لُممبا جو ديس
ڪراچيءَ جي هڪ اردو شاعر جي نالي
ڀاءُ مري ٿو ڀڪ ۾، توکي ناهه ديا،
لممبا جي ديس تي، پر تو گيت چيا،
ڇو جو ناهه هَيا، ان ۾ جوکو جيءَ جو!
_
ڀر ۾ پنهنجي ڀاءُ تي، ڇو نه ڪيئه ڪهڪاءُ؟
ڪوڙي تنهنجي شاعري، هيا، تو نه حياءُ!
ڪانگو جو سوداءُ، ڪراچيءَ ۾ ٿو ڪرين!
_
هتي ڀل ته ڇني پيو، مرون ماڻهوءَ ماس،
آهي تنهنجي اوجهه ۾، آفريڪا جو قياس،
آهين ڇا نه اداس، ڪنهن ڏورانهين ڏيهه لئه!
_
ڪنهن ڏورانهين ڏيهه لئه ٻاجهاري ٻولي،
ڇو جو توکان دور آ، شومبي[1]
جي گولي؟
لُنءَ لُنءَ تو لولي، پيڙا ڪنهن پرڏيهه جي!
_
ٻولَ ٻڌايئه ٻولڙيا، ساهه ڪري سانگو،
ويس ڪرين ڪهڙو به تون، نچين ٿو نانگو،
ڪوڙ ڀڄي ڪانگو، دک وساري ديس جا.
_
آءٌ لُممبا آهيان، سوريءَ مٿي سَچ!
ڀڄي مون کان بچ، توکي سانگو ساهه جو!
_
آءٌ لممبا آهيان، ۽ ٻيو منهنجو ڀاءُ،
آهي جنهن جي پيڙ جو مون ۾ اڄ پڙلاءُ،
گهوري هن جو گهاءُ، مون مان رت چڪي پيو.
_
اڄ هي منهنجو گيت جو ڌوڏي ٿو زندان،
ڪانگو جو ارمان، ان لئه ناهي اوپرو.
_ _
آئني فرئنڪ
هاءِ، يهوديءَ ڌيءَ، هيءَ تنهنجي آتم ڪٿا!
ڪيئي ڏٺا ڏيهه ۾، تو جهڙا مون جيءَ،
روز سڪايا سيءَ، ڳاڙها گلاب جا!
_
هيءَ تنهنجي آتم ڪٿا، هيءَ تنهنجي پيڙا،
آڌيءَ مانجهيءَ مونجهه ۾، تنهنجا اوسيئڙا:
اڄ به اهي ڪيڙا، چرن ماڻهوءَ چت ۾.
_
اڄ به در تي اوچتو، آڌيءَ جو ٺڪ ٺڪ،
وجهي سيءُ سرير ۾، وڌائي دڪ دڪ،
ڏوران ئي ڏڪ ڏڪ ، اڃا ماڻهوءَ هينئڙو!
_
اڄ به هينئان هيسجي، وٿين وجهي واجهه،
ٻاهر ناهي ٻاجهه، اندر روح ريون ٿئي.
_
اڄ به لڪي لوڪ کان، لکي ٿو ڪوئي،
راتين جي روئي، ڏري ڪنهن جي ڏاڍ کان.
_
اڄ به ساٿي سچ کان ڀڄي ٿيا بيزار،
هر ڪو ڪنبي ڪوڙ کان، ڄاڻي ان جو ڄار،
اڏيءَ تي انڪار، سڀ جو آهي سچ کان.
_
اڄ به آهي ڀونءِ تي، ماڻهوءَ ايڏو ڀؤ،
هر ڪو چڙي ٿو چوي، ”مون کي سچ نه چؤ!
”متان تنهنجو تؤ، ڄر ۾ ڄرڪائي ڇڏي!“
_
اڄ به جهروڪا جيءَ جا، هرڪو ٿو ٻوٽي،
متان ڪنهن جهوٽي، جند پرائي جيوڙا!
_
اڄ به ٿو ڪو ڀاءُ تي، بيهي وچ بڪي،
۽ پوءِ لڪي لوڪ کان، پنهنجو پاڻ تڪي،
ويٺو ڦٽ لَڪي، ڪُتي وانگر ڪنڊ ۾.
_
اڄ به گيسٽاپو، گهر گهر وجهي ڪنبڻي،
پنهنجيءَ ڇتيءَ ڇال سان، روز هڻي ڇاپو،
سڀ کي سياپو، اکين لڙڪ نه اُڄهي!
_
پاڇائون چوڌار، مٿان ڀونءِ ڀوائتو،
اڄ به ماڻهوءَ جي مٿان، اُڀي آهه ترار،
ڪاسائيءَ جي ڪار، اڄ به ساڳي آنڌ کي!
_
چنتا جي چکيا مٿان، اَرهيون، اَوايون،
پيڙا پرڇايون، اڄ به آڌر جندڙيون.
_
هو جو جرمن ماءُ مان، نڪتو ناهر ڦر،
اڀري ٿو تاريخ مان، هر هر سو هٽلر،
اڃا ڏاڍ ڏمر، ڏڍ کسي ٿو ڏيهه جو.
_
آئني![2]
منهنجي ڀينڙي، ڏورانهين آٻلا!
اڄ جو منهنجي گهاوَ مان، رت ڪيا ريلا،
انهن ۾ تنهنجا، سهسين سڏڪا ٿو سڻان.
_ _
ويٽ نام، آزاديءَ جي راهه تي
بمن مٿان بم، ڪريا انڌوڪار ۾،
اڏاڻا آڪاس ۾، هڏن سوڌا چم،
اَلا، ڏس آدم، آزاديءَ لئه ڇا سَٺو!
_
زناٽي ۾ زوم سان، گولين تي گوليون،
ڏمري آيون ڏاڍ جون، ٽولين تي ٽوليون،
هي به ڏسو هوليون، جن پچڪاريون رت جون!
_
ڍيرن مٿان ڍير، وڍيل ٻارن انگڙا،
ڪنول وانگر هٿڙا، پوڄا جهڙا پير،
اَلا! هي انڌير، جيجل تنهنجي جيءَ سان!
_
ٿڻ ٿڻيتين جا ٿيا، ڏسو ڳجهن ڳاهه،
مرون پٽن ماهه، لهوءَ چڪي مامتا!
_
لهوءَ لويل مامتا، وڍيل ونيون، ڏس!
ڏس هي ڪيل سس، ڳولي ٿو ڪنهن ٻار کي!
_
ڏس هي ڳڀروءَ ڳاٽ، ڳولي ٿو ڪنهن مڱ کي،
ڪِنجهي ڪُرڪي ڪنهن کنيو، منجهان ڪرڪپاٽ!
لکئي ساڻ للاٽ، جليو انڌيءَ آڳ ۾.
_
بمن جي برسات ۾، ڀڳا، لڪا لوڪ،
رڙو رڙ پئجي وئي، ڪنهن به نه ٻڌا ٻوڪ،
ڪر ۾ پڪل ڪوڪ، ماريل ماڻهوءَ ٻچڙا،
_
منهن تي لهوءَ مک، ڌڙ تي ڦٽ اُلاوَ جا،
لاش وڌو آ لاش کي، مري ٻري ٻک،
ڀونءِ ڏنو ڇا بک، آزاديءَ جي راهه ۾!
_
پر پو اُڀري آگ مان، آزادي ڀڙڪي،
ويريءَ مٿان وڄ جي، قهر جيان ڪڙڪي،
ڌرتيءَ ۾ ڌڙڪي، آجي ٿيڻ جي آرزو.
_
آجي ٿيڻ جي آرزو، بندوقون ۽ بم!
ويريءَ جا آڪاس ۾، هڏن سوڌا چم،
اي آزاديءَ ڪم، ڏونگر ڏاري ٿي وجهي!
_
آزاديءَ جي آرزو، ڳڀروءَ ٻڍي، ٻار،
لهو هر ڪنهن لڱ تي، لڳي ماکيءَ لار،
آزاديءَ اسرار، پرجهي پرجهان ڪيترا!
_
گهُگهُو وڳو گهگهه ۾، ڏني جهپ جهاز،
ڦاٽا وڏي ڦاٽ سان، بمن مان آواز،
هي آزاديءَ راز، اک نه ڇنڀين آدمي!
_
هنوئيءَ هر جاءِ، آزاديءَ جو مورچو،
لکين نينگر نينگريون، مرن جيئڻ لاءِ،
ڪانئر، پير نه پاءِ، جي تو پياري جندڙي!
_
هيءَ انهن جي جاءِ، مرن جيڪي ماڳ ۾،
نه ڪا ووءِ نه واءِ، آزاديءَ جي راهه ۾.
_
مٿن پاٻوڙا ٻڌي، جهاڳين پيا جهنگ،
اڳ نه واسينگن ڏٺا، ڪڏهن هيئن نسنگ،
وڻن وجهي ونگ، ٽارين تي کسڪي ويا.
_
ڪلهن بمن ڳوٿريون، رڳو ٿاٻوڙا،
ٻُڌن تن جون ڳالهڙيون، رڳو ٿا ٻوڙا،
ٿي ويا واچوڙا، ويريءَ مٿان واٽ ۾.
_
جوڳي نئين جڳ جا، آهن گوريلا،
جن جي پاڇي کان پري، نانگ ڀڄن نيلا،
ڪڙهيل ڪسيلا، جانٺا جوڌا جنگ ۾.
_
ڪوڙي ناهه ڪٿا، ڪٿڪ! نئين جڳ جي:
ڇٽيون کولي، اڀ مان، ويري هيٺ لٿا،
ڇاپا مار جٿا، وريا تن کي واٽ ۾.
_
ناليءَ مان بندوق جي، ڏور ڏسي آڪاس،
گوليون گوريلي ڀري، کنيو اونهو ساس،
آيو ڪٿان واس؟ ڪٿي گل ٽڙن پيا!
_
ڪٿي گل ٽڙن پيا، ناهي دور بسنت!
اجهو آيو انت، سياري جي سيءَ جو.
_
وٺيون ويروتار، وڄون وري جهنگ تي،
ڇُپڻ لڳو ڇوهه کان، ڄاهو هيٺان ڄار،
ڏٺو ڇاپامار، پسونءَ کي پاٻوهه سان.
_
چؤماسي جي چيهه ۾، گهاتڪ آهي گهات،
ڊڀن پٺيان ڊونڊڙا، راوت ساري رات،
وهاڻيءَ پرڀات، ويري ايندا واٽ تي.
_
گهن گهن گهنن گهن، گجي پيو گهگهه ۾،
ڊڀن پٺيان ڊونڊڙا، ڪڏهن ننڊ نه ڪن،
چيتي چال وڃن، ويريءَ پٺيان واٽ تي.
_
جهونجهڪڙي جي جهيل ۾، ٻڏن ٿا تارا،
جهونجهارن جا جهنگ ۾، وهاڻيءَ وارا،
هو جي هچارا، اجهو آيا واٽ ٽي.
_
پتا سائي گاهه جا، چٻي مارن بک،
مور نه سارن سوک، جيسين ويري واٽ ۾.
_
ويريءَ مٿ جهڪي، هو جو آيو اڃ ۾،
اڃا پيتائين رڳو پلر اڌ چڪي،
پڳو ساٿ ڊڪي، جنبي ويو جنگ ۾.
_
هيءَ گوريلا فوج آ، آزاديءَ جي آڍ،
ڏاري ڏونگر ڏاڍ، وڌي پئي وير جان.
_
ڀانت ڀانت هٿيار، ڪنن ڪاڻيٺا گهڻا،
پوءِ به گجيا شينهن جئن، ويڙهو ڏونگر ڏار،
ويريءَ مٿان وار، پوڻا پيا ڪينڪي.
_
هٿيارن سان هير، آزادي دٻجي نه ٿي،
گدڙ نڪتا ويڙهه ۾، شڪاگو جا شير،
هائي ڍونڍن ڍير، معنيٰ ڳوليو موت ۾!
_
معنيٰ ڪهڙي موت ۾، انيائيءَ جي اوٽ!
ڪٿان ڇاتي شينهن جي، آڻن چپيل نوٽ؟
ها، هو ڳاڙها گهوٽ، مرن ٿا ڪنهن ماڳ ۾.
_
جيسين معنيِٰ موت کي، ناهي اياڻا،
هٿيارن تي هٿ ٿا، لڳن ويڳاڻا،
پاپي پراڻا! مرڻ معنيٰ ٿو گهري!
_
ڏکڻ اوڀر ايشيا، تو تي لک سلام!
تنهنجي سج اڀار کي، سهمي ڏٺو سام،
آئي منجهه عوام، آزاديءَ جي آرزو.
_ _
پوڙهو باغي
هي جي پوڙهو جهور، وڙهندي ٿيو ويڙهه ۾،
اڃا ڏمري ڏاڍ تي، آڻ نه مڃي مور،
سوچي، ڏسي ڏور، ايندڙ آرڻ ڏينهڙا.
_
اڃا آهن مڙس جا، ڏونگر تي ڏيرا،
سدا هن جا سوچ ۾، پيشانيءَ پيرا،
سانجهيءَ جي ويرا، سج لهي ٿو لڪ ۾.
_
لڪن مٿان سج جون، پويون پرڇايون،
سُري آيس سار ۾، ٻانهين سان ٻايون،
جن سان سجايون، ڪيئي جوڀن راتڙيون.
_
لڪن مٿان سج ۾، ڪنهن جي، ڪنهن جي سار!
ڪيئي ساٿي سچ جا، ڪُلهي ڪوڏيا يار،
وڙهندي جن جا وِيڙهه ۾ اڇا ٿيا وار،
اڙي موت، ميار! جيڏا روز جدا ڪرين!
_
سوچي ٿو بارود سان روز ڀري جهولي،
’شال ڪڏهن بندوق مان گسي نه گولي،
’انيائي ٽولي، مرڻي آهي مون هٿان.‘
_
جئن هو جهونو کيرٿر، هي به ائين اسٿر،
پڪي پيڙهه پهاڙ کي، ڌرتيءَ ۾ آڌر،
آهي ڄڻ ته امر، بيٺو جهولي جهڪ ۾!
_ _
پيءُ جو بدلو
ابا! تنهنجو رت، اڀري آيو وات ۾،
ها، مون هاريو ڀت، جان تو ويري جيئرو.
_
هيءَ ڪهاڙيءَ ڌار، ڄڻ ڪا ڪَني سج جي!
ابا! تنهنجي رت جا، مون تي ڀاري بار،
تيسين ننڊ ميار، جان تو ويري جيئرو.
_
مون تي ننڊ ميار آ، ابا! مون سوڳنڌ،
جيسين مان ڪيرائيان، تنهنجي وپريءَ ڪنڌ،
مون نه پٿاريو هنڌ، هن سان ساڳيءَ ڀونءِ تي.
_
ابا! تنهنجي نانوَ سان، منهنجو اوچو ڳاٽ،
سورهيه! تنهنجي سچ جو، چوڌاري چمڪاٽ،
لکئي ساڻ لِلاٽُ، چمڪيو چوڏهينءَ چنڊ جان.
_
موت نه هر ڪو نانءُ ٿو واريءَ تي واري،
مڙس اهو جو مهل تي، مري يا ماري،
ڏري يا ڏاري، اُڀري ڏونگر ڏاڍ جا.
_
مان ڪئن لوءِ لڄائيان، تو نه لڄائي لوءِ،
ابا! توکان پوءِ، آهه ڪهاڙي ڪڇ ۾.
_
آءٌ، ڪهاڙي ڪڇ ۾، ۽ مون هي آٿت:
’رت کي ڌوئي رت، رت نه ڌوپي نير سان.‘
_ _
شومبي _ ڪانگو جو رجعت پرست ليڊر، جنهن
سامراجي ٽيڪر تي لممبا کي مارايو.
ائني فرئنڪ: يارهن ورهن جي يهودي ڇوڪري، جا
نازي جرمنيءَ ۾ ماري ويئي، ۽ جنهن جي ڊائري
دنيا جي ڪيترين ئي زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪي آهي.
|