هڪ ڀيري مون کي مُدي جو تپ ٿي پيو هو، جو يارنهن
ڏينهن هليو. شيخ راز جو گهر جناح گارڊن (اڳي گانڌي
گارڊن) جي ڀرسان هوندو هو، جتان هو منهنجي لاءِ
چوزي جي يخني ۽ ڊبل روٽي کڻي ايندو ۽ منهنجي ڏاڍي
خدمت ڪئي هئائين. هُو بنيادي طرح هڪ نيڪ انسان هو،
جڏهن کان هن کي اسلامي جوش آيو، تڏهن هن منهنجي
خلاف روزاني مهراڻ ۾ اسي قسطن جو مضمون لکيو. جن
محمد ابراهيم خليل جي عنقريب ايترين ئي قسطن واري
تنقيد ۽ سردار علي شاهه ذاڪر جي ايڊيٽوريلن ۽ رشيد
احمد لاشاري جي مضمون منهنجي خلاف باهه ٻاري ڏني.
منهنجي شاعري پلال جي کري ۾ چڻنگ وانگر هئي ۽ ان
جي شعلي نوائيءَ جي ڪري مون کي ڪافي ڀوڳڻو پيو. ان
هوندي به شيخ راز پنهنجي آڪٽراءِ انسپيڪٽر هولا
رام جو دوست هوندو هو. هولا رام سڄي ميونسپالٽيءَ
کي آڱرين تي نچائيندو هو ۽ آڪٽراءِ مان لکين رپيا
ٺاهيا هئائين. هو سنڌوءَ جي ڪناري، بندر روڊ جي
مهڙ ۾ هڪ ننڍيءَ جاءِ ۾ زال سوڌو رهندو هو. اوچتو
هن جي غير موجودگيءَ ۾ هن جي جاءِ ڪِري پئي ۽ سندس
زال ٻوساٽجي مري وئي. هولا رام ڄڻ سک جو ساهه کنيو
هو، ڇوته هو هم جنس پرستيءَ جو قائل هوندو هو. هن
جو پٽ پنهنجي ماءُ جي سِراڌان تي آيو هو ۽ پيءُ کي
ڏاڍو چيو هئائين ته: ”اسان بمبئيءَ ۾ ڪافي دولت
ٺاهي آهي، هاڻ هل ته توکي وٺي هلان.“ هولا رام وڃڻ
کان انڪار ڪيو هو. جڏهن مون هن کان ان جو ڪارڻ
پڇيو هو ته جواب ڏنو هئائين: ”سکر جا ههڙا لسا
ناڪي منشي مون کي بمبئيءَ ۾ ڪٿي ملندا؟“ پهرين
مارشل لا ۾ هو مون سان گڏ ساڳئي جيل ۾ هو. هولا
رام ڪافي اذيت پرست انسان هو. هڪ ڀيري سکر جي سيٺ
ڀڳوان داس کي، جو به اسان سان گڏ جيل ۾ هو، آفيم
جي ضرورت پئي، ڇو ته آفيم کان سواءِ هن کي ننڊ نه
ٿي آئي. هولا رام ٽي ڏينهن ته هن لاءِ ڪجهه نه ڪيو
۽ جڏهن راتين جو ڀڳوان داس چڪر ڏئي، ساڻو ٿي پيو
تڏهن هن کي چيائين: ”هن سنتريءَ کي چٺي ڏي، ته
تنهنجو پٽ کيس ٻه سؤ رپيا خرچي ڏئي ته هُو تنهنجي
لاءِ گتي يا تنهنجي ڪوٺيءَ تان آفيم وٺي ايندو.“
هن کان چٺي وٺي، سنتريءَ کي پنهنجي چٺي لکي ڏئي
چيائينس ته فقط هڪ تولو آفيم جو بازار مان وٺي
اچي. ٻئي ڏينهن تي سيٺ ڀڳوان داس کي هڪ تولو آفيم
جو مليو ته هن جي جان ۾ جان آئي. اهڙيءَ طرح هر
هفتي هولا رام سنتريءَ کي سيٺ ڀڳوان داس کان ٻن
سوَن رپين جي چٺي وٺي ڏيندو هو ۽ سنتريءَ کي
پنهنجا به اٺ ڏهه ڪم لکي ڏيندو هو.
هولا رام تي اينٽي ڪرپشن جو ڪيس هو، جنهن ۾ مان سندس وڪيل هوس.
هو مون وٽ اڪثر ايندو رهندو هو. هن جو دوست دلپت
راءِ، جو به جيل ۾ هو، جيل کان ٻاهر به هن سان گڏ
پيئندو هو ۽ گوشت کان سواءِ ماني نه کائيندو هو.
جيل ۾ ته هن کي تيوڻ ۾ ڳائو گوشت ئي ملندو هو، جو
هو مجبور ٿي کائيندو هو ۽ سنتريءَ معرفت ٻاهران
ڪنتري شراب جو آڌيو گهرائي بستري هيٺان لڪائي رکيو
هئائين ۽ روز ان مان اڌ پيگ پيئندو هو. مان ڀانيان
ٿو ته دلپت راءِ، هولا رام جي زال هو يا مڙس هو يا
ٻئي هو.
مون جڏهن وائيس چانسلر جو ٽرم پورو ڪيو ۽ سکر موٽي آيس ته شيخ
راز منهنجي گهر آيو ۽ منهنجي ماني ڪيائين. ان وچ ۾
هن جو مون تي غصو ٿڌو ٿي چڪو هو. مان سندس مانيءَ
تي ويس ته چيائين: ”پيا ملنداسين، هاڻي ته توهان
واندا آهيو.“ مون وري هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت شروع ڪئي
۽ مرحوم سان ملڻ جو موقعو نه مليو. جيستائين مون
کي ڊاڪٽر عارف هڪ اتفاقي ملاقات ۾ ٻڌايو ته هن کي
فالج ٿي پيو آهي ۽ کيس ڏاڍو بلڊ پريشر (رت جو
مٿاهون داٻ) آهي. مان سندس گهر کانئس پڇڻ لاءِ
ويس. هن جي گهر واري اکيون اگهي رهي هئي ۽ هو بيوس
سنئون سڌو بستري تي ليٽيو پيو هو. مون کي هن ڏسي
صرف ايترو چيو: ”اياز! هيءَ ته سڀ ٺڳي آهي.“
”ڪنهن جي ٺڳي؟“ مون هن کان پڇيو. ايتري ۾ هُو هوش حواس ۾ نه
رهيو. هُو رات جو گذاري ويو. مان هن جي جنازي نماز
تي ويو هوس. مون دل ۾ چيو: ”راز، تون اسان ڪرائي
دار هياسين. مالڪِ مڪان تنهنجو مقاطع اڳ ۾ رد ڪري
ڇڏيو، نه ڄاڻان منهنجو ڪڏهن رد ڪري، تيستائين مان
هن زندگيءَ جو هڪ پل به وڃائڻ نه ٿو چاهيان.“
مٿي ذڪر ڪيل محمد ابراهيم خليل، رشيد احمد لاشاري ۽ ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي به هن جي ٽولي ۾ هئا، اهي سڀ گذاري
چڪا آهن. مون هنن کي معاف ڪيو آهي. شل خدا کين جنت
۾ جاءِ ڏئي.
هُو منهنجو دوست ظهور نظر آهي، جو هڪ ڀيري منهنجي آفيس ۾ هڪ
ڊاڪٽرياڻيءَ کي ساڻ وٺي آيو ۽ چيائين: ”وڪيل صاحب!
مان توکي هن جي طلاق لاءِ وڪيل ٿو ڪريان. في
ٻڌاءِ!“
مون کيس چتائي ڏٺو ۽ چيو: ”ظهور آهين؟“
هن ٽهڪ ڏنو ته منهنجي آفيس جون ڀتيون لڏي ويون. پوءِ ٻڌايائين
ته، ”ڊاڪٽرياڻي منهنجي دوست جي زال آهي، جيڪو جوڳ
پچائي رهيو آهي ۽ هن جي زال (ڊاڪٽرياڻيءَ ڏانهن
اشارو ڪندي) مون سان عشق پچائي رهي آهي ۽ مان سندس
سرڪاري گهر ۾ رهيو پيو آهيان.“
مون هن کي چيو: ”ڇا هيءَ تنهنجي دوست جي زال آهي؟“
”ان ڪري هن سان پيار لاءِ ٻه سبب آهن. هڪ ته ڏاڍي خوبصورت آهي.
ٻيو منهنجي پياري دوست جي زال آهي.“ هن پوءِ
ملتانيءَ ۾ ڪيئي نظم ٻڌائي چيو ته: ”تو صحيح چيو
هو ته اسان لاءِ اردوءَ ۾ شاعري ڪرڻ جک مارڻ جي
برابر آهي. اسان پنهنجي شاعريءَ کي منطقي نتيجي تي
فقط مادري زبان ۾ پهچائي ٿا سگهون.“
منهنجو ٻئي ڏينهن تي علي الصبح جو بچل شاهه مياڻيءَ ۾ نيرو پيئڻ
جو پروگرام هو ۽ کجين جي باغ ۾ وڃڻا هئاسين. مون
هن کي به صلاح ڪئي ته هن يڪدم هائوڪار ڪئي. ٻئي
ڏينهن جڏهن اسان باغ ۾ پهتاسون ته اسر ويل تاڙيءَ
جو پهريون ڏول کجيءَ مان لاهي مون کي ڏنائون. مون
ڏول ظهور نظر ڏانهن وڌايو. هن اڌ ڏول ڳيت ڏئي
ڏوگهيو ۽ پوءِ مون ڏانهن وڌايائين. مان باقي پي نه
سگهيس ته رشيد ڀٽيءَ پيئڻ لاءِ گهريو ته ظهور نظر
هن کي منع ڪئي ۽ هن کي چيائين ته: ”هي ڏول اسان
لاءِ علامت آهي، تون ٻئي ڏول مان پي ٿو سگهين.“
مان باقي بچيل تاڙي به پي ويس. اتي مون کي ظهور پاسيرو ڪري چيو
ته: ”اها ڊاڪٽرياڻي تاڙيءَ جي هڪ ڏول وانگر آهي،
جا منهنجي وڃڻ کان پوءِ تنهنجي اُڃ اجهائڻ چاهي
ٿي.“ تاڙيءَ جو اثر هن جي خمار مان ظاهر هو.
مون هن کي جواب ڏنو: ”اسان وٽ چوندا آهن ته انڌن ملتان لڌو هو.
پرهاڻي ته ملتان انڌي کي ٿو ڳولي. نه پيارا! مون
کي اکيون آهن. مان ڪنهن دوست جي محبوبا لاءِ ڪوڙڪي
نه اڏيندو آهيان.“
”ڪوڙڪيءَ جو سوال ناهي.“ هن چيو. ”اها بلبل ته خود تنهنجي پڃري
۾ وڃڻ لاءِ آتي آهي. اياز! ڪي عورتون مردن وانگر
تلون مزاج هونديون آهن. انهن کي نئين مرد جي ائين
ڇڪ ٿيندي آهي، جيئن اسان کي نئين عورت جي ڇڪ ٿيندي
آهي.“
ڪجهه ڏينهن پوءِ مون رشيد کي بار روم ۾ ڪنهن ڳالهه تي چيو: ”ڀٽي
وري اهي ئي لاٽون، اهي ئي چگهه.“ هن وڏو ٽهڪ ڏئي
چيو: ”نه، استاد، لاٽون اهي ئي آهن، چگهه ڦرندا ٿا
وتن.“ رشيد ڀٽي مزاح جي ڪيفيت ۾ شائستگيءَ جون
حدون ٽپي ويندو هو. جيتوڻيڪ ان ڳالهه جي باوجود هن
جي گفتگو ۾ ادبي چاشني ضرور هوندي هئي.
ستار پيرزادو جو هي ڪتاب مون وٽ نقل ڪندو آهي، تنهن مون کان
رشيد ڀٽيءَ جو مٿيون لطيفو ٻڌي چيو: ”سائين! ڪن جي
طبيعت ان ڳالهه جي ابتڙ ٿيندي آهي. ڪنهن ٻروچ
پنهنجي پيءُ کي چيو: ”مون کي شادي ڪراءِ، پر ٻه
زالون هڪ ئي وقت.“ سندس پيءُ وراڻيس: ”هڪ وقت ۾
هڪڙيءَ سان شادي ڪر ۽ ڪجهه ڏينهن رکي پوءِ ٻيءَ
سان شادي ڪجانءِ.“ پٽ پيءُ جي چوڻ کي رد نه ڏنو ۽
هڪ سان شادي ڪيائين. واعدي مطابق ڪجهه ڏينهن کان
پوءِ پيءُ هن کي چيو ته: ”هاڻي ٻي شادي ڪري ٿو
سگهين.“ پٽس جواب ڏنو ته: ”جي چڱي بها ملئي ته
هيءَ به وڪڻي ڇڏ!“
مون اهو لطيفو ٻڌي ٽهڪ ڏنو ۽ موت جو غبار ڪجهه وقت لاءِ هٽي
ويو. ٽهڪ وڄ وانگر ڪڪر ڪارونڀار هٽائي ڇڏيندو آهي.
ظهور نظر ملتان ۾ گذاري ويو. هن جو ملتانيءَ ۾ مجموع ڪلام اڃان
شايع نه ٿيو آهي. هن مون کي ٻڌايو هو ته هن
چولستان جي خانه بدوش عورت سان شادي ڪئي هئي. اها
ڳالهه هن جي رومانوي طبيعت سان ٺهڪي پئي! ظهور
نهايت پيارو دوست هو ۽ مون سان ته سنڌي محاوري
واريون ڳنڍيون هونديون هيس. جي هو زياده جيئرو رهي
ها ته ملتان جو ڏاڍو چڱو شاعر ٿئي ها، پر موت وڏو
ڳنڍ ڪَپ آهي ۽ هن جي ڪاروائي وقت ڪنهن کي پتو نه
پوندو آهي.
رشيد ڀٽيءَ جي رت ۾ ڪجهه سال پوءِ شگر
(Sugar)
جي ايتري کوٽ ٿي وئي جو هو علاج لاءِ ايمبولينس ۾ پاڻ کڻائي
جيستائين ڪراچيءَ پهتو، تيستائين گذاري ويو. ان
کان اڳ هن منهنجي ڪتاب ’خط، انٽرويو ۽ تقريرون‘ تي
راتيون جاڳي هڪ ڊگهو مهاڳ لکيو هو. جنهن کي ڪنهن
حد تائين منهنجي آتم ڪهاڻيءَ جو حصو سمجهڻ گهرجي.
جيتوڻيڪ ان ۾ رشيد ڀٽيءَ جي آتم ڪٿا زياده آهي.
هڪ بيت ٿو ياد اچي، جنهن لاءِ محقق چون ٿا ته
ڀٽائيءَ جو نه آهي، ڇو ته ان ۾ اتر جو لهجو آهي،
بهرصورت بيت حسب حال آهي:
اڀر چنڊ اسور جا، نکٽ نوراني
پهر رحمتي رات جو، اَٿي اوجاڳا ني
تو جيڏا تو سرتا، تو وٽان ويا نِي،
فاني ڙي فاني، جنهن دنيا سان دوستي.
ان بيت ۾ ’ني‘ لفظ ٺيٺ شڪاپوريءَ ٻوليءَ جو آهي.
مشهور فلسفي شوپنهار چيو آهي: ”هر ڏينهن ننڍي زندگي آهي. ننڊ
مان بيداري هڪ نئون جنم آهي. هر نئون صبح هڪ نئين
جواني آهي ۽ هر آرام جي ننڊ ننڍو موت آهي.“ افسوس
اُنهيءَ تي جو جوانيءَ ۾ گذاري وڃي.
سکر جا ڪيترائي وڪيل ۽ جج مري ويا آهن. شفيع محمد آخوند ڪشمير
جو جڊيشنل ڪمشنر ٿي گذاري ويو. مان هن سان پويون
ڀيرو تڏهن مليو هوس، جڏهن هو ميرپورخاص جو سيشن جج
هو ۽ مان هن وٽ خون جي ڪيس ۾ بچاءَ جو وڪيل ٿي ويو
هوس. مون سان گڏ منهنجو ڪلاس فيلو، مرحوم مير محمد
ميمڻ به ڪيس ۾ بچاءَ جو وڪيل هو. رات مون نوابشاهه
۾ مير محمد وٽ گذاري هئي. پر هن مون کي ڪنهن رحمت
الله صاحب وٽ رهايو هو، جو سندس دوست هو ۽ پاڻ کي
نواب شاهه جو راشدي سڏائيندو هو. هن ناشتو سَهيل
پلي ۽ ان جي آنين ۽ مرغيءَ جي بيدن سان ڪرايو هو.
گفتگوءَ دوران منهنجي پراڻي ڪلاس فيلو جلباڻيءَ جو
هن لاءِ ڪراچيءَ کان فون آيو. جلباڻي ان وقت مرڪزي
اسيمبليءَ جو ميمبر هو. هن جو فون رکي رحمت الله
مون کان پڇيو: ”اوهان ڪڏهن ٿا وزير ٿيو؟“ مون جواب
ڏنو: ”مون جهڙا ماڻهو قيد جي سلاخن لاءِ هوندا
آهن، اسيمبليءَ جي ڪرسين لاءِ نه هوندا آهن.“
مون کي ان وقت هي بيت ياد آيو:
”بندي ٻيا قرار، اسين لوچيون لوهه ۾،
مٿــــــي تن ترار، سدا ساميئڙن جي.“
رحمت الله، پير پاڳاري جو مريد هو. هن کي اهو جواب نه وڻيو. هن
يڪدم چيو ته: ”جي اوهان کي سلاخون ئي وڻن ٿيون ته
گهر ۾ هڪڙو لاڪ اپ ڇو نه ٿا ٺهرائي ڇڏيو. ڪجهه وقت
اوهان ان ۾ گذاريندا ڪريو.“
شفيع محمد آخوند ۽ مير محمد ميمڻ ۽ جلباڻي گذاري ويا آهن. ٽئي
منهنجا دوست هئا. رحمت الله جي باري ۾ مون کي ڪائي
خبر ناهي. هن سان ٻهير ملاقات نه ٿي آهي. هن جي
صلاح صحيح هئي. اڄ منهنجي فلئٽ جي ٻاهرين در ۾
تحفظ لاءِ سلاخون آهن ۽ منهنجي فلئٽ لاڪ اپ وانگر
لڳي ٿي.
سکر ۾ ڪيترائي سيشن جج آيا ۽ ويا. انهن جي ڄاڻ فقط تعزيرات
پاڪستان، ضابطهء فوجداري، قانونِ شهادت ۽ ڪجهه لا
(Law)
رپورٽرن جو مطالعو هو ۽ مان انهن جي ياد تي وقت
جو زيان ڪرڻ نه ٿو چاهيان.
ها، حيدر شاهه منهنجو ڪلاس فيلو هو ۽ هن جو مذاهب جو تقابلي
مطالعو گهرو هو ۽ هن جا زندگي ۽ جنسيات تي نظريا
ڪافي دلچسپ ها ۽ قلندر بخش عمراڻي به دلچسپ جج هو،
جنهن کي سنڌ جي کنڊرات ۽ پراڻن فونو گرامن ۽
رڪارڊن ۾ دلچسپي آهي. مون هن کي هڪ پراڻو فونو
گرام ۽ پراڻا سنڌي رڪارڊ ڏنا ها. هن وقت هو سنڌ
اسيمبليءَ جو سيڪريٽري آهي. ڪجهه وقت اڳ عبدالحميد
ابڙي سان گڏجي منهنجي گهر آيو هو. اها کنڊرات ۽
پراڻن فونو گرامن ۽ ريڪارڊن سان محبت ڪهڙي نفسيات
جي نشاني آهي؟ ڇا هُو هر شيءِ جي زوال پذيريءَ جو
مون کان به وڌيڪ شعور رکي ٿو؟ يا کنڊر ڪنهن ازلي
موسيقي سان گونجن ٿا.
عبدالحميد ابڙي کي شاهه لطيف جي شاعريءَ سان عشق آهي. هن مون کي
ڀٽائيءَ جي ٻين شعرن سان گڏ هڪ عجيب شعر ٻڌايو:
تـــــــــو دريا هم چڙيا، چُونچ ڀر مين ني پيا،
تم سي قطره ڪم نه هوا، ايڪ غريب جيا.
ابڙي صاحب ٻڌايو هو ته اهو بيت، ڀٽائيءَ جي رسالي جي ’سُر
سريراڳ هندي‘ ۾ آهي. مان ڀانيان ٿو ته اهو بيت
ڀٽائيءَ جو نه آهي. ابڙو صاحب، ’ايڪ غريب جيا‘
اهڙي مٺڙي آواز ۾ چئي رهيو هو، ڄڻ ڪوئي پرندو
درياهه مان پاڻي پي ٻولي رهيو هجي.
عبدالحميد ابڙو 30 جنوري 1996ع تي پاڻ سان گڏ هڪ شاهه لطيف جو
راڳائي ساڻ وٺي، ملائڻ آيو هو. اُن فقير راڳائيءَ
جو نالو فقير گل محمد خاصخيلي هو. هو ڀٽ شاهه تي
ڳائيندڙ ن فقيرن جي ستن ٽولن مان هڪ ٽولي جو
سربراهه آهي. سندس ٽولو اڱاري رات ڳائيندو آهي. هن
کان مون ڀٽائيءَ جي راڳ بابت ڪجهه معلومات ورتي ۽
کانئس ڀٽائيءَ جو راڳ به سُر سان ڳارايو. هن ٻڌايو
ته: ”هڪ فقير اڳواڻي ڪندو آهي. ڪجهه فقير ان اڳواڻ
جي کاٻي ۽ ڪجهه ساڄي پاسي ويهندا آهن. اهي کاٻڙيا
۽ ساڄڙيا راڳائي سڏبا آهن. اڳواڻي ڪندڙ فقير
ڀٽائيءَ جي علامت طور ڄاتو ويندو آهي. اڳواڻ پهرين
تند وڄائيندو ۽ پوءِ بيت ڏيندو آهي. بيت پورو ڪري
پوءِ هونگارو ڏيندو آهي. هونگارو ختم ٿيڻ کان اڳ
ساڄي پاسي وارو سڏ وجهندو. اڳواڻ پوءِ بيت جي
پهرين مصرع ڏسيندو. ان کي ڏسڻ چوندا آهن. اهڙيءَ
طرح اڳواڻ بيت جو هر مصرع ڏسيندو ۽ ساڄڙيو اها
ڳائيندو. اهڙيءَ طرح هڪ بيت پورو ٿيڻ کان پوءِ
ساڄڙيو هونگارو ڏيندو ته ٻيو ساڄڙيو سڏ وجهندو ۽
اڳواڻ بيت ڏسيندو ويندو. اهڙيءَ طرح داستان هلندو
رهندو، جڏهن آخري کاٻڙيو هونگارو ڏيندو. تڏهن
اڳواڻ وائي کڻندو. جنهن ۾ سڀئي راڳائي گڏجي
ڳائيندا. هڪڙا راڳائي سنهي آواز ۾ ڳائيندا ۽ ٻيا
ٿلهي آواز ۾ ڳائيندا، جنهن کي گرام چئبو آهي. جيڪي
راڳائي سنهي آواز ۾ ڳائيندا آهن، تن کي سڏڙيا ۽
جيڪي ٿلهي آواز ۾ ڳائيندا آهن، انهن کي گرامڙيا
سڏيندا آهن.
وايون چئن اندازن ۾ ڳائبيون آهن. هڪڙيون ڏيڍيون، ٻيون دوتاريون،
ٽيون ڇيڙون ۽ چوٿيون ذڪر جون وائيون، ڏيڍين ۽ ٻٽين
وائين ڳائڻ ۾ دنبوري تي، سرن جي وضاحت لاءِ ڌڪ به
مختلف لڳائيندا آهن. ڇيڙ ۾ سڀ گڏجي ڳائيندا آهن.
ڇيڙ ڳائڻ مهل اڳواڻ جو زور ٻول چوڻ تي هوندو آهي.
جڏهن ته پاسڙيا مختلف سُرن جي بيهڪ وٽ هن سان گڏبا
آهن.
ذڪر واريءَ وائيءَ ۾ ذڪر جا ٻه ٻول به پڙهبا آهن. اهي ’الله‘
لفظ کي گرام ۾ آلاپيندا رهندا آهن ۽ اڳواڻ وائيءَ
جا ٻول پڙهندو رهندو آهي.
راڳائي فقير هميشه ڀٽائيءَ جي روضي جي دروازي ڏانهن منهن ڪري
ويهي ڳائيندا آهن، جنهن جو مقصد اهو هوندو آهي ته
ڀٽائي اسان سان ڳالهائي ٿو. سُر سهڻيءَ جي پوري
ٿيڻ کان پوءِ، اڳواڻ دعا گهرندو. ٻيهر صبح جي ٻانگ
۽ نماز جي وچ تي مارئي ڳائڻ کان پوءِ ٻي دعا
گهرندا آهن.“
سکر جا ڪيئي وڪيل ساڳي ماني ساڳ سان هوندا هئا، پر ڪن کي قانون
جي ڄاڻ کان سواءِ پنهنجي انفراديت ڪا نه هئي. حسن
حميدي، رشيد ڀٽي، فتاح ملڪ، شمس الدين شاهه ۽ فتح
الله عثمانيءَ جو ذڪر مون اڳ ئي ڪيو آهي. اڪثر
وڪيل انهن ججن جي چمچاگيري ڪندا ها، جن جا طباخ اڳ
ئي خالي هوندا ها. هتي مان صرف شمس الدين شاهه جو
ذڪر دهرايان ٿو. هن ۾ بياموز تا پير شوي واري
ڪيفيت هئي. هن جي طنز ۽ مزاح به دل ڪش هو. مون کان
ول ڊيورانٽ جي تهذيب تي ڏهن جلدن مان، اسلامي
تهذيب جو هڪ پورو جلد ۽ راڌا ڪرشن جا هندوستاني
فلسفي تي ڪتاب ورتا هئائين. جي مون هن جي وفات کان
پوءِ هن جي پونيئرن کان نه گهريا ها. هو راڌا ڪرشن
جو وڏو مداح هو. پر ساڳئي وقت جنرل ضياءَ جي مجلس
شوريٰ جو ميمبر به هو. هڪ ڀيري مون هن کان پڇيو:
”شاهه صاحب! اها مجلس شوريٰ آهي يا مجلس عاشوريٰ؟“
هن ٽهڪ ڏئي چيو: ”ٻنهي ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“
طنز ومزاح جو حِس سکر جي وڪيل مرحوم ممتاز ڀٽيءَ کي به هوندو
هو. هڪ ڀيري سکر جي ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر غلام
قادر قيس، سب جج حامد ميمڻ جي دعوت ڪئي هئي. ممتاز
ڀٽيءَ کان سواءِ ٻيا سڀ بيئر پي رهيا ها. ڪجهه وقت
کان پوءِ مان باٿ روم ۾ پيشاب ڪرڻ ويس. مون کان
ڪجهه دير کان پوءِ ٻيو ڪوئي به ويو. ممتاز مون کان
ڪن ۾ پڇيو: ”اياز! اوهان تي بيئر پي پيشاب ڪرڻ وڃو
ٿا. مون ته فقط پاڻي پيتو آهي. مان به وڃي سگهان
ٿو؟“
غلام قادر قيس سکر جي ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر سان به منهنجون
ڪافي رنگين شامون گذريون هيون. هو مون کان پنهنجا
نظم درست ڪرائيندو هو، پر پوءِ به چوندو هو: ’هر
فن ۾ هون مين طاق، مجهي کيا نهين آتا.‘
مون جڏهن نئين ڪار ورتي هئي، تڏهن سکر ۾ وڪيلن مان فقط غلام
قادر پراڻي، کي گٺل پيٺل ڪار هئي، جا ڌڪي تي
هلندي هئي. جڏهن اها هلندي هئي ته پاڙي جا ڇوڪرا
نعرا هڻندا هئا، ”قادر قلندر مست،“ هڪ رات زوردار
بارش پئجي رهي هئي ۽ وڄ ٽڙڪاٽ ٿي ڪيا. مان قيس جي
گهر ويٺو هوس ۽ هن سان وسڪي پي رهيو هوس ته اوچتو
هن کي پنهنجو گهر نجد جي صحرا وانگي لڳو ۽ ڪائي
ليليٰ کيس ياد آئي. هن پڇيو ته ”تنهنجي ڪار هيٺ
بيٺي آهي؟“ مون جواب ڏنو ته، ”ها“. اهو ٻڌي هن چيو
ته ”هل ته هلون.“ اسان بئراج جي ليفٽ بئنڪ ڏئي
روهڙيءَ ۾ آياسي، ڪار جو اسڪرين بارش ۾ اونداهو ٿي
ويو هو ۽ وائيپر ائين هلي رهيا هئاجيئن ڪنهن
ڪروبيءَ جا پر جنبش ۾ هجن. سنڌو گجگاٽ ڪري منهنجي
روح سان طبلي جي ٿاڦ رکي رهي هئي. روهڙيءَ ۾ ڪريما
جي گهر ڀرسان ڪار جو ڦيٿو ترڪِي ويو ۽ ناليءَ ۾
لهي ويو. نتيجو اهو ٿيو جو ڪار جو هڪ ڦيٿو ناليءَ
هيٺ ۽ هڪ مٿي ٿي ويو. الاجي ڇو اُن وقت قيس
فارسيءَ جو هڪ شعر پڙهيو:
از هــيبت شــــاهِ جهــــان لــــــــرزد زمين وآسمان
انگلشتِ حيرت در دهان نيمي درون نيمي برون.
قيس جي عمر ان وقت پنجاهه کان مٿي هئي. هو جيئن ڪنهن ڪريما جي
گهر ۾ گهڙيو، تيئن کٽ تي کيس ننڊ اچي وئي. ان رات
جي تجربي منهنجي ڪافي زندگيءَ کي پريشان ڪيو ۽ بار
بار منهنجي زندگيءَ ۾ ائين آئي جيئن ڪاريهر ٻر مان
نڪري ايندو آهي.
اهي سڀئي جج ۽ وڪيل اُتي پهچي ويا آهن، جتان ڪوئي نه موٽيو آهي.
ڪهڙي ڪُن ۾ ڦيراٽيون ٿا کائن، ڪيئن چئجي؟ شرف
الدين ادا کي به مزاح جو حِس هو. هُو ثناءُ الله
قريشي وڪيل سان ڪڪڙ ويڙهائيندو هو ۽ بار روم ۾
ڪلاڪن جا ڪلاڪ ان موضوع تي گفتگو ڪندا ها. شرف
الدين ادا جو سگريٽ ڏاڍا پيئندو هو، اُهو اي. پي.
پي. غوث بخش وانگر گلي جي ڪئنسر ۾ گذاري ويو. تنهن
کي ايتري ڀرپور طنز هئي جو جڏهن منهنجي جونيئر
صادق ڀٽيءَ (هن وقت ايڊيشنل سيشن جج حيدرآباد آهي)
کان، مون کي هن جي موت جي خبر پئي، تڏهن يگانه
چنگيزيءَ جو هيٺيون شعر بي اختيار ياد آيو:
گنــاههِ زنـــــدهه دل کهـــئــي يــا دل آزاري
کسي په هنس لئي اتنا که پهر هنسا نه گيا
ترجمو: (ان کي زندهه دليءَ جو گناهه چئو يا دل آزاري چئو،
ڪنهن تي ايترو کلياسين جو وري کلي نه سگهياسين.)
ثناءُ الله وڪيل ڪڪڙن جي ويڙهه ڏسڻ لاءِ پنهنجي ٻنيءَ تي منهنجي
دعوت ڪئي هئي ۽ ڳوٺ جا چڱا مڙس به گهرايا هئائين،
جن سان ڪافي رهاڻ ٿي هئي. جڏهن ڪڪڙ وڙهي رتوڇاڻ
ٿيا ته مون ثناءُ الله کي چيو: ”هن ويڙهه کي ڏسڻ
جو ته فقط هيمنگ وي کي حق آهي.“
”ڪنهن کي؟“ ثناءُ الله پڇيو.
مون وضاحت نه ڪئي ڇو ته ڄاتم ٿي ته ثناءُ الله، هيمنگ وي جو
نالو به نه ٻڌو هوندو. ڪجهه وقت اڳ ثناءُ الله کي
ڪنهن ٻهراڙيءَ جي ماڻهوءَ گولي هڻي ماري وڌو ۽ هن
جي ٻنيءَ تي ڪُڪڙن جي ويڙهه هميشه لاءِ بند ٿي
وئي. مون ۾ اي. ڪي. بروهيءَ وانگر ڳرائي
(High Brow Attitude)
نه هوندي هئي ۽ وڪالت مون کي عوامي ماڻهو بڻائي ڇڏيو هو. ها،
شڪاپور جو وڪيل واجد علي شيخ نهايت دلچسپ انسان
هو. وڪالت به ڪندو هو ۽ سندرو ٻڌي سائينءَ جي
اوتاري ۾ ملاکڙي ۾ ملهه به وڙهندو هو. جيئن مون
اڳي چيو آهي ته هن علي ڳڙهه مان بي. اي، ايل. ايل.
بي ڪئي هئي ۽ مون کي اردو ادب تي ڪافي ڪتاب ڏنا
هئائين. هڪ ڀيري هو مسجد منزل گاهه تحريڪ جي ابتدا
شڪاپور مان شروع ڪري رهيو هو ۽ جماڻي هال ۾ پنهنجي
زوردار تقرير علامه اقبال جي هيٺين شعر سان ڀرپور
ڪئي هيائين:
بي خطر کود پڙا آتــــش نـــــــمرود مين عشق
عــقــل هــي مــحــــــو تماشائي لب بام ابهي.
(عشق نمرود جي آتش ۾ بنا خطري ٽپي پيو،
عقل اڃان تائين ڪٽهڙي کان تماشو ڏسي رهيو آهي.)
ڪيئي سال پوءِ اسان جيڪب آباد جي سيشن ڪورٽ ۾ ڪيس هلائي، گڏ
موٽي رهيا هئاسين ته مون هن کي انهيءَ تقرير جو
اهو آخري شعر ياد ڏياري پڇيو ته: ”سائين! آتش
نمرود، گلزار ابراهيمي ٿي يا نه؟“
هن چيو: ”بابا سچ پڇين ته....“
مان وڌيڪ لکي نه ٿو سگهان، ڇو ته اهو جواب واهولي وانگر تاريخ
تي مٿي وارو ڌڪ هيو. اهڙو ڌڪ جو ميڪسيڪو ۾
ٽراٽسڪيءَ کي اسٽالن جي ايجنٽ به نه هنيو هو. اهو
جواب منهنجي شاعريءَ جي صداقت جي بهترين تصديق
آهي. جيڪڏهن موقعو مليو ته اهو سارو جواب لکندس.
ڪيترائي ٻيا وڪيل وڙا، منشي مڙا ڪُت خلق ها. سواءِ شڪاپور جي
محمد سچل وڪيل جي، جنهن جي هڪ ڳالهه ياد اچي ٿي.
هُو ڪافي ذهين هو ۽ تازو لنڊن مان باءِ باس ڪرائي
آيو هو ۽ مون سان هاءِ ڪورٽ ۾ مليو هو. هن چيو ته:
”هاڻي وڪالت گهٽ ڪري ڇڏي اٿم ۽ رحمان علي نقويءَ
وانگر نه ٿو مرڻ چاهيان ته فائيل ڪڇ ۾ هجن ۽ مان
هاءِ ڪورٽ جي ورانڊي ۾ ڦهڪو ڏئي ڪِران. موت ڪو
اطلاع ڏئي يا وزٽنگ ڪارڊ موڪلي ته نه ايندو آهي.
پوءِ هن حافظ جي هڪ سٽ ٻڌائي:
”اين دفتر بي معنيٰ غرق مئي ناب اولا.“
(هي بي معنيٰ دفتر خالص شراب ۾ غرق هجي ته بهتر ٿيندو.)
اها سِٽ منهنجي دل ۾ تير وانگر کپي وئي. مان مسٽر جسٽس تنزيل
الرحمان وٽ اپيل هلائي رهيو هوس. ٽيئن ڏينهن تي
مون اها ختم ڪئي ته بيمار ٿي پيس ۽ وڪالت کي
خيرآباد چيم. ’اين دفتر بي معنيٰ.....‘ واري سٽ
پڙهي آفيس ڇڏيم، جا نيٺ منهنجو پٽ انيس وڪڻي آيو.
باقي منهنجي پراڻي سکر ۾ لکها رپين جي جاءِ ويران
پئي آهي، جنهن ڏانهن مون اڃان تائين ڌيان نه ڌنو
آهي، ڇو ته ان جي چوڌاري غليظ ترين دهشتگرد رهن
ٿا، جن کي مان وقت ناوقت ڪم به ايندو رهيو هوس. هو
طوطي چشم آهن ۽ هن وقت درندگيءَ جي ايتري چڪر ۾
آهن جو مرڪزي وزير خورشيد شاهه جي مامي ڊاڪٽر
اعواڻ کي منهنجي گهر کان ڏهه قدم پري گولي هڻي
ماريو هئائون. اهي سڀ چڱا ماڻهو هوندا هئا. انهن
تي سوچي مون کي هڪ فلم ياد ايندي آهي، جنهن ۾
ڏيکاريو ويو آهي ته شهر ۾ اهڙي هوا گهلي جو سڀ
ڪُتا ڇتا ٿي پيا ۽ پنهنجن مالڪن کي به کائڻ لڳا.
ڏسجي ان ديوانگيءَ جو اهڙو دؤر ڪيستائين ٿو هلي.
في الحال ته مان ڪنهن کي به سکر موڪلڻ نه ٿو
چاهيان. جيڪي لٺ ڏسي لرزي ويندا ها، شل نه انهن جي
هٿ ۾ ڪلاشنڪوف اچي! هو ڇا جو بدلو وٺي رهيا آهن،
ڪهڙو ڪيتو ڏيندا، ان جو فيصلو اڃان تاريخ کي ڪرڻو
آهي. سواءِ حسن حميديءَ ۽ فتح الله عثمانيءَ جي،
هو جيڪڏهن آئينو ڏسن ها ته اهو به ٽڙڪي پوي ها.
شڪاپور ۾ منهنجي پاڙي ۾ رهندڙ شيخن ۾ منهنجو هڪ ڪلاس فيلو مهتاب
به هو، جنهن کي اسان بِجو سڏيندا هئاسين. هو ڄڻ ته
هڪ سرئيلسٽ
(Surrealist)
شاعر هو.
هڪ ڀيري ڪنهن شخص کي اکين ۾ ڦلا پئجي ويا ها. هن کي ڏسي چيائينس
ته: ”اکيون ته ائين اٿئي ڄڻ حوض ۾ کانگهارا پيا
آهن!“ ٻئي ڀيري اسان جي هڪ مائٽ جو سي. آءِ. ڊي جو
ڪانسٽيبل هو، چيائين: ”ڪن اٿي يا شوالي ۾ ڏيئا ٿا
ٻرن!“ ٽيئن ڀيري هڪ شخص نم جي ٿڙ سان ٽيڪ ڏئي ويٺو
هو ته هن کي چيائين: ”ويٺو ته ائين آهين ڄڻ مڪان ۾
ٻهارو رکيو آهي!“
باقي ٻيا کائيندا پيئندا ۽ مرندا ها ۽ مٽيءَ سان مٽي ٿي ويندا
ها. هنن جي ٽيجهي تي اسان پلاؤ جي ديگ رڌيندا
هئاسين. هرڪو پنهنجي حصو ٿال ۾ کڻي ويندو هو. عيد
جي ڏينهن هنن جي قبرن تي ويندا هئاسين. قل پڙهي
قبرن تي پٽهي وجهندا هئاسون. جنهن جي کڙڪي تي منڪر
نڪير جي حساب ڪتاب ۾ خلل پوندو هو.
جان ڪينيڊيءَ هڪ ڀيري چيو هو ته: ”موت خوش قسمتيءَ کان وانجهي
آهي. ڌرتي هر شيءِ موٽائي ٿي وٺي، جيڪا اُن ڏني
آهي.“ اها ڳالهه ڪينيڊي ڀائرن، اندرا گانڌي،
راجيو گانڌي، مجيب الرحمان، لياقت علي ۽ شهيد ڀٽي
جي باري ۾ به ايتري صحيح آهي، جيتري انهن انسانن
جي باري ۾ جي چچ ها جن جا لباس ليڙون ليڙون هوندا
ها ۽ جن جي چڳن ۾ چيڙهه هوندو هو. موت مٽيءَ ۾
ليٽائي ڪنهن جا مينڊا نه ڌوئندو آهي. هر شيءِ ڪنهن
ڪُن ۾ ڦيراٽيون کائي ٻڏي ويندي آهي.
فراق گور کپوريءَ جو شعر آهي:
اب ياد رفتگان کي بهي همت نهين رهي
يارون ني کتني دُور بسائي هين بستيـان
(هاڻي ته گذري ويلن جي ياد جي همت نه رهي آهي
يارن وستيون ڪيڏو درو وسايون آهن!)
مان اهي شب گرد هٽائي، ياسمين کي مٿي تي هٿ ٿو رکان، جا مڙس سان
گڏ عمري تي وئي هئي ۽ پنهنجن ڌيئرن بُشن ۽ ڪنول
سان گڏجي اسان سان ملڻ آئي آهي. هُن ماءُ کي آب زم
زم سان ڀريل ٿرماس ۽ رمضان لاءِ مديني مان آندل
تسبيح، مصلو ۽ کارڪون ڏنيون. زرينا جا هڪ مذهبي
عورت آهي، اهي وٺي ايترو خوش ٿي ڄڻ ته کيس قارون
جو خزانو ملي ويو هجي. هوءَ ڌيءُ کان جدي، مڪي ۽
مديني جون ڳالهيون ٻڌي رهي آهي، جي کٽي نه ٿي
کٽيون. انيس جو هن وقت جدي ۾ پي. آءِ. اي جو
مئنيجر آهي، سندن ڏاڍو خيال رکيو هو. هُو پوءِ
دبئي مان ٿيندا پاڪستان پهتا هئا.
زرينا، انيس کي اڳ ئي چئي ڇڏيو آهي ته ٻئي سال هن کي حج ڪرائي.
نٽشي چيو آهي ته: ”مغرب ۾ ٻه منشيات آهن. الڪوهل ۽ عيسائيت.“ هو
نيٺ ديوانگيءَ ۾ مري ويو. مون سوچيو آهي ته جي
منهنجي ۽ خدا جي وچ ۾ جيڪڏهن بقول علامه اقبال
’دين ملا في سبيل الله فساد‘ نه اچي ها ته منهنجي
ساري عمر يقين ڪامل ۾ گذري ها. ملان عمامو آهي،
عصا آهي ۽ اعصاب شڪني آهي. مون کي هر ملان کي ڏسي
خوف ٿيو آهي ته جا شمع منهنجي هٿ ۾ آهي هڪ ڦوڪ ڏئي
وسائي نه ڇڏي، نه ته مون زرينا جي بيماري ۽
صحتيابي ڏسي محسوس ڪيو آهي ته خدا جو نانءُ بهترين
طبيب آهي ۽ اهو ڪنهن نيم خوانده ماڻهوءَ جي منهن
تي به اچي ٿو ته هو ابي سينا ۽ ابن عربي کان وڌيڪ
ڏاهو آهي. ڀٽائي چواڻي:
”تون حبيب تون طبيب، تون دارون کي دردن.“
مون کي موت جا حيرت انگريز واقعا لکڻ رهجي ويا آهن. مان ۽
زرينا، واديء ڪاغان ڏسڻ ٿي وياسون ته منهنجي دوست
حسن ڀٽي (ڀانيان ٿو ته هو هن وقت مرڪزي حڪومت ۾ ڪو
سيڪريٽري آهي.) پبلڪ هاءِ اسڪول ائبٽ آباد جي
چيئرمين ڪرنل رحمان کي فون ڪري چيو هو ته هو ائبٽ
آباد ۾ اسڪول جي ريسٽ هائوس ۾ اسان جي رهائش جو
انتظام ڪري. مان ان سار سفر متعلق پوءِ لکندس. هتي
في الحال اهو لکڻ ضروري ٿو سمجهان ته ڪرنل رحمان
جي جنرل ايوب خان جي پٽ گوهر ايوب سان مائٽي هئي ۽
ايئر مارشل اصغر خان، تحريڪ استقلال جي سربراهه
سان دوستي هئي. هن اسان جي منجهند جي ماني ريسٽ
هائوس ۾ ڪرائي. جتي مانيءَ تي اسان سان هڪ پنجابي
جوڙو به موجود هو، جي به اسان وانگر مهمان ها ۽
ڪچي ادرڪ رڙڪي رهيا هئا. جڏهن اسان ماني پئي کاڌي
تڏهن ڪرنل رحمان مون کي ۽ منهنجي زال کي پنهنجي
گهر چاءِ جي دعوت ڏني. اسان شام جو هن جي گاڏيءَ ۾
هن جي جاءِ تي وياسين، جتان سڄي ائبٽ آباد نظر اچي
رهي هئي ۽ ديوار جا وڻ ائين ٿي لڳا ڄڻ آسمان
ڌرتيءَ تي تنبو لڳايا هجن.
مون کان ڪرنل رحمان پڇيو ته: ”ڇا مان ايئر مارشل اصغر خان سان
ملڻ چاهيندس.“
مون هائوڪار ڪئي ته، هن چيو: ”سڀاڻي ته هو پنڊيءَ ڏانهن ڪنهن
پارٽي ميٽنگ ۾ ٿو وڃي ۽ اوهان واديء ڪاغان وڃي
رهيا آهيو. اوهان جڏهن موٽي اچو ته ساڳئي ريسٽ
هائوس ۾ رهجو ته مان اوهان جي ملاقات اصغر خان سان
ڪرائيندس. ڪرنل رحمان هڪ نهايت مهذب انسان هو ۽
زري گهٽ ساري دنيا گهمي آيو هو. ٻئي ڏينن اسان
ٽوئرسٽ بيورو جي جيپ تي واديءِ ڪاغان ڏانهن روانا
ٿياسون. اسان کي سيف الملوڪ ڍنڍ تائين وڃڻو هو.
زرينا ڊرائيور جي ڀرسان نه ويٺي ۽ مون کي وچ ۾
ويهاري پاڻ دريءَ جي پاسي کان ويٺي. وادي اٽڪل
يارنهن هزار فوٽ هيٺ هئي. زرينا هيٺ ٿي ڏٺو ته کيس
ڀنواٽي ٿي آئي. مٿان پهاڙ تي چيل ۽ ديال جا ايوب
خان کان گهڻو اونچا وڻ ها. جڏهن شوگران وٽ جيب
پهتي، تڏهن مون زرينا کي چيو ته رات هتي ريسٽ
هائوس ۾ گذاريون ۽ صبح جو تازا توانا ٿي پوءِ اڳتي
هلنداسون. ريسٽ هائوس ۾ پنجاب جو هڪ مهر جوڙو رهيل
هو ۽ ٻيو ڪوئي به نه هو. پٽيوالي کي اسان پنهنجي
لاءِ روسٽ مرغي ۽ نان چيا، تيستائين مهر ڇوڪريءَ
سان ڳالهائيندا رهياسين ۽ اهو ڏسي حيرت آئي ته
پنجاب ۾ سنڌ جي بنسبت ڪيترو امن امان هو. ٻئي
ڏينهن مهر ڇوڪرو ۽ ڇوڪري پهاڙيءَ تي هيٺ ڪافي پري
هليا ويا. ڄڻ ڪنهن تاثريت پسند
(Impressionistic)
تصوير جو حصو ٿي نظر آيا. خدا پاڪستان جي اتر کي
ڪيترو نه خوبصورت بڻايو آهي! ناشتو کاڌوسين ته
زرينا چيو مون کي مٿي کي ڦيري ٿي اچي، مان اڳتي نه
هلندس، تنهن ڪري بهتر ٿيندو ته موٽي هلون. اسان
منجهند جو ائبٽ آباد جي پبلڪ اسڪول جي ريسٽ هائوس
پهچي پٽيوالي کي چيو ته ڪرنل رحمان کي اسان جي
موٽي اچڻ جو ٻڌائي. پٽيوالي اکيون اگهندي چيو ته:
”ڪرنل رحمان ته گذاري ويو.“
”هان!“ مون کان رڙ نڪري وئي. ”هن کي ڇا ٿيو؟“
”ڪرنل صبح سان پهاڙيءَ تان سائيڪل تي اسڪول ويندو هو. جيئن هو
اسڪول پئي آيو ته هڪ بس هن سان ٽڪرائي ۽ هو ٿڏي تي
مري ويو.“
مون ريسٽ هائوس ۾ ٽپڙ نه لاٿا ۽ ساڳيءَ جيپ ۾ پنڊي هليو ويس.
ٻئي ڀيري ترڪي ۽ استنبول ۾ اسان کي تاريخي جايون
ڏيکاري رهيا هئا. اسان جو گائيڊ هڪ ڪميونسٽ هو.
جنهن اسلام ۽ ترڪيءَ جي سلطانن کي گهٽ وڌ ٿي
ڳالهايو. هونءَ ته ترڪيءَ جي ڪميونسٽ پارٽي (ٽي.
ڪي. پي) جو هيڊ ڪوارٽر جرمنيءَ ۾ هو، پر استنبول ۾
ترڪ پنهنجي خيالات جو اظهار نهايت بي باڪيءَ سان
ڪري رهيا هئا. هو اسان کي ڪافي ڪجهه ڏيکاري، سلطان
عبدالحميد جي حرم سرا ۾ وٺي هليو.جنهن جي ديوارن
تي ڪاشيءَ جي سرن تي قرآني آيات جي خوبصورت خطاطي
ٿيل هئي. هيٺ ٽي سؤ کڏين جيترا ڪمرا ها، جن ۾ کٽ
جيترو پلنگ پئجي سگهي ها، حرم سرا جي گائيڊ، جيڪو
به ڪميونسٽ هو، سلطان عبدالحميد کي گهٽ وڌ
ڳالهائيندي چيو: ”مٿي قرآني آيات لکيل آهن ۽ هيٺ
سلطان جون ٽي سؤ داشتائون رهنديون هيون. اڳئين دؤر
۾ عورت سان ڪيترو نه ظلم ڪيو ويو آهي!“
اسان سان مسٽر سيٺي، پشاور يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر گڏ هو.
هو اسلامي تاريخ ۽ روميءَ جو فدائي هو ۽ جڏهن
پشاور يونيورسٽيءَ ۾ هن رومي ڊي ملهايو هو، تڏهن
مون کان صدارت ڪرائي هئائين. مسٽر سيٺي جو اڳ ئي
ڀريو ويٺو هو، گائيڊ جي ياوه گوئيءَ تي مشتعل ٿي
ويو ۽ هن کي چيائين: ”تون ڪير ٿيندو آهيان اسان جي
سلاطين کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ وارو؟“ گائيڊ به هن کي
نهايت غصي وارو جواب ڏنو: ”سلطان منهنجا ها يا
تنهنجا؟ تون ڪير آهين مون کان سوال ڪرڻ وارو؟“
اسان غصي ۾ ٻاهر نڪتاسين ته گوڙ ٿي ويو. منهن ورائي پڇيوسين ته:
”ڇا ٿيو؟“ معلوم ٿيو ته گائيڊ هارٽ اٽيڪ (دل جو
دورو) پوڻ ڪري مري ويو.
مون کي اهڙو ٽيون به عجيب وغريب واقعو ياد ٿو اچي. مولانا
عبدالستار نيازي، بينظير جي حڪومت ۾ مرڪزي وزير
هو. هو ڪنهن اردو ڪتاب جي رونمائيءَ ڪرڻ لاءِ
اسلام آباد مان ڪراچيءَ اچي رهيو هو ۽ مصنف کي چيو
هئائين ته مهمان خصوصي مون کي ڪيو وڃي. مون کي ان
مصنف پاران گذارش ڪئي وئي ته مون به هائوڪار ڪئي.
ڪتاب جي رونمائي کان هڪ ڏينهن اڳ مولانا صاحب کي
دل جو دورو پيو ۽ هو اسلام آباد ۾ گذاري ويو. ڪجهه
وقت رکي مون کي مصنف صدارت لاءِ چيو، جيڪو مون
قبول ڪيو. افتتاح کان هڪ ڏينهن اڳ مون کي زوردار
دل جو دورو پيو ۽ مان وڃي مڊ ايسٽ سينٽر ۾ داخل
ٿيس، جتي سترنهن ڏينهن هوس. پر زرينا جي صبح شام
جي خدمت ۽ پنهنجي ڌيءُ ياسمين ۽ ڏوهٽي ڪنول جي
محبت ڪري بچي ويس. مون اهو ڪتاب ڪٿي لائبريريءَ ۾
ڦٽي ڪري ڇڏيو آهي. ڄڻ ان کي ڏسندي مون کي خوف ٿو
ٿئي.
هاڻ انهن ڳالهين ۽ مذهب کي پاسي ڪندي، مان هيٺيون شعر
جهونگاريان ٿو:
نسيم خـلــد مِــي وزد مـــگــرز جــوئــبـــــــار ها،
ڪه بوئــــــــي مشڪ مِي دهد هوائي مرغزارها.
(بهشت جي هير نديءَ جي ڪپر تان ٿي اچي،
پکيئڙن جي آکيرن مان مشڪ جي خوشبو اچي رهي آهي.)
زرينا اچ ته وري بيگاري ۽ شاهي باغ ڏانهن هلون. شاهي باغ تي به
مان لوڪرام ڏوڏيجا جي ڪتاب ’منهنجو وطن منهنجا
ماڻهو‘ مان توکي ڪجهه پڙهي ٿو ٻڌايان. ڇو ته هن جي
لکڻيءَ ۾ جا بي مثال انفراديت آهي، سا ڀيرومل مهر
چند، لال چند امر ڏنو مل ۽ پرمانند ميوارام ۾ به
نه آهي. بمبئيءَ ۾ منهنجي پاڪستان واپس اچڻ کان هڪ
رات اڳ، هن جو پٽ هن جا ڪتاب الهاس ننگر مان
بمبئيءَ ۾ ٺاڪر چاولا جي جاءِ تي مون لاءِ کڻي آيو
هو. هن شڪاپور جي باغن لاءِ لکيو آهي:
”باغن ۾ سوادي ميوا به جهجها ٿيندا ها. لال بخش جي باغ جا ڏوڪا،
کارڪان، اهڙيون مٺيون جهڙا مصريءَ جا ڳنڍا. کارڪان
به ڏوڪن جيڏيون وڏيون ۽ ککڙي بلڪل ننڍڙي. ڀائي
ٽلوءَ جي باغ جا زيتون، زردالو ۽ پيچ به ڏاڍا
رسيلا هوندا ها. جلال جي باغ جا ڦاوران ۽ اڇا ڪارا
توت ته اهڙا متارا هوندا هئا، ڄڻ راسبريءَ جا ڍُڪ
ٿا پيئون! باغائيءَ کان پئسي ٽڪي جا وٺبا ها ته
پلاند ڀري ڏيندو هو. اڇيءَ تر مغزيءَ جي تراوت ۽
سواد نرالو هوندو هو. اها ڪرامت سنڌڙيءَ جي
صدوريءَ ڌرتيءَ جي هئي.
اتي هر روز ڪنهن نه ڪنهن باغ جي کوهه تي ضرور وڃبو هو، جو اتي
گهڻا مطلب پورا ٿيندا ها. اتي ڏيساور جي اگهن
ماگهن ۽ واءَ سواءَ جو پتو پوندو هو. ورزش ڪري
هڪٻئي کان ڪشتي ۽ ملهه جا داءَ پيچ سکبا ها.
اخباران به کڻي ايندا ها ۽ پرائيءَ پچار جو مزو
وٺبو هو. نيسر جي ڌارا تارونءَ تي پوندي هئي ته
لنوَ لنوَ ٺري پوندي هئي ۽ تن من جا سڀ تڻاوَ شانت
ٿي ويندا ها. سڀ کان اڳ ميٽ پائبو هو. جنهن ۾ نم
جا پن، ڏهي، رابيل يا موتئي جا گل وجهي، بدن تي
لڳائي سڪائبو هو ته آرايون ۽ ڦرڙيون لهي وينديون
هيون ۽ بدن اطلس جهڙو لسو ۽ خوشبودار ٿي پوندو هو.
کوهن تي زالن لاءِ ڍڪ جي پردي سان اتاهين ڀتين سان
جدا آڏر هوندا هئا.
باغن ۾ کوهه گيڙڻ لاءِ ڏاندن کي ٻڌل گهنڊڻيون، نار ڦرڻ ۽ پاڻي
وهڻ جو مٺو آواز ائين لڳندو هو ڄڻ تال سُر سان ڪا
سارنگي ٿي وڄي. باغائي ڏاند جي اکين تي ان لاءِ
کوپا چاڙهيندا ها ته متان ائين ڄاڻي ڪو لڦڙو نه ڪن
ته هو ساڳئي هنڌ ڦيرا پائي رهيا آهن.
|