مارئي
1
ڪنڊِيءَ سايون سڱريون، پسي ڳاڙها گل!
مٿان وسيون مينهن جون، بوندون موتيءَ تل،
ڪهڙا مٽيءَ مل، گهوري جند ملير تان!
_
ڀنڀرڪي ۾ ڀونءِ تي، ٿڌا ٿرين ٿاڪ،
کائڙ سارو کيپ ۾، کاٽونبن تي ماڪ،
چمڪيا کٿين چاڪ، نڪتي ڪني سج جي.
_
ساٺيڪي تي سج، ورت وريتيءَ هٿ ۾،
نؤورنيءَ جو نج، ٽاڻيو ڏينهن مهانڊڙو،
_
کٿيرين خوشبوءِ، ويڙهو مون کي واس ۾،
ڪائي سرڳ سڳنڌ آ، جيڏا! تنهنجي جوءِ،
هيءَ جا راڻيءَ روءِ، ڌرتي تنهنجي ديس جي.
_
وچينءَ ويلا ڍٽ تي، ڳيرا، ڳاڱيءَ وڻ،
مارن ڦوڪي بنسريون، ڪاهيا رڍن ڌڻ،
ساٺ ڪيا سانوڻ، وڄون وريون اوچتو.
_
سانجهيءَ ٽاڻي ڍٽ، تي، ولين موٽيا واس،
رتو آهن، ريت کي، ڳاڙهه سري آڪاس،
هو جي اڻن ڏاس، ٻارن پيا ڏيئڙا.
_
ڪاريون ڪَتيءَ راتڙيون، تارا ٿا ٽمڪن،
ڏهر سڄو ئي ڏيئڙا، چؤنرا ٿا چمڪن،
روئي رم جهم ڪن، اکيون سانگين سار ۾.
_
ويڙهي ويڙهي جهپ، چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي،
ٻاهر نڪتا رات جو، ساٺيڪن مان سپ،
اک نه لائج جهپ، اڳيان ايندءِ پيئڻيون.
_
2
ڏس هي سينهونءَ سنگ، ڀڳل چوڙيون اڏ ۾!
ڪالهه هئي هتي مارئي، ڪامڻ روپي رنگ،
اڄ انهيءَ جي انگ، ڪڙا آهن ڪوٽ جا.
_
ڏس هي گهڙي چٽ، ڀڄي جو ڀورا ٿيو!
ڪالهه هئي هِت مارئي، مارو جنهن جا مٽ،
توتي پائر پٽ سُک نه سمهندين سومرا!
_
اڄ نه کوهيءَ نار، نه هو گهڙا چيلهه تي،
ائٽ اڃارا، وينگسون ڇا تي ڇوڙن وار!
ڪؤڙي سج نهار، ورت وسوڙا اُس ۾.
_
اڄ نه ولين واس، اڄ نه مٽيءَ مينهڙا،
سُڪي ويئي ويري، آهي اڃ اداس،
تون ئي نانهه نراس، ڇا ٿي اورين اڀ سان؟
_
ڪرها ارها پنڌ ۾، واريءَ جا وسڪار،
اڀيون ٻانهون، اُڀ ڏي، ڏؤنرن بنا ڏار،
اڄ نه ڍنگهرن ڍار، ڏوٿي منهنجا ڏيهه ۾.
_
ادي! اڄ ته اداس، آهي منهنجو جيئڙو،
پرينءَ ساڳيو واس، ڪوهه اواڳيو هينئڙو!
_
ادي! اڄ ته آءٌ، ناهيان پنهنجي پاڻ ۾،
ڄڻ ته پرينءَ کان پرڀرو، ٿي ويو منهنجو هانءُ،
ڪامن مٿان ڪانءُ، مون کي لات نه اڄهي!
_
ڪامن مٿان ڪانءُ، ڳالهيون ڳهلي ڳوٺ ۾،
هرڪو چوي ڪانگ کي،’ڳنهه نه پرينءَ نانءُ!‘
ڪاڏي وڃان آنءُ، واهڻ مون لئه وهه ٿيو!
_
گندي ۽ گراهه، ماڳ به آهي ماڻهئين،
پوءِ به تن جو ساهه، آزاديءَ بن اوپرو.
_
ڳوري پٿر هيٺ، اڀريو گاهه اگوندرو،
مارو منهنجا نيٺ، پهتا پنهنجي ماڳ تي.
_
اڱڻ ۾ آهن، پلر پاڇا وڄ جا،
جئن ساروڻيون ساهه ۾، چڻڪي ڪجهه چاهن،
لاڳاپو لاهن، شال نه مون سان سپرين!
_
ماندي ٿيءُ نه نيٺ، ايندا مينهن ملير تي!
وڄون ورنديون اوچتو، لڳهه لهندا هيٺ،
مارو ماکيءَ ميٺ، ملندا توسان مارئي.
_
3
ونڪ وڄن جي جيئن، تئن مون جيڏيون جوءِ ۾،
پائي نڪرن پولڪا، پهر پيازيءَ سينءَ،
آءٌ وساريان ڪيئن، پکو پاڙيچن سين!
_
جئن هو ڪڪرن ڪر، پڳون تئن پنوهارئين،
ڳاڙها ڳن ڪهاڙئين، سج روپهرا ڦر،
اجهو مون اوڍر، دولهه منهنجي ديس جا.
_
لمي لوئڙياريون، ٽانگر ٽور ٽلن،
مينديءَ رتڙا پيرڙا، ٽمي نور نهن،
ٻڌي جهانءِ جهلن، پرديسي پانڌيئڙا.
_
کِلي کيڪارڻ لڳن، جيڏيون منهنجو جت،
اوندهه اجاري ڇڏي، ڏيئي جهڙيءَ ڏت،
پنهوارين پرت، موري سُڪا هينڙا.
_
تارن جئن ٽمڪن، تن جو نٿ نموريون،
ڀرٽ ڀريندي جهول ۾، ٻانهون ٻهه ٻهه ڪن،
جلوي جهڙپ جهپن، پرديسي پانڌيئڙا!
_
جيئن ڪانهن ڪر، لڳن اتر واءُ ۾،
تيئن تن جا ور، هو جي ڀرن ڀاڪرين.
_
هي جي ڏؤرن ڏيهه، مون کي مليو ڏاج ۾،
اهڙو ڪو ساڻيهه، آءٌ نه ڀانيان ڀونءِ تي.
_
سهسين رنگ سرنگ، مٽيءَ منجهه ملير جي،
گولاڙن ۾ گلڙا، مٿان وڄن ونگ،
اچن ٿا اَڙنگ، کڙي کهنبي وانگيان.
_
سدا اکين سامهون، سڪ سپڪ سپنو،
ڇني سگهيا ڪينڪي، نير هيءُ ناتو،
ڪئن تون من منهنجو، ڪڙن ۾ قابو ڪندين؟
_
سانجهيءَ آندا سانت ۾، ڪهوءَ مهوءَ وڻ،
ڀيڙا ٿيا ڀيڻئين، ڌراڙن جا ڌڻ،
تارن هيٺ اڱڻ، ٽم ٽم ڏيئا ڏهر ۾.
_
ساريندي ساڻيهه کي، جي مان بند مران،
ڪچيءَ ڪوڻيءَ جان، موت ڌريندو هٿڙا.
_
مارو ڪک به موريا، جڏهن وٺا مينهن!
هي جي ڏکيا ڏينهن، رهي رهندا ڪنيڪي.
_
4
سينڌي تنهنجي سومرا، ڪڏهن ٿينديس ڪانه،
قد ڪري نادان! ڪنهن به نه پاتو پيار کي.
_
هيءُ نه منهنجو ديس، منهنجو ديس ملير ۾،
آءٌ کٿيريءَ ويس، مورُ نه مٽيان سومرا!
_
تو جئن ڪيو سومرا، ڏاڍ ڏکوئيءَ سينءَ،
ڪو به نه ڪري ايئن، مرونءَ لڄ اچي وڃي!
_
مون جو ڀريو ٻاجهه سان، ڪالهه اڃايل ٻڪ،
ڏين ٿو وهه جو ڍڪ، ان ڪارڻ تون ڪوٽ ۾.؟
_
ڳهليون قسمت ڳالهڙيون، هي سڀ تنهنجا ڏاڍ،
آءٌ نه ڏسي اڀ ڏي، ڍرڪي ڪيان ڍاڍ،
آهي منهنجي آڍ، سگهه سنگهارن سومرا!
_
آءٌ نه سڏي اڀ ڏي، پٽي ڪڍان پار،
سنگهارا سنگهار، ٽوڙيندا مون سنگهرون.
_
جئن ڪي ڪهوءَ ڏار، تئن هو مڙس ملير جا،
نيٺ ته تنهنجي ڪوٽ تي، اڀري ڪندا وار،
سگهارا نگهار، ولهيءَ ٿيندا واهرو.
_
اکين اوٽ سوال، اڀريو ڪوئي اڀ ۾،
ڪڏهن ايندو اوچتو، ڀٽن ۾ ڀونچال؟
هيئن اسان جو حال، ڪيسين رهندو ڪوٽ ۾؟
_
ڀٽن ۾ ڀونچال، اچڻو آهي اوچتو،
سدا رهندو سومرا! هيئن نه منجهو حال،
تو هي خام خيال، ’سوگهيون آهن سنگهرون‘.
_
اڃا ڪر اڀو، اوچو پنهنجي ڪوٽ کي،
متان اڀري سج جو، پاڇو پوي ڪو!
پو به سدا هوندو منهنجو من ملير ۾.
_
اڃا ڪر اڀو، اوچو پنهنجي ڪوٽ کي،
نِوِڙي متان چنڊ ڏي، مون کي ڪو نياپو!
پو به سدا هوندو، منهنجو پير پنوهار سان.
_
مون ۾ آهه ملير، آهيان آءٌ ملير ۾،
رڳو روڪي ٿو سگهي، جسي کي زنجير،
تنهنجي وس سرير، مون من ماروءَ هنج ۾.
_
مون کي وڍي سومرا! ڳڀا ڳڀا ڪر،
پوءِ به ٻڌندي ڌر، مون مان نانءُ ملير جو.
_
نسورو نادان، سدا آهن سومرا!
منهنجو ساهه سنگهار کان، ڌار ڪندو زندان؟
آءٌ ته هان حيران، ڪيئن تو ڀاڙيو ڪوٽ تي!
_
5
سونهن نه ويندي سومرا! منا ڌوئان يا نه،
وينديس سج سمان، موٽي ملڪ ملير ڏي.
_
سونهن نه ويندي سومرا! ڏان ڏئي ٿو ڏُک،
موتيءَ جهڙو مُک، اڳي کان اڳر ٻَري.
_
جئن جئن تنهنجي جاڙ، تئن مان سرسي سونهن ۾،
اڀري مٿ پهاڙ، چنڊ لڳي جئين چيٽ جو.
_
ٽڙي ڪاريءَ اس ۾، سورج مکي جيئن،
ڏک ڏسي مان تيئن، سرسي ٿيان سونهن ۾.
_
ڏسي ڦول ڦڪو ٿئي، مان جي کڻان منهن،
سچ ته آڇي سنهن، آءُ اَڇُتي سومرا!
_
مارو ڄاڻن ٿا، ست بَکي ٿو سونهن ۾،
سدا لوئيءَ لڄ جا، لاک ڏئي جهلڪا،
لَڇڻ لوٺين جا، پريان ئي پڌرا ميان!
_
متان ڀانئين اِيءُ، ڪوجهي ڪندا مارئي!
ست سدائين سج جان، جرڪائي ٿو جيءُ،
ڪئن ڌرتيءَ جي ڌيءُ، لوٺي سڏبي لوڪ ۾!
_
جي تون چئين ايءُ، ’ڪوجهي هئي مارئي‘،
تون ڪوُڙو آن سومرا، ڪوُڙو تنهنجو پيءُ!
ڌرتي پنهنجي ڌيءُ، سڃاڻي ٿي سونهن مان.
_
تنهنجا چاري سومرا! جو ڪجهه لوڪ چون،
منهنجا مارو مارئي مور نه ڪوجهي ڪن،
منهن مان منڌ بکن، ٿا ڪي سورج سچ جا.
_
ڪيئي ڪوجهيون ڪوٽ ۾، سهسين ڪن سينگار،
ها، پر آڻينديون، ڪٿان، هيءَ جا پت پنوهار؟
ڇورين ڇَلَ هزار، مور نه ٿينديون مارئي.
_
تون ڀانئين ٿو سومرا، سدا رهندين تون!
ڪڙا ڏيئي ڪوٽ کي، نيرَ وجهي مون؟
پيرن هيٺان ڀون، چار ڏهاڙا ڏاڍ کي.
_
6
ڳهليون پائن ڳَهَه، مون تي هس حياوَ جو،
آءٌ سدا ٻهه ٻهه، ڪيان پنهنجيءَ ٻاجهه ۾.
_
لالون لٽڪايان، آءٌ نه سر تي سومرا!
سونهن اسان جي سادگي، پنڙا نه پايان،
منهن مٿي چايان، سامهون سِجُ لڄي ٿئي.
_
مان جي ڳايان سومرا! ڇانگون ڏين ڇال،
ٻهه ٻهه ڪري اُڀَ ۾، اتر کان ٻڪرال،
ڀِٽُن ڪري ڀال، وسن مينهن ملير تي.
_
اُڀي اتر واءُ ۾، آءٌ جڏهن ڳايان،
سرن پاند ڦٽي پون، ٿوهر نچايان،
گُگُر گد گد ٿي لڏن، هيرڻ هرکايان،
پپر پاٻوهي وجهان، ٻٻر ٻوڪايان،
سر ۾ سمايان، جڏهن سڪ سنگهار جي.
_
جڏهن ڳاتو مون، وڻ ٽڻ موريا ماڪ ۾،
ڦٽي پون اوچتو، پٽن مٿ پپون،
ٿر ۾ ٿاڪ ٻرڻ لڳا، ريجهيون روجهڙيون،
ڀنيءَ منجهه ڀٽون، نچيون ناچن وانگيان.
_
ڪوجهي ڪندو ڪير، مون کي ملڪ مير ۾!
اتي گاهه ڦٽي پيو، جت مون ڌريو پير،
مون ۾ ڪهڙو مير، آءٌ اهائي مارئي.
_
7
ٿر کان سوا ٿاڪ، ڪهڙا تنهنجا مارئي!
هتي ڦٽي هينئڙو، مٿان وسي ماڪ،
ور ور ڀٽن واڪ، سڏن تنهنجي ساهه کي.
_
ٿر کان سوا مڌ تون، مٺ هڏن سکڻي،
مانڌاڻون، مَکڻي، معنيٰ تنهنجي مارئي.
_
ٿر کان سواءِ جندڙيون، ٻوٽا بنا مينهن،
جهڙا آرهڙ ڏينهن، اهڙو جَلن جيءَ ۾.
_
ٿر کان سواءِ جندڙيون، مڌ بنا پياليون،
شال! رهن آليون، اکيون ساري ڍٽ کي.
_
8
ٿر کان سوا آنءُ، مور نه ٿيان مارئي،
مٽيءَ هاري مڌ کي، جئن ڪو ڀڃي ٿانءُ،
تئن هي منهنجو هانءُ، ڀٽن بن ڀورا ٿئي.
_
مان ئي ٿر جي رت هان، مان ئي هان آڪاس،
مان ئي جر جي جيت ۾، مان ئي ڌر تي ساس،
ڄڻ هي منهنجو ماس، مٽي آهه ملير جي.
_
پيهي ڏٺم پاڻ ۾، مان ئي آهيان ٿر،
مان ئي لاڻيون لوءَ ۾، مان ئي جڙين جر،
مان ئي ٻاٻيهي اڃ ۾، مان ئي پکيءَ پر،
مان ئي سانوڻ مينهڙا، مان ئي پاڻ پلر،
مون ۾ آهه امر، مٽي ملڪ ملير جي.
_
پيهي ڏٺم پاڻ ۾، مان واريءَ تي وس،
مان ئي آرهڙ اُس ۾، سارا گوندر گس،
مان ئي آهيان تس، مان ئي مران تاس ۾.
_
مان ئي ماڪ ملير تي، تارن هيٺان تل،
مان ئي ڪڻ ڪڻ ريت تي، پلر پياسا پل،
توکي ڪهڙي ڪل، ڇا ٿي سوچيان سومرا!
_
آءٌ امرتا آهيان، جيسين آهه ملير،
الا! منهنجي جيءَ تي، زور وڌو زنجير،
منهنجيءَ وٽيءَ کير، وهه گڏيو تو سومرا!
_
9
مارو منهنجي من ۾، مارو منهنجو ماس،
جتي آءٌ اداس، اتي مهڪ ملير جي.
_
اٿي مهڪ ملير مان، مٽيءَ پيو مينهن،
مُئي منهنجو نينهن، اڳي کان اڳرو ٿيو.
_
مُئي کان پيو منڌ جي، پيا مينهن ملير،
جتي ڪٿي مارئي، ڳاڱيءَ ڳم ڳنڍير!
سارا ڪرڙ ڪرير، واسي ويئي واس سان!
_
پيا مينهن ملير تي، ٻهڪي اٿيا ٻوهه،
ڦرهه، لاڻيءَ ڦوهه، جوڀن جرڪي منڌ جو.
_
ٿر تي ٿڌو چنڊ، ڀني رات ملير جي،
ڄڻ هي سارو منڊ، مهڪيو توسان مارئي!
_
پيا آڌيءَ رات جو، ڪرڙن تي ڪرڻا،
پلر تي پاڇا، تل ترائيءَ مارئي!
_
وائي
تتر کرڙي اڀ تي، اندر ٻاهر ٻُٽ،
ڪڏهن وسندين مينهڙا؟
جهولا، جهڪ، جهڄي هينئون، ڦانگ نه آهي ڦٽ،
ڪڏهن وسندين مينهڙا؟
تير تکيرا ترورا، چوڌر ترڇي چَٽَ،
ڪڏهن وسندين مينهڙا؟
سڀ کي نبرين پرڪڻا، واريءَ ڍير آکٽ،
ڪڏهن وسندين مينهڙا؟
ڪڏهن وسندين مينهڙا؟
v
اڀري اُلهي ڪوٽ تي، ويو سج ٻُڏي،
ماڳ نه موٽي مارئي!
آهيري جي اوٽ ٿيا، پکي پار اڏي،
ماڳ نه موٽي مارئي!
ايئن به ناهي منڌ جي، لوئي لڄ لڏي،
ماڳ نه موٽي مارئي!
ڪنهن جو کنئي کوهه تان، ڌرتي ڇونه ڌڏي؟
ماڳ نه موٽي مارئي!
سرهي ٿئي ساٿ سان، اچي شال اڏي!
ماڳ نه موٽي مارئي!
ماڳ نه موٽي مارئي!
v
اتر ڊاٺا جي، وري جوڙيو سي،
پکا پائر پار جا.
اٿو، اٿو مارئو! متان مينهن وسي،
وري جوڙيو سي،
پکا پائر پار جا.
ڪيڏو ڪاريءَ رات ۾، کِجڻ کنوڻين کي!
وري جوڙيو سي،
پکا پائر پار جا.
ڦٽيل مرون واءُ ۾، پيو وڄ هڻي،
وري جوڙيو سي،
پکا پائر پار جا.
رڳو سوڙ سيءَ ۾، ڪٿي ڪم اچي!
وري جوڙيو سي،
پکا پائر پار جا.
v
ماروئڙا اڻ موٽ، ڪيري آيا ڪوٽ،
لٿا لوهه لڱن تان.
جرڪي پئي جيت ۾، منجهان آرڻ موٽ،
لٿا لوهه لڱن تان.
ڪيڏا ڪيا سومري، کائڙ توسان کوٽ!
لٿا لوهه لڱن تان.
وٺا مينهن ملير تي، ڇانگون ڇنن اوٽ،
لٿا لوهه لڱن تان.
جيئڻ! توکي جس ڏنو، پائر جي پالوٽ،
لٿا لوهه لڱن تان.
v
اچو، اچو مينهڙا، ڪيو ڪيو وس!
مارو پهتا ماڳ تي.
پسو جانٺيون جندڙيون، سندن ڪلهن ڪس،
مارو پهتا ماڳ تي.
وسيا ولين واس سان، سارا گوندر گس،
مارو پهتا ماڳ تي.
جتي ڀيرا ڀرٽ تي، اتي ڏوٿين ڏس،
مارو پهتا ماڳ تي.
شل مارن سان ماڻيان، جيئڻ تنهنجا جس!
مارو پهتا ماڳ تي.
v
گهاتو
1
او شل مرين مڇ، درندا ڌڄيون ٿئين!
بُرا تنهنجيءَ بڇ، ڪيئي گهاتو گهائيا.
_
اونو، آڌي رات، جهپ نه آ ڪنهن جيءَ کي،
سُس پُس ۾ ساڻيهه جي، بُرا! تنهنجي بات،
گهاتڪ! تنهنجي گهات، ڏهڪو ساري ڏيهه ۾.
_
انگ اگهاڙا ٻارڙا، ڪنڌيءَ تي ڪنبن،
گهاتو، گهر نه آئيا، وهون وايون ڪن،
ڏيل پيا ڏهڪن، مڙس پيا ڪنهن مامري!
_
مٿان ڀونءِ ڀوائتو، پاپيءَ جو پاڇو،
وسي ساري وس آ، سوچي ٿو هر ڪو
’سانجهي ٽاڻي ڇو، گهاتو گهر نه آئيا!‘
_
آهي برو بُک کان، ڀونءِ مٿان هي ڀؤ،
ڍورن گهرجي ڍؤ، ماڻهو ڳولي ماڻهپو.
_
ڪنڌيءَ مٿي جهوپڙا، ڪنن جا ڪڙڪا،
چنتا کي اڄ چت ۾، ڀنڀٽ جا ڀڙڪا،
ٽڙڪن تي ٽڙڪا، دنگيون سڀ ڌڄيون ٿون!
_
ڪنڌيءَ مٿي جهوپڙا، مٿان ڪاري رات،
ٽمڪي پئي باهڙي، چوڌر چپ، چپات،
مڇ ڪيا جي مات، تن جا روح ڦرن پيا.
_
هو جي ماريا مڇ، تن جا ساهه سڏن پيا،
تون ۽ ڪوسي ڪڇ! گهاتو، لڄ ٻڏين نه ٿو؟
_
گهاتو! اچو گهير تي، وهون وساري،
ننڊ به ڪهڙي ننڊ آ، ڏر جيسين ڏاري!
ماريءَ کي ماري، موٽي سمهو سک سان.
_
سانجهيءَ ٽاڻي جهوپڙيون، آگ مٿان اونگ،
سڀ تي پاڇو پيڙ جو، سڀ تي ويريءَ ونگ،
روز رڙن ٿا ڪنگ، اونو ڏسي آڇ ۾.
_
اَلا! هي انسان جي اندر جو الڪو،
جندڙيءَ جو جهلڪو، ويريءَ جنهن کي واسيو!
_
ڪئن ڪو مڙي مڇ کان، پاڻ ڪري پاسو؟
ويريءَ جو واسو، آهي ساريءَ آڇ تي.
_
اَلا! متي مڇ جي، ساري جر جي جاڙ،
ڇرڪ ڀرن ٿيون ڇوليون، ڏسي پڇ پڇاڙ،
ماڻهوءَ ڪهڙي ماڙ، پهچي واڳو وات ۾!
_
هو جي نديءَ نير، لائون ڏيندي لوڙهيا،
هو جي مئا مڇ سان، وڙهندي منهنجا وير،
چت وجهي ٿي چير، گهاتو! تن جي ڳالهڙي.
_
اسان سان آهن، هو جي مئا ماڳ ۾،
تن کي گهاتو، گهير ۾، منان نه لاهين،
سدائين ڪاهين، تن کي ساري ڊونڊيون.
_
هو جي مئا ماڳ ۾، وڏو ڪري وس،
گهاتو! تن جي ڳالهڙي، سدائين ساهس،
تنهين بنا تس، الا، اوت نه اُڄهي!
_
هو جي مئا ماڳ ۾، سي ڪئن وساريون؟
ساڳيا ٿيندا ڪينڪي، بندر بازاريون،
جن ۾ گذاريون، گهڙيون تن سان گهاتوئو!
_
جيسين آجي آڇ ٿي، سک نه آ رهڻو،
لهوءَ جو لهڻو، گهاتو! نيٺ چڪائبو.
_
هوءَ جا لهوءَ لار، پاڻيءَ تي پکڙي وئي،
چُڻڪي پيئي چت ۾، سدا تنهن جي سار،
تيسين ڪوهه قرار، جيسين اونو آڇ ۾؟
_
مُئي نانهه ميار، جاڙ نه سهه تون جيئري!
جان تو ساهه سرير ۾، ڪر ويريءَ تي وار،
تيسين ڪوهه قرار، جيسين جابر جوءِ ۾!
_
متو ڏسي مڇ کي، رت پيو ٽهڪي،
ڏيهه پيو ڏهڪي، مان ئي گهران گهير ۾!
_
ماريندي هن مڇ کي، ڇا ڇا وس ڪيام!
ڇتيون ڇيهون ٿي ويون، ڇڄي رڇ پيام،
وڙهندي ورهيه ٿيام، اچي وار اڇا ٿيا.
_
سانجهيءَ وير سمونڊ تي، رتا رائن رنگ،
وڙهندي ويريءَ سان ٿڪا الا، منهنجا انگ!
نه هو آس اُمنگ، نه سا سگهه سرير ۾.
_
اڄ جو ڪِري وڄڙي، اڌ مئو ٿيو مڇ،
ڇلي پيو ڇڇ، ڇَتيون هڻون ڇهه مان!
_
مري مري مڇ، وري ٿو ارا ڪري،
وري وري رڇ، گهاتن وڌو گهير ۾.
_
اڃا سج اُهاءُ، ڇمڪي نڪتو ڇڇ تي،
پڇڙ پاڻيءَ ۾ ڇُلي، ڊپ وڌايو ڊاءُ،
متان ڪو سوداءُ، گهرڻ جو گهاتو ڪري!
_
گهاتو گهير ڇڏي وڃن، ايءَ به اگري ريت،
جي جر جي جانار کي، ناهي ڪائي نيت،
ور پکن جي پريت، ويڙهي لئه وڙهندا رهو!
_
سدا پيا سامائبا، ماڻهوءَ ڪارڻ مڇ،
سدا گهاتو رڇ، آڻيندا اوڙاهه ۾.
_
مچ نه مري پاڻ، آ توکي ئي مارڻو،
ازل کان انسان لئه، مدائي جان ماڻ،
ڄُلُ انهيءَ ئي ڄاڻ، متان موٽين ويڙهه مان!
_
مانگر سامهون مورڙو، ازل کان آهي،
اڄ تائين انسان جي، ويڙهه کُٽي ناهي،
چڱو جو چاهي، اوني بنان آڇ کي.
_
ڪيڏارو
سانجهيءَ جو آڪاس ۾، پيارو پيوڙيءَ رنگ،
ترسايان ڪنهن تڙ مٿان، روڪي آءٌ ترنگ،
سرواهيون سرنگ، رڻ ۾ ڪيسين رڱيان!
_
آيل، اڄ ته آنءُ، جهُري پوانءِ جهول ۾،
آرڻ ۾ آرام جو، ڏي ڪو مون کي ڏانءُ،
پايان ڪو ٿر ٿانءُ، لاهي رتو مولهيو.
_
ڪونڌ ڪُڏائي اوڏڙا، نونڌ نچايا مون،
وڃن پيا ويڙهه ۾، سورهيه ۽ سوڀون،
لهوءَ لال پڳون، کڙيون رت چڪندڙيون!
_
هاڻي ڪير مٿو، پڙ کان پٺيرو ڪري!
اجهو سج لٿو، وڙهندي وڙهندي ويڙهه ۾.
_
سؤنچو ناهه سرير، وک وڌي ٿي ويڙهه ۾،
پڙ کان پٺيرا ٿيا، وڙهندي مور نه وير،
جئن جئن ترڇا تير، تئن تئن سينا سامهون!
_
لهوءَ ۾ لت پت، ڌرتي منهنجي ديس جي،
پرکي پئي پت، جهونجهارن جي جنگ ۾.
_
چڳون رت چڪندڙيون، مولهيا لهوءَ لال،
ادا، اچ ته اوريون انهن جو احوال،
ڪالهه ڀلائي ڀال، وڍيا جيڪي واهرو.
_
سدا اڀريا سنڌ ۾، آنڌيءَ جئن انسان،
وڙهندي مڙس مهان، مٽيءَ منجهه سمائيا.
_
سدا آيا سنڌ ۾، نوان نادر شاهه،
ڪانهي ڪا تاريخ ۾، ويڙهه سوا ٻي واهه،
متان سوچيو ساهه، متان موٽو ماڳ کان!
_
سدا اڀريا سنڌ ۾، ڪوپا ڪنجل لوڏ،
هوڙهايون ۽ هوڏ، ڏسي پنهنجي ڏيهه سان.
_
سدا اڀريا سنڌ ۾، ڪويا ڪيهر وک،
ڏوران جن جي ڏِکَ، ويريءَ جيءُ جهپائيو!
_
ڪاري ڪٺ ڪميت تي، آڌيءَ انڌوڪار،
جهڙڦڙ جهور جهڪور ۾، چيهه ڪيو چمڪار،
آڙيءَ سان اڏرڻ لڳو، گهايل، گهوڙي سوار،
اوندهه آهه اپار، ڪئن چئجي هو ڪير هو!
_
بشڪون ڀنيءَ رات، مهڪڻ لڳيون مشڪ جان،
وڌڻ لڳا واءُ جان، مشڪن مور نه مات،
ڏورانهين جي ڏات، کر نه کوڙير ڀونءِ تي.
_
وڌندا رهيا ويڙهه ۾، نه ٿيا ڍول ڍورا،
پٺا پٿر وانگيان، نرو رڪ نرا،
چارئي پير چرا، ڇالون ساڳي ڇوهه سان.
_
تلوارن جا تک سان، زرهن تي زپڪا،
لاکيڻن لپڪا، ڇڪيل واڳون ويڙهه ۾.
_
وڌي اسر وير جو، وارا ڪيا ويرن،
دل سان دعائون ڪين، پڙ ڦاڙي پيرن،
تک ڏسي تيرن،ويرين هانوَ جهپي ويا.
_
تازين تنگ ڇنائيا، ڀيريون ٿيو ڀڀڪن،
اُڀري راوت رڪ سان، ور ور وارا ڪن،
جهيڙا جهونجهارن، ڄائي ڄم پرائيا.
_
هو جي وسندي مينهن، وڙهيا پئي ويڙهه ۾،
مٿان بادل اڀ ۾، هيٺان ڪيهر شينهن،
شال ڏسان مان ڏينهن، ٻيهر اهڙا ڏيهه ۾!
_
سرلي وچان سج جا، تلوارن تي تيج،
هيٺان ريٽا ريج، مٿان ڦڙيون، مينهن جون.
_
ابر منجهه اهاءُ ٿيو، ڏسي کينءَ کنن،
ويڙهو پيا وڄ جان، چوڌاري چمڪن،
کنوڻين جيئن کجن، سرن تي سرواهيون.
_
اتر کنوي اڄ، سارو پڙ پسائيو،
ڀڄڻا! اٿي ڀڄ، راوت پهتا رڪ سان.
_
آرهڙ جو آڪاس ڄڻ رجايل ٽامون،
کيهه اُڏي، کامون، گهوڙي ٽپيو گهوٽ سان.
_
ريتِ چُهي وئي رت کي، ڏاڍو ڏينهن تتو!
ڪنهن جو لهو ڪٿ ڪريو، ڪنهن کي ناهه پتو!
سانجهيءَ سج رتو، ڳاڙهه سمائي ڳاڙهه ۾.
_
ڀونءِ به ساري ٽامڻي، اُڀ به اُلن وس،
هڻندي تيز تراريون، ڪسيا ڪلهن ڪس،
ترندي رت ترنگ ٿيا، مور نه تاتن تس،
گس ٿيا سڀ گس، وار نه گسيو هڪڙو.
_
جوپ اچن ٿا جنگ ۾، ڪڏائي ڪيڪان،
ڌڌڙ ۾ ڌوڪار ٿي، ملهي ويا ميدان،
آزاديءَ اعلان، ڌرتيءَ کي ڌوڏڻ لڳا.
_
کُتي کني ڌار، کڙي پيون کوپريون،
سورهيه منهنجا سٽ ۾، گويا گل انار،
لهڪي لهوءَ لار، مهڪي پئي ماڳ ۾.
_
ڏس هو سانن سِڱ، اٽڪيا اچي وچ تي،
آرڻ ۾ اهڙا اڳي، لوهه نه ڏٺا لڱ!
ڌڌڙ اندر ڌڱ، وڙهندا رهيا ويڙهه ۾.
_
ڌڌڙ اندر ڌڙ، سر به ڪٿي سوڀ ۾،
وڙهي، ڪيڏا پاڻ سان، ويرن ڪيا وڙ!
انهن نه اؤگهڙ، جن تي اوڇڻ اُڀ جا.
_
هي جو ڪونڌ ڪري پيو، مٿان سهڙي سنجهه،
ويڄ ورائي ٻانهن ڄڻ، ڏٺا سارا ڏنجهه!
موت هڻي ٿو ونجهه، ويندي نديءَ نير ۾.
_
مٿان ڪڻڪيون ڪونجڙيون، هيٺان ڪٽاريون،
راوت وڙهيا روهه ۾، گهاوَ وجهي گهاريون.
اڱڻ تي آريون، ڪومل ڪرڻا چنڊ جا.
_
هلو ڙي هوتا! وڙهندا هلو ويڙهه ۾،
برن ۾ بوتا، متان روڪيو رات جو!
_
جيسين ٻڏي اڀ ۾، وهائو تارو،
تيسين اکين لائجو، جهپ نه جهونجهارو!
متان ٿي مارو، اوڳائيءَ تي اوچتو!
_
متان ڙي موٽو، ويڙهه نه ڇڏجو وچ ۾!
آزاديءَ سين اوپرو، آدم جو پوٽو،
ماڻهو، سروٽو، ڳالهه مڙيو ئي هڪڙي.
_
متان نه ماريو، ڏري پنهنجي ڏاڍ کان!
رڻ ۾ راماڻا ڪري، ويريءَ کي واريو!
ترو ۽ تاريو، ساٿ سمورو رت ۾!
_
وڙهو، وڙهو ويڙهوُئو! متان پٺ ڏيو!
آهي پنڌ پيو، اڃا جيئڻ جيت ۾.
_
متان مڃو مات! امر ٿيو انڪار ۾،
آرڻ ۾ اقرار جي مور نه ڪجو بات!
رانيو، رانيو رات، رانول پنهنجي رت سان!
_
سرن مٿان سوڀ جون، پڳون جي پايو،
متان وڙهندي ويڙهه ۾، پُٺ تي واجهايو!
لايو سجايو، نيٺ ته ٿيندو لوءِ جو!
_
اچو، اچو سورهيو، هڻو ڇٽ پٽن!
ماڻهو مٿان رت جا، بادل ٿا برسن!
وڙهندي مان وسن، ٿر تي ٿڌا مينهڙا!
_
اچو ڪُرُ ملهائيو، راوت رڱيو روهه!
جيسين ڏاڍا ڏيهه ۾، ڏيهه نسورو ڏوهه،
للڪاري ٿو لوهه، اڀرو اڄ انياوَ تي!
_
وائي
جهيڙي ۾ جهونجهار يار، ساٿي سج اڀار، يار!
مون من اوهان موهيو.
ڄڻ ڪا ڪني سج جي، آهه ڪهاڙيءَ ڌار، يار!
مون من اوهان موهيو.
ڍو ڍو لسيءَ ڍُڪَ سان، کيڙيءَ ۾ کيڪار، يار!
مون من اوهان موهيو.
ڏيهي منهنجي ڏيهه جا، ماڻهو ميگهه ملار يار!
مون من اوهان موهيو.
مولهيا مولهيا ماڳ ۾، لکين ساٿ سچار، يار!
مون من اوهان موهيو.
نيٺ ته وجهنديءُ ڏاڍ جي، ڏونگر ۾ ڏهڪار، يار!
مون من اوهان موهيو.
نيٺ ته وسندا مينهڙا، ٿيندا سنڌ سڪار، يار!
مون من اوهان موهيو.
v
ڪاپائتي
توري پوءِ اگهاءِ، ڦورو ڦولهه ته مان وڃان!
سُٽُ انهيءَ کان سڦرو، جي ڪو آهه ٻڌاءِ؟
ونئڻن هوندي واءِ، مون پڄاڻان پارکو!
_
ور ها ونگيءَ ٽڪ ۾، ڄاتئه ڀلي ڀت،
پوءِ به آڻي ارٽ کي، مون کي چيئه، ”ڪَتِ!“
پرکيئه منهنجي پت، ڦورو ڦولهه ته مان وڃان!
_
ڦورو ڦولهه ته مان وڃان، مون کان وٺ اٽل!
مان ڄاڻان جي مون ڏنا، پوڻيءَ پوڻيءَ پل،
توکي ڪهڙي ڪل، مون ڇا اوريو ارٽ سان!
_
اڻ تورئي جو آسرو، ڪڏهن مون نه ڪيو،
مون اوريندي ارٽ سان، لهي ڏينهن ويو،
چڱو، مڃ چيو، ڦورو ڦلهه ته مان وڃان!
_
ڦورو ڦولهه ته مان وڃان، تند تراڙي پاءِ!
مون کي ئي ڪس لاءِ، آءٌ نه ڪسر هيرئين.
_
سون سريکا هٿڙا گهرن ٿا انصاف!
جي تون سچ صراف، ڦورو ڦولهه ته مان وڃان!
_
وائي
مون کي مُلهه ملي چڪو، هاڻي تور نه تور،
آءٌ ڪَتِڻَ لئه ڪَتيو.
آتڻُ ڪالهه اداس هو، مون چيو، ”چرخو چورِ!“
آءٌ ڪَتِڻَ لئه ڪَتيو.
”ارهي! پنهنجي ارٽ سان اٿي آڌيءَ اورِ!“
آءٌ ڪَتِڻَ لئه ڪَتيو.
”ستي ساهه نه هڏڙا، ننڊ ندوري گهورِ!“
آءٌ ڪَتِڻَ لئه ڪَتيو.
تاڃي پيٽو پيار جو، مون جو پورئون پورِ“
آءٌ ڪَتِڻَ لئه ڪَتيو.
هاڻي ويٺو ڦولهه تون، منهنجي سپني ڏور!
آءٌ ڪَتِڻَ لئه ڪَتيو.
v
سپني ڪاپو ڪنڊ ۾، نه تتو چنڊ نه مون!
ڪتيم وچ ڪاتارئين.
اوريندي اڄ ارٽ سان، رات گذاريسون،
ڪتيم وچ ڪاتارئين.
ڪيڏي وِنگي ٽڪ آ، ڀاءُ سان ڀون!
ڪتيم وچ ڪاتارئين.
ڪتي ڪتيان ڪيترو، ڏينهن مڙيوئي ڏون!
ڪتيم وچ ڪاتارئين.
|