سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر

شيخ اياز

صفحو : 15

 

مير آف خيرپور ۽ پير پاڳاري جون زمينون مارشل لا ريگيوليشن جي زد ۾ اچي ويون. پر علي محمد راشديءَ جي هڪ انچ به زمين نه وئي. هن جو ڀاءُ پير حسام الدين شاهه راشدي منهنجو ڪافي گهرو دوست هو. هن جي مانيءَ جي دعوت ۾ هن، غلام رباني آگرو، مولوي عبدالله ۽ اردوءَ ۾ پنج جلدي تاريخ سنڌ جي مصنف مولوي قدوسيءَ سان ڊگهيون ڪچهريون ٿينديون هيون ۽ جڏهن آغا بدرالدين دراني جي ڳڙهي ياسين جي فارم تي ائن ميري شمل سان ويو هو ته مون کي گڏ وٺي هليو هو.

علي محمد شاهه راشدي هڪ ڀيري مون کي چيو ته : ” فلاڻي کي مون چيو ته شاهه لطيف کان تون وڏو شاعر آهين.“

هن چيو ته : ” اهو وڌاءُ آهي.“ تنهن تي مون وراڻيس ته : ” وڌاءَ جا ٽي سبب ٿي سگهن ٿا : هڪ ته مون کي سنڌي ٻولي نه ايندي آهي. ٻيو ته مون شاهه لطيف کي نه پڙهيو آهي ۽ ٽيون ته شاهه لطيف جي پوين سان منهنجو ڪوئي ملڪيت جو تڪرار آهي.“

مون راشديءَ صاحب کي چيو ته : ” سائين، مان ڀٽائيءَ جي پيرن جي خاڪ، جي ڀٽائي نه هجي ها ته منهنجي شاعري وجود ۾ ڪيئن اچي ها. توهان اهو چئي سگهو ٿا ته مان ڀٽائيءَ جو تسلسل آهيان، پر اها ٻي ڳالهه آهي، هن سان همسريءَ جو اظهار نه آهي. بهرصورت مون کي اوهان جي ڪيس جي في ملي وئي.“ مرحوم علي محمد شاهه راشديءَ منهنجي پٺيءَ تي هٿ هڻي چيو ته: ”پنهنجو پاڻ سڃاڻ، اٿي قيمت سندو قطرو. توکي ڪهڙي خبر ته تو ۾ اڃان ڪهڙو خزانو دفن آهي.“

مون چيو: ”سائين، ڀٽائي ولي الله هو، مون گنهگار جي هن سان ڪهڙي ڀيٽ آهي؟“

علي محمد شاهه جواب ڏنو: ”اها ٻي ڳالهه آهي.“ پر پوءِ ٽهڪ ڏئي چيائين: ”تجهي هم ولي سمجهتي جو نه باده خوار هوتا.“ مون ڀانيو ته راشدي مون تي طنز ڪري رهيو آهي.

قاضي اڪبر جڏهن اسپين ۾ پاڪستان جو سفير هو، تڏهن منهنجي هن سان گهرائپ گهٽ هئي ۽ رڳو ڪجهه سال اڳ پنهنجي اورينٽ هوٽل ۾ مون کي چانهه پيئندو ڏسي، هو مون سان هم ڪلام ٿيندو هو ۽ هڪ ڀيري چيو هئائين: ”نوجوان، ڏسان ٿو ته تون اها خدا سان سرڪشي ڪيترو وقت ڪري ٿو سگهين!“ جڏهن هو سفارت جي عهدي تان استعفيٰ ڏئي آيو، تڏهن مون هن جي ڄام شوري ۾ دعوت ڪئي هئي. ان کان پوءِ هو هر هفتي پنهنجي گهر منهنجي دعوت ڪندو هو ۽ پنهنجي گوناگون زندگيءَ جا تجربا ٻڌائيندو هو.

هي مير رسول بخش ٽالپر آهي، جيڪو گجرات جيل مان ڪراچيءَ جيل ۾ بدلي ٿي آيو هو. جنهن سان مون کي ساڳئي سيل ۾ رکيو هئائون. ٻنهي جي ڪراچي هاءِ ڪورٽ ۾ رٽ پٽيشن هلڻي هئي. هو پنهنجي جيل راشن جا روزانه مليل پئسا مون کي ڏئي ڇڏيندو هو ۽ مون کي جيڪي وڻندو هو، سو گهرائيندو هوس. مير صاحب فقط منجهند جو ٽماٽن سان ماني کائيندو هو ۽ چوندو هو ته نه هو ناشتو ڪندو آهي ۽ نه رات جي ماني کائيندو آهي. اسان وٽ سرڪاري مشقتي هو، جيڪو بورچيءَ جو ڪم به ڪندو هو. هن کان جڏهن مون احوال ورتو ته، هن ٻڌايو ته: ”ڪنهن جرم لاءِ ڪورٽ کيس نوَ مهينا ٽيپ ڏني هئي. هڪ ڀيري مان هن کي چيو ته: ”تون لکڻ ڄاڻين.“ هن جواب ڏنو ته: ’ها!‘

مون هن کي چيو ته: ”لک، مون کي هي شيون پنهنجي اڪائونٽ مان گهرجن“

مان هن جا انگريزيءَ ۾ اکر ڏسي حيران ٿي ويس. ڪو ڪاتب به اهڙا سهڻا اکر لکي نه سگهندو. هن پنهنجي غلطي محسوس ڪندي چيو: ”اياز صاحب! مون مئٽرڪ پاس ڪئي آهي ۽ پنهنجي ڪتابت تي ڏاڍي مشق ڪئي آهي. مون کي پڪ ٿي وئي ته هو سي. آءِ. ڊيءَ جو هو ۽ ان ڪري هن کي اسان تي مسلط ڪيو هئائون. مير صاحب جو ايوب خان تي گارين جو ڦهڪو پوندو هو. مون هن کي ان لاءِ مشقتيءَ جو احوال ڏنو، ”مير صاحب چيو ته: ”جيل ۾ ته اڳي ئي آهيون. ايوب خان وڌيڪ ڇا ڪندو.“

رسول بخش پليجو ۽ حفيظ قريشي حيدرآباد مان ٽرانسفر ٿي آيا. انهن جي سيل ڊاڪٽر رشيد حسن خان (مائواسٽ ليڊر) ۽ راحت حسين ڪاظمي، جو پوءِ بينظير جي ڪئبنيٽ مرڪزي هيلٿ منسٽر ٿيو ۽ جيڪو ماسڪو نواز هو، به هنن سان گڏ هيا.

هڪ ڏينهن اسان جيل ۾ ڀٽي جو ڏينهن ملهايو ۽ سڀني سياسي قيدين جي دعوت ڪئي. حفيظ قريشيءَ چيو ته: ٻاهران هن جو سمگلر دوست قاسم ڀٽي کاڌي خوراڪ لاءِ شيون موڪليندو. شام جو جڏهن مير صاحب جيل جو چڪر ڏئي رهيو هو، تڏهن اسان واري سيل ۾ غلم وڇايو ويو ۽ ويهارو کن سياسي قيدين جي دعوت ڪئي وئي. تقريرون ٿيون ۽ مون کان انقلابي شعر پڙهايا ويا. سڀني جي اڳيان ڪافي، بسڪيٽ، ڪيڪ ۽ سڪو ميوو رکيو ويو. پوءِ خبر پئي ته اهي سڀ مير صاحب جا ها، جيڪي هو ڪٻٽ ۾ رکندو ويندو هو ۽ ناشتي ۽ رات جي مانيءَ بدران کائيندو هو.

هي ريشم آهي. جنهن منهنجي شاعريءَ کي ڪيئي پٽ جا جوڙا پاتا آهن ۽ جا کوجا قبرستان ۾ دفن آهي. هوءَ سنڌ جي پهرين جديد شاعره هئي. هن کان اڳ ۾ ڪي اڻ پڙهيل سگهڙياڻيون ٿيون هيون، جن جا نالا ’داسي‘ ۽ ’مرکان سيخڻ‘ هيا. ريشم ساٿي رسالي جي، سندري اتم چنداڻي ۽ ٻين ٻن سان گڏ ايڊيٽر هئي. هن جا هيٺان ٻه نظم ’ساٿي‘ جي نمبر ۾ ڇپيا هئا، جو ٽن سؤ صفحن تي مشتمل هو ۽ جو مون وٽ لائبريريءَ ۾ ڪونه آهي. انهن ٻن نظمن جون پهريون سٽون هيون:

پهريون: ’هن دنيا جي ويرانيءَ ۾ منزل ملندي يا نه؟‘

ٻيو: ’مکڙي ڇا کان شرمائي؟‘

ان کان پوءِ مون، هن جا ٻيا ٻه نظم پنهنجي رسالي ”اڳتي قدم“ ۾ ڇاپيا ها، جيڪو مان پنهنجي دوست لڇمڻ راجپال جي مدد سان ڪڍندو هوس. (لڇمڻ مون کي بمبئيءَ ۾ مليو هو. گهڻو ڪري انڪم ٽيڪس ڪمشنر ٿي رٽائر ٿيو هو.) انهن نظمن ۾ هڪ نظم آهي:

گهرو احساس

آءُ ته مان توکي بهلايان،

نغمي جو جادوِ ڦهلايان

هلڪا هلڪا شيرين شيرين

توکي ڪيئي گيت ٻڌايان،

خاموشيءَ جون لهرون چيري،

تن جي سيني تي لهرايان،

ڳايان ڳايان تيسين ڳايان،

جيسين پنهنجي دل ۾ ڀانيان،

 

دنيا ساري خواب

ساٿي

دنيا ساري خواب

اونداهيءَ ۾ جيڪا دهڪي

تاري جيئن دل منهنجي آهي.

پنهنجي هستيءَ کان گهٻرائي

چانڊوڪيءَ کي هر دم چاهي

تارو اوندهه ۾ هوندو آ

چانڊوڪيءَ ۾ هوندو ناهي

دوري ۽ مجبوري ڇا کان،

گڏجي پنهنجي دنيا ٺاهي

تارو ۽ مهتاب

ساٿي ساري دنيا خواب

 

هوءَ جا هاڻي خواب عدم ۾ آهي. ان جو ٻيو نظم آهي، جيڪو ’بيوس‘ جي انداز ۾ آهي.

او ساز زندگيءَ جا!

سُرَ ٿو سوين سڻائين

هر تار ٿو وڄائين

ڪنهن وقت ٿو کلائين

منهن زرد دل دکي آ،

ڪنهن وقت کل خوشيءَ جا،

ڇيڙين پيو ترانا

سمجها نه مون نرالا

آواز زندگيءَ جا،

او ساز زندگيءَ جا!

او ساز زندگيءَ جا!

 

يا عيد هئي وطن ۾

۽ چاندني چمن ۾

يا دور ديس کان هان

۽ آ اَماس من ۾

کولي نه ٿو ٻڌائين

پر راز زندگيءَ جا

او ساز زندگيءَ جا!

 

ڪنهن وقت ڏس ته ڳوڙها

ڄڻ ٿي ڏسان سپن ۾

انداز زندگيءَ جا،

او ساز زندگيءَ جا!

 

اڳ پوءِ ڏي نهاريون

۽ آس تي گذاريون

ڪلهه کي نه جي ساريون

کِن ۾ سوين مڪاريون

لک ناز زندگيءَ جا

او ساز زندگيءَ جا!

 

پر هن جي زندگي جو، جنهن جو وجود سراپا موسيقي هو، ساز اوچتو ٽٽي پيو ۽ جيڪي نغما انهن تارن ۾ سمايل ها، سي اڀري نه سگهيا ۽ هميشه لاءِ خاموشيءَ جو حصو ٿي ويا.

هي جمال صديقي آهي، جيڪو وڪالت ۾ منهنجو پهريون پارٽنر هو  ۽ آخر تائين هم پيالا ۽ هم نوالا دوست به رهيو ۽ سکر ۾ وفات ڪري ويو.

هي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي آهي. جنهن بزم صوفياء جي پهرين گڏجاڻيءَ ۾ چيو هو: ”سيد! هيءَ ڪهڙي چريائپ آهي. صوفي سڀ مري کپي ويا. هي سوشلزم جو دؤر آهي، تو ڇا جي بزم صوفياء ٺاهي آهي؟“ جنهن تي مون سيد کي ٽيڪ ڏني هئي ۽ چيو هوم ته: ”صوفي ڪميسار کان بهتر آهي، جو هن ۾ خوفِ خدا آهي ۽ ان ڪري هو ڪنهن تي ظلم نه ڪندو. اهو نالو بهتر آهي. ڪافي وقت لڳندو جو هن حڪومت کي خبر پوندي ته هي چريا صوفي ڪير آهن؟ ۽ کين ڇا گهربو آهي؟“

هي ع. ق. شيخ آهي. جنهن منهنجي ڪجهه ڪتابن جا سرورق ٺاهيان آهن. هن جي ڌيءُ ڊيلان ريشم جي ساهيڙي هئي ۽ منهجي دوست عبدالستار جي پهرين زال، جيڪو مون سان گڏا يل. ايل. بي پڙهندو هو ۽ پوءِ ڪراچي هاءِ ڪورٽ جو ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل هو. ع. ق. شيخ سان منهنجون محمد ابراهيم جويو جي صحبت ۾ ملاقاتون هيون. پر جڏهن مان وائيس چانسلر هوس، تڏهن مان، محمد ابراهيم جويو، مراد علي مرزا ۽ آغا نور نبي گڏ کائيندا پيئندا هئاسين. ع. ق. شيخ هر روز پنهنجي ڪمري ۾ رکيل شيون ڦيرائي رکندو هو، تنهن ڪري ڪمرو نئون نظر ايندو هو. هن جي ڪمري ۾ ٿوريون شيون هونديون هيون. هن جون ڪجهه نڪتل تصويرون، ڪئلينڊر ۽ ٻه ٽي چينيءَ جون شيون هونديون هيون. هن کي ڏسي مون کي فيض احمد فيض جو اهو شعر ياد ايندو هو، جو مونس بار بار دهرائيندو هو.

پيو که مفت لگادي  هي خونِ دل کي کشيد

گران هي اب کي مئي لالھ فام کهتي هين.

هو کٽ جي هيٺان ديسي جِن جي بوتل ڪڍندو هو، جو ان مان  علاو الدين  جي جن وانگر نڪري ايندو هو. مون کي اڌ پيگ ڏيندو هو. مان ديسي شراب نه پيئندو هوس، لاچار هن جي دل رکڻ لاءِ پي ويندو هوس. ع. ق. شيخ پوءِ پنهنجي رهائش واري جاءِ پنهنجي ڀيڻ کي موٽائي ڏئي پاڻ وڃي حيدرآباد جي قبرستان جي ڀرسان جاءِ ٺهرائي هئائين. جتي هو جيئرن دوستن کان ڪٽجي ويو هو، رڳو نور محمد کوجو هن وٽ ويندو هو. جڏهن چنڊ قبرستان تي اڀرندو هو، جنهن سان مصوريءَ جي دوران هن محبت ڪئي هئي. ان جون يادگيريون ڪنهن قبر تي ڪتبي وانگر ٻڌائيندو هو ۽ غالب جو غزل پڙهندو هو:

مدت هـــــــوئي هئي يار کو مهمان کئي هوئي

جــــوش قــــــدح سي بزم چراغان کئي هوئي

ترجمو: (مدت ٿي آهي جو يار مهمان ٿيو هو

۽ جام ۾ ايترو جوش هو جو بزم  ۾ ڏيئا ٻري ويا هئا.)

هو هڪ نهايت نهٺو انسان هو، پر زماني جي بي اعتباريءَ ۽ دوستن جي بي پرواهيءَ جو شاڪي هوندو هو. جڏهن مان عبدالستار سان گڏ پڙهندو هوس ته عبدالستار مون کي هن جا ڪجهه نثر جا ٽڪرا ٻڌايا ها، جي جيڪڏهن سعادت حسن منٽو، عصمت چغتائي ۽ راجيندر سنگهه بيدي ٻڌن ها ته هنن کي پگهر اچي وڃي ها. پر هن جي پيري، تنهائيءَ ۾ ايتري مجبور هئي جو ڀٽائيءَ جو هيٺيون بيت بي اختيار ياد اچي ويندو هو:

”پنڌ نه پنڌن جيترو، ڪيئن سجهندي ڪيهه،

جيــڪر ڪريان ريهه، چوندا منڌ چري هئي.“

هن پڇاڙيءَ تائين ڪيهه نه ڪئي ۽ هن جو پنڌ پڄي ويو. مان هن جي قبر تي ويو هوس ته ڀٽائيءَ جو هيٺيون بيت بار بار منهنجي چپن تي آيو هو:

”ڀر ڀنجهوءَ ويهي، ڪهڙيون ڪندي ڳالهڙي،

خبر نه پيئي، ته ڏاج ڏنس ڪيترو.“

اهو ڀٽائيءَ جو ڪمال آهي، جو قبر کي ونيءَ جهڙي خوبصورت تشبيهه ڏني اٿس.

هي ڪامريڊ اشرف آهي، جو مون سان ۽ هڪ اردو شاعر ساحل بلگراميءَ سان گڏ مرينا هوٽل ۾ اڌ رات تائين پيئندو هو ۽ بل پاڻ ڀريندو هو. هو اسان کي مجاز، جوش ۽ فراق جا لطيفا ٻڌائيندو هو. جن مان ڪجهه جوش مليح آباديءَ پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ”يادون کي برات“ ۾ لکيا آهن.

اشرف هڪ رومانوي اشتراڪي هو ۽ پراسراريت هن کي وڻندي هئي. هن بندر روڊ تي هڪ هندو واپاري جي آفيس هٿ ڪئي هئي، جتي هو ڪميونسٽن جي گڏجاڻي رکندو هو. هڪ ڀيري هن 555 سگريٽن جو دٻو اونڌو ڪري، ان مان هيٺينءَ پنيءَ سوڌا سڀ سگريٽ ڪڍي، ان جي هيٺان گڏجاڻيءَ جي ايجنڊا رکي ته متان سي. آءِ. ڊيءَ وارا اوچتو ڇاپو هڻن. ٻئي ڀيري هن حيدر بخش جتوئي جي دوست هاري ليڊر عبدالقادر ۽ منهنجي بندر روڊ تي ڪنهن بار ۾ دعوت ڪئي. جڏهن نشي ۾ ڌت هئو، تڏهن هو چئي رهيو هو:

Sonara, I have served thee in my own fashion.

(سونارا شاعر جي محبوبه جو نالو) مون تنهنجي پنهنجي طريقي سان خدمت ڪئي آهي.)

هن جو مطلب هو ته هن ڪامريڊن کي پياري، پارٽيءَ جي خدمت ڪئي هئي. مون اها سِٽ ڪنهن انگريزيءَ جي ڪتاب ۾ پڙهي هئي، جا شايد رابرٽ سئسون (Robert Sasoon)  جي هئي، جو پهريون جنگِ عظيم ۾ ماريو ويو هو ۽ جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ وقت پنهنجي محبوبه کي مخاطب ٿي چئي هئائين.

اشرف پيارو دوست هو. هُو مون کي نيپيئر روڊ تي هڪ رقاصه مقصوديءَ وٽ وٺي هلندو هو، جا نواب رام پور جي داشته رهي چڪي هئي ۽ اردوءَ جي شاعره به هئي. هُو هُن وٽ ٻه ٽي ڪلاڪ ويهي، هن جا غزل ٻڌي داد ڏيندو هو ۽ هن کي ٻه ٽي سوَ رپيا ڏئي ايندو هو. اشرف ڪافي وقت مون سان گذاريندو هو ۽ منهنجي اردو شاعريءَ جو مداح هو، جا مان ترقي پسند مصنفين جي انجمن ۽ حلقهءِ اربابِ ذوق ۾ پڙهندو هوس. هن جي چوڻ تي مون کي انجمن ترقي پسند مصنفين جو وائيس پريزيڊنٽ ڪري کنيو هئائون. انجمن جو سيڪريٽري ظهور نظر هو، جنهن جي باري ۾ مون ’جڳ مڙيوئي سپنو‘ ۾ لکيو آهي.

هڪ ڀيري انجمن، هندوستان جي مشهور اشتراڪي شاعر سردار جعفريءَ جي دعوت ڪئي. اهو 1947ع جو زمانو هو. سردار جعفريءَ تقرير ڪندي چيو: ”پاڪستاني شاعر فاشزم کان دور رهن.“ته هڪ نوجوان اردو اديب هن کان پڇيو: ” علامه اقبال، لينن جو ترانو لکيو آهي، ڇا هن جي شاعريءَ ۾ فاشزم هئي؟“ ”ها، منهنجي جان هئي.“ سردار جعفري جواب ڏنو.

پر هڪ ڳالهه نه ٿي وسري. هڪ ڀيري اشرف مون کي ميري ويدر ٽاور جي ڀرسان هڪ فارين بئنڪ غالباََ گرئنڊ ليز ڏانهن وڪٽوريه گاڏيءَ ۾ وٺي هليو. ڇوته اتي هن جو هڪ اينگلو انڊين ڇوڪريءَ مارگريٽ سان لنچ لاءِ وقت رکيل هو. مارگريٽ جا بئنڪ ۾ ملازمه هئي. بئنڪ جي ٻاهران هن سان هڪ لڳي پندرنهن منٽن تي ملڻي هئي. اشرف وڪٽوريا واري کي ڪرايو ڏنو ۽ اسان ٻئي بئنڪ ٻاهران ٽين وڳي تائين بيٺا رهياسين، اوچتو ڪارونڀار ڇانئجي ويو. مينهن به چوي اڄ نه پوان ته ڪڏهن پوان! اسان ڀڄي وياسين. هڪ ٽين جي پڙچ هيٺان بيهي رهياسين. اوچتو مارگريٽ هڪ انگريز سان وڪٽوريا مان لٿي ۽ اشرف کي ڏٺو نه ڏٺو ڪري بئنڪ ۾ هلي وئي. اشرف ٿڌو ساهه ڀري مير جو هيٺيون شعر پڙهيو:

”ياد اس کي اتني خوب نهين مير باز آ،

نـــادان پهر وه جسي بهلايا نه جائي گا.“

ان ڳالهه مون کي شيڪسپيئر جي ”جيئن توکي وڻي“ (As you like it)  مان، ان جي ڪردار آرلنڊو جي سٽ ياد آئي ته ، ”ڪيڏو نه تلخ تجربو آهي جو خوشي ڏانهن ٻئي ڪنهن جي اکين سان ڏسجي!“

پوءِ اسان پنڌ موٽي آياسين. ڪجهه وقت کان پوءِ هو گذاري ويو. هڪ ڀيري هو منهنجي فليٽ ۾ آيو (ان وقت مان ۽ حشوءَ جو سؤٽ ماڌو ان فلئٽ ۾ رهندا هئاسين ۽ چيائين ته پوليس هن جي گهر تي هن جي ڀاءُ شرف کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپو هنيو هو، پر هُو ڪوٺو ٽپي روپوش ٿي ويو. شرف، صحيح معنيٰ ۾ هڪ ڪميونسٽ هو. جنهن جي پارٽيءَ سان بيحد وابستگي  هئي. هُو گرفتاريءَ جي ڀوَ کان اوڀر پاڪستان ڀڄي ويو ۽ تيستائين اوڀر پاڪستان جي ڪميونسٽ پارٽيءَ سان گڏ ڪم ڪندو رهيو، جيستائين بنگلاديش نه ٺهيو.

هڪ ڀيري مان وئڪيشن ۾ زرينا سان گڏجي بئمبينو سئنيما تي ويو هوس ته اتي مون کي ڪامريڊ شرف ملي ويو. هن کي بنگلاديش جي ڪامريڊن بچائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر انهن ۾ جيڪي قوم پرست ها، هن جي برخلاف ٿي پيا. هن بنگلاديش ۾ خونريزيءَ جا لرزه خيز داستان ٻڌايا. ڪراچيءَ ۾ هو ريڙهيءَ تي سبزي وڪڻي ٻارن جو پيٽ پاليندو هو.

منهنجو ڪافي هائوس جو ساٿي عمر عابد زبيري، جيڪو فيڊرل سيڪريٽري مسرت حسين زبيريءَ جو ڀائيٽو هو، جنهن جي معرفت منهنجي ٽراٽسڪائيٽ موسيٰ بام جيءَ سان واقفيت ٿي هئي. سو به اوڀر پاڪستان ۾ سرگرم سياسي ڪارڪن هو ۽ موٽي اچي بنگلاديش تي ڪتاب لکيو هئائين ۽ ڪجهه وقت اڳ گذاري ويو آهي.

هي محمد امين کوسو آهي، جو هوٽلن ۾ مهينن جا مهينا ٽڪيو پيو هوندو هو ۽ جيڪڏهن پئسو نه هوندو هوس ته اوڌر تي ضيافت ڪندو هو، نيٺ ڳوٺان پئسا گهرائي، يڪو ئي بل ادا ڪندو هو. هن حشوءَ کان فلسفي اسپينسر (Spencer)  تي ڪتاب وٺي، مهيني ۾ پورو ڪيو ۽ تيستائين هن جي هوٽل جو بل ڪتاب جي قيمت کان ٽيهارو ڀيرا وڌي ويو.

هي ڪامريڊ جمال الدين بخاري آهي، جنهن پنهنجي ترقي پسنديءَ جي ثبوت لاءِ هڪ هندو عورت شانتيءَ سان شادي ڪئي هئي. جڏهن سندس پٽ مون سان لاڙڪاڻي ۾ گڏيو هو، تڏهن جماعت اسلاميءَ جو ميمبر هو. ترقي پسندن کي ڄڻ هن جي ڏاڙهي ڏاڙهي رهي هئي.

هي مولوي عبدالله آهي، جو ’نئين زندگي‘ رسالو ڪڍندو هو ۽ جو ڊاڪٽر ذاڪر حسين سان جامع مليءَ ۾ رهيو هو ۽ جنهن جو تڪيو ڪلام  ’ڇڏ زوراور‘ هوندو هو. هن تي مون گمبٽ ۾ هڪ غزل به لکيو هو، جيڪو اڃان غلام ربانيءَ کي ياد آهي. مولوي عبدالله، پير حسام الدين شاهه راشديءَ ۽ سينيٽر حسين شاهه راشديءَ جو دوست هو. جڏهن کيس ڪائي بلو فلم ڏيکاريندا هئاسين ته هُو سٿرن ۾ هٿ وجهي ٽنگو سيڪڙيندو هو ۽ جيڪڏهن فلم اڌ ۾ بند ڪندا هئاسين ته ڇرڪ ڀري چوندو هو ’ڇڏ زوراور! باقي به ٿي وڃي.‘ هو امير حمزي جي داستان مان عمر خيام جي زنبيل وانگر ويهه سير وزني ٿيلهو پاڻ سان کنيو وتندو هو، جنهن ۾ ڪيئي اخبارون، رسالا ۽ هن جا ڇپيل ڪتاب هوندا ها. هن جي بي خوديءَ واري موجودگي، ڪوري ڪاغذ وانگر سادي ۽ هلڪي هوندي هئي.

هي عبدالقدوس قدوسي آهي، جنهن مون وٽ يونيورسٽيءَ ۾ تاريخ سنڌ جا پنج حصا آندا ها ته انهن تي هن کي پي. ايڇ. ڊي ڊگري ڏيان. اهو به پير صاحب جي حلقي جو ماڻهو هو ۽ سينيٽ جي فيصلي کان اڳ گذاري ويو. جي کيس ڊگري ملي وڃي به ها ته ڇا ٿئي ها؟ گذاري ته هونءَ ئي وڃي ها پر فريم ٿيل ڊگري هن جي گهر جي ديوار تي ٽنگي رهي ها. ڇا ڪي ماڻهو پنهنجي سنگ لحد تي به ايم. اي.، پي. ايڇ. ڊي لکن ٿا؟

هي ڪامريڊ پوهو آهي. جنهن وٽ مان روپوشيءَ دوران ويندو هوس، جو هر ڀيري شڪايت ڪندو هو ته سندس ورتل شيئرس جي قيمت ڪِري پئي آهي. پڇاڙيءَ ۾ به اها ڳالهه ڪندي، غالباً 1970ع ۾ گذاري ويو. مون هن کي هڪ ڀيري چيو هو ته: فلاڻي عورت هن جي زندگيءَ جي وارياسي ۾ اڪيلو گل آهي، ته هو منجهي پيو هو. چڱو جو هن کي اُهو ڏينهن ڏسڻو نه پيو ته انهيءَ گل جون واڇون ٽڙيل پکڙيل پنکڙين وانگر ٿيون لڳن ۽ هوءَ هڪ گل جهڙي ڪنواري ڇوڪري نه رهي آهي. پر هڪ سس آهي، جنهن کي ٿوهر جي شاخ جهڙي زبان آهي. ان وقت غلام رباني آگرو ٽهڪ ڏئي ويٺو هو. جڏهن به پوهوءَ جي ڳالهه نڪرندي آهي ته هو اها سٽ دهرائي ٽهڪ ڏيندو آهي. ٽهڪ ربانيءَ جي زندگيءَ ۾ ائين هيا جيئن سٽوڙيءَ جي زندگيءَ ۾ سِڪا هوندا آهن، جي هُو مٺيون ڀري اڇليندو آهي.

هُو منهنجو پيارو دوست نعيم صديقي آهي، جيڪو بحرين ۾ گذاري ويو ۽ جنهن جي باري ۾ مون اڳيئي لکيو آهي.

هو منهنجا هندوستان ۾ سنڌي دوست سڳن آهوجا، نارائڻ شيام، موهن ڪلپنا، هري ڪانت، هروسدارنگاڻي، تيرٿ وسنت ۽ حشو ڪيولراماڻي آهن، جيڪي به گذاري ويا آهن ۽ انهن کي ياد ڪري ڀٽائيءَ جو هي بيت ٿو ياد اچي:

ڳچيءَ واريو ٻانهن، ويٺي روئي وڇن سين،

لايان لال لڱن کي، اَئين جي چرو ڪانهن،

آءٌ اوهان جي دانهن، سدا ٻڌان سَنري.

انهيءَ ڊگهي لسٽ ۾ وقفو ضروري آهي. انهيءَ گل جي ياد اچي تازه دم ڪري ٿي، جو اڃان ٽاريءَ تي آهي. هوءَ شاعره هئي.

مان جو بلبل هزار داستان آهيان، انهيءَ سان محبت جي سرگوشي به نه ڪئي اٿم. فقط اسان جون اکيون، هڪٻئي جي اکين ۾ گم رهيون آهن ۽ انهن ۾ پنهنجا جڳ جڳانتر ڳولينديون رهيون آهن.

هڪ ڀيري هوءَ منهنجي سٿر سان پنهنجي سٿر ملائي، مون سان هڪ سئنيما هال ۾ ويٺي هئي. پر مون هن جي ران جي اطلس ۽ ڪمخواب کي ڇُهيو به نه هو. پوءِ جڏهن هوءَ ٻيهر ملي ته منهنجي اکين جا پيغام سمجهي وئي ۽ مان سندس اکين جا پيغام سمجهي ويس.

دک، پيڙا، خوشي ۽ سرخوشي، ڇا ڇا نه سمايل هو اسان جي اکين ۾! نه ڄاڻان اسان ڪهڙي جنم ۾ مليا هئاسين! امرتا پريتم ويجهي هجي ها ته هن کان ڪنهن جوتشيءَ جو ڏس پڇان ها! مون هن جي ڇهاءَ کان سواءِ هن کي ڇُهيو آهي. هن جي ڏيکاريءَ کان سواءِ هن کي ڏٺو آهي ۽ منهنجا ڪن ٻُرندا رهيا آهن، انهن ٻولن سان، جي ڪيئي سال اڳ هن ڪجهه ٻوليا ۽ ڪجهه نه ٻوليا ها. مان هن جو نانءُ وٺڻ نه ٿو چاهيان، ڀل ته هوءَ منهنجي شاعريءَ جي پرولي رهي، جنهن جي ڀڃڻي ڪنهن وٽ ڪانهي، سوا ان ريل گاڏيءَ جي، جنهن ۾ ويهي هوءَ مون سان گڏجي وڃي رهي هئي ۽ منهنجي دل ۾ آيو هو ته هن کي آغوش ۾ ڇڪي وٺان. هاڻ وري ٿو اچان لسٽ تي، جا مون وچ تي ڇڏي هئي.

مون کي موهن ڪلپنا سان به ڏاڍو پيار هو. هڪ ڀيري سال 1963ع ۾ الهاس ننگر ۾، سڳن آهوجا جي گهر ماني کائي، هن جي پڌر ۾ غلم وڇائي، ويهه يا پنجويهه اديب ويٺا هئاسين. مان هڪ ماڻهوءَ جو مشاعرو ٿي رهيو آهيان. ان رات مان وهاڻي کي ٽيڪ ڏئي، رات جي ڏهين وڳي کان صبح جي پنجين وڳي تائين شعر پڙهي بس ڪئي ته موهن ڪلپنا چيو: ”اياز! تنهني شاعري ٻڌي راڻي پرتاب جي باري ۾ هڪ چوڻي ٿي ياد اچي. هڪ ڀيري راڻو چتور مان ڪجهه ڏينهن ٻاهر ويو. چتور جي قلعي ٻاهران پيءُ پٽ ويٺا ها. اوچتو پيءُ پٽ کي چيو: راڻو موٽي آيو آهي. پٽ حيران ٿي ويو ۽ پيءُ کي چيائين: ”ابا توکي ڪيئن خبر پئي ته راڻو موٽي آيو آهي؟“ پڻس جواب ڏنس: ”تو تلوار جا زوردار ست زپڪا ٻڌا؟ ايترا زور سان ست ڀيرا زپڪا صرف راڻو ئي ڪري سگهندو آهي“. ايتري زوردار روانيءَ سان فقط تون ڏهين وڳي رات کان پنجين وڳي صبح تائين شعر پڙهي سگهندو آهين.“ مون کي پنهنجي شعر تي اهڙو داد ڪنهن نه ڏنو آهي.

هن ڀيري جڏهن موهن ڪلپنا مون تي الهاس ننگر ۾ تقرير ڪندي چيو: شيخ اياز کي پرائيز ملڻ گهرجي ۽  هن مون سان ڪچهري ڪري موڪلايو. تڏهن مون موهن ڪلپنا ۾ پنهنجي موت جي اگيات پريرڻا (علم سابقه) (Pre-cognition of Events)  ڏٺي هئي. هن هوٽل ۾ مون سان ڀاڪر پائي مون کي چيو: ”الوداع! اياز! وري نه ملنداسين!“ مون کي اهو ٻڌي ڏک ٿيو ۽ مون ائين سمجهيو ته شايد هو منهنجي موت جي اڳڪٿي ڪري رهيو آهي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، هو مون کي پنهنجي دوست گني سامتاڻيءَ جي گهر مليو، جو بمبئي گورنمينٽ ۾ هوم سيڪريٽري آهي. جنهن منهنجي ۽ زرينا جي پنهنجي فلئٽ ۾ ماني ڪئي هئي. اسان ڪافي وقت پيئندا ۽ گفتگو ڪندا رهياسين. مون هُن کي هڪ لطيفو ٻڌايو هو، جو ٻڌي هو ڏاڍو کليو هو. يوگو سلوويا جي ڪنهن وقت وائيس پريزيڊنٽ ملووين جلاس پنهنجي ڪتاب ’اسٽالن سان گفتگو‘ (Cinversation with Stalin) ۾ لکيو آهي ته: ”اسان يوگوسلويا جا عيوضي اسٽالن وٽ وياسين. اسٽالن جي پالٽ بيورو جو دستور اهو هوندو هو ته هو شام جو نوين وڳي کان وٺي صبح جو نوين وڳي تائين واڊڪا پيئندا ها ۽ ماني کائي شام تائين ننڊ ڪندا ها. انهيءَ وچ ۾ هو قومي ۽ بين الاقوامي مسئلن تي فيصلا به ڪندا ها. اسٽالن اسان کي به رات جو گهرايو هو. جيتوڻيڪ اسان ايترا بلا نوش ته نه هئاسين، تڏهن به اسان ڪجهه جام پيتا. جڏهن مون کي پيشاب لڳو ۽ مان باٿ روم ۾ ويس ته مون کان اڳ مالوٽوف اتي بيٺو هو. مون کي ڏسي پينٽ جي زپ کوليندي چيائين:

“We load before unloading.” ”اسين ڀرجؤن ٿا خالي ٿيڻ کان اڳ.“

پر ائين ٽهڪڙن کان پوءِ جڏهن هن ڀاڪر پائي موڪلايو، تڏهن به ساڳيا لفظ چيائين: ”چڱو اياز وري نه ملنداسين.“ ٻن ٽن مهينن کان پوءِ مون کي ڪراچيءَ ۾ خبر پئي ته موهن ڪلپنا گذاري ويو. ڪي ڳالهيون واقعي انسان جي سمجهه کان ٻاهر آهن.

نارائڻ شيام کي ڪنهن بيوقوف ڊاڪٽر سياري ۾ گلوڪوز جي ڊرپ چاڙهي ته هن کي ڪنبڻي وٺي وئي ۽ هو گذاري ويو. ڪونج ماهوار جو ايڊيٽر هري موٽواڻي تڏهن هتي طارق اشرف وٽ ڪراچيءَ ۾ رهيل هو. ان وقت منهنجي طبيعت ڏاڍي خراب هئي. طارق اشرف جڏهن هُن کي اهو ٻڌايو ته هو منهنجي گهر ڀڄندو آيو. مون تيستائين ’سرُ نارائڻ شيام‘ لکي ورتو هو، جو هري موٽواڻيءَ کي ڇاپڻ لاءِ سپرد ڪيم. هن اهو نهايت سهڻي گيٽ اپ سان ڇپرايو. شيام جي باري ۾ مون پنهنجي سموري جذبات جو ڀرپور اظهار ان ڪتاب ۾ ڪيو آهي. مان هتي هڪ ٻي ڳالهه جو ذڪر به ڪرڻ ٿو چاهيان. 1963ع ۾ منهنجو بمبئي ۾ اچڻ جو ٻڌي، شيام ٽرين رستي دهليءَ مان بمبئيءَ مون سان ملڻ آيو هو. اسان جا اڳ ئي سٺا تعلقات هئا. مان هن کي پاڻيءَ جي جهاز تي ڇڏڻ لاءِ منهوڙي ويو هوس، جڏهن هو سنڌ ڇڏي هند وڃي رهيو هو. بمبئي ۾ ڳالهين ڪندي مون هن کي چيو هو ته: ”مان جڏهن اسڪول ۾ پڙهندو هوس، تڏهن دهليءَ مان هڪ ڇوڪري مهاتما گانڌيءَ کي اتر پرديش وٺي وئي هئي ۽ اتي هن کيس پنهنجي اڳئين جنم وارو گهر ۽ مڙس ڏيکاريو هيو ۽ مڙس جي چوڻ تي پنهنجي فرش هيٺان لڪايل ڳهن جو دٻلو ڳولي ڏنو هئائين......“ شيام چيو: ”ان ڇوڪريءَ سان ملندين؟ مون سان ساڳي آفيس ۾ گڏ ڪم ڪندي آهي ۽ اڃان تائين ساڳيون ڳاليهون ڪندي آهي.“

شيام ايڏي سٻاجهي طبيعت وارو ڪم گو شاعر هو، جو جڏهن هو ڳالهائيندو هو ته مون کي ڀٽائيءَجا هيٺيان ٻه شعر ياد ايندا ها:

ڪَنُ ٿي ڪيچين ڪڇيو، ڪڇ نه ڪڇيائون،

رهي نه رتيءَ جيتري، انهن وٽ آئون،

وڍي وڌائون، هو جو وڻ هئڻ جو.

ڪن ٿي ڪيچين ڪڇيو، ڪڇ نه ٿا ڪُڇن،

پاڙان پوءِ وڍن، هو جو وڻ هئڻ جو.

اهڙو نهٺو شاعر مون اڄ تائين نه ڏٺو آهي، جنهن هئڻ جو وڻ پاڙؤن وڍي ڦٽي ڪيو هجي.

شيام کي ڀارت ۾ سنڌيءَ جو عظيم شاعر سمجهندا آهن. هِتي به هُن لاءِ ڪا گهٽ عزت ناهي. محمد ابراهيم جويي، تنوير عباسيءَ جو شيام تي پورو ڪتاب ڇپرايو آهي.

دراصل برصغير جي روهاڱي، ٻيو سڀ ڪجهه ورهايو، پر شعر ۽ ادب کي ورهائي نه سگهيو آهي. اڳي ته اسان تي وطن دشمنيءَ جي الزام تراشي ٿيندي هئي، پر هاڻي ته امرتا پريتم ۽ ٻيا پنجابي شاعر ۽ اديب هتي پنجاب ۾ ڇپجي رهيا آهن ۽ هتان جا پنجابي شاعر ۽ اديب اوڀر پنجاب ۾ ڇپجي رهيا آهن ۽ اردوءَ ۾ مرزا غالب کان وٺي سردار جعفريءَ تائين هتي ڇپجي رهيا آهن. ادب هر ديوار ڊاهي سگهندو آهي. رڳو ڪشمير جو سياسي مسئلو ڪنهن ريت حل ٿئي ته برصغير ۾ ٻيو ڪوئي تضاد ناهي ۽ وري شڪسته دليون ڳنڍجي سگهن ٿيون. ڪشمير جو حل نهايت ضروري آهي، جو اسان شاعر نه ٿا ڪري سگهون. سياستدان ۽ ملٽريءَ وارا ئي ان جو ڪو جوڳو حل ڪڍي سگهن ٿا. باقي ٻئي هر زخم لاءِ اسان وٽ مرهم آهي. رڳو سڳن آهوجا لاءِ اسان ڪائي مرهم کڻي نه وجهي سگهياسين. توڙي جو هن اهڙو خط رشيد ڀٽيءَ ڏانهن لکيو هو، هن کي خارش (Eczema)  هئي، جا لهي نه ٿي لٿي. جنهن هن کي چيڙاڪ ۽ ڪاوڙيل بڻائي ڇڏيو هو. سندس پيءُ جي سکر ۾ سنڌوءَ سامهون ڪوٺي هوندي هئي، جتي هو خوشحال زندگي گذاريندا هئا. هن ئي مون کي پيئڻ تي هيرايو هو. پر پوءِ الهاس ننگر جي ڪئمپن هن کي مايوس ۽ دلگير ڪري ڇڏيو هو. مون هن جي موت تي هڪ دردناڪ نظم لکيو هو، جيڪو ’ڪي جو ٻيجل ٻوليو‘ ۾ ڇپيو آهي.

مون سدائين ان ڳالهه تي سوچيو آهي ته اڳتي (موت کان) ڇا آهي؟ ڇا هن زندگيءَ کان پوءِ ٻي زندگي آهي؟ ڪيئي مفڪر ۽ فلسفي صدين کان ان ڳالهه تي سوچيندا رهيا آهن. آخر اها سوچ جائز به آهي؟ ڇا ٻيو ڪوئي سوال ان کان وڌيڪ اهم آهي؟ زندگيءَ کان وڌيڪ پراسرار ٻي ڪهڙي شيءِ آهي؟ منهنجي شاعريءَ ۾ ان جو جواب اڃان تائين سواليه نشانيءَ تي کٽي ٿو! غالب چيو آهي:

هستي کي مت فريب مين آجائيو اسد

عالم تمام حلقهءِ دام خيال هي.

(اي اسد (غالب جو تخلص) هستيءَ جي فريب ۾ نه آءُ

سڄو عالم خيال جي ڄار ۾ ڦاٿل آهي.)

حافظ جو به هڪڙو شعر ياد ٿو اچي:

در بزم دؤر يک دو قدح درکش وبِرو

يعني طمع مدار وصال دوام را.

(بزم ۾ هڪ ٻه جام پي رمندو رهه

۽ دائمي وصال جي هٻڇ نه رک.)

ڪي وڏا ماڻهو، جيئن ڊاڪٽر مهڪري هو، جنهن جي گفتار هڪ تيز نشتر وانگر هوندي هئي ۽ ان ڦوڙي کي ڦاڙي ڇڏيندي هئي، جنهن تاريخ جو ويهڻ وهه ڪيو آهي. اهو به 85 ورهين جي عمر ۾ گذاري ويو.

منهنجا ڪلاس فيلو ديوان پرمانند، سترام ۽ ٻيا به چکيا تي رک ٿي ويا، جا گنگا ۾ پنهنجو سفر پورو ڪري وڃي سمنڊ ۾ سمائي.

ڪي ننڍ وڏائيءَ کان مٿي انسان عطا محمد ميمڻ جو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ منهنجو پي. اي هو، پر جڏن سنڌ گورنمينٽ ۾ ڊپٽي سيڪريٽري ٿيو، تڏهن به ڄڻ منهنجو پي. اي هو ۽ مهتاب اڪبر راشدي هن کي ڀائن جيان ڀائيندي هئي.

مرحوم عمرميمڻ سان، جنهن تي نور الهديٰ شاهه جو مضمون پڙهي، منهنجي دل ڀرجي آئي هئي. مان، رباني، ابراهيم جويو، حسن ڀٽو، يوسف ٽالپر جو هن وقت مرڪزي حڪومت ۾ وزير آهي. مرحوم اڪبر قاضي جي هوٽل اوريئنٽ ۾ ڪچهريون ڪندا هئاسين. ها مون کان مخدوم طالب الموليٰ، مولانا گرامي، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ عبدالڪريم گدائي جو ذڪر وسري ٿو وڃي، جي يڪتائي روزگار انسان هوندا ها. ٻيا به ڪيئي سکر جا دوست، جج، وڪيل، منشي مڙا هوندا هئا، جن مان ڪِن جو ذڪر مان ’ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ ۾ ڪيو آهي.

تازو منهنجو هڪ جونيئر محمد صديق کرل جنهن محترمه بينظير لاءِ ضياءَ جي حڪومت ۾ سکر مارڪيٽ ٽاور وٽ ڪوڙا کاڌا ها، سو بينظير ڀٽو جي اڳينءَ حڪومت ۾ سکر جو ايڊوڪيٽ جنرل هو. جڏهن بينظير ٻيهر اقتدار ۾ آئي، تڏهن هن کي ۽ منهنجي دوست آغا سيف الدين کي هاءِ ڪورٽ جا جج مقر ڪيائين. منهنجي پڦاٽ جي پٽ ۽ جونيئر حبيب الله کي جو ڪنهن وقت منهنجو هم مشرب ۽ همخوار هو، سکر هاءِ ڪورٽ ۾ پاڪستان جو ڊپٽي اٽارني جنرل مقرر ڪيائين. امداد اعواڻ جو مون کي استاد چئي ملندو آهي، ان کي سکر مان سينيٽر ڪري کنيائين. انهن مان محمد صديق کرل اڃان هاءِ ڪورٽ جو جج مس ٿيو ته ڪار جي حادثي ۾ گذاري ويو. منهنجو هڪ ٻيو دوست فيروز الله نانا، جو به هاءِ ڪورٽ جو جج هو. پئرس جي ڪنهن اسپتال ۾، پنهنجي ڪئنسر جو ٻڌي، جيئن ئي اسپتال مان ٻاهر نڪتو، تيئن دل جو دورو پوڻ سان گذاري ويو.

منهنجو هڪ ٻيو فلسفي يار ۽ ڪلاس فيلو ۽ پوءِ هاءِ ڪورٽ جو جج، جسٽس علي نواز ٻڍاڻي به ٽي سال اڳ گذاري ويو. سيشن جج جن سان مون وقت گذاريو هو، سي به الائي ڪهڙي دنيا ۾ آهن! انهن مان عزيز الله ميمڻ سان منهنجي گهري دوستي هوندي هئي. عزيز الله ميمڻ، مان، ايس. اي اميد علي قريشيءَ ۽ سپرنٽينڊنٽ جيل اَغلو خان دراني هر هفتي براج ڪالوني سکر ۾ ڊي. ايس. پي غلام اڪبر جي جاءِ تي ويندا هئاسين ۽ ائين کائيندا پيئندا هئاسين ڄڻ هومر جي آڊيسيءَ مان ڪجهه ڪردار هياسين.

غلام اڪبر جي زال ڪرستان ۽ ماءُ ايراني هئي. هُو فارسي چڱي ڄاڻندو هو ۽ بيدل دهلويءَ  جو وڏو مداح هو. بيدل جو ديوان هن جي ميز تي پيو هوندو هو ۽ اهو اسان کي پڙهي ٻڌائيندو هو.

همھ عمر با تو قدح کشيم و نه رفت رنج خمار ما

چـه قــيــامـــتي که نه مي رسي زکنار ما به کنار ما.

(سڄي عمر تو سان پيالو پيتو، پر اسان مان خمار جو رنج نه ويو

ڪهڙي قيامت آهين، جو اسان جي ڀاڪر مان اسان جي ڀاڪر تائين نٿو پهچين.)

عجب است گر هَوَ سَت کشد که به سيرو و سمن در آ،

تو ز غنچه ڪم نه دميدء اي درِ دل ڪشا و چمن در آ،

پئي آهوان رمــيـــده خــو مــپـسند زحـمــتِ جستجو،

به خـيــال حــلــــقهء زلف او گرهي ڪشا وختن در آ.

(اهو ڏسي عجب ٿو اچي ته توکي هوس سرو وسمن ڏانهن ٿو ڇڪي

تون پاڻ به مکڙيءَ کان گهٽ نه آهين، پنهنجي دل جو در کول ۽ چمن ۾ هلي آ،

ڀاڄ جي هيراڪ هرڻين جي پٺيان ڳولا نه ڪر ۽ پريشان نه ٿيءُ،

هن جي زلفن جي گهير جي ڳنڍ کول ۽ ختن[1] ۾ هلي آءُ.)

بيدل دهلويءَ جو غالب ۽ اقبال جي فارسي شاعريءَ تي ڏاڍو اثر هو. هڪ ڀيري غالب جي لاشعور هيٺيون شعر بيدل تان کنيو.

بــوئــي گــل نــالـھء دل دود چــراغ محفل

جو تيري بزم سي نکلا وه پريـشان نکلا

بيدل جو شعر آهي:

بـــــوئــي گــــل نــالـــھء دل دود چــــــــراغ محـفل

هرڪه از بزم تو برخواست پريشان برخواسـت

(گل جي خوشبو، دل جي دانهن محفل جو ڏيـئو،

جيڪي به تنهنجي محفل مان نڪتا، پريشان نڪتا.)

مون پنهنجي پهرين اردو ڪلام جي مجموعي جو نالو ’بوئي گل نالھء دل‘ بيدل دهلويءَ تان ورتو آهي.

اهي منهنجا هم پيالا ۽ هم نوالا دوست، جي مون سان سکر جي اونهاري ۾ هڪ ٻي وڳي تائين غلام اڪبر جي پڌر ۾ ويٺا هوندا هئا، جيستائين هير جا جهلڪا لڳندا ها ۽ غلام اڪبر جي گهر ۾ بيٺل سِرنهن جي وڻ مان چنڊ جا پاڇا هيڏانهن هوڏانهن سري پري پنهنجا چوغا لاهي، ڌرتيءَ کي آغوش ۾ وٺندا ها. اهي سڀ گذاري چڪا آهن ۽ مٽيءَ ماءُ جي گود ۾ آرامي آهن. ياد نه ٿو اچي ته هي شعر ڪنهن جو آهي. پر گهڻو ڪري سنسڪرت جي ڪنهن شاعر جو آهي:

محبت ۽ مزاح جي ٿوري موسم

روشنيءَ جي ۽ زندگيءَ جي دک ‎۽ سک جي،

ان کان پوءِ اوندهه جو شديد خوف

۽ مٽي مٽيءَ ڏانهن وڃي ٿي.

هڪڙو منهنجو جونيئر ڪليم الله هوندو هو. جيڪو ڳڙهي ياسين جو هو. هن جي حاضر جوابي هڻ کڻ جيان هوندي هئي. ڳڙهي ياسين وارا دوست پنهنجي حاضر جوابيءَ کي چاقوءَ وانگر هڪٻئي جي سِراڻ تي تکو ڪندا هئا. مون انگريزي مضمون نگار چيسٽرٽن (Chesterton)  جي هڪ مضمون ۾ پڙهيو هو ته: ”طنز ۽ مزاح جي نوڪ نه رڳو تلوار وانگر پيهي ويندي آهي، پر اها ڏسڻ ۾ به ايندي آهي.“ ائين لڳندو هو ته ڪليم الله سوچي سمجهي چرچو نه ٿو ڪري. الهام وانگر نازل ٿئيس ٿو ۽ هن جي وات مان اهو جڏهن نڪري ٿو، تڏهن اهو ٻڌي پاڻ به کل ۾ ويڙهجي وڃي ٿو.

منهنجو هڪ منشي بلرام هو، جنهن جو ڀاءُ هڪ ڏينهن، هن وٽ پنهنجي شڪاپور واري گهر مان آيو ۽ هن کي چيائين: ”مان سڀاڻي راجسٿان ٿو وڃان، امان جو خيال رکجانءِ.“ بلرام اها ڳالهه ٻڌي حيران ٿي ويو. هن کانئس سبب پڇيو ته هن وراڻيس: ”ڪالهه مان حويليءَ ۾ کوهه مان ڏول ڀري رهيو هوس ته ڪوئي مهاجرَ، جو به حويليءَ جي گهر ۾ رهندو هو، مون کي چيو ته: ”ڪافر، پاڻيءَ کي پليد نه ڪر، ٻاهران ڀريندو ڪر.“ هن وڌيڪ بلرام کي چيو ته: ”مان هتي ترسندس ته خون ٿي پوندو. مان ڪنهن جي ٽِڻ مِڻ سهڻ وارو نه آهيان. پوءِ اهو مُسلو هجي يا ڪير به هجي.“

مون کي اوچتو ڪوئي شخص ياد آيو. مون ذهن ۾ ٽپو ڏئي مڇيءَ وانگر هن جو نالو ڦاسائي ورتو. هُو شِوَن هو جو شيخ راز جو گهرو دوست هو. راز سرناگتي هاسٽل ۾ ساڻس ملائڻ لاءِ مون کي وٺي ويو هو. هُو هڪ ڏنڊو مشٽنڊو جوان هو. هن به زار کي چيو هو: ”مان هاڻي هتي رهي نه سگهندس ۽ هندوستان وڃان ٿو.“ پوءِ هن وهاڻي هيٺان تيز ڇرو ڪڍي راز کي ڏيکاريندي چيو هو: ”هي ڏسين ٿو راز! هي هندوستان ۾ انهيءَ مسلمان جي پيٽ ۾ هوندو، جو پهرين ڀيري منهنجي منهن پيو.“ شِوَن ڪاٺ جي صندل تي بنا وڇاڻي ستو پيو هو. هن نوڪدار ڇُرو صندل ۾ هنيو ته اهو ڪاٺ ۾ پيهي ويو ۽ پوءِ چڪ ڏئي ان کي ڪڍيائين، ڇرو ڏاڍو چڱي رڪ جو هو ۽ ان ۾ چٻ نه پيو. مان ۽ شيخ راز جڏهن سرناگتيءَ مان ٻاهر نڪتاسين، تڏهن راز مون کي چيو: ”مون کي خبر نه هئي ته شِوَن ۾ مسلمانن لاءِ ايڏي نفرت ۽ تلخي آهي. مان وري هن وٽ نه ويندس.“ راز ان تي نه سوچيو ته شِوَن کي ڳوٺ، گهر گهاٽ، اوڙو پاڙو، ميڙي چونڊي سڀ هتي مجبور ٿي ڇڏڻي ٿي پوي. هن جو ٻيو ردِعمل ڪهڙو ٿيندو!

اهو پهريون موڙ هُيو شيخ راز جي زندگيءَ جو. راز سنڌي سرڪل جو سيڪريٽري هوندو هو، جنهن جو صدر رام پنجواڻي هو. هُو رام پنجواڻيءَ سان گڏ ٻين هندو دوستن مُولي وغيره جي ۽ منهنجي هر مهيني ۾هڪ ڀيرو گهر ۾ دعوت ڪندو هو ۽ سندس زال جي هٿن جي ٺهيل برياني کائي، اسان جا ويشنو هندو دوست چپ چٽيندا ها. هن جي زال مون کان پردو نه ڪندي هئي. هوءَ مرحوم (قريشي نالو ياد نه ٿو اچي.) جي سالي هوندي هئي، جيڪو ڪراچيءَ جو وڏو سرمائيدار هوندو هو.


 


[1]     ختن: شهر جا هرڻ مشهور ها.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org