راج مون کي لنڊن ۾ ٻڌايو ته هو لنڊن ۾ ڄام صادق عليءَ جي بنگلي
جي مرمت ڪرائي رهيو هو. ان وقت ڄام صادق علي
پاڪستان ۾ هو. جڏهن بينظير جي 1988ع واري حڪومت
هئي، هو ٻيهر پاڪستان آيو ۽ بينظير جي حڪومت جي
خاتمي کان پوءِ وزيراعليٰ بڻيو. راج هن سان لنڊن ۾
ٽڪيل هو. انهن ڏينهن ۾ شاعر تنوير عباسيءَ جي گهر
تي ڪائي تقريب هئي، جتي هو ڏينهن ٻه رهيو هو. جڏهن
موٽي آيو ته اوچتو مون کي چيف منسٽر هائوس مان فون
ڪيائين ۽ چيائين ته: ”تو هڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته
مون بمبئي، لنڊن ۽ لينن گراڊ ۾ عشق ڪيا ها. اها
بمبئيءَ ۾ ڪير هئي؟“
مون هن کي چيو ته: ”مون اهو ڪتاب، توکي ٻين ڪتابن سان گڏ پاڻ
لنڊن ۾ ڏنو هو. مان هن جو نالو وٺڻ نه ٿو گهران،
ڇو ته هن جي چاندنيءَ جهڙي طبيعت مون کي ڏاڍي وڻي
هئي. پر اڃان مون هن سان عشق جو اظهار نه ڪيو
آهي.“
”چڱو اهو ته ٺهيو، پر تو فلاڻي کي ڇا چيو آهي؟“
مون هن کي جواب ڏنو: ”مرحوم رشيد ڀٽي شراب جي اثر هيٺ واهي
تباهي ڳالهيون ڪندو هو، جن کي ٻُڌي انهيءَ فلاڻي
(نالو مان لکڻ نه ٿو چاهيان) پنهنجي گمان کي رنگ
روغن ڏنو آهي، جا هن جي عادت آهي. توکي ياد هوندو
ته مرحوم شيد ڀٽي پنهنجيءَ ڪيفيت ۾ الهاس نگر ۾ ڇا
چئي رهيو هو، جنهن تي اسان هن کي هڪ ڪمري ۾ بند
ڪيو هو. جيستائين هن جا حواس درست نه ٿيا ها
تيستائين هن کي ٻاهراچڻ نه ڏنو هو. تون فقط ٻه منٽ
آءُ ته مان توکي ساري ڳالهه سمجهائي سگهان.“
هن غصي جو شديد اظهار ڪندي چيو: ”بهتر ٿيندو ته تون مون کي هڪڙو
خط لکي پنهنجي پٽ جي ذريعي موڪل. مان ڪار ڪاهي،
پرنس ڪامپليڪس وٽ اچي بيهان ٿو.“
مون هن کي چيو ته: ”اهو خط پنهنجي پٽ کي نه ڏيندس. مان تو وٽ
پاڻ ٿو کڻي اچان.“
مان خط لکي هيٺ لهي دروازي وٽ بيٺس ته راج ڪار ۾ اچي پهتو. هن
جي منهن تي غصو هو. هن کي اهي لفظ جيڪي فلاڻي چيا
هئا، اهي هن مون کي ٻڌايا ۽ اهي لفظ ٻڌي ڪنهن کي
به غصو اچي ٿي سگهيو ۽ مون فقط هن کان پڇيو ته:
”هن کي اها جرئت ڪيئن ٿي جو هن اهي فحش لفظ توکي
مُنهن تي چيا.“
ان تي راج چيو ته: ”هائو، هن کي اها جرئت ڪيئن ٿي! هو اڃان
ايئرپورٽ تي نه پهتو هوندو. مان هن کي ڳولي ٿو
لهان. باقي تنهنجي اسان جي دوستي ڇُٽي.“ هو تيزيءَ
سان رستي تان ڪار هلائي هليو ويو. ڄڻ ڪنهن قئنچيءَ
سان پٽ جو تاڪيو ڪتريو. افسوس! ڪيترا نه پيارا
ڏينهن منهنجي تپش آميز زندگيءَ تان جهڙ وانگر لهي
ويا!
بهرصورت مان پوئين ڀيري لنڊن جي سفر جو قصو پورو ڪري وٺان، ڇو
ته ڪافي ڊگهو ٿي ويو آهي. مگسي اسان کي لنڊن جي
زُو (عجائب گهر) ۾ وٺي هليو، جتي هڪ هنڌ تي هرڻ
بيٺا ها، جي انسان کان نه ٿي ڊنا. مون هڪ هرڻ جي
مٿي تي هٿ گهمائيندي فوٽو ڪڍايو هو، جيڪو منهنجي
البم ۾ آهي.
جيڪو جڏهن ماهوار سهڻيءَ جي ’شيخ اياز‘ نمبر ۾ ڇپيو ته ماهتاب
محبوب کي ڏاڍو وڻيو هو. مون ماهتاب ۽ محبوب سان
ڪافي وقت گڏ گذاريو آهي، جو مون کان اڃان نه
وسريو آهي. افسوس جي ڳالهه آهي ته مان بيماريءَ
سبب حيدرآباد وڃي نه سگهيو آهيان. ماهتاب آخري
دفعو مون سان هڪ تقريب ۾ ڪراچيءَ ۾ ملي هئي، جتي
حيدرآباد اچڻ لاءِ چيو هئائين.
اُن کان پوءِ اسان مگسيءَ جي ڪار ۾ شيشا چاڙهي چيتن ۽ شينهن
جهڙن وحشي جانور جي وچ مان لنگهياسون. ٻاهران بورڊ
لڳل هو ته هرڪو پنهنجو خطرو کڻي وڃي سگهي ٿو. پر
جانور خاموش ويٺا رهيا ۽ ڪار تي رومڙ نه ڪيائون.
نيٺ اسان بگهڙن جي واڙ وٽ پهتاسين، جتي سوَ کان
مٿي بگهڙ خاردار لوڙهي ۾ بند آهن. گذريل ڀيري جڏهن
مان سال 1976ع ۾ اتي نما شام جو آيو هوس، تڏهن راج
۽ گيتا مون سان ساڻ هئا. ان وقت بگهڙن جي اوناڙ
آسمان مان نيزي وانگر پار ٿي وئي هئي. ڪيئي بگهڙ
اوناڙي رهيا هئا، شام جو انڌيارو وڌي ويو هو ۽ موت
جي ياد ٿي ڏياريائين. ٻئي ڀيري مگسي، جڏهن هو
پاڪستان ۾ تازو آيو هو، تڏهن حيدرآباد مان مون کي
فون ڪيو هئائين ته مون وٽ ٻن ٽن ڏينهن ۾ ايندو. هن
لنڊن ۾ اسان سڀني جي ماني ڪئي هئي ۽ هن جي زال
منهنجي زال سان گهائل مائل ٿي وئي هئي. مگسي اسان
کي هڪ تفريح گاهه تي وٺي هليو، جتي ڊولفين
(Dolphins)
تلاءَ مان ٽپا ڏئي ڪجهه جهپي رهيون هيون. مان ته
ڀانيان ٿو ته سنڌيءَ ۾ ڊولفن کي ”ٻلهڻ“ چوندا آهن.
پرمانند ميوارام جي لغت ۾ ڊولفن
(Dolphin)
جي معنيٰ دِلفين يا ’مي‘ لکي آهي. پويون لفظ مون
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ نوري تماچيءَ ۾ پڙهيو آهي.
”تون تماچي تڙ ڌڻي، مان مهاڻي مي،
مون کي ڏهاڳ مَ ڏي، گهڻو ريسارا سپرين.“
زرينا هاڻي هل ته شڪاپور موٽون. لاٽوڻي ڦري ڦري ڪِري پئي آهي.
جيئن زندگي لاچار ٿي ويندي آهي. ان ۾ مان وري ڏور
ٻڌي اُن کي هلايان ٿو. اسان پاڙي جي پڌر ۾ بيٺا
آهيون. ڪجهه پاڙي جون غريب زالون، عاج يا چانديءَ
جون ٻانهيون پايو، دلا حوض جي ڀرسان رکي بيٺيون
آهن. هڪڙيءَ کي ته ڇليءَ باداميءَ جهڙي شڪل آهي،
ٻي نيسر جي هيٺان جهڪي گهڙو ڀري رهي آهي ۽ شلوار
مان هن جون ڪيوڙي جهڙيون رانو ظاهر ٿي رهيون آهن.
هن جي ٻنهي رانن مان وٿي ائين لڳي رهي آهي، جيئن
گدري جي ول ۾ ڪڏهن ڪڏهن آمهون سامهون ٻه گدرا
هوندا آهن. سندس گهڙو ڀرجي ٿو ته مهارت سان ان کي
اڇل سان کڻي چيلهه تي رکي ٿي ۽ ٻيءَ کي ڀرڻ لاءِ
وارو ڏئي ٿي. ان کوهه جي گاديءَ ۾ هٿ وجهي، ڪوئي
زور ڏئي هلائي رهيو آهي. ڇو ته گاديءَ تي تنهنجون
ٻه ٽي ساهيڙيون ويٺيون هيون. اهو کوهه منهنجي ڏاڏي
بنگل شيخ کوٽايو هو، جو ميونسپل ڪائونسلر هوندو
هو، جنهن جي نالي سان اهو کوهه منسوب هيو.
لاٽون ۽ لاٽوڻي جنڊيءَ لڳل آهن ۽ ڪشمور جا ٺهيل آهن. اِٽي ڏڪر
به جنڊيءَ تي چڙهيل آهن. بڪٽ، لين، مونَ، نار
آروهي، يڪ، نه ڄاڻان اهي ڪهڙي ٻوليءَ جا لفظ آهن،
جي تاريخ ائين ڳڙڪائي ڇڏيا آهن، جيئن ارڙ نانگ
ڪوئي ساهوارو ڳڙڪائي ڇڏيندو آهي. زرينا جي گهر ۾
ڇا ڇا سامان نه هوندو هو. چڪرا، ويلڻ، اکريون،
مهريون، کٽوليون ۽ کٽن جا پاوا، پلنگ، پينگها،
ڪرسيون، ٽپايون، آرسيون، دٻلا، ٿالهيون، جهنجهڻ سڀ
جنڊيءَ چڙهيل هوندا هئا. هن جو سارو گهر ڪنهن مصور
جي روح وانگر لڳندو هو. هن جو پيءُ خانصاحب حسين
بخش ان وقت جيڪب آباد جو ڊپٽي ڪليڪٽر هو، جنهن وقت
ڪليڪٽر گهڻو ڪري سڀ انگريز هوندا هئا. لاٽوڻي ڦري
ڦري ليٽي پئي ته اسان ڪوڏين راند کيڏڻ لڳاسون.
چٽڪٻري ڪوڏيءَ کي گانءِ، سونهري رنگ واري ڪوڏي
بائلي، خاڪي رنگ واريءَ کي گبو، سرمائي رنگ واريءَ
کي سُرميل ۽ وڏي ڪوڏيءَ کي ڊينگ چوندا هئاسون.
ڪيڏيون صديون سمايون هيون انهن لظن ۾! پشت بپشت
اسان جا وڏا اهي لفظ ڪم آڻيندا رهيا ها، جن کان
سندن پونيئرن ٻڌا هئا. معلوم نه آهي ته اهي لفظ
آريائي يا سنڌ ديس جا هئا ۽ موهن جي دڙي يا هڙپا ۾
استعمال ٿيندا هئا. ڇو ته هي سارو اتر پاڪستان
وارو علائقو ڪاٺيا واڙ، ڪڇ ڀڄ، گجرات تائين سنڌ
ديس هو. جنهن کي هاڪڙو درياءُ باقي هند کان ورهائي
ڇڏيندو هو. هند ورش کي اسان جي پوري معلومات نه
هئي.
ڀرسان منهنجي جيڏا شيشي ۽ پٿر جي جدن سان گچيءَ رانگ کيڏي رهيا
هئا. اِنڊا، ڪبوتري، رنگارنگي پٿراوان چدا، رنگ
رنگ جون گوليون، جڏهن چدو چدي کي چُٽيو وڃي ٿو ته
”سڀ گل“ جون صدائون اڀرن ٿيون. اسان جي پاڙي ۾ ٽي
نمون هيون. هڪ ته اسانجي گهر جي دروازي لڳ هئي ۽
نه رڳو ان جا ڏار ۽ ٽاريون اسان جي ڇڄهري سان
گسنديون هيون، پر ان جون ڪيئي لامون ڪوٺي تي ڇت
وانگر وڌي آيون هيون. جڏهن نمن ۾ ٻور ٿيندو هو ته
سڄو پاڙو ان سان خوشبوءِ سان واسجي ويندو هو.
سانوڻ جو مينهن نمن جا پن ڌوئي چهچ ساوا ڪري
ڇڏيندو هو ته طوطا، ڪٻريون، بربليون،جهرڪيون،
نوريئڙا هر وڻ تي هوندا هئا. انهن وڻن ۾ ڳجهن ٻه
آکيرا ٺاهيا هئا.
اسان جي پاڙي ۾ هندو ۽ مسلمان ٻئي هڪ جيترا رهندا هئا. منهنجي
گهر جي ڀرسان هڪ گندو مل رهندو هو. اهو چئين بجي
ننڊ مان اٿي ميران ٻائيءَ جا ڀڄن ۽ ڪبير جا دوها
ڳائيندو هو ۽ ائين پرارٿنائون ڪندو هو، ڄڻ خدا سان
محو گفتگو هو. ڄڻ خدا رات هنن جي گهر ۾ گذاري هئي
۽ سامهون واري مسجد ۾ ملان رمضان اڪيلو ننڊ ڪندو
هو. هنديءَ جو آواز ٻڌي مون کي اهو سوچي ته اڃان
باک نه ڦٽي آهي، ننڊ وٺي ويندي هئي. گندي مل جو
ڏوهٽو يا پوٽو مون سان بمبئيءَ ۾ گڏيو هو. جڏهن
پوپٽي هيراننداڻيءَ منهنجي آجيان لاءِ هن جي ٽولي
کان ڀڳت ڪرائي هئي ۽ اٽڪل سؤ کن ماڻهن جي ماني به
ڪئي هئي. پوءِ گندي مل جي پوٽي، منهنجي ۽ زرينا جي
پنهنجي گهر ماني به ڪئي هئي. جتي نند جويري،
گيتاراج ۽ ٻيا آيا هئا.
ڪاڏي بمبئي وڃي نڪتس! ماڻهوءَ جو من ڪيڏو نه چنچل آهي. جڏهن
ڪٿي، ڪڏهن ڪٿي! ايڪا گرتا
(Concentration)
نالي ڪا ڳالهه ڪانهي. اها ڪنهن يوگيءَ جو اُٺاءُ
آهي.
هاڻي وري زرينا وٽ شڪارپور موٽي ٿو اچان. پاڙي ۾ اسان جي گهر
ڀرسان گگني نالي هڪ هندو رهندو هو. جنهن کي ٽي
ڌيئر هونديون هيون، جن مان هن جي ڌيءَ سُران ڏاڍي
خوبصورت هوندي هئي. مون کي انسان جي سونهن ننڍي
هوندي کان ئي مُنڊي ڇڏيندي هئي. جڏهن اسڪول ۾
پهرين درجي انگريزيءَ ۾ هوس، تڏهن مون پنهنجي
استاد سائين کيئل داس فانيءَ کان روهڙيءَ واري
”بيڪس“ فقير جي هڪ شعر جي سٽ ٻڌي هئي:
”ساجن سائين سئر ڪرڻ لئه، آيو ٿي انسان.“
ان سٽ مون کي ائين ٻڌي ڇڏيو هو، جيئن اسان ننڍي هوندي بربل کي
پيٽي وجهي، ان سان ڳنڍيل ڌقاڳو ٻڌي، هڪ هٿ تي
ويهاري هيرائيندا هئاسين. اسان جي پاڙي ۾ هڪ شخص
گاجي نالي رهندو هو. سنڌي ماڻهو غازيءَ کي کاجي
سڏيندا هئا. جيئن ٻين مقدس نالن جو نه رڳو تلفظ
ڦيرايو اٿائون، پر انهن جو مخفف اهڙو ڪيو اٿائون
جو اهو مضحڪه خيز لڳندو آهي. فتني جي ڀَو کان رڳو
هڪ ٻيو مثال ٿو ڏيان. هُو وليءَ کي وَلو چوندا
هئا.
مان پنهنجي گهر جي پهرين منزل ڀرسان ڏار تي چڙهي، نم جي پنن ۾
لڪي ويندو هوس ۽ سران کي ڏسندو هوس، جڏهن هوءَ
ٿورو تاڪ ٻيڪڙي، ننگي ٿي سنان ڪندي هئي. دراصل
اسان جي جاءِ ۾ هڪ حال هو. جنهن ۾ منهنجي پيءُ
پنجاهه مغربي مصوريءَ جا نقل ((Replicas
مڙهائي ٽنگي ڇڏيا هئا. جنهن ۾ هڪ تصوير ۾ شل ننگي
عورت پٺي ڏئي ويٺي هوندي هئي ۽ هن جا ٿڙا پڪل
ناسپاتين وانگر لڳندا هئا. اُها سُران وانگر لڳندي
هئي، جڏهن هوءَ سنان ڪندي هئي. بابو سائين وڏو
عاشق مزاج انسان هو، پر هن تي مان پوءِ ٿو اچان.
ٻيو اسان جي پاڙي ۾ سيٺ چئنراءِ رهندو هو، جنهن جو
گهر زرينا ۽ هن جي مامي شيخ واجد عليءَ جي گهر جي
وچ ۾ هوندو هو. چئن راءِ شڪارپور ڪانگريس جو صدر ۽
واجد علي شڪارپور مسلم ليگ جو صدر هو، پر اها
ڳالهه پوءِ جي آهي. وقت جون واڳون ڍريون ڇڏ، ڇوته
اهو تيز رفتار گهوڙو آهي، ائين نه ٿئي ته غالب
وانگر تنهنجي قابوءَ ۾ نه اچي!
هـي رو مـيــن رخش ڪهان ديکهئي تمهي
ني هاتهه باگ پر هي نه پاهي رڪاب مين.
اسان جي پاڙي جي چئني طرفين هندن جون حويليون هيون. منهنجي گهر
کان سوَ قدم پري نيڀن پور هوندي هئي، جتي فقط شيخ
رهندا هئا. هندو ڏاڍا آسودا هوندا هئا. اهي
سمرقنڌ، بخارا، روس، ايران، هندوستان، مسقط ۽ عرب
سان واپار ڪري، ڪروڙين رپيا ڪمائي شڪاپور ۾ آڻيندا
هئا. انهن جي زالن کي رنگين پڙا، انگيون ۽ ڇڄ سون
جا پيا هوندا هئا. هو ڪراين ۾ ڏهه ڏهه ڪنگڻيون،
ٻانهن ۾ ۽ ٺونٺين وٽ هيرن سان ڪنگڻ، دهريون،
نسبيون، ويڙهه، پازيب، نورا، چوٽيءَ ڦل، ڇلا، تائٿ
وغيره ايترا ڳهه پائينديون هيون جو سونَ سان سٿجي
وينديون هيون. جيئن روهيڙي جو وڻ بسنت ۾ گلن سان
جهنجهجي پوندو آهي. مون انهن جي يادگيري پنهنجي
ڪتاب ’ڪپر ٿو ڪُن ڪري‘ ۾ ’سُر سورٺ‘ ۾ چٽي آهي.
اسان جا مائٽ پڌر ۾ کٽون وجهي، پتي راند کيڏندا ها، انهن راندين
۾ ڪجهه هندو به شامل هوندا ها. هڪ ته اهو بدنام
شخص هو، جنهن جوان زال يڌشٽر وانگر جوئا ۾ هارائي
هئي. هڪ ڀيري هڪ ريشمي پڙي سان نهايت خوبصورت جوان
هندو عورت وڃي رهي هئي. ان وقت منهنجي عمر ست يا
اٺ سال مس هئي. مون کي هڪ مائٽ چُرچ ڏني ته هن جو
پڙو مٿي ڪري، اڳيان اچي ڏسينس ته ڇا اٿس. مون ائين
ڪيو ته ان هندو عورت مون کي زور سان بجا هنيا، جو
مان ٻاهر نڪري آيس ۽ وٺي کٽ ڏي ڀڳس، جتي منهنجا
مائٽ ويٺا هئا. منهنجي مائٽ کلي پڇيو: ”ڇا ڏٺئه؟“
”ناڪ وانگر ڪا شيءِ هئي.“ مون جواب ڏنو. گندو مل،
حويليءَ ۾ رهندا هئا، جن جي گهرن جا در ٻيءَ
گهٽيءَ ۾ هوندا هئا، جنهن ۾ شيام لال نالي ڪوئلن
جو واپاري هندو رهندو هو. هن جي ڌيءُ ۽ ان جي
ساهيڙي گوپي مون سان ان وقت عشق ڪنديون هيون، جنهن
وقت مان مئٽرڪ ۾ هوس ۽ منهنجي پٺيان بريڊلين وانگر
ڦرنديون هيون. گوپيءَ جي ماءُ ته منهنجي ماءُ کي
دانهن ڏئي چيو هو ته: ”هي تنهنجو پٽ پيءُ تي ويو
آهي، ان تي روڪ رک، جي گوپي هن جي ڪڍ تنهنجي گهر
گهڙي ته هن کي ڄُنڊن کان وٺي ڪڍي ڇڏجانءِ.“ پر اها
گهڻو پوءِ جي ڳالهه آهي. مون جڏهن ڳالهه وچ ۾ ڪٽي،
تڏهن سنڌي اسڪول ۾ داخل ٿيو هوس.
اسان جي گهر جي سامهون ٻه هندن جا گهر هيا، جن جي پٺ تان هنن
جون حويليون هونديون هيون. هندن جي حويلين ۾ رهڻ
جو ڪارڻ، تاريخ ۾ مسلح حمله آور هئا، جي هنن جي
گهرن ۾ پيهي سڀ ڪجهه تلف تاراج ڪندا ها ۽ هنن جي
ننگن جي عزت به محفوظ نه هوندي هئي. انهن ۾ هڪ
ٽِڪي واياڻي هئي، جنهن جو چاليهن سالن جو پٽ هڪ
چوڏهن ورهين جي ڇوڪريءَ موهنيءَ سان پرڻجي آيو هو.
اونهاري جي رات هئي. تارا نيري آسمان ۾ ٽمڪي رهيا
هئا، اوچتو الوپ پکيءَ جو آواز آيو ۽ مون کي جاڳ
ٿي وئي. الوپ پکيءَ جي آواز تي مون کي سدائين جاڳ
ٿيندي هئي. مان ماءُ کان پڇندو هوس: ”اهو ڪهڙو پکي
آهي، جو تيز اڏامي گم ٿي وڃي ٿو ۽ نظر به نه ٿو
اچي.“
اميءَ کي ڪوئي جواب سمجهه ۾ نه ايندو هو ته هوءَ چوندي هئي:
”اهو ڪوئي روح آهي، جو ڪجهه ڳولهي رهيو آهي.“ مون
ڪافي وقت تائين پاڻ کي الوپ پکيءَ وانگر ڀانيو هو،
جو ڪنهن جي ڳولا ۾ هو، جا هن کي هٿ نه ٿي آئي. پر
ان رات مون ٽِڪيءَ جي گهر مان رڙيون ٻڌيون، ڄڻ
ڪنهن کي چاقو لڳي رهيا ها. مون ڀرسان ستل
نوڪرياڻيءَ کي جاڳندو ڏسي پڇيو: ”هي رڙيو ڪنهن جون
آهن؟“ هن وراڻيو ته: ”مرد آهي رنڙ ۽ منهن تي ڪاٺ
گدري جي ٻجن جيترا وڏي ماتا جا ڪارا چُگهه اٿس ۽
زال آهي رابيل جي گل جهڙي، ننڍي نيٽي، مڙس نه ٿو
وڻيس.“ مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته پوءِ هن اهڙي مڙس
سان شادي ڇو ڪئي؟ شاديءَ جي رات ايڏيون رڙيون ڇو
ٿي ڪيائين ۽ ساري پاڙي کي ننڊ مان جاڳايائين پئي!
ڪجهه ڏينهن پوءِ خبر پئي ته هن زال پنجين سوين
خريد ڪئي آهي.
ڀرسان ٻيا هندو به رهندا هئا ۽ اٺ ڏهه گهر اسان جي بلراڻي ۽
ڇتاڻي شيخن جا ها ۽ اتان پنجاهه قدمن تي نيڀن پور
جو پاڙو هو، جتي ٽيهارو گهر هرواڻي شيخن جا ها ۽
اسان جي گهر کان سؤ کن قدمن تي جُماڻين جو پاڙو
هوندو هو، جتي خانواڻي شيخ رهندا ها. اسان جي گهر
کان ٻه سؤ قدم پري وطڻ جي ڪنڊ ڏي عطا محمد ۽ ٻين
شيخن جا گهر ها. مير شاهه جي قبي ۽ ننڍيءَ بازار ۾
به شيخن جا گهر هيا. اسان جا اٽڪل ٻه سؤ گهر هوندا
هئا. اسان جون ذاتيون به هندن وانگر هيون. اسان جي
گهر کان ٻه سؤ قدمن تي اوتارو هو، جتي راڻي پور
واري پير صالح شاهه جو خليفو حيدر شاهه رهندو هو.
اتي روز شام جو ڌمال وڄندي هئي. هاڻي ته اهو ڌمال
جو آواز رات جي اونداهيءَ ۾ مون کي موت جي ياد
ڏياريندو آهي. دل چوندي آهي، ڌمال جيترو وڄي سگهي،
وڄي، جيستائين رات جي اونداهي ڇائنجي وڃي.
اسان جي گهر جي ڀرسان دمينتي ديويءَ جو ميران اسڪول هيو، جتي
صبح جو ميران جا ڀڃن ڳايا ويندا ها. جتي زرينا
پڙهندي هئي. رُڪِي، ساوتري، لجا، سُکان، ڪوشليا،
پتلي، وديا، لڇي ۽ چندري هن جون هندو ساهيڙيون ۽
ڪشمير، سلطانه گوهر مسلمان ساهيڙيون هيون. هن جون
هندو ساهيڙيون ڪنهن آنڌيءَ ۾ ڪک پن ٿي اڏامي ويون
۽ الائجي ڪٿي وڃي ڪِريون. رڳو رڪي زرينا سان
بمبئيءَ ۾ ملي هئي، جا سنڌي اديب ٻلديو گاجرا جي
ڀاڄائي هئي ۽ زرينا سان شاهه، سچل سامي سيمينار تي
ڏاڍي سڪ سان ملي هئي ۽ جڏهن ٻلديو گاجرا منهنجي
پنهنجي گهر ماني جهلي هئي ته ڪي به آئي هئي ۽
زرينا سان ڪيترو وقت ڪچهري ڪئي هئائين ۽ هن کي ڪن
ساهيڙين جي باري ۾ ٻڌايو هئائين، جيڪي جيئريون
هيون ۽ جن جي باري ۾ کيس معلوم هو.
ننڍپڻ جون ساهيڙيون ۽ ننڍپڻ جا دوست ڪيڏا نه پيارا ٿا لڳن! انهن
سان ڳالهيون ڪري انسان پنهنجي ماضيءَ کي موٽائي
سگهي ٿو؛ ماضي، جو هونءَ اڻ موٽ آهي. هڪ انگريزي
پهاڪو آهي ته ’هڪ پراڻي دوست کان بهتر ڪوئي آئينو
نه آهي‘. ديوان ذوق ۾ مون کي فقط هڪ شعر وڻيو هو:
اي ذوق کسي همدم ديرينه کا ملنا
بهتر هي ملاقاتِ مسيحا وخضر سي.
آمريڪا جي مشهور دهرئي مفڪر انگرسال چيو هو: ”هر ڪوئي پڇي ٿو،
’ڪيڏانهن؟‘ ۽ هر ڪو جواب ڏئي ٿو: ’ڪيڏانهن به نه!‘
جيستائين مان ان ڳالهه ۾ اعتبار ڪندو هوس ته زندگي
۽ موت جي وچ ۾ سفر دوستي آسان ڪري ڇڏيندي هئي. پر
ويجهڙائيءَ ۾ مون کي محسوس ٿيو هو ته: ”جي تون
پنهنجو دوست آهين ۽ خدا تنهنجو دوست آهي ته توکي
ٻئي دوست جي ضرورت نه آهي.“
مان ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته ڪرپس مشن پلان چڱي هئي. نه
ڪشمير ۾ خونريزي ٿئي ها ۽ ڪراچيءَ ۾ ۽ نه پوپٽي
هيراننداڻيءَ کي، ’مان سنڌڻ‘ ڪتاب لکڻو پوي ها.
تاريخ جي بطن ۾ ڇا آهي، اهو ڪير ٿو ڄاڻي. ائين ته
نه آهي ته مان ويد وياس جو ٻيو جنم آهيان. ڪيترا
نه ڪردار منهنجي شاعريءَ مان ليئا پائي رهيا آهن!
ڇا اهي سڀ منهنجي ماضيءَ مان ڇڄي ويا؟ پبلو نرودا
کي به لاطيني آمريڪا سان ايتري محبت نه هئي، جيتري
مون کي برصغير سان آهي.
اچ، زرينا اچ، مان وري تِرڪي ٿو وڃان. اسان جي گهر جي ويجهو
مسند واهي هئي، جنهن جي ڀرسان شڪاپور ميونسپالٽي
هئي. جتي اسان جو پٽ انيس ايڊمنسٽريٽر ٿيو هو. هن
منهنجي چوڻ تي، فائير برگيڊ جي هوز پائيپن سان
شاهي باغ جا وڻ ڌورايا هئا. پر ڇا هو اها مٽي لاهي
سگهيو هو، جا پن پن تي ڄمي وئي هئي؟ شڪاپور جي
فائير برگيڊ ته ڇا، پوري برصغير جا فائير برگيڊ
اها آڳ اجهائي نه سگهندا، جا من من ۾ ٻري رهي آهي.
جا شايد ڪنهن نيوڪلير جنگ جا شعلا ٿي اڀري اچي.
محترمه بينظير ڀٽو ڪيڏي نه ڪوشش ڪري رهي آهي ته
نيوڪلير جنگ ۾ ڪراچي ۽ دهلي تباهه نه ٿين، پر مون
کي ته ناسٽر ڊيمس
(Naster Damus)
ويهينءَ صديءَ لاءِ عظيم اڳڪٿي ڪندڙ وانگر ڪائي
قيامتِ صغرا نظر اچي رهي آهي. ڪوئي زبردست طوفان
اچي رهيو آهي، جو جهونا بڙ پاڙئون پٽي ڦٽي ڪندو ۽
گهرن جون ڇتيون اڏامي پري پري وڃي ڪِرنديون ۽ انهن
جي سر سر سان نه ملندي!
زرينا، مان توکان معافي ٿو وٺان، منهنجو منُ ڀٽائيءَ جي هن سِٽ
جيان ٻُري رهيو آهي:
”ڪا جا ڪُن ڪرين، ڀنيءَ ڀڻ جهڻ پاڻ ۾.“
ٺهيو وساريس، هل ته شاهي باغ لڳ بيگاري واهه تي هلون. جتي سانوڻ
۽ بڊي ۾ ٽيوب کڻي لاٽ پوندا هئاسين. بيگاريءَ جي
ڀر تي بڙ جا وڻ هوندا هئا. جن جون لامون صديون
جهونن جوڳين جي جٽائن وانگر هونديون هيون. جن کي
چنبڙي، اسان جهولو جهليندا هئاسين ۽ ڪڏهن واهه جي
ٻئي پار ٽپو ڏيندا هئاسين ۽ ڪڏهن ڌڙام ڪري پاڻيءَ
۾ ٽپو ڏيندا هئاسين. شاهي باغ ڀرسان هندن جا دڪان
هوندا هئا، جتان دال، دانگيءَ جي ماني، انبڙين ۽
بصر جي کٽاڻ وٺي ڪيتري چاهه سان کائيندا هئاسين.
دميون ٻڌندا هئاسين، توريون کڻندا هئاسين. تون ۽
تنهنجو خاندان، تنهنجي پيءَ سان ڇڪڙي تي چڙهي
ايندو هو. عورتون، عورتاڻي تڙ تي هليون وينديون
هيون ۽ تنهنجا ڀائر ۽ پيءُ ۽ اسان مرداڻي تڙ تي
هليا ويندا هئاسين. تڙ ٻه هوندا هئا. هڪڙو هندڪو ۽
ٻيو مسلمانڪو. الائي انهن تڙن تي اهو نالو ڇو رکيو
اٿائون؟ پاڻيءَ جو ته ڪو مذهب نه آهي ۽ نه ان تي
بڙ جي ڇانءَ جو ڪوئي دين ڌرم آهي ۽ نه وري واهه جو
ئي آهي، جو وقت وانگر روان دوان آهي.
مسلمان ڪي تڙ تي ورلي ڪو هندو ايندو هو، باقي هندڪي تڙ تي
مسلمان ويندا هئا ۽ هندو انهن کي نه جهليندا هئا.
پپل، سرنهن، نم ۽ بڙ جا وڻ ڪنڌيءَ تي به هوندا هئا
۽ تڙن جي اندر به هوندا هئا. واهه جي ڀر تي
ڏاڪڻيون هونديون هيون، جتي گرميءَ سبب بدن کي ميٽ
لائي اسان جا وڏڙا چؤباس کيڏندا هئا ۽ اسان سارو
وقت تڙڳندا رهندا هئاسين. ننڍيءَ بيگاريءَ جي ڀر
تي ٿاڌل به گهوٽبي هئي، جنهن ۾ ڪڏهن ڀنگ به وجهندا
هئا، جنهن کي سُکو چوندا هئا. جڏهن سُکو گهاٽو
هوندو هو ۽ پياڪن تي نشو چڙهي ويندو هو، تڏهن جمني
ڀري چوندا هئا، ’اچي، تنهنجو سر بچي، ڪوڙِي ڪانگڙ
۾ نچي.‘
هونءَ ڇڙئي پاڻيءَ ۾ وهنجي، ڀنگ جي هڪ ٻه جمني پي، ٿڌا ٿانهريا،
منهنجا مائٽ، ڪلهن تي بوڇڻ رکي، گهر موٽندا هئا ۽
انبن سان چانور کائيندا هئا يا جڳو پڪوڙائيءَ جا
پڪوڙا ۽ ساڳ گهرائيندا هئا. بيگاريءَ ۾ مون موت
سان ٻيو ڀيرو مُنڊو اٽڪايو هو. مان ترڻ سکي رهيو
هوس ۽ دمي به ٻڌل نه هئي ۽ صفا ٻڏي ويو هوس، پل جي
هيٺان منهنجي وارن ۾، منهنجي ڪنهن مائٽ جو هٿ پئجي
ويو هو ۽ پوءِ ته مون کي ڇڪي ڪنڌيءَ تي ليٽايو
هئائون ۽ منهنجي پيٽ کي زور ڏئي پاڻي ڪڍيو هئائون.
مان اڌ ڪلاڪ بيهوش هوس. زرينا مون موت سان ويهارو
ڀيرا ڪلهو گسايو آهي، پر هر ڀيري تِر تان بچي ويو
آهيان. ان کان اڳ ۾، مون ۽ ٻين ڇوڪرن، مير شاهه جي
قبي کان ڪجهه پري، پڪي ٻير ۾ رستي چهنبدار پٿر کڻي
ٿي هنيا. هڪ ڇوڪري جو پٿر ٻير جي ڏار سان ٽڪرائجي
منهنجي مٿي تي اچي ڪِريو ۽ ٺينڍيون ڪري رت وهڻ
لڳو. جڏهن مان گهر پهتس، تڏهن منهنجا ڪپڙا رت ۾
ڀنل ڏسي، منهنجي ماءُ روئي ويٺي ۽ منهنجي پيءُ کي
سڏ ڪيائين، جنهن چيو: ”تنهنجي ائنڙائپ ڏسي، منهنجي
لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ٿي.“ هن منهنجي لؤندڙين وٽان
ڪپڙي سان رت اگهي، مٿي ۾ ٿيل چگهه ۾ پيٺل سرمو وڌو
ته رت بيهي ويو ۽ اهو سرمو منهنجي مٿي ۾ ڇهه مهينا
سڪل پيو رهيو. ٻين واقعن جو مناسب وقت تي ذڪر
ڪندس.
ڪنهن ڪتاب ۾ روسي مفڪر والٽيئر چيو هو: ”انسان ذات کي ئي ڄاڻ
آهي، ته مرڻو آهي ۽ اها ڳالهه هن پنهنجي تجربي مان
ڄاتي ٿي. جي ڪوئي ٻار اڪيلو وڏو ٿئي ۽ ڪنهن بيابان
۾ پيدا ٿئي ته ان کي موت جي ائين خبر نه پوندي،
جئين ڪنهن ٻليءَ کي يا ڪنهن ٻوٽي کي نه هوندي.“ پر
ائين ٿي نه ٿو سگهي، اسان موت کي چوڌاري ڏسون ٿا.
هڪ عورت مهاتما گوتم ٻڌ وٽ پنهنجو مئل ننڍو ٻار کڻي آئي ۽ هن کي
چيائين: ”هي منهنجو سڪيلڌو پٽ آهي، ان کان سواءِ
مان جي نه سگهندس. اِهو مون کي جيئاري ڏي.“
گوتم ٻڌجواب ڏنس، ”هڪ شرط تي توکي تنهنجو پٽ جيئاري ڏيندس. تون
ساري ڳوٺ جي گهر گهر مان پڇي اچي ٻڌاءِ ته اهڙو
ڪوئي گهر آهي، جتي ڪوئي مئو نه هجي.“ ٻئي ڏينهن
اها عورت ٻڌ وٽ آئي ۽ هن کي چيائين: ”نه اهڙو ڪوئي
گهر نه آهي.“ ان تي گوتم ٻڌ هن کي چيو: ”موت،
انسان جو مقدر آهي ۽ ان کان ڪائي راههِ فرار نه
آهي.“
بابا سائين چوندو هو.
”ڪاڏي ويو پڻي ماڻي
اڃان نه ٿو ڄاڻي!“
اهو صحيح آهي، ”شاعر ۽ سائنسدان چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ته جڏهن اسان
مري وڃون ٿا، اسين نه ٿا رهون، سو موت اسان لاءِ
نه ٿو رهي.“ حيرت آهي، انگريز سريت پسند
(Mystical)
شاعرن کي، ان مان تسڪين ملندي هئي ته: ”هي رزق
برق لباس واري عورت به انت ڪيڙن جو کاڄ ٿيندي.“
هسپانوي مفڪر يونامِنو جو هي قؤل ڪٿي پڙهيو هوم: ”هر دهرئي تي
به هڪ پاڇائون پئجي رهيو آهي، جو بي ڪئتائيءَ جو
پاڇائون آهي، جو روح جي ڪنهن تهه خاني تي پوي ٿو.
انهيءَ بي ڪئتائي کان سواءِ اسان ڪيئن ٿا جي
سگهون!“ زندهه رهڻ جو ارادو آسانيءَ سان ختم نه ٿو
ٿئي. منهنجي مرغوب فلسفي سورين ڪيرڪي گارڊ
(Soren Kierke Gaard)
چيو آهي: ”روح جي ابديت ان مان ثابت آهي ته روح جي
بيماري، روح کي ختم نه ٿي ڪري سگهي، پر جسم جي
بيماري، جسم کي ختم ڪري سگهي ٿي.“ ساڳيءَ طرح
انسان جي ابديت جو ثبوت اهو به آهي ته ”مايوسي هن
جي خوديءَ
(Self)
کي ختم نه ٿي ڪري سگهي. جي انسان ۾ ڪجهه ابدي نه
هجي ها ته مايوس نه ٿئي ها. ۽ جي مايوسي هن جي
خوديءَ کي ختم ڪري سگهي ها ته مايوسي، مايوسي نه
رهي ها.“
هاڻي، هن سال مارچ ۾ منهنجا ٻاهتر سال پورا ٿيندا. مون کي
اطالوي شاعر ورجل جو قول ياد اچي رهيو آهي: ”اجهو،
موت توکي ڪن کان وٺي چئي رهيو آهي، ’جي وٺ! مان
اچي رهيو آهيان!‘ پر مون کي الڪو ناهي. شيڪسپيئر
پنهنجي ڊرامي ’مئڪبيٿ‘ ۾ بلڪل صحيح چيو آهي:
”زندگيءَ جي بحراني بخار کان پوءِ هن چڱي ننڊ ڪئي.
بغاوت هن لاءِ اڳي ئي خراب ثابت ٿي هئي. هاڻي ته
ڪابه تلوار يا زهر يا پنهنجن جو بغض ۽ حسد يا ڌاري
فوج جي ڀرتي ــ ڪابه شيءِ هن کي ڇُهي نه ٿي سگهي.“
زرينا مان وري وڃي فلسفي جي ڌٻڻ ۾ ڪِريو آهيان، مون کي ان مان
ڇڪي وٺ ته شڪاپور موٽي هلون.
مون روميلا ٺپر جو نهايت دلچسپ ڪتاب ’انڊيا‘ پڙهيو هو، جو هوءَ
مڪمل نه ڪري سگهي هئي ۽ سندس مڙس راج ٺپر هن جي
موت کان ڪيئي سال پوءِ اهو ڇپايو هو. (خشونت سنگهه
لکيو آهي ته راج ٺپر هن کي ان وقت پناهه ڏني هئي،
جيستائين اندرا گانڌيءَ جي قتل کان پوءِ دهليءَ ۾
سکن جو قتل ۽ غارتگري پوري ٿي هئي.)
ها ڏس، زرينا! هو ڇوڪرا هاڻي ڪوڏي ڪوڏي ڪري رهيا آهن، پر هيءَ
ڪهڙي وينگس اچي نڪتي آهي؟ ڀرت ۽ ٽڪ جي ڪم واريون
رليون وڪڻي رهي آهي. ڪجهه ڪڪرن وارا ٻه ٻه پڙا
اجرڪ به اٿس. ائين ٿو لڳي ته آسمان مان تڳائي آئي
آهي. انهن تي کير لڳل نه آهي. رلين تي ٽڪنڊا ۽
چؤڪنڊا ٽڪر ڪپي ڳنڍيا اٿائين. ڄاريءَ وارا اڳٺ به
اٿس ۽ انهن تي جنجيرا رکيا اٿائين. هن کي ست رنگي
۽ سوسيءَ جو لباس پيو آهي. جنهن تي ڪچ ڪوڏين جو ڪم
ٿيل آهي. هن جي ننڍي پٽ کي ڪاون واري ٽوپي پئي
آهي. وينگس کي جهانءِ سان نٿ پئي آهي، ٻئي ڄڻ
ريمبران جي ڪنهن تصوير جو فريم ڀڃي، ان مان نڪري
آيا آهن. ايتري ۾ هڪ ڇٻي وارو ٿو اچي، جنهن کي ڇٻي
۾ بسڪٽ، نان کٽايون، ننڍا ڪيڪ، ٽِڪڙن وانگر بسڪوٽ،
ريوڙيون، گلاب جي پاڻيءَ جي خوشبوءِ واريون، ڳڙ ۾
ٺهيل ڀڳڙن، تِرن ۽ چانورن جون لايون ۽ بوڻينڊا،
سڱر جون چڪيون، بادامين يا کاڄن وارا نقل، کنڊ ۽
ڀڳڙن وارا نقل، ڳڙ جي گجڪ، بيسڻ جو سڱر، سنهو ۽
ٿلهو، گبت، مصريءَ جا ڳنڍا، وڏا ۽ ننڍا پتاشا آهن.
اسان پيٽ ڀري کائيندا هئاسون. زرينا ٿڌو ساهه ڀري
چيو: ”دنيا ڪيئن نه پلٽو کائي وئي آهي. نه رڳو شين
مان ميٺاج نڪري ويو آهي، پر ماڻهن مان به نڪري ويو
آهي. ماڻهو ماڻهوءَ جو ماس ٿو کائي. تون ته سياست
ڄاڻين. هي اسان جي تهذيب سان قهر ڪنهن ڪيو آهي؟“
گنو، مائي واري ۽ مصالحي واري قلفي ۽ ڪيئي سُڪل ميوا وجهي، لوهه
جي ڪاري ٿال ۾ رکي، هٽ مان ٻاهر نڪتو آهي. هڪ هندو
بهه اوٻاري مٽ ۾ کڻي آيو آهي. منهنجا پئسا کپي ويا
آهن ته زرينا مون کي بهه وٺي ڏئي ٿي. گيڙي،
گهورڙيو ڪورين جي پاڙي کان ٿورو پرڀرو رهندو هو،
اهو ڇٻي ۾ شڪاپوري ڪيلا، ڪم، ٻوراني، کارڪون،
خشيون، لوڙهه، کيروليون وغيره کڻي آيو آهي. هو ڇٻو
موڙي تي رکي شيون وڪڻي ٿو. جڏهن ڇٻو مٿي تي رکي ٿو
۽ موڙو ڪڇ تي کڻي ٿو ته اسان جا ڪي شرير مائٽ، هن
جي پٺيان بيهي ٻوراڻين جا ڳنڍا کڻي وٺن ٿا ته هن
کي پتو ئي نه ٿو پوي. گيڙي منجهند جو ميوو کڻي
ايندو آهي.
وري شام جو ڇٻي تي رڌل مڱن جي دال، ڪچالو، اوٻاريل پٽاٽا،
ڀينڊيون، ڇولا، پاپڙ ۽ چٽڻيءَ جو چاڏو کڻي ايندو
آهي. شام جا ڇهه وڄندا آهن ته ڪوئي گهورڙيو ڪپڙي
جي پٽيءَ ۾ ويڙهي آئسڪريم کڻي ايندو آهي. ٻيو
گهورڙيو در تي رڌي خشي لال ڇهارا پتل جي ٿال ۾ کڻي
ايندو آهي. انهن تي چانديءَ جا ورق لڳل هوندا آهن.
پڌر ۾ ڪرسيون پيون هونديون آهن. اتي بلو ڀٽو، سيخ ڪباب پچائيندو
آهي ۽ کيرڻيءَ جون ڍڪڻيون ڀري رکندو آهي، هندو ته
ان ڀوَ ڪباب کان نه کائيندا آهن ته متان ڳئونءَ
جي گوشت جا هجن. اسان ايتريون شيون کائيندا آهيون
جو رات جو ورلي ماني کائيندا آهيون. ڪڏهن ڪڏهن
جڳوءَ کان ساڳ وٺي چانورن سان کائيندا آهيون يا
گوبندي کان کير جي ملائي يا ريٻڙي وٺي کائيندا
آهيون. اهي ماڻهو ڪي هيمنگ وي يا آرٿر ڪوئلر ته
ناهن جو انهن جا نالا ڏيان، پر اهي منهنجي ’مان‘
جو حصو ٿي ويا آهن ۽ انهن جي جاءِ نه سمرسيٽ ماهم
ڀري ٿو سگهي، نه برٽرانڊ رسيل. اهي عام ماڻهو جن
کي پنهنجي انفراديت هئي، جا هر فسلفي ۽ ادب کان
وڌيڪ اهميت ٿي رکي، ڇو ته اها منهنجي ماضيءَ جو
اٽوٽ انگ آهي.
”شڪاپور ۾ هاڻي ته شام جو راڪاس ڦري ٿو وڃي. ان ڏينهن منهنجي
ڀاڻيجيءَ کي پستول ڏيکاري ڪي شاهينگ هن جا ايرينگ
لاهي ويا. اسان واري زماني ۾ ساري رات گهر جا در
کليا پيا هوندا هئا. چوريءَ جو ڪو خطرو نه هوندو
هو.“
بمبئي روز ووڊ هوٽل ڇڏي، جنهن شخص وٽ اسان پهريون رهيل هئاسين،
اهو منهنجو دوست نند جُويري، اصل شڪاپور جو آهي.
هو جڏهن ويزا وٺي پاڪستان آيو هو، تڏهن شڪاپور جي
رستي تي پنهنجي بوٽ جو آواز ٻڌي، هن جي دل ٻڏي ٿي
وئي. موٽي هن شڪاپور جي ساروڻين تي نظم لکيا هئا.
زرينا نند جي زال چندا سان ڳالهيون ڪري رهي هئي ته
نند مون کي چيو: ”تو ڪالهه منهنجا شڪاپور جي باري
۾ نظم پڙهيا آهن، جي توکي اهي پسند آهن ته مون کي
انهن تي مهاڳ لکي ڏي. نند جي ڪمري جي وڏي دري سمنڊ
ڏانهن کلندي هئي. مون اها کولي ڇڏي ۽ ان جي ڀرسان
ميز رکي سمنڊ ڏانهن ڏٺو ۽ اڌ ڪلاڪ ۾ هن کي مهاڳ
لکي ڏنم، جو هن جي ڪتاب ۾ ڇپيو آهي. نند لاءِ
شڪاپور پريتما به هئي، ماتا به هئي ۽ ان جو افسوس
ناڪ حال ڏسي، هن جي هانوَ ۾ وڍ ٿي پيا. ڌرتيءَ سان
ايترو پيار مون ورلي ٻئي ڪنهن ۾ ڏٺو هوندو. ان وقت
منهنجو دوست مشهور ڪهاڻي نويس شيام جئسنگهاڻي به
ويٺو هو، جنهن تي ۽ سندس زال تي مان پوءِ لکندس،
جڏهن ’شاهه سچل سامي‘ سيمينار تي لکيم. شيام مهاڳ
پڙهي چيو: ”مون به ساڳي ڳالهه سوچي هئي.“
اسان جي پاڙي ۾ هڪ گنگا نالي هندواڻي رهندي هئي، جنهن کي نه
ڄاڻان پاڙي وارا گنگي ڇو سڏيندا هئا. اها ٻئي ٽئين
ڏينهن اسان جي گهر ايندي هئي ۽ هندستان ۾
ويجهڙائيءَ ۾ ڪنڀ جي ميلي جون ڳالهيون ٻڌائيندي
هئي. هوءَ ٻڌائيندي هئي ته ڪنڀ جو ميلو، هندن جو
وڏي ۾ وڏو ڏڻ آهي، جيڪو الهه آباد (هاڻي پرياگ) ۾
ٿيندو آهي. جتي هر ٻارهين سال ڪروڙين هندو ايندا
آهن ۽ سنگم وٽ گنگا اشنان ڪندا آهن. سنگم اها جاءِ
آهي، جتي گنگا ۽ جمنا نديون پاڻ ۾ ملنديون آهن. هڪ
ٽين ندي سرسِوَتي به سنگم وٽ اچي ساڻن ملندي هئي.
پر هاڻي ان جو نانءُ نشان به ڪونه آهي.
مون پنهنجي آپيرا ’ڀڳت سنگهه کي ڦاسيءَ‘ ۾ لفظ ’گنگا‘، ’جمنا‘
۽ ’سرسِوَتي‘ گنگيءَ جون ڳالهيون ياد ڪري لکيا
هئا. هوءَ وهيءَ کان مٿي چڙهي چڪي هئي. نڪ ۾
ڏانوڻيءَ واري نٿ ۽ ڦلڙين وارو ڇيٽ جو پڙو پائيندي
هئي. هوءَ پڙهيل ڳڙهيل هئي ۽ بابا وٽ ايندي هئي.
مان جڏهن پهرين درجي انگريزيءَ ۾ پڙهندو هوس، تڏهن
پنهنجي استاد کيئل داس فانيءَ کان ڪنڀ جي ميلي جي
باري ۾ تفصيل معلوم ڪيا هئا. هن ٻڌايو هو ته ڪنڀ،
دِلي، ٿانوَ يا سمانڌ کي چوندا آهن. مون کي ان وقت
ياد آيو ته جڏهن مان سنڌيءَ جي پهرئين يا ٻئي ڪلاس
۾ پڙهندو هوس، تڏهن شڪاپور جي ارگرد وڏي ٻوڏ آئي
هئي. (ان جو تفصيلي ذڪر مان پوءِ ڪندس) ۽ اسان جي
زمين ۾ وڏو ڪنڀ ڪري وئي هئي. جنهن ڪري اسان جي
ڪجهه زمين بيڪار ٿي پئي هئي. ڪنڀ جو ميلو، برهما
جي باري ۾، هندڪي ڏند ڪٿا کي ملهائڻ لاءِ ڪندا
آهن. برهما، جنهن هندو ڌرم موجب ساري سرشتي پيدا
ڪئي هئي، پنهنجي سمانڌ ۾ آدي ساگر تي ويٺو هو.
جڏهن هن جي اک کلي ته هن سرشٽيءَ جي رچنا شروع ڪري
ڏني هئي. ديوتائون ۽ دئيت به ان ڪم کي پورنتا تي
پهچائڻ لاءِ ساگر کي ولوڙڻ لڳا ها. سڀ کان اول اهو
امرت جو ٿانءُ هيو، جنهن مان پيئڻ سان هر ڪو امر
ٿي ويو. دئيت اهو ٿانءُ کڻي ورتو، پر اِندر جي
پُٽ، جنهن جي آڪاش تي راڄ ڌاني هئي، سو ٽاڪرو
ڪانوَ جهڙو روپ ڌاري، ڌرتيءَ تي اڏري آيو ۽ دئيت
کي ڀڄائي ڪڍيائين. ڪي چون ٿا ته پنهنجي انهيءَ
اڏار ۾ هو چئن جاين تي ترسيو، جن مان هڪ پرياگ يا
الهه آباد به هئي. ٻيا چون ٿا ته امرت جا ڦڙا چئن
جاين تي ڪِريا. اندر جي پٽ کي سرڳ ڏانهن ورڻ ۾
ٻارنهن ڏينهن لڳا. هندو ڏند ڪٿا موجب ديوتائن جو
هڪ ڏينهن مِرتيو لوڪ جي ماڻهن جي ٻارنهن سالن جي
برابر آهي. ڪنڀ جا ميلا ٻارنهن سالن ۾ چئن جاين تي
لڳندا آهن. پرياگ (الهه آباد) وارو ميلو سڀني ميلن
۾ اهم آهي. هر ڏند ڪٿا وانگر هن ڏند ڪٿا ۾ به
ڀورڙا ۽ ويسوڙا اعتبار رکي سگهن ٿا، پر پوءِ به ان
ميلي تي ڪروڙين ماڻهو اچن ٿا. مون ڪٿي پڙهيو هو ته
اتي هندو سڌارڪ ۽ فيلسوف شنڪر آچاريه اٺين نائين
صديءَ ۾ آکاڙا ٺهرايا هئا، جي خانقاهن وانگر هوندا
هئا، جتي ڪٽر ۽ ويڙهاڪ ساڌو رهندا هئا. آکاڙي جي
رسم هن ٻڌ ڌرم کان ورتي هئي، جيتوڻيڪ اتي ٻڌ ڌرم
ختم ٿي رهيو هو.
مون کي ڪڏهن ڪڏهن هندو ديو مالا ڏاڍي وڻندي هئي، جيئن ته:
”ڪامديوَ جي سينڱ کي پنج ٻاڻ هوندا آهن. سينڱ ڪمند
جي ڇڙيءَ جي هوندي آهي. سينڱ زِههَ کي ماکيءَ جي
مکين جي قطار هوندي آهي.ٻاڻ جي ڏانڊيءَ سان ڪنول
جا گل هوندا آهن.“ مون انهن ڏند ڪٿائن مان، پنهنجي
شاعري ۽ نثر ۾ به استفادو ڪيو آهي، نه ته گهڻيون
ڏند ڪٿائون ضعيف الاعتقاديءَ جو شڪار هونديون آهن
۽ اهي يوناني ڏند ڪٿائن وانگر ادب ۾ استعمال ڪونه
ٿينديون آهن.
|