محمد ابراهيم جويي به جڏهن ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ پڙهيو هو،
تڏهن هُن به ساڳي ڳالهه ڪئي هئي. مون جڏهن پنهنجي
آتم ڪهاڻيءَ جو ٻيو حصو ”ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“ جي
نالي سان ڪجهه لکيو، ته ٻه شخص ان ڳالهه جا اکين
ڏٺا شاهد آهن ته مون مهيني کن ۾ پنهنجي نوٽ بوڪن ۾
يارنهن سؤ صفحا لکيا آهن. هڪ ستار پيرزادو جو ان
ڪتاب جو نقل ڪرڻ هر روز ايندو آهي ۽ ٻيو عبدالحميد
ابڙو، جيڪو ملير جو سيشن جج آهي ۽ جنهن جهڙو، جمال
ابڙي کان سواءِ، مون سان ڪوئي ٻيو ادب دوست ۽ راڳ
جو ڄاڻو جج نه مليو آهي. عبدالحميد ابڙو چوندو آهي
ته مون کي ٻن دانشورن سان عقيدت رهي آهي، هڪ مرحوم
اي. ڪي. بروهي سان ۽ ٻيو مون (شيخ اياز) سان. هن
کي شاهه لطيف جي رسالي جو ڪيترو حصو ياد آهي. مون
هن کي ٻڌايو ته مون شاهه جو پورو رسالو 1968ع ۾
ساهيوال جيل ۾ چڱيءَ طرح پڙهيو ۽ پوءِ ان کي پڙهڻ
ڇڏي ڏنو، ڇو ته منهنجي شاعريءَ ۾ شاهه لطيف جا لفظ
اُڀري ٿي آيا ۽ مون خليفي نبي بخش وانگر هن جو
پڙاڏو ٿيڻ نه ٿي چاهيو. مون هن کي چيو، ”هاڻي مون
کي هن ڪتاب ۾ ڀٽائيءَ جا ڪجهه بيت گهرجن.“ هن ان
وقت حافظي مان مون کي ڪيئي بيت لکايا. جن مان ڪي
هن ڪتاب ۾ ٽڙيل پکڙيل آهن. هاڻي جڏهن منهنجي عمر
جا 72 سال مارچ 1996ع تي پورا ٿيا آهن ۽ زندگيءَ
جو نشيب و فراز، نيڪ ۽ بد، حسن و قباحت پوري
گهرائيءَ سان ڏسي چڪو آهيان ۽ اهو منهنجي رڳ رڳ ۾
سرايت ڪري ويو آهي، تڏهن وري مون کي وليم بليڪ جا
لفظ ياد ٿا اچن:
”جنهن دؤر ۾ شاعر جو ڪم مڪمل ٿيندو آهي ۽ پنهنجي دؤر جا وڏا
واقعا رونما ٿيندا آهن ۽ اُهي انهيءَ دؤر ۾ پرجهيا
پروڙيا ويندا آهن، تڏهن شاعري تخليق ٿيندي آهي. هڪ
گهڙيءَ ۾ نبض جي هڪ ڌڪ ڌڪ ۾.“
ان ڳالهه ۾ اعتبار ته شاعري الهام آهي، مون هر وقت ۽ هر جاءِ تي
ڪيو آهي. حضرت عيسيٰ دوم چيو هو ته: ”هو خدا جا
الفاظ تڏهن چئي سگهندو هو، جڏهن هڪ فرشتو هٿن ۾
ٽانڊا کڻي، هن جي چپن سان مهٽي انهن کي پاڪ ڪندو
هو.“
اها ڳالهه مون جان پريس
(John Press)
جي ڪتاب ’باهه ۽ چشمو‘
(Fire and the Fountain)
۾ پڙهي آهي. ان ۾ وڌيڪ لکيل آهي ته:
”ملٽن به اهڙو تصور ڇڏيو آهي ته اهڙي تخليق پنهنجي پٺيان ڇڏيان
جو زندهه جاويد هجي.“
ڪيترائي شاعر آهن، جن پاڻ کان ٻاهر ڪنهن مافوق الفطرت قوت جي
رهنمائي پنهنجي لاءِ ضروري سمجهي آهي. غالب چيو
آهي:
’آتي هين غيب سي يه مضامين خيال مين
غــالـب صــريـــــر خامھ نوائي سروش هي.‘
ترجمو: (هي مضمون غيب مان منهنجي خيال ۾ اچي رهيا آهن.
اي غالب! قلم جو آواز فرشتي جي سڏ وانگر آهي.)
اردو ۽ فارسيءَ ۾ ان مافوق الفطرت قوت کي ’هاتف‘ چوندا آهن.
ڪنهن مهل اها قوت شاعر کي پورو نظم لکائي ٿي، ڪنهن
وقت ترنم واري هڪ سٽ لکائي ٿي ۽ ٻئي ڏينهن لاءِ
مواد مهيا ڪري ڏئي ٿي. ڊبليو. بي. ييٽس
(W.B Yeats)
پنهنجي موت جي بستري تي هڪ نظم لاءِ مواد نثر ۾ 7 جنوري 1939ع
تي ٽين وڳي صبح جو لکايو هو. پر اهو نظم 23 جنوري
1939ع تي مڪمل ٿيو هو. اها ڳالهه مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب
۾ فخر سان لکيل آهي. ييٽس اهو شاعر هو، جنهن ’گيتا
نجليءَ‘ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو ته رابندناٿ
ٽئگور کي نوبل انعام مليو هو. جو هونءَ شايد کيس
نه ملي ها. انهيءَ ييٽس جي فقط هڪ نظم جو ذڪر
ايتري طمطراق سان ڪيو ويو آهي. پر مون ان ڪيفيت ۾
ڪيئي ڪتاب لکيا آهن، ان هوندي به پراوا ته ڇا پر
پنهنجا به اها قدرداني نه ٿا ڪن، جو ڪنهن وات
ڳاڙهي کي جيڪي جيءَ ۾ اچي ٿو، منهنجي باري ۾ لکي
ٿو. غالب ساڳيءَ ڪيفيت ۾ هڪ شعر لکيو هو:
تو اي کھ محو سخن گسترانِ پيشيني
مـــباش منکر غالب کھ در زمان تُست
ترجمو: (تون جواڳين شاعرن جي سُخن ۾ محو ٿي ويو آهين،
غالب جو منڪر نه ٿيءُ جو تنهنجي وقت ۾ آهي.)
دراصل اها زماني جي ناشناسي ڪا نئين ڳالهه ناهي. فردوسيءَ جو
جنازو طوس مان هڪ طرف کان نڪري رهيو هو ته محمود
غزنويءَ جا موڪليل مُهرن سان اٺ ٻئي دروازي کان
اچي رهيا ها.
جيڪڏهن حالي ’يادگار غالب‘ نه لکي ها ۽ عبدالرحمان بجنوري غالب
تي ڪتابچي ۾ ائين نه لکي ها ته: ”هندوستان ۾ ٻه
مقدس ڪتاب لکيا ويا آهن، ’ويد‘ ۽ ‘ديوانِ غالب‘ ته
غالب جو قدر نه ٿئي ها. نه ته هونءَ غالب جي ديوان
مان پساري پڙيون ٻڌندا رهن ها. پر انهن ڪتابن جي
ڇپجڻ کان پوءِ سڄي هندوستان ۾ واهه واهه ٿي وئي.
سنڌ ۾ نقاد پراڻيون خرزينون کوليندا رهيا آهن ته من ڪوئي سڳر
ٿوڪ ملي پوي. هتي، جيڪڏهن لعل لِڏ مان لڀي پوندو
آهي ته ان جي قيمت هونءَ کان سؤ ڀيرا وڌيڪ هوندي
آهي. بهرصورت نه غالب پنهنجي مڃتا لاءِ لکيو هو،
نه مان لکندو آهيان ۽ نه ڪوئي قابل ذڪر شاعر لکندو
آهي. مون کي اهي شاعر نه وڻندا آهن، جي هڪ
مشاعريءَ ۾ غزل، نظم يا وائي پڙهڻ لاءِ ٽي سؤ ميل
سفر ڪري ايندا آهن ۽ پنڊال ۾ ويهي ان ڳالهه جو
انتظار ڪندا آهن ته، ڪڏهن ٿو هنن جو وارو اچي.
جڏهن شعر پڙهي کيپ کٽندا آهن، تڏهن تهه سياري ۾ به
پگهرجي ويندا آهن. شايد هنن کي علامه اقبال جو
هيٺيون شعر تسلي ڏيندو آهي:
موتي سمجهه کي شان کريمي هي چن لئي
قــــطرات تهــي جــــو مري عرقِ انفعال کي.
ترجمو: (موتي سمجهي ڪريم جي شان چونڊي ورتا
منهنجا پگهر ڦڙا جيڪي مايوسيءَ ۾ وهيل ها.)
سچ ته اهو آهي ته شاعر پنهنجي ذات جي تڪميل لاءِ لکندو آهي ۽ نه
ٻين جي تحسين لاءِ. فقط امير مينائيءَ جهڙا شاعر
لکندا آهن ته:
صد بوتلون کان نشه هي اس واهه واهه مين
اڄڪلهه جيڪي منهنجي دل شڪني ڪرڻ چاهين ٿا، تن کي ڏسي مون کي
صائب جو هيٺيون شعر ياد ٿو اچي:
به نخل بار وَر سنگ از درو ديوار مي بارد
اگـــــر اهلِ دلي آماده شو صائب ملامترا
ترجمو: (هي ميويدار وڻ تي هر طرف کان پٿر اڇلايا ويندا آهن،
اي ائب! جيڪڏهن تون اهل دل آهين ته ملامت تي هري وڃ.)
مان هنن کي ڪيئن سمجهايان ته ماديت جي فلسفي ۾ اعتبار انسان ذات
۾ برابريءَ جي نفي آهي. مون اٽليءَ جي هڪ ڪرسچن
سوشلسٽ پارٽيءَ جي مئني فيسٽو جا پهرين سٽ پڙهي،
اها هئي:
Man is born in the image of the divine.
(انسان پرتو الاهي آهي.) اهوئي فلسفو آهي، جو صحيح
جمهوريت جو بنياد آهي، ڇوته هڪ پرتو الاهي ٻئي
پرتو الاهيءَ کان برتر نه ٿو ٿي سگهي ۽ ان جي
استحصال جي لاءِ ڪوئي به جواز نه ٿو رهي. باقي جي
انسان، انسان کي مادو سمجهن ٿا ۽ چون ٿا ته هن کي
روح نه آهي، انهن کي پنهنجي مقصد لاءِ استحصال تي
عار ڇو ٿئي؟ ان لاءِ مون کي ڪوبه سبب نظر نه ٿو
اچي. مون کي جواهر وجديءَ جو هڪ فارسي شعر ياد اچي
رهيو آهي:
ازدلــم انــديـــشھء آن لعل آتش گون گذشته
گويا از دريائي آتش زور قي پر خون گذشت
ترجمو: (دل مان هن باهه جهڙي لعل جو خيال نڪري ويو.
ڄڻ باهه جي درياهه مان ڪائي خون سان رڱيل ٻيڙي هلي وئي.)
مون کي پنهنجي نئين نسل جي بي سمجهي ۽ بيقدري ڏسي ڀٽائيءَ جو هڪ
بيت ٿو ياد اچي:
آڏ تـــراڇــا آهــــڙا، ڏونــــــگر ۾ ڏارون،
هيئون هيرڻ پن جيئن، ڦٽي ٿيو ڦارون،
ڪنهن کي ڏيکاريون، ڪونهي سوداگر سُور جي.
ڪالهه ڊاڪٽر مهڪريءَ جي ڳالهه نڪتي جو منهنجو بزرگ دوست هو.
جنهن جي مون اڳ پنهنجي ڪتاب ’جڳ مڙيوئي سپنو‘ ۾
تعريف به ڪئي هئي. اڄ ستار پيرزادو هن جو ڪتاب
”مهڪري جا مضمون“ کڻي آيو آهي، جيڪو محمد ابراهيم
جويي ترجمو ڪري ڇپرايو آهي. مون ڪتاب کوليو آهي ته
ڏٺو هڪ مضمون آهي: ”ڇا کٽولي جو موت نه کپي!“ ان ۾
ميسور جي جنگ ۾ ٽيپو سلطان جي موت، سقراط جو
خوشيءَ سان زهر پي مرڻ، مسيح جو مصلوب ٿيڻ، منصور
حلاج جو پنهنجي ڦاسيءَ جي رسيءَ کي چمي ڏئي مرڻ،
صوفي سرمد جي سر جو ڪپجڻ، قراة العين طاهره جو
جلاد جي هٿان موت، سيزر جو بروٽس جي خنجر سان موت،
انهن سڀني موتن کي ساراهي چيو اٿس ته: ”اهي جڳان
جڳ جيئرا آهن ۽ پنهنجي ذاتي معجزي سان هنن پاڻ کي
کٽولي جي عام ۽ حقير موت کان بچائي ورتو.
حضرت عيسيٰ ته خدا جو پيغمبر هو ۽ هن جي شهادت مشيت ايزيءَ جو
حصو هئي. پر ڇا هر ماڻهوءَ جو کٽولي تي موت حقير ۽
عام موت آهي؟ مون کي اهو مضمون پڙهي مرڪ آئي هئي.
مهڪري ته پاڻ 84 ورهين جي عمر ۾ بستري تي موت مئو
۽ هن ٽي ڀيرا پنهنجي پنهنجي ٻانهن ۾ مشين وجهائي
هئي، جنهن تي هن جي دل دڪ دڪ ڪندي هئي ۽ سندس
مترجم جويو صاحب به اسي ورهين کان مٿي ٿي چڪو آهي،
منهنجي دعا آهي ته قدرت کيس ڪنهن اتفاقي موت کان
محفوظ رکي ۽ هو به پنهنجو نتيجه خير ڪم ڪندو،
بستري تي وفات پائي.
پر ڇا مائيڪل اينجلو، سسٽين چئپل
(Sistine Chapel)
تي ڏينهن رات محنت ڪري غلطي ڪئي؟ ڇا بهتر ٿئي ها جي هو ان دؤر
جي ڪنهن مقامي جنگ ۾ ماريو وڃي ها! هو 1664ع ۾
ڄائو هو ۽ 1775ع ۾ گذاري ويو. جي هو ايترو نه جيئي
ها ته تخليق آدم جهڙي شاهڪار تصوير ڪڍي سگهي ها؟
ڪالي داس 375ع کان 455ع تائين زندگي ماڻي ۽ چندر
گپت جي دؤر ۾ ’وڪرم اروشي‘، ’ميگهه دوت‘ ۽
’شڪنتلا‘ جهڙا شاهڪار لکيائين. جي هو اڳ ۾ مري وڃي
ها ته دنيا عظيم ناٽڪن کان محروم رهجي وڃي ها.
شيڪسپيئر 1564ع تي ڄائو هو ۽ 1616ع ۾ وفات ڪيائين ۽ ايلزبيٿ
اعظم جي دؤر کي سرسبز ڪري ويو.
سعديءَ لاءِ چون ٿا ته هن سؤ سالن کان وڌيڪ زندگي ماڻي ۽ بهترين
غزل ۽ ’بوستان‘ ۽ ’گلستان‘ جهڙا شاهڪار مڪمل ڪري
ورتائين.
امير خسروءَ جي دؤر ۾ اٺ جنگيون ٿيون هيون، جيڪڏهن هو هر جنگ ۾
بچي نه وڃي ها ته اهي غزل ۽ بي مثال ’ڪهه مڪرنيون‘
ڪير لکي ها؟ ۽ سازن ۾ ستار ۽ موسيقيءَ ۾ خيال ڪير
ايجاد ڪري ها؟
اطالوي شاعر ليو پارڊي 1798ع کان 1837ع تائين جيئرو هو ۽ روس جو
رومانوي شاعر لرمنتوف ويڙهه
(Duel)
۾ ماريو ويو. هو ڪم عمريءَ ۾ وفات سبب ايترو
تخليق ڪري نه سگهيا جيتري هنن ۾ صلاحيت هئي.
ليوناڊو ڊوانچي، دنيا جي عظيم شاهڪارن ’رات جي پوئين ماني‘
(Last Supper)
۽ ’مونا ليزا‘ جو خالق 1452ع ۾ ڄائو هو ۽ 1519ع ۾
گذاري ويو. هو جي اڃان وڌيڪ جيئي ها ته دنيا کي
ٻيو به امر آرٽ ڏئي سگهي ها.
عظيم مصور وان گوگ 1853ع ۾ ڄائو هو. 1890ع ۾ جوانيءَ ۾ پاڻ کي
گولي هڻي ماريو هئائين. هن جي موت سان دنيا ڪيترين
تصويرن کان محروم ٿي وئي؟
ڀٽائيءَ کي جي طويل عمري ملي ها ته وڌيڪ سُر ڏئي سگهي ها. جي
دودي ۽ درياءَ خان سان گڏ دفنايا نه وڃن ها. تاريخ
۾ اهڙا هزارين مثال آهن، جي ثابت ڪن ٿا ته شاعر ۽
اديب جي مَسُ، ڪنهن وقت شهيد جي خون کان وڌيڪ اهم
هوندي آهي. هن کي ساري زندگي صليب ڪلهن تي کڻڻي
پوي ٿي ۽ ڪيئي بروٽس کيس پٺيءَ ۾ ڇرو هڻن ٿا. خود
مهڪريءَ جا ڏنل مثال ڏسو. قراة العين طاهره ۽ سرمد
تي موت مسلط ڪيو ويو هو. سقراط زهر نه پيئي ها ۽
جلاوطني قبولي ها ته فلسفي کي وڌيڪ گهرائي ڏئي
سگهي ها.
مهڪريءَ جو ڏنل ٽيپو سلطان جو مثال ذرا مختلف آهي. هو آزاديءَ
جي جنگ ۾ ايترو وچڙي ويو هو، جو هن جي پٺ تي موٽ
جو سوال ئي نه ٿي اٿيو. انگريزن جي گهيراؤ ۾
بهادريءَ سان وڙهندي ماريو ويو، پر جي هو تانتيا
ٽوپي، جهانسيءَ جي راڻي ۽ نانا صاحب وانگر هڪ
هنڌان ٻئي هنڌ ڀڄي سگهي ها ته انگريزن سان گوريلا
جنگ وڙهندي، هنن کي وڌيڪ ٽوٽا چٻائي سگهي ها.
شهادت يا طويل عمري خدا جي دين آهي. انسان اها
سجائي ڪري ته هو شهيد کان وڌيڪ دنيا کي ڏئي ٿو
سگهي.
ڪن سياستدانن جون جڏهن ڪاٺيون کپي وڃن ٿيون، تڏهن هُو دونهين
دکندي رکڻ لاءِ نوجوانن جا هڏا ان ۾ ڪاٺيون ڪري
وجهن ٿا. ان ڪري سندن شهادت جي اهميت جتائين ٿا.
ڪنهن به ترقي پسند کان موت لاءِ پڇبو ته چوندو ته، موت بري
ڳالهه آهي. پوءِ به هو ڪيترن نوجوانن کي انقلاب جي
مچ کي مچائڻ لاءِ استعمال ڪري ٿو. مون وٽ چين جي
انهن شاعرن تي هڪ ڪتاب آهي، جي هڪ اڌ نظم لکي چانگ
ڪائي شيڪ جي گوليءَ سان اڏايا ويا ها.
ڪيئن چئجي ته اهي زندهه رهن ها ته انهن مان ڪوئي لائوزو ۽
ڪنفيوشس کان به وڏو مفڪر پيدا ٿئي ها. غالب، بهادر
شاهه ظفر سان گڏ 1857ع واري بلوي ۾ مري پوي ها ته
فرق رڳو اهو پوي ها ته اسان غالب جي ديوان کان
محروم ٿي وڃون ها. شاهه لطيف ڀٽائي، مدد جي خلاف
تلوار کڻي ها ته ڪهڙا ڦاڙها ماري ها؟ رڳو سنڌ کي
زندهه جاويد ڪرڻ وارو رسالو تخليق نه ٿئي ها.
ادب ۽ آرٽ، سياست جو هٿ ڪنڊو نه آهي. دراصل ويهين صديءَ ۾ ادب ۽
آرٽ جي ٿيوريءَ سان راڱا ڪيا ويا آهن. ڇا شاعر جو
اهو ڪم نه آهي ته هُو پڙهندڙ کي ڌرتيءَ جي ساري دک
مان ڪجهه وقت لاءِ نجات ڏياري؟ ’آرٽ آرٽ جي لاءِ‘
واري نظرئي ۾ ڪائي رجعت پرستي نه آهي. آخر معاشي ۽
اقتصادي انقلاب جو مقصد ڇا آهي؟ اهو ئي ته انسان
جا معاشي ۽ اقتصادي مسئلا حل ڪري، هن کي تخليقي
سرگرمين لاءِ فرصت مهيا ڪري ڏني وڃي. ان لاءِ ڀلي
انقلابي ۽ سياستدان جاکوڙين. پنهنجا نظريا آرٽسٽ
جي نڪ ۾ ناڪيلي نه ڪن ته بهتر ٿيندو. آرٽ ابدي
آهي، سياست عارضي آهي. چار تقريرون ۽ آخر ۾ ايتري
خاموشي جو ماڻهو سچ به چئي نه سگهي! آرٽ ۾ ابدي سچ
آهي، جنهن کي وقت پائمال ڪري نه ٿو سگهي.
مون کي پنهنجي بزرگ دوست مهڪريءَ سان بيحد پيار هو. مان جڏهن
وائيس چانسلر هوس ته اسان منجهند جي ماني اڪثر گڏ
کائيندا هئاسين. هن جي ظرافت نهايت سنجيده ۽
زندگيءَ جو دور رس نقطه نظر بي مثال هو. پر ان جي
معنيٰ اها نه آهي ته مون کي هن سان اختلاف جو حق
نه آهي. رات جو جيڪي شب گرد مون سان گڏ ڦرندا آهن،
انهن ۾ ڊاڪٽر مهڪري به هوندو آهي.
وري موٽي ٿو اچان پنهنجي اصل موضوع آرٽ جي تخليق تي. آرٽ کان
سواءِ ٻي هر تخليق آرٽسٽ لاءِ بي معنيٰ آهي. پال
گوگين جي ڀونِ وچ سمنڊ جي هڪ ٻيٽ تي پالينيزين
(Polynesian)
عورتن جون ننگيون تصويرون ڪڍندي، هڪ پالينيزين
عورت سان محبت ٿي وئي ۽ ان مان هن کي هڪ پٽ ڄائو.
پال گوگين جي موت کان اٽڪل اڌ صدي پوءِ هڪ لائيف
مئگزين جي فوٽو گرافر انهيءَ سرزمين جي ۽ ان تي
رهندڙ خوبصورت عورتن جي فوٽوگرافي ڪرڻ ويو، جن
گوگين جي مصوريءَ کي اتساهيو هو. هن پال گوگين جي
پٽ کي ڳولي لڌو. هو نِڪر پائي ڪناري تي مڇي ڦاسائڻ
لاءِ ڪُنڍي وجهي ويٺو هو. هن جو پيٽ وڏو ۽ بي ڊولو
ٿي لڳو. مٿو گنجو ٿي ويو هوس ۽ منهن ۾ گهنج پئجي
ويا هئس. هن جو منهن پاروٿي گدري جهڙو ٿي لڳو. هن
جون ٻانهون ۽ ٽنگون ڦلهڙيون ۽ اڌ سڪل ڪمند جي ڇڙين
وانگر ٿي لڳيون. هُو ڪُنڍي وجهي آسري ۾ ويٺو هو ته
مڇي ڪڏهن ٿي ڦاسي.
مون هن جو لائيف رسالي ۾ فوٽو ڏسي ٽهڪ ڏنو. ڇا جيڪو مصور نهايت
خوبصورت تصويرون ڪڍي ٿي سگهيو، اهو تصور به ڪري ٿي
سگهيو ته ازلي مصور هن سان اهڙو مذاق ڪندو؟
زرينا، رمضان جي برڪتن جو مهينو آهي. تون ڀلي درود شريف پڙهه ۽
دعا ۾ مون کي شامل رکج، جيئن مان اهو سڀ ڪجهه لکي
پورو ڪريان، جو مان لکڻ چاهيان ٿو ۽ جيئن ڪنڀر جي
نهائينءَ وانگر ڪوئي ڪچو گهڙو نه نڪري، جو سهڻيءَ
کي سير ۾ ٻوڙي ماري.
انگريزي شاعر ڊريٽن
(Drayton)
، جرمن شاعر مارلو
(Marlowe)
تي هڪ شعر لکيو هو:
For that fine madness still he did retain
Which rightly should possess a poets brain.
ترجمو: (هن ۾ اڃان تائين اها عمدي ديوانگي هئي،
جا ڪنهن شاعر جي دماغ تي حاوي هئڻ گهرجي.)
ساڳيءَ ڳالهه جو جرمن شاعر شلر
(Schiller)
ذڪر ڪري ٿو. جڏهن هو چوي ٿو ته: ”تخليق ڪارن ۾ عارضي ۽ ٿوري
وقت لاءِ ديوانگي ٿيندي آهي.“ ڇا اها ديوانگيءَ جي
ڪيفيت مون کان لکائي رهي آهي؟ ننڊ مان وري وري
جاڳائي رهي آهي؟ مون کي ڀٽائيءَ جون ڪجهه سِٽون
ياد ٿيون اچن:
ڪَنُ ٿي ڪيچين ڪڇيو، ڪُڇ نه ڪڇيائون،
رهــي نه رتـــيءَ جــيــتـــري، انـهـــن وٽ آئــــون،
وڍي وڌائـــون، هـــو جـــــــو وڻ هـــئـــــڻ جــــــــو.
ڪُن ٿي، ڪيچين ڪڇيو، ڪڇ نه ٿا ڪڇن،
پــــــاڙان پــــوءِ وڍن، هُــو جــو وڻ هـــئــــڻ جـــو.
منهنجي ذهن ۾ ڪيئي تخليق ڪار اڀري اچن ٿا ۽ ڪنهن وقت منهنجي
رهنمائي ڪن ٿا، جيئن ٽي. ايس. ايليٽ جو وليم بليڪ
۽ ڊانٽي جي جهنم ۽ بودليئر جي زندگيءَ جي ’پالهي
پڻي‘ جو تصور، هن جي هيٺين سٽن ۾ اڀري اچي ٿو.
جڏهن هو لنڊن جي باري لکي ٿو.
”غير حقيقي شهر
سياري جي ناسي باک جي ڪوهيڙي ۾
هڪ هجوم لنڊن پُل تان وڃي رهيو هو، ايترا ماڻهو،
مون نه ڄاتو هو ته موت ايترن کي مات ڪري چڪو آهي.“
اها ساڳي اثر جي ڳالهه آهي، جيئن مئين عنات ۽ لطف الله قادريءَ
جي شاعريءَ جو ڀٽائيءَ جي شاعريءَ تي اثر آهي. ڇو
ته ان ۾ مئين عنات ۽ لطف الله قادريءَ جون ڪيئي
سٽون اچي ويون آهن ۽ انهن ۾ ڪٿي ڪٿي ٿوري ڦير گهير
ٿيل آهي. ٽي. ايس. ايليٽ ۾ شاعر جي تحت الشعور جو
اظهار آهي، جنهن ۾ هن جو مطالعو ائين لڪي ٿو وڃي
جيئن ڪوهيڙي ۾ ٽيمس ندي ڍڪجي ويندي آهي. آرٽسٽ تي
ڪنهن وقت جنون جي ڪيفيت ڇائنجي ويندي آهي ۽ هن جون
ساريون صلاحيتون غير شعوري طور اڀري اينديون آهن.
جڏهن روسي رقاص نجنسڪي لنڊن ۾ اسٽيج تي رقص ڪندو
هو، تڏهن لڳندو هو ته پردا ائين ڦاٽي پوندا جيئن
تانسين جي ڳائڻ سان ڏيئا ٻري پوندا ها. ان وقت
نجنسڪيءَ جي پراسرار ڪيفيت کي ڪجهه هيٺ لاهڻو
پوندو هو. برنارڊشا تاريڪيءَ جي انهن گهراين ۾ ڏسي
نه سگهيو هو، جڏهن هن چيو ته: ”نظم، نثر کان آسان
آهي.“ ۽ شيڪسپيئر جي خلاف تيز وتند لفظ ڪم آندا
هئائين ته هو شاعريءَ جي ڪيفيت کي سمجهي نه سگهيو
آهي. هن لاءِ شاعر جي حيثيت ۾ ڪجهه تحسين جي اظهار
کان پوءِ چيو هئائين ته: ”هو ڊراما نويس ۽ مفڪر جي
حيثيت ۾ ڪافي ڪمزور آهي.“ هن اهو نه ڄاتو هو ته
ڊراما ۽ تفڪر هن جي شاعريءَ ۾ ڇُپيل آهن، جو
مئڪبيٿ، هئمليٽ، قليو پطره جهڙا ڪردار هن جي آواز،
تاڃي پيٽي ۽ شاعريءَ جي ترنم مان ظاهر ٿين ٿا ۽ ان
۾ هڪ سمفني
(Symphony)
جي ڪيفيت آهي. جنهن ۾ متضاد موضوع هڪٻئي ۾ رلمل ٿي
ويا آهن.
جي مٿين ڳالهه ڌيان ۾ رکبي ته منهنجون ٽي آپيرائون ’دودي سومري
جو موت‘ ۽ ’رني ڪوٽ جا ڌاڙيل‘ ۽ ’ڀڳت سنگهه کي
ڦاسي‘ آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ويندا.
مون اهي لفظ لکيا پئي ته پير محمد ڪيلاش، اردوءَ جيءَ هڪ نوجوان
شاعره ثروت ظفر کي وٺي آيو. ڇو ته ڪجهه ڏينهن اڳي
هوءَ مون کي ڪجهه نظم ٻڌائي وئي هئي، جي مون کي
پسند آيا ها ۽ نوجوان نسل جي اردو شاعريءَ جي
نموني طور هن ڪتاب ۾ داخل ڪرڻ ٿو چاهيان. اهي ڪجهه
هن طرح آهن:
اپني حالت پر بهت تشويش هي
که اب هوائين
حامله هين
ميري کانون مين ان کي درد کي آواز
گونجين دي رهي هين
وه ميري در په دستک دي رهي هين
انهين ميري ضرورت هي
مگر خاموش هون مين
اور ميري شهر کي ساري مسيحائون ني بهي
چپ سادهه رکهي هي
مگر هم سب اس خوف مين هين
اور همين اب فکر هي که
اس انوکهي ايک زچگي سي
هماري شهر کا کيا کچهه بني گا
هماري شهر کو کيا کچهه ملي گا.
هاڻي غالباﱢ انهن حامله هوائن جو اسقاطِ حمل ٿيو آهي!
اڄڪلهه مان ته پنهنجي ڪمري مان ئي ٻاهر نه ٿو نڪران ۽ گوشهء
نشيني ايتري ٿي وئي آهي، جو صائب جو شعر هر هر ٿو
ياد پوي:
بمن دهند اگر باغ خله را صائب
حضور گوشھء دل اختيار خواهم کردم.
ترجمو: (اي صائب! جيڪڏهن مون کي بهشت ڏين
تڏهن به مان دل جي ڪنڊ ۾ رهڻ پسند ڪيان.)
مان جڏهن کان هي ڪتاب لکي رهيو آهيان ته ڀٽائيءَ جي بيت جي هڪ
سٽ منهنجي ڪنن ۾ گونجي رهي آهي.
”جان جو پيهي پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ.“
اهو ’پاڻ‘ ڪائنات کان وڏو آهي. جيڪڏهن ان جو صحيح شعور ٿئي ٿو
ته هن عمر جو هر پل وڏي غنيمت آهي.
دوشنبي (تاجڪستان) ۾ منهنجي دوست گل رخسار هڪ ٻيڙي درياءَ ۾
ويندي ڏسي، مون کي هي شعر ٻڌايو هو:
غافل مشوز عمر که چون کشتيء بر آب
استاده مي نمايدو چون تيرمي ردو.
ترجمو: (”عمر کان غافل نه ٿي جو ٻيڙي پريان پاڻيءَ تي،
بيٺل نظر اچي ٿي پر تير وانگر وڃي ٿي.“)
عمر جو اختصار ۽ بي اعتباري منهنجي ايتري ڪثير تخليق جو ڪارڻ
آهي. ڪير ڄاڻي ته ڪڏهن ٿي قدرت موتي سِپ ۾ بند ڪري
ڇڏي! ڪيئن چئجي ته سِتار جي تار ڪڏهن ٿي ٽٽي ۽
نغما بيهي وڃن ٿا. ڪيئن چئجي ته مان ’ڪٿي نه ڀڃبو
ٿڪ مسافر‘ بدران ’ڪٿي به ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ چئي هميشه
لاءِ ليٽي پوان! اي قلم اڃان ساٿ ڏي! اي دل اڃان
دڪ دڪ ڪر! مون کي اڃان پنهنجو اندر اوتڻو آهي.
زرينا، مان ايڏي وڏي ٽٻي ڏئي وري سطح تي اڀري آيو آهيان.
منهنجون اکيون واريءَ سان جهانوريل آهن. ڇا ڇا نه
ياد اچي رهيو آهي. ماضي، حال، مستقبل!
هي منهنجو دوست گل خان نصير آهي. بلوچي شاعر. جنهن جو بلوچي
شاعريءَ جو ڪتاب ’شپ گروج‘ (رات جو وڄ جي گرج) مون
کي، مون سان گڏ قيدي، پسند خان، سکر جيل ۾ 1995ع ۾
پڙهي ٻڌايو هو. پسند خان جلاوطن هو ۽ بغاوت سبب
ڏهه سال يا عمر قيدجي سزا ڪاٽي رهيو هو. اها بغاوت
هن ٻين بلوچي رهنمائن سان جلاوان ۾ ڪئي هئي. هڪ
ڀيري گل خان نصير، حسن حميدي، مان، ابراهيم جويو ۽
ڊاڪٽر حسان گڏجي ’عوامي ادبي انجمن‘ جو مئني فيسٽو
لکيو هو، جو ”ڪٿي ڀڃبو ٿڪ مسافر“ ۾ ضميمي طور ڇپيل
آهي. جنهن جو اردوءَ ۾ ترجمو محمد ابراهيم جويي
ڪيو هو.
مئني فيسٽو جي ڊرافٽ کان پوءِ، پوئين رات ڪامريڊ فتح الله
عثماني، سڀني جي ماني پنهنجي گهر ’شانتي ڪنج‘ ۾
ڪئي هئي. جتي گل خان نصير، ايوب خان تي پنهنجو هڪ
بلوچي نظم، اردو ترجمي سان گڏ ٻڌايو هو، جنهن جي
هڪ سٽ مون کي اڃان ياد آهي. ”ايوب خان! گدڙ پٿر نه
چٻاڙي سگهندا آهن!“ انهن ڏينهن ۾ گل خان نصير
منهنجي ساراهه ۾ به نظم لکيو هو، جو ڪنهن ميڙ ۾
پڙهيو هئائين. مون هن جي سکر ۾ ڪيڏي نه تواضع ڪئي
هئي!
ان کان پوءِ ڀٽي جي دؤر ۾ مراد علي مرزا سکر ۾ منهنجي گهر آيو
هو. هُو ان وقت ريڊيو پاڪستان ۾ ملازم هو ۽ هاڻي
سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري آهي. (تازو خبر پئي ته
هاڻي کيس اتان فارغ ڪيو ويو آهي) ۽ بينظير جي آتم
ڪهاڻي، ’پورب ڄائي‘ جي نالي سان ترجمو ڪري چڪو
آهي.
جنهن وقت مون کي ’هلال امتياز‘ ڏنو ويو هو، تنهن وقت هن کي ’حسن
ڪارڪردگي‘ لاءِ تمغو ڏنو ويو هو. مراد علي مرزا
چيو ته: ”حفيظ پيرزادي، پاڪستان جي وزير قانون،
کيس ٽيلي فون تي چيو آهي ته آءٌ 14 آگسٽ تي ريڊيو
تي سنڌ جي نمائندگي ڪريان ۽ پنهنجو ڪوئي شعر
پڙهان.“ مون هن کي مجبوري ڏيکاري ۽ چيو ته: ”مون
کي هاڻي وئڪيشن آهي ۽ مان پنهنجي ٻارن سان پهرين
تاريخ تي هڪ مهيني لاءِ ڪوئيٽا وڃي رهيو آهيان،
تنهنجي ڪري 14 آگسٽ تي حيدرآباد اچي نه سگهندس.“
هو ڪجهه ڏينهن کان پوءِ وري آيو ۽ چيائين: ”ڀٽي صاحب جو حڪم آهي
ته اوهان کي ڪوئيٽا ۾ ٽيپ ڪيو وڃي.“
مان ڪوئيٽا ۾ بلديا هائوس ۾ رهيل هوس، جتي مون وٽ منهنجو جونيئر
نبي بخش کوسو آيو، جيڪو هاڻي فيڊرل گورنمينٽ ۾
جوائنٽ سيڪريٽري آهي. مون کي چيائين ته: ڪوئيٽا
پنهنجو شهر آهي. هتي بلوچي حڪومت آهي. گل خان نصير
وزير آهي، بزنجو گورنر آهي ۽ عطاءَ الله مينگل
وزير اعليٰ آهي.“
مون چيو ته: ”مون کي ٻارن سان زيارت وڃڻو آهي، جي ڪنهن سرڪاري
يا ٽوئرسٽ گاڏيءَ جو بندوبست ٿي پوي ته ڏاڍو چڱو.“
نبي بخش چيو ته: ”هل ته گل خان سان ملي به اچون ۽ هن سان گاڏيءَ
لاءِ ڳالهه به ڪريون. مون گل خان کي سندس آفيس ۾
پنهنجو ڪارڊ ڏياري موڪليو ته هن چوائي موڪليو ته:
”اوهان ڪٿي ٿا رهو، پنهنجو پتو ٻڌايو ته مان اتي
ٿو اچان.“ مون کيس بلديا هائوس ۾ پنهنجو ڪمرو نمبر
لکي موڪليو. ٻارنهن ڏينهن گذري ويا ته هو نه آيو ۽
نه فون ڪيائين. 14 آگسٽ تي شعر رڪارڊ ڪرائڻ ويس ته
ڏٺم ته وزيٽرس روم ۾ گل خان نصير ويٺو آهي. هن جي
چوڌاري نيم خوانده بلوچي ويٺا آهن. هن مون کي
ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ چيو ته مون کيس ميار ڏني:
”ڀاءُ، تون واعدي مطابق بلديا هائوس ۾ آئين ته
ڪونه؟“
”مان ڇو اچان؟ تون مون سان ايترا مهينا مليو به ناهين؟“ گل خان
جواب ڏنو.
مون جواب ڏنو: ”مان اٺ مهينا جيل ۾ هوس، توکي يحيٰ خان جيل ۾ ته
نه وڌو هو. توکي مون وٽ منهنجي آزاديءَ کان پوءِ
اچڻ گهربو هو.“
هن چوڌاري پنهنجي حواري ڏسي منهن گهنجايو ته مون گل خان کي چيو
ته: ”مان هيٺ شعر پڙهان ٿو، توکي جڏهن وڻي ته
اچجانءِ. مان گل خان نصير سان ملڻ آيو هوس، گل خان
وزير کي نه سڃاڻان!“
مون کان ٿوري دير پوءِ گل خان نصير به پنهنجو شعر رڪارڊ ڪرائڻ
لاءِ هيٺ آيو ۽ مون کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين،
مون هن کي چيو ته: ”دل اهو شيشو آهي، جو اهو هڪ
ڀيرو ٽٽو ته وري نه ڳنڍبو آهي.“
بزنجي جي باري ۾ به ’ڪپر ٿو ڪن ڪري‘ جي پيش لفظ طور ڏنل ڊائريءَ
۾ ذڪر ڪيو هوم. باقي عطاءُ الله مينگل سان مان نه
مليو آهيان.
فيض احمد فيض جو به اتي ڪنهن سرڪاري ريسٽ هائوس ۾ رهيو پيو هو
۽ جنهن جي گل خان ڏاڍي اڳ پوءِ وٺي رهيو هو.
منهنجي دل جوئيءَ لاءِ ڪار ڪاهي آيو ۽ مون کي
ايئرپورٽ تائين وٺي هليو هو، جتان هُو هوائي جهاز
۾ هليو ويو. مان هوٽل تي موٽي آيس. مان ساڍي نوين
وڳي رات جي ماني ٻارن سان گڏ کائي ويٺس ته در تي
ٺڪ ٺڪ ٿي. انيس در کوليو ته پيلو ٿي ويو. هڪ اڇيري
ڏاڙهيءَ سان غير واقف شخص منهنجي ڪمري ۾ هليو آهي.
هن جيئن در کوليو تئين منهنجي نظر ڇهه فوٽ ڊگهن
مڙسن تي پئي، جن کي رائفلون هٿن ۾ هيون. هنن مان
اڳيان ايندڙ شخص پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيو ته:
”مان شيرو مري المعروف جنرل شيروف آهيان. مان
سڀاڻي انگلنڊ ٿو وڃان، جتان مون کي فلسطين جي شدت
پسند رهنما جارج حباش سان ملڻو آهي. جنهن کان
جدوجهد لاءِ هٿيار وٺڻا آهن.“ هن وڌيڪ چيو ته:
”مان توکان ٻروچ قوم طرفان معافي وٺڻ آيو آهيان.
گل خان اصل ٻروچ نه آهي، بروهي آهي.“
مون هن کي چيو ته : ” چانهه پيئندؤ!“
هن جواب ڏنو ته ”مان بيئر پيئندس، سو به اڌ ڊزن بوتلون.“ مون
کيس چيو ته: ” ساڍا نوَ ٿيا آهن، گتا ته سڀ بند ٿي
ويا هوندا.“
جنرل شيروف چيو ته : ” ڪنهن کي مجال آهي جو جنرل شيروف جا
ڪمانڊو وڃن ۽ ڪلال گتا نه کولن.“
مون ٻه سؤ رپيا پنهنجي پٽ انيس کي ڏئي چيو ته: ”هن جي ڪمانڊوز
سان گڏجي وڃ ۽ جي هُو ڪوئي گتو کولائي سگهن ته اڌ
ڊزن بيئر جون بوتلون وٺي اچ.“
”زرينا توکي ياد هوندو ته انيس اڌ ڪلاڪ ۾ بوتلون وٺي آيو.“
مون جنرل شيروف کي چيو ته: ”مون ماني کاڌي آهي، ان ڪري بيئر پي
نه سگهندس.“
هُو بيئر جون بوتلون ڳٽ ڳٽ ڪري پي، جڏهن سُرور ۾ آيو، تڏهن هن
وري چيو ته: ”مان سڀاڻي انگلنڊ ٿو وڃان، جتان جارج
حبش وٽ ويندس. مون ڪوئيٽا ۾ ٽريننگ سينٽر کوليو
آهي، اوهان وٽ ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ گلين جي جنگ
(Street Warfare)
آسان آهي. اسان واري جابلو جنگ
(Mountain Warfare)
ڏکي آهي. اسان کي پيٽرول جو دٻو وٺڻ لاءِ، جبلن
مان پنهنجي لڪايل جاين
(Hideouts)
تان ويهه ميل پنڌ ڪرڻو ٿو پوي . مان سڀاڻي جارج
حبش وٽ ٿو وڃان.“ هن هڪ ڪمانڊو کان هڪ چاقو وٺي
مون کي تحفي طور ڏنو. باقي ٽي بيئر جون بوتلون
پنهنجي ڪمانڊو جوانن کي کڻي هلڻ لاءِ چيائين. مون
کان موڪلائي چيائين ته: ”سڀاڻي سويري مون کي هوائي
جهاز ۾ انگلنڊ وڃڻو آهي.“
بلوچيءَ جي ٻئي شاعر محمد حسين عنقا سان منهنجي ملاقات ڊپٽي
ڪمشنر مستونگ جي آفيس ۾ ٿي. جتي مون تفريح لاءِ
ڪوئي ڪيس کنيو هو. عنقا سان خان آف قلات جو پٽ به
ساڻ هو. هنن ٻروچڪيءَ مهمانداريءَ پٽاندر مون کي
هوٽل ۾ ماني کارائي.
خان قلات جو پٽ ڪافي بافضيلت نوجوان هو. مون، هن ۽ محمد حسين
عنقا کان حال احوال ورتا ۽ ڪجهه عنقا جا بلوچي شعر
ٻڌا، جي هن مون کي اردوءَ ۾ ترجمو ڪري ٻڌايا ته
مون کي هُن ۽ عبدالڪريم گدائيءَ ۾ ڪوئي فرق نظر نه
آيو.
پشتو جو شاعر اجمل خٽڪ مون وٽ حيدرآباد ۾ اورئينٽ هوٽل جي ڪمري
۾ ملڻ آيو. چيائين: ”تنهنجي اچڻ جي خبر پئي. دل ۾
آيو ته توسان ملاقات ڪري وڃان.“
ڳالهين ڪندي هن ٻڌايو ته: ”پٺاڻن کي جيڪڏهن ڪا شيءِ ڏاڍي وڻندي
آهي ته هو چوندا آهن ته دُنبي جي گوشت جهڙي آهي.
مون کي تنهنجي شاعري به دنبي جي گوشت وانگر وڻندي
آهي.“ مون کي تشبيهه ڏاڍي اگري لڳي. هن ۽ حبيب
جالب به مون تي نظم لکيا ها ۽ عام ميڙ ۾ پڙهيا
هئائون. هو پنهنجين پنهنجين ٻولين جا شعلا نوا
شاعر سمجهيا ويندا ها.
جڏهن ڀٽي صاحب جي ڏينهن ۾ راولپنڊي اسلام آباد ۾ ولي خان جي
نئشنل عوامي پارٽيءَ جي جلسي تي گوليون هلايون
ويون، تڏهن اجمل خٽڪ بددل ٿي افغانستان ڀڄي ويو هو
۽ تڏهن موٽي آيو هو، جڏهن افغانستان ۾ روسي انقلاب
ناڪامياب ٿيو هو. هاڻي هو، پاڪستان ۾ نئشنل
اسيمبلي جو ميمبر آهي ۽ ٻيو ڀيرو ڪراچيءَ جي
سرڪرده پٺاڻن سان گڏجي منهنجي فلئٽ تي مون کان طبع
پرسي ڪرڻ واسطي آيو هو. هن جي شاعري سياست جي ڀيٽ
چڙهي وئي.
حبيب جالب کي مون لاءِ سڪ هئي ۽ جڏهن مون کي ’هلال امتياز‘ ٿي
مليو ته حبيب جالب جي بيوهه کي مرحوم حبيب جالب
پاران ’هلال امتياز‘ ڏنو ويو هو. هن جي حالت قابل
رحم هئي ۽ هن کي چپن تي هلڪو بگُ هو. جڏهن هوءَ
مون سان ملي ته هن جي اکين ۾ ڳوڙها ها، جي ڏسي
منهنجي اکين ۾ به ڳوڙها ڀرجي آيا ها.
فيض احمد فيض کان پوءِ پنجاب جو ٻيو اردو شاعر احمد نديم قاسمي،
ڪيئي سال اڳ مون سان سکر ۾ ڪجهه وقت گڏ هو، جڏهن
هو سکر رائيٽرس گلڊ جي گڏجاڻيءَ تي آيو هو، جنهن
جو آءُ اُن جو صدر هوندو هوس. سکر ۾ ٽانگن، موٽرن،
وئگنن، گڏهه گاڏين جي ٽرئفڪ ايتري بي ترتيب هئي ۽
رستي جي پاسن کان ايترو ڪن ڪچرو پيو هو، جو احمد
نديم قاسميءَ مون کان پڇيو ته: ”شهر جي هيءَ حالت
صوبائيت جي ڪري ٿي آهي؟“
مون کيس جواب ڏنو ته: ”نه، صوبائيت جي گهٽتائيءَ جي ڪري ٿي
آهي.“ ممڪن آهي ته اسان ٻئي صحيح هياسين. پر
پنجابيءَ جو شاعر نجم الحسن سيد جو مون سان منهنجي
دوست احمد سليم لاهور ۾ ملايو هو، اهو ڪافي متاثر
ڪندڙ شخصيت وارو هو ۽ هو پنجابيءَ کي پنجاب جي
قومي زبان سمجهي رهيو هو ۽ اردوءَ جي اهميت کان
انڪار ٿي ڪيائين. هن مون کي پنجابي زبان ۾ پنهنجا
ڪجهه ڪتاب ڏنا ها ۽ منهنجو ٿورو مڃيو هو ته مون
پنهنجي ڪتاب ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ ۾ پنجابي زبان
جي حمايت ڪئي هئي.
بينگال جا چوٽيءَ جا شاعر جسيم الدين ۽ ڪوي غلام مصطفيٰ ها، جي
مون سان گڏ رائيٽرس گلڊ جي مرڪزي ڪميٽيءَ جا ميمبر
ها، اُهي مون کي معمولي شاعر لڳا ها. ڪوي غلام
مصطفيٰ ته سکر به آيو هو ته پنهنجو هڪ بنگالي نظم
پڙهي چيو هئائين: ”هي نظم مون ’فعولن فعولن فعولن
فعولن‘ جي وزن تي چيو آهي. جيئن ’ڪريما به بخشاي
برحال ما‘ آهي.“ ڪوي جسيم الدين جنهن جو ترجمو
آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ڇپايو هو، جنهن جي هڪ ڪاپي
هُن مون کي تحفي طور ڏني هئي، مون کي ٽئگور جي ڀيٽ
۾ ائين لڳو هو، جيئن شاهه لطيف جي ڀيٽ ۾ خوش خير
محمد لڳو. باقي رائيٽرس گلڊ ۾ جيڪي شاعر ۽ اديب
مون سان مرڪزي ڪميٽيءَ تي ها، انهن جو ذڪر پوءِ
ڪندس، جڏهن رائيٽرس گلڊ جي باري ۾ لکيم.
زرينا، مان ڪڏهن اُڀي کان لمي ۽ ڪڏهن لمي کان اڀي ٿو وڃي نڪران.
مون کي جهل، ته پهرين توسان گڏ ڪيل سفر پورا ڪري
وٺان. منهنجي ٻاهرئين سفر کان منهنجي اندرئين سفر
جو افسانو طويل تر آهي. مون ڳالهه پئي ڪئي ڪوئيٽا
جي بلديا هائوس جي، جنهن ۾ هڪ ڏينهن شام جو مان
هيٺ ٽهلي رهيو هوس ته مون کي خان بهادر محمد ايوب
کهڙو مليو. هن مون ڏانهن غور سان ڏسي چيو: ”تون
اياز آهين؟ جنهن جي. ايم. سيد وٽ اڌ ڪلاڪ کان مٿي
’دودي جو موت‘ آپيرا پڙهيو هو.“
مون جواب ڏنس: ”خان بهادر مان ئي اياز آهيان. جنهن ’سهندو ڪير
ميار او يار، سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو.‘ واري
وائي لکي آهي.“ خان بهادر جي چپن تي ڪائي تلخ
يادگيري آئي جا اظهار پائي نه سگهي.
ٻئي ڏينهن تي نبي بخش کوسو، ٽوئرسٽ بيورو مان زيارت ڏانهن وڃڻ
لاءِ هڪ ڪرائي جي وئن ڪرائي ورتي ۽ سوڀي
گيانچنداڻيءَ جي پٽ ڪنعيئي سان گڏ اسان واري وئن ۾
زيارت هليو. سوڀو، ڪنعيي کي ڪوئيٽا ۾ ڇڏي، عطاءُ
الله مينگل سان گڏ هوائي جهاز ۾ اسلام آباد ويو
هو، جتي هن ڀٽي صاحب کي چوائڻ ٿي چاهيو ته هن تي
جو لاڙڪاڻي جي. ايس. پي محمد پنڃيل بي بنياد ڪيس
ڪيو آهي، ان لاءِ هن کي هدايت ڪئي وڃي ته اهو ڪيس
ڪورٽ مان موٽائي وٺي.
اسان ڪجهه ڏينهن زيارت ۾ رهياسين. رستي تي خوبصورت جونيپر جا وڻ
ها جي سج لٿي مهل ائين ٿي لڳا ڄڻ شفق جو منظر ڏسي
ڌرتيءَ جا وار اڀا ٿي ويا هجن.
زيارت تي اهو نالو ڪنهن فقير جي مقبري جي ڪري پيو هو. هونءَ ته
سنڌ سوڌو پاڪستان مقبرا ئي مقبرا آهن، جتي مئلن کي
جيئرن کان وڌيڪ جاءِ آهي. پر اهي مقبرا ڏاڍا
خوفائتا آهن جي انسانن جي اندر ۾ آهن. چيو ٿي ويو
ته انهيءَ مقبري جي چوڌاري ڪنهن ڪنهن وقت ڀوت
ڦرندا ها. ان جي زيارت ڪري اسان گورنر جي ريسٽ
هائوس ۾ وياسون، جنهن ۾ هڪ نهايت خوبصورت باغيچو
هو. انهيءَ ريسٽ هائوس ۾ قائداعظم محمد جناح،
پاڪستان جي بانيءَ پنهنجي حياتيءَ جا پويان ڏينهن
گذاريا ها. ڪنهن مصنف چواڻي، جڏهن هن کي بيهوشيءَ
جي حالت ۾ هوائي جهاز رستي ڪراچيءَ آندو ويو هو،
تڏهن هن سان فقط هڪ نرس ساڻ هئي، جا ڪپڙي سان هن
تان مکيون هٽائي رهي هئي. مسلم ليگ جا سرڪرده ڪنهن
گڏجاڻيءَ ۾ ها ۽ جڏهن هو هوائي اڏي ڏانهن کيس وٺڻ
ويا ٿي ته ان کان اڳ ئي ايمبولينس رستي تي خراب ٿي
پئي هئي ۽ قائداعظم اتي ئي گذاري ويو هو.
|