڀ ڪجهه ناس ڪندو نادان!“

۽ هيرو شيما تي پورو نظم لکيو هوم، جنهن جو پويون بند هي هو:

”هي ڪير کڙو آ کنڀيءَ تي

هي تون آهين هي مان آهيان

جن امن نه آندو ڌرتيءَ تي!“

پر اسان جو ته ڪنهن بين الاقوامي ٻوليءَ ۾ ترجمو نه ٿيو آهي، اسان کي ڪير ٿو اهميت ٿو ڏئي؟ هيءَ ذميداري جيڪڏهن ڪنهن حد تائين پئي ٿي ته يورپ ۽ آمريڪا جي شاعرن تي پوي ٿي.

پوءِ به اسان برصغير جي حال ۽ مستقبل لاءِ چيو آهي، اسان پنهنجي ذميداري نڀائي چڪا آهيون. باقي ذميداري سائنسدانن، ملٽريءَ جي شخصيتن، فلسفين ۽ اهل اقتدار تي آهي، جي اهي صاحب ڪردار آهن ته سماج تي اثر انداز ٿيندا، نه ته مورڳو حسن جي تخليق جا هن افراتفري ۽ پريشان حاليءَ وارتي دؤر کي سڪون قلب پهچائي رهي آهي، شاعران کان به وانجهي ٿي ويندا ۽ جي هڪ رومانوي انداز ۾ سڌاري جو بار پاڻ تي کڻندا، ته نه هِن دنيا جا رهندا نه هُن دنيا جا.

انگلينڊ ۾  قؤل ۽ عمل جدا جدا هٿن ۾ هئا، پر ارڙهين صديءَ جي فرانس جا اديب عملي سياست سان رابطي ۾ نه رهيا هئا. اهي نجا سياسي نظريا مبهم Generlizations (خاص کي عام چوڻ) چئي پيش ڪندا رهيا. پر انهن کي پاڻ ۾ خود اعتمادي ڏاڍي هئي ۽ هنن اهو سمجهيو ته سندن تعلق پسندي هڪ پيچيده سماج ۾ اوچتو شديد ڦيرو آڻي سگهندي. انقلاب لاءِ ائين جواز پيدا ڪيو ويو. عوام کي اهو آدرش ۽ سماج جي مستقبل جو تخيل ڪافي آئـڙيو ۽ جنهن جا نتيجا اگرا نڪتا. ڪجهه وقت پوءِ هڪ فرينچ قلم ڪار لکيو:

”شهنشاهيت عوامي حڪومت ۾ نه بدلي، پر اهل قلم شهنشاهه ٿي پيا.“ اهل قلم مان خاص طبقو، جنهن کي بوهيمين (Bohimian) چوندا هئا، انهن جو ملاقاتي ڪمرو ڪافي هائوس هوندو هو. جيئن اسان جي وقت ۾ لاهور ۾ هو. جڏهن ميان افتخارالدين جون ”امروز“ ۽ ”پاڪستان ٽائيمز“ اخبارون نڪرنديون هيون ۽ فيض احمد فيض انهن جو ايڊيٽر هو. پر اها گهڻو پوءِ جي ڳالهه آهي.

فرانس جي انقلاب وقت اهي بوهيمين پاڻ کي مسيحا ۽ پيغمبر سمجهندا هئا. هو پنهنجي زندگيءَ کي ته ڪائي ترتيب ڏئي نه سگهيا هئا، پر اهو سمجهيائون ٿي ته هو تاريخ جي پوري افراتفري ختم ڪري سگهندا. هو مسيحي دينيات کان ڌرتيءَ تي حڪومت الاهي Kingdom of God on Earth جو نظريو کسي ويا ۽ ان ۾ اضافو ڪيائون ته حڪومت الاهي تاريخ جي ڪنهن خاص ميعاد ۾ ايندي، انقلاب کان پوءِ وارا دانشور، انقلاب کان اڳ وارن دانشورن سان متفق نه رهيا، ڇوته سائنس ترقي ڪئي ۽ عقل جي پرستش (Deification) ڪئي وئي. انهيءَ سائنس ۽ مذهب جي اتحاد جي ذريعي دانشور، سائنسدان ۽ پادري پنهنجا ڪردار ادا ڪرڻ لڳا.

انگريزي ادب ۾  عملي سياست ۾ حصو وٺڻ جي باري ۾ نظريه سازن ۽ عملي سياستدانن ۾ ڪجهه وٿي هئي. آمريڪا ۾، جڏهن اها ڪالوني هئي ۽ ان جي آزاديءَ کان پوءِ ساڳي ڳالهه ٿي ته محب الوطن دانشور آئيني اجتماع ۾ شريڪ ٿيا. وچولي طبقي جي اڀرڻ سان، ذهنيت بدلجڻ لڳي. آرٽ کي عبادت سمجهيو ويو ۽ آرٽسٽ پنهنجي ذوق ۽ يقين سان رهنمائي ڪئي. پر ڪجهه وقت کان پوءِ اهو فرض ڪيو ويو ته عوام آرٽسٽ جي عبادت ۾ مخل ٿي رهيا هئا، ان ڪري آرٽسٽ عوام کان متنفر ٿي پيا.

مارڪس وادين جو تجزيو اهو هو ته 1848ع کان پوءِ بورجوازي ۽ دانشور ۾ وڏو نفاق اچي ويو.

فرينچ انقلاب وانگر روسي انقلاب ۾ به دانشورن جو وڏو هٿ هو. قوم پرستيءَ ۾ آزاديءَ ۽ سوشلزم جا تصور روس ۾ اڻويهين صديءَ جي وچ ڌاري دانشورن جي ذريعي پهتا. روس ٺهيل ٺڪيل نظريا يورپ مان ورتا، جي يورپ جي حقيقت سان مطابق ته هيا، پر روس جي حقيقت سان انهن جو ڪوبه واسطو نه هو. دانشور ۽ مصلح طبقي ۾ انقلابي به هئا، جن مان ڪن کي مغرب سان نفرت هئي، ڪن کي محبت هئي. ڪي مصلح ۽ تعمير پسند هيا ۽ انقلابين واري ٿرٿلي سان هنن دنيا بدلائڻ نه ٿي چاهي. هنن وٽ انقلاب جا خيال پرست نظريا (Utopia)  هئا. يورپ جي انهيءَ نظرياتي پس منظر مان علحدگي پسنديءَ، يورپ ۾ پرتشديد انقلاب لاءِ فضا هموار ڪئي، جا ان کان اڳ يورپ جي متحريڪ مسيحائي انقلاب پسنديءَ کان مختلف هئي. دانشور طبقي جي بورجوا قانون جي نظرئي لاءِ شديد نفرت مارڪس لاءِ سازگار فضا پيدا ڪئي. دانشور، جن جو سياسي ۽ سماجي تنظيم سان واسطو نه هو، نه ئي کين حڪومت هلائڻ جو تجربو هو ۽ جي ساڳئي وقت انتها پسند به هئا، پنهنجي خيالي دنيا ۾ رهندا هئا. ظاهر آهي، انگلنڊ ۽ آمريڪا ۾ نظريه سازن ۽ حڪمرانن ۾ ڪافي ويڇو هو ۽ ان ڪري ئي فرانس ۽ روس جا دانشور رڳو نظرياتي ٿيورين ۾ اڙجي ويا. ائين به آهي ته روسي دانشور بالشويڪ انقلاب جا باني هيا، پر انهن ڪڏهن به نه سوچيو هو ته زار شاهيءَ جي خاتمي کان پوءِ ڇا ٿيندو! اهي روسي عوام جي فطرت نه سمجهي سگهيا هئا. کين عوام تي حڪومت ڪرڻ جو فن نه ٿي آيو ۽ اهي خوابن جي دنيا جا رهواسي ها. انهن جا خواب ڪجهه اسٽالن جي دؤر ۾ ته ڪجهه اسٽالن جي موت کان پوءِ ٽٽا. جڏهن ڪروشچوف هن جي ظلم ۽ تشدد جي باري ۾ انڪشاف ڪيا ۽ سولزي نٽسن ان تي نهايت بي جگريءَ سان لکيو، تان جو يو. ايس. ايس. آر جي سربراهه مملڪت گوربچوف،  ”پيرسٽروئڪا“ ڪتاب لکي ساري ڍونگ کي وائکو ڪري ڇڏيو. پر پاڪستان جا دانشور اڃان ساڳئي خواب ۾ رهي رهيا آهن، جنهن ۾ فرينچ ۽ روسي انقلابي هوندا هئا ۽ جنهن حقيقت جو پاڪستان ۽ برصغير جي حقيقت سان ڪوئي واسطو ناهي. معاشي انصاف ضروري آهي، پر اهو ڪيئن اچي، ان جو ڪنهن به قطعي جواب نه ڏنو آهي. سرمائيداري ۽ نج ڪاري به وڏو فراڊ آهي ۽ پوري دنيا ۾ استحصال جو ذريعو آهي. بهتر آهي ته شاعر پنهنجي دنيا ۾ موٽي وڃي ۽ پنهنجي شاعريءَ کي وقت جي خردبرد کان محفوظ رکي. آرٽ فقط زندگيءَ ۾ معاشي ڦيري لاءِ نه آهي. زندگي نهايت وسيع آهي، انهيءَ جو هر پهلو آرٽ جو موضوع ٿي سگهي ٿو. ان کان پوءِ هدايت پريم اسان کي ٽاور آف لنڊن ڏيکارڻ وٺي هليو. اهو ٽاور پري کان ڦڙڪي جو ٿي لڳو پر ويجهو وڃڻ سان نهايت پختو ۽ مضبوط ٿي لڳو. هتي روزانو سياح ايندا آهن.

مون کي سفر جو پورو سلسلو ياد نه ٿو اچي. شايد هدايت پريم اسان کي ٽرئفلگر اسڪوائر وٺي هليو هو. هي تمام وڏو اسڪوائر آهي، جو نيلسن جي بحري فتح جي يادگار طور ٺهرايو ويو آهي. اهو اسڪوائر تڏهن ٺهيو، جڏهن لنڊن پنهنجي حڪومت جي اوج تي هو. اتان ئي لنڊن جا سڀ رستا ڦٽن ٿا. اتي ڪيئي ماڻهو ڪٺا ٿين ٿا ۽ هزارين ڪبوترن کي چوڳو وجهن ٿا. ڪبوترن کي نيلسن جي مجسمي لاءِ ڪائي عزت نظر نه ٿي آئي. لنڊن اڃان ته صاف سٿرو شهر آهي. چين ۾، جهرڪين جڏهن بيجنگ جي ديوارن کي خراب ٿي ڪيو ته مائوزي تنگ ثقافتي انقلاب جي دوران سرخ فوج کي حڪم ڏنو هو ته بيجنگ ۾ هڪ جهرڪي به زندهه نه ڇڏي وڃي ۽ سڀ ماريون وڃن. هي ماڻهو ها يا دئيت ها! تاريخ انهن لاءِ اڃان پوري فتويٰ نه ڏني آهي. رڳو مائوزي تنگ جي هجر اسود جو مجسمو، جيڪو ڪيئي ٽن ڳؤرو هو، رڪ جي رسين سان ٻڌي، ڪنهن ريت ڌرتيءَ تي ليٽائي، گدام ۾ پورو اٿن. لنڊن جي اها حالت نه ٿيڻي آهي، جيئن اڳئين سيرگاهن جي ٿي هئي، جن کي ڏسي هڪ فارسي شاعر چيو هو:

”پرده داري مي ڪند بر قصر قيصر عنڪبوت،

چغد نوبت مي زنده برگنبذ افراسياب.“

معنيٰ: (قيصر جي ڪوٽ تي ڪوريئڙو پردي داري ڪري رهيو آهي. چٻرو افراسياب جي گنبذ تي نقارو وڄائي رهيو آهي.)

مان ڀانيان ٿو ته ٻئي ڏينهن تي اسان آرٽ گئلريءَ ۾ ايل گريڪو، روبنس، ريمبران ۽ ٻين مصورن جون تصويرون ڏٺيون. مون کي اتي اجنتا ٿي ياد آئي، جا مون مائيڪل اينجلو کي ڏيکاري هئي، پر ان ڳالهه تي مان پوءِ ٿو اچان ته مائيڪل اينجلو جو مون کان پنج سؤ سال اڳي ڄائو هو، اهو منهنجو همسفر ڪيئن ٿيو هيو.

شام جو قادر بخش نظاماڻي آيو ۽ ٻئي ڏينهن تي هن جو ڀائيٽو خير محمد نظاماڻي برائيٽن وٺي هليو، جنهن جو احوال مون پنهنجي ڪتاب ’اڀر چنڊ پس پرين‘ جي مهاڳ ۾ لکيو آهي، جيڪو دلچسپيءَ کان خالي نه آهي. ٻئي ڏينهن صبح جو جو ڏهين بجي هڪ پنجابي ڊاڪٽر باري نالي ۽ هن جي زال (نالو وسري ويو آهي، جا پوٺوهار جي پنجابڻ هئي ۽ انهيءَ لهجي ۾ ڳالهائي رهي هئي.) اسان وٽ آيا جي رسول بخش پليجي جا مداح هئا. ٻئي اڌيڙ عمر جا ٿي چڪا هئا، پر هن جي زال ۾ اڃان جوت هئي، جيتري اڌ سڙيل ميڻ بتي ۾ هوندي آهي. هنن مون کي ٻڌايو ته انگلنڊ ۾ رسول بخش پليجي جا پوئلڳ ها، جي اڪثر پنجابي ها. آمريڪا ۾ به تقريباً ساڳي حالت هئي. ڪجهه وقت پوءِ ڊاڪٽر هاليپوٽو آيو جو سنڌ انٽرنيشنل سنڌي ڪانگريس جو پريزيڊنٽ آهي ۽ هن وقت پاڪستان جي ڪنهن جيل ۾ هو ۽ هاڻ آزاد ٿي ويو آهي. الطاف گوهر سان منهنجي پراڻي واقفيت هئي، جو ان وقت بي. سي. سي. آءِ ۾ ملازم هو. جنهن جي سرپرست مرحوم حسن عابدي منهنجي ڪجهه مدد ڪئي هئي. جنهن لاءِ مان هن جو شڪر گذار آهيان. هن اردوءَ جي شاعر افتخار عارف کي مون ڏانن موڪليو، جنهن مون کي الطاف گوهر جا سلام ڏنا ۽ منهنجي خير عافيت پڇي. تازو حوري نورانيءَ جي دعوت تي هو مون سان مليو هو ۽ ٻڌايو هئائين ته جميل جالبيءَ جي جاءِ تي هن کي مقتدره قومي زبان (National Language Authority)  جو چيئرمين مقرر ڪيو هئائون. هن منهنجي ڪتاب ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ ۾ دلچسپي ڏيکاريندي چيو ته ”ان جي اردوءَ ۾ ترجمي جو ڪم مان فهميده رياض يا آفاق صديقيءَ کي سپرد ٿو ڪريان. حوريءَ جي دعوت تي اردو افسانه نويس هاجره مسرور ۽ هن جي مڙس احمد علي خان سان به منهنجي ملاقات ٿي، جيڪو روزاني ڊان جو ايڊيٽر آهي ۽ سارو وقت منهنجي ڀرسان ويٺو رهيو ۽ قومي ۽ بين الاقوامي حالات تي مون سان خيالن جي ڏي وٺ پئي ڪيائين. مان حالات جي نزاڪت کي مدِنظر رکي، ان تي تبصرو نه ٿو ڪيان، اُتي منهنجي شاعريءَ جي اردوءَ ۾ مترجم فهميده رياض ۽ ٻين ڪيترن ئي اردوءَ جي اديبن سان ملاقات ٿي، جيڪي نهايت محبت ۽ جوش سان مليا. انهن مان ڪي اڳيان ترقي پسند به هئا. احمد علي خان سان گفتگوءَ کان پوءِ مون سان فهميده رياض ملي، جڏهن مان وڃي رهيو هوس ۽ چيائين ته تنهنجا سنڌي شاعريءَ جا پويان ڪتاب ته بي مثال آهن. هوءَ سنڌي چڱيءَ طرح ڄاڻي ۽ اڳي منهنجي منتخب ڪلام جو اردوءَ ۾ منظوم ترجمو ڪري سنڌالاجيءَ مان ڇپايو هيائين، جنهن جي اردو دنيا ۾ اهميت انهيءَ ڪري،  نه ٿي جو فهميده رياض ۽ هن جو سنڌي مڙس ظفر اڄڻ، ڀٽي کي ڦاسيءَ کان پوءِ هندستان جلاوطن هيا ۽ اتي ست سال رهيا ها، جتي فهميده رياض انگريزيءَ ۾ پاڪستاني ادب تي ڪتاب لکيو هو. جنهن ۾ پاڪستاني اديبن ۾ فقط مون تي خاص باب لکيو هئائين. منهنجي فهميده رياض سان پهرين ملاقات سبطِ حسن جي گهر تي سعيده گذدر جي موجودگيءَ ۾  ٿي هئي. جتي هن بلوچي بغاوت تي اردوءَ ۾ هڪ نظم ٻڌايو هو. هوءَ ان وقت رياض جي زال نه رهي هئي ۽ غالباً لنڊن مان موٽي آئي هئي. ٻئي ڀيري جڏهن هن جي ظفر اڄڻ سان شادي ٿي چڪي هئي، تڏهن مون هن کان پڇيو: ”تو ظفر سان شادي ڪئين ڪئي؟“ هن مختصر جواب ڏنو: ”مان ۽ ظفر ساڳيءَ آفيس ۾ ڪم ڪندا هياسين، هڪ ڏينهن ظفر اوچتو منهنجي ٻانهن ۾ هٿ وجهي پڇيو: ”مون سان شادي ڪندينءِ؟“ مون به چيو: ”ها. پوءِ اسان ٻنهي جي شادي ٿي وئي.“

هن جو انگريزيءَ ۾ ڪتاب مون کي انور فگار هڪڙو سکر ۾ ڏئي ويو هو جو شڪاپور جو عاشق ۽ منهنجي استاد کيئل داس فانيءَ جو وڏو مداح آهي ۽ جنهن هن جي ڪلام کي ترتيب ڏنو آهي ۽ اهو ادبي بورڊ کي ڇپائيءَ لاءِ حوالي ڪيو اٿائين. هن ئي منهنجي ڄم جي اصل تاريخ ۽ ’سدُرشن‘ رسالي مان منهنجي پهرين شعر جي فوٽو ڪاپي مون کي موڪلي هئي ۽ اهو نظم هاڻي شڪاپور هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي ڇپايل ڪتاب ’شڪاپور صدين کان‘ ۾ ڪنهن مضمون ۾ ڇپيو آهي.

هاڻي ڪرامويل هاسپيٽل کي ڇڏي گهڻي دير ٿي وئي آهي. بقول نصير مرزا زندگيءَ کي ريوائنڊ (Rewind)  ڪيان ٿو ۽ ڪرامويل هاسپيٽل ۾ موٽي ٿو وڃان. پر جيستائين زندگي روائينڊ ٿي، ڪوئي صاحب بنا اڳ طئه ڪيل وقت جي اچي نڪري ٿو ۽ مان زندگيءَ جو وڊيو ڪئسٽ ميز تي رکي ٿو ڇڏيان.

مون کي هڪ واقعو ياد آيو ته مان هڪ ڊچ آرٽسٽ وٽ خيرپور ويندو هوس، جو اتي گهرو هنر جي تعليم ڏيندو هو ۽ جنهن جو تحفي طور ڏنل هڪ خوبصورت واز (Vase)  اڃان تائين مون وٽ ڊرائينگ روم ۾ رکيو آهي.

مان هن وٽ ويٺو هوس ۽ ڪائنات جي تخليق جي باري ۾ هن جون حيرت انگيز تصويرون ڏسي رهيو هوس ته هن جي در تي ٺڙڪو ٿيو. هن دروازو ٿورو کولي ملاقاتيءَ کي چيو: ”اڄ مون کي وقت ناهي، سڀاڻي اچجانءِ.“ دروازو ٺڪ سان بند ڪري ڇڏيائين. پوءِ مون کي معلوم ٿيو ته اهو شخص هن جو دوست هو ۽ روز شام جو هن سان گڏجي چهل قدمي ڪرڻ ويندو هو. اي ڪاش!......

مون کي لنڊن مان موٽي شڪاپور جي گهٽين ۾ وڃڻو آهي ۽ ان تقدير جو تسلسل بيان ڪرڻو آهي، جا انگريز شاعرن آڊن هيٺين لفظن ۾ ظهاري آهي:

All L have a voice                                                                           

To undo the folded lie                                                                  

The romantic lie we have in the brain of the sexual man in the street.                                                                                         

ترجمو: (مون وٽ جو ڪجهه به آهي، آواز آهي.

جو ان پيچيده دروغ گوئيءَ جون ڳنڍيون کولي ٿو.

ان رومانوي دروغ گوئيءَ جون، جا گهٽيءَ ۾ هڪ جنسيات پرست ۽ دنيوي انسان ۾ آهي.)

پر ان تسلسل ڏانهن موٽڻ لاءِ هن لنڊن جي سفر جو احوال پورو ڪرڻو آهي، جو تاريخ وار مون کي ياد ناهي. ڪرامويل هاسٽل ۾ منهنجي رهائش کان هڪ ڏينهن پوءِ راج چيو هو ته: ”اڄ رات جي ماني سڀني سان گڏجي اسان وٽ کائجانءِ.“ اسان راج جي گهر وياسين جو پهرين منزل تي هو، جتي پهچڻ لاءِ لفٽ لڳل هئي. هڪ بنگالي بورچيءَ جا تريل سنبوسا کائي ۽ ٿوري وسڪي پي، اسان مانيءَ جي ميز تي آياسين. گفتگو ۾ ڪا گرم جوشي ڪانه هئي، ڪابه رنگيني نه هئي ۽ اها مانيءَ وانگر بي سواد هئي. سال 1976ع ۾ جڏهن مان اڪيلو ويو هوس ته راج جي گهر ڪينٽڪي چڪن (Kentukky Chicken)  سان وسڪي ڏاڍي وڻي هئي. مانيءَ کان پوءِ راج اسان کي ڪرامويل هاسٽل ۾ ڇڏي ويو. ها، گيتا کي جڏهن منهنجي ڏوهٽيءَ جو نالو روماسا ٻڌايو  ويو ته هن حيرت مان پڇيو ته: ”اهو ڪهڙيءَ ٻوليءَ جو نالو آهي؟“ مون جواب ڏنو ته: ”سنڌيءَ جو. ڀيرومل مهرچند پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ هڪ سنڌي راڻيءَ جو نالو روماسا لکيو آهي.“ پر جڏهن لاهور ۾ منهنجي پٽ سليم جي شادي ٿي هئي، تڏهن هن جي سهري خواجه يوسف مون کي ٻڌايو هو ته اهو فارسيءَ جو لفظ آهي جو ’رو ـــ مهه ـــ سا‘ يعني ’منهن چنڊ جهڙو‘ آهي. ان کان پوءِ گيتا ۽ راج هاسٽل تي آيا نه فون تي پڇيائون ته مون دل جي باءِ پاس ڪرائي يا نه؟ ۽ جيئرو به بچيو آهيان يا نه؟ منهنجي اي. سي. جي (ECG)  ۽ مئگنيٽڪ اسڪيننگ (Magnetic Scaning) رپورٽن ۾ ڪجهه به نه نڪتو هو. رڳو آرٿرائيٽس (Arthritis) جي تڪليف هئي، جنهن لاءِ ڊاڪٽر فقط ٺڳيءَ جي في ورتي ۽ ٻه ڊسپرين جون گوريون ڏنائين، جي مون نه کاڌيون ڇو ته اهي ڪئنسر ڪنديون آهن.

ٻئي ڏينهن اسان پول شاعره جي دڪان تان، پولنڊ جي ادب ۽ ان جي سياست جي باري ۾ ڪتاب خريد ڪيا. هن مون کان منهنجي ايڊريس ورتي ۽ پوءِ جڏهن کيس معلوم ٿيو ته مان هڪ دور دراز ديس جو شاعر آهيان، تڏهن هن مون کان پنهنجي پولش شاعريءَ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب تحفي طور ڏنو. پوءِ اسان ٽيوب ٽرين ۾ ڦرندا رهياسون. ان وقت مون کي غالب جو شعر ياد اچي رهيو هو:

”غنچه تا شگفتنها برگ عافيت معلوم

باوجود دلجمعي خواب گل پريشان هي.“

ترجمو: (مکڙي ٽڙڻ تائين هوندي، انهن جي پتين جي پڇاڙي معلوم آهي. ٿر ٿانءُ هجي ته ڇا، گل جو خواب ته پوءِ به پريشان آهي.)

جڏهن مان بمبئيءَ ۾ ’شاهه سچل، سامي‘ سيمينار ۾ صدارت لاءِ ويو هوس، تڏهن گيتا به لنڊن مان آئي هئي. موتي پرڪاش ۽ ڪلا پرڪاش به دبئيءَ مان آيا هئا. گيتا پنهنجي اڳوڻي باندرا واري گهر ۾ رهيل هئي. هن اتان ارجن شاد کي فون ڪيو ته: ”اياز هتي ڪجهه ڏينهن کان رهيل آهي، پر مون کي فون به نه ڪئي اٿائين.“ ارجن شاد منهنجو دوست آهي. هن منهنجي زرينا جي پنهنجي گهر ۾ ماني ڪئي هئي. جتي ارجن جي زال موهني، زرينا سان ايترو گهائل مائل ٿي وئي هئي، جو اسان جي موٽڻ کان ٻه ڏينهن اڳ ٺاڪر چاولا جي گهر آئي، جتي اسان رهيل هئاسين، اتي هن زرينا کي ٺاهوڪو جوڙو تحفي ۾ ڏنو. جڏهن هن مون کي گيتا جي ميار ڏني، تڏهن مون هن کي هي فارسيءَ جو شعر ٻڌايو:

”مرنجان دلش را که اين مرغ وحشي

زبامي که برخواست مشڪل نشيند.“

ترجمو: (ان جي دل نه رنجاءِ، جو اهو وحشي پکي،

جنهن بام (ڇڄهري) تان اٿي ويو، ان تي مشڪل سان ويهندو آهي.)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org