سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪپر ٿو ڪن ڪري

شيخ اياز

صفحو : 5

سهڻي

 

1

ڪپر اڳيان ڪُنَ، آر ته اڃا اڳتي،

آڌيءَ رات اگهور ۾، ڪيڏي ساڱر سن!

تارا تنن تن، لهرين لاءِ لباس جا.

_

آڌيءَ اونگهن ٿا، ٻگهه اڇيرا ٻيٽ تي،

چنڊ چري آڪاس ۾، اُڻي ٿو سپنا،

موهي ويا منڌ کي، ڪنن جا ڪڙڪا

ساهڙ سڏ ٻريا، سهڻي گهڙي سير ۾.

_

واري شال وڃان، پنهنجي محب مهار تان!

گهوريا جيئڻ ڏينهڙا، سرتيون! ساجن تان،

مور نه مان موٽان، ڏسي دم درياهه جا.

_

جن کي ساهڙ ساهه ۾، سي ڪئن ننڊون ڪن؟

گهڙا کڻي گهير تي، آڌيءَ رات اَچن،

جهڙڦڙ ڪانه ڏسن، ترنديون وڃن تار ۾.

_

آءٌ نه تران ايئن، جئن ڪا ٻانڊي ٻار ۾،

تکي وڃان تير جان، سگهه سموريءَ سينءَ،

ساري پار پرينءَ،ترندي وڃان تار ۾.

_

پاڻيءَ ۾ پاٺا ٿيا، مينديءَ رتا پير،

ڪنڌيءَ پهتي ڪير، جو هئن گل ڇڻي پيا!

_

مان چڪوو مان چنڊ، مان ئي پنهنجو پريتڻو،

ميهر! تنهنجو منڊ، مون کي مون ڏي ٿو ڇڪي.

_

نينهن اڙانگو نانگ کان، ڪهڙو ويڄ ڪُکيءَ!

مون کي اڄ سمجهائبو، سارو ڏينهن سکيءَ،

تنهنجي چس چکيءَ، تو بن رات نه آئڙي.

_

متان مهڻو ڏين، ڏينهن گذاريئه ڏم سان!

اٿندي وهندي مون هئي، تنهنجي تات پرين،

شال اهو سمجهين، سهڻي سدا سير ۾!

_

ساهڙ! سارو ڏينهن مون تنهنجا ساڀارا،

سرتا! منهنجي ساهه کي، ڏم ڪري ڏارا،

پيار بنان پيارا، وهه کان وتري جندڙي.

_

ڪهڙي ڪر اجار، توسان جڳ جرڪي پيو!

سينڌا! تنهنجي سنگ ۾، پاپ نه منهنجا پيار،

مر ڏي لوڪ ميار، آءٌ سدائين سير ۾.

_

گهوٽ نه آهي گهوٽ، جي لونءَ نه ڏي لائون،

مون سان توکي ٻنڌڻين، ميهر ٻڌائون،

ڏم ڏسي آئون، اندر ڀانيان اوپرو.

_

ٻانهون ساهڙ ٻک ۾، ڪنڌيءَ تي ڪامهه!

ڪيئن نه پڪي پهه، گهڙي روز گهڙو کڻي!

_

ٻانهون ساهڙ ٻک ۾، مٿان ساوڻ چنڊ!

ڏم ته ڏاري هينئڙو، گهر تڙ جيئڻ جنڊ،

ميهر! توسان منڊ، مور نه آهي اوپرو.

_

مٿو ميهر هنج ۾، مٿان ساوڻ مينهن،

ور هي توسان نينهن، گهوريو منهنجو ڄندڙو!

_

مٿو ميهر هنج ۾، مٿان پوي ماڪ!

ڇا ڇا ٿڌيءَ ٿاڪ، پرين تنهنجي پار تي!

_

 

ڇاتيءَ تي ميهار جي، سهڻيءَ ڇڙيل وار،

جهر جهر هوا جهنگ جي، اوندهه انڌوڪار،

پسائي ٿي پيار، ڀر تي دکي باهڙي.

_

ڪنڌيءَ مٿان باهه ۾، ٽڙڪن ٿيون ٽاريون،

ميهر ڏٺيون منڌ جي، اکين ۾ آريون،

ونيون ويچاريون، اڄ نه پنهنجي وس ۾.

_

ميهر اکيون آگ ۾، منڌ سڪائي وار،

شل هيءَ سڀ ڄمار، پوري ٿئي ان پور ۾!

_

متان ٽمڪو ٽيڙئو، گهگهه رهي گهنگهور،

جئن سڀ لڄ لٽي وڃي، چاهت روپي چور،

پرينءَ سان هر پور، سرچي اڄ ته سرير جو.

_

هيءَ ريساري رات، جهر جهر هوا جهنگ جي،

چڙا، چنگ، ٻري هيئون بيهي نه برسات!

پرين! شل پرڀات، رسي وڃي رين سان!

_

اڃا، اڃا اوت، پنهنجا نيڻ نهار ۾!

جيسين جيئڻ جوت، سهڻي! سونجهه مهار کي.

_

تو ڦيريندي هٿڙا، لُنءَ لُنءَ ڪڍي لاٽ،

جهوري وڌو جيءَ کي، منهنجي آڱن آٽ،

مٿان وسي ماٽ، ڀور ڏنو مون ڀاڪرين.

_

جئن ڪا ڪوري ڪنگري، امهائي ڪوئي،

منهنجو من تو ئي ميهر ائن مهڪائيو.

_

ميهر! تنهنجا هٿ، ڇڪن ساهه سرير مان،

مون ۾ ڇيد ڇهاوَ سان، آڌيءَ رات اڪٿ،

ورهه انوکي وٿ، جهٻڻ سان جرڪي پوي.

_

ميهر! تنهنجا وار، ويڙهي ويا مون هينئون،

ويهي تارن ڇانوَ ۾، ساجن سڀ ڄمار،

توسان ڪيان پيار، ٿڪجي ٿڪجان ڪينڪي.

_

ميهر! تنهنجي ٻانهن، ڏڍ انوکو ڏيهه ۾،

دک نه تاتي دانهن، تو ۾ سپنا سک جا.

_

ميهر! اڄ ته مران، جهري تنهنجي جهول ۾،

سڀاڻي سرتاج! مان، متان ڪانه وران،

نڪران ئي نه گهران، ايڏو ڏم ڏکيو پوي!

_

ڪاري ڪارونڀار مان، آڌيءَ جو ڪاهي،

آيس تنهنجيءَ ڪڇ ۾، لاڳاپا لاهي،

امرتا آهي، ساجن تنهنجي سنگ ۾.

_

پنهنجا هٿ ته جهل، منهنجو جيءُ جهري پيو!

اڀري ٿي هر انگ مان، وڄ جيان ڪا ول،

ڀور ٿئي اڄ ڀل، آءٌ اساهي سانورا!

_

ڪلهه ٿي چَڪيءَ چاڙهيا، ڪنڀر ڪپا جيئن،

ساجن! اڄ سرير ۾، لونءَ لسايئه تيئن،

هانءُ نه منهنجو هيئن، پر وس، ٿيو آڳ پيار ۾!

_

ليلا کي هر لونءَ ۾، توسان لکايوم،

هن سهڻي سنسار کي، چميءَ سان چايوم،

توسان ورهايوم، جڏهن ساهه سرير کي.

_

هيءَ جا پنن سيج، مهڪي پئي ماڪ ۾،

هانوَ نه اهڙي هيج، ٻي ڪائي سنسار ۾.

_

ڇا هي ساهه سرير کان ، آهي ڪجهه الڳ؟

پرين! تنهنجي پڳ، ٻيئي پنا پنڌ ۾.

_

ڪئن ڪو ريٽي چنڊ کي، چونڊي چانڊوڪي!

آهي اهڙو ئي ناتو ساهه سرير جو.

_

ناتو ساهه سرير جو، جنهن ناهي ڄاتو،

پورو ڪنهن جي پيار کي، تنهن نه ڪڏهن پاتو،

پل پل پاراتو، ٻيائيءَ جي ٻوجهه ۾.

_

سڄڻ اوري آءُ، سُري منهنجي ساهه ۾!

رهندو سائر ڪنڌيين، سدا تنهنجو ساءُ،

ماڻهو ڇا آهي؟ واءُ! سڀڪجهه آهه سڳنڌ ۾.

_

ڇا، مان توکان ڏور، رهي سگهنديس ڏم سان؟

ڇا، مان ڪوئي ٿانءُ هان، مٽيءَ جئن مجبور؟

پرين! تنهنجي پور، سدا رهنديس سير ۾.

_

مان جاڳان ٿي سپرين! تون ڀل سمهي پؤ،

مون کي مور نه چو، توسان ننڊ نه اڄهي.

_

اڳتي ننڊ گهڻي ميان، توسان ڪهڙِ ننڊ!

گڙن پيا گهنڊ، چڙن چپ نه ٿي اچي!

_

 

هيرؤن هندورو ٿيون، ڏکڻ واءُ لڳو،

رکي رکي رات ۾، چڙو چنگ وڳو،

اٿي منڌ ڀڳو، آرس اوٻاسيون ڏئي.

_

پکي اَسُرَ ٻولڻا، اٿيا اي مهيار!

ڇا ڄرڪي باک جي، جهونجهڪڙي جا ڄار،

ڏينهن گذاريان ڏم سان، ڪئن مان توکان ڌار؟

اُٿ! اٿ! منهنجا پيار، وڇوڙو ويجهو ٿيو!

_

متان لوڪ پرو پوي، دلڙي ٿي دهڪي!

منهن انڌيري موٽجي، چڙي نه چهڪي،

منڌ پئي مهڪي، اسر وير اٿي ڪري.

_

جهونجهڪڙي جي جهانءِ ۾، وڃڻ جي ويلا،

ٻُرن ٿا ٻيلا، جهري پيو جيئڙو.

_

تون به ته تري آءُ، ڪڏهن منهنجي پار ڏي!

سدا مون کي سير جو، ڏنئه ڇو سوداءُ!

ميهر! محب! مِلاءِ، توکي ڇڪي ڇو نه ٿو؟

_

 

 

ساهڙَ ساهڙ! تون؟ چؤ تون پيارا ڪير آن؟

اُٿي آڌيءَ رات جو، ڏئي ساهه سَٽون،

پاتو ڇا هي مون؟ تون ته اڃا آن اجنبي؟

_

پري آن ٻي پار، توڙي منهنجيءَ هنج ۾،

اڃا مون کي اجنبي، لڳين ٿو ميهار!

ڌير نه توکان ڌار، چين نه تنهنجي اوڏڙو!

_

ڇا مون پنهنجي پاڻ کي، تو ۾ سڃاتو؟

منهنجو توسان سانورا! ننهن ننهن جو ناتو،

مون توکي پاتو، يا مون پاتو پاڻ کي؟

_

ملي تو ميهار، سهڻي سهڻي ٿي وئي،

اچي آڌيءَ رات جو، ڌير نه توکان ڌار،

هري منهنجو هانوَ ۾، سدا پيءَ پڪار،

لهرين لُڙ هزار، مون ۾ تون ئي تون پرين!

_

اٿ! اٿ! ننڊ نه ڪر، متان رات رمي وڃي!

هي جي جوڀن راتڙيون، تن جون جهوليون ڀر!

پائي ڌيرُ، نه ڌر، مٿو ميهر هجن ۾!

_

 

متان ويل وهامئين، اتي امر ٿيءُ!

اڄ ساري سنسار سان، جڙيو منهنجو جيءُ،

ڌرتيءَ ۽ آڪاس سان، هونءَ نه ناتو هيءُ،

مون سان پوري پيءُ، هيءَ جا رس رهاڻ جي!

_

ڪوبه سڃي سنسار ۾، مون جئن اڄ نه امير،

متان ويل وهامئين! نديءَ ٿيءُ نه نير،

جهل مون ساهه سرير، ڪنڌيءَ جئن قابو ڪري!

_

امرت ويلو، ماڪ ۾ ڀنا پپل پن،

هي سارو سنسار آ، ڄڻ ڪي آدي ڪن،

سانت اندر ساجن، ڪيڏا گهنڊ گڙن پيا!

_

وري وڃڻو دور آ، مون کي ورونهان،

دکي دُکي رات جو، اجهاڻان، دونهان،

ڪڍيون ۽ ڪونهان، پرهه کي پرجهڻ لڳا.

_

سوچي سگهجي ڪانه ٿي، سهڻي سوا سير،

سهڻيءَ کي سهڻي ڪيو، ندي! تنهنجي نير،

ڌرتيءَ سار اڌير، مٽ نه تکيءَ تار جا.

_

 


 

 

2

گرج، گرج مهراڻ، ڇوليون وڌ ڇتيون ٿيو!

ڀلي منڊ وڌاءِ تون، مدائيءَ جا ماڻ!

جيسين مون ۾ پراڻ، ترندي وينديس تار ۾.

_

چئي سگهان ڪينڪي، چوڻ جي چاهيان،

وني محب ميهار جي، ازل کان آهيان،

ڪنن ۾ ڪاهيان، لڪي ساري لوڪ کان.

_

ڀلي ڏمري ڏم، آءٌ انهيءَ جي آهيان،

جيڪو سدا ساهه ۾، جنهن لئه چڻڪي چم،

لاهي لوڪ ڀرم، ملان شل ميهار سان!

_

انڌي آڪهه جنهن ڪيو، منهنجو آؤٺو سڱ،

ازل کان مون اڳ، ميهر! توسان اڙيو.

_

ديواني درياهه کي، ڪيڏي گڦ چپن!

پيرين ان جي پيڪڙا، وجهي ڪُن ڦرن،

ڇيڙ انهيءَ سان ڇوليون، ڪري ڪارون ڪن،

پو به نه  ٿيون ڇرڪن، جن کي ساهڙ ساهه ۾.

_

ڪارا ڪارونڀار! هٽين ته هيڪر ڏسان،

اڀري جيڪر سير مان، پريان پرينءَ پار،

الا! مون ميهار، ٻوڙيو ڪاريءَ ٻاٽ ۾.

_

ستارو! چئجوس، ’سهڻي ٻڏي سير ۾،

’اسان اکيون ٻوٽيون، ٻڏندي ڪونه ڏٺوس،

’اوندهه اڙايوس، تو لئه ڪاري ڪن ۾.‘

_

تون به لڪي وئين چنڊ، آڌيءَ جو آڪاس ۾!

مون سان ساري منڊ، وڌو وير اٿاهه ۾.

_

ڄرڪا! سچ چئي، ڀل پٽيو مون ماس کي،

جر ۾ اهڙي جندڙي، اڳ به ڏٺو ٻي؟

ڇا ڪنهن گهير گهڙي، هيئن سڳنڌيو سير کي؟

_

سچ چئو اي لوهڻيون، چڪين ماس کڻي،

ٻيءَ ڪنهن جي ٻوٽي اوهان، اڳ به هيئن وڻي؟

آڌيءَ رات آڻي، ترندي وئي ڪا تار ۾.

_

سهسين سيسارو! آءٌ نه وري اچڻي،

ڪيو، جيسين آهيان، مئيءَ تي مارو!

ساهڙ سانڀارو، ڇڪي ڇنو ساهه مان!

_

مور نه مڙو مانگرو، وڏا وات پٽيو،

منهنجو جيءُ جهٽيو، آءٌ نه وري اچڻي!

_

صدين کان پو مون جيان، سانگو پلي ساهه،

گهڙو کڻي گهير تي، ايندي ڪا درياهه،

ٻڏي ٻوڙ اٿاهه! آءٌ نه وري اچڻي.

_

لڪڻ لڳيون لوهڻيون، جڏهن چنڊ کڙيو،

دانهن ڪري درياهه جئن، مٿان مڇ چڙيو،

سهڻيءَ ساهه مڙيو، ميهر سان مهراڻ ۾.

_

 


 

 

وائي

اڳ نه مران ميهار، يار!

توکي ڪنڌيءَ ويکيان.

ڏاڍا ڌڙ درياهه جا، ڪڪر ڪارونڀار، يار!

ساري سير سڳنڌ ۾، لهرين لوڙهيم وار، يار!

ڪونهي انت اٿاهه جو، پاڻي تارئون تار، يار!

ڏهڪائي وئي ڏيل کي، ڀيلي جي ڀلڪار، يار!

ٿڻن چنبڙيون ٿيلهيون، مڙيا مڇ هزار، يار!

اچي ٿي اوڙآهه ۾، چنگ چڙي جي لار، يار!

ڪوبه نه آهي، جو ٻُڌي ٻُڏيءَ جي ٻاڪار، يار!

v

 

آڌيءَ اُٿي مون ٻُڌا ساهڙ تنهنجا سڏ

لڪي ساري لوڪ کان.

مَئي متي مهراڻ ۾، مڏ به ڪهڙا مڏ!

جنهن جوآر نه پار ڪو، مون لئه پاڻيءَ اڏ!

تون ئي ترين تار ۾، هئي رڳا هڏ!

v


 

 

سدا منهنجي ساهه ۾، ساهڙ تنهنجي تات،

مون کي ننڊ نه اڄهي.

گهڙو چايم چيلهه تي، اٿي آڌيءَ رات،

اڀري آئي اڀ ۾، بانورجي برسات،

دم ڏسي درياهه جا، مور نه کاڌم مات،

ساهڙ! توکي ساريان، توڙي واڳن مات.

v

 

3

سهڻيءَ سوچيو سير ۾، ’آءٌ ڇڏي گهر ٻار،

’اڌيءَ اٿي ڳوليان، ڇا لئه ٿي ميهارُ؟

’هاءِ پراهون پار، جنهن ۾ چنگ ٻُرن پيا!‘

_

سهڻيءَ سوچيو سير ۾، ڏسي انڌوڪار،

’سهڻيون ڪيئي، مون بنا مرندو نه ميهار،

’ڪاهي ٿو ڪنهن ڪُنَ ۾ مون کي ڪارونڀار،

’هاءِ، پراهون پارُ، جنهن ۾ چنگ ٻُرن پيا!‘

_

’اڳتي ڪيئن وڃان‘، سهڻيءَ سوچيو سير ۾،

’ڪيڏو ڏور پرار کان آهيان آءٌ اڃان!

’گهڙو پنهنجو گهير تي، موٽي ڇو نه ڀڃان؟

’هئه هئه ڪيئن مڃان، سڏ ٻرن ٿا ساهه ۾!‘

_

ڪاري ڪارونڀار تي، چيهه ڪيو چمڪار،

سهڻيءَ سوچيو سير ۾، ’مان ئي هان ميهار،

’مان ئي پهچان پاڻ کي، مان ئي پنهنجو پار،

’مون سان پاڻ پرار، تري پيو تار ۾‘.

_

 

ڪارا ڪڪر اڀ ۾، چنگ چڙي جي لار،

ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا، منڌ ملي ميهار،

لهرين لڙهندا وار، ڪانڌ ڪرايون چيلهه ۾.

_

سدا ڪائي سير ۾، سسي کي سيسار،

سدا چمڪيا چيهه ۾، لهرين لڙهندا وار،

سدائين اورار، تريا تار پرار ڏي.

_

سدا سڏڙا سير جا، وجهي قرب ڪڙا،

آڻيندا اورار تي، مٿان گهير گهڙا،

سدا چنگ چڙا، ٻرندا ڏور پرار تي.

_

ميا متا مهراڻ! شال سدا وهندو رهين!

هيل به تنهنجي سير تي اڳي جئن اهڃاڻ،

ڄرڪن پيئي ڄاڻ، لڙهيا وار لڙاٽ ۾.

_

هي جو سڏ پرار جو، شال نه ٿي پورو،

سدا اڌورو، سڏڪو رهي سير ۾.

 

ليلا

 

1

جو چاهين سو چونڊ تون، مڻيو توڙي ماڳ!

ڀوري تنهنجو ڀاڳ، آهي تنهنجي وس ۾.

_

هرک ٻنهي تي هارئين، اهڙو نرڳ نه ڪو!

ور سو ماڻهو، جو هجي اُڻ تُڻ کان آجو!

هان، هي آهه مڻيو، هان، هوءَ سيج سهاڳ جي!

_

امر کي آڏو ڦري، سگهي ٿو انسان،

آهي ماڻهوءَ وس ۾، ازل کان امڪان،

ليلا! سو نادان، جيڪو لکيو لوڙئي.

_

 

2

آئي اڳيان آرسيءَ، ليلا پائي هار،

ڇرڪي ڏسي ڪانچ مان، ڪاريهر جو وار:

هئه هئه هن جو پيار، ڀورا ڀورا درسني!

_

ڌرتي تنهنجي درسني، ڏس تون پنهنجو پاڻ!

مدائيءَ جو ماڻ، جو تو چاهيو چت ۾!

_

ليلا! توسان ڪونه هو، مڻئي کي ڪو موهه،

هي تنهنجو ئي ڏوهه، جو تون هرکينءَ هار تي.

_

تون ته مڻئي کان موهڻي، هَئي! ڪئن هرکينءَ؟

ڪوڙو چمڪو ڪچ جو، کوٽي اُنَ جي کينءَ،

پرکي ڪالهه پرينءَ، ڏنئه ڏنڀ ڏهاڳ جو.

_

ليلا! ڪابه ڪريت، پاڻ نه ٿي ميسارجي،

هاڻي جهوري جندڙي، چنيسر کي جيت،

پَلَ جي جوٺي پريت، ڪيڏو جنجل جيءَ جو!

_

 

 

ليلا! ڪنهن به ڪُريت سان سُکُ نه آ پاتو،

ڀوري! تنهنجي ڀل سان، ڇڳو جو ناتو،

پل پل پاراتو، آهي ڄڻ ته ڄمار جو.

_

ليلا! ڪؤنرو ڪچ، پرک پرين جي پريت جي،

ڪوڙ منجهاران سچ، پاتو ڪنهن نه ڪريت سان.

_

ليلا! ڪنهن به ڪريت سان، ريت نه ٿي چوکي،

اڳي کان اوکي، جاڙ پرائي جندڙيءَ.

_

هَئي! سڀ حيلا، پرکج ريت ڪريت تي،

چنيسر سان چاڳ جا، ڪوڙا وسيلا،

لوڙائن ليلا، ڏئي ڏنڀ ڏهاڳ جو.

_

سدا توکي سچ، ڳولي پيو، ڳجهه ۾،

ڳولائوءَ ڏي ڳهلڙي، تون به ته اوري اچ!

ها، هو ڪائو ڪچ، دور ڪري ٿو داسڙو.

_

 

3

ڇا هيءَ ساڳي منڌ آ؟ يا آهي ٻي ڪا؟

لنگهي هئي ليڪا، ڇا هيءَ ڪؤنروءَ ڪچ تي؟

_

هيءَ جا جَرڪي سونَ جان، پيڙا منجهه پئي،

ساڳي ليلا ناهه ڙي! ڪٿي هوءَ هئي!

هرکي ڪالهه وئي، جيڪا ڪؤنروءَ ڪچ تي.

_

چائت لاهي چت مان، ماڻهو پائي پر،

آجو ٿي ائن ٿو هلي، ڪونج کڻي جئن ڪر،

مڻئي موهه نير، جاڙ نسوري جيءَ سان.

_

مڻئي تي جو موهجي، دک پرايو تو،

تنهنجي لاءِ چڱو هيو، مان ائن ڀانيان ٿو،

هونءَ چنيسر جو، ساٿ سڃاڻين ڪيئن ها؟

_

ڪؤنروءَ بنا ڪانه، ليلا ليلا ٿي سگهي،

ڏکيءَ پاتا ڏان، پاند جهلي پڇتاو جو.

_

 

 

مومل

 

1

اَلا اچڻ وير، سڄڻ صديون لاٿئين!

آءٌ ڪنائي پير، تو لئه تڪيان ڪيترو؟

_

ڏس هيءَ ڪتيءَ راتڙي، ڀنڀرڪي ڀيڙي،

الا ساهيڙي، سڄڻ اڄ نه آئيو!

_

ادي، اڄ به نه آئيو، سڄڻ ڀني رات،

جيڪر هن جي تات، تن مان آءٌ تڙي ڪڍان!

_

ڇا مان وسايان، روئي نيڻن ڏيئڙا؟

ڪنهن جي ڪرهي لاءِ مان ڪيسين ڪنايان؟

هاڻي مان ڀانيان، ڪوبه نه ايندو ڪاڪ تي.

_

ڪيڏي لنبي رات آ، ڪيڏو انڌوڪار!

ٽيڙوءَ ٽمڪو ناهه ڪو، اوندهه آهه اپار،

سامي سج اڀار، ڪوبه نه ايندو ڪاڪ تي.

_

ڪارا ڪڪر ڪاڪ تي، ٻاهر چارا چڪ،

ڪيڏو ڪارونڀار آ، ڪيڏي تارن لڪ!

سهمي ويندي سڪ، ڪوبه نه ايندو ڪاڪ تي.

_

هو جو مُنڊيِ ٽڪ، تارو ڪاري مَنڊَ ۾،

تنهن به ڪئي آ اوچتو، لڳهه هيٺان لڪ،

سهمي ويندي سڪ، ڪوبه نه ايندو ڪاڪ تي.

_

راڻا مون کي چين، موٽائي ڏي مينڌرا!

رئي تو لئه رين، ڪيسين ڪاٽيان ڪاڪ ۾!

_

ڏيئا تيل ڦليل جا، ڦوڪي وسايان،

توکي واري مينڌرا! اڻ تڻ اجهايان،

وري نه لايان، ميٽي لنو لِلاٽ مان.

_

راڻا! او راڻا! سڏ وراڻين ڇو نه ٿو؟

ڪٿي آهين مينڌرا، ڀينگ ٿيا ڀاڻا؟

ڪنول ڪومائا، ڀونر ڀونءِ ڇڏي ويا!

_

ڪٿي آهين مينڌرا؟ مون کي سڏ ته ڏي!

وئين هيئن ڇڏي، ڪهڙي ڪارڻ ڪاڪ ۾؟

_

توسان منهنجو مينڌرا، ڇو هئن انگ اڙيو؟

هينئون ڏيئي وٽ جئن، ساري رات سڙيو،

ڪنهن هئن جيءُ جڙيو، منهنجو توسان ڪاپڙي؟

_

ناتر! مون کي جهل، منهنجي وس نه هينئڙو!

متان ٿي پاڳل، ڪيان رک رتول کي!

_

ڏس هو مون تي ٿو کِلي، لوٺيو لُڊاڻو،

سومل! سچ پچ ڪاڪ تي، ايندو نه راڻو؟

هي جي ڪُماڻو، ڪنول ٽڙندو ڪينڪي؟

_

الا، رت ڏئي، مون جوڙيو جنسار کي،

پوءِ جو ڏٺم ڪاڪ کي، ساري پيڙ وئي،

مٿان ماڪ پئي، رتو رنگ رتول جو.

_

مومل! ٻيهر ٻار، سارا ڏيئا ڪاڪ جا،

کيهه کٽن تان ڪامڻي، لاهي هنڌ اجار،

هئي! هانءُ نه هار، نيٺ ته ايندو مينڌرو.

_

تو ۾ ڪمي ڪامڻي، هن جو ڪهڙو ڏوهه؟

مورک! پنهنجو موهه، جاچي ڏس تون جيءَ ۾.

_

اچڻو آهي اچتو، راڻو ڦٽيءَ باک،

ساجهر تنهنجي ساک، لڊاڻي ۾ ليکبي.

_

پيڙا جي هر پور ۾، رچي ٿو راڻو،

سرجي سڀاڻو، سدا ڪاريءَ رات ۾،

_

پيڙا جي هر پور ۾، هيءَ جا ڪاڪ ٺهي،

ويندي ڪانه ڊهي، نيٺ ته ايندو مينڌرو!

_

مومل جيسين ناهه ڪو، تو ۾ رساڻو،

سڀاڻي راڻو، ڪَهي ايندو ڪاڪ تي.

_

راڻو ڪاڪ سواءِ، رهي رهندو ڪيترو؟

مومل! هو تو لاءِ، اجهو پيو پنڌ.

_

ڪرها چندن هيرئان، لاڻو ڪونه چرن،

موٽي ماڳ ورن، وهسي ساڳي واس تي.

_

ايندا ايندا ڪاپڙي، رتو روءُ نه تون!

ويهي واس چڳون ٻيهر تيل ڦليل سان.

_

 

ايندا ايندا ڪاپڙي، لهند اڏوريءَ ڏک،

راڻو سدا سُک، ڏکن ٿورا ڏينهڙا.

_

مين بنا ماڪ، ڪهڙي چندن چوٽئين!

ناتر! ٻوٽ نه تاڪ، نيٺ ته ايندا ڪاڪ تي.

_

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org