سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪپر ٿو ڪن ڪري

شيخ اياز

صفحو : 3

سورٺ

 

مان ئي ٻيجل آهيان، مان ئي راءِ ڏياچ،

منهنجو ڪنڌ ڪماچ طلبي پيو تند ۾.

 

1

چوٽا چندن واسئان، ويروتار ورونهن،

سورٺ ساري سونهن، اڃ اجهي ئي ڪين ٿي.

_

مٿي چنيءَ چٽڙا ويروتار ورونهن،

سورٺ ساري سونهن، ڍاپي ڍاپان ڪينڪي.

_

گهاڙوءَ گهڙيو ڪونه، ڳهڻو تنهنجي ڳل جئن،

سورٺ! توتي ڇونه، ور ور مان واريو وڃان!

_

سورٺ! سونارن پياليون هيئن نه پلٽيون

آڌيءَ رات اڀار ۾، ڇا ڇا تنهنجي تن!

وني! تنهنجي ون، ڪندن ڪاڻيارو لڳي.

_

ٻانهن مٿان چپڙا، بازوبند لڏن،

ڳچيءَ منجهه ڳراٽڙيون، ڳل پٽ ڪارون ڪن،

ٽمي نور نهن، هٿ چميندي منڌ جا.

_

هٿ نه ههڙا مون ڏٺا، جهڙا نيل ڪمل،

لهرين جئن لڙهندا ويا، تن تي پيارا پل،

جيءَ نه آئي جهل، ساري رات رمي وئي.

_

موتي موتي ٿي ويو، سورٺ تنهنجو مُک،

ڌرتيءَ ويڙهيو دک، تو جو ڏنا ٽهڪڙا.

_

ٽهڪن ساڻ ٽڙي پئي رات رتول جي

منجهان کينءَ کڙي ڄڻ ڪا مکڙي اوچتو.

_

ٽڙي ڏيئي ٽهڪڙا، ڪامڻ ڪرني رنگ،

سرهي! تنهنجي سنگ، جهرڻا منهنجي جيءَ ۾.

_

ٽهڪن منجهه گلاب جا ٽڙيا ڳاڙها گس،

منهنجي ٿوري ڀل، کلندي منڌ کڙي پئي.

_

سورٺ روپ انوپ، سهسين سانگ سُهاڳ جا،

سورٺ! تنهنجي روپ، مايا ارٿ پرائيو.

_

جهرڪن پيا جهانءِ ۾، تو تي هيرن هار،

اهڙو چمڪو چنڊ کي ناهي سڀ ڄمار:

توئي منهنجا پيار! هيرن کي هيرا ڪيو.

_

سورٺ! تنهنجو روپ، جئن مندر ۾ ڏيئڙا،

مون من مڙهيءَ ڌوپ، سدا تنهنجي سنگ ۾.

_

تو جو نيڻ نمائبا، مرگهن کاڌي مات،

اکين مان الماس جان، اڀرين آڌيءَ رات،

تن ۾ ٻاري تات، ڪيڏي آندءِ ڪامنا!

_

جهرمر جهرمر جهومڪيون، ٻر ٻر ڪنگڻ ڪن؛

نِوڙي نٿ نموريون، مٿان مُرڪ لڏن،

پهتا چپ چپن، سون سمايو ساهه ۾.

_

تو تي تن من واريان، تو جئن ڪير ڪنوار!

هونءَ ته هن سنسار جي ليلا آهه اپار،

پر مون تنهنجي پيار، سڀڪجهه پاتو سندري!

_

ڏس هو لهندي سج ۾، ڪاوا ٿا جهرڪن

رم جهم رم جهم تروار، چوڌر ٿا چمڪنـ

ڇا ڇا منهنجي من، سرتي تنهنجي سنگ ۾!

_

ڏس هوءَ رات رتول تي آئي ڪي آئي؛

جهرمر جهرمر ڏيئڙا، جهڙا سهائي!

اگر سرهائي، ور ور آئي واءُ مان.

_

موتئي جي مهڪار ۾، پئي سيج سڏي،

اوري آءُ، ڇڏي، مان به ته تنهنجي آرسي.

_

مان به ته تنهنجي آرسي، مون ۾ ئي ڏس پاڻ،

اکيون اکين ساڻ، ڳالهائن ٿيون ڳجهه ۾.

_

ڏيئا تيل چنبيلئا، اڇي چندن واس،

مليو تنهنجي سواس سان، سورٺ منهنجو سواس،

من به هاڻي ماس، سڀڪجهه توسان واسيو.

_

ماس به هاڻي من، سڀڪجهه تو سان واسيو؛

ڄڻ ڪو پکي پار جو، تنهنجو منهنجو تن

مٿان گهور گگن، اوڏارون انڌڪار ۾.

_

 

وائي

اگر ٻار نه تون، چڳون واس نه تون

مون من توسان واسئو.

وار ورائي ڪنڌ تان، ڇوڙي ڇڏي سڳيون

مون من توسان واسئو.

ڪيڏيءَ ساهه سڳنڌ ۾، رات گذاريسون!

مون من توسان واسئو.

جئن ڪي ڦڳڻ ماس ۾، مکڙيون مروي جون،

مون من توسان واسئو.

جئن ڪي ڀنيءَ رات ۾، ٽانگر جون ٽاريون،

مون من توسان واسئو.

مشڪ انوکي مرگهه جي، اهڙيون خوشبوئون!

مون من توسان واسئو.

سرکنڊ سرهو تو جيان، ڏٺو مور نه مون،

مون من توسان واسئو.

v


 

 

 

سورٺ! تنهنجو پيار

مارڳ آهي موک جو.

آهين راءِ ڏياچ لئه، تون سارو سنسار.

توسان ڪيڏو موهڻو آهي مايا ڄار!

تون ڪو ساگر سونهن جو، تنهنجي سونهن اپار.

آ ڳانجهو اوري ڪري، اکڙين جو اسرار.

توتي موهيو ڇو نه هو، ساکي سرجڻهار!

v

 

 

 

سورٺ! منهنجو ساهه، اڄ ڇوآهي اوپرو؟

ڇڪي ٿو ڪو ڇوهه سان، مون کي انت اٿاهه؛

ڪيڏي پيڙ پساهه، آٿت ڪوبه نه آئڙي!

_

ساري رات رتول تي، ڪونجون ٿيون ڪڻڪن؛

مون کي رولا روهه جا، چت اندر چڻڪن،

ڀُنءِ مان ڀڻ ڀڻ ڪن، سڏ انوکا سانت ۾.

_

هوءَ جا سين وڳي، سورٺ تو به سئي اها؟

ڄڻ ڪا ڪوڪ ڪٽار جئن، منهنجي جيءَ لڳي!

ڄڻ ڪنهن ڀت ڀڳي، آڌيءَ رات رتول جي!

_

ڪير هيو سورٺ اهو، ڪنهن هئن اهڙو وڍ؟

ڏاري منهنجو ڏڍ، جاجڪ ويو جود ۾.

_

اهڙي جهانءِ جهروڪ ۾، اڳ نه پئي ڪا،

ڄڻ ڪوئي ڊاهي ويو، قسمت جا ليڪا

ڇا تو سئي ڪا، ڪوڪ ڪٽاري وانگيان!

_

اڀري ڪا آواز مان، آڌيءَ رات، آڻي،

هيڪر سين هڻي، ماٺ ڪري ويو منگتو.

_

ٻُڌ! ٻُڌ! ٻيهر ٿي اچي، سورٺ! ساڳي سين،

اڳ به انهيءَ چين چايا منهنجي چت مان.

_

هاڻ ته هر هر ٿو وڄي، واڄو وڄ سمان،

ڌرتي ۽ آڪاس ڄڻ، ڪن ٿا اڳ سنان:

سورٺ! هي مهمان، باسي ناهي ڀونءِ جو.

_

اڳ اهو آواز، گونجو نه گرنار ۾،

آهي وڍ موجود جا، صدا ناهي ساز:

اڳ اهو انداز، مون نه ڏٺو ڪنهن منگتي.

_

ڪنهن جا ٻهه ٻهه ٻول، ٻريا ٻاهر ٻاٽ ۾!

آڌيءَ رات رتول، ٻري پيا ڏيئڙا.

_

سورٺ! هي انسان، آهه انوکو ڳائڻو،

هي جو اڀريو ساز مان، نڪري ساهه سمان:

ماڻهو آهه مهان، مور نه آهي منگتو.

_

 

سورٺ! هي آواز يا ڪاريهر جي ڪاٽ!

ڪيڏي انگن اٽ، ڪيڏو لونءَ لُڇي پئي!

_

هوءَ جا صدا ساز جي، ڄڻ ڪا ڏيئي لاٽ،

ڌيري ڌيري ٿي وئي، ڀنڀٽ جا ڀڙڪاٽ:

ڪيڏي ڄر ڄراٽ، آهي ان آواز ۾!

_

سورٺ تنهنجا ڳهه چمڪڻ لڳا چنڊ جان؛

سارا رنگ رتول جا، ٻول ڪيا ٻهه ٻهه؛

چارڻ ڪيڏي ڪهه، اڀري ٿو آڪاس ۾!

_

سورٺ! تنهنجون آرسيون مڙي ميڻ ٿيون،

آيون اَنحد ناد مان، چڻنگون چارڻ جون:

روڪ انهيءَ کي تون، ڪندو رک رنول کي!

_

سورٺ، هي آواز يا شِوَ جو تانڊو ناچ،

ڪاري رات، ڪُماچُ ڄرڪي پيو ڄر ۾.

_

سرسوتيءَ جي سنگ ۾، ڪالي ڀينڪر روپ،

آڌيءَ رات انوپ، ڪنول اڀريو آگ مان.

_

 

جئن ڪو ڌڪي ناوَ، ڪاري ڪارونڀار ۾،

سورٺ! هن آواز ۾ پيڙهين جا پڙلاوَ،

ڏيئي گهرا گهاوَ، وڍي ويٺو انگڙا.

_

سرهو ٿي سر کنڊ، ڄرڪي جيئن ڄراٽ ۾،

تئن هن مانڊيءَ منڊ، جلي جيءُ سڳنڌيو.

_

سورٺ! ڇا هنن اوچتو، اڀري ٿو آواز؟

ڄر ۾ ڄرڪي ٿو پوي، صدين کان پو ساز؟

اڳ اهڙو اعجاز، مون نه ڏٺو ڪنهن منگتي!

_

صديون رهي سانت ۾، اڀري ٿو آواز،

ڪيڏيءَ جيءَ ولوڙ سان جڙي ٿو هي ساز!

راڳي سارو راز، ڳجهه ڳجهاندر ڳالهڙي!

_

پويون راتيون مانگهه جون، اونداهي تيرس،¨

پلا پاڻيءَ ۾ جليا، باهه نه ڪئي بس!

آءٌ نه پنهنجي وس، چارڻ مون کي چائيو.

_

پکين پر ڄرڪي پيا، ڀنڀٽ ٿيا بڙ،

وڻ وڻ جي،الاپ سان، جر ۾ جرڪي جڙ،

سارا تڙ اوتڙ، چمڪيا چوڏهين چنڊ جان.

_

سورٺ! هيءَ پُڪار، ڏونگر سڀ ڏاري وئي،

پنهنجيءَ آديءَ سانت مان، ڇرڪ ڀريو سنسار:

ڪيڏا ڪاري وار، آهي تان تنبير جي!

_

صديون سرجي ٿو پيو، رڳن منجهه رباب،

صديون پنهنجي خواب ۾، گهاري ٿو ڪو خواب،

تڏهن اهڙو تاب، اچي ٿو آواز ۾.

_

سورٺ! ڏس نه ڪير، اڄ هئن اڱڻ آئيو؟

جرڪايو جنهن جيءَ کي لاهي ماڻهو مير،

ڀان نه اهڙو ڀير، اڳ ڏٺو مون ڪڏهين!

 

3

 

ملهه مهانگا منگتا، سر جي صدا ڏين،

چارڻ پنهنجي چنگ سان، ماڻڪ نه ميڙين،

آڌيءَ جو آڻين، ڀري آگ الاپ ۾.

_

سرندي ساٿ ڏئي، مٿو ٿي مانائتو،

متان مال متاع جي، تو ڪا ڳالهه ڪئي!

هر ڪو راءِ رئي، سون ٿئين جي ڏئين!

_

جي تو ساڃهه ساز جي، ملهه مهانگو ناهه:

مون سان ساٿ نباهه، جهونا ڳڙهه جرڪي پوي.

_

آءٌ نه ڪاڻيارو ميان، تون ئي ڪاڻيارو،

سر جو ساٿ ڏئي ٿئي مٿو موچارو،

چارڻ بن چارو، راجا تو نه رتول ۾.

_

اڻ تڻ اجائي، راجا هيءَ رتول ۾!

جي اڄ تنهنجي جندڙي وڍي ٿي وائي،

متان راڳائي، مٿي بن موٽائين!

_

ماڻڪ مٽيءَ جيئن، مور نه ڀاسن منگتي،

جهاتيون وجهي جيءَ مان، ڪنڌ لڪايئه ڪيئن؟

آءٌ نه وڃان، ايئن، هيڪر تاڻي تند کي.

_

سورٺ کي سمراٽ تون، ٻيهر ڏسندين، ڪيئن،

جي تو ڪنڌ لڪائيو هور پرائي هيئن!

آءٌ نه وڃان ايئن، هيڪر تاڻي تند کي.

_

جي تون ڪنڌ ڪماچ سان، سرچائين سائين!

جيئين سدائين، جهونا ڳڙهه جي جيءَ ۾.

_

تنهنجو گل گرنار ۾، جي مان ڇنان هاڻ،

گهر گهر گلڙا ٿي وڃي، سڀڪو ٿي سرهاڻ:

ڪنڌ ڪڪوري آڻ، آجو ٿيءُ اقرار ۾.

_

ڏس تون پنهنجي پاڻ کي، ڇا تون ساڳيو راءِ؟

سورٺ سورٺ آ اڳين، لالڻ تنهنجي لاءِ؟

ڪنڌ ڪپائي پاءِ، هاڻي پنهنجي پاڻ کي.

_

جي تون منهن موڙي وئين مون کان سورٺ ور!

مون لئه ٻيا ڀي سر گهڻا، ڪيئي داني در،

مون کي ٽاري پر، رئندين رت رتول ۾.

_

جنهن به ٻڌو هڪوار، تڙڦي منهنجيءَ تند کي،

تنهن جي وس نه هينئڙو، تنهن تي ڪنڌ ميار،

موٽي سڀ ڄمار، رئندين، رت رتول ۾.

_

ڪنڌ نه تنهنجو ڪنڌ، هاڻي مان ان جو ڌڻي،

پيرن ۾ پينار جي، پارک تنهنجو پنڌ!

چين نه ڏيندءُ هنڌ، سک نه ايندءِ سيج تي.

_

هن ساري سنسار جي مايا مد مئي،

تو ۾ تند ڪئي، مرندي تائين اوپري

_

اچ! اچ! آجو ٿيءُ، نائي ڪنڌ ڪماچ کي،

جادوءَ منجهه جڙي ويو، جاجڪ تنهنجو جيءُ،

متان ڀانئين ايءُ، مون بن سمهندين سک سان!

_

آءٌ اهو اسرار، جنهن کي تو ڳوليو پئي؛

مون کان وانجهي ٿي ويو، تو ڀانيو سنسار!

تنهنجو قول قرار، مون سان ڄائي ڄم کان.

_

جت ڪٿ آءٌ ٻران پيو، تون ويندين ڪيڏانهن؟

آءُ هلي هيڏانهن، واري ڪنڌ ڪماچ تي.

_

تو ڀانيو مان اوچتو تو ڏي آيو هان!

وير و تار ٻران پيو، تند تپائي مان:

هاڻ پر تو مون کان، ٻوڙيءَ ٻوجهه لنوائيو.

_

مور نه ٿيندي راڄيا، سورٺ سرندي مٽ!

مَٽُ نه هن آواز جي، ڪوبه پٽيهر پٽ؛

ڇائي آهي ڇٽ، آءٌ امرتا آهيان.

_

ماڻڪ مٺين منجهه، مَٽُ نه هن آواز جي،

ويرو تار ٻري پيو سرندو صبح سنجهه،

ڏينهن وجهين ڇو ڏنجهه، مون کان منهن موڙي ڪري.

_

ڪينز چائي ڪنڌ، اڳي کان اڳرو ٻري،

هيءُ انهن جو هنڌ،  سُرَ تي جن سِرُ واريو.

_

ڪينز لهوءَ لال، اڳي کان اڳرو ٻري،

تندون رت جهٻيليون، ڀونءَ انوکو ڀال،

هئه هئه تنهنجو حال، موٽايئه جي منگتو!

 

 

4

مٿو هٿن مٿ، پير اڃا ڀي پنڌ ۾:

چارڻ! ملهه نه ڪٿ، انکي توري تند سان.

_

متان مٿو ڀانئيين، ناهي ڪائي وٿ!

ڪري ڪينر پٿ، موڳي ويئه منگتا!

_

ٻيجل! ٻيجل! تو جيان، ڪيئي ڪينر پٿ،

پر هي مٿو ڪورجي، سڀ کان آهي مٿ،

چارڻ! ملهه نه ڪٿ، ان کي توري تند سان.

_

آهي پرک پڪار جي، مڱڻا هيءُ مٿو،

جيڪو اڄ لٿو، تڙڦي تنهنجي تند سان.

_

تند نه رڳو لوهه، مٿو گل گلاب جو

مٿو، جنهن ۾ موهه، ايڏو آهي تند سان.

_

 


 

 

 

وائي

مٿي ڪهڙو مل،

گهوريو گهوريو، گهوريو!

اڄ ڪوئي گرنار ۾ ناهي ههڙو گل

گهوريو گهوريو، گهوريو!

چارڻ آيو چپ ۾، لوڪ هلاچو هل،

گهوريو گهوريو، گهوريو!

تند ڪڪوري ڪنڌ سان، تند نه ڪوئي نل،

گهوريو گهوريو، گهوريو!

ڪنڌ ڪريو، آڪاس ۾ ٺهيو ڪوئي نل،

گهوريو گهوريو، گهوريو!

سِرُ ڪپجي سُر ٿي ويو، ڀورا! ڳالهه نه ڀل،

گهوريو گهوريو، گهوريو!

v


 

 

نوري تماچي

 

1

ڪيڏي ڇلر ڇٽ، آهي ڪينجهر ڪنڌيئين!

سارا پڌر پٽ، ککي، هاڻيون کاريون!

_

ککيءَ کاريون جندڙيون، هينئان ڇڇيءَ ڇڄ،

تن کي ڪهڙي لڄ، جن کي ساڙ سڳنڌ سان.

_

تماچي! تڙ آءُ، ته ميءَ مهانڊي ٿي وڃي،

توکان سواءِ سپرين، سڀ ۾ ککيءَ ساءُ،

الا، مون کي ماءُ، ڄڻي ڄاري، اڇليو!

_

ڪلهه مون ڪنول گُل، اچي تن کي آڇيا،

پو ته ٻڌين ها لوڪ جا، ووءِ هلاچا هل،

بس هيءَ منهنجي ڀل، مياڻي مهڪي پئي!

_

آءٌ آواهي آهيا، سرڻ تنهنجي سام،

تماچي تڙ ڄام، موهي متان ڇڏئين!

 

 

2

ڪيئن چوان ڪينجهر، نوريءَ کي نوري ڪيو!

گذريون ڪيئي گندريون، ڄام نه آئي ڄر،

نوريءَ پرکي پر، ڪينجهر کي ڪينجهر ڪيو.

_

ڪيئي ڪينجهر ڪنڌيين، اڀيون آهيون ڪن؛

گذري ڪيئي گندريون، سهسين سال سڪن،

تنهن کان پوءِ اچن، تڙ تي ڪنهن لئه تڙ ڌڻي.

_

مياڻيءَ تي ماڪ ۾، ڪيڏا ککيءَ ڍير!

ڪنول چونڊيو ڪنڌيين، اٿي اسر وير؛

متان پرينءَ پير، ڇڇيءَ کان ڇرڪي وڃن!

_

ڄارو ڏسي ڄام، متان ماڱر ڇڏئين!

ڄڻي ڪائي جندڙي، اڳ نه اهڙي عام،

جي تو ماڻهوءَ مامَ، موٽ نه گهوري ميءَ کي.

_

پاڇو ئي پڌرو، اڏيءَ اڳيان ڄام جو؛

آڳ نه اهڙو آئيو، مياڻيءَ مٿان ڪو؛

ڇڇيءَ ڇرڪ ڀريو، گهورڻ لڳي گندري،

_

جئن مون گندڻ وڍ، وڍيئه تيئن وجود کي،

ڇو تون ڇڏي سميون، لڳين منهنجي ڪڍ؟

ڇا هيءَ تنهنجي اَڍَ، يا مون ۾ ڪائي مڻيا؟

_

وڃ، وڃ، ڄام ميان، گهوريو تنهنجو پريتڻو!

وڌءِ وڍ وجود ۾، ترڇي ڪات جيان!

ڇڏ، مان ٿانءِ ٿيان، ککيءَ مان ڇو ٿو کڻين؟

_

ڀر ۾ بيهي ڀاءُ، مون کي سمجهي اوپرو،

ککيءَ ۾ خوشبوءِ ٿيو، سما تنهنجو ساءُ،

لڳو انر واءُ، ويڙهو مون سان واسيون.

_

اڳ ۾ ئي مون ۾ هيو، سما تنهنجو ساءُ،

توسان منڌ ملاءُ، ايئن نه آهي اوچتو.

_

مون ماريندي مڇيون، ڇاريون وجهندي ڇڇ،

تنهنجي ڏيکاري ڏني، هر هر اڀري اڇ،

سارا رائون رڇ، رانول توسان رڱيا.

_

جئن موراکيون مند تي، اڀري ٽپا ڏين،

توکي تئن سارين، ساجن، منهنجا آنگڙا.

_

جئن پاڻيءَ تي ڪانئرو، ترڇو جهڙو تير،

منهنجو ساهه سرير، تو ائن جهپيو جهپ سان.

_

ڪيڏيون ڪينجهر راتڙيون، تڪيندي تارا،

تو لئه مون واجهائيو، ڄام! وجهي ڄارا،

ڪنهن ڄاتو پيارا، تون هئن ايندي اوچتو!

_

آيو، آيو، گندريون، متان نه وسهو!

ڪلهه جو منهنجي ساهه ۾، سمي جو سپنو،

اڄ ساڀيا آ سو، اچو، وار وڇائيو!

_

اچو وار وڇائبو، اکين ڌوئو پٽ!

مور نه ان جو مٽ، مون جو تاتيو تڙ ڌڻي.

_

مون تاتيو جو تڙ ڌڻي، گندريءَ ڪنهن نه گمان!

آيو، آيو اوچتو، ساجن سج سمان،

ماڃر آهه مهان، نوري جنهن نپائئي.

_


 


¨ مانگهه جي اونداهيءَ تيرس تي شوراتڙي ٿيندي آهي ۽ سنڌو جي پاڻي ۾ پلو مرندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org