اوچتو زرينا ٻڌايو ته ’برسات‘ روزانيءَ ۾ آيو آهي ته سوڀو
گيانچنداڻي ۽ تاجل بيوس ڏاڍا بيمار آهن ۽ حڪومت کي
گذارش ڪئي وئي آهي ته انهن جو علاج ڪرايو وڃي ۽
دانشورن ڏانهن بي توجهي نه ڏيکاري وڃي! زرينا ٻيهر
خبر پڙهي چيو: ”الله جي در توبهه زاري آهي. ڇا
ڪميونسٽ سچ پچ خدا کي نه مڃيندا آهن؟“ زرينا پاڻ
پنج ئي وقت نماز به پڙهندي آهي ۽ ٽيهه ئي روزا به
رکندي آهي ۽ زڪوات به ڏيندي آهي ۽ پنهنجي پٽ انيس
کي چيو اٿائين ته هن کي حج نه ته عمرو ضررو ڪرائي.
انيس هن وقت جدي ۾ پي. آءِ. اي جو مئنيجر آهي. ڪجهه وقت اڳ هوءَ
پاڻ بيماريءَ ڪري ٻه مهينا کٽ تان به اُٿي نه
سگهندي هئي، پر دعائن ۽ خدا ۾ هن جي يقين هن کي
چاق چڱو ڀلو ڪيو آهي. مون زرينا کي چيو ته: ”سوڀو
ضعيف الاعتقادي ۽ مذهب جي استحصال جي خلاف آهي.“
پوءِ مون هن کي بي. بي. سيءَ جي خاطوءَ مارڪ ٽلي
(Mark Tully)
جي ڪنڀ جي ميلي جي رپورتاج مان هڪ لطيفو ٻڌايو:
”ڪنڀ ۾ ٻن قسمن جا برهمڻ پروهت هوندا آهن، هڪڙا
گهٽيا ۽ ٻيا پانڊا. مارڪ ٽليءَ کي ڪنهن پڙهيل
ڳڙهيل ماڻهوءَ پنهنجي خانداني پانڊي جي هڪ ڪهاڻي
ٻڌائي: ”منهنجي پيءُ جي موت کان پوءِ اهو پانڊو
مون سان مليو ۽ مون کان بائيسڪل لاءِ پئسا
گهريائين ته جيئن پرلوڪ ۾ منهنجو پيءُ بائيسڪل تي
وڃي. مون هن کي چيو ته اهو منهنجي پيءُ جي شان
وٽان نه آهي، جو هو بائيسڪل تي گهمي، ڇو ته هو فقط
گهوڙي يا هاٿيءَ تي سواري ڪندو هو. پر اها منهنجي
وڏي حماقت هئي. يڪدم پانڊي مون کان هاٿيءَ جي قيمت
گهري، جڏهن مون انڪار ڪيو ته هن وري بائيسڪل جي
قيمت لاءِ ضد ڪيو ۽ چيو ته سرير مان نڪري تنهنجي
پيءُ جي آتما هلڪي ٿي پئي هوندي ۽ ان لاءِ بائيسڪل
ئي ڪافي آهي.“
زرينا کلندي پڇيو: ”اهو ڪنڀ جو ميلو ڇا آهي؟“
مون زرينا کي جواب ڏنو ته: ”جديد ڀارت نه فقط رابندر ناٿ ٽئگور،
فلسفي سروپالي، راڌا ڪرشن (جيڪو ڪنهن وقت ان جو
صدر به هو) ۽ نهروءَ ۽ مهاتما گانڌيءَ جو ديس آهي،
پر هونءَ وڏي جک آهي.“
”ڪُنڀ لفظ سنڌيءَ ۾ مستعمل آهي ۽ ان جي معنيٰ دلي يا سماڌي آهي.
اسان جي ٻنيءَ تي جڏهن شڪاپور ۾ پهرين وڏي ٻوڏ آئي
هئي، تڏهن ان جي سڪڻ کان پوءِ چيائون ٿي ته ٻوڏ
ٻنيءَ ۾ ڪنڀ هڻي وئي آهي ۽ وڏي کڏ ڪري وئي آهي.
ڪُنڀ جو ميلو پرياگ (الله آباد) ۾ گنگا ۽ جمنا جي
سنگم وٽ ٿيندو آهي. سنگم اها جاءِ آهي، جتي گنگا ۽
جمنا نديون پاڻ ۾ ملنديون آهن. اتي ماڻهو پنهنجن
پاپن ڌوئڻ لاءِ ٽي ڀيرا سنان ڪندا آهن. دهليءَ ۾
منهنجي بزرگ دوست تيرٿ وسنت مون کي صلاح ڏني هئي
ته مان پرياڳ ۾ گنگا ۽ جمنا جو سنگم ڏسي اچان. اتي
سانجهيءَ جو لکين، اٽي جا ڏيئا ٻاريندا آهن، جي
لهوارا لڙهندا ويندا آهن. انهيءَ کي سنڌيا جو سمو
چئبو آهي، پر راج اڃان ڪار نه ورتي هئي ۽ مون بس
تي وڃڻ نه پئي چاهيو، ڇو ته ان وقت به مون کي گوڏن
جي سور جي تلڪيف هئي. ان ڪري مون کان اها ياترا
رهجي وئي.
مارڪ ٽلي لکيو آهي ته، ميلو هر ٻارنهين سال لڳندو آهي ۽ 1977ع ۾
ڪنڀ جي ميلي تي ڏهه ملين ماڻهو آيا هئا. گنگا کي
هندو پنهنجي پوتر ندي سمجهندا آهن ۽ هتان به
پنهنجا سنک (رک) ان ۾ پرواهه ڪرڻ لاءِ موڪليندا
آهن. توکي ياد آهي ته جڏهن اسان هندوستان هليا
هئاسين ۽ مان بين الاقوامي مشاعري جي صدارت ڪري
رهيو هوس ته اتي چترو ناگپال، گنگا جي خلاف هڪ نظم
پڙهيو هو، جنهن ۾ چيو هئائين: ”دنيا جي هندن جي
رک، ان ۾ وڌي وڃي ٿي ۽ ان ۾ ٽي ڀيرا ڪروڙين ماڻهو
سنان ڪن ٿا، پنهنجي مَرُ لاهين ٿا ۽ اهڙي گنديءَ
نديءَ جو جَل ماڻهو ڪيتري نه ويساهه سان پيئن ٿا ۽
اسان جي سنڌوندي ڪيتري نه پوتر آهي. (هن سنڌوءَ کي
اسان جي ندي پئي چيو. جيتوڻيڪ اها کاري ڇاڻ ۽ ڪيٽي
بندر وٽان وهي سمنڊ ۾ پوي ٿي.) اهو نظم ٻڌي هڪ جن
سنگي تپي باهه ٿي ويو ۽ غصي ۾ اُٿي بيٺو ۽ شاعر کي
رڙ ڪري چيائين: ”تو جيڪي گنگا لاءِ چيو آهي، ان
لاءِ معافي وٺ! گنگا ماتا آهي ۽ اَپوتر ڪڏهن به
ٿيڻي ناهي. توکي سنڌوءَ جي باري ۾ جيڪي چوڻو هجي
ڀلي چؤ!“ شاعر ويچارو اسٽيج تان هيٺ لهي ويو.
زرينا هاڻي ڪنڀ ۽ ڪراچيءَ مان ڪڪ ٿي پيا آهيون. اچ ته ٻي ڪنهن
جاءِ تان، هن جک کان گهڻو پري چڪر هڻي اچون ۽ پوءِ
موٽي شڪاپور اچون. دائود پوٽن جي شڪاپور، ڪلهوڙن
جي شڪاپور، ميرن جي شڪاپور، دُرانين جي شڪارپور،
آئي وئي لاءِ شڪارگاهه، جنهن جي پڪن رستن تي مان
ايترو گهميو آهيان، جو ان جي مَرُ منهنجي پيرن ۾
پيهجي چڪي آهي.
اوچتو مان زرينا کي لنڊن ۾ ٿيمس نديءَ جي ڪناري تي وٺي ٿو وڃان.
اسان پيهه مان لنگهي، آئيس ڪريم جي ڪون ورتي. مون
سان زرينا، اسان جو پٽ سليم ۽ ڏوهٽي روماسا گڏ
آهي. پل وٽان موٽر لانچون ڏسي رهيا آهيون. پاڻي
ڌيري ڌيري وهي رهيو آهي ۽ گندي پاڻيءَ جو پورو
نيڪال نه ٿو ٿئي ۽ اونهاري هجڻ ڪري ڪِني پاڻيءَ جي
ڌپ اچي رهي آهي. مون کي ڪنهن ٻڌايو ته سياري ۾ ان
تي پارو ڄمي ويندو آهي. شايد سليم چيو، ڇوجو هو
ڊبلن مان سياري ۾ ويو هو ۽ اتان ڪراچي آيو هو. ان
نديءَ به شڪارپور وانگر ڪيئي قومون ڏٺيون آهن.
ڪيلٽ
(Celts)
رومن، ائنگلو سئڪسن، جوٽ
(Jutes)،ڊين
(Danes)
۽ وائيڪنگ
(Vikings).
ايلزبيٿ جي دؤر ۾ ان کان پوءِ ماڻهو ان نديءَ ۾
نون ملڪن جي ڳولها ڦولها ۾ جهاز ويندا ڏسندا هئا.
جن 1880ع ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪاهون ڪري، يونين
جئڪ جا جهنڊا چاڙهيا هئا. 1880ع کان 1900ع تائين
برٽش ايمپائر دنيا تي ڇانئجي وئي. ان تي روماسا جا
پنهنجي عمر کان وڌيڪ ذهين آهي، مون کان پڇيو:
”اسان به اڻويهين صديءَ ۾ غلام هئاسين؟“
مون هن کي جواب ڏنو: ”هائو ڌيءَ ! 1873ع ۾ چارلس نيپئر سنڌ فتح
ڪئي هئي. هن جو هڪ جهاز ڪوٽڙيءَ ڀرسان بيٺو آهي.
مان وائيس چانسلر هوس، تڏهن ان جهاز تي مون
انگريزن کان آزاديءَ جي شام ملهائي هئي، جا رات جو
دير تائين هلي هئي. ڪنهن ڀٽي صاحب کي دانهن ڏني
هئي ته : ”شيخ اياز عياشيون ٿو ڪري .“ ان تي ڀٽي
صاحب کيس جواب ڏنو هو: ”جي انگريزن کان آزاديءَ جي
شام عياشي آهي ته اهڙي عياشي سڀني پاڪستانين کي
ڪرڻ گهرجي.“
مون کي ياد آهي ته مياڻي ٻيلي جي انچارج ڊي . ايف. او. جي دعوت
تي مان ۽ منهنجون ٻه پروفيسرياڻيون انهيءَ جاءِ تي
ويا هئاسين، جتي سنڌ جي تقدير جو فيصلو ٿيو هو.
اُتي فقط انگريزن جو قبرون هيون ۽ انهن تي ڪتبا به
هئا، پر ڪنهن به سنڌ جي سورمي جي قبر نه هئي.
پروفيسرياڻين، جن مان هڪڙي ان ڊي .ايف.او جي اڳ ئي
واقف هئي، تنهن هن کي ٻيلي ڏيکارڻ جي فرمائش ڪئي.
ڊي .ايف. او اسان کي پاپلر جا وڻ ڏيکاريا هئا، جن
تي ريشم جا ڪيڙا پلجندا آهن.
سينيئر پروفيسرياڻيءَ چيو :”اُتي تنهنجا همذات رهندا آهن.“
”ڇا مطلب.“
”پٽ ڪينئان(Silk
Worm).“
مون سوچيو ته مون لاءِ زندگي پاپلر جو هڪ وڻ رهي آهي، جنهن جون
ڪيئي ٽاريون آهن. ان جي ٿڙ وٽ زرينا رهي ٿي، جنهن
جون پاڙون هن ڌرتيءَ ۾ ايتريون کتل آهن جو انهن کي
ڪنهن به ڇڪ سان ڪڍي نه ٿو سگهجي. ٻيلي ۾ ڪيئي سڪل
پن ڌرتيءَ تي ڪريل هئا، جن تان ويندي اسان جي بوٽن
جو آواز اچي رهيو هو. سُرمائي شام، جڏهن وڻن تي
ڇانئجي وئي ۽ ساري فضا ڪنهن کي الوداع ڪرڻ جي
ڪيفيت وانگر لڳي، تڏهن اسان موٽي ريسٽ هائوس ۾
آياسون ۽ هڪ ٻئي ڏانهن اجنبي نگاهن سان ڏسڻ
لڳاسون. اسان ڪير هئاسين؟ هتي ڪيئن ڪٺا ٿيا
هئاسين؟ ڇا اسان جي ڄاڻ سڃاڻ عارضي هئي يا ابدي
هئي؟ ڇا هن کان اڳي ڪڏهن اسان مليا هئاسين؟ يا هن
زندگيءَ کانپوءِ وري ملنداسين؟ مان يڪدم سنڌ
وساري، ٿيمس نديءَ ڏانهن وران ٿو، جنهن تان ٻي جنگ
عظيم ۾ جرمن بامبر
(Bomber)
اڏامندا هئا، پر هاڻ ان نديءَ تان فقط هيليڪاپٽر
اڏامندا آهن، جن کي ميٽرو پوليس (گاديءَ جو هنڌ،
لنڊن) تان اڏامڻ ڏنو ويندو آهي.
ٿيمس تي سج لهي رهيو هو، جنهن ۾ ندي ڪنهن ازلي لوهار وانگر لوهه
پگهاري رهي هئي ۽ ڇوليون ائين لڳي رهيون هيون،
جيئن لوهه تي وڏاڻ لڳندا آهن.
اوچتو مان ڪافي دير لاءِ ٽٻيءَ ۾ اچي ويس. مون کي انگريز شاعر
ٽي.ايس.اليٽ ياد اچي رهيو هو. جنهن پنهنجي شهره
آفاق نظم بنجرزمين(Waste
Land)
۾ چيو هو:
I see crowds wslking round in a ring
A crowd flowed over London Bridge,so many
I had not thought death had undone so many
ترجمو: مان ماڻهن جا حشام ڏسان ٿو
هڪ هجوم لنڊن برج(پل) تي روان دوان هو
مون کي ته اهو سوچ ۾ به نه آيو ته
موت ايترن کي ماري مات ڪيو آهي.
لنڊن جهڙي شهر ۾ به ٽي. ايس. اليٽ هل هلاچي وارن گندن پاڙن ۽
روڳائتي، چتيون لڳل رستن سان پنهنجي پيش رو اديب
ڪارلائل وانگر نفرت ٿي ڪئي ۽ ڄاتو ٿي ته ماڻهن جون
پاڙون انهن پٿراون چتيون لٿل رستن ۾ نه هيون ۽ هن
ان تي هرهر سوچيو هو ته ڇا اهي هن ڪچري ۾ ڦٽنديون
۽ سايه دار وڻ ٿينديون! انهيءَ ڪري هن لنڊن کي
غيرحقيقي شهر ڪوٺيو هو. جاگيرداري دؤر کي ختم ڪري
سرمائيداري دؤر جي صنعتي تهذيب انساني اقدار،
اعتماد، فيض ۽ لطف و عنايت کي ختم ڪري، هڪ نفسا
نفسيءَ واريءَ تهذيب کي جنم ڏنو آهي، جنهن جو محرڪ
جذبو، دولت ۽ اقتدار جي هوس آهي. جنهن بي وفا،
رياڪار ۽ دورنگا انسان پيدا ڪيا آهن، جي اندر ۾
ڇوڇا ۽ کوکلا آهن. ساڳي نظم ۾ ٽي.ايس.اليٽ چيو
آهي:
Weare the hollow men
We are the stuffed men/Ieaning together
Head piece filled with straw
This is the world ends
Not with a bang but with a whimper
ترجمو: اسان کوکلا ماڻهو آهيون
اسان ڀوسي سان ڀريا ويا آهيون، هڪ ٻئي تي ڳاٽ رکون ٿا
اسان جون کوپڙيون ڪڙٻ جي ڪتر سان ڀريل آهن
انهيءَ طريقي دنيا ختم ٿئي ٿي
ڌماڪي سان نه پر ڪنجهه ڪار سان.
مٿئين نظم جو حصو مغربي تهذيب جي لونءَ ڪانڊاريندڙ تجزيو آهي ۽
ڪراچيءَ جي لنڊن سان ڀيٽ ائين آهي جيئن ڪنهن
شاهراهه سان سوڙهي گهٽيءَ جي هجي، جيڪا ڪنهن کڏ تي
کٽي ٿي. مون کي بانگِ دار مان علامه اقبال جو هڪ
شعرياد آيو:
”تمهاري تهذيب اپني خنجر سي آپ هي خودڪشي ڪريگي،
جــو شــاخ نــازڪ پـه آشــيــانــه بــنــي گــا نــاپــايدار
هوگا.“
ترجمو: اوهان جي تهذيب پنهنجي خنجر سان ئي پاڻ ئي خودڪشي ڪندي،
جو آکيرو ڪچيءَ ٽاريءَ تي ٺهندو، جٽاءُ نه ڪندو.
اوچتو روماسا مون کي ڌونڌاڙي چيو:”نانا، ڇاٿا سوچيو؟ رات لٿي
آهي، پريان ٿيمس ندي اونداهي ٿي وئي آهي، فقط
اسٽيمرن ۽ لانچن ۾ ڪجهه بلب ٽمڪن ٿا. بهتر آهي ته
هاسٽل موٽي هلون.“
”امان،“ مون جواب ڏنو.”مان ٽي.ايس. ايلٽ سان ڳالهائي رهيو هوس،
جيڪو انگلينڊ ۾ هن صديءَ جو وڏي ۾ وڏو شاعر هو. هن
تي سنڌيءَ ۾ ڪتاب منهنجي هڪ دوست ۽ باذوق اديب بدر
اڄڻ ڇپايو آهي، جو توکي ڪراچيءَ هلي ڏيندس. مون هن
جي موت کان پوءِ هن تي لکيل هڪ ڪتاب آمريڪا مان
گهرايو هو، جنهن ۾ هن تي هڪ مضمون جو عنوان هو،
”ڇا هو مري ويو“
(Magnetic Scaning) جي رپورٽ به ملي ويندي.“
مون کي نهج البلاغه مان حضرت عليءَ رضه جو هڪ قول ياد آيو:
”اها تدبير جا موت جي ڪارڻ ٿي سگهي ٿي، اها به
تقدير جو حصو آهي.“ مون سوچيو: ماڻهو علاج لاءِ
ملڪ کان ٻاهر وڃن ٿا ۽ انهن جا لاش ملڪ ۾ موٽي اچن
ٿا. مون کي ٿامس مئن جي ناول، ”جادوءَ جو پهاڙ“
(Magic Mountain)
مان ڪجهه جملا ياد آيا:”اسان تيرگيءَ مان اچون ٿا،
تيرگيءَ ۾ موٽي وڃون ٿا، پر ان کي اسان محسوس نه
ٿا ڪريون ، ابتدا ۽ انتها کي، ڄم ۽ موت کي داخلي
وجود نه آهي، اهي ٻئي معروضي وجود جي زمري ۾ اچي
وڃن ٿا.“
اسان واقعي ٿيمس نديءَ جي ڪناري تان واپس ٿي رهيا هئاسين. ٻين
لاءِ ته انهن جو معروضي وجود آهي، پر مان هڪ خواب
گرد آهيان. مون کي اهو سڀ داخلي ٿو لڳي. ماضيءَ کي
داخلي حقيقت کان سواءِ ٻي ڪهڙي حقيقت آهي؟ غالب
چيو آهي:
”از ڪاخ وَڪو بلند پريشان زڪاخ وڪو،
ديدم زچشم ماهه تماشاءِ اين سراءِ.“
ترجمو: (ڪوٺي ۽ گهٽيءَ کان مٿي ۽ ڪوٺيءَ ۽ گهٽيءَ کان بيزار ٿي،
مون چنڊ جي اکين سان هن سراءِ کي ڏٺو.)
رابرٽ لوويل، آمريڪي شاعر جي نظم مان به ڪجهه ياد اچي رهيو آهي:
يسوع!
مان جيڪر رات جو مران
پر منهنجا پورا حواس برقرار هجن
جيئن چنڊ لهي ويندو آهي.
ٽئين ڏينهن جڏهن ڪرامويل اسپتال ڏانهن وڃون پيا، تڏهن زرينا کي
تربوزي رنگ جا ڪپڙا پهريل هئا، جن تي لاڙي ڀرت
ڀريل هو. تڏهن هڪ ڪروڙڍ انگريز عورت رستي تي بيهي
رهي ۽ انگريزيءَ ۾ پڇيائين:”تون ڪهڙي ديس جي آهين،
جهڙو تنهنجي منهن جو خوبصورت رنگ آهي، اهڙا تنهنجا
ڪپڙا ۽ انهن تي ڀرت ۽ تنهنجي چپن تي هلڪي سرخي
آهي.“
مون هن کي چيو:”اسان سنڌي آهيون.“
هن پورو نه سمجهيو ۽ چيائين:” هندي، انڊين ٿو چوين نه؟“
مون جواب ڏنس:”اسان سنڌي آهيون، ڪنهن وقت انڊين هئاسين، پر اسان
جو ديس سنڌ هاڻي پاڪستان جو حصو آهي.“
”اوهه پاڪستان! اوهين پاڪي آهيو؟“
”نه، پاڪستاني.“ پوءِ هوءَ ڪنڌ کي جهٽڪو ڏئي هلي وئي.
اسان هاسٽل موٽي آياسون، ڇوته رپورٽون اڃان نه آيون هيون. سليم
۽ روماسا مارڪيٽ مان موٽيا هئا ۽ صوف، انگور، چيري
۽ نارنگيءَ جي رس جا دٻا وٺيو آيا هئا. مون کي
چيريءَ جو جوس ڏسي ڪجهه کل آئي.
جڏهن اسان سي.اينڊ.ايس. ڪاليج شڪاپور ۾ پڙهندا هئاسين، تڏهن
مان، منهنجو دوست نعيم صديقي ۽ غلام الله اعواڻ
گڏجي، ريل جي ذريعي ڪوئيٽا ويا هياسين. هڪ ڏينهن
اسان مري بروئري
(Muree Brewary)
گهمڻ جو ارادو ڪيو. ڪوئيٽا ۾ اسان ميلن جا ميل پنڌ
گهمندا هئاسين ۽ اسان کي هڪ پٺاڻ دوست پهاڙ تي
چڙهڻ به سيکاريو هو ۽ اسان ڪافي اوچو چڙهي ويندا
هئاسين. رستي تي اسان کي هڪ ميوي جو دڪان نظر آيو،
جنهن ۾ ٻين ميون سان گڏ تازي چيري به رکي هئي،
جيڪا سوا رپئي سير ملي هئي. (تن ڏينهن ۾ سوا رپيو
وڏي ڳالهه هئي.) اسان سير چيري خريد ڪئي ۽ طئه
ڪيوسين ته مري وئي گهمي پوءِ کائينداسون. جڏهن مري
برئوري پهتاسين ته اتي پهاڙيون نظر آيون. منهنجو
ته ورزشي بدن هوندو هو ۽ نعيم به ڳورو نه هو، باقي
غلام الله ٿلهو متارو، ڀريل بُڪنو هو ۽ هوٽل تي
مانيءَ سان دنبي جو سيرکن گوشت هڪ وقت کائي ويندو
هو. سو مان ۽ نعيم ٽپ ڏيندا مري برئوريءَ جي
پهاڙين تي چڙهي وياسين، جيئن اتان ڪوئيٽا جو نظارو
ڏسون ۽ غلام الله وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهي رهيو ۽
چيائين ته: ”اوهان ڀلي گهمي اچو، مان اوهان جو
انتظار ڪندس.“ جڏهن پهاڙين جي چوٽ تان گهمي واپس
غلام الله وٽ پهتاسين ته اسان کي ڏاڍي بک لڳي هئي،
اسان غلام الله کان چيريءَ جي پڇا ڪئي، ته هن هڪ
آنو چيري اسان جي سامهون رکي ۽ يڪدم چيائين:”مان
به ويٺو هوس واندو، سو بک جو لڳي ته ٿورڙي چيري
کائي ويس.“
نعيم ته انگلينڊ مان ايف.آر.سي.ايس ڪئي ۽ هڪ اطالوي ڇوڪريءَ سان
به شادي ڪئي ۽ جڏهن گذاري ويو ته هو بحرين ۾ سول
سرجن هو. غلام الله ايم.بي.بي.ايس ڪئي، سا به علي
ڳڙهه مان ۽ پنهنجي جاب ۾ ترقي ڪري سول سرجن ٿيو.
اوچتو منهنجي مرڪ تلخي ۾ تبديل ٿي وئي، ڄڻ ته مان
ڀل ۾ ڪنهن ڪوڙي ونگي ۾ چڪ وڌو هو. 1965ع ۾ مان سکر
جيل ۾ هوس، منهنجي گرفتاريءَ کان پوءِ شهر ۾
هُلايو ويو هو ته مون وائرليس تي هندستان کي پيغام
پئي ڏنو ۽ پهچايو ۽ اهڙو وائرليس سيٽ مون وٽان
آفيس جي تهه خاني مان لڌو ويو هو.منهنجي نظربنديءَ
جا آرڊر ٽن مهينن لاءِ هئا، جيڪي وڌائي سگهبا هئا.
ان وچ ۾ منهنجي سَسُ کي جيري جي ڪئنسر ٿي پئي.
هوءَ اسان وٽ رهندي هئي ۽ زرينا ماءُ جي بيماريءَ
جو ٻڌي، ذري گهٽ هوش حواس وڃائي ويٺي هئي. ڪجهه
ڏينهن کانپوءِ مون کي به سخت مليريا ٿي پئي. غلام
الله اعواڻ، جو انهن ڏينهن ۾ سکر جو سول سرجن هو،
جيل ۾ دوري تي آيو ۽ منهنجي مليريا جي چڪاس
ڪيائين. مون هن کي پنهنجو احوال ٻڌايو ۽ چيو
ته:”مون کي پنهنجي بيماريءَ جو سرٽيفڪيٽ ڏي ته مان
گورنمينٽ کي درخواست موڪليان ته مون کي ان سبب ڪري
آزاد ڪيو وڃي.“ هن رکائيءَ سان چيو:”پنهنجي پٽ کي
سول اسپتال موڪلجانءِ ته مان ڏسندس.“
انيس جڏهن مون سان جيل تي ملاقات لاءِ آيو ته مون کيس اعواڻ سان
ملي ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ وٺڻ لاءِ چيو. انيس جڏهن ٻي
ملاقات لاءِ آيو ته پهريون سوال جو مون هن کان
پڇيو،”اعواڻ کان سرٽيفڪيٽ ورتئه؟“ هو روئي ويٺو ۽
چيائين: ”بابا! مون کي هن جواب ڏنو ۽ چيائين ته،
مان ڪنهن غدار کي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ لاءِ تيار نه
آهيان.“
مون کي اها ڄاڻ هئي، سکر ۾ مون کي غدار سڏيندا هئا، منهنجا ٻار
اسڪول نه وڃي سگهندا هئا، آيو ويو مهاجر پٿر هڻي،
منهنجي گهر جا شيشا ڀڃي ويندو هو، جيڪڏهن بليڪ
آئوٽ ۾ منهنجي زال هٿ بتي ٻاريندي هئي ته ان کي
ڪڏهن ڊائيننگ ٽيبل جي هيٺان رکندي هئي ۽ ڪڏهن سمهڻ
واري ڪمري ۾ کٽ هيٺان رکندي هئي، پر جي ٻاهران
ڪنهن واٽهروءَ کي دهو پوندو هو ته دروازا ڀڃڻ
لڳندا هئا. جڏهن انيس گهرکان ٻاهر نڪرندو هو ته هن
کي ٿڦڙون هڻندا هئا. هڪ ڀيري پورنماسيءَ جي هڪ رات
غصي ۾ زرينا مهاجر عورت کي چيو: ”هوءَ خدا جي بتي
آسمان ۾ ٻري رهي آهي، ان کي ته وسائي ڏيکار!“
جڏهن ٻار ماني کائيندا هئا ته پاڙيسري مٽيءَ جون مٺيون ڀري اسان
جي روشندانن مان اڇلائيندا هئا، ۽ مئي اچي ٻارن جي
مانيءَ ۾ پوندي هئي . ڪي مهاجر چڱا ماڻهو به هوندا
هئا. هڪ ڀيري چور اسان جي گهر ٽپيا ۽ ڪڙو پئي
کوليائون. منهنجي زال جا چؤماڙ تي ڪوٺي تي ستل
هئي، ان ڪڙي کلڻ جو آواز ٻڌو ۽ ڪوٺي تان اڱڻ ۾
نهاريائين ته هن کي ڪي ماڻهو ٻُٽن سان نظر آيا.
منهنجي زال ۽ ٻارن وٺي چور چور ڪئي ته پاڙي جا
مهاجر ڌڪا، لٺيون ۽ بندوقون کڻي آيا. انهن کي ڏسي
چور وٺي ڀڳا ته ڀڄندي هڪڙي جي گوڏ ڇڙي وئي ۽ هُو
شل ننگو ڀڄندو ويو. چور ٽئي سنڌي هئا، مون کي انهن
جي نالن جي خبر به پئي، پر مون ايف. آءِ. آر نه
لکائي. هڪ ماءُ جي بيماري ۽ ٻيو اهڙو بيپاڙو پاڙو،
انهن ملي زرينا جي ذهن تي ڏاڍو اثر ڪيو. مون انيس
جي ڳالهه ٻڌي ڏند ڀڪوڙي چيو: ”پٽ مان ٻاهر اچان ته
ساري ڀنڀور کي باهه ڏيندس.“ منهنجي آزاديءَ کان
پوءِ جو احوال ’ساهيوال جيل جي ڊائري‘ ۾ ڏنل آهي.
خير، مان موٽي اچان ٿو غلام الله اعواڻ ڏانهن، جنهن کي ڀٽي
اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ اسڪرين آئوٽ ڪيو هو ۽ مون
کي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جو وائيس چانسلر ڪيو هو.
هڪ ڀيري غلام الله اعواڻ مون وٽ ڄامشوري ۾ آيو ته
ڪنڌ جهڪائي مون کي چيائين: ”هيءَ منهنجي ڀيڻ ثميره
زرين آهي، هن کي ڪائي نوڪري ڏي.“ پهرين ته مون کي
خيال آيو ته هن کي چوان ته: ”توکي ڪنهن غدار کان
نوڪري گهرندي شرم نه ٿو اچي.“ پر پوءِ ثميره جي
موجودگيءَ جو خيال رکي چپ ٿي ويس.
ثميره هڪ سانوري صورت واري ڇوڪري هئي، جنهن جا خدوخال پُرڪشش به
نه هئا. مون غلام الله کان پڇيو: ”هن ڇا پاس ڪيو
آهي؟“ هٻڪندي جواب ڏنائين: ”مئٽرڪ آهي.“ مان
ڀانيان ٿو ته هن چيو: ”انڊر مئٽرڪ آهي، پر توهان
ته ڄاڻو ٿا ته هيءَ افسانه نويس آهي.“ ”ها، اهو
چڱيءَ طرح ڄاڻان ٿو.“ مون جواب ڏنو. مئٽرڪ پاس کي
وڌ ۾ وڌ اٺين گريڊ جي ڪلارڪي ملي سگهندي آهي، پر
هيءَ مشهور اديبه آهي ۽ سندري اتم چنداڻي، جڏهن
مون وٽ رهيل هئي، تڏهن خاص هن سان ملڻ شڪاپور وئي
هئي. مون هن کان پڇيو: ”اوهان درخواست آندي آهي؟“
هن کيسي مان درخواست ڪڍي منهنجي ميز تي رکي. مون ان تي غالبا
لکيو ته: ”هيءَ مشهور افسانه نگار آهي. هن کي
فوراً سنڌالاجيءَ ۾ سورهين گريڊ ۾ مقرر ڪجي ٿو.
تصديق لاءِ ڪاغذ بورڊ اڳيان رکيا وڃن.“ غلام الله
ٿئنڪ يو چئي مون کان موڪلايو. مان اڃان وائيس
چانسلر هوس ته غلام الله حيدرآباد ۾ گذاري ويو ۽
ثميره زرين کي پنهنجي ڀاءُ سان ايتري محبت هئي جو،
هوءَ به هن جي موت کان پوءِ ٻن ڏينهن ۾ گذاري وئي.
عبدالقادر جوڻيجو ٻڌايو ته سنڌالاجيءَ ۾ هن کي ڪافي اذيت ڏني
وئي هئي. مون هن کي جواب ڏنو: ”ان باري ۾ اهڙا
انسان ڪائي شڪايت نه ڪندا آهن. فقط مري ويندا آهن.
تاريخ ۾ هو مجسم شڪايت ٿي جيئندا آهن.“
اسان ٽئڪسي ۾ ڪرامويل هاسٽل پهتاسون، جتي ٻه ماڻهو منهنجو
انتظار ڪري رهيا هئا. هڪ منهنجو پراڻو دوست مگسي
هو، جو هيٿرو ايئرپورٽ تي پنهنجي ڪار ۾ اسان کي
وٺڻ آيو هو ۽ ٻيو هو سنڌ يونيورسٽيءَ جو ليڪچرار
هدايت پريم، جو اديب به هو ۽ جنهن جي انگلينڊ ۾
تعليم لاءِ مون سفارش ڪئي هئي. هدايت پريم کي جڏهن
مون ڪائي جوس (رس) آڇي ته هن مون کي ڄام صادق
عليءَ جي باري ۾ هڪ لطيفو ٻڌايو ته: ”مان پهريون
ڀيرون جڏهن ڄام صادق عليءَ جي لنڊن واري گهر ويس
ته هن پڇيو: ”ڇا پيئندين؟“ مون جواب ڏنو: ”ڪائي
جوس هجي ته بهتر.“ ان تي ڄام صادق عليءَ چيو: ”جي
جوس پيئڻي هئي ته منهنجي گهر ڇو آئين؟ هاڻي جي
وسڪي پيئن ته واهه، نه ته گڊباءِ!“ ڄام صادق علي
ان وقت جلاوطن هو.
مون هدايت پريم کي ٻڌايو ته ڄام صادق علي سنڌ جي روايتن جو
دلدادو آهي. هڪ ڀيري مان قاضي عبدالقادر سان گڏجي
هن جي گهر ويو هوس، قاضي عبدالقادر سنڌ جي
وزيراعليٰ جناب ممتاز علي ڀٽي جو پوليٽيڪل
سيڪريٽري هو، پر جڏهن غلام مصطفيٰ جتوئي سنڌ جو
وزيراعليٰ ٿيو ته ٻئي پاڻ ۾ ٺهي نه سگهيا ۽
عبدالقادر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. جڏهن کان بينظير ڀٽو
اختيار ۾ آئي آهي، تڏهن کان شايد هو سنڌ پبلڪ سروس
جو چيئرمين آهي. وسڪيءَ جو دؤر هلي رهيو هو،
غلام نبي ميمڻ، جيڪو ون يونٽ جي دؤر ۾ وزيرِ قانون
هو ۽ منهنجي ڪتابن تي بندش وڌي هئائين، اميد علي
قريشي جو رٽائرڊ ايس. اي هو ۽ علي نواز وفائي جي
اڳ ئي منهنجا دوست هئا، اتي ويٺا هئا. غلام نبي
ميمڻ ڀٽي جي دؤر ۾، ون يونٽ واري دؤر جي گورنر ملڪ
امير احمد جا ڳڻ ڳائي رهيو هو، ملڪ صاحب هيئن هو،
ملڪ صاحب هونءَ هو. مون کي غلام نبيءَ ۽ امير احمد
ٻنهي تي غصو هو، ڇو ته منهنجن ڪتابن تي بندش جا
ٻئي ذميوار هئا. مون غلام نبيءَ کان پڇيو: ”ملڪ
امير احمد کي پٽ گولي هڻي ڇو ماريو؟“ هو وسڪيءَ جو
گلاس ڳيت ڏئي پي ويو. ڄام، جنهن کي پس منظر جي ڄاڻ
هئي، مون کي ڪن ۾ چيو: ”اياز هاڻي ڇڏيس، پنهنجي
هوش ۾ ناهي.“ مان خاموش ٿي ويس. غالباً ان کان
ڪجهه وقت اڳ مان سخت بيمار ٿي پيو هوس ۽ جناح
اسپتال ۾ داخل هوس، ان وقت جمال ابڙو سنڌ پراونشل
اسيمبليءَ جو سيڪريٽري هو، هن جناب ممتاز علي ڀٽي
کي منهنجي بيماريءَ جي باري ۾ اطلاع ڏنو. ممتاز
ڀٽو ان وقت گهڻو ڪري سنڌ جو گورنر هو يا وزيراعليٰ
هو. ممتاز ڀٽي، ڄام صادق کي جناح اسپتال موڪليو
هو، جيڪو اچي ٿرٿلو مچائي ويو ۽ ڊاڪٽرن کي منهنجي
اهميت ڏيکاريائين، جو نه فقط مون کي اسپيشل وارڊ ۾
رکيائون، پر منهنجو وڌيڪ خيال به رکڻ لڳا. مون
هدايت پريم کي چيو: ” هدايت، مون کي ڄام صادق جي
هڪ ڳالهه نه ٿي وسري . هن مون کي چيو هو ته، هن جي
پيءُ ڪانڀو خان هن کي تلقين ڪئي هئي ته جي ڪوئي اٺ
سوار ڏسين ته ميل پنڌ ڪري هن جي آجيان ڪندو ڪر ۽
اٺ جي واڳ وٺندو ڪر. عجيب متضاد طبيعت وارو انسان
هو، چڱو ته ڏاڍو چڱو، نه ته سنگ چور نانگ وانگر
ڏنگيندو هو.
پوءِ هدايت اسان سان گڏجي اڌ لنڊن ڦريو، ڏسڻ جهڙي رڳو هڪ جاءِ
تي نه وياسين. هو ڪارڊ تي نڪتل ڪارل مارڪس جي قبر
۽ ان جي مٿان ڇپيل مارڪس جو فوٽو کڻي آيو هو ۽ مون
کي چيو هئائين: ”مارڪس جي مزار تي هلندين، هتان
ٽيهه ميل پري آهي.“ گوربچوف جي پيرسٽروئڪا پڙهڻ
کان پوءِ منهنجن نظرن ۾ مارڪس يا ڪميونزم جي وقعت
نه رهي آهي. مون هدايت کي چيو: ”هي ڪو مارڪس علي
شاهه آهي ڇا، جو ان جي مزار تي ٽيهه ميل پري هلي
دعا گهرون! مان ويست منسٽر ائبي ۾ شيڪسپيئر جي قبر
تي هلندس.“ ان کان پوءِ مگسيءَ اهو چئي موڪلايو ته
”سڀاڻي مون کي آفيس ۾ حاضر رهڻو آهي.“ ۽ هدايت
وعدو ڪري ويو ته هو سڀاڻي ايندو.
ٻئي ڏينهن تي اسان ويسٽ منسٽر ائبي وياسون، جتي
انگلينڊ جا ڪيئي بادشاهه ۽ اهم ماڻهو پوريل آهن.
پهرين ته اسان شاعرن جي ڪنڊ ڳولي لڌي. اتي چاسر ۽
ٽيني سن پوريل هئا. باقي شيڪسپيئر، ملٽن، ڪيٽس ۽
ٻين بي تعداد شاعرن جا يادگار اُڀا بيٺا هئا. اهو
ڏسي مون کي هڪ يوناني دانشور جو قول ياد آيو:
”سڪندر اعظم پنهنجي يادگار لاءِ هڪ سونو سڪو ڇڏيو
هو. سڪي جي هڪ پاسي سڪندر جي تصوير اڪريل هئي ۽
ٻئي پاسي استغراق جي عالم ۾ هڪ فلاسفر جي ۽ ٻئي
پاسا هڪٻئي سان ملي نه ٿي سگهيا ۽ نه ڪڏهن مليا.
فلسفي ۽ حاڪم هڪ ٿين، اها ناممڪن ڳالهه آهي.
شيڪسپيئر جي باري ۾ اڪثر اهو چيو ويو آهي ته هو
پنهنجا شاهڪار تاريخ جي ٻئي ڪنهن دؤر ۾ نه لکي
سگهي ها. انگريز تهذيب جا ڪيترائي پهلو هن جي
دؤر ۾ شگفته ٿي پيا هئا. ايلزبيٿ جي دؤر جا
انگريز نهايت ڦڙت هئا، هنن پراڻا تعلقات ڇني ڇڏيا
هئا ۽ نوان اڃا پيدا نه ڪيا هئا. ايلزبيٿ جي دؤر
۾ ازمنهءِ وسطيٰ
(Medivial Times)
جي سوچ کي رد ڪيو هئائون. اکٽ سونجهه ۽ پڇ پڇ سان
جديد دنيا کي ڏٺو هئائون. تنهن وقت تائين اهي
جنگيون ختم ٿي چڪيون هيون، جن انگلينڊ کي يورپ جي
سجاڳيءَ ۾ شموليت کان جهلي بيهاريو هو. ايلزبيٿ
تخت تي هئي ۽ تعليم فقط شرفاءَ جي اولاد لاءِ نه
هئي. پر غريب غربي جا ٻار به پڙهي ٿي سگهيا. رئلي
۽ ڊريڪ (Raleigh and Drake)
نئين نئين ملڪ جي
ڳولها ڦولها ڪري، مادي ۽ ذهني حاصلات آڻي رهيا هئا
۽ دانشوري پنهنجي چوٽ تي چڙهي چڪي هئي. ان دؤر
فرانسز بيڪن جهڙا دانشور پيدا ڪيا. گيو آرڊينو
برونو (Gio Ordion Brono)
آڪسفورڊ ۾
هيلوسينٽرڪ
(Helio
Centric)
نظرئي تي ليڪچر ڏيندو هو. جنهن ۾ هن دينيات جي
پراڻي نظرئي کي رد ڏنو هو، جنهن موجب انسان ئي
ڪائنات جو مرڪز سمجهيو ويندو هو. هاڻي بهشتِ برين
ڏاڍو پري وڃي رهيو هو ۽ ڌرتي وڌيڪ حقيقي هئي. ڌرتي
جنهن تي اسان جا پير کتل هئا. جنهن تي انگريز
سرڪار کي استحصال لاءِ لاتعداد موقعا هئا. اها هئي
انگريز احيا
(Renaissance)
۽ شيڪسپيئر جي دنيا، جنهن کي هن پنهنجن ڊرامن ۾
امر ڪيو هو.
پر شيڪسپيئر جي جينيس تي فقط هن جو دؤر ڇانيل نه هو. هر دؤر هن
۾ نوان اقدار ڏٺا آهن. هو فقط پنهنجي دور لاءِ نه
هو، پر ابدي هو. مون هن جي اڳيان ڪنڌ جهڪايو، جنهن
جا هڏا به ڀڄي ڀُري ويا هوندا.
ساڳيءَ طرح مون دهليءَ ۾ غالب جي سنگ مرمر جي مزار جي ڏاڪڻ تي
ويهي فوٽو ڪڍايو هو ۽ ان جي عظمت جو اعتراف ڪيو
هو. جنهن جي قبر ته دهليءَ ۾ رهجي وئي، پر جنهن
جي شاعري ڪراچيءَ کان مالاڪنڊ تائين گونجي رهي
آهي. اهو فوٽو ’نئين زندگي‘ رسالي ۾ مرحوم مولوي
عبدالله ڇاپيو هو. پر هاڻي منهنجي البم ۾ ان جي
ڪاپي به نه رهي آهي.
پنهنجي دؤر ۾ شيڪسپيئر ڪيڏي نه رنگا رنگ زندگي ڏٺي هئي! لنڊن ان
جو مرڪز هئي.
شيڪسپيئر سان هن جا همعصر ڪيڏو نه ساڙ ڪندا هئا، هن جي شهرت ڏسي
سڙندا هئا. اشتهار ڇپرائي هن کي گاريون ڏنيون
ويون هيون ۽ هن تي غداريءَ جا الزام مڙهيا ويا
هئا. پر اڪثر ماڻهو هن جي خلاف نه هئا، رڳو شاعر
۽ ڊراما نگار پنهنجي باهه ۾ سڙندا هئا. هو شاعر،
ڊراما نويس ۽ ائڪٽر هو.
مون حيرت سان سوچيو ته زندگيءَ جو ڏک سک ڪيترو نه عارضي آهي.
مون کي هڪ رات ڏند ۾ ڏاڍو سور هو ۽ ٻئي ڏينهن
مان سور جون گوريون وٺي، سکر ۾ سٽي ڪورٽ وٽ بيٺو
هوس ته علي احمد بروهي مليو. ڳالهيون ڪندي، مون
علي احمد بروهيءَ کي چيو: ”ٻڌ ته بروهي، رات مون
کي ڏند ۾ سور هو ۽ ننڊ نه پئي آئي. هاڻي سور لهي
ويو آهي، ڪهڙي ثابتي آهي ته ڏند ۾ سور هيو يا
نه؟“ هن کي اها ڳالهه ڏاڍي وڻي ۽ موڪلائيندي
چيائين: ”تون واقعي فلاسفر آهين!“
شيڪسپيئر جي دؤر ۾ پليگ (مهامريءَ) لنڊن ۾ ڏهون حصو ماڻهو ماري
ڇڏيا هئا، پر وري زندگي ساڳئي نموني روان دوان
ٿي وئي هئي. ٿيئٽر کلي ويا هئا ۽ اداڪارن وري
جماعتون ٺاهيون هيون ۽ شيڪسپيئر وري به ناٽڪ لکڻ
لڳو هو. ماضي هڪ خوابِ پريشان وانگر ٿي لڳو،
جيئن مون کي پاڪستان جي آمريت وارو دؤر لڳندو
آهي، جيڪو هڪ نظرياتي پليگ ۾ وچڙيل هو.
مون ڪٿي پڙهيو هو ته شيڪسپيئر جو سيڪنڊ ارل آف اسيڪس
(Second Earl of Essex)
سرپرست هو ۽ هن شيڪسپيئر جي پيءُ کي ڪوٽ آف
آرمس
(Coat of Arms)
اعزازي طور ڏياريو هو. هو راڻيءَ جو لاڏلو هو،
پر هن کي اقتدار جي هوس جلاد جي اڏيءَ تائين
پهچايو. هن کان پوءِ هن شيڪسپيئر جي غم زده
زندگي شروع ٿي. مئڪبيٿ جا هيٺيان لفظ هن جي روح
جي تاريڪ ترين گوشي مان نڪتا آهن. جي مون کي
پاڪستان جي هر آمر جي موت کان پوءِ ڏاڍو ياد آيا
هئا.
Life is but walking shadow, a poor player, that Struts and
frets his hour upon the stage, and Then is
heard no more, it is a tale twice told by an
idiot, Full of sound and fury, sinifying
nothing.
ترجمو: (زندگي هڪ گهمندڙ ڦرندڙ پاڇو آهي ۽ هڪ بيڪار کيڏاري آهي،
اهو پنهنجي مختصر عمر لاءِ سيٽجي ۽ پوسرجي رنگ
منچ (اسٽيج) تي هلي ٿو. ۽ پوءِ وري ٻڌجڻ ۾ نه ٿو
اچي. اها (زندگي) اهڙي ڪهاڻي آهي جا ڪنهن ڀوڪ ٻه
ڀيرا ٻڌائي آهي ۽ جا لڙ ڪاوڙ سان ڀريل آهي. جنهن
کي ڪا معنيٰ نه آهي.)
|