سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر

شيخ اياز

صفحو : 17

شڪاپور ۾ سڀ کان وڏو باغ اٽڪل ٻه ميل چورس، شاهي باغ هوندو هو. ان جي داخلا ونگ ڏاڍي شاندار هئي. ڇو جو پنهنجي بادشاهيءَ ۾ پٺاڻ بادشاهه ان باغ ۾ اچي ديرو ڪندا ها. ان وقت باغ ۾ شينهن، چيتا، رڇ، جهنگلي سؤر وغيره جانور هوندا هئا. جو انهن جو دوبدو مقابلو ۽ ويڙهه ڪرائڻ، بادشاهي رؤنشو ۽ وندر هوندي هئي. جڏهن بادشاهي نه رهي ته ڏتـڙيل ميونسپالٽي، جانورن لاءِ پوري خوراڪ ميسر ڪري نه سگهي ته انگريزن اهي جانور ڪراچيءَ جي راڻي باغ  ڏياري موڪليا.

اسان جي سانڀر ۾ اتي رڳو ’پکي ـــ گهر‘ هوندو هو. جتي رنگ برنگي پکي پيا چهه چهه ڪندا ها.

ڪشمير، مئسور ۽ جپان وغيره ڌارين ملڪن جا مشهور باغ گهميو آهيان، پر شڪاپور جي شاهي باغ جو لطف ۽ راحت ڪا اور هئي! وڏن وڏن ٻارن ۾ ڄڻ سائي گاهه جا غاليچا وڇايل هئا. جن جي وچ ۽ ڪنارن تي رنگ برنگي گلن جو ڀرت ڀريل هو. گلاب جا گل، اڇي ڳاڙهي سائي پيلي ۽ نيري ۽ چٽڪمري رنگن جا، تن جي جدا جدا مست سڳنڌ ۽ ڪِن گلن ۾ پوپٽن، پکين ۽ باندرن جون شڪليون هونديون هيون. ٻيو ڪٿي به اهڙا گل ڏسڻ ۾ نه آيا ها رڳو هماليه ڳنڌ مادن پربت تي مشهور Valley of  Flowers (گلن جي ماٿريءَ) ۾ اهڙا عجيب گل ڏٺا هئم.

شاهي باغ جي پٺئين پاسي کان سنڌ واهه طرف جيڪا سڙڪ ويندي هئي، ان جي ٻنهي پاسن کان سرنهن ۽ نم جي وڻن جون ٽاريون پاڻ ۾ ائين مليل هونديون هيون، ڄڻ ته ڪي وڇڙيل پريمي گلي ملي رهيا آهن. سڄي رستي مٿان هڪ قدرتي ونگ بڻيل هئي! سياري ۾ اترجي هوا سوساٽ ڪري وڻن مان ائين نڪرندي هئي ڄڻ ته گهڻي وقت کان وڇڙيل محبوب کان دل جون آهون، ٿڌن ساهن ۾ ڪڍي رهيا آهن! ان سڙڪ تي جهونجهڪڙي جي سانت ۽ نويڪلائيءَ ۾ جيڪا راحت ۽ سڪون ملندو هو، سو وساري نه ٿو وسري!

ائين ته باغن ۾ ٻارهوئي رونق لڳي پئي هوندي هئي، پر هوليءَ تي ته ميلو لڳو پيو هوندو هو، ڇو جو ته ناٺين ۽ ڀيڻوين کي سڄي ڪٽنب سميت شامل ڪرائبا ها. ائين ته ناهي ته باغن جا مزا رڳو شڪاپور ۾ ها، پرسنڌ جي هر هڪ شهر ۾ اهڙا باغ هوندا هئا. مطلب ته سنڌ جي رهڻي ڪهڻيءَ ۾، باغ ۽ کوهه اهم پارٽ ادا ڪندا ها ۽ انهن ئي سنڌين جي زندگيءَ ۾ زندهه دلي ۽ بهادري آندي هئي. انهن باغن ۽ کوهن جي وچ ۾ مستيءَ ڀريل ماحول ۾ جيئرن عاشقن جا جذبا به جاڳندا هئا.“

واهه، ڇا منظر ڪشي ۽ ڇا ته ٻولي آهي! لوڪرام کان اڳ ڪنهن به بزرگ اديب، اسان اڳيان، اطلس ۽ ڪمخواب جي تاڪين جيان، ٻولي کولي نه رکي هئي.

مان سياري اونهاري ۾ صبح جو 5 وڳي اٿي، شاهي باغ جا ٽي چار چڪر ڏيندو هوس. پنهنجي گهر مان نم  جي وڻ جو ڏندڻ پٽي، ان سان رستي تي ڏند به صاف ڪندو ويندو هوس ۽ مندر جي ڪلس مٿان پوئين پهر جو چنڊ به ڏسندو ويندو هوس. اهو پنڌ مان ٽئين درجي انگريزيءَ کان انٽرميڊئيٽ تائين ڪندو هوس. رات جو پني تي خيام جي ڪائي رباعي، حافظ، غالب يا اقبال جو ڪوئي غزل يا نظم يا ڀٽائيءَ جو شعر پني تي لکي، اهو پنو پاڻ سان کڻي واري واري سان پڙهندو ويندو هوس، تان جو اهو مون کي بلڪل ياد ٿي ويندو هو.

شاهي باغ ۾ مند موجب جاءِ بجاءِ ڪرني، ڪيتڪي، ٽانگر، گلاب ۽ رابيل جا گل، زمين ۾ پوکيل هوندا هئا. ٿورا ڦارن جا ٻوٽا به هوندا هئا. انجير، انب، زيتون، ڪاٺ گدرا، توت، شهتوت، خشيون به ٿينديون هيون، جي ڏينهن جو طوطا ٽڪيندا ها ته کانڀاڻيءَ جو زپڪو پيو پوندو هو. جنهن وقت مان شاهي باغ ويندو هوس، ان وقت ابابيل آسمان ۾ اڏامندا نظر ايندا ها ۽ ٻيا پکي پکڻ اڃان ننڊ ۾ هوندا ها. مان اڪثر سوچيندو هوس ته ڇا پکي به سپنا ڏسندا آهن ۽ جي ڏسندا آهن ته ڪهڙا سپنا ڏسندا آهن؟

باغ ۾ هزارين گلن جون ڪونڊيون رکيون هونديون هيون، جن ۾ ڪجهه خوشبودار گاهه ۽ ڪيترن ئي قسمن جا گل ٿيندا ها. گل بنفشه، گل خيرو، پست جي ڏوڏين جا ڳاڙها گل، جن ۾ ڏوڏيون به ٿينديون هيون. جن کي چهڪ ڏئي آفيم ڪڍي ڇڏيندا ها. گلنار، گل بخمل، گل طوطو، گل ڪتو، عشق پيچ، ناڙا، سورج مکي، گينڊي جا پيلا گل، جنهن کي انگريزيءَ ۾ ميري گولڊ چوندا آهن، جي مون لنڊن جي ٻهراڙيءَ ۾ اڪيچار ڏٺا ها. گل جعفري، گل طرو، گل کهنبو جنهن کي هنديءَ ۾ ڪُسم چوندا آهن (مون اهو لفظ اقبال بانوءَ جي ڳايل ’سر بهار‘ واري ڪئسٽ ۾ ڪٿي ٻڌو هو.) ۽ ٻيا اڪيچار گل ڪونڊين ۽ زمين ۾ پوکيل هوندا ها. ان کان سواءِ فرن، بيدِ مجنون، پام (Palm)  (پکن واريون کجيون) گل نرگس، زئفران، زنبق، چمپا، گل چيتو، گل عقيق جنهن ۾ قرمزي رنگ وارا گل هوندا ها. نيريون، ڳاڙهيون ۽ اڇيون، بوگين ولا، گل لاله، گل شبو (اهي گل مان ڄام شورو ۾ وي. سي هائوس جي باغ مان پٽي ڪنهن ڏانهن تحفي طور موڪليندو هوس ۽ جو هاڻي ڪراچيءَ ۾ تحفن جي گل دستن ۾ گهڻو ٿو استعمال ٿئي. بيماريءَ وقت مان جڏهن مڊ ايسٽ ميڊيڪل سينٽر ۾ هوس، تڏهن جيڪي گل دستا محترمه بينظير ڀٽو، جناب عبدالله شاهه ۽ جناب مرتضيٰ ڀٽو مون کي تحفي طور موڪليا ها، انهن ۾ پاسن کان گل شبو لڳل ها ۽ وچ ۾گلاب جا گل ها.) گل سوسن، جهومڪا، ڪرن ڦل، گل سنبل، هيرڻ، بيگونيا، فونوگل، جرينيم، گل عباسي، املتاس وغيره جا گل ٿيندا ها. مون کي فارسيءَ جو هڪ شعر ياد ايندو هو، جيڪو هر هر دهرايو ويو آهي. پر فرحت واري فضا تي کُپي ٿو اچي، تنهن ڪري هيٺ ڏيان ٿو:

”اگـــر فــــــردوس بـــــر روئي زمين است،

همين است و همين است وهمين است.“

جڏهن سِرنهن ۾ گل ڦٽندا ها يا جڏهن نمون ۽ انب ٻوڪبا ها ته انهن جي خوشبوءِ منهنجي ساهه ۾ سمائجي ويندي هئي ۽ هر هر منهنجي شاعريءَ ۾ اڀري آئي آهي. ڪيتريون ئي خوشبوئون هيون، انهن گلن ۾، جي مون پاڻ ڄام شوري جي وي. سي هائوس ۾ پوکايا ها. انهن جو ذڪر مان پوءِ ڪندس.

مان هر آچر تي ڪجهه درسي ڪتاب، ڪجهه ادبي ڪتاب ۽ رسالا کڻي، ناشتو ڪري، شاهي باغ هليو ويندو هوس ۽ شام جو گهر موٽي ۽ رات جي ماني کائيندو هوس. سڄو ڏينهن ديوانِ غالب يا اقبال جا ڪتاب، داغ دهلوي، امير مينائي وغيره جا ديوان يا علي قلي بيگ جو سچل سرمست جو رسالو يا ڪوڙي مل جا ساميءَ جا سلوڪ، ديوانِ سانگي، ديوانِ فاضل، ديوان خاڪي وغيره پڙهندو هوس. ڪڏهن ڪشن چند بيوس جي ”شيرين شعر“ جو مطالعو ڪندو هوس، جيڪو اسان جي ٽئين درجي تي درسي ڪتاب طور رکيل هو. مان ڪڏهن ڪڏهن مرزا قليچ بيگ جا گوناگون موضوعات تي ڪتاب به پڙهندو هوس. مرزا قليچ بيگ سَون ماڻهن ۾ انگريزي ادب لاءِ چاهه پيدا ڪيو هو. ان وقت عام ماڻهن تي اهو اثر هو ته شاعر چريا کريا، نکمڻا ۽ راهون رد ماڻهو ٿيندا آهن. پهريون شاعر مرزا قليچ بيگ هو، جنهن انهيءَ اثر کي لاٿو ۽ جنهن پنهنجي هڪ اردو غزل ۾ هڪ سٽ لکي:

شعر کهتي کهتي مين ڊپٽي کلکٽربن  گيا.

مون کي هن جي باري ۾ اها ڳالهه ڏاڍي وڻي هئي ته هو وڻ ۾ آکيرو ٺاهي، انهيءَ ۾ ويهي پڙهندو هو. مان به انب جي ڏار تي ليٽي يا پپل يا بڙ جي ٿڙ کي ٽيڪ ڏئي ۽ ڪڏهن ڪنهن لان ۾ ڇٻر تي ليٽي پڙهندو هوس. جڏهن پڙهي ٿڪجي پوندو هوس، تڏهن نوريئڙن کي بئلي ڊانسرن وانگيان ٽپا ڏيندي ڏسندو هوس. مون سان گڏ ساڌوءَ نالي هڪ ڪلاس فيلو به شاهي باغ ۾ چڪر ڏيندو هو. هن جو چوڻ هوندو هو ته دنيا جو سارو علم ۽ سائنس اڳ ئي ويدن ۾ آهي. ويدانيت خدا جي وحدانيت جو تصور سڀني مذهبن کان اول ڏنو هو. هُو آريا سماجي هو ۽ ديانند سرسوتيءَ جو پوئلڳ هو. ڪنهن وقت هو ڪنهن سترهين اڌياوَ جي ڳالهه ڪندو هو، پر مون سان واعدي جي باوجود، مون کي پڙهڻ لاءِ نه ڏنو هئائين. بهرحال هو مورتي پوڄا جي خلاف هو. هو موٽي رستي تي راما مورتيءَ جي آکاڙي ۾ ڏاڍي ورزش ڪندو هو، جتي آريا سماجي ڇوڪرا آڱرين تي ننڍيون ڪهاڙيون لڙڪائي ايندا ها ۽ ڪُشتيءَ جا داوَ کيڏندا ها ۽ طرح طرح جون ورزشون ڪندا ها. هڪ ڀيري منهنجو ڪلاس فيلو ’لال‘ آڱر تي ڪهاڙي لوڏائيندو آکاڙي مان نڪرندي مليو. مون کانئس پڇيو ته: ”آکاڙي ۾ مون کي وٺي هلندين؟“ چيائين، ”نه. اتي اسان کي ڀاشڻ ڏيندا آهن ته هر وديشيءَ کي ڀارت مان ڪڍيو ويندو. اتي اوهان جي خلاف به ڀاشڻ ڏيندا آهن. اوهان هڪ هزار سال اسان جو رت پيتو آهي. هي ڪانگريسي بيوقوف آهن، جي اوهان کي ڀاءُ ٿا سمجهن.“

مان دنگ رهجي ويس. پوءِ اهڙا سڀ ڇوڪرا مهاسڀا ۾ شامل ٿيا، جي مهاتما گانڌيءَ کي گيدي سمجهندا ها. ويرساورڪر ۽ ڊاڪٽر هيج وار کي پنهنجا هيرو سمجهندا ها. هن وقت هو شايد ڀارتيه جنتا پارٽيءَ سان آهن. جنهن جو صدر هڪ سنڌي مسٽر آڏواڻي آهي. جنهن جي پارٽيءَ جي هڪ شاخ شِوسئنا به آهي، جنهن جو بال ٺاڪري صدر آهي. اها مهاراشٽرا ۾ اقتدار ۾ آئي آهي ۽ مسلمانن کي بمبئي ڇڏڻ لاءِ چيو اٿائين. بي. جي. پي گجرات ۽ راجسٿان ۾ به اقتدار ۾ آئي آهي. ڀارتيه جنتا پارٽيءَ جون ڪيئي سنسٿائون آهن، جي پوري هندوستان ۾ ڦهليل آهن. جيئن ڀارتيه جن سنگهه، ڀارتيه سوام سيوڪ سنگهه، وشنو هندو پريشد، اکل ڀارتي وديارٿي پريشد وغيره. بي. جي. پي وارا شايد اتر پرديش ۾ اقتدار ۾ شامل آهن.

مون پاڻ هڪ ڪتاب آر. ايس. ايس عملا هڪ نظريو (R.S.S Avision in Action) جي پيش لفظ (Prologue)  جي شروعاتي باب ’آر. ايس. ايس قومي احيا جو سرچشمو‘ ۾ آر. ايس. ايس جي باني ڊاڪٽر هيج وار جا هيٺيان لفظ پڙهي سوچ ۾ ٻڏي ويو هوس.

”منهنجو پنهنجو تجربو آهي ته مسلمان گهڻو ڪري دهماني آهن ۽ هندو بزدل آهن ۽ جتي به بزدل هوندا، اتي دهماني هوندا.“ جنهن معاملي ۾ هندن جي بيداري محسوس ٿي رهي هئي، اها هئي هندن جي ڌرم ڦيرائي عيسائي يا مسلمان ٿيڻ جي هڪ طرفي عمل جي مزاحمت.

جڏهن مون مٿيون ڪتاب پڙهيو هو، ان وقت رام جنم ڀوميءَ وارا بابري مسجد جي گنبذ کي ڊاهي رهيا ها ۽ جنهن ماڻهن کي هٿن ۾ ان ڪم جي تڪميل لاءِ مترڪا ها، انهن ۾ شودر (هاڻي دلت) به ها.

مون کي برصغير جو مستقبل نهايت تاريڪ نظر آيو. مون سان هڪ اسلامڪ سوشلسٽ اصغر علي انجنيئر مليو، جنهن جڏهن پاڪستان ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جي پنجاهه ساله ورسي (گولڊن جوبلي انجمن ترقي پسند مصنفين 1986ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ملهائي وئي هئي.) تڏهن هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي هئي، جو شروع ئي منهنجي نظم سان ڪيو ويو هو. هن مون کان پڇيو: ”اياز صاحب! هي ڇا ٿي رهيو آهي؟“

مون کيس جواب ڏيڻ بدران سوال پڇيو: ”تنهنجي سوشلزم ڇا ٿي چئي؟“

آزاديءَ جي تحريڪ عجيب خفتي (Faddist)  پيدا ڪيا. جڏهن مان نيو ايرا اسڪول ۾ چوٿين درجي ۾ پڙهندو هوس، تڏهن پروفيسر ڀوڄراج ناگراڻيءَ، جو سڄي عمر ڪنوارو رهيو هو ۽ سي اينڊ ايس ڪاليج شڪاپور ۾ پروفيسر هو، تنهن اسان کي ’برهم چاريه‘ تي ڪلاڪ ليڪچر ڏنو. ان وقت اسان کي ان جي معنيٰ به نه ايندي هئي ته ’ويريه‘ ڇاهي ۽ ’ڪنڊلني شڪتي‘ ڪهڙيءَ بلا جو نالو آهي! مان وقت جي سِير ۾ ڪجهه لهوار ٿو وڃان، جيئن ناگراڻيءَ جي پوري ڪردار نگاري ڪري سگهان.

هو انٽرميڊيئيٽ ۾ اسان جو سنڌيءَ جو پروفيسر هو، جڏهن هو لکي در تي ڪنهن مشهور جاءِ، جيڪا شڪاپور ۾ سٺي ۾ سٺي ٻه ماڙ جاءِ هئي، ان جي هڪ فليٽ ۾ رهندو هو. جاءِ جي مالڪ جو پٽ ڏسڻو وائسڻو هو ۽ اڃان ڪنوارو هو، اهو به هن سان گڏ رهندو هو. ناگراڻي، ديوان بيدل ۽ ديوان بيڪس جي قلمي نسخي کي نقل ڪرڻ جو ڪم مون کي سپرد ڪيو هو. مان صبح جو پنجين وڳي منهن انڌيري ۾ هن وٽ اهي ديوان نقل ڪرڻ لاءِ ويندو هوس، جي مان ستين وڳي تائين نقل ڪري گهر موٽي ويندو هوس. هڪ ڀيري ڪائي هندو ڇوڪري، جا ايم. اي هئي، هن جي فلئٽ جي ڀرسان اچي رهي هئي. ناگراڻيءَ جي دل ٿي ته هن سان شادي ڪري. هن ڪيترن ئي جوتشين سان مشورا ڪيا، جن کيس چيو ته: ”چاليهه ورهين جي عمر ۾ هن کي برهم چاريه جو پالڻ ڪرڻ وارو پرن ڀڃڻو پوندو. هن مون کي اها ڳالهه ٻڌائي چيو ته تون مون سان بابا نيڀراج ڏانهن روهڙيءَ هلندين؟ انهيءَ کان ان باري ۾ پڇي اچون.“

مان ناگراڻيءَ سان گڏ روهڙيءَ ويس. بابا نيڀراج سکر واري قاضي مست وانگر اڱڻ ۾ پسار ڪري رهيو هو ۽ ڪجهه جبري رهيو هو. مون کي ته ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو ته هُو ڇا چئي رهيو آهي. پر جڏهن موٽياسين ته مون ناگراڻيءَ کان پڇيو:

”سائين، اوهان ڪجهه سمجهيو ته هن ڇا چيو؟“

هن چيو: ”هائو، مون چٽيءَ طرح سمجهيو. سنت چيو، شينهن ڪيئن گانءِ سان زنا ڪندو؟ هن پنهنجي ٻوليءَ ۾ مون کي منع ڪئي.“

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هن جو بورچي ڀڄي ويو. ناگراڻيءَ پورو مهينو هن کي تلاش ڪري، کيس ڪراچيءَ مان وٺي آيو ۽ جڏهن مان هن وٽ ويس، تڏهن هن  مون کي ٻڌايو ته: ”هو بدصحبت ۾ ڦاسي ويو هو. جڏهن ڊاڪٽر هن کي تپاسيو، تڏهن هن جي گديا (مقعد) مان ٻُر ٻُر ڪينئان ٿي ڪِريا.“

سال 1963ع ۾ بمبئيءَ ۾ هن منهنجي ۽ ڀٽيءَ جي پنهنجي فلئٽ تي ماني ڪئي هئي. مون گهڻو ئي لنوايو، پر گوبند مالهيءَ چيو ته هن وٽ مانيءَ تي وڃڻ ضروري آهي.

جڏهن هن جي فلئٽ ۾ وياسين ته ڳالهين ڪندي هن ٻڌايو ته هن جي هڪ يوگيءَ سان ملاقات ٿي آهي، جو ڪافي دور رهندي به جڏهن هن تي ڌيان ڪندو آهي، تڏهن هن جي ڇن (Hernia)  ڍري ٿي ويندي آهي. پوءِ مون کي هن چيو ته: ”شايد توکي ان ڳالهه تي اعتبار نه ٿو اچي. هڪ ڀيري مون کي ڏند ۾ ڏاڍو سُور پيو ته اهو جوڳي اوچتو اچي نڪتو ۽ منهنجي ڏکندڙ ڏند وٽ آڱر گهمائي، ڪيئون ڪڍي مون کي ڏيکاريائين.“ مون ڀٽيءَ کي اک سان اشارو ڪيو ته اٿي ته هلون ته ايتري ۾ هڪ ڳڀرو ڇوڪرو اچي ويو جو هن جي سکر واري رسوئي وانگر خوبصورت هو. ناگراڻيءَ هن کي ڏسي چيو: ”مون هن کي پٽ ڪيو آهي ۽ هو منهنجي رسوئي به ڪندو آهي ۽ رهندو به هتي آهي.“ اهو ٻڌي، انهيءَ ڇوڪري جي چپن تي هڪ فاحشه وانگر معنيٰ ڀري مرڪ اچي وئي. ناگراڻي لڳ ڀڳ ستر سالن جو هو يا ان کان مٿي ٿي چڪو هو. پر اڃان تائين ڪنوارو هو. جڏهن ناگراڻي باٿ روم ۾ ويو، تڏهن ڀٽيءَ مون کي چيو: ”ڇوڪرو ته ڪنوار ٻوٽيءَ وانگر ٿو لڳي.“

انساني فطرت ۾ ڪنهن پيهي ڏٺو آهي؟ انهيءَ ناگراڻيءَ، ساميءَ جي سلوڪن جا ٽي حصا ڇاپيا ها. هن کي محمد ابراهيم جويو ترتيب ڏني ۽ دولت مهتاڻي پاڪستان ۾ ٻيهر ڇاپيو آهي. مون کي ساميءَ جو هڪ سلوڪ ٿو ياد پوي:

”سڪڻ، سڳر ٿوڪ، لِڪڻ تنهن کان اڳرو.“

پورو سلوڪ ياد ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪيم پر ياد نه آيو.

مان جڏهن پڙهندو هوس ته سوم دت نالي هڪ ماستر دنيا جو پهريون هِپي هو، جو شام جو لکي در کان اسٽيشن تائين چڪر ڏيندو نظر ايندو هو. سوم دت، زالن جيڏا وار ڪُلهن تي ڇوڙي ڇڏيندو هو ۽ هندو زالن و انگر ريشمي قميص ۽ پتلون پائيندو هو، جيڪو به کيس ڏسندو هو، هن کي زناڻو چوندو هو.

ائين نند جويري چوندو آهي ته شڪاپور واري سڪ پُل دنيا جي پهرين Flyover Bridge (مٿان لنگهندڙ) پل آهي.

مون اڃان مٿين سٽ پوري ڪئي ته محمد ابراهيم جويو جو فون آيو ته هو ڪراچيءَ ۾ آهي ۽ مون سان ملڻ ٿو اچي. مون وٽ نثار منصور ۽ عبدالستار پيرزادو اڳ ئي ويٺا ها. نثار مون کي هن ڪتاب جي هڪ حصي، جيڪو لينن ــ گراڊ جي باري ۾ آهي، ان جا پروف پڙهي ٻڌائي رهيو هو، جي ڦِڪيءَ ربن تي نڪتل ها. ڳالهين ڪندي مون جڏهن هن سان پنهنجي قنوطيت ۽ انسان جي مستقبل جي لاءِ مايوسيءَ جو اظهار ڪيو، تڏهن جويي صاحب چيو ته: ”انسان خوابن جي ذريعي زندهه آهي.“ مون کيس چيو: ”ها. برونو وانگر جنهن کي جيئرو جلايو ويو هو.“ مون کي اوچتو هڪ سريئلسٽ شاعر جي سٽ ياد آئي.

“Me, I am measure of the world, by passing Through dream.”

”مان، آءُ ئي دنيا جي ماپ آهيان، ان کي پنهنجن خوابن سان ڪڇي.“

شاعر جو مقصد هو ته مان دنيا کي پنهنجي خوابن جي گزيءَ سان ڪڇي رهيو آهيان. ان کان هڪ ڏينهن اڳ مون وٽ انور ابڙو پنهنجي چؤسٽن جو پروف ڏيکارڻ آيو، جيڪو هُو هِن مهيني پنهنجي رسالي ’سارس‘ ۾ ڇپي رهيو آهي. انور ابڙو به ترقي پسند آهي ۽ هو ۽ چندر ڪيسواڻي جو هن سان گڏ آيو هو ۽ ٻيا سوڀي جا مداح آهن.

ڳالهين ڪندي هن مون کي چيو: ”هاڻ ته روس ۾ ڪميونسٽ پارٽي اڪثريت ۾ چونڊجي آئي آهي!“

مون کيس جواب ڏنو: ”جمهوري طور طريقي سان جيڪڏهن ڪميونسٽ پارٽي اقتدار ۾ اچي ته مون کي ان تي ڪوبه اعتراض ناهي. اعتراض ته مون کي آمريت تي آهي، پوءِ اها پرولتاري آمريت ڇو نه هجي. سوال اهو آهي ته برسر اقتدار شخص عوام سان مخلص آهن ۽ اهي قؤل پاڙن ٿا، جي هنن اليڪشن دوران ڪيا آهن يا نه. جي نه ته پوءِ مون لاءِ ڪميونسٽ، اسلامڪ ۽ ڪرسچن سوشلسٽ سڀ هڪجهڙا آهن.

محمد حسن سومرو هڪ ڏاڍو مڙس هو، جو سدائين پاڻ سان هاڪي کڻي گهمندو هو. هن تي شڪ هو ته هو ٻن هندو لوفرن ٺاڪر ۽ ٻئي جو خون ڪيو آهي. اوچتو هڪ هنڌان گدڙن هنن جا لاش کوٽي ڪڍيا ۽ پوليس شڪ ۾ محمد حسن کي گرفتار ڪيو هو. انهيءَ وچ ۾ هندن روئندي جلوس ڪڍيا ها ته ٺاڪر جو خون، خونِ ناحق آهي ۽ محمد حسن کي سزا اچڻ گهرجي. پر غالباﱢ پوليس ڪيس چالان ئي نه ڪيو هو ۽ جي چالان ڪيو به هئائون ته هو ان مان ڇٽي ويو هو. ان واقعي کان پوءِ مسجد منزل گاهه جي واقعي تائين، جنهن جي ڪري سکر ۾ هندو ـــ مسلم فساد ٿيا، انهن کان اڳ ۾ شڪاپور جي هندن ۽ مسلمانن ۾ ڇڪتاڻ نه هئي. نه ته بيگاريءَ، سنڌ واهه، شاهي باغ، ڏياري، دسهڙي ۽ شنڪر جي ميلي تي جو وڏي بيگاريءَ ڀرسان لڳندو هو، هندو مسلم سڀ ڪٺا ٿيند  ها. اسڪولن  ۽ ڪاليجن ۾ ڪٺا پڙهندا ها ۽ ڪڏهن هڪ ٻئي کان نفرت نه ڪندا ها.

اها ٻي ڳالهه آهي ته هندن ۾ ڇوٿ ڇات هوندي هئي. اسٽيشن تي هندؤ لاءِ پاڻي الڳ هوندو هو ۽ مسلمان لاءِ پاڻي الڳ هوندو هو ۽ اڪثر هندو دڪاندار اسان کي هٿ ۾ شيءِ نه ڏيندا ها. جيڪڏهن ڪنهن مسلمان جو هٿ لڳي ويندو هون ته ڀٽجي پوندا ها. پر جڏهن شاهي باغ ۾ چانڊوڪين راتين ۾ ڪنور ڀڳت پنهنجي ڀڳت ڪندو هو ۽ پنهنجي رقت آميز آواز ۾ ڳائيندو هو: ’او نالي ڌڻي جي ٻيڙو تار منهنجو‘ ان وقت هندو مسلمان چانڊوڪيءَ ۾ گوڏو گوڏي سان ملائي ويهندا ها ۽ چنڊ آسمان ۾ مرڪي رمندو رهندو هو. يا هو ڳائيندو هو:

’آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه، مون کي تن ماروئـڙن جي،

ماروئڙن جي سانگيئڙن جي.‘

تڏهن ٻڌي ائين لڳندو هو ته هن جي آواز ۾ مستقبل جي ڪائي اڻ لکي لرزش آهي. ڪائي اڻ چٽي تصوير آهي، جنهن جو هو پاڻ بيان ڪري نه ٿو سگهي ۽ ڪوئي پراسرار اونو، ڪائي ڳڻتي، حال تي مسقتبل جا بيچين ڪندڙ پاڇانوان وجهندي نظر اچي ٿي ۽ ٻڌندڙن تي هڪ گمنام مايوسي ڇائنجي وڃي ٿي.

مون 1963ع ۾ ڀارت جي سفر دوران گيتا کان پڇيو ته: ”اوهان ۾ ايتري ڇوت ڇات ڇو آهي؟“

هن جواب ڏنو ته: ”اسان ۾ ڪٿي آهي. اسان ته توسان ساڳين ٿانون ۾ کائيندا پيئندا آهيون، نه ڪي وري اڪثر سنڌي هندن ۾ آهي. پر ڀارت جي هندو مخلوق ئي ٻي مٽيءَ جي ٺهيل آهي.“

اسان جڏهن مٿرا پهتاسون ته گيتا مون کي چيو ته: ”هتان جا هندو اسان سنڌي هندن سان به ڇوت ڇات ڪندا آهن. هو چوندا آهن ته اسان گوشت، مڇي، بيدا کائيندا آهيون ۽ ان ڪري مليڇ آهيون. آءُ ته مان توکي هتان جي ڇوت ڇات ڏيکاريان!“

گيتا کي نرڙ تي تلڪ لڳل هو ۽ ساڙهي ٻڌي پئي هئي ۽ هُوءَ بلڪل ٻيءَ ڪنهن هندو عورت وانگر لڳي رهي هئي. رستي تي هڪ برهمڻ جو دڪان هو، جتي هُو مائي جا پيڙا وڪڻي رهيو هو. گيتا دڪاندار کي چيو ته: ”رپئي جا پيڙا ڏي.“

دڪاندار پهرين ته ڀرسان رکيل گرم پاڻيءَ جي ڪڙهائيءَ مان هٿ ڌوتا ۽ پوءِ گيتا کي چيائين: ”ٻڪ جهل!“ پوءِ هو گيتا جي ٻڪ ۾ مٿان هڪ هڪ ڪري پيڙا ڦٽي ڪندو رهيو. جڏهن ڏهه پيڙا گيتا جي ٻڪ ۾ وڌائين، تڏهن وري ان ڪڙهائيءَ مان هٿ ڌوتائين. پوءِ پنهنجو ٻڪ جهلي گيتا کي چيائين ته: ”رپيو ٻڪ ۾ ڦٽو ڪر.“ پوءِ رپيو مراديءَ ۾ وجهي وري هٿ ڌوتائين.

اوچتو گيتا مون کان پڇيو هو: ”تو آئين اڪبري پڙهيو آهي؟“

”هائو.“ مون جواب ڏنو.

”اهو سچو هو يا ڪوڙو هو؟“

”ڪوڙو هو، هن ابو الفضل سان رٿ رٿي هئي ۽ ان کي پنهنجي سياسي مصلحت لاءِ لکرايو هئائين ۽ پوءِ وڻ هيٺان پورائي، سڀني کي ڳولا لاءِ ڀٽڪايو هئائين.“

”پر هن جا صلاحڪار ته ابو الفضل ۽ فيضي ها، جي ٻئي سيوهڻ جا سنڌي ها.“

”ها، پر جيتري قدر مون کي تاريخ ياد آهي، مان ڀانيان ٿو ته ابو الفضل کي جهانگير مارائي ڇڏيو هو.“

گيتا وڏو ٽهڪ ڏئي چيو: ”هڪ سبب اهو به هو ورهاڱي جو.“

مون  مائيڪل ايڊورڊس (Michael Edwards) جي ڪتاب ’برٽش انڊيا جا آخري سال‘ (The Last Years of British India)  جي ٽئين حصي ۾ ٻه ٽڪرا (Quotations)  پڙهيا ها، جي هتي ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان. 1931ع کان وٺي جنگ عظيم جي خاتمي کان پوءِ ۽ انگلينڊ جي ليبر پارٽيءَ جي اختيار ۾ اچڻ جي وچ واري حصي تي، مان پوءِ ايندس. پهرين اهي ٻه ٽڪرا ڏيڻ ٿو چاهيان. متان مون کان وسري وڃن.

”مون ڪڏهن سوچيو به نه هو ته ائين ٿيندو. مون کي ان جي توقع ڪانه هئي ته مان پاڪستان پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏسندس.“ (ايم. اي. جناح)

”تاريخ ڪنهن وقت بي انتها سست رفتاريءَ سان هلي ٿي. جيئن سمنڊ ۾ برف جو پهاڙ (Glacier)  هلندو آهي ۽ ڪنهن وقت نهايت تيز رفتار ڌارا وانگر اڳتي وڌي ٿي.“ (لارڊ مائونٽ بيٽن)

آءُ تاريخ جي انهن ڪُنن ۾ ڦيراٽيون ڏيندو رهيس، جيستائين ڪالهه خبر پئي ته ڀارت دور مار پرٿوي ميزائل ٺاهيو آهي. مان سوچيان پيو ته: ’ڇا مون کي ايتري مهلت ملندي ته ٻي مهاڀارت جي جنگ جو ويد وياس ٿي سگهان؟‘

مان يادِ رفتگان ۾ عالمِ ارواح مان ٿيندو ڪٿي پهتو آهيان! دراصل جيڪي هتي ۽ هاڻ آهي، سو ٻيهر اچڻو ناهي. پوءِ ڇا جي لاءِ من ماضيءَ جي ڪنڍيءَ ۾ ڦاٿل رهي ٿو؟ زرينا اچ ته پاڙي تي نظر وجهون.

اقتصاديات جي مخروطي مناري جي تري وٽ جو عام آهي، اهو سدائين منهنجي دلچسپيءَ جو باعث بڻيو آهي. اهو گمنام جيئي ٿو ۽ گمنام مري ٿو. ان وچ ۾ اسان هن سان هن کي ڇٺيءَ رات پيءُ جي ڏنل نالي سان مخاطب ٿيون ٿا.

اسان جي پاڙي ۾ تلسيءَ نالي هڪ اهڙي عام هندو عورت رهندي هئي، جا آفيم به کائيندي هئي ۽ سگريٽ جا دُغاڙا به هڻندي هئي. هوءَ ريشمي پتلون قميص ۽ پوتي پائي پاڙي مان لنگهندي هئي. ڪنهن هن کان پڇيو: ”تلسيءَ جو ٻوٽو سدائين سائو رهندو آهي يا سڪي به سگهندو آهي؟“

تلسيءَ جواب ڏنس: ”جي هن کي پاڻي نه ملندو آهي ته سُڪي به سگهندو آهي.“

”پوءِ ڏيونس پاڻي!“ سوال پڇندڙ هن جي ڇاتيءَ ڏانهن گهوري ڏٺو. هن جي اکين ۽ چپن جي مرڪ مان شيطاني پئي بَکي.

تلسي هن جي سوال جو مطلب سمجهي پئي ۽ ”ماريا لفنگا“ چئي هڪ ڪَئنري (Canary)  وانگر ويندي رهي.

ٻيو هڪ دلچسپ شخص، جو اسان جي پاڙي ۾ رهندو هو ۽ واجد علي شيخ سان گهڻو وقت گذاريندو هو. اهو پنڻ مکي هو، جيڪو گڙنگ جواري هو. هو چوندو هو ته پَتي راند منهنجي پِتي ۾ آهي. هڪ ڀيري هن جوا ٿي کيڏي ته هن ساري پونجي هارائي، جا هُن وٽ هئي. ان کان پوءِ گهر داءَ تي رکيائين، پر اهو به هارائي ويو. ان کان پوءِ هن پنهنجي جوان جوءِ داءَ ۾ رکي، جڏهن اها به هارايائين، تڏهن هن جي جوءِ کي ٻئي جواريءَ ٻانهن ۾ هٿ وڌو ته هوءَ روئڻ لڳي. ان تي پنڻ مکيءَ زال کي آٿت ڏئي چيو: ”الڪو نه ڪر. تون دروپدي ٿي وئينءَ!“

اسان جي گهر کان ٽيهارو قدمن تي بلو حجم رهندو هو. جيڪو پاڪيءَ سان ٻارن جا مٿا ائين ڪوڙيندو هو. جو هن کي ياد ڪري. مون ڪنهن درويش جو پهاڪو ياد اچي رهيو آهي: ”حجامت يتيم جي مٿي تي سکجي، ڇو ته هن کي مٿي تي ٽڪو ايندو ته هن جي دانهن ٻڌڻ وارو ڪوبه نه هوندو.“

گهر جي ڀرسان مسجد هئي. جنهن جو ملان رمضان - عيد ڏينهن ڪتن کي ڳاوا هڏا زور سان هڻندو هو. هن کي ياد ڪري مون کي روسي پهاڪو ياد اچي رهيو آهي: ”جيڪڏهن تون ڪتي کي هڏي سان ماريندين ته هُو ڪوڪر نه ڪندو.“

اسان جا ٻه مائٽ جڏهن لکي در تان گهر وارين لاءِ راڌي جون تريل چاپون وٺي ايندا ها ته پاڙي ۾ پيل کٽ ڀرسان بيهي منهنجي زال جي سؤٽ ادا اختر سان اڌ رات تائين ڊڙا ڊشا هڻندا ها.

ادا اختر نوين وڳي اڌ چانور کير سان کائي ۽ اڌ کير چانورن ۾ وجهي ٻليءَ کي کير ڏيندو هو، جا هن سان هريل هوندي هئي ۽ پوري نوين وڳي اچي نڪرندي هئي. اسان جا مٿي ذڪر ڪيل مائٽ دونا هٿن ۾ جهلي بيٺا ڳالهائيندا ها ۽ هنن کان وسري ويندو هو ته هنن کي ۽ هنن جي زالن کي ماني به کائڻي آهي.

ٻيو هاسو سونارو واجد عليءَ وٽ روز ايندو هو ۽ پتي کيڏندو هو ۽ هن جي ڪهچريءَ ۾ شريڪ ٿيندو هو. جڏهن مان وڪالت ڪندو هوس ته هو خيرپور واري مرحوم مير علي نواز جي زال باليءَ وٽ وٺي هلندو هو ۽ هن کان هيرا، پکراج وٺي، هن کي وڪڻي ڏيندو هو.

مان جڏهن ڇهين درجي ۾ پڙهندو هوس ته واجد بخش لوهر عرف واڌل جي آکاڙي ۾ پٿر جون پڃريون ۽ لوهه جي ويٽ کڻندو هوس. جنهن ۾ لوهه جي ٿلهي سيخ ۽ وزني ڦيٿا هوندا ها ۽ ڏنڊ بيٺڪون به ڪڍندو هوس. هڪ ڀيري مون ويٽ ۾ ڪجهه زياده ڦيٿا وڌا هيا، جيئن مون سَٽ ڏئي ويٽ مٿي ڪري ٻانهونا اڀيون ڪيون، تيئن ويٽ ڏنگي ٿي منهنجي سِرَ تي ڪِري ها، جي واڌل لوهر ان کي جهلي نه وٺي ها. اها هئي موت سان منهنجي ٽين ڪُلهي گس.

چوٿين موت سان گوڏي گس تڏهن ٿي، جڏهن مان ريل جي ٿرڊ ڪلاس ۾ سکر مان شڪاپور موٽي رهيو هوس. بڊي جي  مند هئي ۽ گاڏيءَ ۾ ڏاڍو ٻوسٽ هو، تنهن ڪري مان گاڏيءَ جي دروازي جي هيٺئين ڏاڪي وٽ رڪ جي نلڪن ۾ هٿ وجهي بيٺس. اڃان شڪاپور جي ڦاٽڪ وٽان ٽرين مس گذري هئي ته مون کي ڪنهن ازغيبي طاقت مٿي ڇڪي ورتو ۽ مان مٿي ٿي دروازي وٽ ٿي بيٺس. جيڪڏهن مان مٿي نه ٿيان ها ته گاڏيءَ جي دروازي جا ڏاڪا پليٽ فارم جي ايترو ويجها ها جو منهنجون ٽنگون ٽڪرا ٿي وڃن ها.

ادا اختر مطالعو براءِ مطالعو ڪندو هو. هن ساري عمر ڪتاب ۽ رسالا پڙهيا ها، پر انهن مان ڪجهه به پرايو نه هئائين. هُو ادب جو آفيمي هو. شام جو جڏهن پڙهي ٿڪجي پوندو هو ته پاڙي جي پڌر ۾ پيل کٽ تي ليٽي پوندو هو ۽ ليڙي نالي حجم هن کي زور ڏيندو هو. هُو هر روز ليڙي سان ساڳيو چرچو ڪندو هو: ”ليڙا! سنڌيءَ جي هڪ سٽ ٻڌي اٿي، ’هلڪي ذات حجام جي، جيئن ٺڪر تي ٺينڊ.‘“ ته ليڙو ائين کلندو هو جو ٺڪر تي ٺينڊيءَ وانگر لڳندو هو.

شڪاپور ۾ هر ذات جي ڪائي نه ڪائي چڙ هوندي هئي. دايا، ليمي تي چڙندا ها، سيد پوئڪيءَ تي، شيخ ڪانوَ تي، حجم واڱڻ تي چڙندا ها. اهڙيءَ طرح ڪوري ۽ ٻيءَ هر ڪنهن ذات جي ڪائي نه ڪائي چڙ هوندي هئي. جي ڪوئي ڪنهن کي پنهنجي  چڙ ياد ڏياريندو هو ته هُو مِکر ڪري مڇرجي ويندو هو ۽ هن کي مڃائڻ مشڪل ٿي پوندو هو ۽ ان لاءِ ڏنڊ ڀرڻو پوندو هوس.

هاءِ اسڪول ڀرسان اوڌو داس تارا چند اسپتال هئي. جتي اوڌو داس جي مورتي لڳل هوندي هئي، پر هن جو نالو ڏاڪڻ تي لڳل هوندو هو. جيئن آيو ويو ان کي لتاڙيندو وڃي. مون کي اڃان معلوم نه آهي ته ٻي ڪنهن پنهنجي انا کي ائين ماري مُڃ ڪيو آهي.

اسپتال کان اڳتي ريلوي لائين ۽ اسٽيشن هئي. جنهن کان اڳتي هندن جا باغ هوندا ها ۽ انهن جون بيٺڪون ٺهيل هونديون هيون. ان کان پوءِ سي. اينڊ ايس ڪاليج، پوءِ بيگاري ۽ پوءِ سنڌ واهه هوندو هو. شڪاپور پنهنجي پاڻ ۾ هڪ پوري ڪائنات هوندي هئي، جنهن کان ٻاهر وڃڻ تي دل نه  ٿيندي هئي. سارو شهر ڄڻ سهي جي بج وانگر نرم لڳندو هو. لکي در تي رابيل ۽ گلاب جون ڪنڍيون وڪامنديون هيون، جي شام جو شڪاپوري پنهنجي پاڻ کي ڳچين ۾ پائيندا ها. پر آءُ هر روز ڪنهن ڪونج جهڙي ڳچيءَ ۾ وجهندو هوس. جنهن جي گهر ڏانهن ويندي روز مان ٺاٺارڪي گهٽيءَ مان لنگهندو هوس، جتي ٺاٺارا ڪُٽ جا برتن ٺاهيندا ها. انهن جي ڪٽ ڪٽان جو آواز اڃان تائين ڪوههِ ندا جي سڏ وانگر منهنجن ڪنن ۾ ٻرندو آهي.

مون حاتم طائيءَ جي قصي ۾ پڙهيو هو ته ڪوههِ ندا هڪ جبل هو، جنهن مان سڏ ايندو هو ۽ جيڪو ان سڏ تي ويندو هو ته وري نه موٽندو هو.

شام جو مون کي پاٽولي پٽ جا ڍيرا ويڙهندي نظر ايندا ها. جڏهن مان پنهنجي دوست جي ڀيڻ گارگيءَ سان ميونسپالٽيءَ واري رستي تي نڪري ويندو هوس، تڏهن گارگي مون کي تاڃي پيٽي پٽ لڳندي هئي.

لکي در جي ڀرسان گوشت مارڪيٽ هوندو هو. جنهن جي مٿان ڪيئي هليون (سِرڻيون) لامارا ڏينديون هيون. اهو منظر منهنجي تحت الشعور مان اڀري آيو هو، جڏهن مون لکيو هو:

”هونءَ وڏيرو هِل ڙي!

بگڙي جي سرڪار ته هن جي جهرڪيءَ جهڙي دل ڙي!“

شڪاپور ۾ خصوصاﱢ ۽ سنڌ ۾ عموماﱢ ڪوبه جهرڪيءَ يا ڪبوتر کي نه ماريندو هو. پر جڏهن مهاجر آيا، تڏهن انهن اهي سونَ هزارن جي تعداد ۾ ماري تري يا رڌي کاڌا ها.

’جيئري جيت کي، متان مارين تون.‘

منهنجو هڪ پيارو دوست ڪار جي ڊگهي سفر ۾ ڳائيندو هو.

شام جو مان، جمال صديقي، غلام قادر مطلباڻي چانڊوڪي راتين ۾ اسٽيشن جي پريان، رستم ڳوٺ ڏانهن ويندڙ رستي تائين ويندا هئاسين، جتي خانه بدوشن جا قافلا لٿل هوندا هئا. اتي هنن جا کٿي جا تنبو کتل هوندا هئا ۽ هنن جا ڪتا ۽ گڏهه ٻڌا بيٺا هوندا ها. هنن جون ڇوڪريون ڏاڍيون سهڻيون هونديون هيون ۽ سارو منظر چانڊوڪيءَ ۾ ريمبران جي هڪ تصوير وانگر لڳندو هو. مون زندگيءَ ۾ پهريون نظم ٿڏي تي چيو هو، جو منهنجي حافظي ۾ سپ ۾ موتيءَ وانگر بند هو ۽ گهر اچي لکي ڇڏيو هو. اهو نظم هو، ’خانه بدوشن جو قافلو‘ جو پوءِ ’سنڌو‘ رسالي ۾ ڇپيو هو. جو انور فگار هڪڙي مون کي ڪجهه سال اڳ ڪراچيءَ موڪلي ڏنو هو.

خان صاحب حسين بخش جي گذاري وڃڻ کان پوءِ، مان خود اناج مارڪيٽ وڃي ڀلاوڻن سان، پنهنجي ٻنيءَ مان آيل ان جو حساب چڪائي ايندو هوس ۽ ڏسندو هوس ته ڪيئن نه بهانن سان ان مان ڪٽوتي ٿا ڪن. اناج مارڪيٽ ۾ طرح طرح جي اناج جا کرا رکيل هوندا ها، جي نه ڄاڻ مون کي ڇو وڻندا ها.

ڍل به مان ڏئي ايندو هوس، جنهن تي تپيدار رپئي تي ٻياني رشوت طور وڌيڪ وٺندا ها ۽ جيڪڏهن ڪوئي ان کي ڏيڻ کان انڪار ڪندو هو ته ڍل بستگيءَ ۾ ڦيرگهير ڪري، هن کان ٻيڻي ڍل وٺندا ها.

اسان وٽ هڪ مشهور لوڪ گيت هو، ’تپيدار ڙي، ماريو، قلم وجهي ٿو ڪن ۾.‘ تن ڏينهن ۾ ماءُ ڪنهن کي دعا ڪندي هئي ته چوندي هئي ته پٽ شل تپيدار ٿين يا ناڪي منشي ٿين! ٻيو نمبر رشوت خور ناڪي منشي هوندا ها.

منهنجي لاشعور ۽ تحت الشعور ۾ مطالعي سان گڏ مشاهدو به رهيو آهي، جو منهنجي شاعريءَ ۾  اُٻڙڪا ڏئي نڪتو آهي ۽ اهو ٿر جي سٺ پُرهه کوهه وانگر کٽي نه ٿو کٽي، جئن ڪنهن محبوبه جي محبت جي باري ۾ بار بار اظهار سبب دل بيزار نه ٿيندي آهي. دراصل شاعريءَ ئي منهنجي محبوبا رهي آهي. ٻيو محبوبائون ان لاءِ بهانا رهيون آهن. انهن جا ڳل، چپ، وار، اکيون ۽ سارو بدن منهنجي شاعريءَ ۾ ترو تازه آهن ۽ وقت انهن کي مرجهائي نه سگهيو آهي. ’ٺٽي جي هوا ۾ گلابي بدن‘ به هڪ يادگيري هئي ان گرم جسم جي، جو جنهن وقت منهنجي آغوش ۾ هو، تنهن وقت مون ڪمري جي دري کولي ڇڏي هئي، جنهن جي شيخن مان ايندڙ چانڊوڪي هن جي گلابي بدن کي گلاب جي گل ۾ بدلائي رهي هئي. پر ان وقت مان جمال صديقيءَ سان ڪراچيءَ ۾ وڪالت ڪندو هوس.

پر اڃان ته مان ڇهين درجي انگريزيءَ ۾ پڙهندو هوس. فارسيءَ جي پوري بحر وزن تي مون کي گرفت اچي وئي هئي. هڪ ڀيري سنڌيءَ جي استاد، ڪلاس ۾ ڪنهن سٽ جو وزن پڇيو ته هڪ ڇوڪري کلي چيو ته، ”سٽ کي ڪيئن وزن ٿيندو؟“ مون هٿ مٿي ڪيو ته مون کي ان سوال جو جواب اچي ٿو ۽ مون استاد کي چيو: ”ان جو وزن مفعولن چار رڪني آهي.“

”چار رڪني ڇا آهي؟“ استاد پڇيو.

مون وراڻيو: ”چار ڀيرا مفعولن.“

ان تي مون کي استاد چيو ته: ”تون ته مون کان به وڌيڪ ٿو ڄاڻين.“

هن کي خبر نه هئي ته مون کي ’متفاعلن‘ چار رڪني به ايندو هو، جو مان علامه اقبال جي ’بانگ درا‘ ۾ شايع ٿيل هڪ غزل مان سکيو هو. ڇهين درجي تائين مون کي فارسي بحر وزن تي پورو عبور هو.  بيت ۽ وائيءَ ڏانهن ۽ ماترائن تي ٻڌل شاعريءَ ڏانهن مون گهڻو وقت پوءِ توجهه ڏني. شاعريءَ جي تخليق ۾ تحت الشعور ۽ لاشعور جو وڏو هٿ آهي. انگريز شاعر وليم بليڪ جو هڪ وڏو سِريت پسند (Mystical)  شاعر هو. ان شاعريءَ کي الهام ڪوٺيو آهي. جا فطرت جي رهنمائي (Divine Guidance)  سان وجود ۾ اچي ٿي. ڄڻ ڪوئي ازغيبي هٿ شاعر جي قلم کي جهلي چوي ٿو ته: ”هيئن لک! هئين لک!“ مان دعويٰ سان چئي ٿو سگهان ته مون جيان ڪتابن پٺيان ڪتاب دنيا جي ڪنهن به شاعر ننڊ مان اٿي تخليق نه ڪيا آهن. ان ڳالهه جو عيني شاهد فقط ڊاڪٽر قاضي حيات آهي، جو جڏهن منهنجي بيماريءَ وقت خوش خط ۾ منهنجو شعر شام جو نقل ڪرڻ ايندو هو،. تڏهن مان بستري تان اٿي به نه سگهندو هوس. جڏهن هو ٻئي ڏينهن ايندو هو ته اڳي کان ٽيهارو صفحا وڌيڪ لکيل هوندا هئا. مان بتي وسائي ڀرسان قلم ۽ نوٽ بڪ لکي پوءِ سمهندو هوس. اوچتو ڇرڪ ڀري جاڳندو هوس ۽ اوندهه ۾ ڪجهه لکي، پوءِ سمهي پوندو هوس. وري ٿوري دير اک لائي جاڳندو هوس ۽ ٻيو ڪجهه لکي سمهندو هوس. ائين سلسلو صبح تائين هلندو رهندو هو. ڪنهن وقت اوندهه ۾ مان اُبتي قلم سان پني تي رهڙا ڏئي ويندو هوس، جن تي ٻئي ڏينهن قاضي حيات چاڪ ڀريندو هو ۽ پوءِ نقل ڪري ڇڏيندو هو. اهو سلسلو ٻه ٽي سال هليو، جيستائين هو لکيءَ ٽرانسفر ٿي ويو. پوري زندگيءَ ۾ مون کي منظر حيات جهڙو مداح نه مليو آهي. مان هن جو ٿورو ڪڏهن به لاهي نه سگهندس.

منظر حيات جو سوچي مون کي فارسي شاعر آذريءَ جو هيٺيون شعر ٿو ياد اچي:

به آن گـــروهه که در ساغر وفا مستند

زما سلام رسا نيد هر ڪجا هستند.

ترجمو: (انهيءَ گروهه کي جو وفا جي ساغر تي مست آهي

اسان جو سلام پهچايو، جتي به آهي)

دراصل جڏهن فيروز احمد موٽ وٽان ”گهاٽ مٿان گهنگهور گهٽا ۾“ ڪتاب ڇپڻ لاءِ کڻي ويو، تڏهن مون کي چيائين ته، ”مهرباني ڪري نثر ۾ وڌيڪ لکو، ڇو ته اوهان جي لکيل نثر جي سنڌيءَ ۾ ضرورت آهي.“

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org